سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: عبرت ڪده

باب: --

صفحو :31

 

بي گناه

 

گھڻي ڪم ھجڻ سبب منجھند جي ماني گھر کائڻ ڪونھ ويس، پر اسپتال ۾ ئي گھرائي کاڌم، فائلن کي جاچي رھيو ھوس تھ ھڪڙو ڪراچي کان اچي سھڙيو. ھن سان گڏ ھن جو ھڪڙو دوست ھو ۽ ٻي ھڪ ڇوڪري ھئي. ڇوڪري جي شڪل ڏسندي ئي مون سمجھي ورتو تھ ھن جو دماغ سالم نھ آھي. ھيءَ ڇوڪري منھنجي دوست جي ساٿيءَ جي ڀيڻ ھئي جنھن کي اسپتال ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ ٻئي ڪراچيءَ کان آيا ھئا. منھنجي دوست پنھنجي ساٿيءَ کي چيو تھ سندس ڀيڻ بابت مون کي سمورو احوال ڏئي، پر مون اشاري سان کيس منع ڪئي ۽ چيم تھ پھريائين ھن کي تپاسي وٺان پوءِ سڄو احوال وٺندس. ڇوڪريءَ کي چڱي طرح تپاسڻ کان پوءِ مون کي ڪي خاص ڳالھيون منجھس نظر آيون، سندس چھري تي ڀو ۽ ھراس جا آثار تمام گھڻا ھئا! جنھن جو لازمي نتيجو اھو ھو جو کيس ھر ھر پگھر پئي آيا، ۽ ھوءَ پنھنجي رومال سان اگھندي پئي وئي جڏھن کيسن تپاسڻ  لڳس تھ ھو ڏڪڻ لڳي ۽ زور سان پنھنجي ڀاءُ کي سڏڻ لڳي، جو اچي ھن جي ڀر ۾ بيٺو تھ کيس دلجاءِ ٿي. ھن جي نبض ۽ دل ڏاڍي تڪڙي پئي ھلي. دل ٽپا ڏيئي ايتري تھ ڌڪ ڌڪ ڪري رھي ھئي ڄڻ ڪو ڌمڻ ھلي رھيو. نالو پڇيومانس تھ ايترو گھٻرائجي وئي جو مون کي نامو بھ ٻڌائي ڪين سگھي. ڀاءُ  جي پرڀائڻ  تي ايترو آھستي سان چيائين جو مان سمجھي ڪين سگھيس. نيٺ سندس ڀاءُ مون کي ٻڌايو تھ سندس نالو ناھيد آھي. ھن جي رت جو دٻاءُ بھ وڌيل ھو. چھري تي خون کان سواءِ تفڪر ۽ پريشانيءَ جا نشان صاف نظر اچي رھيا ھئا. ھر گھڙي ڊپ کان ھيڏي ھوڏي ڏسي رھي ھئي ۽ پنھنجي ھٿ سان ڀاءُ کي جھليو ويٺي ھئي. سوالن جا جواب مس ٿي ڏنائين ۽ جي ڏنائين بھ ٿي تھ سمجھھ ۾ ڪين ٿي آيا رڳو چپ چرندا نظر  پئي آيا. سندس ڀاءُ ج بيان ٻڌڻ کان اڳي مون اندازو لڳايو تھ سندس حياتيءَ ۾ ڪو اھڙو واقعو ٿي گذريو آھي جنھن کان سندس اعصابن جي حالت نھايت ڪمزور ٿي چڪي آھي،  بلڪھ ٽٽي چڪي آھي، اھڙو ڪھڙو واقعو ٿي گذريو ھوندو جنھن نھ رڳو سندس اعصابي حالت ڪمزور ڪري وڌي آھي، بلڪھ سندس جسم ۾ خوف ۽ ھراس پيدا ڪري ڇڏيو آھي، نھ رڳو اھو بلڪھ سندس ڳالھائڻ ۽ اظھار ڪرڻ جي قوت کي بھ سلب ڪري ڇڏيو آھي. انھن ڳالھين ۽ سوالن مون ۾ بيمار لاءِ ھڪ دلچسپي پيدا ڪري ڇڏي ھئي. مون کي پاڻ اھا اڻ تڻ بيٺي ھئي تھ انھيءَ ڀيد کي جلدي سمجھي وٺان، پر پاگلن جي بيمارين کي سمجھڻ ۽ انھن جي ڀيد  کان واقف ٿيڻ اھڙو سولو ڪم نھ ھو، جيئن عام ماڻھو سمجھندا آھن، مگر مون سندس ڀاءُ کان پڇيو تھ ڇا ناھيد پڙھندي آھي؟ تھ ھن جواب ڏنو تھ، ھائو بي اي ۾ پڙھندي آھي. مون وري سندس علامتن  ڏانھن غرو ڪيو. ڪاليج ۾ پڙھندي آھي تھ عشق سندس راز ٿي نٿو سگھي، ڇاڪاڻ تھ ان حالت ۾ ھن جي چھري تي ھراس ۽ خوف جا آثار ڇو ھئڻ گھرجن.

