سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب:آيل ڙي اولاڻا

باب:

صفحو :1

آيل ڙي اولاڻا

علي بابا

آيل ڙي اولاڻا

وماس جي ڪاريھر جيھي رات آھي ۽ ھوائن ۾ ھنياءُ ڦاڙ ڦوڪارا. اسرت ۽ اسڌ عورت جو ھيٺيون ڌڙ ۽ ڪپڙا رت پت سان ٻڏاڻا ۽ بوءِ ھاڻا آھن. ھو عورت کي بچائڻ لاءِ سندس ڳاٽ ۽ پولھھ ھيٺان پوري طاقت سان ھٿ ڏيو، پنھنجي سيني سان ڦٻايو، جھر جھنگ، ٻنين ۽ واھڻن مان رات جي انڌوڪار ۾ وڏي سھڪي سان وکاريندو ٿو وڃي. پر ڳچ پنڌ پٽڻ کان پوءِ، ھر واري نست ٿيو، گھاٽن وڻن ۽ ڄارين جي جھنڊ ۾ کيس لڪايو، واري واري سان کيس سرت ۽ ھونش ۾ آڻڻ لاءِ حيلا ٿو ڪري. ھن جا پنھنجا ھٿ بھ رت ٻڏاڻل آھن. رت، جنھن ۾ آھي پت جو سڻڀ. ھو ھر واري عورت جي دل کي پمپ ڪري ٿو، سندس ناڙي اندران ھٿ وجھي، تازي رت پت جون لپون ڀري، عورت جي تارونءَ تي زور سان مالش ڪري ٿو. کيس سرت ۾ آڻڻ لاءِ مٿي ۾ تِري ٿو ھڻي تھ من ڪو ايترو سامت ۾ اچي جو کيس ڪلھي تي ھٿ رکي، سندس سھاري سان گھرجندي ھلي، پر ھر واري ھو ناڪام ٿي وري عورت کي ڳاٽ ۽ پولھھ ھيٺان ھٿ ڏئي، وري کيس کنڀي ٿو کڻي ۽ وري ساڳيءَ طرح وڏا وڏا گام ڀريندو، کانٽن، کيڙين، ٻنين ۽ جھرن جھنگن مان وکاريندو ھلندو ٿو وڃي. ھو جلدي کان جلدي ڪاري ڪاري رات جي ڪک مان، تمام پري نڪري، ڪنھن انساني وسنديءَ ۾ پھچڻ لاءِ واجھائيندو ٿو وڃي. رات جي انڌوڪار ڇڄڻ کان اڳ، ھن کي ايتري بھ ڪل آھي تھ ٻروچ وڏي نگري ذات آھي. پيرا کڻي بھ سؤ ڪوھن تي پھچي ويندس. ٿي سگھي ٿو آڏو، ھو پاڻ بھ ڪھاڙين جي وڄ وراڪا ڌڪن سان خونا خون ٿي ڪري پوي ۽ جيستائين پوليس پنھنجي شان سان، رشوتن سان جاءِ واردات تي پھچي، تيستائين سندس پنھنجو لاش بھ ٿوٿرجي ڦاٽي پوي ۽ کيس ڏيوالٽيءَ ۾ لاھڻ لاءِ ڀنگي بھ نڪن تي ڪپڙا ٻڌي پورڻ کان پڙ ڪڍي بيھن. کن لاءِ کيس واساما اچن ٿا:

”الائي ھيءَ اڄاتل خونا خون عورت مري ڪين بچي، آئون ڇو پنھنجي جان جوکي ۾ وجھان؟“ ڪئين ڀيرا عورت کي ڇڏي ڀاڄ لاءِ سندس من ۾ واساما اچن ٿا، پر وري عورت جا اڻلکا ساڻا کاڻا، ليڙاٽيل، اوراٽيل، چِنگھھ جا آواز ٻڌي ھو ڏانوڻجيو وڃي. ھو عورت جي دل کي پمپ ڪري، وري سندس دل جي حرڪت جا آواز ڪنائي ٿو. کيس عورت جي دل جي ڌڪ ڌڪ جا اڻلکا، ٻڏاڻا آواز ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. ھو عورت کي سڌير ڪرڻ لاءِ وري ھٿ پير ھڻي ٿو، پر عورت جيئن پوءِ تيئن نست ۽ ھيڻي، اساھ ٿيندي ٿي وڃي. رکي رکي ھلڪي ٻڙ ٻڙ سان، جيئن ڀريل گھاگھر اونڌي ڪجي، دنان ھيٺان رت پت جا ڍارا ٿي ڇڏي. ھو کن لاءِ سن ۾ اچيو، وات ۾ ھٿ وجھيو، روئڻ جھڙو ٿيو وڃي:

”توبھن، آخر ھنن بي غيرتن ھن عورت جي ڌڙ کي ڪيو ڇا آھي؟ شايد ڪاري ٿيڻ ڪري مڙس غيرت ۾ اچي ڪھاڙيءَ جو ڳن يا ڪو ٿلھو ڏنڊو عورت جي وجود ۾ پيھي ڇڏيو ھجي!..... اٿاھ غيرتن ۽ باھين مان. يا ڪي ڪنواري آھي، کيس ڪاري ڪري مارڻ کان اڳ ڪکين ۾ لتون ھڻي سندس ڪچو ٻار ڪيرايو ھجين. پيٽ جي نرماڻ مان تھ ڪجھھ ائين ٿو ڀاسي. آخر ايڏو رت پت ۽ مرا ڇو؟.....“

