سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: رني ڪوٽ جو خزانو

باب:

صفحو :2

واٽ تي اوچتو مونکي خيال آيو ته ڪٿي ڌڻي بخش کي دل جو دورو نه پيو هجي! مون سندس نبض ۾ هٿ وڌو. سندس نبض تمام تيز هلي رهي هئي. منهن ۽ ڪنڌ تي پگهر هوس. مون اڻڄاڻ لاءِ اهي ٻئي نشانيون دل جي دوري جون نشانيون هيون. مون ڌڻي بخش کي چيو، ”ڌنا، توکي اصل ۾ دل جو دورو پيو آهي. اسين اول پولي ڪلينڪ هلنداسين ۽ پوءِ گهر.“

”نه نه.“ هن جهيڻي آواز ۾ چيو، ”مون کي دل جو دورو نه پيو آهي. مون کي دل ۾ مشين گن جي گولي لڳي آهي.“

”جڏهن دل جو دورو پوندو آهي، تڏهن ائين ئي محسوس ٿيندو آهي.“ سندس منهن تان پگهر اُگهندي چيم، ”ياد اٿئي، پرُ سال مون کي جڏهن دل جو دورو پيو هو، تڏهن مون به دل ۾ خنجر لهندي محسوس ڪيو هو.“

”هيءُ دل جو دورو ناهي، چريا.“ ڌڻي بخش يقين سان، پر نٻل آواز ۾ چيو، ”مون کي دل ۾ گولي لڳي آهي. مون گوليءَ کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏٺو هو.“

ڌڻي بخش ڏاڍو بُردبار آهي، فهميدو آهي. چرچائي آهي، پر مون کيس مکر ڪندي ڪڏهن نه ڏٺو آهي. مون کي پڪ ٿي ويئي ته ڌڻي بخش جي نه دل جائيتي آهي ۽ نه دماغ گهوماٽين ۾ آهي. مون ٽيڪسيءَ واري کي چيو. ”اسان کي پولي ڪلينڪ وٺي هل.“

”نه نه.“ ڌڻي بخش احتجاج ڪندي چيو، ”منهنجو وقت نه وڃاءِ. مون کي ڳوٺ پڄائڻ جو ڀلو ڪر.“

”ڳوٺ هلبو، ضرور هلبو.“ چيم، ”پر ڊاڪٽر سان صلاح ڪرڻ ۾ ڪو ڀولو ڪونهي.“

چيائين، ”الائي ڪهڙن چڪرن ۾ پئجي ويو آهين! اڙي ڀوڪ، منهنجو وقت پيو وڃائين.“

کيس دلاسو ڏيندي چيم. ”سمجهان ٿو، ڊاڪٽر فضل ڌاريجو ڊيوٽيءَ تي هوندو. منٽن ۾ توکي تپاسي وٺندو.“

”دير ٿي ويندي يار.“ ڌڻي بخش نيزاري ڪندي چيو، ”پٽ سٽ ڪري ڏوڪڙ هٿ ڪر. سکر تائين هوائي جهاز ۾ هلنداسين. اُتان ڳوٺ پري ڪونهي. تون منهنجي ڳالهه سمجهين پيو نه!“

”ها. سڀ ڪجهه سمجهان پيو.“

”ته پوءِ دير ڇو پيو ڪرين؟“

”ڏهن- پنڌرهن منٽن ۾ ڊاڪٽر توکي تپاسي وٺندو.“

”اجايو وقت ٿو وڃائين.“

”ضد نه ڪر ڌنا.“

 هڪدم ڦيرو کائي ڌڻي بخش منهنجي ٻانهن ۾ مُٺ وجهي ڇڏي. منهنجين اکين ۾ اکيون وجهندي چيائين، ”مان چئن جوان پٽن جو پيءُ آهيان. منهنجن پٽن جيڪڏهن مون کي ڪلهو نه ڏنو، ته پوءِ مان دل ۾ مشين گن جي گوليءَ جو گهاءُ کڻي قيامت تائين جيئرو رهندس. *مري نه سگهندس.

مون پنهنجي وجود ۾ ڪنبڻي محسوس ڪئي. ڌڻي بخش سچ پچ مري رهيو آهي! يا منهنجو گمان آهي!

