سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: عبرت ڪده

باب: --

صفحو :30

 

زماني جو چڪر

 

جيئن آئون پنھنجي چرين جي اسپتام ۾ پوري ڏھين بجي اندر گھڙي رھيو ھوس، ڏٺم سول اسپتال جي مائڪرو بس بھ اندر اچي رھي ھئي. سول اسپتال مان ھڪ مائي بصران نالي ڏياري موڪلي ھيائون. انھيءَ مائيءَ جو علاج  ڪندو سول اسپتال جي ڊاڪٽرن کي خبر پئي تھ ھو چري آھي تنھنڪري ھن کي گدوءَ جي پاگل خاني ۾ ڏياري موڪليو ھيائون، مون ڏٺو تھ سول اسپتال وارن ڀل ڪئي آھي جو سنئون سڌو ھتي ڏياري موڪليو اٿن. چرين جي اسپتال ۾ داخل جو نمونو بنسبت عام اسپتالن جي جدا ھوندو آھي. چرين جي اسپتال ۾ سواءِ مئجسٽريٽ جي اجازت نامي جي مون کي بھ طاقت نھ آھي جو ڪنھن چرئي کي اسپتال ۾ داخل ڪري سگھان، جنھن حالت ۾ سول اسپتال جا اڪثر ڊاڪٽر منھنجا ڄاڻو سڃاڻو دوست ھئا، مون بروقت ساڳئي مائڪرو بس ۾ پنھنجي جمعدار جي ھٿان سڀئي ڪاغذ ٺاھي مئجسٽريٽ وٽ ڏياري موڪليا، جنھن اڌ ڪلاڪ جي اندر داخلا جو اجازت نامو ڏياري موڪليو.

جمعدار جيسين ڪورٽ مان ٿي اچي مان مائيءَ جا اھي ڪاغذ پڙھڻ شروع ڪيا جيڪي سول اسپتال وارن ڏياري موڪليا ھئا، انھن ڪاغذن ۾ مائيءَ بابت سمورو احوال پوليس لکي ڏياري موڪليو ھو، پر منھنجي  نقطئھ  نگاه کان اھو احوال اڻپورو ھو، ڇاڪاڻ تھ ان ۾ لکيل ھو تھ مائيءَ جو نالو بصران ھو ۽ ھوءَ علي خان چانڊئي وٽ ڪم ڪندي ھئي.

پوليس جي رپورٽ مان سڄو واقعو ائين سمجھيو آھي تھ حيدرآباد کان اٽڪل ڇھھ ڪوه پري، ڏکڻ اڀرندي پاسي علي خان چانڊئي جو ڳوٺ ھو، جتي علي خان چانڊئي زميندار جون ٻنيون ھيون، اھو ڳوٺ اصل ۾ موجوده زميندار جي ڏاڏي جنھن جو نالو پڻ علي خان چانڊيو ھو. تنھن ٻڌايو ھو، علي خان چانڊيو اصل ۾ ھڪ وچولي درجي جو زميندار ھو، ھي زميندار پنھنجو پئسو ڏوڪڙ اڃا تائين بئڪن ۾ رکڻ ڪين سکيا ھئا. جنھن جو ھي نتيجو ٿيو تھ ھڪ ڏينھن جڏھن علي خان بيمار پٽ جي لاءِ دوا آڻڻ لاءِ ٻاھر ويل ھو تھ ڌاڙيل رات جو ڪاھي آيا، مائيءَ بصرا ڇا ڪيو جو علي خان جي ننڍي پٽ کي جو ماءُ سان گڏ ھڪڙي ڪمري ۾ سمھندو ھو، تنھن کي ماٺ ڪري ھڪ خالي گنديءَ ۾ وجھي، مٿان خالي ڳوڻيون رکي ۽ گوڻين جي مٿان ڪڻڪ وجھي ڍڪ ڏيئي ڇڏيائين ۽ گنديءَ ڀت واري پاسي کان ھڪ وڏو ٽنگ ڪري ڇڏيائين تھ ھوا سولائي سان اچي ۽ ٻار ٻوساٽجي نھ وڃي. ماءُ کي خبر نھ پئي، مائي تڙ تڪڙ ۾ اھو ڪم ڌاڙيلن جي اندر گھڙي اچڻ کان اڳي پورو ڪريو ورتو ۽ جنھن ڪمري ۾ ٻار سمھندو ھو اتي ٻاھران بيھي رھي. ڌاڙيلن پيتيون وغيره کوليون مگر پئسو ڏوڪڙ ھٿ ڪونھ آين، ھڪري ڌاڙيل تھ گندي جو ڍڪ جنھن ۾ ٻار پيو کولي مگر ڪڻڪ ڏسي ڍڪ رکي ڇڏيائين. زميندار جي زال جيڪا ٻاھر بيٺي ھئي ڌاڙيلن جي ڊپ کان ڪنبي رھي ھئي مگر مائي بصران بنا ڊپ جي ڪمري جي اڳيان ھڪ سنتريءَ وانگر بيٺي ھئي، ڌاڙيل جڏھن پئسي  ڏوڪڙ ملڻ کان نا اميد ٿيا تڏھن انھن کي ٻي ڳالھھ سجھي آئي تھ زميندار جي پٽ کي اغوا ڪري کڻي وڃون ۽ پوءِ سودو ڪري چڱي اگھھ تي زميندار جي پٽ کي اغوا ڪري کڻي وڃون ۽ پوءِ سودو ڪري چڱي اگھھ تي زميندار کي وڪڻي ڇڏيون مھندار اھو خيال ايندي ئي زميندار جي زال کان پڇا ڪئي تھ ”ٻار ڪٿي آھي؟“ چڱو ٿيو جو ھن کي خبر ئي ڪانھ ھئي تھ بصران ٻار گنديءَ ۾ لڪايو آھي.

