سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: چونڊ مراٺي ڪهاڻيون (ڀاڱو پهريون)

باب:

صفحو :10

10

ماما وريرڪر

منوُ

هن ڪهاڻيءَ ۾ اَگر ڪجهه من - گهڙت آهي، ته اُهو آهي، پاترن جا نالا، پنجويهه سال اَڳ جي ڳالهه آهي. تڏهين مان ريڊيو تي، ٻارن لاءِ پروگرام پيش ڪندو هوس، اَڃا تازو اُن پروگرام جي شروعات ڪئي ويئي هئي. اُن وقت ماڻهن اَڃا ايترا ريڊيو سيٽ ڪونه ورتا هئا، پوءِ به پروگرام ٻڌندڙ ٻارن وٽان،هر هفتي ٿورا گهڻا خط ايندا هئا، اُهي ڏسي منهنجو اُتساهه وڌي ويندو هئو. اِنهن خطن ۾، ٻار مون کان ڪي نه ڪي سوال پڇندا هئا ۽ مان ٻئي هفتي اُنهن جا جواب ڏيندو هوس. پروگرام سٺو آهي، ڪ خراب، اِن باري ۾ آيل خط ته مون کي ياد نٿا اَچن، پر هڪ ڏينهن، هڪ بلڪل علحدو خط آيو، اُن خط ۾ هڪ اَناٿ - آشرم جو سرنامو لکيل هئو. اهو ڪنهن ڇوڪريءَ لکيو هئو. لکيو هئائين:

”مان هتي رهندي آهيان، مون کي ماءُ پيءُ ڪونهن، توهان سڀني جا ”ماما“ آهيو، اِئين ٻڌو آهي، توهان منهنجا ماما ٿيندا ڇا؟

توهانجي ڀاڻيجي،

منو.“

 

(ت. ق : مون سان اَچي ملندا ڇا؟ مان پنهنجي مامي کي ڏسي سگهنديس ڇا؟)

فقط چئن سٽن جو خط هئو، پر صاف اَکرن ۾ لکيل هئو. پوءِ به ان خط جي لکڻي ٻاراڻي پئي لڳي، ٻئي ڏينهن ئي مان اَناٿ آشرم ويس، اُتان جي مئٽرن، اُن ڇوڪريءَ کي وٺي آئي. ”هي آهن تنهنجا ماما.“ اِئين هن چيو مس ته اُها ڇوڪري روئڻ ۾ اَچي ڇٽي. مان کيس ويجهو ڇڪي، سندس اَکيون اُگهڻ لڳس ته پاڻ وڌيڪ روئڻ لڳي. ڏهن ٻارهن سالن جي ڇوڪري هئي، نکٽ جيان سهڻي، پر سندس اُن چهري تي رحم جي قابل ريکائون ڏسي، منهنجي دل به ڀرجي آئي. سندس ماءُ پيءُ جو پتو پئجي ڪونه سگهيو هئو. هوُءَ پنجن - ڇهن سالن جي هئي ته ڪوئي کيس اُن آشرم ۾ ڇڏي ويو هئو. اُن بعد، اُن شخص به ڪڏهين سندس پڇا ڳاڇا ڪانه ڪئي هئي، نڪو سندس پتو ٺڪاڻو ئي ٻڌائي ويو هئو. ڏسڻ شرط اِئين لڳو ته هوُءَ ڪنهن اوچ خاندان جي ڇوڪري هوندي. سندس نڪ ۽ اَکيون ڪافي دلڪش هيون. اَڇي گوري هئي. ڪافي دير هن سان ڳالهائي ڳالهائي، کيس کلايم، تڏهين سندس هيرن ماڻڪن جهڙا ڏند چمڪيا. سندس چهري ۾ هڪ ئي ڪمي هئي، سندس کاٻي ڳل تي پائلي جيڏو نيرو لسڻ هئو، کيس ڪٿي نظر نه لڳي، اِن لاءِ ئي برهما کيس اِهو ٽڪو لڳايو هئو شايد.

مان ڪافي وقت هن سان ڳالهائيندو رهيس، هوُءَ ڏاڍي خوش هئي، ۽ دل کولي کلي رهي هئي، ڪنهن کي موڪلي، سامهون واري دڪان مان ڪا کائڻ جي چيز گهرائي ڏني مانس، ته منهنجي سامهون ئي هن سان گڏ رهندڙ ٻارن ۾ ورهائي ڇڏيائين. سندس لاءِ تمام ٿوري شيءِ بچيل ڏسي، مون مئٽرن جي هٿ ۾ ٿورا پئسا ڏنا ۽ روز صرف هن لاءِ ڪا شيءِ آڻي ڏيڻ جو بندوبست ڪيم.

اُن آشرم جا ڪي ٻار ڪارا ڪلوُٽا هئا ته ڪي وري پاڏا پئي لڳا، اُنهن سڀني ٻارن ۾ اِها هڪ ئي ڇوڪري شڪر جي چانڊوڪيءَ جيان اُڀري بيهندي هئي.

