سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: عبرت ڪده

باب: --

صفحو :11

 

پچڪاري

 

منھنجو دستور ھوندو ھو تھ اسپتال ۾ اچڻ شرط پھريائين نوان آيل بيمار تپاسيندو ھوس، انھن جو ڪم پورو ڪري ٿورا ٿورا پراڻا ڪيس ڏسندو ھوس. جيئن ھڪ نئين آيل  بيمار جو احوال قلبمند ڪري، رھيو ھوس تھ ڪمري کان ٻاھر گھمسان ۽ گوڙ ٻڌم. ايتري ۾ ڪنھن شيءِ جي ڪرڻ جو آواز آيو ۽ پوءِ زور سان ڪنھن ماڻھوءَ جي ڪرڻ جو آواز ۽ پوءِ ڪو ڏاڍيان رڙ ڪري چئي رھيو ھو تھ ڇڏيو مون کي نھ تھ خون ڪري ڇڏيندس، منھنجا ھٿ کولي ڇڏيو؛ ھي پچڪاري مون کي ڏيو، پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو تھ مينگھو چريو مستيءَ ۾ آھي. مون کي ڏيکارڻ لاءِ ھن کي وٺي آيا ھئا ۽ منھنجي آفيس جي سامھون ھڪ بينچ تي ھن کي وھاريو ھيائين. ھن جا ھٿ پٺيان نوڙيءَ سان ٻڌي ڇڏيا ھئايون، ڇاڪاڻ تھ  تھ ھو خطرناڪ چريو ھو. جيئن ھو بينچ تي ويٺو ھو تھ ڪمپائونڊر ھڪ ٽري ۾، ڪنن جي پچڪاري ۽ ٻيو سامان کنيو مينگھي جي ڀرسان لنگھيو، تھ ٽري ان جي ھٿ ۾ ڏسي لت ھڻي ڪيرائي وڌائين ۽ پوءِ پاڻ پٽ تي ڪري ڏندن سان پچڪاري جھلڻ جي ڪوشش ڪيائين، تھ اسپتال جي سپاھيءَ کڻي جھليس،  تنھن تان ئي ھي ايترو گوڙ ۽ گھمسان ھو، مينگھي کي اندر گھرائي ڪرسيءَ تي ويھڻ  لاءِ چيم، پر ھن جي رڙ  پئي تھ منھنجا ھٿ کوليو. ڀڳوان جي واسطي مون کي پچڪاري ڏيو، آئون ڏاڍي حيرت ۾ مينگھي کي جاچي رھيو ھوس، مون جمعدار کي چيو تھ مينگھي جا ھٿ کولي ڇڏي، پر جمعدار وائڙو ٿي مون کي چوڻ لڳو، ”سائين! ھي مينگھو ڌاڙيل  آھي جنھن ٻھ خون ڪيا آھن، ماڻھن سان وڙھي بھ ٿو ۽ ڌڪ بھ ھڻي ٿو. ھن کي گھڻو ڪري انھن ئي مھينن ۾ دورو پوندو آھي ۽ پوءِ ڪنھن کي جھل نھ ڏيندو  آھي، تنھنڪري ھن جا ھٿ ٻڌي ڇڏيندا آھيون تھ لچائي نھ ڪري سگھي.“

مان: وڏا نالائق آھيو مون ڪيترا ڀيرا اوھان کي سمجھايو آھي تھ ائين ھٿ نھ ٻڌندا ڪريو، پر اوھين ڪڏھن ڪين سمجھندا، مون کي پڪ آھي تھ مينگھي جا ھٿ ڇوڙي ڇڏڻ تي ھو ڪڏھن ڪين وڙھندو.

منھنجي چوڻ تي مينگھي جا ھٿ کوليا ويا، ھو ماٺ ڪري ڪجھھ وقت تائين ويٺو رھيو، پوءِ جوش ۾ اچي مون کي چوڻ لڳو، تھ مون کي پچڪاري ڏيو، پچڪاري ڏيو. آئون ھن جي حرڪت کان حيران ھوس تھ ڇو ھو بار بار پچڪاري گھري رھيو آھي؟