ڌاڙيلن جي مھندار زميندار جي زال کي ھٿ کان وٺي پڇيو، ”ٻڌاءِ تنھنجو پٽ ڪٿي آھي؟“

زال: مون کي خبر نھ آھي.

مھندار: ڪوڙ ٿي ڳالھائين، ٻڌاءِ نھ تھ ساھ ڪڍندوسانءِ.

زال: مون کي خبر ناھي، ھن مائيءَ کان پڇيو.

مھندار زميندار جي زال جي ٻانھن کي زور سان مروٽو ڏنو ۽ ٻنھي ھٿن سان  کيس گھوگھو ڏنو، ائين جو مائيءَ جون اکيون ٻاھر نڪري آيون. ٻنھي مائيءَ ڇڏي ڏنو ۽ ھڪ وڏو ڇرو ڪڍي چيائينس: ٻڌاءِ نھ تھ ھن ڇري سان سسي ڌار ڪندوسانءِ.

مائي سچ پچ ڊڄي وئي ۽ ھٿ جو اشارو ڪري چيائين تھ ڪمري ۾ ستو پيو آھي.

مھندار ڪمري ڏانھن وڏيون اکيون ڪڍندو وڌيو.

مھندار: ڀلا ٿئي ڪوڙي! پري ٿي نھ تھ پيٽ پاڙيندوسانءِ.

بصران: ھل ڙي ھل مئا! مون تو جھڙا گھڻا ڏٺا آھن! ائين چئي بصران ھڪ شينھن وانگر مھندار تي جھپٽي، پر ڪٿي مرد ۽ ڪٿي زال، ڇري اڇلائيندي مھندار بصران کي بک وجھي ھڪ پاسي اڇلائي وڌو، ھن کي ھاڻي پڪ ھئي تھ ٻار ڪوٺيءَ ۾ آھي.

مھندار تيار ٿي وڃو، دير ٿي وئي آھي، چوندي کٽ تي ڏٺائين تھ ٻار آھي ئي ڪونھ، سڄي ڪوٺي جاچيائين پر ٻار جو پتو ڏيئي ڪونھ ھو، ڏاڍي ڪاوڙ ۾ ٻاھر نڪتو ۽ بصران کي جھلي ٻانھن مروٽي کانئس پڇيائين:

”ٻڌاءِ تھ ٻار ڪٿي آھي؟“

بصرانڏيو تھ سور ۽ ايذاءَ  جي ڊپ کان متان منھنجي وات مان ڪجھھ نڪري وڃي، تنھنڪري دل ۾ ھڪ ويچار سٽيندي چيائين:

بصران: ٻانھن ڇڏ تھ ٻڌايان ٿي!

مھندار ھن جي ٻانھن ڇڏي ڏني.

بصران: ٻار بيمار ھو، علي خان کيس دوا لاءِ شھر کڻي ويو آھي.

مھندار: وري کيس ٻانھن کان وٺي مروٽو ڏنو، مگر شاباس آھي بصران کي جو ڀڻڪو بھ ٻاھر نھ ڪيائين، اٽلو زور سان کلڻ لڳي.

ايتري ۾ ٻاھران بندوقن جا آواز ٿيڻ لڳا، اھو ٻڌي مھندار پنھنجي ماڻھن کي چتايو تھ پوليس اچي وئي آھي پٺيان ڀت ٽپي ڀڄي ھلو، ايتري ۾ گندي مان ٻار جي روئڻ جو آواز آيو. مھندار پڇڻ لڳ تھ ”اھو آواز ڪٿان آيو.“

بصران ٽپ ڏيئي مھندار جي ٽنگ جھلي ڇڪيو ۽ چيائين تھ ”منھنجو لاش اورانگھي اتي وڃي سگھندين.“

بصران مھندار جي ٽنگ کي اھڙو قابو جھليو، ۽ الائي ڪٿان ايڏي طاقت پيدا ٿيس جو مھندار گھڻو ئي زور لاتو پر پاڻ ڇڏائي ڪين سگھيو.

مھندار ڏٺو تھ جھلجي پوندس، سندس ٻيا ساٿي فرار ٿي چڪا ھئا، نيٺ  بندوق جي ڳن سان بصران کي ھڪ ڌڪ ھنيائين جو رڙ ڪري ھڪ پاسي ڪري بيھوش ٿي وئي ۽ مھندار کي ڀڄي وڃڻ جو موقعو ملي ويو.

مھندار ڀت ٽپي ڀڄي وڃڻ مھل علي خان ۽ ھن جا ساٿي بندوقن سان اندر آيا، مگر تيستائين ڌاڙيلن کي فرار ٿيڻ جو موقعو ملي ويو ھو، ھن کي ۽ زالس کي بصران جو تھ ڪو فڪر ڪونھ ٿيو پر ڊوڙي وڃي ٻار کي گنديءَ مان ڪڍيائون.

علي خان: ٻار کي گنديءَ ۾ ڪنھن وڌو ھو؟

زال: اھو بصران جو ڪم ھو، ائين نھ ڪري ھا تھ ٻار ڌاڙيلن جي ور چڙھي وڃي ھا.

اتي زميندار کي بصران جو خيال آيو، ڏٺائين تھ ھوءَ ھڪ پاسي ڪري پئي آھي ۽ سندس مٿي مان رت وھي رھيو آھي، وڃي ڏٺائين تھ بيھوش ٿي پئي آھي ۽ مٿي تي کٻ پئجي ويو اٿس.