اچانگ کيس ڀاسي ٿو تھ سندس وات زھر جھڙو ڪسارو ٿي ويو آھي. اچانگ کيس ياد اچي ٿو تھ اچرج کان وات ۾ وڌل ھٿ عورت جي رت پت ۽ مرن سان ڀريل آھي. اوچتو کيس اٻڪايون اچن ٿيون. الٽيءَ جيھا اوراٽا اچن ٿا. ساھي پٽيندي ھو ڏاڍيءَ پيڙا مان عورت ۾ نھاري ٿو. کيس محسوس ٿئي ٿو تھ ھاڻي ھو ان عورت جو ٻوجھھ کڻڻ کان لاچار آھي. ھو وري عورت کي ھونش ۾ آڻڻ لاءِ کيس ڌونڌاڙون ٿو ڏئي، کيس منھن ۾ لپاٽون ٿو ھڻي، گھٽيل سھڪي سان، عورت جون اکيون کولڻ جي ڪوشش ڪري، سندس دل کي پمپ ڪندي، ٻانھن ۽ ڇاتين کي زور زور سان مھٽي ليلائي ٿو:

”ڊڄ نھ ھونش ڪر، مڙس ماڻھو ٿي. رڳو پير جھل، نھ تھ سر ويندءِ. آئون انھن قاتلن کان توکي تمام پري کڻي ويندس.“

عورت وراڻيءَ ۾ چنگھي ٿي ۽ سندس اکيون وري ٻوٽجيو ٿيون وڃن، جھڙو لاش، سندس ھيٺئين ڌڙ مان رڳو ٻڙ ٻڙ جا آواز اچن ٿا. ڄڻ ڪنھن گھيٽي جي نـڙگھٽ کي سير ڏئي ڇڏي ھجي.

کن لاءِ سندس من ۾ اچي ٿو تھ ان عورت کي ڇڏي ھليو وڃي. ھن جي پنھنجي پٺيان پوليس آھي.

ڪاري ڪاري رات، ڀونءِ مٿان لاش جيان پيل خونا خون عورت جي ڀرپور ديھھ، جھڙ تازي ويم ڪيل چنگھندڙ وڦلندڙ ڪاري ڪاري اپڇرا. اچانگ سندس اندر مان ڪھڪاءُ ڀريل آواز اچن ٿا:

”نھ نھ.... عورت جي ھي ڦوھ ڪامڻ ڪايا، ھي ديھھ مايا، اڀين ڪھاڙين سان ڳڀا ڳڀا ڪرڻ لاءِ ناھي. نھ ئي سندس ماس ڳجھن ۽ جھنگلي جانورن ۽ مڇين جي ڇن پٽ لاءِ آھي. ھيءُ تھ جيئري جاڳندي آھي! آئون ڪيئن ايئن کيس روھ ۾ رلائي ھليو ويندس؟“

ھن کي خبر آھي تھ سنڌ جا ماڻھو، پوءِ ڀل ٻروچ ھجن ڪين سماٽ، پنھنجي عورتن کي ڪاري ڪري ماري، گھاٽن وڻن جي جھنڊن ۾ ڇڏي ويندا آھن يا درياھ ۾ لوڙھي ڇڏيندا آھن! ھو خوف ۽ ڏھڪاءُ کان عورت کي وري ڳاٽ ۽ پولھھ ھيٺان ھٿ ڦٻائي، پوري طاقت سان کنڀي ٿو کڻي ۽ اونداھين مان واکاريندو ھلڻ جي ٿو ڪري.

۽ عورت – بور ۽ ڀرپور آھي. سندس ڊگھا ڊگھا وار پٽ سان لڙڪندا ٿا ھلن. جيئن جيئن ھو وکاريندو ٿو وڃي، تيئن تيئن سندس ساھ اڀامندا ٿا وڃن. ھونئن بھ لاش جيان لڙڪيل جسم کي کڻڻ ڏاڍو ڏکيو لڳندو آھي. تڏھن، جڏھن ساھ ۾ ڪھڪاءُ سان گڏ ڏھڪاءُ بھ ھجن ۽ ماڻھو اھو بھ محسوس ڪندو ھجي تھ پٺيان ڪھاڙين سان ماڻھو پيڇو ڪندا ھوندا. تڏھن تھ ماڻھو متيون وڃائي ويھندو آھي جو ويلا ۽ پھر، اتر اولھھ جي ڪابھ ڪل ڪانھ پوندي آھي.

ھو کانٽن مان، کيڙين مان، ٻنين ۽ جھرن جھنگلن مان مڙھ سان عورت کي ٻانھن ۾ کنيو وکاريندو ٿو وڃي. ھن کي اھا بھ ڪل ڪانھ ٿي پوي تھ اڳيان مانجھند آھي، سن آھي، کماڻ آھي ڪين ٻڍاپور؟. ھن کي رڳو ايتري سڌ آھي تھ جي وھائو تارو نڪتو تھ پوءِ سندس بھ خير ڪينھي. ھن کي ايتري بھ پڪ آھي تھ ھو عورت جي پيرين، ويرين يا واھرن کان گھڻو پنڌ ڪونھ نڪري آيو آھي. ٻروچ تھ ڪاري عورت کي سؤ ڪوھن تي ڳولي ماريندا آھن ۽ ھو پاڻ ايڏو ٿڪائو ۽ ھيڻو ٿي ويو آھي جو ھاڻ ھو ان عورت جو ٻوجھھ کڻڻ کان لاچار ٿيندو ٿو وڃي، بنھھ لاچار. کيس ساھ پٽڻ لاءِ ساھيون ٿيون ڪرڻيون پون، ڄنگھن ۾ ساھ نھ ساري لاچار ھو عورت کي وڻن جي جھنڊ تائين لڙڪائيندو پھچائي ٿو.