مون ان جي نفسياتي پھلوءَ تي گھڻو ئي سوچڻ ڪوشش ڪئي، پر ان وقت مون کي ڪجھھ بھ سمجھھ ۾ ڪين آيو نيٺ فيصلو ڪيم تھ ان جي جذبات تي پچڪاري جو اثر ڏسجي، تنھنڪري پچڪاري گھرائي ھن کي ڏنم ۽ جاچڻ لڳس تھ ھو ڇا ٿو ڪري، پچڪاري ملڻ تي ان کي کڻي ڏاڍو خوش نظر آيو. ھيڏانھن ھوڏانھن اکيون ڦيرائي ڏاڍي غضبناڪ نموني سان ڏسڻ لڳو؛ جمعدار ۽ ٻيو سپاھي ڊڄي ويو، پر آئون ھن جو حرڪات ۽ سڪنات ڏسي مشڪڻ لڳس، منھنجو چھرو ڏسي ھن جي ھمت ڪجھھ وڌي ۽ اوچتو ڏاڍي ڦرتيءَ سان منھنجي ميز وٽ پھچي ويو ۽ ڳاڙھي مس جي ڪپڙي جا اتي پيل ھئي، تنھن کي کڻي پتل جو جيڪو پاڻيءَ سان ڀريل ڪٽورو اتي رکيو ھو، تنھن ۾ کڻي ان کي ھاريو، پر مون ڏٺو تھ ھن بھ بجليءَ جي تيزي وانگر ميز تي جو سرڪاري چاقو پيو ھو سو کڻي ورتو، ھاڻي آئون بھ ڊڄي ويس ۽ رڙ ڪري جمعدار کي چيم تھ پري ھٽي بيھو، ڏٺم تھ مينگھو ڏاڍي جوش ۾ ھو ۽ ممڪن ھو تھ ھو ڪجھھ ڪري وجھي ھا، پر مون کلي ھن کي چيو تھ، ”ھي شرافت آھي، تنھنجو ڪم آھي پچڪاري سان، جا مون توکي ڏني مون کي ڏي چاقو؟“ ھن خاموشيءَ سان چاقو منھنجي ھٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو ۽ پوءِ ماٺ ڪري پتل جي ڪٽوري سان، جو مس جي ڪري ڳاڙھو ٿي ويو ھو، تنھن مان پچڪاري ڀرڻ لڳو ۽ مون ڏانھن شڪي نظرن سان نھارڻ لڳو. آئون ھاڻي ھن جو مطلب سمجھندي مشڪڻ لڳس، مون کي مرڪندي ڏسي ھن کي اطمينان ٿيو ۽ سندس ھمت وڌي. تنھنڪري سڄي پچڪاري ڳاڙھي ٿيل پاڻيءَ سان ڀري، وري وڃي ڪرسي تي ويھي رھيو ۽ ٻنھي ھٿن سان پچڪاري جھلي چپن کي چورڻ لڳو. ڄڻ ڪنھن سان ڳالھائي رھيو ھو مون کي ھاڻي ڪجھھ ڪجھھ سمجھھ ۾ اچي رھيو ھو، پر چپن چورڻ واري پوئين حرڪت اصل سمجھھ ۾ ڪين آئي. ڪيتري دير تائين ھو پچڪاري ائين ھٿن ۾ جھليو سڪون جي حالت ۾ ويٺو رھيو، نيٺ مون ھن کي چيو تھ ”مينگھو تون ھي پچڪاري کڻي ڀلي پنھنجي ڪوٺيءَ ۾ ھليو وڃ، ڏٺم تھ ھو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ماٺ ڪري ڪرسيءَ تان اٿي پنھنجي وارڊ ڏانھن پچڪاري کڻي ھليو ويو.“

(2)

مينگھي جي آتم ڪھاڻي ڏاڍي درد ڀريل آھي، جنھن کي ٻڌي لڱ ڪانڊارجو وڃن، ھن جي حرڪتن جي ھنن جي آتم ڪھاڻي ٻڌڻ کان پوءِ ڀلي ڀت خبر پئجي ٿي سگھي. ھن جي چريائي جي وقت جون حرڪتون جھڙوڪھ پچڪاري گھرڻ يا ماڻھن سان وڙھڻ يا ڪنھن خاص مند ۾ دورا پوڻ ۽ انھن دورن جي رت ۾ پچڪاري جي طلب ڪرڻ ۾ ھڪ خاص مقصد لڪل ھو. ديوانگي جي وقت جون حرڪتون، جوش ۾ اچڻ کان پوءِ جون حرڪتون ۽ سانتيڪائي  جي مھل ان حالت ۾ ھن تي جيڪو خون جو ڪيس ھليو ھو، تنھن جي سموري ڪاروائي جي مختلف ٽڪرن کي ملائي جانچڻ مان مينگھي جي سڄي آتم ڪھاڻي، بلڪل چٽي طرح اسان جي سامھون اچيو وڃي، ۽ ھڪ افسانو بڻجيو پوي، ڪھڙوسبب ھو جو مينگھو ھڪ ڊڄڻيءَ ذات ھوندي بھ خون ڪرڻ تي لھي آيو؟ ڪھڙو سبب ھو جو پوءِ پوليس جي ھٿ چڙھي ويو؟

مينگھو ذات جو ڪولھي ھو ۽ عمرڪوٽ شھر جو رھندڙ ھو، ھوليءَ جا ڏينھن ھئا، چئني پاسي ڳوٺن ۾ ڏينھن رات ڦاڳ پئي ڳايائون ۽ گھر گھر خوشيون ملھائي رھيا ھئا، ٿر جي ھن پاسي ڪافي ھندو رھندا ھئا، مينگھو پنھنجي ڀونگي جي باھر ڇنل کٽ تي چلم ويٺي پيتي ۽ ٿورو پرتي ڪيترائي ٻارڙا راند ڪري رھيا ھئا. انھن مان ھڪ ڇوڪري جي ھٿ ۾ رنگ سان ڀريل پچڪاري ھئي، جو ھو سڀني کي ان سان رنگ ھڻي رھيو ھو، ايتري ۾ ھڪ ننڍو ڇوڪرو ڊوڙندو مينگھي وٽ آيو ۽ اچي چيائين تھ بابا! مون کي بھ اھڙي پچڪاري وٺي ڏي.