مان اڃا سوچي رھيو ھوس، ۽ ھن جي سوال جو جواب نھ ڏنم تھ ھو ھيڪر وڌيڪ ڊڄي پڇڻ لڳو: ڊاڪٽر صاحب! ڇا ناھيد جي حالت سخت خراب آھي؟ ڇا ھوءَ چڱي نھ ٿيندي؟

مون ڏٺو تھ ھن کي اھڙي سوال نھ ڪرڻ کپندا ھئا، ۽ نڪو مون کي تشويشناڪ جواب ڏيڻ جي ضرورت ھئي. ڇاڪاڻ تھ اھڙن جواب  کان ناھيد وڌيڪ خوفائتي ٿئي ھا، تنھنڪري تڪڙو جواب  ڏنم تھ: ”نھ نھ اھڙي ڪا ڳالھھ نھ آھي، ناھيد ٺيڪ ٿي ويندي آئون رڳو اھو سوچي رھيو ھوس تھ علاج ڪيئن شروع ڪرڻ گھرجي.“

مون گھنٽي وڄائي پٽيوالي کي ننڍي ڊاڪٽر کي سڏي اچڻ لاءِ چيو. ڊاڪٽر جي اچڻ تيمون ھن کي ھڪ ڪاغذ جي پرزي تي لکي ڏنو تھ سئي تيار ڪري اچي تھ انھيءَ بيمار کي ھڻجي. پنھنجي ڪمري ۾ ڪوچ تي ليٽائي مون ناھيد کي سئي ھنئي ۽ پوءِ پٽيوالي کي چانھھ تيار ڪري کڻي اچڻ لاءِ چيم. جيستائين اڃا چانھھ تيار ٿي اچي تھ ناھيد کي ننڊ اچي وئي، ھن کي ننڊ ۾ ڏسي سندس ڀاءُ چيو: ڏاڍو چڱو ٿيو، ڊاڪٽر صاحب اڄ ڏھھ ڏيھن ٿيا آھن جو ناھيد اک پوري آھي.

مان: دماغي توازن وڃائي کيس گھڻا ڏينھن ٿيا آھن؟

ڀاءُ: ڏھھ ڏينھن.

مان: گھر ۾ ٻي ڪا وڏي عمر جي زال آھي؟

ڀاءُ: نھ ڊاڪٽر صاحب، ناھيد ۽ آئون اڪيلا آھيون.

مان: اھا تھ ڏاڍي ڏکي ڳالھھ ٿي.

ڀاءُ: ڇو ڊاڪٽر صاحب.

مان: ڏٺو ڪونھ تھ ھو اوھان جو ھٿ ڊپ کان جھليو بيٺي ھئي ھتي ھن جو اڪيلو رھڻ ھن جي لاءِ ڏکيو ٿي پوندو، ڇاڪاڻ تھ ھوءَ ڊپ جي مريض آھي، تنھنڪري ڪنھن زال ذات جو ھن سان گڏ رھڻ تمام ضروري آھي، اھڙي زال جنھن ۾ ھن کي ڀروسو ھجي.

ڀاءُ: اسان سان ناھيد جي دائي جنھن ھن کي پالي وڏو ڪيو آھي، سان آئي آھي ۽ ٻاھر بيٺي آھي ھن کي رکڻ جي اجازت ڏيندا تھ آئون کيس ناھيد وٽ ڇڏي ويندس.

مان: اھو تھ ڏاڍو چڱو ٿيو بيشڪ رھڻ ڏبو، ايتري ۾ چانھھ اچي وئي. جمعدار کي گھرائي کيس حڪم ڪيم تھ ناھيد کي ڏليءَ تي رکي مٿي جدا ڪمري ۾ سندس دائيءَ سان گڏ رھڻ جو بندوبست ڪيو وڃي.

ڇا پيئندي مون بيمارجو وڌيڪ احوال سندس ڀاءُ کان ٿورو ٿورو ڪري ڪڍي ورتو. ناھيد جي ڀاءُ جو نالو شوڪت ھو، ٻنھي جا ماءُ پيءُ مري چڪا ھئا، شوڪت ھڪ واپاري ھو، منھنجو دوست جنھن ھن کي آندو ھو، تنھن جو گھاٽي سنگتي  ھو. ڏھ ڏينھن ٿيا جو ھڪ رات جو ٽين  بجي شوڪت پنھنجي ڪمري ۾ ستو پيو ھو تھ ھن ننڊ ۾ ٽي ڪيڪون ٻڌيون. گھٻرائجي سڄاڳ ٿي پيو ۽ ڊوڙندو ناھيد جي ڪمري ۾ ويو، پر ڪمري ۾ نڪا ناھيد ھئي نڪا دائي. موٽي ڊرائنگ روم ۾ ويو، ڊرائنگ روم ۾ ڏسي تھ دائي ناھيد کان ڪجھھ پڇي رھي آھي.