ٽيڪسيءَ واري پولي ڪلينڪ جي ايمرجنسي وارڊ وٽ ٽيڪسي بيهاري ڇڏي. ڌڻي بخش ٽيڪسيءَ مان لهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. چيائين، ”منهنجي ڳالهه ڇو نه پيو سمجهين،

کيس ايلاز ڪندي چيم، ”ڏهن منٽن جي ڳالهه آهي، ڌنا.“

هڪدم هٿ وڌائي، سٽ ڏيئي مون کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتائين. تمام پختي ۽ يقين واري لهجي ۾ چيائين، ”مشين گن جي گولي منهنجي دل مان پار ٿي ويئي آهي.“

مون تعجب وچان سندس پگهر ۾ آلي ٿيل منهن ڏانهن ڏٺو. چيائين، ”مشين گن جي گولي منهنجن جوان پٽن جو پيڇو ڪري رهي آهي. مشين گن جي گوليءَ کان اڳ مون کي ڳوٺ پهچڻو آهي.“

ڌڻي بخش جي ذهني حالت آڏو مون پاڻ کي بيوس محسوس ڪيو. مون کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي، ۽ ڇا چوڻ گهرجي! مون پاٻوهه ۽ پيار مان کيس سمجهائيندي چيو، ”ڏس نه ڌڻي بخش. آڱر کي چير ايندو آهي ته رت وهي نڪرندو آهي.“

”يار، تون پنهنجو فلسفو بند ڪر.“ ڌڻي بخش بيزار ٿيندي چيو، ”مون کي ڳوٺ پهچائڻ جو بندوبست ڪر. هڪدم دير نه ڪر. ان کان اڳ جو منهنجي دل مان پار ٿيل گولي منهنجن پٽن تائين پهچي، مون کي ڳوٺ پهچاءِ.“

”خدا جي واسطي منهنجي ڳالهه ٻڌ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪر.“ کيس سمجهائڻ واري نوع ۾ چيم، ”تنهنجي چوڻ مطابق، جيڪڏهن مشين گن جي گولي دل ۾ لڳي اٿئي. ته پوءِ تنهنجو رت ڇو نه وهيو آهي؟ توکي گولي نه لڳي آهي، ڌنا. توکي دل جو دورو پيو آهي.“

ڌڻي بخش چتائي مون ڏانهن ڏٺو. سندس گهور عام رواجي گهور نه هئي. هن چيو، ”زندگيءَ ۾ هڪ گولي اهڙي به لڳندي آهي، جنهن جو گهاءُ هڪ نسل کي  ملندو آهي ۽ رت ٻئي نسل جي دل مان وهي نڪرندو آهي.“

ڌڻي بخش جي ضد آڏو مان بيوس ٿي پيس. کيس چيم، ”هيئن ٿا ڪريون ڌنا. تون ٽيڪسيءَ ۾ ويٺو رهه. مان هڪ منٽ ۾ ڊاڪٽر فضل ڌاريجي کي وٺي ٿو اچان. هو اتيئي توکي تپاسي وٺندو.“

اِن کان اڳ جو ڌڻي بخش ڪجهه چوي، مان ٽيڪسيءَ مان نڪري ويس. پولي ڪلينڪ جي ڪائونٽر تي ويٺل رسيپثنسٽ کان داڪٽر فضل ڌاريجي بابت پڇا ڪيم. ٻڌايائين ته سنڌ ويل آهي. ڊيوٽيءَ تي هڪ  نوجوان ڊاڪٽر موجود هو. مون کيس سربستوو احوال ٻڌايو. ڊاڪٽر وائڙو ٿي ويو. مون کي چيائين، ”ڏاڍو ڪو لاپرواهه آهين. دل جي دوري واري شخص کي ٽيڪسيءَ ۾ هيڪلو ڇڏي آيو آهين!“

هو اٿي کڙو ٿيو. اسٽريچر کڻائي ٻاهر آيو، پاڻ ٽيڪسيءَ جو در کوليائين.

