سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: عبرت ڪده

باب: --

صفحو :32

 

مامتا

 

اڄ ھميشھ جي دستور کان بھ وڌيڪ  بيمار تپاسي ڏاڍو ٿڪجي پيو ھوس. تنھنڪري  ٿوري آرام حاصل ڪرڻ لاءِ آفيس ۾ پيل آرام ڪرسي تي ٽنگون ٽيڙي ڊيلي گزيٽ اخبار پڙھڻ لڳس ۽ ٽپائيءَ تي رکيل چانھھ جي ڪوپ مان سرڪي ڀريندو پيئندو ويس. اخبار جا پنا اٿلائيندي اوچتو منھنجي نظر ھڪ اشتھا تي وڃي پئي، ”گم شده  جي تلاش“ جيڪو ماڻھو خبر ڏيندو تنھن کي 500 سئو روپيا انعام ڏنو ويندو. ھڪ نوجوان  جو فوٽو بھ ڏنل ھو. فوٽوءَ جي ھيٺان ان جي قد، شڪل شبيھھ ۽ ڪپڙن جو پورو پور احوال ڏنو ھو، فوٽو اھڙو صاف ۽ چٽو نڪتل ھو جو سڃاڻڻ ۾ دقت ڪانھ ٿي. آئون حيرت ۾ اچي فوٽوءَ کي چتائي ڏسي رھيو ھوس، ڇاڪاڻ تھ فوٽوءَ وارو ماڻھو ٿورا ڏينھن ٿيا جو اسان جي اسپتال ۾ پوليس چريو ڪري داخل ڪري وئي ھئي.

مون يڪدم پنھنجي  اسسٽنٽ کي گھرائي فوٽو ڏيکاريو، جنھن پڻ تصديق ڪئي تھ جيڪو  چريو  تازو داخل ٿيو آھي سو ساڳيو فوٽوءَ وارو آھي، يڪدم مردان جي پتي تي تار ڪئي وئي تھ اشتھار ۾ ڏنل فوٽوءَ وارو ماڻھو اسان وٽ اسپتال ۾ آھي.

ٽن چئن ڏينھن ۾ سندس زال ۽ ھن جا مائٽ پھچي ويا، جن سڃاتو تھ برابر اھو نوجوان آدم خان ئي آھي.

پوليس آدم خان کي رات جو رستن ۽ گھٽين تي بيگناھ وقت تي رلندو ڏسي، پھريائين تھ چور سمجھي شڪ ۾ جھلي ورتو. پر پوءِ ڏٺائون تھ ھو نڪي کائي ٿو نڪي پئي ٿو، نھ ڳالھائي ٿو ۽ سمجھي ٿو. جيڪڏھن ھڪ ھنڌ بيٺو آھي تھ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيٺو آھي ۽ جيڪڏھن ويٺو آھي تھ  ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويٺو آھي، نيٺ جڏھن انھن کي پڪ ٿي تھ ھن ماڻھوءَ جو دماغ سالم نٿو ڏسجي، تڏھن مئجسٽريٽ کي چئي اسان وٽ چڪاس لاءِ ڏياري موڪليائون آدم خان  کي اسان وٽ آئي ڇھھ ڏينھن مس ٿيا ھئا ۽ خبر موڪلڻ تي جيسين ھن جي زال پھچي ئي پھچي تيستائين چڪاس جا ڏھھ ڏينھن پورا ٿي چڪا ھئا، تنھنڪري اسان ھن جو سرٽيفڪيٽ تھ، ”آدم خان جو دماغ سالم نھ آھي“ مئجسٽريٽ وٽ بيمارن سان گڏ ڏياري موڪليو ھو جنھن اسان جي تشخيص تي حڪم نامو ڏياري موڪليو تھ آدم خان کي اسپتال ۾ علاج لاءِ ترسايو جيسن ڪو ھو چڱو ڀلو  ٿئي.