هڪ ٻين هفتي مان هن سان ملي ايندو هوس، ڪڏهين کيس آکاڻين جو ڪتاب ڏيندو هوس ته ڪڏهن ڪو مال ٽول ڏيندو هئوسانس، مان ويندو هوس ته هوُءَ ”ماما آيا، ماما آيا“ چئي، خوش ٿي نچندي هئي. ڪنهن به رشتيدار پائڻ لاءِ سندس جلندڙ جيءُ هاڻ سانت ٿيو هئو. نراس ٿي، ٻين ٻارن کان بلڪل الڳ، هڪ ڪنڊ ۾ اَڪيلي ويهندڙ ڇوڪري هاڻ کلي - ڪڏي پيئي، ائين مئٽرن مون کي ٻڌايو، مون کي به اِهو ٻڌي آنند ايندو هئو، اِئين هڪ سال گذري ويو. وچئين عرصي ۾ هن سان ملڻ جو مدو وڌندو ويو. هڪ ڀيرو ته ٻه ٽي مهينا هن سان ملڻ لاءِ ويو ئي ڪونه هوس. پوءِ ويس ته هوءَ هميشه جيان ڊوڙندي ڪانه آئي، منهنجي ايندي ئي، مئٽرن اُتي آئي ۽ ٻڌايائين ته هڪ شاهوڪار شخص آيو ۽ کيس گود وٺي ويو، کيس هڪ ڌيءَ کپندي هئي، ڌيءَ لاءِ ڪافي آتر هئو، پر هوءَ ماما سان ملڻ لاءِ پريشان هئي، پر مامو ڪير، ڪهڙو، اِهو هوءَ ٻڌائي نه پئي سگهي. مئٽرن کي به منهنجي پتي جي خبر ڪانه هئي. ويندي ويندي مئٽرن کي چوندي ويئي، ”ماما اَچن ته کين منهنجي گهر مون سان ملڻ لاءِ چئجو.“

مون کي به ڏاڍو عجب لڳو. ”منهنجو گهر!“ ”منهنجو گهر“ چوڻ لاءِ گويا اُساٽيل هئي، ويچاريءَ کي نيٺ پنهنجو گهر ملي ويو. مون مئٽرن کان اُن شخص جو سرنامو ورتو ۽ کيس ملڻ لاءِ ويس. نراس ٿيڻو پيو، اُهو شخص اُها جڳهه ڇڏي ٻئي ڪٿي هليو ويو هئو. پاڙي واري چيو ته هوُ ناگپور يا ڪلڪتي هليو ويو هئو. سندس سرنامي جي ڪنهن کي به خبر ڪانه هئي. هوُءَ ويچاري به ڇا ٿي ڪري سگهي؟ کيس منهنجي سرنامي جي سڌ ڪٿي هئي، جو کڻي مون ڏانهن خط لکي ها؟

اَٺ ڏهه سال گذري ويا. مون کي وچ وچ ۾ سندس ياد ايندي هئي، وڏي ٿيڻ تي ته هوُءَ منهنجو سرنامو ڳولي، مون کي خط لکندي، اِئين مانِ وَر وَر ڪري محسوس ڪندو هوس.

سک - آرام جي زندگيءَ ۾ هوُءَ مون کي ڀلائي چڪي هوندي، اِئين مون کي لڳو.

ناگپور ۾، هڪ ڪاليج جي ساهت منڊل جي سڏ تي، وياکياڻ ڏيڻ ويو هوس. وياکياڻ ڏنم، ۽ شڪرگذاري مڃڻ لاءِ هڪ ڇوڪري اُٿي بيٺي، سندس ڳل تي مون اُهو ساڳيو داغ ڏٺو. منوُ ئي ته ناهي؟ پاسي ۾ ويٺل سڀاپتيءَ کان مون سندس نالو پڇيو، ته هن سندس نالو ٻڌايو - وجيا دلوي، گود ۾ وٺندڙ پيءَ سندس نالو بدلايو هئو، کيس گود ۾ وٺندڙ شخص دلوي ئي هئو. ”وَندي ماترم“ ٿي ويو ته مان اسٽيج تان هيٺ لٿس، اُنهيءَ دم، هوُءَ ڇوڪري ”ماما“ چئي منهنجي پيرن تي ڪري پيئي. هن جي آنسن سان منهنجا پير ڀڄي پيا. ”منوُ ئي آهين نه؟“ ائين پڇيم ته هن ڪنڌ ڌوڻي ”ها“ ڪئي، ڀريل اَکين سان مون ڏانهن ڏسندي هوُءَ وَر وَر ڪري اَکيون اُگهي رهي هئي. سڀاپتي - پروفيسر کي چيائين، ”جي توهان کي اعتراض نه هجي ته مان ماما جن کي گهر وٺي وڃان.“ هن منع ڪونه ڪئي. اَسان ٻاهر آياسين مس ته هڪ چڱي وڏي موٽر اَسان جي سامهون اَچي بيٺي، هن مون کي اَندر ويهاريو ۽ پاڻ منهنجي پاسي ۾ ويٺي. مون ڏانهن ڏسندي، هڪ اَک ٿوري ٿرڙائيندي چيائين ”منهنجي موٽر!“

اِها، اَناٿ آشرم واري منوُءَ جي ئي موٽر هئي ڇا؟ ڇا ته نصيب جو کيل آهي! مان سندس گهر ويس، سندس ماءَ پيءُ مليا، يعنى ته جن گود ۾ ورتو هئس، اُهي ماءُ پيءُ، اَهي، ٻئي ڄڻا نهايت سنيهي هئا. منوءَ سان منهنجي رشتي جي کين سڌ هئي. مون منوءَ کي پڇيو، ”ننڍي هئينءَ تڏهين جي ڳالهه نرالي هئي، پر وڏي ٿي ويئينءَ، ڪاليج ۾ وڃڻ لڳيئنءَ، پوءِ به ٻه اَکر چٺيءَ جا ڪانه موڪليهءِ، مان ڪو بلڪل گمنام ته ڪونه هوس؟“

سندس اَکين ۾ هڪدم پاڻي تري آيو، چيائين، ”اِهو بابا کان ئي پڇو.“ مون هنن ڏانهن نهاريو، ته هوءَ چوڻ لڳا، ”معاف ڪجو، وري وري هوُءَ ته چوندي هئي ته ريڊيو جي ائڊريس تي کڻي خط لکو. پر مون خط ڪونه لکيو، کيس به خط لکڻ ڪونه ڏنم. هن منهنجي آگيا جو اَکر به اَکر پالن ڪيو. اِئين ڪندي کيس ڏک ٿيندو هئو، اِهو مون کي نظر ايندو هئو، پر سندس ماضيءَ جي اوگهڙ نه ٿئي، اِن لاءِ مون بي رحميءَ سان مٿس بندش وڌي هئي. هڪ دفعو وري به توهان کان معافي ٿو گهران.“