مون ڌڻي بخش کي چيو، ”فضل سنڌ ويل آهي. هيءُ ڊاڪٽر توکي وٺڻ آيو آهي.“

ڌڻي بخش کي ڪاوڙ لڳي. هن انگريزيءَ ۾ ڊاڪٽر کي چيو، ”مون کي دل جو دورو نه پيو آهي، ڊاڪٽر. مون کي دل ۾گولي لڳي آهي.“

نوجوان ڊاڪٽر وراڻيو، ”دل جي دوري ۾ ائين ئي محسوس ٿيندو آهي.“

 ”پر، مون کي دل جو دورو نه پيو آهي.“ ڌڻي بخش سخت احتجاج ڪندي انگريزيءَ ۾ چيو، ”منهنجيءَ ڳالهه تي يقين ڪريو. مون کي مشين گن جي گولي دل ۾ لڳي آهي ۽ اُها گولي منهنجيءَ دل مان پار ٿي ويئي آهي.“

”ٽيڪسيءَ مان نڪري، تون اسٽريچر تي ليٽي پئُه،“ ڊاڪٽر چيو، ”ٽيڪسيءَ ۾ توکي تپاسڻ ممڪن نه آهي.“

”مون کي ڪنهن به قسم جي طبي امداد جي ضرورت نه آهي.“ ڌڻي بخش ڪاوڙ واري نوع ۾ چيو، ”مون کي هڪدم ڳوٺ پڄائڻ جو بلو ڪريو.“

ڊاڪٽر مون کي انگريزيءَ ۾ چيو، “تڪليف سبب هن جو دماغ جائيتو ڪونهي. هن کي زوريءَ ٽيڪسيءَ مان لاهڻو پوندو.“

ڌڻي بخش هٿ وڌائي ڊاڪٽر کي ڪنڌ کان جهلي ٽيڪسيءَ ۾ اندر ڇڪي ورتو. الاءِ ڪٿان ايڏي سگهه موٽي ملي هيس! ورنه، ٿورڙي دير اڳ تائين هو ڏاڍو نٻل ۽ ڪمزور هو.

ڊاڪٽر جي اکين ۾ اکيون وجهندي چيائين، ”مشين گن جي گولي منهنجي دل مان پار ٿي ويئي آهي ۽ منهنجن پٽن جو پيڇو ڪري رهي آهي.“

ڊاڪٽر نوجوان هو. سٽ ڏيئي، ڪنڌ ڇڏائي ٽيڪسيءَ مان نڪري آيو. ڪپڙا ٺيڪ ڪندي مون کي چيائين، ”وارڊ بوائز کي گهرائڻو پوندو.“

ڌڻي بخش ٽيڪسيءَ مان ٻئي ٻانهون ڪڍي ۽ هٿ جوڙيندي چيو، ”مشين گن جي گولي منهنجي جوان پٽن جي ڪڍ آهي. مان هڪ دفعو وري مشين گن جي گوليءَ آڏو ايندس. هن دفعي گوليءَ کي دل مان پار ٿيڻ نه ڏيندس. مان مري ويندس پر پنهنجو نسل بچائي وٺندس،“

ڊاڪٽر غور سان ڌڻي بخش کي ڏٺو، پوءِ مون کي ٽيڪسيءَ کان پر ڀرو وٺي ويو. چيائين، ”دل جي دوري وارو مريض ممڪن آهي ته ائين ڳالهائي ۽ هٿ پير هلائي، تون هن کي داڪٽر شاميءَ ڏانهن وٺي وڃ. هيءُ پنهنجي سُڌ ٻُڌ وڃائي ويٺو آهي. ذهني مريض آهي.“

ڊاڪٽر پولي ڪلينڪ ڏانهن موٽي ويو.

مان موٽي وڃي ڌڻي بخش جي ڀرسان ٽيڪسيءَ ۾ ويٺس.