سڄي ڳوٺ جا ماڻھو سڄاڳ ٿي چڪا ھئا ۽ بندوقون کڻي ڌاڙيلن جي ڪڍ پيا مگر تيستائين ڌاڙيل الائي ڪھڙي پاسي گم ٿي چڪا ھئا، علي خان چانڊيو پنھنجي ڳوٺ کان اڳڀرو جڏھن حيدرآباد کان پٽ جي لاءِ دوا کنيو پئي آيو ۽ ماڻھن کيس ٻڌايو تھ انھن ڪي ڌاڙيل سندس ڳوٺ ڏانھن رات ويندا ڏٺا آھن. علي خان انھيءَ ڳوٺ مان ڇھھ کن جانٺا، ڀريل بندوقن سان، گھوڙن تي سوار ٿي تڪڙا تڪڙا ڳوٺ ڏانھن وڌندا آيا.  وقت تي نھ پھچن ھا تھ ٻار ڌاڙيلن جي ھٿ چڙھي وڃي ھا ۽ مائي بصران چالاڪي ڪري سندن وقت نھ سيڙائي ھا تھ ٻار انھن جي ھٿ ۾ اچي وڃي ھا. ڳوٺ جي ماڻھن بصران کي کڻي ھڪ کٽ تي سمھاريو ۽ کيس رت بند ڪرڻ لاءِ پٽيون ٻڌائون، ايتري ۾ پوليس بھ اچي سھڙي سڄو بيان وٺي بيھوش بصران کي کڻايئي حيدرآباد سول اسپتال ۾ آڻي رکيائون. اسپتال ۾ بصران ڪيترا ڏينھن بيھوش پئي ھئي، علي خان بھ خرچ ڪرڻ ۾ ڪين گھٽايو، گھڻن ڏينھن جي تيمارداريءَ کان پوءِ بصران مس مس ھوش ۾ آئي مگر ڏٺائون تھ اجايو پئي ڳالھائي. تنھنڪري ھن کي ھاڻي دماغي مريض سمجھندي چرين جي اسپتال ۾ مون وٽ ڏياري موڪليائون.

مائي بصران جي علاج ۾ مون ڪين گھٽايو، مون کان جيڪي پڳو مون ڪيو، علي خان زميندار بھ ھر قسم جون دوائون ۽ شيون خريد ڪري مون کي آڻي ڏنيو، پر کيس فائدو نھ ٿيڻو ھو سو نھ ٿيو، سندس مٿي جو زخم بلڪل ٺيڪ ٿي چڪو ھو پر مون کي سندس نراڙ تي جو گھٻ  بندوق جي ڳن لڳڻ ڪري رھجي ويو ھو تنھن  جو ڏاڍو فڪر ھو، پر اڃا اھڙي ڪا ڳالھھ نھ ٿي ھئي جو مون کي ھوشيار ڪري ھا.

ھڪڙي ڏينھن جمعدار مون وٽ ڊوڙندو آيو ۽ اچي چيائين تھ ڌاڙي وري مائي بصران کي مرگھيءَ جو دورو ٿيو آھي، آئون تڪڙو تڪڙو زناني وارڊ ڏانھن  ويس، مائيءَ جو دورو ختم ٿي چڪو ھو پر سانت ۾ اچڻ بدران ھوءَ وڌيڪ چيڙاڪ ۽ مارڪٽ ڪرڻ لڳي، لاچار کيس ھڪ جدا خالي ڪوٺيءَ ۾ بند ڪرڻو پيو، مون کي جنھن  ڳالھھ جو ڊپ ھو سا ئي ٿي. مون کي پوري پڪ ڪانھ ھئي پر جنھن علامت جو انتظار ھو سا نيٺ نمودار ٿي. اھڙي طرح مائيءَ کي ھفتي ۾ ٻھ ٽي دورا  پوڻ لڳا، حقيقت ھيءَ ھئي تھ بندوق جي ڳن جيڪو مٿي ۾ گھٻ ڪري وڌو ھو سو مٿي جي ھڏي جي چٻي ٿيڻ جو نشان ھو. گھٻ جو ھيٺيون پاسو دماغ جي انھيءَ حصي کي ڇھي خراش ٿي پيدا ڪيو پر باوجود دوائن جي ھن  کي دورا پيا پئي، تنھنڪري ان جو بھترين علاج ھو آپريشن گھٻ واري ھڏيءَ جي ٽڪري کي ڪڍي ڇڏڻو ھو تاڪھ نھ اھو ڀاڱو مغز کي ڇھندو نھ خراش پيدا ڪندو. جنھن جي ڪري دورو پيو ٿي. مون علي خان کي ٻڌايو تھ آپريشن ٿيڻ گھرجي، پر اھو آپريشن حيدرآباد جي شھر ۾ ڪين ٿي سگھندو، باقي ڪراچي وٺي وڃڻ سان فائدي جي اميد آھي، بلڪھ ممڪن آھي تھ چريائي بھ ويندي رھي، شاباس آھي علي خان کي جيڪو خرچ ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو. سرڪاري طرح اجازت وٺي بصران کي ڪراچي کڻي وياسين، ايڪسري وغيره ڪرڻ کان پوءِ صفا معلوم ٿي ويو تھ ھڏي دماغ تي دٻاءُ وجھي رھي آھي.

ھفتي کن کان پوءِ آپريشن ڪيو ويو، انھيءَ وچ ۾ باوجود وائن جي بصران کي ٽي ڀيرا دورو پيو، آپريشن نھايت ڪامياب ٿيو، مھيني کان پوءِ وري  کيس واپس پاگل خاني وٺي آياسين، جتي ڪجھھ ڏينھن کان پوءِ سندس دماغي حالت سڌرندي  وئي، اڃا بصران پوري طرح چڱي ڀلي ڪين ٿي ھئي تھ جمعدار مون کي ٻڌايو تھ ٻھ ٽي ڀيرا بصران ننڊ مان ڇرڪي اٿي آھي ۽ ننڊ مان اٿڻ کان پوءِ ھن ڪيتري دير تائين پئي رنو آھي، مون جمعدار کي حڪم ڪيو تھ چوويھھ ڪلاڪ ھڪ واري واري سان سڄاڳ رھي ۽  جاچي تھ بصران ننڊ ۾ يا ننڊ مان اٿڻ کان پوءِ ڇا ٿي چوي.