اُن ڏينهن مان هنن وٽ ئي رهيس. هاڻ هوُءَ ڏاڍي سکي هئي. سندس پيءُ کيس پنهنجي سڳي ڌيءَ ئي سمجهندو هئو. ڪاليج جي هر اِمتحان ۾ هوءَ فرسٽ ڪلاس ۾ ايندي هئي. هلندڙ سال ۾ هوُءَ بي. اي جي اِمتحان ۾ ويهڻ واري هئي. هاڻ هوُءَ به اِئين محسوس ڪري رهي هئي ته هوُءَ سندس سڳيءَ ڌي آهي. اَڄ به هوُءَ اَڳوڻي واقفيت ڏيڻ واري ڪانه هئي، پر مون جڏهين سڀاپتيءَ کان سندس نالو پئي پڇيو تڏهين هن ڪن سرلا ڪري، اها گفتگو ٻڌي ورتي هئي، ۽ پوءِ هوُءَ پاڻ کي روڪي ڪانه سگهي. شروع کان ئي اُن ڇوڪريءَلاءِ مون کي اَلائي ڇو پنهنجائي محسوس ٿيندي هئي. هاڻ کيس ايترو سکي ڏسي، مان بيحد خوش ٿيس. سندس سموري حقيقت ٻڌندي، اُهو سڄو ڏينهن ڏاڍو مزي سان گذري ويو.

ٻئي ڏينهن مان بمبئي هليو ويس. اٽڪل ڇهن مهينن کانپوءِ، نينڊ - پتر آيو. هڪ شاهوڪار خاندان جي اِنجنيئر سان سندس شادي ٿيڻ واري هئي. پنهنجو نئون ڪتاب کيس سوُکڙي طور موڪلي ڇڏيم.

هڪ سال ٻيو به گذري ويو. اُن عرصي ۾ هن جو پيءُ سرڳواس ٿي ويو. سندس ماءُ به پٺيان پٺيان رمندي رهي. هن وصيعت ڪانه ڪئي هئي. انِڪري سندس ساري اسٽيٽ، سندس هڪ ڀائٽيءَ کي ملي هئي. منوُءَ جي ان خط اَچڻ کان هڪ مهينو پوءِ سندس ٻيو خط آيو. هن مون هڪدم گهرايو هئو. سبب لکيو ڪانه هئائين. اُن خط تي پيل ڳوڙهن جي داغن منهنجيءَ دل کي ڄڻ چيري ڇڏيو. ويچاريءَ تي ڪهڙي مصيبت ٻري آئي آهي؟

مان هڪدم ڪلڪتي هليو ويس. اُتي ئي سندس گهوٽ جي فرم هئي. مان ”مهاراشٽر منڊل“ ۾ لٿس ته هڪدم اَچرج ۾ پئجي ويس. هوُءَ به اُتي ئي هئي. مون کي ڏسڻ شرط هن جون متيون منجهامي وييون. اَندران ايندڙ سڏڪن کي روڪڻ لاءِ، ڏندن سان چپن کي چڪ پائڻ ذريعي، ڪوشش ڪري رهي هئي. مان کيس پنهنجي ڪمري ۾ وٺي ويس. اُنهي دم سندس من تي ضابطو ٽٽي پيو ۽ هوُءَ زارون زار روئڻ لڳي. مان چپ چاپ ويٺو رهيس. روئڻ جو جوش ڍرو ٿيڻ تي، هوُءَ سڏڪندي سڏڪندي چوڻ لڳي، ”مون کي گهر کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو اَٿن!“

مون پڇيو، ”ڪنهن؟ تنهنجي گهوٽ؟“ مٿو ڌوڻي هن ”ها“ جو اِشارو ڪيو ۽ شانت ٿي ويئي. هوُءَ جيسين وري ڳالهائڻ شروع ڪري، تيسين مان به گپ چپ ويٺو رهيس، ٿوري دير کانپوءِ هن سموري حقيقت ٻڌائي. هن جي گهر جا ماڻهو ڳوٺ ويا هئا، اُتي اَناٿ آشرم جي مئٽرن ۽ سندس سس مليون هيون. ٻنهي جي شايد جهوني واقفيت هئي. ڳالهائيندي ڳالهائيندي سڀ ڳالهيون ڌيري ڌيري ظاهر ٿيون. هيءَ اناٿ - آشرم جي ڇوڪري آهي، اِها خبر پوڻ تي سڀ ڏاڍو ڀڙڪيا. اَننت پريم ڪندڙ گهوٽ به ڏاڍو غصي ٿي ويو. سس چيو، ”اَلائي ڪهڙي ڀنگي موچيءَ جي ڌي هوندي! ٿي سگهي ٿو هندو به نه هجي! مسلمان، ڪرستان، يهودي يا ٻي ڪنهن ذات جي به ٿي سگهي ٿي.“ ڳالهائيندي وري روئڻ ۾ اَچي ڇلڪي، چؤڻ لڳي، ”مون کي به اُهو سچ ڀاسڻ لڳو. گهوٽ به جڏهين پري هٽائي ڇڏيو، تڏهين سڀني کي پيرين پئي، گهر کان ٻاهر نڪتيس، ۽ اَچي هتي رهيس، وري اَڳي جيان ئي اَناٿ ٿي پيس. هاڻ ڪنهنجو آڌار آهي؟ سوچيم، منهنجو مامو آهي، کيس سڏ ڏينديس ۽ هوُ اَچي به ويو. هاڻ اَڳتي ڇا ٿيندو؟“

