سيڪشن؛ ڪهاڻيون

ڪتاب: جلاوطن

باب: --

صفحو :8

منهنجي سامهون اها عورت ويٺي آهي ـ جيڪا منهنجين اڪيلائين ۾ ڀريل تنهنجو رنگ پنهنجي مُک تي سجائي نرمل بڻجڻ ٿي چاهي ـ ڪيڏيون پيڙائون آهن هن جي مُک تي ـ آئون توسان فون تي پيو ڳالهايان ـ پر تنهنجو آواز ڪيڏو دُور ٿيندو ٿو وڃي

Hello! – Hello!! - ، نرمل ـ ا ـ و ـ ن ـ ر ـ م ـ ل ـ ا ـ و ـ و ـ

”پر ـ آئون توسان شادي ڪرڻ بدران ـ گورين لپ ڦڪي آسانيءَ سان مري سگهان ٿي ـ مون کي نفرت آهي توکان ـ تو ته مون کي پاتال تائين دفن ڪري ڇڏيو آهي ـ هاڻ ته مون ۾ اهو جيئڻ جو ساهسُ ئي ناهي رهيو ـ“ هوءَ سڏڪي پئي هئي ـ يا اهو هن جو گمان هو.

اهڙا انيڪ سڏڪا ـ جيڪي ڪڻس رات جو اڪيلائپ ۾ ٻڌڻ ۾ ايندا آهن

”تون ـ عابد علي ـ ڇو ٿو مون کي پورڻ چاهين ـ آئون ـ ڪي پل جيئڻ ٿي چاهيان ـ بيحد سڪون سان ـ تنهنجي وجود کان ڌار ٿي ـ زهر جو پيالو پي ـ سدائين لاءِ اکيون پورڻ ٿي چاهيان ـ عابد علي ـ آئون ـ آئون ـ“

”مون کان ڌار ٿي ـ جي سگهندينءَ ـ نرمل!“

تون ـ دريءَ کان ٻاهر ـ ڏسين ٿي نرمل ـ وشال نيري آڪاس تي ٽيڙو ٿو ٽمڪي ـ ڪيڏي روشني آهي سڄي شهر ۾ ـ پر ڪيڏي اونداهي آهي ـ ڇا اسان جيئري ئي قبرن ۾ دفن آهيون ـ اسان هاڻ ڪڏهن به ٻيو جنم نه وٺي سگهنداسون ـ

ن ـ ر ـ م ـ ل ـ او ـ نرمل

۽ نرمل ڪيڏي زور سان (شايد ـ نفرت جو اظهار ڪرڻ لاءِ) رسيور ـ ڪريڊل تي رکي ڇڏيو هو ـ هو انيڪ پل رسيور هٿن ۾ جهليو بيٺو رهيو.

اڄ آئون پيئندس ـ تنهنجي درد جي نانءِ ـ نرمل!

اڄ آئون پاڻ ۾ مرڻ جو ساهسُ پيدا ڪندس

ن ـ ر ـ م ـ ل ـ او ـ نرمل ـ ر ـ ا ـ ڻي ـ

اڄ آئون پنهنجا سڀ درد توکي ٿو ارپيان

موهن جي دڙي جي کنڊرن ۾ ـ ٽيڪسلا ۾ ـ رني ڪوٽ جي قلعي ۾ ـ ها ـ سنڌوءَ جي ڪپ تي ـ مهاڻن جي ٻيڙين ۾ ـ

مڪليءَ ۽ ڀنڀور ۾

سنڌ جي ڀٽن ۽ برن ۾

ٽکڙ جي پيلن جبلن تي اُڀريل ٿوهر جي ٻوٽن جي ڇانوَ ۾

سنڌ جي جهونن اوليائن جي مقبرن تي

ڀٽ شاهه کان ـ سچوءَ تائين ـ نرمل ـ ڪٿي به سڪون ناهي ـ پيڙا آهي ـ جا هن سڄيءَ ڀونءِ تي ٿي رقص ڪري ـ کنڊرن ۾ ـ درياهن ۾ ـ مقبرن ۾ ۽ ـ ڪتابن ۾ ـ