اچانڪ وري کيس واساما اچن ٿا:

”توبھن، اڄ جي وارتا کيس پيش نھ اچي ھا تھ ڪھڙو آسمان ڏري پوي ھا يا سنڌ سڳوريءَ کي لوڏو اچي وڃي ھا. اھڙا خون تھ سنڌ ۾ روز پيا ٿين. سيڪس کي ھنن ماڻھن سمجھيو ڇا آھي؟ جنھن مھل پاڻ سيڪس انجواءِ ڪرڻ لاءِ چڪلي ۾ پوليس وارن ۽ ڀڙون جا جوتا ٿا جھلين، ان مھل سندن غيرت ڪٿي ھوندي آھي؟ جنھن مھل پنھنجو ٻج چڪلي ۾ ٿا ڇڏي اچن، ان مھل کين غيرت ڪانھ ٿي اچي تھ پنجن ڏھن روپين تي شھواني بک لاھڻ کان پوءِ ان رنڊيءَ جو ڇا ٿيندو؟ پٽ ڄڻيندي يا ڌيءَ؟ باقي عورت ويچاري جي انتھائي سيڪس کان ڇت ڪتي ٿي ڪنھن سان ٻکئين پئي تھ ڪھاڙيون ھلي وينديون!......“

کن لاءِ اھو انڌوڪار وارو ڏھڪائيندڙ چھچٽو سندس اکين آڏو اچيو وڃي. اونداھيون، ڪيڪراٽون ۽ ٽارچ جي روشنيءَ ۾ ڪھاڙين جا زپازپ وراڪا. بھادر بھ ايترا جو پستول جا ٻھ ٽي فائر ٻڌي اھڙي ڀاڄ کاڌائون جو اھو بھ وسري وين تھ باقي ھڪ کي جيئرو جاڳندو ڇڏيو پيا وڃن. ڄڻ پوليس وري وئي ھجين. يا عيسيٰ خان ترخان جو لشڪر اچي ڪڙڪيو ھجي. خون ڪري، ٻڌائڻ لاءِ ڪوبھ تيار ڪينھي تھ اھو خون مون ڪيو آھي. کن لاءِ سندس آڏو ٻيءَ عورت جا ڳڀا ڳڀا، سريءَ لٿل لاش اچيو وڃي ۽ ھن جي سموري ديھھ ۾ دڌڙيون اچيو وڃن ۽ مٿي ۾ ڀنواٽيون.

اچانڪ پري کان ھيٺاھين ڏي سندس اکين آڏو چانديءَ جيھي اڇاڻ نظر اچي ٿي. ھو محسوس ڪري ٿو تھ ھو درياھ ڪناري آھي. ھو ڊوڙي درياھ ڪناري اچي ٿو. پري درياھ ڪناري کيس انڌوڪار ۾ مھاين جي وسنديءَ جا اھڃاڻ نظر اچن ٿا. ڀونگن مان اڻ لکي روشنيءَ جا ترورا. اچانڪ سندس ذھن ۾ ڪئين خيال، ڪئين سوال اڀريو ٿا اچن:

”ڇا مھاين کان مدد وٺان؟ يا چپ چپات سان مھاين جي ٻيڙي ھاڪاري، عورت کي ٻيڙيءَ ۾ وجھي نڪري وڃان؟ ڇا مھاين کان مدد وٺڻ ۽ عورت کي موت جي منھن ۾ ڏيڻ ساڳي ڳالھھ ناھي؟ اسان جي ملڪ ۾ اھڙي ٻانھن لاءِ تھ وڏيون وڙولون ھلنديون آھن. مجال آ جو ڪاريءَ عورت کي ڪو سڄيءَ سنڌ ۾ پناھ ڏئي. سنھن ساک ڏئي وٺي ويندا، باقي سنڌ ۾ قرآن آھي ڇا لاءِ. بس جي ٿوري مڙسي ڪريان تھ پتڻ تاڻ ٻيڙي ڪيري مان ڪڍي، عورت کي ٻيڙي ۾ وجھي، درياھ جي پور تي پاڻ کي ڇڏي ڏيان.“

وھائو چڙھيو آھي، ھو ٻيڙي ھٿ ڪرڻ لاءِ لڪندو پوري طاقت سان مھاين جي وسنديءَ ڏانھن ڊوڙي ٿو ۽ وڻن ٻوٽن جون اوڍرون وٺندو، ٻيڙيءَ تائين رسي ٿو وڃي ۽ ٻيڙيءَ جو ڪلو ڪڍي، ٻيڙيءَ کي درياھ ۾ ھوريان ھوريان وڏي بانس جي زور سان ڪپر ڇڏائي ھلندو ٿو وڃي.

جيئن ئي ھو ان پڙ جي ويجھو اچي ٿو، اچانڪ ڪھاڙين جي زپڪاٽن سان کيس عورت جون گھٽيل دانھون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون ۽ پوءِ درياھ ۾ ڦٿڪندڙ لاش جي ڪرڻ جو شپڪو.

ٽي چار ماڻھو، ڪھاڙين جي تجلن سان، ڪاري جھنگ مان ڊوڙندا گم ٿي وڃن ٿا.

درياھ جي وھڪ، ٻيڙيءَ کي لاش جي ويجھو آڻي ٿي.

ٽارچ جي روشنيءَ ۾ رت ٻڏاڻا ڊگھا ڊگھا وار، پاڻيءَ ۾ بُڙڪاٽن سان لڙھندا، ٽوٻار ۾ گم ٿيندا ٿا وڃن.

۽ ھو اوندھ ۾ اچي، ڊگھي ڊگھي بانس کي اڀ ڪپري جي ڪاپ ۾ ڏئي، پوري طاقت سان ٻيڙيءَ کي لھرن جي تيک ۾ آڻي، ساڻو ٿي، ڀنواٽيون کائيندڙ مٿي سان ٻيڙيءَ ۾ ڊھي پوي ٿو.