چئن ڏينھن کان پوءِ جمعدار ٻڌايو تھ ننڊ ۾ ڇرڪ ڀري اٿڻ وقت بصران ”منھنجا پٽڙا! منھنجا بابل!“ چوي ٿي ۽ پوءِ بلڪل ھوش ۾ اچڻ کان پوءِ روئي ٿي.

مون جمعدار کي چيو تھ دريءَ تي چڪ ڏيئي ڇڏيو ۽ بصران کي ٻاھر چڪ وٽ ويھاريو، ڀلي اتي ڪجھھ ويٺي ھجي، پوءِ تون پٺيان دروازي مان مون وٽ اچي تمام ڏاڍيان ڳالھائجانءِ تھ جيئن بصران بھ ٻڌي  سگھي، چئجانءِ تھ بازار ۾ توکي علي خان زميندار گڏيو ھو ۽ چيائين ٿي تھ سندس پٽ ٿورو بيمار آھي جنھن جي لاءِ دوا وٺڻ آيو ھو، تڪڙو ھو، جنھن ڪري بصران کي ڏسڻ لاءِ ڪونھ ايندو، خدا ڪري خير ٿئي مون کي ٻارڙي جو گھڻو الڪو آھي.

جمعدار اھو پارٽ نھايت سھڻي نموني ۾ ادا ڪيو. جنھن جو نتيجو ڏاڍو سٺو نڪتو ۽ بصران جو سڄو راز کلي پيو.

اھو ناٽڪ پوري ڪرڻ کان پوءِ مون جمعدار کي ڏاڍيان چيو تھ ”جمعدار ڀڄ! وڃي بصران  کي وٺي اچ.“

پوءِ آھستي سان چيم تھ بصران ٻڌي نھ سگھي، تھ ”جيترو ٿي سگھي وقت وڃائي دير سان وٺي اچجان!“

جمعدار ٻاھر نڪتو تھ بصران يڪدم ھلڻ لاءِ اٿي بيٺي پر ھن خيال ئي نھ ڪيس، ھيڏانھن  ھوڏانھن ماڻھن کي سمجھائڻ لڳو ۽ جڏھن بھ بصران جي ويجھو ٿي لنگھيو تھ ھوءَ اٿي بيٺي ٿي، پر جمعدار پنھنجي  ئي ڪم ۾ رڌل رھيو، نيٺ ڏھن منٽن کان پوءِ بصران کي اندر مون وٽ وٺي آيو، ڏٺم تھ بصران ڏاڍي بي چين ھئي ۽ اندر ۾ لوڇ پوڇ ھيس، آئون ماٺ ڪيو ھڪ فائل ڏسندو رھيس، پر نموني سان ھن جي اڻ تڻ کي پئي جاچيم، ھڪ ٻھ ڀيرا ھوءَ ”ڊاڪٽر صاحب“ مون ڏانھن مخاطب بھ ٿي پر مون ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو،  پندرھن  منٽن کان پوءِ ڏٺم تھ بيقراريءَ ۾ تريون ھڪٻئي سان مھٽڻ لڳي، نيٺ بي باڪ ٿي چوڻ لڳي، ڊاڪٽر صاحب! ھاڻي آئون بلڪل تندرست آھيان ۽ ھتي ھڪ منٽ بھ ترسي نٿي سگھان.

مان: تنھنجي ترسڻ نھ ترسڻ سان ڪھڙو واسطو! جيسين پوليس ۽ آئون گھرنداسين تون ھتان وڃي نٿي سگھي، پوليس تھ ٺھيو پر منھنجي مرضيءَ کان سواءِ تون ھرگز ھتان وڃي نٿي سگھين.

بصران: آئون ھاڻي بلڪل چڱي آھيان، توھان جي ڏاڍي مھرباني ٿي آھي جنھن جي لاءِ آئون اوھان جي ٿورائتي آھيان، ھاڻي موڪل ڏيو تھ وڃان! ٻچڙي جي ٽھل ڪير ڪندو؟ متان بيمار ٿيو ھجي!

مون سندس انھيءَ چوڻ مان سمجھي ورتو تھ ھن منھنجي ۽ جمعدار جي گفتگو ٻڌي ورتي آھي ۽ ھاڻي بھانو پئي ڪري تھ وڃڻ جي موڪل مليس.

مان: تون پاڻ کي برابر تندرست پئي سمجھين، پر جيڪو آپريشن ٿيو آھي تنھن جي ڪمزوريءَ کي وڃڻ ۾ اڃا گھڻو وقت  لڳندو. توکي يڪدم اجازت  ڏيڻ مناسب نھ ٿيندو.

ڏٺم تھ بصران پريشان ھئي ھن کي ڪا ڳالھھ سمجھھ ۾ نٿي آئي تھ ڪيئن اسپتال مان جند ڇڏائي.

مان: بصران! ڊاڪٽر کان ڪا ڳالھھ بھ لڪائڻ چڱو نھ آھي، ڊاڪٽر تھ  ماءُ پيءُ جي بجاءِ آھن.

بصران: (ھٻڪندي) مون ڪھڙي ڳالھھ لڪائي آھي؟ ڊاڪٽر صاحب اوھان جون پروليون  آئون سمجھي نٿي سگھان.

مان: بصران توکي اولاد جي حياتيءَ کان بھ مٿي راز لڪائڻ چڱو لڳي ٿو تھ ڀلي ائين ڪر. آئون بھ توکي نھ ڇڏيندس، مون کي بھ پنھنجي نوڪري ڪرڻي آھي، ڇو ڪنھن جي لاءِ حد کان لنگھي پاڻ کي ڏٺو ڪريان.

