سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: عبرت ڪده

باب: --

صفحو :28

 

جوزف ۽ نوران

 

اڄ آئون پنھنجي ڪم تي ٻھ ڪلاڪ سويل ڀرو آيو ھوس، ڇاڪاڻ تھ انگريز ڊائريڪٽر آف ھيلٿ چرين جي اسپتال تپاسڻ لاءِ اچڻو ھو، منھنجي اسسٽنٽ ڪالھھ کان وٺي صفائي ڪرائڻ تي زور رکيو ھو، اسپتال جي صفائي کان پوءِ ھن بيمارن کي وھنجاڻ ۽ صاف ڪپڙا پھرائڻ تي زور ڏنو ھو ھنڌ بسترا بھ ٺيڪ ڪرايائين، جنھن وقت آئون پھتس ۽ ھر ھڪ وارڊ ۾ وڃي ڏٺم تھ وارڊ صاف سٿرا نظر آيا. ڊائريڪٽر صاحب برابر ٻارھين بجي اچي پھتو ۽ منھنجي آفيس ۾ اچي پھريائين داخلا ۽ ڊسچارج جا رجسٽر تپاسي بيمارن جي چڱي ڀلي ٿيڻ جو سيڪڙو معلوم ڪري، ٻيون خبرون ورتائين ۽ مون کان دوائن، ڪپڙن ۽ بستري جي گھرج جو تفصيل معلوم ڪيائين. انھيءَ ڪم کان واندو ٿي مون کيس بورچي خاني ھلڻ لاءِ چيو، تھ جيئن اتي ھلي چانور، اٽو دال ۽ ٻين شين کي تپاسي، جڏھن واندو ٿيو تھ مون کيس چانھھ پيئڻ جي آڇ ڪئي موٽي پنھنجي آفيس ۾ آياسين جتي منھنجي اسسٽنٽ چانھھ جو پورو بندوبت رکيو ھو، چانھھ  پيئندي مون کان بيمارن بابت پڇا ڪيائين، مون کيس وراڻيو تھ چانھھ پي ھر ھڪ وارڊ ۾ ھلون ٿا، مون وٽ ڪي ڏاڍا مزيدار بيمار آھن! اڄ آئون اوھان کي ھڪڙو بيمار جوزف ڏيکاريندس، جو انگريزي بھ ڄاڻي ٿو! ٽيون ڀيرو ھن اسپتال ۾ آيو آھي، سرڪاري آفيس ۾ ڪلارڪ آھي، پر جڏھن کيس ججڪي ايندي آھي تھ ڪم ڪرڻ کان پڙ ڪڍي بيھندو آھي، آفيس وارا ڪڪ ٿي ھي داخل ڪري ويندا اٿس.

ڊائريڪٽر صاحب ھر ھڪ وارڊ جو چڱي طرح معائنو ڪيو، جڏھن ان وارڊ ۾ پھتاسين  جتي جوزف رھندو ھو، مون ڊائريڪٽر کي ٻڌايو تھ ھتي جوزف رھندو آھي ۽ اجھو اسان کي ڏٺو اٿس ۽ ھيڏانھن اچي پيو. جوزف اسان جي ويجھو اچي صاحب کي سلام ڪيو ۽ کيڪاريو. ڊائريڪٽر صاحب کي انگريز ڏسي نھايت عمدي انگريزي ۾ ڳالھايائين ۽ کيس پڇيائين تھ ڪيئن خوش آھيو؟ اڄ آب  ھوا ڪالھھ کان ايتري گرم نھ آھي، آئون سمجھان ٿو تھ ھاڻي مند سٺي ٿيندي ويندي. صاحب ھن کي نھايت شائستھ ۽ سٺي انگريزيءَ ۾ ڳالھائيندو ٻڌي وائڙو ٿي ويو، آئون بھ صاحب جي چھري مان تاڙي ويس تھ ھو سوچي رھيو آھي ھي تھ، چڱي طرح  ڳالھائي رھيو آھي ھن کي ڇو اسپتال ۾ رکيو ويو آھي!