ماڻهن جي دلين ۾ ـ

جي ڪو تنهنجي درد ۾ پاڳل ٿي نڪري ـ ته به ڪيڏانهن وڃي ـ نرمل راڻي ـ

نرمل جي درد ۾ ـ دنيا تياڳي ـ سنڌ جي ڀٽن برن ۾ وڃي نڪتو هو

پيرين پيادو ـ سنڌ جي سڄي ڌرتي هن کي روئندي محسوس ٿي هئي ـ اوم ـ شانتي ـ شانتي ـ هو هلندو رهيو ـ مٽيءَ ۾ ڀڀوت ـ نشي ۾ الوٽ

ڪٿي به مڪتي ناهي نرمل ـ هڪڙيءَ تيليءَ سان ـ سڄي ڪائنات ٿي دُکي ـ

هن پن جي ٻيڙي ڪڍي دکائي ـ ۽ ٽنگون ڊگهيڙي ـ اکيون پوري ڇڏيون هئائين

سج ـ لهي سانجهي ـ ٿي ـ پکين کوڙيا ـ پک ـ ڪن ميڙيا ماڻڪ موتي ـ ڪن ميڙيا ڪک

پن جي ٻيڙي ـ  هن جي آڱرين ۾ دکندي رهي

ڀٽ جي فقيرن جا آواز اوچا ٿيندا ٿي ويا ـ آڪاس ڏانهن ـ اُڀ جي هن پار ـ ڌرتيءَ جي رڳ رڳ ۾ ـ الله ـ هو ـ الله هو ـ هو ـ هو ـ

هن جي پيرن تي سنڌ جي ڀٽن ـ برن جي مٽيءَ جا تهه هيا ـ هو ڀنگ جي نشي ۾ جهومڻ لڳو ـ اوم ـ شانتي

نرمل ـ تنهنجو پاڇولو ـ ڪيڏو دُور ٿيندو ٿو وڃي ـ ڪيڏو دُور

ڪن ميڙيا ماڻڪ موتي ـ ڪن ميڙيا ڪک

ڪن ميڙيا ماڻڪ ـ ڪن ميڙيا ڪک

هن پتلون جي کيسي مان الاءِ ڪائين ٻيڙي ڪڍي دکائي ۽ ـ انهيءَ پل اجهامندڙ اکيون وڃي سامهون اٽڪيون هئس ـ

پولارن ۾ ـ جتي هوءَ بيٺي هئي ـ جنهن ساڻس اڪيلائين جو سودو ڪرڻ چاهيو هو.

ڪٿي به مڪتي ناهي ـ هو ـ انهيءَ هڪ رات لاءِ خريد ڪيل عورت جي ٻانهن ۾ گهيرجي ويو ـ جيڪي ڪجهه آهي انهيءَ پيڙا ۾ آهي ـ

”ڪوهه ٿو پنهنجو پاڻ جلائي ناس ڪرين ـ پاڇولن جي پويان ـ

هل ته موٽي هلون ـ عابد! هٿ هٿ ۾  ڏئي ـ دُور ـ جبلن مان سج ٿو اُڀري ـ ڪنهن هڪڙي دڳ تي ويهي ليڪا پائڻ ۾ ته مُڪتي ناهي ـ اچ ته سج جا سمورا ڪِرڻا پنهنجي پاند ۾ ميڙي ـ سيڙي وٺون ـ جيڪي ڪجهه آهي ـ هن پل ۾ آهي ـ جيڪو مُٺ ۾ بند آهي ـ آسمانن جا ستارا اُجهامي وڃن ته ڇا آهي ـ اکڙيون ٻاٽ ۾ ٻرنديون رهنديون ـ اچ ته دائرن ۾ ڦرندي رهڻ بدران ـ دائرن جا ليڪا ڊاهي اڳتي نڪري وڃون ـ دک جا ٻنڌڻ ٽوڙي آزاد ٿي وڃون ـ انيڪ دُک ڦهليا پيا آهن، ڪهڙي ڄاڻ انهن ۾ مُڪتي هجي ـ ڌرتي جيڪا باهه جو ٻرندڙ گولو آهي ـ پگهر جي بوندن سان اها باهه اُجهائي ـ امرتا ماڻيون ـ شانتي آهي نياءُ ۾ ـ سچ ۾ ـ سچ ـ جيڪو تو وانگر دنيا تياڳي گم ٿي چڪو آهي ـ اچ ته انهيءَ جا پيرا کڻي هلون ـ ڪٿي نه ڪٿي ته سج لڀي پوندو نه ـ عابد!“