دائي: منھنجي مٺي ڇا ٿيو؟ تون ھتي ڪيئن آئينءَ؟

شوڪت: دائي ڇا آھي؟ ھي ڪيڪون  ڪنھن جون ھيون؟

دائي: مون بھ ڊرائنگ روم مان جڏھن پھرين ڪيڪ ٻڌي تھ منھنجي اک کلي وئي تھ ڏسان تھ ناھيد پلنگ تي آھي ئي ڪونھ، ڊوڙندي ڊرائنگ روم ڏانھن ويس تھ ھڪ ٻئي پٺيان ٻ ٻيون ڪيڪون ٻڌم، اندر گھڙي ويس تھ ڏسان تھ ناھيد ڀت سان پٺي ڏيئي بيٺي آھي، اکيون نڪتيون پيون اٿس، ۽ خوف ھراس کان پئي ڏڪي. جواب ئي نھ پئي ڏئي تھ اوھين بھ اچي سھڙيا آھيو.

شوڪت ڀيڻ کان گھڻو ئي پڇڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ھوءَ ڪڇي جھڙي ڀت! ھن جون اکيون کليون پيون ھيون، ڊپ کان پئي ڏڪي ۽ رکي رکي ڪيڪون  پئي ڪيائين ڪن جو چوڻ ھو تھ مٿس ڀوت پرين جو سايو پيو آھي.

پھريائين تھ شوڪت انھيءَ ڳالھھ  جي پرواھ نھ ئي نھ ڪئي پر نيٺ مولوي صاحبان آيا تعويذ منڊ جھاڙ ڦوڪ سڀ ڪيائون، پر وريو ڪجھھ ڪين. ٽن ڏينھن کان پوءِ رڙيون تھ بند ڪيائين، پر حالت اھائي رھي. ڊاڪٽرن رايو ڏنو تھ دماغ تي اثر ٿيو اٿس، سو منھنجي دوست شفيع محمد سان ڳالھھ ڪيائين، جنھن حيدرآباد اچڻ جي صلاح ڏني.

ناھيد کي ٻن مھينن کان مٿي عرصو اسپتال ۾ گذري ويو ھو پر ھن جو دماغي توازن اڃا ٺيڪ نھ ٿيو ھو، فقط ايترو سو ٿيو جو خوف ھراس جا اھي آثار ھاڻي سندس چھري تي  نھ ھئا، پر سوال جو ڪو جواب نٿي ڏنائين. گھٻراھٽ ۽ بيچيني اھا نھ ھئس جھڙي داخل ٿيڻ وقت ھئي، ماني ٽڪي گھڻي سمجھائڻ تي کائيندي ھئي ۽ ننڊ بھ اڳي کان چڱي ڪندي ھئي، سندس ڀاءُ آچر آچر تي اچي کيس ڏسي ويندو ھو، فائدو نظر پي آيو پر تمام ھوريان ھوريان پئي ٿيو ٻئي، ٽئين ڏينھن کيس گھرائي تپاسيندو ھوس، گھڻا  ئي ابتا آڏا سوال ڪندو ھوس تھ من ڪو رد عمل نظر اچي، پر اڃا تائين ڪاميابي نظر ڪين ٿي آئي، ٽيون مھينو بھ خير سان گذري چڪو ھو ۽ آئون بھ دل شڪستو ٿيڻ لڳو ھوس، حيلا وسيلا گھڻا ئي ڪيم، پا ڪاميابي جواب ڏيئي بيٺي ھئي، افسوس ھن ڳالھھ جو ھو تھ متان ناھيد جي بيماري جو جيڪو راز ھو سو راز ئي رھجي وڃي، انھيءَ قسم جي ڪيسن تي آئون خاص توجھ سان محنت ڪندو ھوس، پر اڃا تائين منھنجي محنت جو ڦل نھ پڪو ھو.