۽ ٻيڙي سنڌوءَ جي وھڪ ۾ اچي، لھرن مٿان ٽلڪندي ڪک پن جيان وھندي ٿي وڃي.

ھڪ کن ۽ ھيءَ صدي

رات آھي ۽ سنگم، ھڪ ڇوري ۽ ڇوريءَ جو.

جيئن ھر پرھ کي پنھنجو ڪامڻ آھي، تيئن ھر رات کي بھ پنھنجو ڪامڻ، پنھنجا تر تروکڙيون ھونديون آھن ۽ ھو ٻئي ڀاڳين مڙيا آھن. ٽن چئن مھينن کان پوءِ ٻنھي وٽ پنھنجا رساما ۽ واساما آھن:

”ٻڌاءِ نھ، ڏٺو ڇا اٿئي مون ۾؟..... ڇا........ ڀلا ائين دڳ جھلڻ مان ڇا ملندءِ؟...... ھان!....... ٻڌاءِ نھ، ملندءِ ڇا؟.....“

”دڳ؟ مان تھ پنھنجو دڳ وٺيو پئي ويس! ڀلا مون کي ڪھڙي خبر تھ تون ڪا ان پار کان ٽيلار ڪندي ايندينءَ!..... ائين اوچتو مڙي وينداسين!........ سچ جي مون کي خبر ھجي ھا، تون آھين تھ آئون واٽ مٽائي ھليو وڃان ھا.“

”ڇو؟..... ان جو مطلب تھ تون ڪانشيئس آھين، تو ۾ گلٽ آھي، ائين آھي نھ؟“

”نھ، ڪڏھن مون ۾ سون ڀريل ھو ۽ ھاڻي!........ ھاڻي تھ شيھو بھ ڪينھي. مون تو ڏانھن نھاريو بھ ڪين.“

”نھ، منھنجي ڀر مان گذرندي تون منجھي بيھي ويو ھئين.“

”آئون چوان ٿو نھ ڇا؟ ائين ٿيو ھوندو. ڀلا تو جيھي ناريءَ کي ڏسندي کن لاءِ جي ماڻھو سونھن ۾ جڪڙجي ٿٿان وٿان ٿي وڃي تھ ڏوھ ٿيو ڪين ڊوھ؟!...... مان...... مان تھ ڪڏھن ڪڏھن گھوڙيل ڦلڙي ڏسي بھ ان جي ھيڊاڻ ۾ پيھي ويندو آھيان.“

”ڏس، ٻڌي ڇڏ، مان نھ اڪ ڦلڙي آھيان نھ گھوڙيل ڦلڙي.“

”ھا، تون تون آھين.“ ھو اونھون ساھ ڀري ھن جي وارن ۾ نھاري ٿو. ڇڙواڳ جٽائون، ڄڻ ڪڪر ڪارونڀار اڏندا ٿا وڃن ۽ رات، رات شام جي سرھيل وڻ جي ڇايا جيان وڌندي، ٿڌيري ٿيندي ٿي وڃي.

”ٻڌ، ڏينھن ڏٺي سپنا ڏسڻ ڇڏي ڏي، ڪجھھ نھ ملندءِ.“

ڇوري ڪروڌ مان ھن ڏانھن نھاري ٿي ۽ ھو، ھو چوٽ کائي مرڪي ٿو پوي. ٻئي وڇڙي وڃڻ ٿا چاھين پر وڇڙن ڪين ٿا. واٽ ساڳي آھي ۽ ٻنھي جي ٽيلار ڪرڻ جي رفتار بھ ساڳي آھي ۽ ٽھڻ ٻئي ڪين ڄاڻن. نھ ڊپ نھ ڊاءُ، نھ ڳالھھ نھ ٻولھھ. کن لاءِ ويجھا پئي، وري ٻئي ھڪ ٻئي کان جدا ٿي، ڏامر جي سڙڪ جون ڪناريون وٺي ٿا ھلن. ھو سڙڪ جي ھن پار ۾، ھوءَ ھن پار، وچ ۾ ڪاري ڪاري ڏامر جا پٽا دڙڳ دڙڳ سڙڪ ۽ چانڊوڻيءَ رات ۾، سڙڪ جي ٻنھي پاسي لڳل سرھيل وڻن ۾ ھلورا کائيندڙ سرھاڻين ڀريل ھوائن جا جھوٽا، ھندورا ھندورا جھوٽا. ھو ڇوڪريءَ ۾ نھارڻ کان سواءِ پري پھاڙيءَ مٿان وڏي انگاس بلڊنگ جي روشنين ۾ نھاري ٿو. بلڊنگ کيس ڏاڍي وڻندي آھي، الائي ڇو، شايد ان ڪري تھ ان سڄي بلڊنگ ڇا، سڄي ايريا جو انچارج سندس يار آھي، پراڻو ساٿاري. ھو وري ڇوڪريءَ ۾ نھاري ٿو. سادن ڪپڙن ۾ بھ ھوءَ کيس موناليزا، وينس، ڪلوپيٽرا، ڪرائيسيا، مومل جيان ٿي لڳي، پر نھ انھن کان بھ سھڻي. ھلندي کوئجي، ھو پاڻمرادي ڀڻڪي ٿو:

”توبھن، سمون آھي ڪين ويد ڪال کان بھ ڪنھن پراڻي ڪال جي چوڏھين چٽاڻي رات!“ ميل کن پري، بلڊنگ جي روشنين ۾ الائي ڪھڙو وندر ووڙيندي ھو ڇرڪي ڇوڪريءَ ۾ نھاري ٿو، ڏاڍي پيڙا مان آواز. ڪوئل جيھو، پر ڏنڀ ڏيندڙ، تڙپائيندڙ.