هر لڙڪ کي هزارين معنائون آهن ـ هر روپ جا انيڪ رنگ آهن ـ هن ڀونءِ تي جيڪي ڪجهه آهي سو سپنو آهي ـ سپنن جي ساڀيان ماڻڻ جو ڪنهن ۾ آهي ساهسُ! ـ سمنڊ ڪناري ـ سنڌوءَ جي ڪپ تي هلندا رهون ـ پنهنجا پيرا ـ جيڪي پويان رهجي ويندا سي آهن باک ڦٽيءَ جو پهريون پل ـ عابد! ـ دوست! ان کان اڳ جو ڪائنات سڄي ڀسم ٿي وڃي ـ ڪنهن نيوٽران بم جي ڪرڻ سان ـ ان کان اڳ جو مهاڀاري جنگ جي آڳ ۾ سڀ ڪجهه سڙي رک ٿي وڃي ـ ان کان اڳ جو ڪجهه به نه رهي ـ اچ اهو دڳ وٺي هلون ـ جتان کان سُج ٿو اُڀري ـ

هوءَ عورت ـ جنهن سندس سنسان زندگيءَ ۾ رنگ ڀرڻ چاهيا ها ـ سا سندس اُجهاڻل اُجهاڻل مُک تي نمي وئي هئي ـ

پنهنجي سرخ چپن سان سندس بي رنگ چپ چمي ورتا هيائين

سندس هٿن کي پنهنجن سرد هٿن ۾ جڪڙي ڇڏيو هيائين ـ هن کي ٻانهن ۾ ڀري ـ وٺي آئي هئي ـ سنڌ جي بيرانن مان ـ

”آئون تنهنجي ڪجهه به نٿي لڳان ـ پوءِ به منهنجا توساڻ هڪ رات جا جوڙيل انيڪ ناتا آهن.

اسان جيڪي هڪ ٻئي جي جسمن جا رازدار آهيون ـ اڪيلائپ جي گهيرٽ ۾ گهيريل آهيون جُڳن کان ـ ڇا آهي جو هڪ ٻئي لاءِ پناهه گاهه بڻجي پئون ـ“

هو چپ چاپ ـ اکيون بند ڪيو ـ ٻڌندو رهيو

هوريان هوريان ـ تن پاتال تائين ـ سرد آڱرين سان پنهنجي آتما کي ڇُهندو رهيو هو ـ

ڪيڏا ميرانجهڙا پئجي ويا ها نرمل جا پاڇولا ـ دائرا ـ هڪ هڪ ڪري ٽٽندا ٿي ويا ـ دُور جبلن مان سج ٿي اُڀريو ـ

ڪلاڪن کان ـ دريءَ تي ٺونٺ رکيو بيٺو رهيو ـ ٻاهر سڄي ڪائنات ڦهليل هئي ـ سندس پويان ـ ڪيڏيون اونداهيون رهجي ويون هيون ـ

وشال نيري آڪاش جي ڇانوَ ۾ ـ بادلن جو سينو چيريندو جيڪو جهاز وڃي پيو ـ انهيءَ ۾ ـ نرمل راڻي ـ تو سان منهنجا اڻپورا سپنا به اُڏاڻا آهن ـ

آئون ـ ريڊيو ـ ٽي وي ـ اخبار ۾ ڀوائتيون خبرون پڙهي ـ ٻڌي ـ اکيون پوري ڇڏيندو آهيان ـ ڪهڙي ڄاڻ تون ڪٿي هجين ـ هن پل ـ جڏهن ڌرتي سڄي ـ هڪڙيءَ تيليءَ سان ٿي دکي ـ ڀ‍ؤ جا اهي ڪهڙا ڀاوَ آهن ـ نرمل!