مينگھي ھن کي گھڻو سمجھايو تھ ٻچا ھو ٺاڪر صاحب جو پٽ آھي، تون ھن جي برابري ڪيئن ڪري سگھندين؟

پر ھن مينگھي جي ڳالھھ  نھ ٻڌي؛ وپو ضد ڪيو نيٺ بھ ننڍو بار تھ ھو، ھن کي ڀلا ڪھڙي خبر تھ ٺاڪر جو ننيگر وڏي ماڻھوءَ جو پٽ آھي، ۽ ھو ھڪ غريب مسڪين ڪولھيءَ جو ٻار آھي، نيٺ ضد ڪندي روئڻ ۾ اچي پيو. لاچار مينگھي کي چوڻو پيو تھ چڱو! توکي سڀاڻي پچڪاري آڻي ڏيندس، انھيءَ تي مس مس ڇوڪري وڃي ماٺ ڪئي، پٽ کي ماٺ ڪرائڻ لاءِ مينگھو چئي تھ ويٺو پر اندر جھوپڙيءَ ۾ وڃڻ تي معلوم ٿيس تھ گھر ۾ ھڪ پائي بھ نھ آھي، مينگھو ڏاڍو سڌو ماڻھو ھو، پگھر وھائي ڏوڪڙ ڪمائيندو ھو، جيترو ملندو ھوس اوتري مان گذران ڪندو ھو، نھايت ايماندار ماڻھو، بڇڙين ڳالھ کان سدائين پري رھندو ھو.

ڪيترا ڀيرا گھر ۾ ان داڻا نھ ھئڻ جي ڪري ٻھ ٻھ ٽي ٽي ڏينھن لنگھڻ ڪاٽڻو پوندو ھوس تھ بھ ڪڏھن دل ۾ برا خيال پيدا ٿيڻ نھ ڏيندو ھو، ڏوھھ ڪرڻ جي نالي کان ھو ڏڪي ويندو ھو.

ھن جي زال بھ اھڙي ئي صبر واري ھئي ۽ مڙس جي چئي ۾ ھوندي ھئي، اڄ مينگھو پئسن جي سخت ضرورت محسوس ڪري رھيو ھو جو ھن پنھنجي سڪيلڌي پٽ کي ٻين ٻارن ۾ ائين چوندو ٻڌو ھو تھ ”ٻچو! منھنجو بابو مون کي بھ  پچڪاري آڻي ڏيندو.“ مينگھي جي اکين ۾ ھن ٻچي جي آس سان ڀريل صورت نچي رھي ھئي، ھن جي دماغ ۾ طرحين طرحين خيال گھمي رھيا ھئا تھ جيڪڏھن سڀاڻي کيس پچڪاري نھ آڻي ڏيئي سگھيس تھ معصوم ٻار جي اميدن تي پاڻي ڦري ويندو ۽ ھو ڪيترو ضدي آھي، روئي روئي صبح ڪري ڇڏيندو ۽ اھو مان سھي ڪونھ سگھندس.

انھيءَ فڪر ۾ مينگھو سوير اٿيو ۽ ڪھاڙي کڻي جھنگ ڏانھن روانو ٿيو، سڄو ڏينھن ھن جھنگ ۾ ھڪ ھڪ ٻٻر جو وڻ ڳولي سڪل ڪاٺيون وڍيون، سانجھيءَ تائين ھڪ چڱي خاصي ڀري گڏ ڪري ورتائين، جا مٿي تي رکي گھر جي طرف روانو ٿيو، ھن کي ھڪ قدم ھلڻ بھ ڳرو پي لڳو، ھاڻ اڃ جدا ھلاڪ ڪري رھي ھيس تھ اڃ کان پيٽ ۾ سور ٻئي طرف تڪليف ڏيئي رھيو ھوس. جيئن تيئن قدم وڌائيندو گھر تائين پھتو، ڪاٺين جي ڀري ھڪ پاسي اڇلائي پاڻي پيٽ ڀري پيتائين، ھاڻي ڪجھھ بت ۾ ساھھ پيس، پر پيٽ جو سور اڃا گھٽ ڪين ٿيو ھيس. سور جو ھن کي ايترو خيال نھ ھو جيترو ٻئي ڏينھن ڪاٺين وڪڻڻ جو فڪر ھيس.

صبح ٿيو، مينگھو ڪاٺين جي ڀري مٿي تي رکي، شھر ڏانھن روانو ٿيو، شھر بھ ميل ڏيڍ پري ھو، پھچندي شرط مال جو اگھھ ٿيڻ شروع ٿيو، ڪنھن چيو ٻھ آنا، تھ ڪنھن چيو ٽي آنا، وٺين تھ وٺ نھ تھ ھليو وڃ. مينگھي چيو تھ پنجن آنن کان پائي گھٽ نھ وٺندس ۽ اڳتي وڌي ويو. ڪنھن پڇيس تھ ڇا وٺندين؟ تھ مينگھو جواب ڏنو تھ ڇھھ آنا، تھ ڪنھن ٻئي چيو تھ ”بيوقوف ٿو بنائي، ڏسو تھ سھي ٻھراڙيءَ جو ڄٽ ڇا ٿو سمجھي. ائين سڄو شھر ۽ گھٽيون ڦرندو رھيو ۽ ماڻھن جون چٿرون ٻڌندو رھيو، نيٺ جڏھن ڦيريون پائي ٿڪيو تھ ھڪ ھنڌ پنجن آنن ۾ ڀري وڪڻي ڇڏيائين. بازار ۾ پھچي سڀ کان اڳي ھن ڇھن پيسن ۾ ھڪ پچڪاري خريد ڪئي ۽ آني جو گلال ورتائين، پوءِ باقي پيسن مان پٽاٽا، بصر ۽ دال وڍي پنھنجي گھر جو رستو ورتائين، ھاڻي ھن جا پير گھر ڏانھن تڪڙا وڌي رھيا ھئا، چھري تي خوشي ۽ شانتي نچي رھي ھيس.