بصران: ڊاڪٽر صاحب، الائي ڇا ٿا چئو، منھنجي سمجھڻ کان ٻاھر آھي، ڇو نٿا صاف صاف چئي ڏيو؟

مان: بصران! مون کي خبر آھي تھ خطرناڪ ڌاڙيل کان بھ تون ڪانھ ڊني ھئين ۽ ٻار جو تو ڏس ڏيڻ کان پڇاڙيءَ تائين انڪار ڪيو ۽ جڏھن ٻار گنديءَ ۾ روئڻ شروع ڪيو تھ تو ڌاڙيل جھڙي طاقتور ماڻھوءَ  کي اھڙو قابو جھليو جو ھو توکي سواءِ ڌڪ  ھڻي بيھوش ڪرڻ جي پنھنجي جند ڇڏائي نھ سگھيو. اھو ڪم تھ زميندار جي زال کي ڪرڻ کپندو ھو، پر ھن ٿوري ٻانھن جي مروٽڻ تي ڌاڙيل کي ٻار جي ڪمري ۾ ھجڻ جو ڏس ڏنو، جيڪڏھن کيس خبر ھجي ھا تھ گنديءَ ڏانھن اشارو ڪرڻ ۾ بھ ويرم ئي نھ ڪري ھا.

بصران: ڀلا اوھين ڇا ٿا گھرو! مھرباني ڪري ٻڌايو؟

مان: آئون اھو نٿو گھران تھ تون مون کي ٻڌائين تھ علي خان زميندار جو پٽ حقيقت ۾ تنھنجو پٽ آھي، اھو تھ جيڪي ڪي ٿي گذريو آھي تنھن مان ثابت آھي، بلڪھ آئون گھران ٿو تھ پنھنجو سڄو احوال مون کي ٻڌاءِ تھ تون ڪير آھين؟ اھو ٻار تنھنجو پٽ ڪيئن آھي؟ آئون قسم ٿو کڻان تھ پوءِ توکي ھتان جلدي موڪلي ڏيئي ڇڏيندس.

مون بصران تي بلڪل نفساني اثر وڌو ھو، مون کي خبر ھئي تھ ٻار جي سخت بيمار ھجڻ جو ٻڌي ھوءَ پنھنجو راز ٻڌائي ڇڏيندي، حالانڪھ علي خان اھو چيو ئي ڪين ھو تھ ڪو ٻار سخت بيمار آھي، مون کي معلوم ھو تھ بصران جھڙي مستقل مزاج ۽ حوصلھ مند زال پنھنجو ڀيد ايترو سولائيءَ سان ھرگز ظاھر نھ ڪندي، جيستائين ھن سان ڪا کيڏ کيڏي نھ ويندي، ۽ موقعو ڪجھھ اھڙو بنيو جو مون کي وارو ملي ويو ۽ ھوءَ انھيءَ حرفت ۾ ڦاسجي  پئي. منھنجو ان ۾ ڪو ٻيو مقصد  نھ ھو، سواءِ مائي بصران جي راز معلوم ڪرڻ جي. ڇاڪاڻ تھ مون وٽ ڪافي اھڙا ڪيس ھئا، پر ھي ڪيس بھ دلچسپي کان خالي نھ ھو.

بصران ڪيتري دير تائين مون کي تڪيندي رھي نيٺ چيائين: ڊاڪٽر صاحب! آئون سمجھي نٿي سگھان تھ ھڪ غريب مسڪين زال جي ڀيد معلوم ڪرڻ مان اوھان کي ڪھڙو لاڀ ملندو، جيڪڏھن ڪنھن کي اگھاڙو ڪرڻ ۾ اوھان خوشي حاصل ٿئي تي تھ ماشاءَالله منھنجي درد ناڪ آکاڻي  ٻڌو:

مان: بصران امان! تون دلجاءِ ڪر، اھا ڳالھھ مون تائين رھندي آئون ڪنھن کي بھ اھو ڀيد ٻڌائي تو جھڙي حوصلھ مند ۽ بھادر زال جي بيعزتي نھ ڪندس، منھنجي   سيني ۾ ڪيترن جا ڀيد  محفوظ آھن.

بصران: آئون حيدرآباد جي ماستر خدا بخش جي ڌيءَ آھيان، آئون بھ حيدرآباد  جي ھڪ ڇوڪرين جي اسڪول  جي ھيڊ ماسترياڻي ھيس، اسين ٽنڊي ولي محمد ۾ رھندا ھئاسين ۽ اسان جي گھر جي سامھون ھڪ زميندار  نالي پير محمد اچي رھيو ھو، ھن زميندار   اھو گھر پنھنجي لاءِ خريد  ڪري  ورتو ھو. زميندار ۽ ھن جا ٻار ٻچا سال ۾ ٽي ڀيرا ھتي اچي رھندا ھئا، نھ تھ گھر خالي پيو ھوندو ھو. اسين بھ بلوچ قوم  جا آھيون.  اسان جا ابا ڏاڏا اصل ۾ ڳوٺ علي خان جا رھاڪو ھئا، پر اسان جو ڏاڏو ڪريم بخش ڳوٺ ڇڏي اچي ٽنڊي  ولي محمد ۾ رھيو، جنھن گھر ۾ بابو خدا بخش  رھندو ھو سو ڏاڏي خريد ڪري ورتو ھو. بابو پنھنجي پيءُ جو ھڪڙو ئي پٽ ھو ۽ مان بابي جي ھڪ سڪيلڌي ڌيءَ ھيس، زميندار  پير محمد جو پٽ يار محمد ھڪ  خوبصورت جوان ھو،  ھو بھ ڪنھن ڪنھن مھل پنھنجي ماءُ پيءُ سان اچي رھندو ھو. موٽرن جو ڏاڍو شوقين ھو ۽ اڪثر موٽر پاڻ ھلائيندو ھو، بس ھڪري ڏينھن مون کي ڏٺائين ۽ عاشق ٿي پيو، اسين لڪي لڪي ھڪٻئي کي ملندا رھندا ھئاسين،  نيٺ ھڪ ڏينھن صلاح ڪئي سين تھ ھو پنھنجي پيءُ کي چوندو ۽ آئون پنھنجي پيءُ کي. جڏھن ٻئي راضي ٿيندا تھ پوءِ جلدي شادي ڪري وٺنداسين. مون ڊڄندي ڊڄندي بابي سان ڳالھھ ڪئي، پھريائين تھ ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ چوڻ لڳو:  مون کي خبر ڪانھ ھئي تھ تون ايترو ڇڙواڳ ٿي وئي آھين، افسوس  آھي تھ اڄ تنھنجي ماءُ جيتري  نھ آھي، توکي اھڙي سٺي ديني ۽ دنوي تعليم ڏيڻ کان پوءِ بھ تنھنجا اھي پار آھن.