اُداس راتين ۾ جڏهن رشي ـ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي وائلن وڄائيندي آهي ـ تڏهن آئون گيلري ۾ رکيل ٿوهر جي ٻوٽن وٽ اچي ويهي رهندو آهيان ـ ڪيترا تارا آسمان تي اُجهامندا ويندا آهن ـ مون کي تون ياد ايندي آهين ـ

مون ـ مني پلانٽ جي هر پن تي تنهنجو نانءُ لکي ڇڏيو آهي

۽ ڪيترا پيلا پن ڇڻي ـ منهنجي اڱڻ ۾ وکريا پيا آهن

جڏهن ڪائنات سڄي اُداس رات جو واسو هوندو آهي

تڏهن تنهنجا ساروڻا، دل نگر جي گهٽيءَ ـ گهٽيءَ ۾ رقص ڪندا آهن ـ

Oh! My friend come back, come back.

ديوارون

سمورو پاڙو شريفن جو. اوچيون ديوارون هڪ ٻئي سان گڏ ٿيل، وچ ۾ گهٽي هئي جنهن جي ٻنهي پاسي گندي پاڻيءَ جون ڪِنيون ناليون وهنديون هيون. آڌيءَ رات جو انهن نالين جي ڌپ ويتر وڌي ويئدي هئي، جا هوريان هوريان برداشت کان ٻاهر ٿي ويندي هئي. اهڙين ئي راتين جو آڌيءَ ويل جڏهن نسيمه موٽندي هئي، تڏهن انهن اوچين ديوارين ۾ لڳل درين سِيرن مان ڪيتريون ئي ديوارين جي اندر ٻوساٽيل حيران حيران اکيون ليئا پائينديون هيون. انهن سيرن جي پويان جهاتيون پائيندڙ اکين کي نسيمه چڱيءَ ريت ڏسي سگهندي هئي. سندس ڳاڙهن چپن تي حقارت ٽهڪ بڻجي گونجندي هئي. ڄاڻي واڻي پنهنجي گراهڪن ڏانهن نهاري کلي ڏيندي هئي. هن جي ٽهڪ جي گونج ٻڌي درين جون سِيرون بند ٿي وينديون هيون ۽ انهن سان گڏ ئي هن جو ٽهڪ به ٻڏي ويندو هو. گراهڪن کان موڪلائي هوءَ اندر هلي ويندي هئي.

سمورو پاڙو شريفن جو هو، جڏهن هوءَ اتي ويٺي تڏهن ڪيترا ڏينهن ڌنڌو ڪري نه سگهي. شريفن جي پاڙي ۾ گناهه ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي. نيٺ ڌنڌو شروع ڪري ڏنائين. شريفن جي پاڙي جون ته ديوارون ئي لڏي ويون؛ پر هن جي اڳيان ڪنهن جي نه هلي. شهر جي هر وڏي ماڻهوءَ وٽ اونداهيءَ رات ۾ هن جو نالو وٺبو هو. ها ايترو ضرور ٿيو جو هن جي گهر ڏانهن کلندڙ دريون بند ٿي ويون، پر جڏهن آڌيءَ رات جو گراهڪ سان ٽهڪ ڏيندي هئي ته انهن درين ۾ سِيرون کلي وينديون هيون ۽ هوءَ ٽهڪ روڪي نه سگهندي هئي.

شريفن جي انهيءَ پاڙي ۾ هن جي گهر جي ديوار سڀن کان ننڍي هئي. هر گهر جي دريءَ مان هن جي گهر جو اڱڻ صاف ڏسبو هو.

سج لٿي جڏهن هو ساڙهي پائي، ميڪ اپ ڪري، ڪلهن تي وار کولي، خوشبو هڻي ٻاهر نڪرندي هئي تڏهن به درين ۾ سيرون پَئجي وينديون هيون. کن پل لاءِ ترسي هوءَ چوڌاري نهار ڪندي هئي، اهي ئي حيران حيران هن کي گهوريندڙ ٻوساٽيل نظرون ۽ پوءِ مرڪي هوءَ گرهاڪ جي موٽر ۾ ويهي رهندي هئي.