”هاڻ اَڳتي ڇا ٿيندو، ڇو ٿي پڇين؟“ مون چيو، تنهنجي ماءُ پيءُ جي اسٽيٽ ٻئي جي هٿن ۾ هلئي ويئي ته ڇا ٿيو؟ هنن توکي پڙهايو لکايو آهي. تون ڪو بکي ڪانه مري ويندينءَ چوندا آهن ته بمبئي سڀني جي روزيءَ لاءِ ٺڪاڻو آهي! توکي ڪٿي نه ڪٿي نؤڪري ملي ئي ويندي. هينئر جو هينئر مون سان گڏ هل.“

هوُءَ مون سان گڏ هلڻ لاءِ تيار ٿي ويئي. گهران نڪرڻ وقت هن ٻيو ڪجهه به کنيو ڪونه هئو. گهوٽس، وڃڻ وقت به ساڻس ٻه اَکر ڳالهايا ڪونه. سندس ماءُ پيءُ گذاري ويا هئا، اِن جي اُنهن سڀني کي خبر هئي، پوءِ به هنن، اِئين ڪونه پڇيو ته ”هاڻ تون ڪٿي وڃڻ واري آهين؟“ هنن ايترو به کانئس ڪونه پڇيو.

هڪ ننڍي بئگ کڻي، هوُءَ گهر کان ٻاهر نڪتي هئي، ڇا ڪري اِهو کيس سمجهيو ئي نٿي. ”مهاراشٽر منڊل“ ۾ اَچي رهڻ لڳي، اِهو ته ٺيڪ، پر اُتي رهڻ يا ماني کائڻ لاءِ پيسا ڀرڻ به هن لاءِ ممڪن ڪونه هئو. هن مون ڏانهن خط لکيو، مان آيس؛ پر اُهو خط مون ڏانهن پهچي نه ها، ته سندس ڪهڙي حالت ٿئي ها؟ منهنجي اَچڻ کانپوءِ ئي پيٽ ۾ ساهه پيس.

اِتفاق سان مون وٽ ٻنهي ٽڪيٽن جيترا پئسا هئا، اِهو سٺو ئي ٿيو، نه ته ڪنهن اَڳيان هٿ ڦهلائڻو پوي ها، ۽ پوءِ شايد منوءَ جي حقيقت ٻڌائڻي پوي ها. گهٽ ۾ گهٽ ڪلڪتي ۾، ساڻس ٿيل جٺ جي ڪنهن کي به خبر نه پوي، اِهائي سندس ڪوشش هئي، اُتان جي مراٺي ماڻهن سان هوُءَ ڪافي هري مري ويئي هئي. انهن جي ڪاريه ڪرمن مِهوءَ چڱو بهرو وٺندي هئي. اُنهن جي جلسن لاءِ وڏيءَ دل سان چندا ڏيندي هئي. اَنڪري هن چاهيو ٿي ته اُنهن مان ڪنهن وٽان، گهر ڇڏي وڃن لاءِ پيسن گهرڻ جي نؤبت نه اَچي. ۽ قسمت سان اُها نؤبت ٽري ويئي.

اُنهي ڏينهن مان کيس وٺي نڪتس، رات جو گاڏيءَ ۾ کيس گهريءَ ننڊ ۾ ستل ڏسي، مون کي به ڏاڍو عجب لڳو، منهنجي اَچڻ تائين هوُءَ بانوري ٿي ويئي هئي. ڪلڪتي ڇڏڻ بعد ئي سندس من تان اُهو اثر گهٽيو هوندو ۽ اِنڪري ئي کيس ههڙي ننڊ آئي هئي.

صبح جو، چڪرڌرپور اِسٽيشن تي اَسان جي گاڏي جا ٻيا سڀ مسافر لهي ويا. باقي اَسان ٻه وڃي بچياسين. هن چيو، ”سٺو ٿيو، هاڻ پاڻ دل کولي ڳالهائي سگهنداسين.“ هوءَ اَڃا اِهو چئي رهي هئي، جو هڪ ٻڍڙي عورت اَسان جي گاڏي ۾ گهڙي ۽ ٽئين برٿ تي اَچي قبضو ڪيائين، دل کولي ڳالهائڻ جي، منوءَ جي تمنا پوري ڪانه ٿي. گاڏي شروع ٿيڻ کانپوءِ هن اَسان ڏانهن نظر اُڇلي. منوءَ کي ڏسندي ئي ڇرڪ ڀريائين. لڳاتار، يڪ ٽڪ هن ڏانهن نهارڻ لڳي. منوءَ تي سندس نظرون اِن طرح ڄميل ڏسي، مون کي تپرس لڳو. سندس نظر ذرا به نٿي چري، سندس اَکيون به ڀريل پئي لڳيون. اَندران ايندڙ سڏڪن کي روڪڻ لاءِ ڏندن سان چپن کي چڪ پائي رهي هئي.

آخر ٻيو ڪو چارو نه ڏسي، هوُءَ اُٿي منوءَ جي ڀر ۾ اَچي ويٺي. ڳوڙها ڳيهندي منوءَ کي پڇيائين، ”تنهنجو نالو ڇا آهي، ڌيءُ؟ ڪنهنجي ڌيءُ آهين؟“

هن جي سوالن سان منو ڄڻ بانوري ٿي پيئي، اِهو ڏسي مون ئي کيس چيو، ”تون ڪير آهين، مائي؟“

هن مون کي سڌو جواب ڪونه ڏنو. منوءَ جي ڳل تي، جنم کان جيڪو نشان هئو، اُن کي هٿ لائيندي چيائين، ”لڳي ٿو اِهو داغ ڪونهي. اِهو جنم کان وٺي اَٿيئي؟“ مون ”ها“ چيو. تڏهين سندس اَکين ۾ آنسو هڪدم تري آيا. منهن ڦيري، اَکيون اگھي چيائين، ”پٽ، ذرا باٿ روم ۾ هلين ٿي؟“