ھڪڙي ڏينھن  ھميشھ جي معمول مطابق ناھيد کي گھرائي تپاس ڪري ڪجھھ سوال ڪري رھيو ھوس، پر مايوسي کان سواءِ ڪجھھ حاصل نھ ٿيو، ايتري ۾ پٽيوالي اخبار آڻي منھنجي ميز تي رکي، پر ھن جي سبتو پاسي ڏاھن ناھيد نھاري رھي آھي ۽ ھن جي پيشاني تي گھنج اچي ويا ھئا، ۽ ڏاڍي چنتا سان مضمون پڙھي رھي ھئي، مون سوچيو متان منھنجي چتائي ڏسڻ جي ڪري شڪي ٿئي. مون فائل ڏسڻ شروع ڪري ڏنا، ھڪ ٻھ ڀيرا مون ڏانھن نھاريائين بھ پر مون کي فائل جي ورق گرداني ۾ مصروف  ڏني تڪڙو تڪڙو مضمون پڙھڻ لڳي. اھا ڳالھھ اھڙي ھئي جنھن کان  آئون ڏاڍو خوش ٿيس، ڇاڪاڻ تھ اخبار ۾ ڪا ڳالھھ اھڙي ھئي جنھن سندس ڌيان ڇڪايو ھو ۽ ھن جو رد عمل بھ سندس شڪل مان پئي بکيو. ڀانيان ٿو تھ اھو اخباري مضمون ناھيد سڄو پڙھي ورتو ھو ۽ سندس شڪل زرد ٿي وئي ھئي، مون ڏانھن نھاري زور سان رڙ ڪري منھنجي سامھون زمين تي ڪري پئي ۽ بيھوش ٿي وئي ٻاھران پٽيوالو ڊوڙندو آيو، مون کيس ننڍي ڊاڪٽر ۽ ناھيد جي دائيءَ کي سڏي اچڻ لاءِ چيو. ۽ سندس نبض تپاسڻ لڳس، نبض ڏسڻ سان مون کي اطمينان ٿيو. ننڍي ڊاڪٽر ۽ دائيءَ جي مدد سان ناھيد کي سندس ڪمري ۾ کڻائي ويس ۽ کيس تاڪيد ڪيم تھ ھوش ۾ اچي تھ مون کي يڪدم خبر ڏئي، ھيٺ اچي يڪدم سندس ڀاءُ شوڪت کي ڪراچي ٽيليفون جي ذريعي اطلاع ڏنم تھ فورا حيدرآباد ھليو اچي. اھو ڪم ڪري مان اخبار ھٿ ۾ کڻي ڏسڻ لڳس تھ اھو ڪھڙو مضمون ھو جنھن جو اثر ناھيد تي پيو ھو. اخبار  جي صفحي تي گھڻا ئي مضمون  ٿلھي سرخيءَ سان ھئا، جن مان ھڪ مضمون منھنجو ڌيان ڇڪايو. ٿلھن اکرن ۾ لکيل ھو تھ مشن روڊ  تي جيڪو خون رات جو 3 بجي  ٿيل ھو تنھن جي قاتل ھڪ ڇوڪريءَ کي پوليس ڏاڍي جانفشانيءَ ۽ چالاڪيءَ سان ھٿ ڪيو آھي ۽ ان جا رت ڀريل ڪپڙا بھ پوليس کي ھٿ آيا ھئا، اھو ھلي پورو ٿيو آھي ۽ جيڪي بيان ڪورٽ ۾ ھليا آھن، تن مان ثابت آھي تھ انھيءَ ڇوڪريءَ خود قبول ڪيو آھي تھ چاقو ھن ھنيو ھو. جج فتويٰ ملتوي  ڪئي آھي، ڏسجي تھ فيصلو ڪھڙو ٿو ٿئي. پوليس جي حلقن ۾ خوشي ڏيکاري پئي وڃي تھ انھيءَ ڪيس پوليس جي ڪارڪردگيءَ کي بھترين نموني ۾ پيش ڪيو آھي.

انھيءَ مضمون ۾ ھڪ ڳالھھ منھنجو ڌيان ڇڪايو تھ خون رات جو ٽين بجي ٿيو ھو ۽ ناھيد جون رڙيون بھ دائي ۽ شوڪت قريبا ٽين بجي ٻڌيون ھيون، وري انھيءَ مضمون ناھيد تي ڇو اثر ڪيو جو ھوءَ رڙ ڪري بيھوش ٿي وئي، نڄاڻ تھ ڀيد انھيءَ مضمون ۾ ئي لڪيل ھجي. اٽڪل اڍائي بجي شوڪت منھنجي دوست سان گڏجي اسپتال پھچي ويو، ڀيڻ کي ڏسي ڏاڍو ملول ٿيو ۽ گھٻرائجي مون کان  پڇڻ  لڳ، ”ڊاڪٽر صاحب! ھاڻي ڇا  ٿيندو.

مون کيس دلداري ڏيندي چيو تھ، ڊپ جي ڳالھھ آھي ئي ڪانھ! بلڪھ مون کي اميد آھي تھ چڱو نتيجو  نڪرندو، ڇاڪاڻ تھ جنھن صدمي کان ڪنھن جو دماغي توازن خراب ٿي پوندو آھي تھ وري اھڙي  ئي نموني جي ٻئي صدمي کان اھو توازن پنھنجي  اصلي حالت تي اچي ويندو آھي. مون کي اميد آھي تھ جڏھن ناھيد ھوش ۾ ايندي تھ خدا ڪندو تھ سالم دماغ ھوندي. ھاڻي ھيٺ ھلو ٻھ ٽي ڳالھيون اوھان کان پڇڻيون آھن.

اسان ھيٺ لھي آياسين، ڏٺم تھ شوڪت ڏاڍو پريشان ھو، منھنجي دوست کيس دلداري ڏيندي چيو، شوڪت! ڊاڪٽر جو چوڻ سچ ٿو معلوم ٿئي، مون ڪيترا اھڙا حادثا ٻڌا ۽ ڏٺا بھ آھن تھ ھڪ صدمي کان دماغ خراب ٿيو آھي تھ ٻئي صدمي کان درست ٿي ويو آھي. توکي فھيم جي موٽر جي حادثي جي خود خبر آھي تھ ڪيئن نھن ھن جو دماغ خراب ٿي ويو ھو ۽ ٻن سالن کان پوءِ جڏھن پير  ترڪڻ سبب ڏاڪڻ تان ڪريو ھو تھ بيھوش ٿيڻ کان پوءِ دماغ سالم ٿي ويو ھوس، ٻيو تھ پھرين صدمي ۾ حافظو بھ وڃائي ويٺو ھو جو ٻئي صدمي ۾ واپس  اچي ويو ھو.