ڪڏهن ڪڏهن نسيمه جي دل چوندي هئي ته هو انهن ديوارن ۾ ٻوساٽيل نظرن وارين ڇوڪرين وٽ وڃي ۽ انهن آڏو بيهي ايڏا آزاد ٽهڪ ڏئي جو هنن جي گهرن جون ديوارون ڀُري پون.

ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو هو جو سندس اڱڻ ۾ هوءَ پنهنجي گراهڪ کي پئي وندرائيندي هئي، تڏهن اڱڻ جي بلڪل سامهون کلندڙ دريءَ جي سير مان به نظرون مسلسل پيون گهورينديون هيون، جئين ڪو پڃري ۾ قيد پکي حسرت سان آزاد پکين کي گهوريندو آهي. نسيمه جون ادائون ويتر وڌي وينديون هيون.

تنهن رات ننڊ مان هوءَ سجاڳ ٿي، اُڃَ ڪنڊا بڻجي سندس نڙيءَ ۾ چڀڻ لڳي. هوءَ اڱڻ ۾ پاڻي پيئڻ آئي، پاڻي پيئندي اوچتو سندس اکيون سامهونءَ واريءَ دريءَ تي وڃي کتيون. دريءَ جا ٻئي تاڪ کليل هئا. انهن حيران نظرن ۾ اڄ ڊپ هو. هوءَ دريءَ مان ٻاهر گهٽيءَ ۾ ڄڻ ڪجهه ڳولي رهي هئي ۽ زهر ڀري مرڪ نسيمه جي چپن تي تري آئي هئي.

 ڀر سِرڪندو ڪو ڀوائتو پاڇو دريءَ ڏانهن وڌي رهيو هو. نسيمه کي آڌي رات جو اوچن وَڻن جا ڀوائتا پاڇا ياد اچي ويا. انهيءَ ڀوائتي پاڇي جيان هي پاڇو دريءَ ڏانهن وڌي رهيو هو. دريءَ ۾ بيٺل هيسيل ڇوڪري هر هر ڊپ وچان ڪڏهن اندر ڪڏهن ٻاهر ڏسي رهي هئي. پاڇو هن جي اوريان هليو آهيو، دريءَ مان ايندڙ ميرانجهڙي روشنيءَ ۾ اُن پاڇي کي ڏسي  نسميه ڇرڪي پئي…. اهو عالم هو جيڪو اڃا ڪلهه رات نسيمه وٽان ٿي ويو هو. عالم اڪثر نوٽن جون دستيون کڻي نسيمه وٽ هڪ رات جو سودو ڪرڻ ايندو هو. نفرت جون چڻنگون نسيمه جي اکين ۾ ٻرڻ لڳيون. حقارت سان هوءَ ڀڻڪي، ”شريفن جو پاڙو.“

ٻئي ڏينهن عالم سدائين جيان نوٽن جي دستي کڻي آيو. نسيمه جي بدن ۾ باهه ٻرڻ لڳي. عالم ڏانهن گهور ڪري چيائين، ”رات گهڻي قيمت ڏنئي؟“

”ڪنهن کي؟“ عالم ڇرڪي پيو.

”جنهن ڏانهن ويو هئين.“

عالم ڦڪي کل کلڻ لڳو. ڪجهه سوچي پوءِ چيائين، ”تو ڏسي ورتو!“

”رنڊيءَ جون نظرون تيز هونديون آهن، عالم.“

”هوءَ تمام شريف ڇوڪري آهي، نسميه!“

”قيمت گهڻي ڏنئي؟“ نسيمه حقارت سان چيو.

”چيم نه ته هوءَ تمام شريف ڇوڪري آهي.“

”آئون رنڊي آهيان، انهيءَ ڪري منهنجو مُلهه آهي. هوءَ شريف ڇوڪري آهي، انهيءَ ڪري املهه آهي!“

”اهو زماني جو دستور آهي.“ عالم نوٽن جي دستي ڪرسيءَ تي ڦٽي ڪندي چيو.