(3)

مينگھي جي گھر جي واٽ تي ھڪ خالي ميدان تي ديوان ھيرانند ڊپٽي جي منزل ھئي، ديوان صاحب جي عادت ھئي تھ گھر کان ٻاھر گشت تي نڪرندو ھو تھ ٻار بچا بھ ساڻ کڻي ھلندو ھو، ٻار ٻچا سڀئي گشت ۾ سيل سپاٽو ڪندا ھئا، مينگھو ڊپٽي صاحب جي تنبوءَ وٽان پنھنجي ڀونگيءَ ڏانھن تڪڙو تڪڙو وڃي رھيو ھو تھ ڊپٽيءَ جي پٽيوالي ھڪل ڪري چيس، ”اڙي ڪولھيءَ جا ٻچا! ڪٿي پيو تڪڙو تڪڙو وڃين.“

مينگھي جواب ڏنو، ”ابا پنھنجي ڀونگي ڏانھن پيو وڃان.“

پٽيوالي رعب رکندي چيو، ”اڙي ھٿ ۾ ڇا کنيو پيو وڃين.“

مينگھي ڊڄندي جواب ڏنو ”ڀاڄي ۽ پچڪاري.“

پٽيوالي وري دٻ ڪڍندي چيو، ”اڙي ڀوڪ ڪٿي جا! ھيڏانھن ڪر پچڪاري، ڏي ديوان جي پٽ لاءِ.“

مينگھي جي مٿان ڄڻ ڇپ ڪري پئي، ھٿ پير بي ستا ٿي پيس، دل ڌڪ ڌڪ ڪري تڪڙي ھلڻ لڳس ۽ اکين اڳيان اونده اچڻ لڳس، پر ھمت ڪري جواب ڏنائين، ”نھ نھ! پچڪاري مان ڪونھ ڏيندس.“

پٽيوالي ڪاوڙ ۾ چيس، ”اھڙي جا تھڙا! ڪيئن نھ ڏيندين؟“

اڳتي وڌي ٻانھن کان کڻي جھليائينس ۽ آھستي سان ڀڻڪي ۾ چيائين، ”چڱو! پچڪاري نٿو ڏين تھ ڪڍ ھڙ مان روپيو.“

ويچارو روپيو ڪٿان ڪڍي، ڏاڍي مشڪل سان تھ پنج آنا ڪمايا ھيائين. جيڪيڏھن کيسي ۾ روپيو ھجيس ھا تھ ھڪ پچڪاري جي لاءِ ضد نھ ڪري ھا، شايد ڏيئي ڇڏيس ھا، خوف بيٺو ھوس تھ جيڪڏھن پچڪاري ھٿن مان وئي تھ پنھنجي معوصم نادان ٻالڪ کي ڪيئن پرچائيندس، اھڙي مصيبت ۾ رڳو ”ھاءِ پرڀو“ کان سواءِ وات مان ٻيو ڪجھھ ڪڇي ڪين سگھيو. پٽيوالي وري چيس، ”پچڪاري ڏين ٿو يا ديوان وٽ وٺي ھلانءِ.“

مينگھي لاچار ٿي چيو، ”ڀلي وٺي ھل، پر پچڪاري ڪونھ ڏيندس.“

پٽيوالو کيس ھٿ سان گھليندو ڊپٽي صاحب وٽ وٺي آيو ۽ چوڻ لڳو، ”سائين اوھان جو ننڍو پچڪاريءَ لاءِ ڦتڪي رھيو آھي ۽ ڀوڪ ڏيڻ کان انڪار ٿو ڪري.“

مينگھي ھمت کان ڪم وٺندي ھٿ ٻڌي چيو، ”سرڪار مائي باپ آھي، اسين سرڪار جي رعيت آھيون گستاخي معاف ٿئي، سرڪار جي پٽ جيان منھنجو بھ ھڪ ننڍو ٻچو آھي، صبح کان محنت مزوري ڪري ھن جي لاءِ پچڪاري آندي اٿم، ھولي جو ڏھاڙو آھي، ٻچو نادان آھي روئي روئي ھلاڪ ٿيندو. ھن کي ڪيئن مايوس ڪريان مون کي ڇڏيو تھ وڃان ۽ ويچارو روئڻ لڳو. پر ظالمن کي ڪھل نھ آئي، ڊپٽي صاحب اٽلندو ڪاوڙجي ڪڙڪي سان چيو، ”حولدار کسي وٺينس پچڪاري، لتون ھڻي ڪڍيندس ٻاھر.“

پٽيوالو بھ ڪاوڙ سان ڀرجي اچي مٿانس پيو، پر مينگھو پچڪاري کي سوگھو جھلي بيٺو ۽ چوڻ لڳو ”منھنجو ساھھ کڻي ڪڍو، پر پچڪاري نھ ڏيندس.“ گاريون ٻڌائين ۽ ڌڪ بجا ۽ مار کاڌائين، پر پچڪاريءَ کي ھٿ مان نھ  ڇڏيائين نيٺ ڊپٽي صاھب جي گوڙ ۽ رڙ تي ٻيا پٽيوالا ڀڄندا آيا ۽ زور زبردستيءَ سان ھن جي ھٿ مان پچڪاري کسي وئي ۽ ھن حوالات ۾ قابو ڪيو ويو.