آدم خان اڃا ڪورٽ مان موٽيو ئي ڪين ھو تھ ھن جا ماڻھو مردان کان اچي پھتا ھئا. مون ھنن کي سربستو احوال ڪري ٻڌايو تھ پوليس ڪيئن ھن کي اسپتال کڻي آئي ھئي. مون کين دلداري ڏني تھ اڄڪلھھ بجليءَ جو نئون علاج نڪتو آھي جنھن جي ڪري ڪيترا ماڻھو بلڪل تندرست ٿي ويا آھن. پھريائين ھنن جو خيال ھو تھ آدم خان کي ڳوٺ وٺي وڃن، پر مون ھنن کي سمجھايو تھ سندن ڳوٺ ۾ اھڙي بيمار جي علاج جو ڪو پورو بندوبست ھوندو ئي ڪونھ، تنھن کان سواءِ انھيءَ بيماريءَ جي لاءِ دوائون ملڻ بھ اتي مشڪل آھن. تنھنڪري اسان کي ڪجھھ موقعو ڏين، باقي اگر ھو آدم خان کي وٺي ويندا تھ آئون انھن کي واٽ ڏيکاريندس تھ ڪيئن ھن کي مئجسٽريٽ کان ڇٽائجي. منھنجي ڳالھھ انھن کي وڻي ۽ ارادو ڪيائون تھ ڪجھھ وقت ھن جو علاج ھتي ڪرائڻ لاءِ تيار آھن، نھ تھ ھن کي لاھور جي اسپتال ۾ وٺي ويندا.

انھن جي انھيءَ فيصلي کان پوءِ مون آدم خان بابت سندس بيماريءَ جو سمورو حال احوال وٺڻ شروع ڪيو.

مون ھنن کي ٻڌايو تھ دماغ جي بيمارين جي مريض  ۾ نفسياتي اثر تمام گھڻو ھوندو آھي، تنھنڪري انھيءَ قسم جي سموري معلومات بيمار جي علاج ڪرڻ ۾ ڏاڍي ڪارائتي  ثابت ٿيندي.

ماڻھو ويچار  ناتجربيڪا ھئا، مون کي ڪو سربستو بيان ڏيئي نھ سگھيا. مون کي ئي ڦيرائي  گيرائي سڄو احول انھن مان ڪڍڻو پيو. ساڻن ڳالھائيندي معلوم ٿيو تھ ھنن کي خبر ئي ڪانھ ھئي تھ آدم خان ڪيئن گم ٿيو ڪڏانھن ويو؟

آدم خان، ايوب خان جو پٽ ھو، جو مردان شھر ۾ رھندو ھو ۽ ملٽري جو وڏو ڪنٽريڪٽر  ھو، پيءُ کان پوءِ آدم خان بھ اھوئي ڪم ڪندو ھو جو ملٽري کي کاڌي خوراڪ سان گڏ ٻيو گھريل سامان بھ موجود ڪري ڏيندو ھو.

ايوب خان ملٽري جو ڏاڍو مشھور ڪنٽريڪٽر ھو ۽ گھڻو ڪري وڏا وڏا ملٽري آفيسر نھ رڳو ھن کي پسند ڪندا ھئا، بلڪھ ھن جا بھترين دوست ھئا، ڇاڪاڻ تھ ھو سرڪار سان سچو ۽ وفادار ھوندو ھو.

آدم خان بي، اي پاس ڪيل ھو ۽ پنھنجي پيءُ جو ڪاروبار ھلائيندو ھو. آدم خان ٽينس جو سٺو رانديگر ھو ۽ پشاور يونيورسٽي جي ڪيترن سالن کان چيمپيئن بھ ھو. تنھنڪري ڪيترا ملٽري آفيسر ھن جا دوست ھئا. ۽ ھن سان ٽنيس راند ڪرڻ ڏاڍو پسند ڪندا ھئا.

ايوب خان مرڻ کان اڳي ھڪ نھايت عاليشان ۽ ڪشادو بنگلو مردان ۾ ٺھرايو ھو، جنھن جي اندر ھڪ عمدو ٽينس ڪورٽ بھ ٺھرايو ھيائين، جتي روزانو شام جو ملٽري آفيسر ٽينس راند کيڏڻ ايندا ھئا، مطلب تھ شام جو ايوب خان جو بنگلو باقاعده ھڪ ڪلب جو ڪم ڏيندو ھو، ھر ھفتي ايوب  خان جي بنگلي ۾ وڏيون پارٽيون ڏنيون وينديون ھيون، جنھن جو سڄو انتظام آدم خان ئي ڪندو ھو.