مون شوڪت کان پڇيو تھ سندن گھر ڪھڙي رستي تي آھي؟ ھو مون کي ڏسي  تعجب ۾ چوڻ لڳو: ڊاڪٽر صاحب! مون پنھنجو پورو پتو اوھان کي لکائي ڇڏيو ھو ۽ تازو اوھان مون کي فون تي بھ ناھيد جي بيھوش ٿيڻ جي خبر ڏني ھئي.

مان: ڇا اوھان جو گھر ۽ ڪاروبار ساڳئي ھنڌ آھي؟

شوڪت: نھ گھر جدا اٿم ۽ ڌنڌو ٻئي ھنڌ.

مان: اھوئي تھ مان بھ پڇي رھيو آھيان پتو جيڪو اوھان لکي آھي سو ڌنڌي واري ھنڌ جو آھي نھ گھر جو.

شوڪت: ھا برابر، منھنجو گھر مشن روڊ تي آھي.

مان: ڀلا ڪجھھ مھينا اڳ ھتي ڪو خون ٿيو ھو؟

شوڪت: ھا! پر ھن جو ناھيد سان ڪھڙو واسطو؟

مون ميز تان اخبار کڻندي کيس اھو مضمون پڙھڻ لاءِ چيو، ھن مضمون پڙھي چيو، اھو ٺيڪ آھي پر آئون وري ٿو پڇان تھ، ڊاڪٽر صاحب! غريب ناھيد جو انھيءَ خون سان ڪھڙو لاڳاپو آھي؟

مان: ناھيد جو انھيءَ خون سان واسطو آھي.

شوڪت: (وائڙو ٿيندي) ڊاڪٽر صاحب، اوھين ڇا چئي رھيا آھيو؟ صاف صاف ٻڌايو آئون اھي پروليون اوھان جون سمجھي نٿو سگھان.

مان: شوڪت اڄ صبح جو جڏھن آئون ناھيد کي تپاسي رھيو ھوس تھ پٽيوالي اخبار ميز تي آڻي رکي، ناھيد جي نظر انھيءَ مضمون جي سرخيءَ تي پئي ۽ ھوءَ اھو مضمون پڙھي رڙ  ڪري بيھوش ٿي وئي. تنھن جي ڪري مون کي شڪ پيو تھ انھيءَ خون سان ضرور ناھيد جو واسطو آھي، نھ تھ بيھوش ٿيڻ جو ڪو سبب ئي نھ ھو.

شوڪت: ڀلا ڊاڪٽر صاحب، اوھان ئي کڻي ٻڌايو تھ ناھيد جو انھيءَ خون سان ڪھڙو واسطو ھوندو؟

مان: اھائي ڳالھھ آھي جو آئون خود بھ نٿو ڄاڻان تھ اوھان کي ڇا ٻڌائي سگھندس.

ايتري ۾ جمعدارڻ ڊوڙندي آئي ۽ چوڻ لڳي تھ ناھيد ھوش ۾ پئي اچي، اسين سڀئي تڪڙا تڪڙا مٿي سندس ڪمري ۾ پھچي وياسين، ناھيد ڀاسا ورائي رھي ھئي ۽ اکيون مچڪائي رھي ھئي، ٿوري دير کان پوءِ ھن اکيون پٽيون ۽ حيران ٿي اسان ڏانھن ڏسڻ لڳي ۽ پنھنجي ڀاءُ تي نظر پوندي ئي چوڻ لڳي: ”ادا! ھيءَ ڪھڙي جڳھھ آھي؟ آئون ڪٿي آھيان؟“ پوءِ يڪدم اٿي ويٺي ۽ چوڻ لڳي: ”ھي سڀ ڪير آھن؟“

شوڪت ڀيڻ جي پاسي ۾ ويھندي کيس ڳراٽڙي پائيندي چيو:

منھنجي مٺڙي! تون بيمار ٿي پئي ھئينءَ ھي اسپتال......

اتي مون اک جي اشاري سان کيس منع ڪئي.

مان: ناھيد ھاڻي تون ٺيڪ ٿي وئي آھين پر توکي ڇا ٿيو ھو سو تون ئي ٻڌاءِ! تو رات جو ڇو رڙ پئي ڪئي؟”

ناھيد: ھا! برابر ھاڻي مون کي ياد ٿو اچي، اوھين سڀ ويھو تھ اوھان کي سموري ڳالھھ ڪري ٻڌايان!

من ڪرسيون گھرايون ۽ سڀئي اطمينان سان ويھي ناھيد جو بيان ٻڌڻ لڳاسون.