”ڪٿي تون ڄاڻين ٻجھي پنھنجي وٽ اِنگھائين تھ نھ پيو؟ تون تھ سدائين ھن موڙ تان واڪ ڪندو، مڙي ويندو آھين. جي ائين آھي تھ مون کي خبر آھي تھ ڇو آھي؟“

”تون جيئن سمجھھ. منھنجي واٽن جي تھ مون کي بھ خبر نھ ھوندي آھي. مون انساني سوسائٽيءَ کان پاڻ کي الاھي ڪٽيو آھي. منھنجي واٽ بنھھ جدا آھي. منھنجي واٽ منھنجي پنھنجي واٽ آھي، ڪٿي نھ ختم ٿيندڙ واٽ.“

ھو جھڪيل ڳاٽ ۽ ڦاٽ کاڌل آواز سان وراڻي ٿو ۽ اوچتو وري ڦاٽ ٿو کائي، ڪجھھ تکاڻ، ڪجھھ نرماڻ مان:

”ڀلا جيئن تو سمجھيو بھ آھي، جي ائين آھي بھ تھ توکي گھاٽو ڪھڙو آھي؟ ائين ئي سمجھھ تھ تنھنجي قدمن جي آواز تي آئون ڏاڍي آسيس پيو ماڻيان. کيپ چڙھندا ٿا وڃن سپنن جيھا. ڄڻ ٻانھن مٿي کڻڻ سان چنڊ تريءَ تي اچي ويندو. ٻڌاءِ نھ، توکي ڪھڙو ڇيھو آھي؟ توکي ڪھڙي خبر، ماڻھو تھ توکي الائي ڪٿان ڪٿان، ڪيئن ڪيئن ڏسندا ھوندا. ڪالھھ تنھنجي پٽيوالي پئي چيو تھ سائين قرآن، وڏي شان مان واري راڄاڻ عورت آھي.“

”ھون تھ ھاڻ تون منھنجي پٽيوالي تائين بھ پھچي وئين.“ ھو اڀامندڙ ڪروڌ پئندي ٿي وڃي.

”اڙي ڀائي، تون تھ اجايو پئي وڦلين، اھو پٽيوالو منھنجو پراڻو يار آھي. تڏھن تو حيدرآباد بھ نھ ڏٺي ھوندي. اسان جي ڏاڍي سٺي ياري آھي، سگريٽ جي ياري.“

”چرس جي نھ؟“

”نھ، الا..... مون کي خبر ناھي تھ ھو چرس بھ پيئندو آھي ڪين نھ. مان بھ عجيب ڀوڪ آھيان. مان تھ پنھنجي سنگت جي ڪا خبر ئي ڪانھ رکان.“

”ھا، ويچارن پٽيوالن جي خبر ڪيئن رکبي. خبر رکبي آھي پنھنجي اسٽئنڊرڊ واري سنگت جي. سچ ٻڌاءِ، گھڻا ڀيرا چرس پيتو اٿئي؟“

”آئون ڀانيان ٿو تھ موجوده امريڪن پريزيڊنٽ کان ٻھ چار ڀيرا وڌيڪ پيتو ھوندم. ھڪ گولي ۾ يوڪلپٽس جي پنن جي ملاوت ھئي. مون کي تھ ذرو مزو نھ آيو. مان ڏاڍي ڪوشش ڪئي. ان کان تھ گولڊ فئلڪ سٺو ھوندو ھو. آھ، ڪيڏو نھ شاندار پيڪٽ ھوندو ھو. بوسڪيءَ جي گيدن مان ڏسڻ ۾ ايندڙ ھيڊو ھيڊو پيڪيٽ. مون تھ ھزارن جي حساب سان ڇڪيا ھوندا گولڊ فلئڪ!...... ھا، مون کي منھنجي ننڍڙي لاڪي جي گرل فرينڊ ڇوڪري سپلاءِ ڪندي ھئي. گروسن جي حساب سان. خبر ٿئي ڇا چوندي ھئي؟“

”ڇا؟!.....“

”آ، سگريٽ مون ۾ لائي، ٿو مني جِدي فلم رو ديو آڻند لاڳي ھي.“ ھو روئڻ جيھو ٿي وڃي ٿو.

”پر تون مون کي ھپي لڳندو آھين.“ ھوءَ اڃا وڌ روسامو ٿي ڪري.

”ريئلي، آئون توکي ھپين جيھو ٿو لڳان. ھپي تھ شاندار ماڻھو ٿيندا آھن، شاھ جيان وستي وستي ووڙيندڙ.“

”ڇا تون ھپي ناھين؟!....“

”نھ.... پر اڄ تون اھڙا سوال ڇو پئي ڪرين؟ تون تھ اھڙيون آڏيون پڇائون پئي ڪرين، جيئن ڇوڪريون شادي ڪرڻ کان اڳ پنھنجي بـواءِ فرينڊ جا سمورا ڳجھھ ڳوھھ لھنديون آھن، گڊ ۽ بئڊ جا.“

”مسٽر، سنڀالي ڳالھاءِ، منھنجي شادي ٿيل آھي.“

”آئون بھ ڪو ڇڙو ڇانڊ نھ آھيان. گھر ۾ جوان ڪي پوڙھي، ڄڄ ٻارن سان مڌوبالا جيھي زال ويٺي آھي. ھينئر ڏکڻ ھير ۾ ننڊون پئي ڪندي ھوندي.“

”۽ تون ھتي ڇا ڪرڻ ايندو آھين؟“

”مان پنھنجي مرضيءَ جو مالڪ آھيان، ٻالاپڻ کان زوراور. ڇو تھ سنڌوءَ ۾ تڙڳي تڙڳي وڏو ٿيو آھيان. اڄ شام جيڪڏھن مون کي ڪٿان سؤ رپيا ملي وڃن ھا تھ ھينئر آئون سنڌوءَ ۾ ونجھھ سان کيڏي رھيو ھجان ھا. ونجھھ ھلائڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو آھي.“ اچانگ ٻئي ڪلھو ڪلھي ڇھاءُ سان بجليءَ جھڙي ڪرنٽ سان ھڪ ٻئي کان وٿيرجي ٿا وڃن.