مينگھي جي زال کي جڏھن خبر پئي تھ ٻار کي ساڻ ڪيو ڊوڙندي آئي. مينگھو جو رسي سان ٻڌو پيو ھو، پنھنجي پٽ کي ڏسندي ئي ھٿ جي اشاري سان ديوان جي پٽ ڏانھن اشارو ڪرڻ لڳو، جنھن جي ھٿ ۾ اھا پچڪاري ھئي، جا ھن کان کسي وئي ھئي، مينگھو غمناڪ آواز ۾ پنھنجي پٽ کي چوڻ لڳو. ”ڏس پٽ! اھا پچڪاري مون تنھنجي لاءِ آندي ھئي پر ھنن ظالمن مون کان زبردستي کسي ورتي آھي، تون ڪو فڪر نھ ڪر.“

ائين چئي جوش ۾ اچي پاڻ کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو تھ ديوان جي پٽ کان پچڪاري جھپٽو ڏيئي کسي وٺي، پر نوڪرن کيس وري قابو ڪري ورتو ۽ کيس خوب ڪٽڻ لڳا، پيءُ جي ھيءَ حالت ڏسي پٽ روئڻ لڳو ۽ زال ھن جي زال بھ روئڻ لڳي ۽ پنھنجي ٻار جو اکيون پوتيءَ سان اگھندي چوڻ لڳي. ”نھ رو پٽ نھ رو.“ وري ڊپٽي جي پيرن تي ڪري ھٿ ٻڌي ھن کي ايلاز ڪندي چوڻ لڳي. ”سائين منھنجو مڙس بيوقوف آھي، پٽ جي پريم ۾ الائي ڇا ڪري وڌو اٿس، اوھين ڀلي پچڪاري وٺو پر ھن کي ڇڏي ڏيو.“

ليڪن ڊپٽي صاحب کي ذرو بھ رحم نھ آيو ۽ ھن جي چوڻ تي مائيءَ کي بھ نوڪرن خوب ماري تنبوءَ کان ٻاھر ڦٽو ڪيو جا روئندي ۽ منھن مٿو پٽيندي پنھنجي ڀونگيءَ ڏانھن موٽي وئي.

(4)

مينگھي تي 110 جو مقدمو ھلايو ويو، ھو ويچارو بنا ڪنھن قصور جي ڪامورن جي ظلمن زبردستيءَ  جو شڪار ٿي ويو، سندس ضمانت ڪنھن نھ ڏني، ٺاڪر صاحب جو کيس چڱي طرح سڃاڻندو ھو، سو بھ سندس مدد کي نھ آيو. ائين کيس ھڪ سال جيل اماڻيو ويو، جيتوڻيڪ مائي ڊوڙي ٺاڪر صاحب وٽ وئي، پر ھن ضمانت ڏيڻ کان انڪار ڪيو، بري حالت مينگھي جي زال جي ھئي، ويچاري روئي روئي اڌ مئي ٿي پئي ھئي، وٽس نھ پيسو ھو نھ پائي، نيٺ لاچار ٿي ٿورا گھڻا جيڪي چانديءَ جا ڳھھ ڳٺا ھئس، سي وڪڻي پنھنجو پيٽ پاليائين، ھاڻي ھن جو ڪو سھارو نھ رھيو ھو. مصيبت ڪڏھن اڪيلي نھ ايندي آھي، ھو تھ لنگھڻ ڪڍي بھ جيئري رھي سگھي ھا پر معصوم ٻچي کي ڇا ڪري، ٽڪر ڀور لاءِ ان کي روئندي ڏسي ھن جو ھانءُ تي ڦاٽو. اھڙي مصيبت ۾ ھن جو ڪو ساٿ ڏيڻ وارو ئي نھ ھو، روئي روئي ھن شھر ماڻھن کي پنھنجي ٻچي جي مدد لاءِ چيو، پر ڪنھن بھ پرواه نھ ڪئي، لاچار ھن کي پنھنجو سھارو وٺڻو پيو، سڄو ڏينھن ڪھن ڀر واري ڳوٺ مان پني ايندي ھئي ۽ جيڪي ملندو ھوس ان مان پنھنجو  گذارو ڪندي ھئي،م ڪڏھن پيٽ ڀري، ڪڏھن اڌ پيٽ، تھ ڪڏھن خالي پيٽ، اھڙي طرح وئي حياتيءَ جا ڏينھن ڪاٽيندي. اوچتو شھر م ماتا جي بيماري پئي، بيماري بھ ڏاڍي ھيبتناڪ صورت اختيار ڪئي، جو ماتا جي مرض کان ورلي ڪو گھر بچيو ھوندو. مينگھي جي پٽ کي بھ ماتا نڪي، ويچاري زال ذات ڇا ٿي ڪري سگھي. ھڪ پاسي پيٽ پالڻ جو فڪر تھ ٻئي پاسي پٽس جو ھي ھال، بيماري بھ زور رکيو، دوا دارون جو بھ ڪو وسيلو ڪونھ ھو ٻن مھينن کان پوءِ ڇوڪرو ماتا مان تھ ڇٽو، پر نمونيا ٿي پيس، نيٺ انھيءَ ۾ ئي مري ويو.