ڌڻي بخش چيو، ”مون کي پهچائڻ جو بلو ڪر.“

سڀ ڪجهه ايترو جلد ۽ ايتري تيزيءَ سان ٿي رهيو هو، جو منهنجي سمجهه، فهم ۽ فراست کان ٻاهر هو. نوجوان ڊاڪٽر جي ڳالهه مون کي دل سان نه لڳي. ڌڻي بخش ذهني طرح بلڪل ٺيڪ، ٺاڪ، چڱو ڀلو پئي لڳو. مون اوچتو محسوس ڪيو ته، جيڪي ڪجهه ٿي رهيو هو، سو سڀ غير معمولي هو. انسان في الحال فقط هڪ ڪائنات کي تسخير ڪرڻ جي چڪر ۾ آهي. هڪ ڪائنات جي رمز کي سمجهڻ لاءِ سرگردان آهي. پر اهڙيون انيڪ ڪائناتون آهن، جيڪي انسان جي پهچ ۽ سمجهه کان ٻاهر آهن. الاءِ ڇو ۽ ڪيئن مون محسوس ڪيو ته، هر انسان پنهنجي ذات ۾ هڪ ڪائنات آهي. منجهس پنهنجو پنهنجو هڪ چنڊ ۽ هڪ سج آهي! پنهنجا سمنڊ ۽ اُپ سمنڊ آهن! پنهنجا رڻ ۽ پنهنجيون وستيون آهن! پنهنجا پهاڙ ۽ پنهنجا وڻ آهن! پنهنجا جبل، ۽ پنهنجا درياهه آهن! منجهس خوف جي طويل رات ۽ اميدن جو صبح آهي! هر انسان جي ڪائنات کي پنهنجو عروج ۽ پنهنجو زوال آهي! مان ڌڻي بخش جي الميي کي سمجهي نه سگهيس.

مون ٽيڪسيءَ واري کي ڪراچي ڪمپنيءَ ڏانهن هلڻ لاءِ چيو. سڄي واٽ ڌڻي بخش نه ڳالهايو. هو ماٺ ۾ غلطان رهيو. سوچيندو رهيو. پگهر سندس نِرڙ ۽ لوندڙين تان وهندو رهيو. هن جي چُپ مون کي کائڻ لڳي. هن جون اکيون کليل هيون ۽ هو دريءَ کان ٻاهر نهاري رهيو هو.

ڏس تي ٽيڪسيءَ وارو ڪراچي ڪمپني ۾ اسان جي فليٽ وٽ اچي بيٺو. ڌڻي بخش کي فليٽ تائين پهچائڻ ۾ ٽيڪسيءَ واري منهنجي مدد ڪئي.

فليٽ ۾ پهچڻ کانپوءِ ڌڻي بخش کٽ تي ليٽي پيو. هو ٽڪ ٻڌي ڇت ڏانهن ڏسڻ لڳو. ميز جي خانن ۽ ڪٻٽ مان پاسيرا ڪري رکيل ڏوڪڙ مون ڪڍي ورتا. ڳڻي ڏٺم ته رقم ريل جي هڪ سيڪنڊ ڪلاس ٽڪيٽ جيتري به نه هئي. يوٽيلٽي اسٽور تان بچائي آندل رقم ڳڻيم. سيڪنڊ ڪلاس جي ٻن ٽڪيٽن جيترا پيسا ڳڻي، مٺ مضبوطيءَ سان بند ڪري ڇڏيم. ڌڻي بخش ڏانهن ڏٺم هو مسلسل ڇت ڏانهن ڏسي رهيو هو. سندس گهور پُراسرار هئي. مون اهڙي ڪيفيت ۾ ڌڻي بخش کي ڪڏهن به نه ڏٺو هو. هن جو چهرو پگهر ۾ آلو هو ۽ سينو ڌنوڻيءَ وانگر ڦوڪجي ۽ سُسي رهيو هو. ٻنهي هٿن جون مٺيون ڀيڪوڙيل، ۽ رڳون وٽيل واڻ وانگر سندس ٻانهن تي اُڀري آيون هيون. هُن تمام ٿڪل آواز ۾ چيو، ”فقط ڪجهه ڪلاڪ آهن، مون وٽ مان ريل جو سفر ڪري نه سگهندس. هوائي جهاز جي ٽڪيٽن جو بندوبست ڪر، يار.“

ڏانهس ڏٺم، هو ڄڻ ڇت کان پري ڪجهه ڏسي رهيو هو. ظاهري طرح سندس اکيون ڇت ۾ اٽڪيل هيون، پر لڳو پئي، هو آسمان تي لکيل ڪا تحرير پڙهي رهيو هو.