جوزف وري صاحب کي چيو تھ ”آئون سمجھان ٿو تھ اوھان  چرين جي اسپتال تپاسڻ لاءِ آيا آھو!

صاحب ھائو ڪئي.

جوزف وري چيس تھ ”مون کي معاف ڪندا جيڪڏھن آئون ھڪ ڳالھھ ڪريان اميد آھي تھ مون   کي اجازت آھي.“ پوءِ منھنجي اسسٽنٽ ڏانھن جو  صاحب  جي ڏائين پاسي بيٺو ھو گھوري ڏسڻ لڳو، آئون سمجھي ويس تھ جوزف  پنھنجي رمز تي اچي رھيو آھي، جنھن جي صاحب کي خبر ئي ڪانھي.

صاحب ھن کي چيو تھ ”توکي اجازت آھي ڀلي چئو.“

جوزف: مون  کي ھڪ شڪايت ڪرڻي آھي!

صاحب ھاڻي شڪي ٿي مون ڏانھن نھارڻ لڳو، ليڪن مون  کي خاموش  بيٺل ڏسي جوزف کي چيائين: ”ڀلي چئو توکي جيڪي چوڻو ھجي.“

جوزف: آئون حيران آھيان تھ اوھين يورپين ماڻھو ايترا قابل ۽ ھوشيار آھيو! تنھن ھوندي بھ ھڪ اھي ماڻھوءَ کي سپرنٽيڊنٽ مقرر ڪيو اٿو جو بلڪل بيڪار ۽ نا اھل آھي.“

صاحب گھٻرائجي مون کي ڏسڻ لڳو.

جوزف: ھن کي ڇا ڏسي رھيا آھيو، آئون (منھنجي اسسٽنٽ ڏانھن اشارو ڪندي) ھن ماڻھوءَ لاءِ چئي رھيو آھيان جو ھن اسپتال جو سپرنٽيڊنٽ آھي. (مون ڏانھن اشارو ڪندي) ھي نھايت سٺو ۽ اشراف آھي، پر ھي سپرنٽيڊنٽ نھايت پاجي آھي! مون کي شڪ آھي تھ ھي ڊاڪٽر باڪٽر ڪونھي، اوھين مھرباني ڪري ھن جون سندو تپاسي پڪ ڪريو! ھن کي ھتان ڪڍي (مون ڏانھن اشارو  ڪندي) ھن کي سپرنٽيڊنٽ مقر ڪريو.

صاحب ھن جي ڳالھھ سمجھي مشڪڻ لڳو.

جوزف: مھرباني ڪري ھڪ سگريٽ ڏيو.

صاحب جيتوڻيڪ سگريٽ پيئندو ھو پر ھن کي چيائين ”تھ سگريٽ ڪونھ ڇڪيان.“

جوزف: ڇا؟ سگريٽ ڪونھ پيئندا  آھيو! ھاءِ ھاءِ دنيا جي بھترين نعمت کان محروم آھيو! آئون اوھان کي صلاح ڏيندس تھ سگريٽ ڇڪڻ شروع ڪريو.

صاحب کلندي اڳتي وڌيو ۽ ٻھ چار بيمار ڏسي وارڊ کان ٻاھر نڪري آيو ۽ مون کان کلندي پڇيائين تھ ھي سڀ ڇا آھي؟

صاحب ٻڌي ڏاڍو کليو ۽ چيائين تھ تو وٽ ڏاڍا مزا لڳا پيا آھن، پوءِ مون چيومانس تھ باقي زالن جو وارڊ رھجي ويو آھي، صاحب چيو، ”ھا! ھڪ ڳالھھ ياد آئي اٿم تنھن ڏينھن ڪمشنر صاحب ھڪ زالن نوران بابت مون کي ڪجھھ چيو ھو.“

تنھن تي مون چيو تھ، ”نوران جوزف وانگر ھڪ ڏسڻ جي شيءِ آھي، ھلو تھ ڏيکارنو.“

صاحب: نھ نھ ھاڻي آئون ٿڪو پيو آھيان.

مان: تھ پوءِ ڪنھن نموني سان ڪمشنر صاحب کي چئو تھ پاگل خاني مان  ٿيندو وڃي ۽ نوران کي ڏسندو وڃي تھ کيس پڪ ٿيندي.