”تو ائين ڄاڻي ٻجھي ڪيو آھي.“

”نھ، اسين ڳالھائيندي پاڻ مرادي ھڪ ٻئي جي ويجھو اچي ويا ھئاسين. ڳالھائڻ ڪي وڙھڻ ويل ائين ٿيندو آھي.“

”ٿيندو ھوندو.“ ھو وري سڙڪ جي ھن ڪناري سان پنھنجو منھن ڪري چپ چپات سان ھلڻ ٿي لڳي، سوڻل منھن سان ۽ ڪارائي سان نرڙ تان پگھر ٿي اگھي ۽ ڇوڪرو، ڇوڪرو وڏو ڪر موڙي اونھون ساھ ٿو کڻي.

۽ آھي کن پل لاءِ ٻنھي جي وچ ۾ گھٽيندڙ تڙپائيندڙ ماٺار.

”تون ڪيستائين واڪ ڪندين؟“

”تون چوين تھ آئون واڪ ڪرڻ بدران ھن وستيءَ مان واڪ آئوٽ ڪري وڃان سدا لاءِ؟..... چئھ نھ.“

”مان ڇو چوان؟“ وري کن لاءِ ٻئي سانت سان سڙڪ جي ڪنارين سان ھلندا ٿا رھن. ٻنھي جا وڏا وڏا پانچا ھوائن ۾ ڦڙڪاٽ وجھندا ٿا وڃن. رکي رکي ڇوڪري رکائي مان ڳالھائي ٿي:

”مان سڀ سمجھان پئي. مان جادوگراڻين جيان ماڻھوءَ جي اندر جو اکر اکر پڙھي وٺندي آھيان. مان بولڊ عورت آھيان. توکي جو ڪجھھ چوڻو آھي، چئي ڇو نٿو ڏين. يا رڳو مون کي بدنام ڪرڻ لاءِ ايڏا ڪشالا ڪڍيا اٿئي؟ اھا تھ سستي شھرت ٿي. ھا نھ......؟“ ڇوڪريءَ جي ڳالھھ تي ڇوڪري کان ٽھڪ نڪري ٿو وڃي.

”ھوڏانھن بولڊ، ھوڏانھن وري بدناميءَ جو ڀؤ. مان تھ توکي ايڏو ھيڻو ڪڏھن بھ نھ سمجھيو ھو. قرآن، تون اجايو پئي وڦلين. تون رولڊ گولڊ نھ، نسوري ھڏ چم ماھ جي سچي پچي جيئري جاڳندي عورت آھين. جھڙيون قديم يگن جون ديويون ٿينديون ھونديون. جي توکي ڪرشن مھاراج بھ ڏسي ھا تھ پنڊ پھڻ ٿي وڃي. ڪڏھن ڪرشن مھاراج جي مورتيءَ تي غور ڪيو ٿئي؟“

”نو.... نو جينٽلمين، گھڻي تعريف ڪرڻ جي ضرورت ڪانھي. سڀ ڪجھھ اجايو آھي. تون ڀل پاڻ کي ڪرشن سمجھندو ھج.“

”نھ، سڀ ڪجھھ سجايو آھي. رڳو ماڻھو پاڻ اجايو نھ ھجي.“

.ھون، ھا. اھا ڳالھھ تھ تو شانائتي ڪئي آھي.“

”ٿئنڪز..... ٻڌ، ھڪ منٿ ڪريان؟“

”کلي ڳالھاءِ، سي اوپنلي. مون ۾ ٻڌڻ جي سگھھ آھي.“

”تون ھن پاسي کان، منھنجو مطلب آھي، چنڊ واري پاسي کان ھل نھ..... پليز؟......“

”چنڊ واري پاسي کان؟!...... ڇو....... مان نھ سمجھيس.“

”ڏس نھ، ھن پاسي چنڊ آھي. تون سڙڪ جو کاٻو ڪنارو ڏئي ھل ۽ آئون ساڄي. ٻھ فرلانگ تھ رھجي ويا آھن.“

”پر ڇو؟!..... عجيب چريائپ آھي!......“

”سياڻپ آھي. اڄ تو پرفيوم ڏاڍو وڻندڙ لڳايو آھي. چنڊ جي ڌيمي جوت، جھومندڙ وڻ ۽ سڳنڌ. قرآن، آئون ڪجھھ ڪين ڳالھائيندس، نھ حدون اورانگھيندس. بس رڳو محسوس ڪندس تھ چوڏھينءَ چانڊوڻي رات ۾ ڪو پاڇو سرھاڻيون ڦھلائيندو پيو وڃي. ٿي سگھي ٿو، اڄ رات منھنجو پينٽنگ ٺاھڻ جو موڊ جڙي پوي ۽ مان کي ڪٿان سؤ رپيا ملي وڃن. سؤ رپين وڪامندي آھي ھڪ پينٽنگ.“

”مون کي ڪھڙو لاچار پيو آھي.“

”پوءِ اھو ايٽيڪيٽز ۽ مينرز جو جن ڇو؟ ھپي ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا تھ ھلندا ئي ھوائن جي اوڀار آھن، بنان ڪنھن جي چوڻ آکڻ جي، جيئن ايندڙ ويندڙ ٿڪاڻا ٽٽاڻا ماڻھو سندن ديھھ جي سڳنڌ ۾ آس ماڻيندا وڃن. دنيا ۾ وڃي واس ئي تھ رھڻو آھي.“

”او – ڪي“ ھوءَ ڪاوڙ مان سڙڪ جي ھن ڪناري ھلي ٿي وڃي ۽ ھو چنڊ ۾ نھاريندو سڙڪ جي ھن ڪناريءَ، سرھاڻين جي ڪنھن جھوٽي ۾ الوپجندو مگن ھلندو ٿو ھلي.