مان: بابا مون ڪو گناھ  جو ڪم ڪونھ ڪيو آھي، اوھين ائين ڇو ٿا چئو؟

بابا: ڌيءُ، تون نٿي ڄاڻين اھي وڏا زميندار ڏاڍا رھزن ٿيندا آھن ھو ھتي انھيءَ لاءِ ايندا آھن جو ناتجربيڪار  نياڻين  کي ڀنڀلائي پنھنجي دام ۾ ڦاسائي عيش ۽ وعشرت ڪن، متان اھڙن جي ور چڙھي پنھنجي خانداني  عزت مٽيءَ ۾ ملائين.

مان: بابا ھو برابر پئسي وارا آھن  پر ڏٺو ڪونھ اٿو تھ جو ٻئي پيءُ پٽ پاسي واري مسجد ۾ پنج ئي وقت نماز تي حاضر ھوندا آھن.

بابا: خبردار! متان انھن  ڳالھين تي ڀلجين ساڻس اڄ کان پوءِ ملي آھين.

باقي اسلامي نموني تي جيڪڏھن ڳالھ چوريائون تھ آئون ڏسندس.

مون کڻي  ماٺ ڪئي ۽ يار محمد کي بابي جي خيال چوائي موڪليم ۽ اھو بھ کيس چيم تھ آئنده اسان جو ملڻ بند آھي.

ڇوڪري بھ پنھنجي پيءُ سان ڳالھھ ڪئي، پر زميندار انھيءَ ڏاڍو  ڪاوڙيو ۽ پنھنجي ڳوٺ سڀني کي وٺي ھليو ويو ۽ پٽ کي دڙڪو ڏنائين تھ اڳي اھڙو ڪم ڪندين تھ توکي گھران ڪڍي ڇڏيندس. ان جو رد عمل ٿي ويو ۽ اسان جي شادي ٿي وئي ۽ ھو اچي اسان وٽ رھڻ لڳو، زميندار کي خبر پئي تھ ھن کي گھر مان ڪڍي ڇڏيائين. شاديءَ کان ھڪ مھيني بعد بابا جو ھارٽ فيل ٿي ويو ھاڻي منھنجو سھارو فقط منھنجو مڙس ھو، ھن جي پيءُ بھ ھن کي پئسو پائي ڏيڻ کان انڪار ڪيو. انھيءَ ڳالھھ کي چار مھينا گذري ويا منھنجو خاوند سواءِ زمين سنڀالڻ جي ٻيو ڪو ڪم نھ ڄاڻندو ھو ۽ انگريزي بھ مختصر ڄاڻندو ھو، اسان جو گذران منھنجي پگھار تي ھو، نيٺ منھنجو مڙس ھڪ ڏينھن تپجي پيو، بخار نھٺو! ڪيترن ڊاڪٽر کي ڏيکاريم پر ڪو فائدو نھ ٿيو! مڙس جي سنڀال ڪير ڪري، تنھنڪري موڪل وٺي ھن جي ٽھل ڪندي آيس، پر حالت نھ سڌري. معلوم ٿيو تھ سلھھ آھي، ھن جي ٽھل لاءِ نوڪري ڇڏڻي پئي. دئاون ڪندي آيس ۽ گھر گروي رکيم. سندس پيءُ کي خط لکيم پر ھن صفا جواب ڏنو تھ مون ھن کي لا دعويٰ ڪري ڇڏيو آھي. جڏھن حيدرآباد آيو تھ ساڻس گڏيس، پر ھن مون کي بي عزتو ڪري گھر مان ڪڍي ڇڏيو، انھيءَ  وچ ۾ آئون پيٽ سان ٿيس، ھيڏانھن منھنجو مڙس  عالم بقا ۾ وڃي پھتو، پڻس کي نھ اچڻو ھو نھ آيو. مون وٽ ڪجھھ نھ بچيو ھو جو کائي سگھان. وڃايل نوڪري وري وٺڻ جي ڪوشش ڪيم پر صفا جواب مليو. قرض خواھن قرض جي تقاضا ڪئي پئسا ھجن تھ ڏيان، نيٺ منھنجا ڏينھن اچي بيٺا، سرڪاري اسپتال ۾ داخل ٿيس، ھوڏانھن قرض خواھن ڪيس  ڪري جڳھھ تي قبضو ڪري ورتو، خدا جي قدرت ويم ۾ تڪليف ٿي پئي چار مھينا بستري تي پئي ھيس، اسپتال مان ٻاھر نڪرڻ تي معلوم ٿيو تھ ٽپڙ ۽ جڳھھ تي قرض وارا کڻي ويا. حيدرآباد ۾ انھيءَ حالت ۾ رھڻ مشڪل ٿي پيو، نيٺ اباڻي زمين ڇڪ ڪئي. ۽ ڳوٺ علي خان چانڊئي ۾ رات جو اچي پھتس. سڄي رات پھھ پچائيندي اثر جو اٿي ٻچي کي علي خان چانڊئي جي در تي ڇڏي لڪي ويس. علي خان ۽ سندس زال ٻار جو روئڻ ٻڌي دروازو کولي ڏٺو تھ ھڪ ٻار ٻاھر پيو آھي. تنھن کري اندر کڻي ويا ۽ پالڻ شروع ڪيائون! آ؟ون پري کان ٻار کي خوش و خرم ڏسي پئي خوش ٿيندي ھيس، مون لاءِ ٻيو ڪو چارو ڪونھ ھو، آئون پني پنھنجو پيٽ پاليندي ھيس، اھڙي طرح ڏينھن  گذرندا ويا. تان جو ٻار اچي پنجن سالن جو ٿيو، علي خان جي حويليءَ تي پنڻ لاءِ انھيءَ ڪري ويندي ھيس تھ من ٻار کي ڏسي پنھنجيون اکيون ٿڌيون ڪريان. اڪثر ماني کڻي ھو ئي مون کي آڻي ڏيندو ھو  ۽ آئون ھن کي دعائون ڪندي ھيس ۽ سندس مٿي تي ھٿ گھمائي پيار ڪندي ھيس، ھو خوش ٿيندو ھو ۽ ماءُ سان کيٽو ڪري بھ منھنجي آواز تي ماني  آڻي ڏيندو ھو. ھڪ ڏينھن ڳوٺ ۾ ٻاھريان ملھھ آيا، تھ ھر ننڍو وڏو ملاکڙو ڏسڻ لاءِ ھليو. مون ڏٺو تھ نوڪر منھنجي  پٽ کي بھ ملھھ ڏيکارڻ وٺي ھليو. آئون ھن جي پٺيان ويس، رستي تي آني کن جي مٺائي پاڻ سان وٺي ويس. نوڪر تھ لڳي ويو ملاکڙو ڏسڻ ۽ ٻار کي ھنج مان لاھي پٽ تي وھاري ڇڏيائين، ٻار جو مون کي ڏٺو تھ ڊوڙندو مون وٽ آيو، مون ھ کي ھيٺ ويھي  پنھنجي ھنج ۾ وھاري  ڏاڍو پيار ڪيو ۽ ھڙ کولي مٺائي ڏني مانس تھ ھو ڏاڍو خوش ٿي کائڻ لڳو اوچتو پٺيان آواز ٿيو.

