سيڪشن؛ ڪهاڻيون

ڪتاب: عبرت ڪده

باب: --

صفحو :6

پاڪيزھ رشتن جي ھڪ عجيب غريب ڪھاڻي

شمسو اسٽيشن مزدور کي پوليس وارا مون وٽ گدوءَ جي اسپتال ۾ تپاس لاءِ وٺي آيا.  مئجسٽريٽ ھن کي ڏھن ڏينھن لاءِ ڏوھي بيمار جي حيثيت ۾ انھيءَ لاءِ مون ڏانھن موڪليو ھو تھ آئون چڱي طرح ھن جي جاچ ڪري ۽ تپاس ڪري رايو ڏيان تھ شمسو چريو آھي يا سنئون. آئون بذات خود شمسوءَ کي سڃاڻندو ھوس، ڇاڪاڻ تھ ڪيترا ڀيرا اسٽيشن تي ھن منھنجو سامان کڻي ريل گاڏيءَ تي رکيو ھوندو ۽ ريل گاڏيءَ تان سامان لاھي ٻاھر گھوڙي گاڏيءَ تي رکيو ھوندائين. شمسو برابر اسٽيشن قلي ھو پر ڏاڍو اشراف ھو، جو جيڪا بھ مزدوري ڏيندا ھئاسونس تھ گھپي ڪين ڪندو ھو، جيئن اسٽيشن قلين جي اڪثر عادت ٿيندي آھي بلڪھ ھن کي جيڪو ڏبو ھو ماٺ ڪري وٺيو ھليو ويندو ھو. ڪيترا ڀيرا ريل اچڻ کان اڳي پليٽ فارم تي سامان ڇڏي چانھھ پيئڻ ھليا ويندا ھئاسون، تھ پٺيان ويھي اسان جو سامان سنڀاليندو ھو مجال آھي جو ڪا شيءِ ھيڏانھن ھوڏانھن ٿي وڃي.

جڏھن پوليس وارا شمسوءَ کي اسپتال ۾ وٺي آيا تھ مون کي ڏاڍو ارمان ٿيو، وڌيڪ ارمان انھيءَ ڪري ٿيو جو ھو ڏوھي ھو. آئون حيران ھوس تھ ھن ڪھڙو ڏھھ ڪيو آھي، ڇاڪاڻ تھ مئجسٽريٽ کان جيڪو ڪاغذ آيو ھو تنھن ۾ ڪجھھ ڄاڻايل ڪين ھو، رڳو ايترو لکيل ھو تھ شمسو ڏوھي کي ڏھن ڏينھن جي جاچ لاءِ موڪلجي ٿو. شمسوءَ جو مون کي سڃاتو تھ ھيڪاري اوڇانگرون ڏيئي روئڻ لڳو، آئون ھن جي اڇي ڏاڙھيءَ تي لڙڪ وھندا ۽ کيس زارو قطار روئندو ڏسي سھي نھ سگھيس، ٿوري دير کان پوءِ ھو جڏھن روئي بس ڪري سامت ۾ آيو تھ مون ھن کي ڏاڍي دلداري ڏني، جنھن تي ھو ڏاڍو خوش ٿيو. جڏھن ڏٺم تھ ھاڻي ھو بلڪل فرحت ۾ اچي ويو آھي ۽ دلجاءِ اٿس تھ کانئس نھايت نرميءَ  سان پڇيم تھ، ”شمسو ڇا ڳالھھ آھي؟ توکي ھتي ڇو آندو ويو آھي؟ تو ڪھڙو ڏوھھ ڪيو آھي؟“

اکين ۾ پاڻي آڻي جواب ڏنائين تھ، ”ڊاڪٽر صاحب! منھنجو ڪو ڏوھ ڪونھي، آئون غطي جو شڪار ٿيو آھيان، ھي سڀ پوليس وارن جي چالاڪي آھي مون کي ڦاسائڻ ٿا گھرن.“ ايترو ضروري آھي تھ مون پوليس وارن کي گاريون ڏنيون ھيون ڇاڪاڻ تھ انھن ناحق مون کي مار ڏني ھئي.“

شمسو جيڪي مون کي ٻڌايو تنھن ۾ منھنجو پورو پورو ويساھ ھو. ھن جي عمر ھن وقت اٽڪل ساٺيڪو وريھھ ھوندي. ھو سرحد جو ھو، ھن جي جوشيلي ڳالھائڻ مان مون کي سچائي جي بوءِ اچي رھي ھئي، مون وري ٻيھر ھن کان پڇيو تھ، ”توتي ڪھڙو الزام رکيل آھي؟“

جواب ڏنائين تھ: ”ھڪ ڇوڪري تي حملي ڪرڻ جو ۽ ان جي ھٿ مان منڊي ڦرڻ جو.“

مان حيرت ۾ پئجي شمسوءَ جو منھن تڪڻ لڳس ۽ چتائي ھن جي اکين ۾ ڏسڻ لڳس، ھن پنھنجون اکيون کڻي ھيٺ ڪيون تنھن تي مون کي شڪ پيو تھ ڪجھھ مڙئي رولو آھي.