۽ ٻھ پاڇا چانڊوڻيءَ ۾ ھلندا ٿا وڃن، ھڪ ٻئي کان وٿيرڪا. رٺاڻا، کويل، اٻاٽيل، اجھاڻل ۽ تارا ٽونڪلنگ ڪندا ٿا رھن ۽ وڇوڙي جو موڙ ويجھو پوندو ٿو وڃي. ڳچ پنڌ ھلندي ڇوڪري اچانڪ ٽرن ٿي ڪري.

”تون مون کي روڳي ٿو لڳين، سائيڪولاجي جو مريض. تو منھنجي نائيٽ واڪ ۾ رنڊڪ وڌي آھي. مون کي مٿي ۾ سور پوڻ لڳو آھي.“

”اسين سڀ روڳي آھيون. آئون دل ۾ پيڙ پيو محسوس ڪريان. سڄي انساني سوسائٽي بيمار ۽ روڳي موڳي آھي. تڇ آھي، نفرتن ھاڻي.“

”ڪيئن؟..... ڪجھھ سوچيو بھ اٿئي. تو سڄي انساني سوسائٽي مٿان لفظن جو گند اڇلايو آھي!“

”ھا، مان سوچي سمجھي ڳالھائيندو آھيان. جي سوسائٽيءَ کي يگن کان ايئن ئي ھلڻو آھي تھ آئون اھڙي سوسائٽي مٿان ٿڪيان ٿو. جي منھنجي ھٿ ۾ گند جو کارو ڪڏھن اچي بھ ويو تھ آئون وڏي واڪ اڇلائيندس. آئون بھترين سوپر ليڊر آھيان. تو ڪڏھن ڀنگين جي وڏن وڏن، سيڙھ جي ڪنڊن کان تکن ٻھارن تي سوچيو آھي، جن سان ھو اسان جون سڙڪون، گھر ۽ گند صاف ڪندا آھن؟ ان ٻھاري سان ماڻھو، ماڻھوءَ سان ڇا، افريڪا جي شينھن سان وڙھي سگھي ٿو. انھيءَ کي نچائي سگھي ٿو.“

”اھو ٻھارو وري وچ ۾ ڪٿان اچي ويو؟......“

”ان لاءِ تھ گڊ ھيومن سوسائٽي کي ان ٻھاري جنم ڏنو آھي.“

”تنھنجي خيال ۾ گڊ ھيومن سوسائٽي بھ آھي ڇا؟ جي آھي تھ ڪٿي آھي؟“

”ھر ھنڌ آھي. پاڻ ٻئي گڏ پيا ھلون. ڇا پاڻ سٺيون ڳالھيون نھ پيا ڪندا ھلون. ڇا اھا گھٽ ڳالھھ آھي تھ تو مون لاءِ سرھاڻين جا سڀ در کولي ڇڏيا. مون کي خبر ھئي تھ تون شاندار عورت آھين، تڏھن ئي تھ مون توکي منٿ ڪئي. سچ، اڄ تھ مون کي سپنن ھاڻي ننڊ ايندي. الائي ڪيترن سالن کان مون ڪو سپنو ئي ناھي ڏٺو!.....“ ھو روئڻھارڪو ٿي، گھرو اونھون ساھ ٿو کڻي ۽ ان کان پھريون جو ھو روئي پوي، ھو بيھي ٿو وڃي ۽ ويندڙ ڇوڪريءَ ۾ نھاريندو ٿو رھي. ڇوڪري پوئتي مڙي نٿي نھاري، جيئن نھ نھاريندي آھي ۽ ھو موٽ ٿو کائي. منجھي ٿو وڃي. وري اوچتو ٽرن ڪري چار پنج وکون ڊوڙ پائي رڙ ٿو ڪري:

”ٻڌ تھ، مون کي تنھنجي گھرج آھي، ڏاڍي وڏي گھرج آھي، ڌرتيءَ جي گولي کان وڏي گھرج.“ ماٺار – سيٽجي پنڊ پھڻ ٿي ويل بوتا. برف جيان ڄمي چڪا ٿي ويل نيڻ.

(ٻئي ڄڻ وڏن ڏوجھرن ۾ آھن ۽ پوءِ ھوريان ھوريان ڇوڪريءَ جو چھرو ٽامي جي ڏاٽي جيان ٻرندڙ سواليھ نشان بڻجي ٿو وڃي.)

”تون مون کي گھرجين. ھن پرٿوي تي تون منھنجي سڀ کان وڏي گھرج آھين. ڇا تون اسان جي ڪنھن ڪارج ۾ نٿي اچي سگھين؟“

”ڪھڙي ڪارج؟“ ڇوڪري اڳيانئس چپ ٿيو، بيھجيو وڃي.