ھڪڙو ئي پٽ، سو بھ اھڙي تڪليفن سان ساھھ ڏيئي، ويچاري ماءُ روئي روئي ڏينھن رات ھڪ ڪري ڇڏيو ڪو آٿت ڏيڻ وارو ڪونھ ھوس، بدن ھڏن جو پڃرو وڃي بچيس، مڙس جي وڇوڙي ۽ پٽ جي موت ھن اڀاڳڻ جي دل ئي ٽوڙي ڇڏي ھئي، پاڙيسيرين وٽان سواءِ چٿرن جي ٻي ڪا مدد نھ مليس، روڄ راڙو ڪندي سال گذري ويو، مينگھو بھ جيل مان ڇٽي آيو، سال کن زال ۽ ٻارڙي جي وڇوڙي کان ڪھڙي حالت ٿي ٿئي، سو ڪو مينگھي کان پڇي.

ٻار کي ملڻ لاءِ ڏاڍو بيبات ھو، جيل ۾ سٺي ڪم ڪرڻ جي ڪري مينگھو کي پئسا بھ مليا ھئا، جيل مان نڪرڻ شرط پھريون ڪم جو ھن ڪيو سو پنھنجي پٽ لاءِ پچڪاري خريد ڪرڻ جو ھو. ۽ ھڪ پچڪاري خريد ڪري ڀونگيءَ جي طرف روانو ٿيو، ھن کي ڪھڙي خبر تھ ھاڻي ھن جو ننڍو معصوم ھن کان ڪڏھن بھ پچڪاري نھ گھرندو ۽ نھ پچڪاري لاءِ ھاڻي ھن جي پيءُ کي جيل وڃنو پوندو. گھر پھچڻ شرط اچي پٽ جو حال احوال پڇيائين زالس اچي روئڻ ۽ ڇٽڪي، مينگھو چرين وانگر اچي پٽ تي ڪريو، ڄڻ مٿس ڪنھن خنجر جو وارو ڪيو ھجي، پٽڙا! پٽڙا! چئي ٻارن وانگر روئڻ لڳو، پر ھاڻي روئڻ مان ڇا ٿي وريو. جڏھن چڱي طرح اکين مان نير وھائي لاٿائين تڏھن مس مس ڏک گھٽ ٿيس، مينگھو ڏاڍو حوصلي وارو ۽ باھمت شخص ھو، مصيبت ۾ گھٻرائيندو نھ ھو بلڪھ بھادرن وانگر ان جو مقابلو ڪندو ھو، جلد زماني کي منھن ڏيڻ لڳي ويو. جيسين ڪو بندوسبت ڪري ئي ڪري، تيسين ڏھاڙي تلاءَ مان مڇي ڦاسائي ايندو ھو، ڪجھھ پنھنجي کائڻ لاءِ رکي ڪجھھ بازار ۾ وڪڻي ايندو ھو، مينگھي جي اچڻ ڪري ھن جي زال جو بوجھھ ھلڪو ٿيو، پيٽ جو فڪر ھن لاءِ گھٽ ٿي ويو، پر بندي جي من ۾ ھڪڙي تھ صاحب جي من ۾ ٻي. خدا شايد ھن کي وڌيڪ انھيءَ ھالت ۾ رکڻ نٿي چاھيو، مينگھي کي چئن ڏينھن جي اندر ھڪ ڌاڙي جي معاملي ۾ گرفتار ڪيو ويو، حالانڪھ مينگھي جو ھن ڌاڙي  سان ڪوبھ واسطو نھ ھو، عجيب سبب ڏيکاريو ويو تھ مينگھو بيڪار ويٺو ھو ۽ معاش جو ذريعو ھن لاءِ ڪجھھ نھ رھيو ھو، تنھنڪري ضرور ڌاڙو ھنيو ھوندائين. بدقسمتيءَ سان ڪيس ساڳئي ڊپٽيءَ وٽ ھليو، جنھن ھن کي پچڪاريءَ واري معاملي جي خار ۾ وري ٽن سالن جي سزا ڏيئي ڇڏي، غريب جو ڪو واھي يا اوھي ھجي ھا تھ وڏي ڪورٽ ۾ ضرور ڇٽي وڃي ھا، پر اھڙن موقعن تي ٻيا تھ ٺھيو پر قسمت بھ ساٿ نھ ڏيندي آھي، ماٺ ڪري جيل ڀوڳڻو پيس، مينگھي جي جيل وڃڻ کان پوءِ ستت ئي سندس زال بھ کٽ تي داخل ٿي، رت تھ اڳي ئي بدن ۾ ڪين ھوس، مڙس جي موٽي اچڻ تي چڱي ڀلي ٿيڻ جي ڪجھھ اميد وري آئي ھئس، پر ٻيھر جيل وڃڻ جي حادثي ھن جي چيلھھ چٻي ڪري ڇڏي بيماري ۽ ضعيف ويو وڌندو تان جو ھوءَ بھ پٽ کي گڏجڻ لاءِ اوڏانھن وڃي پھتي.