چيم، ”مان سنگت کان پٽ سٽ ڪري اچان ٿو. تون فليٽ کان ٻاهر نه نڪرجانءِ.“

”دير نه ڪجانءِ.“ ڌني چيو، ”منهنجيءَ دل مان پار ٿيل گولي، پٽن جو پيڇو ڪري رهي آهي. دير نه ڪجانءِ.“

مان فليٽ مان نڪري ويس. جيڪي ڪجهه ٿي رهيو هو، سو قطعي منهنجي سمجهه کان ٻاهر هو. ڌڻي بخش کي ڪهڙي قسم جي گوليءَ گهائي وڌو هو جو رت جو هڪ ڦڙو سندس جسم مان نه نڪتو هو ۽ هو مري رهيو هو! اڳ ڳالهايل سندس جملو منهنجي ذهن ۾ پڙاڏا ڪري رهيو هو ته ”زندگيءَ ۾ هڪ گولي اهڙي به لڳندي آهي، جنهن جو گهاءُ هڪ نسل کي ملندو آهي ۽ رت ٻئي نسل جي دل مان وهي نڪرندو آهي.“ مون اُن جملي ۾ مفهوم، يا معنيٰ ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مون  کي ان جملي ۾ به ڪو مفهوم مليو ۽ نه ئي ڪا معنيٰ سمجهه ۾ آئي. اِن ۾ ڏوهه ڌڻي بخش جو نه  هو. سمورو ڏوهه منهنجو هو. هونءَ به ڌڻي بخش سموري سنگت ۾ سڀني کان وڌيڪ ذهني، تيز فهم، حساس ۽ سج ڏانهن ڏسڻ واري اک جو مالڪ آهي. هر انسان جي وجود ۾ هڪ جهٽيندڙ (Reciever) هوندو آهي. ڪن جو جهٽيندڙ طاقتور ۽ ڪن جو ڪمزور هوندو آهي. طاقتور جهٽيندڙ غيبي ٽرانسميٽر تان نشر ٿيل اطلاع، نياپا ۽ اشارا جهٽ جهٽي وٺندو آهي. ڪمزور جهٽيندڙ ان قسم جا اشارا ۽ اطلاع جهٽي نه سگهندو آهي. مون محسوس ڪيو ته منهنجي وجود جو جهٽيندڙ ڪمزور آهي. ڌڻي بخش جي وجود ۾ جهٽيندڙ جيڪي ڪجهه ٻڌو آهي، يا ڏٺو آهي، سو مان نه ٻڌي سگهيو آهيان ۽ نه ڏسي سگهيو آهيان. مان انهن انسانن جي انڀوهه مان هڪ آهيان. جن کي اکيون ته هونديون آن پر هو ڏسي نه سگهندا آهن. کين ڪن ته هوندا آهن، پر  ٻڌي نه سگهندا آهن کين وات ته هوندا آهن پر هو ڳالهائي نه سگهندا آهن. مون کي پنهنجي وجود کان نفرت ٿيڻ لڳي. مان ايڏو ڏڏ ڇو آهيان!

ڪراچي ڪمپنيءَ جي ٻاهران مان فٽ پاٿ تي بيهي رهيس. ڪنڌ ورائي انيڪ فليٽن جي سلسلي ڏانهن ڏٺم. ڪيترائي دوست ۽ واقفڪار اتي رهيل آهن- پر، سڀيئي اسان جهڙا مولائي آهن. مون ايف- سيون (7) ۽ ايف- ايٽ (8) ۾ رهندڙ واقفڪارن متعلق سوچيو. ڪجهه ڄڻا دل تي تري آيا. هِتي هُتي ملندا، ته کلي ملندا آهن- ”ڪو ڪم ڪار! ايندا ڪريو! حڪم ڪريو!“ سوچيم، انهن سان ملندس. وڏي وس وارا آهن- پهچ وارا آهن- سنڌ لاءِ احساس محروميءَ جي خاتمي جي علامت سمجهيا ويندا آهن.