ملٽري آفيسر وٽ آدم خان جي سندس مرحوم پيءُ ايوب خان جي ڪري ڏاڍي عزت ھوندي ھئي ۽ ھر ننڍو وڏو آفيسر  ھن کي ڀائيندو ھو.

اھي ڳالھيون ڏاڍي ھير ڦير ۽ ڊگھي طويل گفتگوءَ کان پوءِ مون انھن ماڻھن مان ڪڍيون، جي حقيقت ۾ منھنجي ڪم جون ن ھيون، پر اڳتي ڪجھھ حالتون  معلوم ڪرڻ جو ھڪ بنياد ثابت ٿيون.

ايتري ۾ آدم خان بھ ڪورٽ مان واپس موٽي آيو ۽ ھن جي مائٽن جي چوڻ تي مون ھن کي پھرين ڪمري ۾ رکيو ۽ في الحال ھنن کي پاڻ ڳالھائڻ جو موقعو ڏنم تھ ڏسان آدم خان تي ان جو ڪھڙو رد عمل ٿو ٿئي. باقي پنھنجي وڌيڪ پڇا ڳاڇا ٻئي ڏينھن تائين ملتوي ڪري ڇڏيم.

منھنجو آدم خان جي بيماريءَ بابت جيڪو خيال ھو سو بلڪل صحيح  نڪتو. اھا شيزوفرنيا جي بيماري ھئي، جنھن ۾ ظاھر آ بيمار تي ٻاھرين ڳالھين جو ڪو اثر نھ ٿيندو آھي، آدم خان تي بھ مائٽن جي اچڻ جو ڪو اثر نھ ٿيو، ھن جي حالت اھڙي ھئي ڄڻ ھو ھنن کي سڃاڻي ئي ڪين. ويچارا ڏاڍو دلگير ٿيا، مون ھن جي زال کي آٿت ڏني تھ ھن بيماريءَ ۾ ائين ٿيندو آھي، کيس دل نھ لاھڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تھ اڃا علاج شروع ئي ڪونھ ٿيو آھي.

ٻئي ڏينھن جڏھن ھو موٽي آيا تھ مون آدم خان  جي زال سان ڳالھيون شروع ڪيون تھ جيئن وڌيڪ ڪجھھ احوال معلوم ڪريان، ساڻس  ڳالھائيندي معلوم ٿيو تھ ھو اصل لاھور جي ويٺل آھي ۽ شاديءَ کان پوءِ مردان اچي وسايو ھيائين، ڏاڍي سلڇڻي زال ھئي ۽ پنھنجي مڙس جو ڏاڍو خيال رکندي ھئي ۽ اھڙو ڪو ڪم نھ ڪندي ھئي جو مڙس ناراض ٿئي.

ڳالھين ڪندي اھو بھ معلوم ڪيم تھ اھو پھريون ڀيرو نھ ھو جو آدم  خان گم ٿي ويو ھو، سندس پھرين گم ٿيڻ جو واقعو  ڏاڍو عجيب و غريب جو ھن جي پيءُ ايوب خان  جي موت جو بھ سبب بڻيو.

آدم خان  پندرھن سالن جو ھو تھ پنھنجي پيءُ سان مردان ۾ رھندو ھو. سندسن ڪٽنب زندگيءَ جا ڏينھن ڏاڍي آرام ۽ خوشيءَ سان پئي گذريا پر ڪنھن کي ھئي تھ مصيبت اھڙي خوشحال ڪٽنب جي تاڙ ۾ آھي، ھن کي اتفاق چئجي يا بدنصيبي. ايوب خان پري پري تائين مشھور ھو تھ ھن ملٽري ٺيڪن مان چڱو ناڻو ڪمايو آھي، تنھن کان سواءِ ڏاڍو ڏاناءُ ۽ ھٿو جو ڇوٽ ھو. غريب ماڻھو ڪڏھن سندس در تان خالي موٽي نھ ويندا ھئا، سرحدي پٺاڻن کي خبر پئي تھ ھنن جو وات پاڻي ٿيڻ لڳو، اڳي ئي اڻپڙھيل ۽ وحشي ھئا ۽  انھن ڏينھن ۾ جڏھن تعليم ايتري نھ ھئي تھ ڇا ڇا نھ ٿيندو ھو، انھن ھڪ منصوبو سٽيو ۽ موقعو ڏسي آدم خان کي کڻي ڀڄي ويا، پٺاڻن جو ٻيو ڪو مطلب ڪونھ ھو سواءِ ھن جي تھ ايوب خان کان چڱا پئسا ملي ويندا.