صاحب چيو تھ: آئون ڪمشنر صاحب کي ضرور چوندس، ڀل ھن کي بھ ھتي جو تجربو ٿئي.

ٻئي ڏينھن منھنجو اسسٽنٽ جڏھن صبح جو آيو تھ ڪالھھ ڊائريڪٽر صاحب جي تپاس جي ڳالھھ نڪتي مون کانئس پڇيو تھ ڪا خبر اٿئي تھ ڪالھھ صاحب  ڇو پڌاريو ھو؟ تھ جواب ڏنائين، ”ان لاءِ تھ ڪڏھن ڪڏھن تھ چرين جي اسپتال جي بھ تپاس لھي.“ مون کيس جواب تھ، تون ڪن اھم ڳالھين ڏانھن اصل ڌيان نھ ڏيندو آھين. تھ مون  کي کلي جواب ڏنائين تھ ”صاحب! اوھين ھرو ڀرو شڪي ٿيندا آھيون؟“

تنھن تي مون کيس سنجيدگيءَ سان جواب ڏنو تھ، ”ائين نھ آھي! توکي خبر آھي تھ ڊائريڪٽر ھميشھ نومبر ۾ ايندو آھي، پر ھيل سيپٽمبر ۾ اچي نڪتو! چڱو ٿيو جو جوزف وارو ڪيس منھن ۾ ڏٺوسين تھ خبر پيس تھ چريا بھ عجيب قسم ٿيندا آھن.“

سائين! جوزف بھ ڪري گذاري آھي! ھن چيو:

”بابا چرين جو ڪھڙو ڀروسو! ڏٺو ڪونھ ھيئي تھ گذريل سال ڪيتري محنت کان پوءِ بھ جڏھن گورنر صاحب آيو ھو تھ وڏي دروازي کان پرتي ھنگڻ شروع ڪري ڏنو ھيائين ۽ سپاھي ٻاھر بيٺو ھو تھ اندر سڀ ڪجھھ ٺيڪ ھو. جيتوڻيڪ سپاھي جو ڪو ڏوھ ڪونھ ھو، پر صاحب توھان ڊائريڪٽر صاحب جي اچڻ جي ڳالھھ چوري کڻي ماٺ ڪئي.“

”توھان صاحب کان ڪين ٻڌو تھ نوران جي ڳالھھ ڪڍي ھيائين، تھ ڀلا ڪمشنر صاحب کي ڪيئن  خبر پئي تھ ھڪ زال نوران اسان وٽ آھي.“

ڪجھھ سوچي منھنجي اسسٽنٽ چيو تھ ”ممڪن آھي تھ نوران جي عزيزن ڪمشنر   صاحب کي لکيو ھجي!“