اهو ضروري نه آهي ته هڪ در بند ٿيڻ کان پوءِ انيڪ در کلي پون. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي، جو هڪ در بند ٿيڻ کانپوءِ سمورا در بند ٿي ويندا آهن. ان درن جو ڏوهه فقط ايترو هوندو آهي جو اُهي در هڪ ئي نوعيت جا هوندا آهن. مون کي ذري گهٽ سمورا در بند مليا. بند درن ۾ هڪ در کليل مليو. ماڻهو دلبر. کِلڻو مِلڻو. چرچائي. هر دور ۾ هر دلعزيز! مون کي ڏسي کڻي ڀاڪر ۾ ڀريائين. ”يار ڪيئن آيو آهين! ڀلجي ته نه پيو آهين! اصل وساري ڇڏيو اٿئي.“ ڳالهائي ته ڄڻ مصري!

”اصل ۾ ڪجهه پيسن جي ضرورت آهي.“

”هون! پيسن جي!“

”پيسن جي به نه. مون کي سکر تائين پي آئي اي جون ٻه ٽڪيٽون گهرجن.“

”هون! پي آئي اي جون ٻه ٽڪيٽون!“

” ڌڻي بخش بيمار ٿي پيو آهي. کيس ڳوٺ پهچائڻو آهي.“

” ڌڻي بخش ۽ بيمار! يار، تون به ڪمال ٿو ڪرين!“

”اسلام آباد ۾ ڪجهه ٽريول ايجنٽ اوهان جا واقفڪار آهن. مان موٽڻ  شرط اوهان جو قرض لاهيندس.“

”پر، ڌني کي ٿيو چاهي؟“

”ڪا پُر اسرار ڳالهه آهي. مان ته سمجهي نه سگهيو آهيان.“

”ڊاڪٽر کي ڏيکاريو اٿئي؟“

”ها. ڊاڪٽر کي به خبر نه ٿي پوي.“

”داڪٽر ڇا چيو؟“

”چيائين ته دماغ جائيتو ناهيس.“

”ماليخوليا ٿي پئي اٿس ڇا! پڪ ماليخوليا ٿي پئي هوندس. افعال ئي اهڙا هئس.“

”پر، مان نه ٿو سمجهان ته ڌني کي ڪا ماليخوليا آهي.“

”ته پوءِ تڪليف ڪهڙي اٿس؟“

”چوي ٿو، دل ۾ گولي لڳي اٿس.“

”دل ۾ گولي لڳي اٿس! ها ها ها! ۽ جيئرو آهي!“

”چوي ٿو، گولي دل مان پار ٿي ويئي اٿس.“

”وڏو ڪو چرچائي ٿي پيو آهي!“

”مان سمجهان ٿو، ڌڻي بخش مري ويندو.“

”مکر ٿو ڪريئي. اهو ڌنو اصل نه مرندءِ. اصل پڪ ڄاڻ.“ 

”پي آئي اي جون ٻه ٽڪيٽون.“

”يار، اوچتو ئي اوچتو، ايجنسين جا مينيجر ڪنهن اخلاس تي هليا ويا آهن. هونءَ به ٻن ڏينهن تائين پي آئي اي ۾ هڪ به ٽڪيٽ ملي نه سگهندي. هڪ ٻئي دوست لاءِ ٿورڙي دير اڳ فون ڪئي هيم.“

ڪي کليل در نظر جو فريب هوندا آهن. اهڙا کليل در، بند درن کان مختلف نه هوندا آهن.

مان ڊوڙندو ڪراچي ڪمپنيءَ وارن فليٽن تي پهتس. مولائي لڏي، کي سڏ ڪيم. ڄڻ پتنگ هئا. سَچَ تي مڙي آيا. ڀڄ ڊڪ ڪئي سين. پَٽَ سَٽَ ڪئي سين. کنڌا کناسين. هڻي، ماري، وڃي هنڌ ڪيوسين. ڦڙيءَ ڦڙيءَ مان تلاءُ ڪري وڌوسين. پر، اِن ڪم ۾ وقت هٿن مان نڪري ويو. پي آئي اي جي بڪنگ آفس پهتس ته خبر پئي اسلام آباد کان ملتان- ۽ سکر واري فلائيٽ ڪلاڪ کن اڳ رواني ٿي ويئي هئي. مون ٻئي ڏينهن لاءِ ٻه ٽڪيٽون خريد ڪيون.