نسميه وڦلي پئي. الائي سندس ڪهڙي ڀرم کي ڌڪ رسيو هو. نفرت سان نوٽن کي گهوريندي چيائين، ”پر رات جو لڪي انهيءَ وٽ به ائين ئي ويو هئين جيئن هت آيو آهين.“

”هوءَ شريف ڇوڪري آهي، نسيمه.“

”تڏهن توسان رات جو ملي ٿي.“

”انهيءَ لاءِ جو هوءَ شريف ڇوڪري آهي.“ عالم چڙي پيو.

”هوءَ به رنڊي آهي.“ نسميه جو آواز اوچو ٿي ويو.

”هوءَ رنڊي ڪانهي. هوءِ شريفن جي پاڙي جي لڄ آهي.“

”پوءِ آءٌ به شريف زادي آهيان. شريفن جي پاڙي جي لڄ.“ هن جي دماغ جون نسون ڄڻ ڦاٽڻ لڳيون. ڪرسيءَ تان نوٽن جي دستي کڻي زور سان عالم ڏي اڇليائين، جيڪا عالم جي پيرن ۾ اچي ڪري، هوءَ وڦريل نانگڻ جيان سهڪڻ لڳي. عالم به مڇرجي اٿي بيهي رهيو. نوٽ کڻي نسيمه ڏانهن نفرت سان گهوريندو هليو ويو. عالم جي وڃڻ کان پوءِ هوءَ ڪيتري دير وحشت جو روپ بڻيو بيٺي رهي. ساري رات پنهنجي کٽ تان سامهون بند ٿيل دريءَ ڏي گهوريندي رهي. هن جي دماغ ۾ هڪ ئي لفظ چڪر کائيندو رهيو، ”آءٌ رنڊي نه آهيان، آءٌ رنڊي نه آهيان.“ ”…جيڪي اونچي ديوارين جي پويان رهندڙ ڇوڪريون ائين غير مرد جا (آڌيءَ رات جو دريءَ مان جهاتي پائي) چپ چمي سگهن ٿيون ته پوءِ آءٌ ڇو ائين ڪرڻ سان رنڊي آهيان. آءٌ به لڄ آهيان. آءٌ به لڄ آهيان.“ ساري رات هن جو دل ۽ دماغ جنگ ڪندو رهيو. ٻئي ڏينهن سيٺ هاشم ڀائيءَ جو ڊرائيور چارچڪر هڻي موٽي ويو، پر هوءَ سڄو ڏينهن در بند ڪيو ويٺي، رهي انهيءَ رات جو سيٺ هاشم پاڻ هلي آيو. رات جو اڱڻ ۾ سيٺ هاشم جي اڇن وارن ۾ آڱريون ڦيريندي انهيءَ دريءَ ڏانهن گهوريندي رهي. آڌيءَ ويل اها دري کلي، ڇوڪريءَ سيس ٻاهر ڪڍيو. اڄ انهيءَ رات کان به وڌيڪ ميرانجهڙي روشني هئي جنهن ۾ ڇوڪريءَ جو پاڇو ڀوائتو ٿي ويو هو، ساڳي ريت ٻاهر ڏسي رهي هئي، نسيمه هوريان ڀڻڪي،  ”شريفن جو پاڙو.“

”ڇا چيئي مٺڙي؟“ سيٺ کيس ڳراٽي پائيندي چيو،. هوءَ ڄڻ ڇرڪي پئي.