آواز: اڙي ھي ڇا پئي ڪرين؟ لاھھ منھنجي پٽ کي. مون گھٻرائجي  منھن ورائي ڏٺو تھ علي خان بيٺو ھو، تڪڙ ۾ اٿي بيٺس، علي خان زور سان مون کي ھڪ ٿڦڙ وھائي ڪڍي.

علي خان: ھيءَ مٺائي ٻار کي ڪنھن ڏني آھي؟

ٻار: بابا! ھن مائيءَ ڏني آھي، ڏاڍي سٺي مٺائي آھي، تون بھ کائي ڏس.

علي خان مون ڏانھن غضبناڪ اکين سان ڏسي رھيو ھو ۽ وري مون کي ڌڪ ھڻڻ لاءِ ھٿ کنيو ھيائين تھ ٻار ھن جي ٽنگن کي چنبڙي روئي چوڻ لڳو:

بابا! ھن کي نھ مار. ھيءَ ڏاڍي سٺي آھي، مون کي ھميشھ پيار ڪندي آھي، امان تھ پيار بھ نٿي ڪري.

علي خان ڌڪ ھڻڻ لاءِ ھٿ مٿي کنيو ھو سو روڪي ڇڏيائين ۽ ٻار ڏانھن ڏسڻ لڳو ۽ وري مون ڏانھن نھاري ڏٺائين تھ آئون روئي رھي ھيس، الائي ھن کي دل ۾ ڇا خيال آيو جو ٻار کا پڇڻ لڳو: ”ڀلا ھن مائيءَ کي گھر وٺي ھلون؟“

ٻار: ھا بابا! آئون ھن سان راند ڪندس.

علي خان مون کي چيو تھ ھن ٻار کي ھنج ۾ کڻي وٺ ۽ منھنجي پٺيان ھلي اچ.

علي خان جو گھر ٿورو پر ڀرو ھو، ٻار منھنجي ڪڇ ۾ سمھي پيو. گھر پھچي مون ھن کي کٽ تي ليٽائي ڇڏيو، علي خان پنھنجي زال جو ھڪ پراڻو جوڙو ڪڍي مون کي ڏنو ۽ چيائين تھ وھنجي سھنجي اھي ڪپڙا پاءِ.

اھڙي طرح آئون علي خان وٽ نوڪرياڻي ٿيس ۽ پنھنجي ٻچڙي جي  ويجھو مون کي قسمت ائين آندو.

جڏھن ڌاڙيل ڪاھي آيا تھ مون کي خبر ھئي تھ زميندار جي زال کي ٻچي جي لاءِ ايترو اوٺو نھ ھوندو جيترو پنھنجي حياتي بچائڻ جو. تنھنڪري ٻچي کي ڌاڙيلن کان بچائڻ جو اھو رستو مون اڳواٽ ئي سوچي ورتو ھو.

ڊاڪٽر صاحب! مون کي پنھنجي پٽ جو ڏاڍو فڪر آھي، مون ٻڌو آھي تھ ھو سخت بيمار آھي، خدا جي نالي مون کي موڪل ڏيو تھ وڃي پنھنجي ٻچي جي خدمت ڪريان.

مان: (کلندي) بصران! تنھنجو ٻار بيمار آھي ئي ڪونھ! اھا تھ مون چالاڪي ڪئي ھئي تھ جيئن تون پنھنجو سربستو احوال ٻڌائين سگھين، توکي جلد ھتان اجازت ڏيئي روانو ڪندس.