ڊوڙندو فليٽ تي پهتس.

ڌڻي بخش جون اکيون در تي کتل هيون. انتظار ڪندي ڪندي سندس پُتلين جو پاڻي سڪي ويو هو. اک ڇنڀڻ  بنا هو مون ڏانهن ڏسي رهيو هو.

”ڌنا.“ مون کٽ تي ويهندي چيو، ”يار، اڄوڪي فلائيٽ مِس ڪري ويٺا آهيون. سڀاڻي هلنداسين. مان هوائي جهاز جون ٽڪيٽون وٺي آيو آهيان.“

”تو اچڻ ۾ ڏاڍي دير ڪئي.“ ڌڻي بخش ٻڏل آواز ۾ چيو ”تو اچڻ ۾ ڏاڍي دير ڪئي.“

ان وچ ۾ سموري سنگت گڏ ٿي ويئي. ڌڻي بخش جي حالت ڏسي، تعجب وچان سڀئي ساٿي وائڙا ٿي ويا.

ڌڻي بخش چيو، ”ٽڪيٽون وڃي موٽائي اچ.“

تعجب وچان پڇيم، ”ڇو يار؟“

”بس.“ هن جهيڻي آواز ۾ چيو، ”دير ٿي ويئي آهي. منهنجيءَ دل مان پار ٿيل گوليءَ ڪم پورو ڪري ڇڏيو آهي.“

وائڙو ٿي پڇيم، ”ڇا جو ڪم؟“

خشڪ پتلين تي پاڻيءَ جو تهه تري آيس. هو خاموش ٿي ويو. تڏهن کان ڌڻي بخش گهڻو ڪري خاموش رهندو آهي. سوچيندو رهندو آهي. آسمان تي لکيل ڪا تحرير پڙهي وٺندو آهي. کيس پڪ آهي ته مشين گن جي هڪ گولي سندس دل مان پار ٿي ويئي آهي ۽ اُن ڳوليءَ جنهن جنهن کي گهايو ۽ ماريو آهي، سو سندس پٽ آهي.

 

محرم علي

مان ڪجهه دير سان گهر پهتس، ٿڪل هوس. منهنجي زال مونکي در مان داخل ٿيڻ شرط چيو، ”هو ٻُچيءَ ڏاڙهيءَ وارو پساري آهي نه- ڇا نالو اٿس؟“

” محرم علي.“ کيس پساريءَ جو نالو ياد ڏياريم.

”ها. مئو محرم علي.“ منهنجيءَ زال چيو، ”هن توکي سڏايو آهي. چوايو اٿائين، جيئن ئي ماستر صاحب گهر پهچي کيس هڪدم مون ڏانهن موڪلجو.“

”وري هوندس ڪا درخواست لکائڻي!“ بيزار ٿيندي چيم، ”مان ان پوڙهي سيهڙ مان اچي ڦاٿو آهيان.“

محرم علي اسان جي پاڙي ۾ رهندو هو. گهر جي مهڙ ۾ پسارڪو دڪان هوس، پر وڪڻندو کٽمٺڙا ۽ ڀڳل بسڪوٽن جي ڀور هو. پوڙهو، ٺوڙهو، منهن سڪل، جهڙو ڇوهارو! ڄاڙين تان وار غائب هئس. آٺ- ڏهه چٻا ٽنڊا، گهنڊيدار وار کاڏيءَ تان لٽڪندا رهندا هئس. ان عجيب اوسر کي سڏيندو هو سونهاري! ماڻهو سادو هو، جهڙي موري. هرڪو هضم ڪري ڇڏيندو هوس. ٻڌو هئائين ته ماڻهو ٽي ويلا ماني کائيندا آهن. پر محرم علي ۽ سندس ڪٽنب ٻه ويلا ماني کائيندا هئا.


* مستقل عذاب ۾ چيچلائيندو رهندس. اڻ لکيل تاريخ جو باب ٿي پوندس.

*  ڪند فهم

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com