سندس اِهو سوال ٻڌي منو حيران ٿي ويئي ۽ مون ڏانهن ڏسڻ لڳي، مون اُن عورت کان پڇيو، ”هيءَ ڪهڙو عجيب سوال ٿي ڪرين؟ پهرين ته توهان ٻئي هڪ ٻئي کي سڃاڻو به ڪانه، توهان ڪير آهيو، اِن جي هن کي ڪائي خبر ڪانهي، پوءِ کيس باٿ روم ۾ ڇا لاءِ هلڻ لاءِچئو پيا؟ سندس بدن تي سون جو هڪ مڻيو به ڪونهي.“

هوءَ هڪدم چوڻ لڳي، ”معاف ڪريو، مون کي ڀل ٿي، اَهڙوئي نشان کيس ٻئي ڪٿي آهي ڇا، رڳو اِهو ڏسڻ ٿي چاهيم. اَهڙو ئي نشان منهنجي...“ چوندي چوندي روئڻ ۾ اَچي ڇٽي. منوءَ کي به مٿس ديا اَچي ويئي. سندس من ۾ به ڪا اُڻ تڻ پيدا ٿي هئي. هوءَ چوڻ لڳي، ”باٿ روم ۾ وڃڻ جي ڪائي ضرورت ڪانهي، منهنجي پٺ تي کاٻي پاسي بلڪل هيٺ اهڙوئي روپئي جيڏو نشان آهي.“

سندس جواب ٻڌندي ئي، اُن عورت جي چهري تي مردني ڇائنجي ويئي. پڇيائين، ”تون بمبئي جي گروديو اَناٿ آشرم ۾ هئينءَ ڇا؟“

منوءَ جي زبان مان لفظ ئي نٿي اُڪليو، اِهو ڏسي مون چيو، ”ها، ننڍي هوندي، اُن آشرم ۾ ئي رهندي هئي....“

مون اَڃان جملو پورو ڪونه ڪيو، ته هوءَ منوءَ کي ڇاتي سان هڪدم لڳائي، زارون زار روئڻ لڳي، هوءَ ڀڻ ڀڻ ڪري ڄڻ چئي رهي هئي، ”منهنجي ڌيئڙي، منهنجي ڌيئڙي، منهنجي ڌيئڙي!“

منوءَ کي سندس ماءُ ملي ويئي.

هنن ٻنهي جي چهرن ۾ عجيب ساڳيائپ مان اَڳيئي جاچي چڪو هوس، هاڻ ڪو شڪ شبهه باقي نه رهيو. منو ڪجهه دير سن ۾ پئجي ويئي. ڄڻ کيس جهٽڪو آيو هجي، اِئين هن عورت ڏٺائين،کانئس هڪ سڏڪو نڪري ويو، ۽ ’اَمان!‘ چئي، اُن عورت جي گلي ۾ ٻئي ٻانهون وجهي، هوُءَ به زارون زار روئڻ لڳي. اُهو درشيه ڏاڍو دل ڀڄائيندڙ هئو. مان ته بنهه دنگ رهجي ويس.

سڳي ماءُ جو هٿ ملڻ ڪري، هوءَ ڄڻ هوش وڄائي ويٺي هئي. اِن نصيب لاءِ ڇا چئجي؟ هيءَ بدنصيب ڪ نصيب واري؟ اَناٿ آشرم ۾ پلي، اَڳتي هلي عيش آرام ۾ ليٿڙيون پاتائين، وڏي خاندان ۾ نهن بڻجي ويئي. هيڏانهن، جن کيس گود ۾ ورتو هئو، اُهي ماءُ پيءُ رمندا رهيا ته هوڏانهن ساهرو گهر ڇڏائجي ويس. گهوٽ هوندي به ڄڻ وڌوا ٿي پيئي. کيس ائين لڳو ڄڻ آسمان ڪري پيو هئو. ۽ اُن وقت، جنم جي وقت گم ٿيل ماءُ، ملي هيس، سک دک جو هيءُ سنگم، ڪنهن ليکڪ جي ڪلپنا ۾ به ڪونه آيو هوندو. سندس ماءُ جي ماضيءَ جي باري ۾ مون کي پوءِ خبر پيئي، پر اُهو ڪنهن کي به نه ٻڌائڻ لاءِ هن مون کي قسم وڌو آهي. منوءَ کي ماءُ ملي ويئي. هاڻ اُن ماضيءَ کي ڇا ڪبو؟

هوُ ٻئي ناگپور ۾ لهي ويون، ويندي وقت ٻنهي ماءُ ۽ ڌيءُ منهنجن پيرن تي مٿا ٽيڪيا. ”منهنجي ماما ئي مون کي منهنجيءُ ماءُ سان ملايو. شروع کان ئي....“ کيس اڌ ۾ روڪي، چيم، ”هاڻ اِن باري ۾ ڪجهه به ناهي ڳالهائڻو، هاڻ هيءُ تنهنجو چوٿون نه، پهريون گهر آهي. هڪ دفعو گهر ڏس، ۽ پوءِ مون کي خط لکج، پنهنجي سهوليت موجب، اَچي ڪڏهن ملي ويندوسانءِ.“

منوءَ سڏڪندي سڏڪندي چيو، ”مون کي وسارجو نه!“

منهنجي دل به ڀڄي پيئي، مان ڪجهه به ڳالهائي ڪونه سگهيس، گاڏي هلڻ شروع ٿي، ته به هوُ ٻئي اَکيون اُگهي، هٿ مٿي ڪري لوڏي رهيون هيون، ههڙي اَنوکي نصيب واريءَ ڇوڪريءَ کي سندس مامو ڀلا ڪيئن وساري سگهندو؟

11

و. و. بوڪيل

حقن جي ڄاڻ

مصيبت جو اِطلاع ملندي ئي ايشور جي شڪتيءَ جي ڄاڻ پوڻ لڳندي آهي، آسودگيءَ ۾ ايشور جي بابي کي به ڪجهه ڏيڻو وٺڻو ڪونه پوندو آهي. سک ۽ دک جي وچ واري ليڪ تي هئڻ وقت ڪڏهين ’ايشور آهي‘ ته ڪڏهين ’ايشو ناهي‘ اِئين چؤماسي جي اِنڊلٺ جهڙو چمتڪار سان ڀريل درشيه ڏسڻ ۾ ايندو آهي.