ناھيد چوڻ لڳي: جنھن رات آئون ذڪر ٿي ڪريان انھيءَ رات ڏاڍي گرمي ھئي، ھوا صفا بند ھئي ۽ منھنجو ساھھ پئي گھٽيو، اکيون ننڊ مان کلي پيون ۽ آئون  گھٻرائجي اٿي ويٺس، خيال  ڪيم تھ ڊرائنگ روم ۾ وڃي گيلري  وارو دروازو کولي ٿوري دير اتي ويھان تھ من ڪا ھوا لڳي ۽ طبيعت کي آرام ۽ فرحت اچي، دروازو  کولي ڪٽھڙي وٽ ڪرسي وجھي ويھي رھيس تھ ٿڌي ٿڌي ھير بھ گلڻ لڳي ۽ طبيعت کي ڪجھھ فرحت اچڻ لڳي، اڳيان مشن روڊ پري تائين ھليو پئي ويو، اونداھي رات ھئي ۽ سناٽو ڇانيو پيو ھو، جڏھن ڪٽھڙي وٽ ڪرسي  رکي ويٺس تھ ڊرائنگ روم واري گھڙيال بھ اڍائي وڄايا. رستي تي خاموشي ھئي، بجلي جي تنڀن ۾ لڳل بلبن مان جھڪي روشني نڪري رھي ھئي، ڏھھ  پنڌرھن منٽ مس ويٺي گذريا ھوندا تھ پري کان رستي تي ٻھ پاڇا ايندا نظر آيا،  شايد ٻھ ڄڻا اچي رھيا ھئا، مان ڪٽھڙي جي لوھي سيخن ۾ گھڪي ٿي ويھي رھيس تھ متان انھن ايندڙ ماڻھن جي رات جي وقت ڪنھن ڇوڪريءَ تي نظر پوي تھ اڪيلي ويٺي آھي، ڪٽھڙي جي سامھون بجليءَ جي ٿنڀي وٽ جڏھن اھي ٻھ ڄڻا پھتا تھ مون بجلي جي روشني ۾ ڏٺو تھ انھن مان ھڪ جوان ڇوڪري ھئي، ۽ ٻيو جوان ڇوڪرو. ٻئي ڄڻا انھيءَ ٿنڀي وٽ جيڪو ڪٽھڙي جي سامھون ھو، اچي رڪجي ويا، ڇوڪريءَ جي عمر اٽڪل ارڙھن ورھين جي ھئي، ڪنن ۾ سونيون واليون پيون ھيس ۽ نڪ ۾ ڦلي پئي ھيس، جنھن ۾ ٻڙو جڙيل ھو جو بجليءَ جي روشنيءَ ۾ چلڪا ڏيئي رھيو ھو، شلوار ۽ اڇو ڊگھو چولو پاتل ھوس ۽ مٿي تي اڇي  اوڍڻي پيل ھئس، پيرن ۾ سونھري چمپل پيل ھئا، جي پڻ روشنيءَ ۾ چمڪي رھيا ھئا، ۽ سندس سھڻي شڪل مان معصوميت بکي رھي ھئي. ڇوڪري کي ڪاليجي ڇوڪرن وانگر پتلون، ڪارو بوٽ ۽ بشرت  پيل ھئا، مٿو اگھاڙو ھوس ۽ نھايت سھڻو  ھو پر ھن جي چھري مان شرارت ۽ آوارگي نظر اچي رھي ھئي. ڇوڪري پنھنجي ھڪ ھٿ سان ڇوڪريءَ جي ٻانھن سختيءَ سان جھلي ھئي، ھن نوجوان نينگريءَ کي سخت آواز ۾ چيو: ”منھنجو چوڻ نھ ۾مڃيندينءَ؟“

ھن جي انھيءَ چوڻ تي ڇوڪريءَ جو گول مول چھرو اڇو ٿي ويو، منھنجي اکين ۾ ھن جي اھا حالت اڃا تائين ڦري رھي آھي.

ڇوڪريءَ جواب ڏنو: ”ڏس..... مون کي وڃڻ ڏي...... مڃي وڃ.... ڏاھو ٿي.....“

ڇوڪريءَ جي آواز ۾ ڄڻ ٿڪ محسوس  پئي ٿيو ۽ خوف ھو ۽ ائين پئي معلوم ٿيو ڄڻ ھو انھن فقرن کي ورجائيندي ٿڪجي پئي ھئي ۽ ڊپ ھوس تھ وري انھن لفظن کي چوندي ساڻس الائي ڪھڙي ويڌن ٿئي.

نوجوان ڏند ڪرٽيندي وراڻيو: ڪين مڃيندينءَ؟ ھا! ڏس ضد نھ ڪر! ڇو چري ٿي آھين!

ڇوڪري روئڻ ھارڪي آواز ۾ چيو: ”منھنجو پيءُ ڇا چوندو!“

ڄڻ تھ اھي لفظ ھوءَ نوجوان کي ڪين چئي رھي ھئي، بلڪھ پنھنجي دل کي مخاطب ٿي پئي چيائين.

نوجوان: (ٿورو ترشيءَ سان) وساري ڇڏيئي پنھنجو وعدو؟

ڇوڪري: نھ! پر تون ٿورو ويچار تھ ڪر! جيڪڏھن مان اھو ڪري ويھان جيڪو تون گھرين ٿو تھ مان ڪٿي جي بھ رھندس.