(5)

مينگھي جو وقت جيل ۾ ڏاڍو ڏکيو گذريو، ھڪ تھ ھن کي پنھنجي زال جي مرڻ جي خبر پئجي وئي ھئي، ٻيو تھ ھن کي جيل ۾ ڏاڍو عذاب ڏيندا ھئا، پر ھن مڙس ٿي منھن ڏنو ۽ جيل جي واسطي دارن کي ھن جي برخلاف ڪجھھ چوڻ جو موقعو ئي نھ مليو، جنھن جو نتيجو اھو نڪتو جو مينگھو ڇھھ مھينا اڳي چڱي چال چلت جي ڪري جيل مان نڪري آيو، ھن ڀيري جو مينگھو ناحق جيل ۾ ويو ھو تھ ھن جي عادت ۽ خيالن ۾ گھڻو ڦيرو اچي ويو ھو. ھن سوچيو تھ بنا ڪنھن قصور جي مون چار سال جيل ۾ گذاريا. مون ڪڏھن بھ پنھنجي وات مان بڇڙو يا گٿو اکر ڪنھن کي نھ ڳالھايو. مون ھميشھ ھڪ سٺو شھري ٿي پئي گذاريو، ڪڏھن ڪنھن کي ڪين رنجايم سچائيءَ کان اڄ ڏينھن سوڌو مون پنھنجو قدم پٺتي نھ ھٽايو، تنھن ھوندي بھ ايشور جو ايترو ڪوپ، بنا ڪنھن قصور جي! زال جو ھڪ ھڪ ڪڻي لاءِ بيک منڱڻ ۽ در در تي ھٿ ڊگھيرڻ، ھي انڌير نھ چئبو تھ ٻيو ڇا؟

منھنجو ايترو ئي بي واھھ ۽ بي مددگار رھڻ، پٽ جو موت، جنھن جي غم ۾ ماتا جو پرلوڪ پڌارڻ، ڇا ان لاءِ تھ آئون ڪنھن مدائي ۾ نھ آھيان ڪنھن جو حق نٿو کسيان، ڇا ايمانداري ۽ پگھر جي ڪمائي ڪندڙ جي ھيءَ قيمت آھي؟ صاف دلي جو اھو سلوڪ آھي؟ جيڪڏھن چاھيان تھ ھينئر ڏھن ڄڻن سان پورو پوئجي سگھان ٿو ۽ انھن کي ڪيرائي  سگھان ٿو. ظلم جو ڌاڪو وجھي  سگھان ٿو، منھنجي نالي کان پوليس جيڪرلرزجي سگھي ٿي، مگر منھنجي طبيعت جي چڱائي اھڙن بڇڙن ڪمن کان مون کي روڪي ٿي ۽ مون کي ڪنن ڪمن ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي، ڏسان ٿو تھ ايشور جي گھر ۾ بھ انصاف ڪونھي، ڇا ھو گھري ٿو تھ جڳ ۾ بڇڙائي پکڙجي ۽ انسان ھڪ ٻئي جو گلو ڪپين.

مينگھي جي انھن خيالن جي پٺڀرائي ھڪ ٻئي چور ناٿي ڌاڙيل بھ ڪئي تھ دنيا ۾ بدلي وٺڻ کان سواءِ انسان ھلي نٿو سگھي، انھن خيالن جي باوجود مينگھو جيل ۾ ڏاڍو سنڀالي ھيو، جيل مان ڇٽڻ کان پوءِ اھڙيون ڳالھيون سوچيندو مينگھو گھر پھتو، گھر پھچڻ شرط ھن جي اکين ۾ ڳوڙھا ڀرجي آيا، زال ۽  ٻار جي ياد ھن کي پاڳل بنائي ٿي ڇڏيو، پراڻيون ڳالھيون ھڪ ھڪ ڪري ھن جي دماغ ۾ چڪر لڳائڻ لڳيون، ھن کي بدلي وٺڻ جو خوفناڪ خيال دل ۾ پيدا ٿيڻ لڳو. مينگھو ڪنڌ ھيٺ ڪري اھي سڀ ڳالھيون سوچي رھيو ھو تھ اتان ٺاڪر صاحب اچي لنگھيو، مينگھي کي فڪر ۾ ٻڏل ڏسي چوڻ لڳو، ”رام رام مينگھو.“

مگر مينگھي ھن جو آواز نھ ٻڌو، ڇاڪاڻ تھ ھو پنھنجي خيالن  ۾ غرق ھو، ٺاڪر وري ٿورو ڏاڍيان چيو، ”اڙي مينگھو ڪھڙن ويچارن ۾ ويٺو آھين؟“

مينگھي ھن دفعي ھن جو آواز ٻڌو ۽ مٿو مٿي ڪري نھايت حقارت جي نظر سان ھن طرف ڏسي جواب ڏنو، ”پنھنجي گھر جي برباديءَ جي ياد تازي ويٺو ڪريان، ٻيو ڇا پيو ڪريان.“

ٺاڪر چيس تھ ھاڻي سوچڻ مان ڇا فائدو؟ جيڪي ٿيڻو ھو سو ٿي چڪو. ايشور جي منشا ائين ھئي، نھ تون جيل وڃي ھا نھ گھر جو اھو حال ٿئي ھا، پٽ مئو، زال مئي ۽ گھر برباد ٿيو، ھاڻ اٿ سڀ ڀلجي وڃ ۽ وري ڪم ڪار کي لڳي وڃ.