”ڪهه به نه سيٺ صاحب! ڪجهه به نه.“

”تون چئو ته مٺڙي! بندو حڪم جو غلام آهي.“

”سيٺ سچ چئو ته آءٌ رنڊي آهيان يا لڄ؟“

”تون اسان جي لڄ آهين مٺڙي.“ سيٺ سندس چپ چمندي چيو. اهو چوندي سيٺ جي پوڙهن چپن تي عيار مرڪ تري آئي. نسيمه جي دل ڪيو ته هوءَ سيٺ جي انهن عيار مُرڪ وارن چپن تي ٿُڪي ۽ چئي، ”رنڊي جي نظر ڏاڍي تکي هوندي آهي …. سيٺ.“ پر هوءَ چپ رهي. سندس نظرون ”کليل دريءَ“ تي کتل رهيون. هن شريف زاديءَ جو پاڇو ويتر ڀوائتو ٿي ويو. ”شريف زادين جا پاڇا ڀوائتا ٿيندا آهن.“ هوءَ من ئي من ۾ ڀڻڪي.

پريان ڀت سان لڳل پاڇو هوريان کليل دريءَ ڏانهن وڌي رهيو هو. نسيمه جي اکين ۾ رت مڙي آيو. نالين جي ڌپ ويتر وڌي وئي هئي. ساهه منجهائيندڙ ڌپ. هن جو در کليل ئي رهيو، جنهن مان هن جون تيز نظرون پاڇن کي گهوري رهيون هيون. اهو عالم ئي هو جنهن کي ڏسي ڇوڪريءَ کن کان پوءِ دريءَ مان بيگ اڇلائي جنهن کي عالم جهٽي ورتو. اها بيگ نسيمه جي مٿان ڄڻ ڇپ بڻجي ڪري. هن ڄاتو ٿي ته هاڻ ڇا ٿيندو، اهوئي جيڪو شريفن جي پاڙي ۾ به ٿيندو آهي. پر هڪڙو چڪلو ٿو سڏرائجي، ٻيو شريفن جو پاڙو، ٻي پل ڇوڪريءَ به دريءَ مان ٽپ ڏنو، پر ڪابه ديوار نه لڏي. عالم شريف زاديءَ جا چپ چمي ورتا. انهن ئي چپن سان هن نسيمه جا به چپ چميا هئا. پر پوءِ به نسيمه رنڊي هئي ۽ هوءَ شريف زادي. نسيمه جي اکين آڏو سڀ ڪجهه ميرانجهڙو ٿي ويو. ”چڪلو شريفن جي ئي گهٽي مان جنم وٺندو آهي.“ هن چاهيو ته اهي اکر رڙ ڪري چوي، پر سڀ ڪجهه گُهٽجي ويو. سيٺ هن جي اگهاڙي بدن سان کيڏندو رهيو ۽ هوءَ …..!!

هوءَ ٻاهر گهوريندي رهي. شريف زاديءَ عالم جي ٻانهن جهلي چوڌاري نهاري اهڙو ئي ٽهڪ ڏنو جيڪو نسيمه گراهڪ جي ٻانهن جهلي درين جي سيرن مان ليئو پائيندڙ نظرن ڏي نهاري ڏيندي هئي. ان ٽهڪ جو پڙاڏو صرف نسيمه ٻڌي سگهي. ٻنهي جا پاڇا گڏجي ويتر ڀوائتا ٿي ويا هئا. هو ٻئي گهٽيءَ ۾ پکڙيل اونداهيءَ ۾ غائب ٿي ويا… دري کليل ئي رهي.

ٻئي ڏينهن انهيءَ ڇوڪريءَ جي گهر ۾ ڏاڍو گوڙ هو. نسيمه چاهيو ٿي ته وچ گهٽيءَ ۾ بيهي اوچا اوچا حقارت ڀريا ٽهڪ ڏئي، پر هوءَ چپ رهي، پر دٻيل آواز ۾ ڀڻڪي رهي هئي، ”آئون شريف زادي آهيان، آءٌ لڄ آهيان. ”سج لٿي هن جي گهر ڏانهن کلندڙ  درين کي سرون رکي بند ڪيو ويو ۽ ديوران کي ويتر اوچو ڪيو ويو.

صبح جو رئيس خان محمد کان موڪلائيندي نسيمه ڏاڍي لاڏ ڪوڏ سان کيس چيو، رئيس هڪ فرمائش ڪيانءِ.“

”چؤ جاني سر به حاضر آهي.“ رئيس کيس ڀاڪر پائيندي چيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com