مون جواب ڏنو تھ ”توکي خبر آھي تھ اسان کي نوران متعلق سموري معلومات آھي تھ نوران ڪير آھي ۽ ڪٿان آئي آھي! نوران جي خبر ھتان اسپتال مان نڪتل آھي! ڇاڪاڻ تھ ھتي جا سپاھي تمام خراب آھن ۽ ٻاھر نڪري اسپتال جون سموريون  ڳالھيون ٻاھرين ماڻھن کي ٻڌائيندا آھن، يا وري ٻاھريان ماڻھو جيڪي اندر گھمڻ لاءِ ايندا آھن. مگر ھر حالت ۾ اسان  جا پنھنجا ماڻھو ذميوار آھن، شاباس آھي انگريزن آفيسرن کي اھي ڪڏھن پنھنجن زيردستن جي  ڪمن ۾ خواه مخواه دست اندازي نھ ڪندا آھن، ڊائريڪٽر پاڻ اسان کي چيو تھ نوران بابت ڪمشنر ڳالھھ ٻولھھ ڪئي ھئي ۽ تو ڏٺو ڪين تھ جڏھن زناني وارڊ ۾ ھلڻ لاءِ  چيوسينس  تھ ٿڪ جو بھانو  ڪري نٽائي ويو ۽ نوران بابت ذرو بھ ڪونھ پڇيائين تھ ڇا معاملو آھي. جي سچ پچ ھن کي اسان ۾ ڀروسو ۽ اطمينان نھ ھجي ھا تھ نوران بابت کوٽي ڳالھيون  پڇي ھا، بلڪھ ھلي ڏسي بھ ھا. جوزف کي ڏسي ھن کي پڪ ٿي تھ نوران بھ جوزف جھڙو ئي ڪيس آھي. تنھنڪري جيئن مون کيس چيو تھ بھتر ائين ٿيندو تھ ڪمشنر کي چوي تھ پاڻ ھتان اسپتال گھمي وڃي، ڪمشنر ھونئن تھ ماڻھو ڏاڍو سٺو آھي، پر ذرا شڪي ماڻھو آھي. تنھن کان سواءِ توکي تھ خبر آھي تھ اسان کي ڇا جو ڊپ آھي! ڀلي اچي،  پاڻ خاطري ٿي ويندس تھ معاملو ڪيئن آھي، پر مون کي رڳو ھڪ ڊپ بيٺو آھي تھ اوچتو ڪنھن  مھل نھ اچي نڪري. توکي تھ خبر آھي تھ اسان کي پورو پاڻي نٿو ملي، چريا گھڻو ڪري گدلا رھندا آھن. تنھنڪري صفائي رکڻ جو موقعو ئي نھ ملندو. جيئن ڊائريڪٽر ڀيري ٿيو. تنھنڪري منھنجي صلاح آھي تھ صفائي ڪيئن بھ ڪري رکندو اچ، ان ۾ جيتوڻيڪ ڪم وڌي ويندو ۽ سپاھين کي تڪليف ٿيندي پر ڇا ڪجي جو مجبور آھي.“

ٻھ ھفتا گذري ويا مگر ڪمشنر صاحب منھن نھ ڪڍيو، ھڪڙي ڏينھن ھن جي پي، اي جو ٽيلفون آيو تھ ڪمشنر  صاحب توھان سان ڳالھائڻ  ٿو گھري، مون چيو ڀلي نمبر لڳائي ڏيو تھ ڳالھائيانس.

مان: ھلو ھلو! ساين السلام  عليڪم، آئون ڊاڪٽر شيخ آھيان، چرين جي اسپتال مان ڳالھائي رھيو آھيان، اوھان جي ماڻھوءَ ٻڌايو تھ اوھين ياد ڪري رھيا آھيو.

آواز: وعليڪم السلام! شيخ صاحب منھنجو ۽ بيگم صاحبھ جو ارادو آھي تھ تنھنجي اسپتال ڪڏھن گھمي وڃون، اوھين ڪڏھن واندا ھوندا تھ اچون؟

مان: سائين! جڏھن اوھان جي مرضي، آئون ھر وقت تيار آھيان.

ڪمشنر: مون کي شام جو فرصت ٿيندي آھي، جيڪڏھن تڪليف نھ ٿئي تھ سڀاڻي شام جو اچون؟

مان: سائين! شام جو ڏاڍو چڱو ٿيندو، اسين بھ ڪم ڪار ڪري فرصت ۾ ھوندا آھيون، ھڪ عرض آھي جيڪڏھن قبول فرمايو.

ڪمشنر: بيشڪ ٻڌايو.

مان: سائين جن جيئن سڀاڻي شام جو بيگم صاحبھ سان تشريف آڻي رھيا آھن تھ منھنجي طرفان چانھھ قبول فرمائين  آئون پنھنجي آفيس ۾ ئي بندوبست رکندس.

ڪمشنر: ڏاڍو سٺو، پوءِ سڀاڻي شام جو ڇھين بجي وقت مقرر ٿيو.

مان: حاضر سائين.

مون پنھنجي اسسٽنٽ کي چيو، ڏاڍو چڱو ٿيو، تڪليف دور ٿي، سڄو سارو ڏيڍ ڏينھن پيو آھي، صفائي ٿي وڃي باقي چانھھ لاءِ ڪجھھ پيسٽري مٺائي ۽ مٺا سمبوسا ٺھرائي وٺجانءِ.