ٽن ڏينھن کان پوءِ علي خاب بھ اچي پھتو، ڏاڍو ملول نظر ٿي آيو، مون پڇيومانس: علي خان!  خير تھ آھي؟ ڇا ٿيو آھي؟ ٻار تھ خيريت سان آھي؟

علي خان: ٻار کي ٿوري کنگھھ ھئي، ھاڻي ٺيڪ آھي پر.....!

مان: ڇو! ڇو!! ڳالھھ ڇا آھي؟

علي خان: بس سائين ڇا ٻڌايان! (تڌو ساھھ ڀري) منھنجي زال کي ڏھھ ڏينھن  ٿيا تھ ڇاتيءَ ۾ اچي سور پيس اڃا ڪجھھ دوا درمل ڪريون تنھن کان اڳي ئي ساھ نڪري ويس، ھاڻي آئون منجھي پيو آھيان، جو خبر نٿي پوي تھ ڇا ڪريان.

مون ڏٺو تھ بصران جي مدد ڪرڻ جو ھي سٺو موقعو آھي.

ٿورو ترسي علي خان وري چيو: ٻڌو ھوم تھ ڏاڏي جو ڀاءُ ڪريم بخش ھتي لڏي آيو ھو. گھڻي ڳولا کان پوءِ پتو پيم تھ ھو ٽنڊي ولي محمد ۾ ھڪ جاءِ وٺي اچي رھيو ھو، ڪالھھ سڄو ڏينھن انھيءَ ڳولا ۾ گذري ويو، نيٺ وڃي پتو ڪڍيم خبر پئي تھ ھن جو پٽ خدا بخش ٻھ ٽي سال ٿيا گذاري ويو آھي. ھن جي ڌيءَ بصارت خاتون بھ ماسترياڻي ھئي جنھن جي شادي ھڪ وڏي زميندار جي پٽ سان ٿي ھئي، پر ھو ويچارو بھ گذر ڪري ويو. اھو گھر بھ مان ڪالھھ ڏسي آيس جو بصارت خاتون وڪڻي ڇڏيو ھو، چون ٿا تھ ھوءَ اسپتال ۾ ويم جي لاءِ داخل ٿي ھئي. اسپتال مان خبر پيم تھ مائي گھڻا ڏينھن بيمار ھئي. ھن کي ھڪ پٽ ڄائو ھو چڱي ڀلي ٿي الائجي ڪڏانھن منھن ڏيئي ھلي وئي اڄ ھتي بصران جي خبر وٺڻ آيو آھيان ٻڌايو تھ ڪيئن آھي؟

مان: بصران بلڪل ٺيڪ آھي، بس موڪل ڏيڻ جي دير آھي.

علي خان: ڊاڪٽر اھڙي ڀلائي ڪريو تھ ٻيو ڇا کپي. گھٽ ۾ گھٽ ڇوڪرو سنڀاليندي تھ منھنجو گھڻو بوجھھ گھٽ ٿي ويندو.

مان: علي خان منھنجي ھڪ صلاح مڃيندي تھ ٻڌايانءِ.

علي خان: ڊاڪٽر صاحب، مان اوھان جا ٿورا لاھي نٿو سگھان حڪم ڪريو تھ منھنجي ڪرڻ جھڙو ھوندو تھ ڪڏھن انڪار نھ ڪندس.

مان: علي خان! قدرت جا بھ عجيب کيل آھن! خدا الائي ڇا ۾ راضي  آھي. پنھنجي چڱن ٻانھن کي آزمائش  ۾ وجھندو آھي، پر نيٺ انھن تي مھر جي نظر بھ رکندو آھي! تنھنجي زال جو اھري طرح مري وڃڻ بھ ھن جي مصلحت کان خالي نھ آھي، وري بصران جو ھتي اسپتال ۾ داخل ٿيڻ بھ ڪنھن مصلحت کان خالي نھ ھو، بصران جو تنھنجي پٽ کي بچائڻ ۽ تو وٽ اچي نوڪري ڪرڻ بھ انھيءَ خالق  جي مصلحت کان خالي ڪونھ ھو.

علي خان: ڊاڪٽر صاحب سچ ٿا چئو.

مان: پر علي خان تون ٻڌي وڌيڪ وائڙو ٿيندين تھ جنھن کي تو پٽ سمجھي  پاليو سو حقيقت ۾ مائي بصران جو ئي پٽ آھي. ھو ھن کي تنھنجي در وٽ ڇڏي وئي ھئي، ڇاڪاڻ تھ ھن جي ھڙ ۾ پائي بھ ڪانھ ھئي جو ٻار کي پالي سگھي ۽ بار جي  ڪاڻ ھن تو وٽ نوڪري ڪئي ۽ ٻيو ٻڌ تھ مائي بصران ئي حقيقت ۾ ماستر خدا بخش جي ڌيءَ بصارت خاتو آھي. ھو زماني جي ستم ظريفي جو شڪار ٿي وئي، ھن کي خبر ئي نھ آھي تھ تون ھن جو ويجھو مائٽ آھين.

علي خان منھنجي ڳالھھ ٻڌي سخت حيرت ۾ پئجي ويو مون کيس وڌيڪ صلاح ڏني، علي خان! مائي بصران اڃا جوان آھي، زماني جي چڪر ھن کي اھڙو ڪري ڇڏيو آھي  تنھنجو پنھنجو رت آھي، ھن کي ڀلي ھتان کڻي وڃ، پر مان صلاح ٿو ڏيانءِ تھ وڃي  ھن سان شادي ڪري وٺ. تنھنجو گھر ٺھي پوندو ۽ جي مائٽ جدا ٿيا ھئا سي ٻيھر ھڪ ٿي ويندا.

علي خان مون سان وعدو ڪيو تھ اھا ڏاڍي سھڻي صلاح آھي ۽ بصران کي اسپتال مان ڪڍي ڳوٺ وٺي ويو ۽ ھن سان شادي ڪري زندگيءَ جا ڏينھن خوش گذارڻ لڳو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com