چوندا آھن تھ مصيبت ايندي آھي تھ ڪڏھن اڪيلي نھ ايندي آھي، ويچاري ايوب خان سان بھ ائين ٿيو، ھن کي پٽ جي ائين ڀڄائي وڃڻ تي ڏاڍي خار لڳي ۽ انھيءَ ڪاوڙ ۾ ھو ڪن انگريز ملٽري آفيسرن سان مليو. آفيسر اڳي ئي ھن جا خير خواه ھئا، تنھنڪري ھن جي ھر طرح مدد ڪرڻ لاءِ ٿي بيٺا. ايوب خان جيتوڻيڪ پٺاڻ ھو ۽ ھو جھڙو فياضيءَ ۾ مشھور ھو، تھڙو  ئي بھادريءَ ۾. نشانھ باز بھ اھڙو ئي ھو. يڪدم بندوق  کڻي ھڪ ننڍي فوجي اٽالي سان پٽ جي تلاش  ۾ نڪري پيو. اھا ايوب خان جي دور انديشي نھ ھئي بڪلھ سخت اپھرائي ھئي ھن کي سرحدي پٺاڻن جي فطرت جي خبر ھئي ۽ کيس اھا بھ خبر ھئي تھ ھو سندس پٽ کي مارين ڪين ھا ۽ اھي ڪن  انگريز آفيسرن جي معمولي جٿي کان ڊڄڻ وارا ھئا. ھن کي کپندو ھو تھ صبر ۽ معاملي سازيءَ کان ڪم وٺي ھا. پر پٽ جي محبت ۽ پيار انھيءَ طرف ھن جي رھنمائي نھ ڪئي ۽ قضا  کي پنھنجو ڪم ڪرڻو ھو سا ڪري وئي.

ايوب خان فوجين سان اڃا جبلن جي پيڃرن ۾ مس پھتو ھو تھ چئو طرف کان فائر شروع ٿي ويا.  فوجين بھ ھمت کان ڪم ورتو ۽ ايوب خان بھ گھٽايو ڪين، پر قضا سان اوچتو ھن کي ھڪ گولي گردن ۾ لڳي جا آرپار  ٿي وئي. ايوب خان اتي ئي ڍير ٿي پيو، انگريز آفيسر ٻي واھ نھ ڏسي لاش کڻي واپس موٽيا.

مردان ويڌن مچي وئي، ھر ھڪ ننڍي وڏي کي ايوب خان جي موت جو ڏاڍو افسوس ٿيو، غريبن جو اوھي واھي ڪونھ رھيو، ايوب خان جي زال تي غم جا بادل ڇانئجي ويا، سڪيلڌي پٽ جي گم ٿيڻ جو صدمو ڇا گھٽ ھو جو مڙس ائين جدائيءَ جو داغ ڏيئي ويو. اھي حادثا اھڙا ھئا جن جو لازمي اثر مائيءَ تي ٿيڻو ھو، وپچاري پنھنجو دماغ وڃائي ويٺي ۽ ڪپڙا ڦاڙي گھر کان ٻاھر نڪري وئي، انھيءَ مضبوط  ارادي سان تھ سرحد پار ڪري وحشي پٺاڻن جي ملڪ ۾ گھڙي پنھنجي  گم ٿيل پٽ کي آزيون نيزايون ڪري واپس وٺي ايندس، پر ھن جي اميد پوري نھ ٿي، ماڳھين ھوءَ بھ گم ٿي وئي. ڏسندي ڏسندي ھڪ بيٺل خاندان جو نالو نشان مٽجي ويو، پٽ، پيءُ  ۽ ماءُ اھڙا گم ٿيا جو دنيا ڏسندي رھجي وئي.