جيسين ونوُ بي اي جي ڪلاس ۾ هئو، هو ايشور جو ڪٽر دشمن هئو. مهيني ۾ جيستائين پنجاهه روپين جو مني آرڊر وقت سر ايندو هئو، تيستائين ونوءَ کي ايشور جي ڪا پرواهه ڪانه هوندي هئي. آستڪ - ناستڪواد ڏاڍو مشڪل آهي، اِهو ڪوبه سلجهائي ڪونه سگهيو آهي. ههڙو ناستڪ هوندي به، ونو، منجريءَ سان واقفيت ٿيندي ئي، ٻئي ڏينهن پکا وجهي ڏسڻ لڳو ته سندس منجريءَ سان شادي ٿيندي يا نه. پکي ۾ ڪڏهين ”ها“ ايندي هئي، ڪڏهين ”نه“! راءِ صاحب کڻي گهوڙي تان ڪري ته به ”ڪريو“ چوڻ جوکي جو ڪم هوندو آهي. معنى ساڳي، پر لفظن جي بيهڪ ذرا علحدي ڪرڻي پوندي آهي. ونو ”هارايم“ اِئين ڪڏهين به قبول ڪونه ڪندو هئو.

”پڪ سان ڪيئن چئجي؟“ ”ممڪن به هجي“

”منهنجي چوڻ سان ڪجهه بگڙجندو ٿوروئي؟“  اهڙي طرح، ايشور سان ٺاهه جون ڳالهيون شروع ٿيون. ٿوري ۾. ونوُ سناتن ڌرم اَپنائڻ لاءِ سوچي رهيو هئو.

جڏهين منجريءَ گهر اچي، پنهنجي آزاديءَ جو جهنڊو کڙو ڪيو، اُن وقت البت ونوُ ايشور جي صلاح وٺڻ لاءِ ڊوڙيو. ڪلجڳي ڀڳوان، مؤن ورت ڌارڻ ڪيو آهي، اِهو ظاهر ٿيڻ تي، ڌيرج ڌري چار اُپديش جون ڳالهيون ڪرڻ، هن لاءِ ممڪن ڪونه هئو. ونوءَ جي حالت هاڻ ڏاڍي عجيب ٿي ويئي هئي. ڏاڍي وشواس سان ۽ دکي آواز ۾ ايشور کي سڏ ڪيائين، پر سڏ جو جواب ملڻ جي ڪا آس ڪانه هئي. البت، هاڻ ونوءَ ايشور جي هستي بنا ڪنهن شڪايت جي، قبولي هئي، مصيبت مان نه ته رستو ڪيئن ڪڍجي؟

هٿ ۾ هڪ ڪتاب کڻي، ونو ‘ايزي چيئر‘ (آرام ڪرسيءَ) تي ويٺو هئو. سندس اکيون ڪتاب ڏانهن هيون، پر ڪتاب تي ئي هيون، اِئين چئي ڪونه سگهبو. ڪتاب جي ورقن وانگر، زندگيءَ جا ورق ورائي رهيو هئو. ان ۾ سندس اَکيون مشغول هيون. ڪڏهين ڪا ڳالهه اکين اڳيان هوندي آهي، پر نظرن کي ان ڳالهه جو پتو به ڪونه پوندو آهي. ونوءِ پنهنجيءَ زندگيءَ جو هڪ مخصوص ورق کوليو. ڪلاس ڪونه هئو، اِنڪري ونو ڪلاس کان ٻاهر بيٺو هئو. ٻئي پيريڊ کي سلام ٺوڪي، گهر وڃي گهوڙا وڪڻي سمهڻ جي سهڻي خيال؛ ونوءَ جي دماغ ۾ ڦيرا پئي پاتا. ايتري ۾ هن جي پٺ تي ’ٺپ‘ ٿيو. ’ٺپ‘ وري ڇا جو، زوردار مڪ هئي. ونوءَ پٺ مهٽيندي، پٺيان ڦري ڏٺو.

”ڪيئن بروي؟ ڪالهه پرڀات کي اُدار دل سان سهارو ڏنو اَٿيئي، اِئين پيو ڏسجي.“ ونوءَ جي دوست ڪتابن سان ڪتاب گسائيندي چيو. ”نه ڙي! تنگ اچي ٿيو آهيان، ڪلاڪ کن ترسبو ته هو ماستر ’بور‘ ڪري ڇڏيندو، اِن کان ته ....“ ونوءَ چيو. ”جيڪو ڀڄي ٿو، اُهو جيتي ٿو. هل منهنجي ڪمري ۾ هل. ڪلاس ۾ ويهڻ بدران، گهر وڃي هڪ ڪپ چانهه پيئڻ سان گهٽ ۾ گهٽ پيٽ ته ڀرجندو. هن پيريڊ ۾ ويهي، ڇا پيٽ ڀرجندو؟“ ائين چئي، ونوءَ جي دوست کيس ڇڪڻ شروع ڪيو. هونئن چانهه جي ڪپ ڪاڻ، دوست جو ڪمرو ئي ڇا، چين ديس به ونوءَ کي تمام نزديڪ لڳي ها، پر قسمت جا ستارا ڏسو. ڪنهن وقت، ڪيئن نه ڪنهن لاءِ زور ٿيو وڃن! ونوءَ جو دوست هڪ پاسي کان، ’اَمرت‘ پيئارڻ جو لب ڏيئي، کيس ڇڪي رهيو هئو ۽ ونوءَ جو مستقبل، بنا ڪنهن سبب جي، ڇڪي اُتي ئي بيهاري رهيو هوس. ونوءَ ڏاڍي ڪوشش ڪري، پنهنجو هٿ ڇڏائي ورتو.