ٻئي ڏينھن ڪمشنر صاحب پنھنجي بيگم سان گڏجي آيو، آفيس ۾ وٺي ويو سانس، ڪجھھ وقت ساھي وٺي ٻاھر نڪتاسين تھ مون چيو تھ ”پھريائين ھڪ ٻھ مردانو وارڊ ڏسي ۽ پوءِ زناني وارڊ ۾ ھلون.“ تنھن تي ترت چيائين تھ، ”نھ اسين مردانو  وارڊ ڪونھ ڏسنداسين بلڪھ زنانو.“

اسين ھوڏانھن روانا ٿياسين، رستي ۾ مون کي چيائين تھ ”زناني وارڊ ۾ ڪا نوران نالي زال آھي؟“

تنھن تي مون وراڻيو، ”ھائو! ھڪ عجيب ۽ دلچسپ ڪيس آھي.“

زناني وارڊ ۾ گھڙندي شرط نوران لاءِ پڇيائين؟

مون جمعدار کي چيو، ”نوران کي ھتي بيگم صاحبھ وٽ وٺي اچي.“

نوران جي ايندي ئي مون کيس چيو تھ، ”نوران ھي ڪشمنر صاحب آھي ۽ ھي سندس بيگم صاحبھ.“

نوران: تڏھن چئبو تھ منھنجو خط اوھان کي پھتو آھي، ڏاڍي گھڻي وقت کان پوءِ آيا آھيو!

پوءِ انھن نوران کان پئي حال احوال پڇيو ۽ ڪجھھ وقت ھن سان پئي ڳالھايو. انھن جي معمولي سوالن جا جواب نوران چڱي طرح پئي ڏنا، نيٺ نوران چيو:

نوران: آئون نھايت چڱي ڀلي آھيان مون کي اجايو ھيترن ڏينھن کان وٺي بند ڪيو اٿن، مون کي ڇڏين تھ ھلي وڃان.

ڏٺم تھ ڪمشنر صاحب نوران جي ڳالھين کان ڏاڍو متاثر ٿي آيو ۽ نھايت گنڀير ھو، جنھن مان سمجھيم تھ ڪاوڙيل آھي.

ڪمشنر: نوران کي ھتي آئي گھڻو وقت ٿيو آھي؟

مان: اٽڪل چار مھينا.

ڪشمنر: ھتي ھن کي ڪنھن آندو؟

مان: پوليس مئجسٽريٽ جي معرفت ھن کي تپاس لاءِ ھتي موڪليو ويو ھو، ڏھن ڏينھن جي تپاس کان پوءِ مون مئجسٽريٽ کي لکيو ھو تھ نوران پاگل آھي.

ڪمشنر: آئون سمجھان ٿو تھ علاج کان پوءِ ھاڻي ھوءَ چڱي ڀلي آھي.

مان: نھ سائين! اڃا دماغي حالت درست اٿس!

ڪشمنر: ڇا! پر ھوءَ بلڪل ٺيڪ ڳالھائي ٿي.

مان: حقيقت ۾ اوھان کانئس اھي سوال ڪين پڇيا آھن، جتي گڙٻڙ آھي.

پوءِ مون ڪمشنر صاحب کي ھوريان چيو جو نوران نھ ٻڌي سگھي، تھ سندس شادي بابت پڇا ڪري.

ڪمشنر: نوران ھتان وڃي شايد تون شادي ڪرڻ گھرين ٿي؟

نوران: منھنجي شادي ٿيل آھي! پر ھتان وڃي آئون پنھنجي پيءُ، چاچي ۽ مڙس سڀني تي ڪيس ڪندس.

ڪمشنر: ڪيس ڇا جي لاءِ ڪندينءَ؟

نوران: بابي تي انھيءَ لاءِ تھ ھن ڇو مون کي چاچي جي پٽ سان پرڻايو آھي ۽ چاچي تي انھيءَ لاءِ تھ ھن بابا کي ورغلائي پنھنجي پٽ سان شادي ڪرائي آھي، مڙس تي ان لاءِ تھ ھن ڇو مون سان شادي ڪئي؟

ڪمشنر: ھن ۾ ڇا ٿيو؟ مائٽن ۾ شادي ڪرڻ تھ پاڻ چڱي ڳالھھ آھي!