انگريز آفيسرن کان ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ ٻئي پاسي ڏاڍي ڪاوڙ بھ ڪين ھين، نيٺ پنجن سالن جي سانده ڪوششون جاري رکڻ کان پوءِ آدم خان کي پٺاڻن کان ڇڏائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. آدم خان جي موٽي اچڻ کان پوءِ انھن جي ئي ڪوشش سان ئي ھو تعليم حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

آدم خان جڏھن وڏو ٿيو تھ ھ ملٽري کان نھ رڳو  رھيل رقم جي گھر ڪئي، پر پنھنجي پيءُ جي اڳوڻين خدمتن کي ياد ڏياري ملٽري جي ٺيڪي واپس وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، سندس پيءُ جي زماني جا اڃا ڪي آفيسر  موجود ھئا، تنھنڪري آدم خان کي واپس ٺيڪي ملڻ ۾ تڪليف ڪانھ ٿي.

ٺيڪي ملڻ شرط ھن پنھنجي پيءُ وارو طريقو اختيار ڪيو، ننڍي ھوندي حساب ڪتاب رکڻ جا طريقا پيو ڏسندو ھو ۽ تنھنڪري ھن پنھنجي پيءُ جي زماني جا اھي سڀ ماڻھو ڪٺا ڪيا جي ھن سان ڪم ڪندا ھئا. سندس ٺيڪيداريءَ جو ڪم وري ساوئي زور شور سان ھلڻ لڳو جيئن ھن جي پيءُ جي ڏينھن ۾ ھلندو ھو.

ھڪڙي ڏينھن آدم خان جي بنگلي ۾ ٽينس ٽورنامنٽ پوري ٿيڻ کان پوءِ وڏي پارٽي ھئي، گوڙ گھمسان  لڳو پيو ھو، ماڻھو کائڻ پيئڻ ۾ لڳا پيا ھئا. پارٽي ھجڻ جي ڪري بنگلي ۾ اندر اچڻ جو ٻاھريون وڏو دروازو  کليو پيو  ھو، تنھنڪري ڪوبھ بنا روڪ ٽوڪ جي اندر اچي ٿي سگھيو، اھڙو سٺو موقعو ڏسي ھڪ پوڙھي فقيرياڻي بھ ڪجھھ کاڌو حاصل ڪرڻ جي لالچ ۾ اندر گھڙي آئي.

پريان آدم خان بھ دوستن سان گڏ ويٺو ھو، کاڌي پيتي کان فارغ ٿي برج راند ڪرڻ جو ارادو پئي ڪيائون تھ آدم خان جي نظر  ھن پوڙھي فقيرياڻي تي پئي جا اندران بنگلي مان نڪري آئي، آدم خان انھيءَ ڊپ کان تھ متان ڪا چوري نھ ڪئي ھجيس، اٿي ھن وٽ ويو ۽ تمام سخت لھجي ۾ کائنس پڇڻ لڳو: ”اڙي تون ڪير آھين؟ ڇو بنگلي ۾ گھڙين آئي آھين؟ نڪر ٻاھر نالائق! نھ تھ ڪتو بڇائيندوسان.

مائيءَ ليلائي چيس: صاحب آئون غريب مسڪين آھيان ڏاڍو سخت سي پيو پوي، مھرباني ڪري ڪو پراڻو سراڻو ڪوٽ ڏيوم تھ ڍڪي سيءُ دور ڪريان توکي دعائون ڪريان.

آدم خان وڌيڪ ڪاوڙجي چيس، ”ھتي ڪوٽ بوٽ ڪونھي ڀڄي وڃ.“

مائيءَ وري آزيءَ سان چيس: چڱو ڀلا ماني تھ ڏيوم! بکي آھيان! سڀ پيا کائو، مون کي بھ تھ ڏيو! ڏاڍي بک لڳي اٿم.