نوجوان: (نھايت ڪاوڙ ۾) انھيءَ ڪري تون گھر مان ڀڄي نڪتي آھين!

ڇوڪري: تون ٻڌاءِ تھ اھڙي حالت ۾ ڀلا مان ڇا ڪريان ھا؟

نوجوان ڪاوڙ ۾ بشرت جون ٻانھون کنجيندي چيو ”ھاڻي ٿو توکي ڏيکاريان تھ تون ڪھڙي گھر جي رھندينءَ!“

ڇوڪري نوجوان جي انھيءَ چوڻ تي ڇرڪي حيرت سان ھن جو منھن تڪڻ لڳي، ۽ ھن جي ارادي کي سمجھندي منھن تي خوف آڻڻ جي بدران  ھن جي نرڙ تي گمنڊ اچي ويو.

نوجوان اڃا تيار ٿي ڪجھھ ڪري ئي ڪري تھ ھوءَ بھ شوخ شينھن وانگر تيار ٿي وئي. نوجوان زور سان ھن جي ڪارائي جھلي ورتي ۽ پوري طاقت سان ھن کي زوردار جھٽڪو ڏنو، ڇوڪريءَ کي تڪليف تھ پھتي پر ھن گجندي چيس: پري ٿي بدمعاش! ھاڻي مون کي خبر پئي تون رڳو ڪوڙي محبت ڪندو ھئين! تنھنجي  من ۾ گند ڀريل ھو. مون کي ڌوڪو ڏيئي منھنجي آبرو برباد ڪرڻ ٿي گھريئي ۽ مون کي فريب ڏيئي گھران ڪڍي آيون آھين، جي پنھنجو خير گھرين ٿو تھ ماٺ ميٺ ۾ مون کي گھر پھچائي اچ، نھ تھ اجھو ٿي شور ڪريان، پرواه نھ آھي منھنجي بي عزتي ٿيندي، پر توکي ضرور جيل جي ھوا کارائيندس.

نوجوان پتلون جي کيسي مان ڦڙتيءَ سان چاقو ڪڍي ورتو ۽ چيائين: ”ڏسين ٿي اھو.“

ڇوڪري چاقوءَ کي ڏسندي  پھرين ٿورو ڊني ۽ ڏڪي وئي ۽ پٺتي ٻھ قدم ھٽي وئي.

بجليءَ جي روشنيءَ ۾ ھڪ پاسي چاقو چمڪي رھيو ھو تھ بئي پاسي نوجوان جي مشڪندڙ چپن مان اڇا ڏند جھلڪون ڏيئي رھيا ھئا، نوجوان جو چھرو جلاد جي چھري جيان بي اثر ھو، ڏٺم تھ ڇوڪريءَ جي چھري جو خوف اڏامي ويو ھو پر ھن جي جڳھھ تي سندس خوبصورت چھري تي ڪاوڙ جي ڳاڙھاڻ نظر اچي رھي ھئي.

نوجوان غضبناڪ ٿي ڇوڪريءَ جي طرف نھاريو ۽ چيو: ”مون  کي ٿي ڊيڄارين! چپ ڪر! ھاڻي ٿو مزو چکايانءِ!

ڏاڍو خوفناڪ نظارو ھو، منھنجو سڄو بدن ڏڪي رھيو ھو.

ڇوڪريءَ گنڀير ٿي چيو: ”يا خدا! ھي منھنجي بيوقوفي ۽ ڪرڻيءَ جو ڦل آھي، مون کي ھن پاپيءَ  کان بچاءِ. ھن جي ڪوڙي محبت تي ڀروسو نھ ڪريان ھا تھ اڄ ھي ڏينھن ڏسڻو  نھ پوي ھا!

نوجوان: (کلندي) ھاڻي ٿي خدا کي ياد ڪرين؟ وقت ويو لنگھي.

ايتري ۾ ڏٺم تھ ڇوڪريءَ پنھنجي ڇاتي کوليندي چيو: چڱو پاپي اچ! اچ! وٺ ماري وجھھ! اچ!

ڇوڪريءَ جو آواز ڏاڍو ڀيانڪ ھو، آئون حيرت ۾ تماشو ڏسي رھي ھيس ۽ منھنجا ويچار پرواز ڪري رھيا ھئا تھ نيڪيءَ جا فرشتا ڪٿي آھن، مظلوم کي بچائڻ واريون طاقتو ڪٿي آھن! دنيا ستي پئي آھي ۽ ھڪ بيڪس نينگريءَ کي ھڪ بدمعاش چاقو ھڻڻ جي ڪوشش ۾ آھي. سڙڪ سنسان ھئي، خاموشي اھڙي ڇانيل ھئي جو دم پئي گھٽيو، سڄي دنيا خواب جا مزا لٽي رھي ھئي، رڳو ٽي ڄڻا بيدار ھئا، ظالم مظلوم ۽ ھڪ بيڪس ڏسڻ واري! ڇوڪري پنھنجي پر اضطراب گفتگوءَ جي پڇاڙي تائين لفظ  چوندي پنھنجو سڄو سينو کولي ڇڏيو ۽ نوجوان جي طرف وڌندي وئي.