مان: شمسو! مان تنھنجي مدد ڪندس پر تون مون سان سچي ڳالھھ کڻي اور تھ معاملو ڇا آھي، تھ خبر پوي. شمسوءَ جو چھرو ڳاڙھو ٿي ويو، شمسو ذات جو پٺاڻ ھو ۽ سچار ھو، تنھنڪري جيڪو ھن جي ڳالھھ نھ مڃيندو ھو تھ ھن کي جھٽ ڪاوڙ لڳي ويندي ھئي ۽ منھن ڳاڙھو ٿي پوندو ھوس. نھ ڄاڻ پوليس سان بھ ھٿين پيو ھجي ۽ پنھنجو سڄو معاملو ائين خراب ڪري ورتو ھجيس تھ شڪ ناھي، وري طبيعت ۾ ضد بھ گھڻو ھوس، تنھنڪري رمز سان سڄو احوال سندس واتان چوائڻو ھو ۽ پورو پورو واقعو ھن جي واتان ٻڌڻو ھو. جيڪڏھن ھروڀرو ضد ڪري بيٺو تھ پوءِ مئجسٽريٽ کان لکي پڇڻو پوندو، ڇاڪاڻ تھ سڄو واقعو معلوم ڪرڻ مان ھن جي چريائي بابت خبر لھڻ ۾ مون کي مدد ملي ھا. مون نرمائي سان شمسوءَ کي چيو تھ، ”شمسو! ڏس جيڪڏھن تون گھرين ٿو تھ تنھنجي مدد ڪريان تھ مون کي منڍ کان وٺي سربستو احوال ٻڌاءِ تھ اھو مغذ ۾ وھاري توکي بچائڻ جو ڪو اپاءُ ڪريان، انھيءَ تي راضي ٿيو ۽ سربستو احوال ٻڌائڻ لاءِ تيار ٿي ويو.

”جنھن ڏينھن پوليس مون کي جھليو انھيءَ ڏينھن جي ڳالھھ آھي: مون کي ڪڏھن ڪڏھن ڪنھن جي ياد ستائيندي آھي، تھ منھنجي طبيعت بلڪل اداس ٿي پوندي آھي، انھيءَ ڏينھن بھ مون سان اھائي ڪار ھئي. مون سڄو ڏينھن ڪم نھ ڪيو ھو نڪي کاڌو ھئم، تان جو سڄو ڏينھن لنگھي ويو، پاڻي پي گذارو ڪيم. رات جو جڏھن يارھين بجي لاھور کان گاڏي آئي تھ بھ ماٺ ڪيو ويٺو ھوس، پر اوچتو منھنجي نظر زناني دٻي تي پئي، ڏٺم تھ ھڪ برقعھ پوش عورت جا پڇاڙي جو رھجي وئي ھئي، آھستھ سان گاڏيءَ مان لٿي ۽ ھيڏي ھوڏي ڏسڻ لڳي، مون سمجھيو تھ ڪنھن مزور جي تلاش ۾ آھي، ڏٺم تھ زال ذات آھي تڪليف ۾ پوندي تنھنڪري اڳتي وڌي ويس ۽ پڇيم تھ ”ڇا مزور کپي؟“

عورت اڪيلي ھئي مٿو لوڏيندي چيائين تھ، ”ھا! سامان ٻاھر ڪڍي ويٽنگ روم ۾ کڻي ھل.“

اندر دٻي ۾ گھڙي ڏٺم تھ سامان گھڻو ھو تنھن تان کيس چيم تھ ”مائي صاحب! سامان گھڻو آھي، ھڪ روپيو مزوري وٺندس.“

مائيءَ جواب ڏنو تھ، ”چڱو! پر صبح جو ميرپورخاص واري گاڏيءَ ۾ بھ سامان رکڻو پوندو.“