آدم خان، وڃين ٿي يا ڪتو گھرايان! ايترو چئي سيٽي وڄايائين تھ ڪتو اندران ڊوڙندو آيو، ويچاري پوڙھي غريب وٺي ڀڳي، پر ڪتي وڃي در وٽ ورتس گھاگھريءَ جو ٽڪرو پٽي ورتائينس، نوڪر منھ پھچن ھا، تھ الائي ويچاريءَ سان وڌيڪ ڪھڙي جٺ ٿئي ھا.

آدم خان وڌي وڃي زال وٽ پھتو تھ سماءُ لھان تھ متان مائيءَ ڪا چورينھ ڪئي ھجي، پڇڻ تي زال چيس تھ ”ويچاري غريب مسڪين ھئي کيس سيءُ پئي لڳو تنھنڪري تن ڍڪڻ لاءِ ڪو لٽو پئي گھريائين، پھريائين ارادو ٿيم تھ اوھان جو ھڪ گرم پراڻو ۽ ڦاٽل ڪوٽ پيو ھو سو کيس ڏيئي ڇڏيان پر پوءِ خيال ڪيم تھ ڀل غريب اوھان وٽ اچي اجازت وٺي، تنھنڪري  ھن کي اوھان ڏانھن مون اماڻيو ھو، اڄ ڏسو ٿا تھ ڪيترو نھ سيءُ آھي؟“

زال جي ڳالھھ ٻڌي آدم خان ماٺ ڪئي، پر زالس وڌيڪ چوڻ لڳي:

”مون کي مائيءَ ڏاڍي ڪھل آئي ڇاڪاڻ تھ ويچاري ڏاڍن ڦاٽل ڪپڙن ۾ ھئي ۽ کيس ضرور سيءُ لڳندو ھوندو.“

آدم خان پاڻ بھ رحمدل ھو، زال جي چوڻ جو ھن تي اثر ٿيو ۽ وراڻيائين: ”غريب ھئي تھ پراڻو ڪوٽ کڻي ڏيندس ھا.“

زال چيس: ”اوھان جي موڪل کان سواءِ ائين ڪيئن ٿي ڪري سگھيس. پر ھن ھڪ عجيب ڳالھھ ڪئي تھ ”ڪو وقت ھو تھ ھن بھ چڱا ڏينھن ڏٺا ھئا، ھوءَ بھ اھڙن بنگلن ۾ رھي چڪي آھي مان ڏاڍي حيران ٿيس تنھنڪري کانئس وڌيڪ کوٽي کوٽي پڇڻ لڳس تھ چوڻ لڳي، ”منھنجو مڙس بھ ڪنھن زماني ۾ ملٽري جو ٺيڪيدار ھو، ھن بھ اھڙو ئي بنگلو ٺھرايو ھو پر اسان جي قسمت ڦٽي جو ھڪ ڏينھن منھنجي پٽ کي وحشي پٺاڻ کڻي ويا. منھنجو مڙس ھنن پٺيان پيو تھ پٽ کي واپس وٺي اچي. پر ھنن وحشين ھن کي ماري وڌو. آئون ممتا جي ماريل سر تريءَ تي کڻي ھنن جي ملڪ ۾ گھڙي ويس تھ ڪيئن بھ ڪري پنھنجي سڪيلڌي کي ڳولھي ھٿ ڪندس، پر ھتي پھچي بيمار ٿي پيس. ڪيترا مھينا بيمار پئي ھيس، جڏھن تپ لٿو تھ منھنجو دماغ سالم نھ رھيو. جڏھن ھوش آيو تھ ڪيترا سال گذري چڪا ھئا، زمانو ئي بدلجي چڪو ھو، منھنجي پٽ کي ڀڄائي آڻڻ جي ڳالھھ ڪنھن کي ياد بھ نھ  رھي ھئي، مون سمجھيو تھ انھن جيئن منھنجي مڙس کي ماري وڌو ھو ممڪن آھي تھ منھنجي پٽ کي بھ ماري وڌو ھجين نيٺ پنھنجي وطن ڏانھن وري اچڻ جي ڪري اڪير منھنجي دل ۾ زور ڀريو  ۽ اڄ صبح ويھن سالن کان پوءِ واپس موٽي آئي آھيان، ھتان اچي لنگھيس، رونشو تماشو ڏسي تو وٽ گھڙي آيس، سيءُ بھ ڏاڍو آھي تنھنڪري ڪپڙو گھريم.“