”نه ڙي! ويهان ٿو هڪ پيريڊ! جي ڪڪ ٿيس ته هڪ جهوٽو کائي وٺندس.“ چئي ونو واپس وڃڻ لڳو.

”پر به، چانهه ڏيانءِ ٿو نه؟ چانهه چوڻ کانپوءِ ٻيو ڇا کپيئي؟ چاءِ بولا تو تو ٺيڪ هئه، نا؟“ ونوءَ جي دوست ٿوري هندي ٻوليءَ ۾ ڳالهائيندي چيو.

ساکيات برهما ڀل ته سامهون اَچي، پر ”جو ٿيڻو آهي سو اَوس ٿيندو“، اِن چوڻيءَ مطابق چانهه ڪهڙي باغ جي موُري آي؟

”ماءُ پيءُ جو قرض آهي، سر تي! پيسا موڪلين ٿا، وڏو احسان ڪن ٿا، اَسان تي! گهٽ ۾ گهٽ لوڪ - مريادا سبب ئي، وديارٿي - ڌرم تي پختو رهڻ ڏي. هڪ دفعو بي. اي مان ڇٽس معنى گنگا سنان ڪيم!“ ونوءَ کلندي چيو. ”پر بروي، اِها ڪهڙي چريائپ آهي؟ قرض چڪائڻ لاءِ بکون ڪڍڻ لاءِ ڪهڙو پيءُ چوندو؟ پر مان ته چوان ٿو، قرض جو سوال ئي ڪٿي ٿو اُٿي؟ ڪاليج لاءِ پيسا موڪلڻ نٿا چاهين ته چئين گهر ۾ کائڻ لاءِ ڏيو. تون اِهو قرض جو پاڳلپڻو مغز مان ڪڍي ڇڏ. چار ڏينهن ته مؤج ڪجي، کلندي ڪڏندي ڏينهن ڪاٽجن؟ اَڳيان تڪليف ته آهي نه، عمر ڀر لاءِ؟ ” اَلاڙي، اَلاڙي“ چئي چئي ساهه ئي سڪي ويندوءِ. هل. ايشور جي ديا سان سون جهڙا ڏينهن مليا آهن... اڙي! چڱو ياد پيو. تنهنجي ڊڪشنريءَ ۾ ته ’ايشور‘ جو لفظ به ڪونه هوندو، نه؟“ ونوءَ جي دوست تمام گهڻي ڪوشش ڪندي چيو.

پر ونو پنهنجيءَ جڳهه تان اَصل ڪونه چريو. جيئن ننڍا ٻار، ”هاڻ ڪيڏانهن ويندين، ٻچوُ؟“ چئي هڪ ٻئي جي پٺيان پوندا آهن، ايئن ونوءَ جو نصيب کيس کجائي رهيو هئو. نه ته ههڙي منطق ڀرئي تتوگيان جو ڇو ڪجهه به استعمال نه ٿي سگهيو؟

”نه ته وڃي مر،“ چئي،ڪجهه ڀڻ ڀڻ ڪندو، ونوءَ جو دوست ڪتابن جو ٿهو سيني سان لڳائي، هلي ويو. ونوءَ کي کن لاءِ اِئين لڳو ته، نه وڃي هن وڏو مير ماريو هئو. ويچارن جي وهڪ ۾، هوُ ٻه قدم اڳيان به وڌيو ۽ شايد وڃي به ها، پر پڙهيل ڳڙهيل سماج جون ريتيون رسمون عين وقت تي آڏو آيون. پڙهيل ڳڙهيل سماج جو اِهو هڪ رواج آهي، اَگر ڏاڪڻ جي ويڪر ايتري آهي جو هڪ وقت چئن ڄڻ کي آمدرفت جي پروانگيءَ ملي سگهي ۽ هيٺان ايندڙ چار شخص، هڪ ئي وقت بلبل، ڪوئل جي سرن سان چٽاڀيٽي ڪندڙ زالون هجن ته مٿان ايندڙ جوان مرد کي، هيٺ وڃڻ لاءِ ڪوشش نه ڪندي، چار قدم پري هٽي، اَدب وچان آسمان ۾ اُڏاندڙ قسمين قسمين جي پکين جي واکاڻ ڪندي، بيهي رهڻ کپي. ونوءَ ۾، اِن سادي، سماج جي نيم اورانگهڻ جي همٿ بلڪل ڪانه هئي. مرد کي، هيٺ وڃڻ لاءِ ڪوشش نه ڪندي، چار قدم پري هٽي، اَدب وچان آسمان ۾ اُڏندڙ قسمين قسمين جي پکين جي واکاڻ ڪندي، بيهي رهڻ کپي، ونوءَ ۾، اِن سادي، سماج جي نيم اورانگهڻ جي همٿ بلڪل ڪانه هئي.

ونوءَ کن لاءِ ئي اُنهن ڏانهن ڏٺو هوندو، پوءِ به کيس پنهنجي سرير جي سڌ نه رهي. ماءُ پيءُ جو قرض ڀلجي ويو، چانهه ڀلجي ويو، سڀ ڪجهه ڀلجي ويو ۽ پاڳل جيان لڄ شرم ڦٽي ڪري، اُنهن ڇوڪرين ڏانهن يڪ ٽڪ ڏسڻ لڳو.