اھو ٻڌندي ئي مينگھو جو اڳي ئي سڙيو ويٺو ھو، تنھنجي ڪاوڙ جو پارو چوٽ چڙھي ويو ۽ ڀڙڪو کائيندي ٺاڪر  کي چيائين:

”ٺاڪر جي! توکي اھڙيون ڳالھيون ڪندي شرم اچڻ گھرجي، منھنجي ستياناسيءَ جو وڏو ڪارڻ تون آھين، جيڪڏھن منھنجي ضمانت تو ڏين ھا تھ اھو سڀ ڪجھھ ڪڏھن نھ ٿئي ھا، ڇا مان چور ھوس يا ڪٿي ڪو ڌاڙو ھنيو ھوم. ڇا توکي منھنجي سڀاءَ ۽ چال چلت جي خبر نھ ھئي، تون مون کي ٻڌاءِ تھ جيئن اشراف ماڻھو ھلندا آھن تيئن مان ھليو آھيان؟ ڇا توکي خبر نھ آھي تھ مون بکن ۾ بھ پنھنجا ڏينھن گذاريا آھن، پر ڪنھن کي ھڪ پائيءَ لاءِ نھ ستايم. انھن ڳالھين بابت معلوم ھوندي بھ تو منھنجي ضمانت نھ ڏني. خير! پر جڏھن مان جيل ۾ ھوس تھ منھنجو پاڙيسيري ھوندي بھ ڇا تنھنجو فرض نھ ھو تھ منھنجي بيمار زال جي دوار دارونءَ جو بلو ڪرين ھا؟ ڇا انات جي مدد ڪرڻ گناھھ آھي؟ جيڪڏھن ھڪ پائي کڻي ڏين ھا تھ ڪو توکي  جيل نھ اماڻي ھا. ويچاري ھڪ ڦڙي پاڻيءَ جي لاءِ محتاج ھئي، تون پاڻ کي وڏو ماڻھو ٿو سمجھين، پر توکي انسان سڏائڻ جو بھ حق نھ آھي، لعنت آھي تو جھڙي خود غرض انسان تي. جنھن بيواھن جي مدد نھ ڪئي بکئي کي ھڪ ڪڻو نھ ڏنو ۽ اڃايل کي لپ پاڻي نھ ڏيئي سگھين، لعنت آھي اھڙي انسانيت تي. ڪک جي ڪا حيثيت ڪانھي، پر جي اک ۾ اڏري ٿو پوي تھ تڪليف ٿو ڏئي، ھاڻي مينگھو اچي ويو آھي. ڏسجو تھ اوھان جھڙن ڪانئرن کان ڪيئن ھڪ ھڪ ڪري ظلمن جو بدلو ٿو وٺي، نھ تھ منھنجو نالو مينگھو نھ آھي. ٺاڪر کي بھ غصو اچي ويو ۽ چوڻ لڳو. ”ھل ڙي ھل بدمعاش، ڏس تھ ڪيئن سڀاڻ وري ٿو توکي ٻڌايان.“

(6)

۽ پوءِ مينگھو پڪو ڌاڙيل بڻجي ويو، ناٿي ڌاڙيل سان گڏجي ھن پوليس جو نڪ ۾ ساھھ ڪري ڇڏيو، پوليس ھن جي نالي کان ونءُ ويندي ھئي، ھڪ ڳالھھ ھن ۾ ھئي تھ ھو غريبن کي ڪين ستائيندو ھو، بي قصور ۽ بي گناھن کي تنگ نھ ڪندو ھو، ھزارين روپيا ڌاڙا ھڻي غريبن ۾ ورھائي ڇڏيندو ھو، پھرين ھن ٺاڪر صاحب کي قتل ڪيو ۽ پوءِ ڊپٽي صاحب کي پورو ڪيائين. اھڙي طرح ھڪ ھڪ ڪري ھن پنھنجي دشمنن کان بدلو ورتو.

(7)

نيٺ ھڪڙي ڏينھن ھولي جي ڏينھن ۾ گوني جي ڪپ تي ھڪ ماڻھو پچڪاري کنيو بيٺو ھو، پاڻيھي پاڻ سان ڳالھائي رھيو ھو، پٽ! ھان وٺ پنھنجي پچڪاري، ڇا تون اڃا روئي رھيو آھين! ڏس ڏاھو ٿي، ھان وٺ پچڪاري، ھاڻ روئڻ ڇڏي ڏي. ڏس تنھنجي پيءُ تنھنجي پچڪاري کسڻ وارن کي ھڪ ھڪ ڪري ماري ڇڏيو. توکان ھاڻي ڪوبھ پچڪاري کسي ڪين سگھندو.“ مينگھي کي ھوليءَ ۾ ھميشھ اھڙا دورا پوندا ھئا ۽ ھو مدھوش ٿي اھڙي حرڪت ڪندو ھو، ھن جا ھوش ۽ حواس بجا نھ رھندا ھئا، نھ تھ پوليس کي ھن جو ھٿ اچڻ سولو ڪين ھو. پڪڙجڻ کان پوءِ مينگھي کي پاڳل ثابت ڪري چرين جي اسپتال ۾ موڪليو ويو ھو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com