آدم خان اھو ٻڌندي ئي وڏي ويچار ۾ پئجي ويو، ڪيتري دير تائين ٽٻي ۾ ھو، نيٺ جڏھن ساھت ۾ آيو تھ زال کان تڪڙو تڪڙو پڇيائين: ”ڀلا مائيءَ کان سندس نالو پڇيئي؟“ تھ زالس مٿو ڌوڻي نھڪر ڪئي، وري پڇيائين تھ ”مائيءَ پنھنجي پٽ جو نالو ٻڌايو؟“ تھ زالس جواب ڏنو تھ مون کانئس پٽ جو نالو ڪونھ پڇيو.

آدم خان سخت اضطراب جي حالت ۾ ھو ۽ وري زال کي مخاطب ٿي پڇيائين تھ ”ڀلا اھو ٻڌايائين تھ ڪٿي ٿي رھي.“ تھ زالن جواب ڏنو تھ ھن چيو تھ آئون اڄ ئي آئي آھيان، پل ھيٺان وڃي پئجي رھندس! منھنجو ڪو مڙھ مقام ڪونھي!

ايترو ٻڌي آدم خان تڪڙو تڪڙو ٻاھر نڪري ويو، ھن کان پوءِ ھن جي خبر ئي ڪانھ پئي تھ ڪڏاھن ويو.

مون جڏھن اھي ڳالھيون وروڪڙ سان جيئن وڪيل آڏي پڇا ڪندا آھن، آدم خان جي خال ۽ مائٽن مان کوٽي ڪڍيون تھ آرسيءَ وانگر سڄو معاملو صاف نظر اچڻ لڳو تھ فقيرياڻي اصل ۾ آدم خان جي ماءُ ھئي، تنھن ۾ ذور بھ شڪ نھ ھو پر بنگلي مان ماءُ جي ڳولا ۾ جو آدم خان نڪتو ھو تھ پوءِ ڇا ٿيو؟ ڇا اھا فقيرياڻي ھن کي ملي يا نھ؟ يا ھن جي وري گم ٿيڻ تي آدم خان جو دماغي توازن خراب ٿيو ھو يا ڇا ٿيو؟

اھي ڳالھيون اھڙيون ھيون جو آدم خان جي مائٽن کي بھ معلوم ڪين ھيون، نھ رڳو ھنن کي معلوم ڪرڻ جي اڻ تڻ ھئي، پر منھنجي لاءِ بھ ڏاڍي دلچسپيءَ جو باعث ھيون، اھي ڳالھيون  رڳو ھڪ طرح معلوم ٿي سگھيو ٿي  يا تھ آدم خان جي ماءُ کي وري ڳولي ھٿ ڪجي يا خود آدم خان جي بيماريءَ کي دور ڪجي تھ ھو پاڻ ٻڌائي تھ ڇا ٿيو ھو.

مون ھنن کي آٿت ڏيندي ٻڌايو تھ سڀاڻي کان بجلي جو علاج شروع ڪيو ويندو. ھڪ مھيني کان پوءِ آدم خان تندرست ٿي پيو. جنھن کان معلوم ٿيو تھ پل جي ھيٺان سندس  ماءُ مئل لڌي وئي. سندس ٻانھن تي ھڪ نشان ھو، جنھن مان ھن سڃاتو تھ ھوءَ ھن جي ماءُ ھئي. لوڪ لڄا کان ڊڄي ھن کي تڙ تڪڙ ۾ اتي ئي دفن ڪرائي ڇڏيو، جنھن رسم پوري ٿيندي ئي ھن پنھنجو دماغي توازن وڃائي ڇڏيو ۽ کيس خبر ڪانھ پئي تھ ڪڏانھن وڃي رھيو آھي ۽ ڇا ڪري رھيو آھي، تان جو ھوش ۾ ھاڻي آيو آھي.

 

*پورو ٿيو*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com