ڇوڪري چيو، اچ نھ! ماري ڇڏ! سيني ۾ اھو چاقو وھائي ڪڍ تھ زندگي کان ڇوٽڪارو ملي وڃي!

نوجوان، ڇوڪريءَ جي انھيءَ ھمت کان وائڙو ٿي ويو، ھن جو چاقوءَ وارو ھٿ ڍرو ٿي ويو، ڇوڪري ھاڻي نوجوان جي ويجھو اچي چڪي ھئي. نوجوان حيرت ۾ خاموش بيٺو رھيو، ڇوڪري، ھاڻي شينھڻ وانگر نوجوان جي چاقوءَ واري ھٿ تي پنھنجي ھٿ زور سان وھائي  ڇڏيو، چاقو نوجوان جي ھٿ مان نڪري پري وڃي ڪريو. اتي نوجوان سجاڳ ٿيو ۽ ڇوڪريءَ کي وري ٻانھن کان جھليائين ۽ ھيٺ ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪيائين. ڪشمڪش  شروع ٿي وئي ھئي، ڏسڻ ۾ ڇوڪري ڪمزور نظر پئي آئي، پر ھتي معاملو ئي  حياتي ۽ موت جو ھو پر مرد نيٺ مرد آھي، ھن ڇوڪريءَ کي دسي وڌو ۽ مٿس چڙھي ويٺو ۽ ٻنھي ھٿن سان گھوگھو ڏيڻ  جي ڪوشش ڪيائين. بيڪس جي حالت ۾ ھيٺ ڇوڪري ۽ مٿان نوجوان! پر ڇوڪري زمين تي ھٿ وڙايون ھنيون چاقو سندس ھٿ ۾ اچي ويو. ڏائي ھٿ سان ڇوڪريءَ زور سان نوجوان جي گھوگھي ڏيندڙ ڏائي ھت تي جھٽڪو ڏنو. نوجوان جو ھٿ ڍرو ٿي ويو ۽ ڇوڪريءَ کي موقعو ملي ويو. بس ھن زور سان چاقو نوجوان جي گردن ۾ پيوست  ڪري ڇڏيو، نوجوان جي وات مان ھڪ ھلڪي ڪيڪ نڪتي ۽ اتي  ئي ڇوڪريءَ تي ڪري پيو. رت جي ڌار ھن جي گردن مان نڪتي ۽ ڇوڪريءَ جي ڪپڙن  کي جي اڇا ھئا ڳاڙھو  ڪري وئي. ڇوڪري نوجوان کي ڌڪي اٿي بيٺي. سڙڪ تي ساڳي خاموشي ھئي، ھيڏانھن ھوڏانھن  ڏسي ڇوڪري ماٺ ڪري ھڪ پاسي ڀڄندي ھلي وئي.

ھي سڄو نظارو ڏسي مون کي ڀئو وٺي ويو ۽ آئون ٽپ ڏيئي ڪرسيءَ تان اٿي اندر ڊرائن روم ۾ اچي ڀت سان لڳي بيھي رھيس، ۽ منھنجي وات مان ڪيڪون نڪتيون، مون کي خبر نھ آھي تھ ڪيتريون، ڇاڪاڻ تھ انھيءَ نظاري ڏسڻ کان پوءِ مون کي خبر ئي نھ رھي تھ آئون ڇا ڪري رھي ھيس، تان جو ھينئر اکي کلي اٿم!

ڇوڪريءَ جو بيان ٻڌي  اسان سڀني کي حيرت وٺي وئي، شوڪت چيو: ”ڊاڪٽر صاحب اوھان جو چوڻ سچ نڪتو.“

مون ھن کي مضمون جو خون بابت ھو پڙھڻ لاءِ چيو، مضمون پڙھڻ کان پوءِ مون کانئس پڇيو تھ انھيءَ مضمون  جي کيس خبر آھي؟

چيائين تھ ڊاڪٽر صاحب، اھو مضمون  ھينئر منھنجي نظر مان گذريو آھي، غضب ٿي ويندو جيڪڏھن جج صاحب ڇوڪريءَ  جي برخلاف فيصلو ڏيندو، ڇاڪاڻ تھ مون جيڪي ڪي اوھان کي ھينئر ٻڌايو سو لفظ بھ لفظ  سچو آھي، ھاڻي ڇا ٿيندو؟

مون کيس آٿت ڏيندي ٻڌايو تھ ھرو ڀرو ائين نھ آھي،  ضرور  انصاف  ٿيندو  توکي ۽ تنھنجي ڀاءُ کي ھڪ درخواست ڪري جج کي سموري ڳالھھ ٻڌائڻ گھرجي.

انھيءَ تي شوڪت  چيو تھ ڊاڪٽر صاحب، ضرور ائين ٿيندو، اسين ڪڏھن بي انصافي  ٿيڻ نھ ڏينداسين ضرورت پئي تھ توھان کي بھ شاھديءَ لاءِ گھرائڻو پوندو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com