نوران: سڀ بدمعاش آھن، انھن سازش ڪئي آھي ۽ انھيءَ سازش ۾ سڀ مليل آھن!

ڪمشنر: تنھنجو پيءُ، چاچو ۽ مڙس  ڇا ڪندا آھن؟

نوران: ٽئي زميندار آھن ۽ وڏا ڪاٽڪو آھن، وڏا ڌاڙيل آھن.

ڪشمنر صاحب: وائڙو ٿي مون ڏانھن ڏسڻ لڳو ۽ کيس ھاڻي ڪجھھ ڳالھھ سمجھھ ۾ اچڻ لڳي ھئي.

ڪمشنر: ڊاڪٽر صاحب! انھن ماڻھن جي ڪا خبر آھي؟

مان: (آھستي سان) ھائو سائين! رحيم يار خان ڏانھن وچولي درجي جا زميندار آھن، خبر ڪڍي اٿم تھ ڏاڍا شريف انسان آھن! نوران پنھنجي پيءُ جي ھڪڙي ئي ڌيءَ آھي ۽ سندس مڙس پنھنجي پيءُ جو ھڪڙو ئي پٽ. ٻنھي ڀائرن جي اڻ ۾ ڏاڍي محبت آھي.

پوءِ مون ڪمشنر صاحب کي چيو تھ مون  کي اجازت ڏيو تھ آئون نوران کان ڪجھھ پڇان، ڪشمنر صاحب مٿو ڌوڻي ھائو ڪئي.

مان: نوران! ڪمشنر صاحب جي مرضي آھي تھ توکي ھتان ڇڏيون، پر صاحب اھو معلوم ڪرڻ ٿو گھري تھ ڪيس کٽڻ کان پوءِ تون ڪنھن سان شادي ڪندينءَ؟

نوران: بابو وڏو بيوقوف آھي، چاچي جي ڏٽي ۾ اچي ويو آھي، مون اڳواٽ کيس چيو ھو تھ خراسان جو شھزادو مون سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار  آھي ۽ لک روپيا شادي جي خرچ لاءِ بھ ڏيندو، پر بابا ڪين مڃيو، ھاڻي ھتان ڇٽي آئون ھنن تي ڪيس ڪندس.

مان: نوران! ڪيس ڪرڻ لاءِ تو وٽ پئسا ڪٿان ايندا؟

نوران: پئسا! شھزادو سڀ خرچ ڪندو بلڪھ ولايت مان وڪيل گھرائڻ لاءِ تيار آھي.

مان: ڀلا ھينئر شھزادو ڪٿي آھي؟

نوران: شيرو ڪاسائيءَ وٽ ٽڪيو پيو آھي!

مان: نوران، تون فڪر نھ ڪر، توکي بلڪل جلدي ڇڏي ڏينداسين.

ڪمشنر صاحب ۽ بيگم زناني وارڊ کان ٻاھر نڪري آيا ۽ پڇيائون تھ ڊاڪٽر صاحب نوران ڪڏھن ٺيڪ بھ ٿيندي؟

مان خاطري سان ڪجھھ چئي نٿو سگھان، اميد گھٽ ٿي نظر اچي.

بيگم: ڀلا ائين مغز ڇو خراب ٿيو اٿس؟

مان: حقيقت ۾ مون ھن ڪيس ۾ زور لاتو آھي! نوران جي مائٽن کان بھ گھڻو ڪجھھ پڇيو اٿم، پر ڪجھھ خبر پئجي نھ سگھي آھي، ايترو معلوم ٿيو آھي تھ شيرو ڪاسائي برابر سندن ڳوٺ ۾ رھي ٿو ۽ ڏاڍو اشراف آھي. مھيني مھيني گوشت  جا پئسا وٺڻ ايندو آھي، باقي وڌيڪ ڪجھھ معلوم نھ ٿي سگھيو آھي. ۽ پوءِ اسين کلندا پنھنجي آفيس ڏانھن روانا ٿياسين.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com