ويس وڳا توڙي وارن جي ٺاهه جوڙ، چئن ئي ڄڻين جي هڪ جهڙي هئي. چار ئي ڏسڻ ۾، هاڻ ڀيٽ به ڪيئن ڪري؟ سٺيون هيون. هيترو حسن کين ڏئي ڪير ٿو؟ ۽ ان حسن مان کين فائدو؟ اَسان سندر آهيون، اِنڪري ئي اَسان ڏانهن چار سڀيه پرش الڳ الڳ ويچارن سان ڏسي رهيا آهن، اِن جي کين ڄاڻ هوندي ڇا؟ ۽ اَگر اَٿن ته اُن جي باري ۾ ڇا ٿيون محسوس ڪن؟ دک؟ فخر؟ اَڀمان؟ غصو؟ .... آخر ڇا ٿيون محسوس ڪن؟ اهو سوال ونوءَ جي پهچ کان پري هو سنسار جي وهنوار کان بلڪل اڻ ڄاڻ ڪچڙي ڇوڪري جي دماغ ۾ اهو ويچار آيو، اهوئي ڪافي ٿيو!

ڪنهن موضوع تي بحث مباحثو ڪندي چارئي ڄڻيون مٿي اَچي رهيون هيون. ونو نالي ڪو پراڻي مٿي بيهي، چرين جيان اَکيون ڦاڙي، اَسانجي حسن جو معائنو ڪري رهيو آهي، اِها ڪلپنا به سندن دماغ ۾ اَچڻ جو ڪو ڪارڻ نه هئو. مطلب ته سندس ويچار ڄاڻڻ هنن لاءِ ناممڪن هئو.

ونوءَ هنن ڏانهن ڏسڻ جيئن جو تيئن جاري رکيو.

مدراسي چمپلوُن ۽ اُهي به بلڪل ڪاريون - ڏاڍيون سهڻيون ٿيون لڳن، نه؟ اَڳلو قبول ڪري يا نه ڪري، پر جوان کي پنهنجو چهرو ٿورو پر ڪشش لڳندو ئي آهي، پر ونوءَ جو فخر اَڄ اَلائي ڪٿي غائب ٿي ويو هئو، مرد، حسن جي ڳالهه  ۾ ڪڏهين به زالن سان چٽاڀيٽي ڪري ڪونه سگهندا. ونوءَ سڀاويڪ طور پنهنجن هٿن ڏانهن ڏٺو. ڇا ته مشٽنڊا هئا! ۽ هنن ڇوڪرين جا هٿ ڏسو. هڪ چوڪ به ڪڍي ڪانه سگهندؤ. خود ڪهاڙو کڻي، چار ڪاٺيون جمع ڪرڻ جي طاقت منجهن نه به هجي، پر ٻئيءَ ڪنهن جو هٿ جهلي، اُن کان حڪم هلائي چار ڪاٺيون ٽوڙي سگهڻ جي لياقت منجهن آهي.

ساڍا پنج فوٽ لنبي شخص ڏانهن بلڪل ڌيان نه ڏيئي، چارئي ڄڻيون سڌو پروفيسرن جي ’ڪامن روُم‘ ڏانهن ويون، ونوُ جڳهه تان بنهه ڪونه چريو. هن کي ڪنهن ي به پرواهه ڪانه هئي، گم ٿيل ٻار، جيئن پنهنجي گهر ويجهو اَچڻ تي، اوسي پاسي جي ماڻهن ڏانهن ذرو به ڌيان نه ڏيئي، هڪدم گهر ۾ ماءُ کي ڳولڻ لاءِ ڊوڙندو ويندو آهي، ساڳي حالت ونوءَ جي هئي. ڇا به هجي، هن جو قرار لٽجي ويو. چار چار ڪلاڪ آهستي آهستي، ڪرڪيٽ جي ميدان تي بيهي، رنس ڪندي جيتري سريرڪ تڪليف کيس ٿيندي هئي، اوتري ئي مانسڪ تڪليف کيس محسوس ٿيڻ لڳي.

ٿوريءَ دير کانپوءِ، اُهي ڇوڪريون واپس آيون، ونوءَ کي ڏسي هڪدم رڪجي ويون.

اُنهن ڇوڪرين ڪو پهه پچايو هئو شايد. هن سامهون بيٺل ساڍي پنج فوٽ ڊگهي عجيب پراڻيءَ بنسبت، هو ڪجهه مڙيئي چئي رهيون هيون، آخر، شروعات ڪرڻ ڪاڻ، هڪ ڇوڪري همٿ ڪري اڳيان سرڪي ۽ وري ”نه ، نه“ ڪندي موٽي وري سموري طاقت جمع ڪندي هٻڪندي چيائين، ”پروفيسر....“ همٿ ڇٽندي ئي، هوءَ بيهي رهي.

ونو حيران ٿي ويو. کيس اُن سرڳ جي سک جي ڪلپنا به ڪانه هئي. هو هچڪيو. کيس سجهيوئي نٿي ته ڇا چوي. ڳالهائي ته به مصيبت، نه ڳالهائي ته به مصيبت!

”هان؟“ چئي، ونوءَ هٿ ۾ جهليل ڪتابن ڏانهن شرم وچان نهاريو.

”پروفيسر سرنگي ڪٿي آهن؟“ اُن ڇوڪريءَ سوال پڇيو. هن اَڌوگابرو هن ڏانهن ۽ اَڌو گابرو ڪتابن ڏانهن ڏسندي(وري به لڄ وچان!) جواب ڏنو. ”مون کي خبر ناهي...؟“ ”ڪڏهين ايندا؟“ مشق پچائڻ سان همٿ وڌندي آهي، ان جو هيءُ مثال آهي.

”مون کي خبر ناهي....“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com