”ڏس نھ، پرٿوي سٺن ۽ گندن ماڻھن سان ڀري پئي آھي. يگن کان ھڪڙا ماڻھو جنگيون ۽ فساد کڙا ڪندا اچن ۽ ٻيا ماڻھو پرٿويءَ کي سرڳ بنائڻ لاءِ زھر جا وٽا ڏوگھيندا پيا اچن. ھن ڌرتيءَ کي سرڳ بنائڻ لاءِ تھ ٻالاپڻ جي راند جيھو ڪم آھي. ھيءَ صدي سائنس جي دنيا جي سڀ کان وڌ مھاڀاري صدي آھي. ھن ئي صدي ۾ اسان کي خبر پيئي آھي تھ موت تي قبضو پائڻ ناممڪن ناھي، ڪنھن پر بھ نھ. اٽ از ناٽ اين امپاسيبل مشن ۽ اھڙي سوچ رکندڙ ماڻھن مان آئون بھ ھڪ پتڪڙو ماڻھو آھيان.“

”يو مين، ڪنٽرول آن ڊيٿ از پاسيبل مشن.“

”يس، ويري ويري پاسيبل مشن. ويري ويري ايزي ائنڊ پاسيبل. آءِ نيڊ يو. بڪاز يو آر جينئس، يو ڪانٽ اميجن، وچ ڪائينڊ ليڊي يو آر.“ ھو ڏاڍي سڪ، ڏاڍي آس، ڏاڍي نرماڻ مان ٿو ايلاز ڪريس.

”.....!......!.......“ ۽ ھوءَ ڳاٽ اوچو ڪيو منجھس نھاريندي ٿي رھي.

”ڇا توکي اعتبار نٿو اچي؟ سچ، موت تي قبضو مون لاءِ ھنڊريڊ پرسينٽ شؤر آھي. پر...... پر منھنجو ۽ تنھنجو وري ايئن اتفاق سان ڀاڳين ملڻ بھ ڏاڍو اوکو آھي. مان...... مان تھ ان ڳالھھ لاءِ سپني جي آس بھ نٿو رکي سگھان ۽ سپنا...... سپنا نرواڻڪ ماڻھو پسند ڪندا آھن. مون کي تھ ھر گھڙي ايئن ٿو ڀاسي ڄڻ منھنجي بنواس جي پڄاڻي موت تي قبضي کان پوءِ بھ ڪانھي.“

”او – ڪي، گڊ نائيٽ، ماءِ لؤ ٽو يؤر لٽل ڪڊس، باءِ.“ ۽ ھو ھن ۾ نھارڻ کان سواءِ وڻ مان پن پٽي وات ۾ وجھي، تڪڙو ٽرن ٿو ڪري ۽ وکاريندو سينڍ وڄائيندو ٿو وڃي. نيڻن ۽ چپن ۾ دٻيل مرڪن ساڻ. ۽ چانڊوڻي رات ۾ سرھاڻين سمويل عورت ۽ وڻ ٿڌيرا ساھ کڻندا ٿا رھن.

چار ڏسائون چارئي ڪاريون

آئون ھڪ نعرو آھيان،

جنھن کي ڏاڍ ۽ ڏمر تھ ڇا، موت بھ ختم نٿو ڪري سگھي.

سج لھي ويو آھي. ھو درياھ جو بچاءُ بند ڏيو، مائوزي تنگ جو ڪتاب ڏاڍي موج سان سٿر سان ٺپيندو، ڏاڍي شان سان ھلندو وڃي ۽ وماس جي رات جي ٻاٽ جو گھيرٽ ڦلارجندو ٿو وڃي، ائين ئي جيئن ھن جي ذھن تي مائوزي تنگ جون سدا روشن سٽون:

مون کي موت بھ ختم نھ ٿو ڪري سگھي.....

- ڪيڏي نھ ڪاري ٻاٽ آھي. جڏھن بھ وماس جون اونداھيون ٿرن ۽ برن کي وڪوڙي وينديون آھن تھ روشنيون ڪيترو نھ پري ھونديون آھن؟.......

ھو ڏوجھرا کائيندو، سوچيندو ھلندو ٿو وڃي، مانجھند جي پراڻي سنسان مندر ڏانھن.

اڃا دريا جو بچاءُ بند نئون نئون پيو ٻڌجي. درياھ مٿان مير بحرن جو ٻيڙياتو ڳوٺ آھي. ويچارا ميربحر ڄمن بھ ٻيڙين ۾، مرن بھ ٻيڙين ۾! ۽ باگڙين جا ڇنا ۽ منھن آھن، جي درياھ جي پيٽ ۾ پيدا ٿيندڙ لئي جي لاڪڙ مان کارا ٺاھي پيٽ گذر ڪندا آھن. اھو زميندارن جو مال ٿي ويندو آھي ان ڪري تھ لاڪڙ جا ڌڻي زميندار ھوندا آھن نھ باگڙي. ويچارا باگڙي تھ رڳو ايترو ڄاڻندا آھن تھ لاڪڙ مان ڇا ڇا ٺاھي سگھجي ٿو؟

ويچارا مير بحر بھ سدائين ڊناڻا.

ويچارا باگڙي بھ سدائين ڊناڻا.

درياھ شاھ ۾ ڏينھن ڏٺي بھ بلائون اينديون آھن. وڏيون وڏيون اجگر بلائن کان بھ وڏيون. ڪھاڙين سان، پوليس جي ورديءَ سان، چيلھھ سان ٻڌل ٻن ٻن پستولن سان، ڪي ڦل ماڇيءَ جي روپ ۾ تھ ڪي رئيس گلڻ ڪاڇيءَ جي شڪل ۾. بلائون ڪھڙيون بھ ھجن، بلائون بلائون آھن. پر سڀ کان وڏي ويڌن تھ ھن سان آھي. ھو نئون نئون آھي. مھمان آھي ۽ وڏي مونجھاري ۾ آھي. وڏي ڀوڳنا ڀوڳي رھيو آھي ۽ اڃا دادو ضلعي جو پھريون ڏاڪو آھي ۽ ھو وڏي ذھني پيڙا پيو ڀوڳي:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com