مون ھا ڪئي، سامان کني پل لنگھي کيس ويٽنگ روم ۾ وٺي آيس، جتي ماٺ لڳي پئي ھئي، سڄو ڪمرو زالن سان ڀريو ويو ھو ٻاھر دروازي جي پاسي ۾ ھڪ وڏي ڪرسي خالي پئي ھئي، جتي مون مائيءَ کي ويھڻ لاءِ چيو، ۽ آرام ڪرسي جي ڀرسان ڀت جي لڳو لڳ مون سند سامان ٺاھي رکي ڇڏيو ٻئي مردانھ ۽ زنانھ ويٽنگ روم ڀريا پيا ھئا. ٻاھر جتي مون مائيءَ کي وھاريو ھو سو بھ ماڻھن ۽ زالن سان ڀريو پيو ھو. ڪيترا مسافر پنھنجن بسترن تي ٽيڪ ڏيو جھوٽا کائي رھيا ھئا، مائيءَ کي سولو وھاري، مون کيس چيو تھ مون کي چار آنا ڏي تھ چانھھ وڃي پيان، مائيءَ چار آنا برقعھ مان ھٿ ڪڍي جيئن مون ڏيئي رھي ھئي تھ منھنجي نظر اوچتو ھن جي آڱرين تي پئي. ھڪ آڱر ۾ منڊي پيل ڏسي آئون حيرت ۾ پئجي ويس، ڇاڪاڻ تھ مون منڊي سڃاتي، پئسا منھنجي ھٿ مان ڇڏائجي پٽ تي ڪري پيا. مون پنھنجي ھٿن سان مائيءَ جو ھٿ جھلي، منڊيءَ کي سندس آڱر ۾ ڦيرائي ڏسڻ لڳس، مائيءَ منھنجي ھن اضطرابي حالت کي سمجھي نھ سگھي. مون کي دست درازي ڪندو ۽ منڊي ھٿ مان ڪڍندو سمجھي زور سان رڙ ڪيائين، ماڻھو سڀ سجاڳ ٿيا پيا. مائي مون کي گاريون ڏيندي شور ڪرڻ لڳي تھ ”مائا بدمعاش! ڪمينا چور!“ بس پوءِ تھ ماڻھو اچي مڙيا، وڏو گوڙ ٿي پيو، پوليس اچي وئي مون کي ڌڪ بجو ھڻڻ لڳي ۽ گارگند ڪرڻ لڳي. اتي مون بھ پوليس کي گاريون ڏنيون ۽ ڌڪ ھنيا. منھنجا ھوش حواس ئي درست نھ ھئا، مئجسٽريٽ مون کي بتال ڏسي شڪ ۾ ھتي ڏياري موڪليو سمورو قصو اجھو اھو آھي.

مون سڄو معاملو سمجھي ورتو  ۽ ڏٺم تھ شمسو نھ رڳو وڏي بيوقوفي ڪري ويٺو ھو، پر قانوني طرح بھ حماقت ڪري جرم جو مرتڪب ٿيو ھو، جيتوڻيڪ ھن جي سچائيءَ ۾ مون کي ڪو شڪ شبو نھ ھو، پر ٻيا اھڙي حالت ۾ ڪيئن مٿس شڪ نھ ڪن ھا، ھن کي قانون جي ڪوڙڪيءَ مان بچائڻ ڪو سولو ڪم نھ ھو، ھتي بيان ۾ ھڪ ڳالھھ جو مون کي کٽڪو ھو جا پوري طرح مون کي سمجھھ ۾ نھ آئي ھئي، تنھنڪري مون ورجائي کانئس پڇيو تھ، ”ھيءَ منڊي جي ڳالھھ آھي؟ مون کي اڃا تائين اھا سمجھھ ۾ نھ آئي آھي.“ منھنجو ايترو پڇڻ ۽ پوڙھي شمسوءَ جي اکين مان نير وھي ھليو...... رنائين..... ڏاڍو رنائين..... جي ڀري رنائين..... گھڻي دير کان پوءِ جڏھن ٺاپر ۾ آيو، تڏھن پنھنجي پراڻي ڦاٽل قميص جي ڪنڊ سان اکيون اگھيائين ۽ پوءِ مون کي مخاطب ٿي چيائين:

ڊاڪٽر  صاحب! مون کي معاف ڪجو، آئون غم جي شدت کان پنھنجي آپي کان ٻاھر نڪري ويندو آھيان منھنجي اھڙي روش کان اوھان کي صدمو پھتو ھوندو، پر ڪنھن ڪنھن مھل آئون مجبور ٿي پوندو آھيان. مون کي مھرباني ڪري معاف ڪندا ۽ منھنجي انھيءَ وحشت ۽ ديوانگي جي حالت جو ڪو خيال نھ ڪندا. ويھن سالن کان پوءِ مون کي ھڪڙي اھڙي شيءِ نظر آئي، جنھن منھنجي جھونن ڦٽن کي وري تازو ڪري ڇڏيو ۽ زخم، خوف اٿم تھ منھنجي موت جو سبب نھ بڻجن. منھنجي ڦاٽل ڪپڙن ڏانھن ڏسو، مون کي اسٽيشن جو ھڪ معمولي بار کڻندڙ مزدور تصور نھ ڪجو. آئون ھڪ چڱي شريف زميندار خاندان جو چشم و چراغ آھيان. آئون ھڪ دولتمند زميندار آھيان، ويھھ سال گذري ويا آھن جو آئون موٽي پنھنجي ماڳ ڏي نھ وريو آھيان، پنھنجي وطن ھزارا ڏي موٽي بھ ڪيئن وڃان؟ ڪنھن جي لاءِ وڃان؟ نھ رھيو ابو نھ رھي امان، نھ رھي زال نھ رھي ٻارڙي، سڄو خاندان ختم ٿي ويو. موت مون کي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو. ابي ۽ امان جي انتقال کان پوءِ ستت ئي منھنجي رفيقھ حيات بھ مون کي ڇڏي وڇوڙي جو داغ ڏيئي وئي. ڪنھن خاندان کي ھڪ ٻئي پٺيان ٿوري ٿوري عرصي ۾ ائين موت اچڻ ڪري اوھين سمجھي سگھو ٿا تھ منھنجي نازڪ ۽ جوان دل تي ڇا ٿي گذريو ھوندو. ابي ۽ امان جو موت ھڪ جوان پٽ لاءِ سھسائڻ ڪو سولو ڪم نھ ھو، اڃا انھن جو غم تازو بيٺو ھو تھ منھنجي اکين جو نور ۽ دل جو سرور بھ مون کان ويندو  رھيو.

اسان جي ننڍپڻ جي معصوم محبت، معصوميت جون منزلون طيءِ ڪندي جوان ٿي، جواني جون خوشگوار منزلون طئي ڪرڻ بعد پختھ ٿيڻ لڳي تھ اچانڪھ موت اسان جي ابدي فرقت جو سبب بڻجي آيو. ھو ڇا وئي پر منھنجي زندگيءَ جي بھار بھ پاڻ سان کڻندي وئي، ايتري چوڻ کان پوءِ پوڙھي شمسوءَ جي اکين مان وري لڙڪ زارو قطار وھڻ لڳا، ھن جو آواز گھگھو ٿي ويو ۽ ھن جو گلو ڀرجي آيو، جيئن تيئن ڪري ھن پنھنجي طبيعت تي قابو پاتو، ۽ ضبط کان ڪم وٺي وري چوڻ شروع ڪيو:

”ھن جو يادگار ....... مون وٽ فقط ھڪ ويھن ڏينھن جي معصوم ٻچڙي نيلم ھئي، منھنجين ٻين عزيزن مون کان اھا بھ کسي ورتي ڇاڪاڻ تھ منھنجا سڀ مائٽ مون کي پاڳل سمجھڻ لڳا ۽ ڊڄي ويا تھ متان آئون ھن معصوم ٻارڙي کي ماري نھ وجھان، پر انھن جو اھو خيال اجايو ۽ سراسر غلط ھو، ڇاڪاڻ تھ منھنجا ھوش ۽ حواس سڀ بجا ھئا. البتھ ڪنھن ڪنھن وقت جڏھن مون کي ريشم جان منھنجي مرحومھ زال جي ياد ستائيندي ھئي تھ آئون برابر بي قابو ٿي پوندو ھوس. دنيا جي ڪا شيءِ مون کي نھ وڻندي ھئي. گھر جون ڀتيون بھ مون کي ڄڻ کائڻ اينديون ھيون، مون  مرحومھ جون سڀ شيون جھڙوڪھ زيور، ڪپڙا وغيره سانڍي رکيا ھئا ۽ وقت بوقت انھن کي ڪڍي پنھنجي اڳيان رکي ڪلاڪن جا ڪلاڪ پيو ڏسندو ھوس. ڪيتري عرصي تائين منھنجي اھائي حالت رھي، ھڪڙي ڏينھن مون پنھنجي ننڍي ڌيءَ کي ڏسڻ جي خواھش ظاھر ڪئي تھ مون کي ٻڌايو وي تھ ھوءَ بھ گذاري وئي. اوھين سمجھي سگھو ٿا تھ منھنجي ڏکويل  دل تي ڇا گذريو ھوندو. غمن جا ڏونگر مون تي ڪري پيا. اھو ٻڌندي شرط آئون سچ پچ چريو ٿي پيس. مون وٽ مرحومھ جي ھڪ نشاني اھا معصوم ٻارڙي ھئي، سا بھ خدا تعاليٰ کسي ورتي. بس آئون ڪپڙا ڦاڙي گھر کان ٻاھر نڪري ويس، پنج سال مون کي پنھنجي جسم جي ڪا خبر نھ ھئي، خدا کي خبر تھ آئون ڪٿي ڪٿي ويس ۽ ڇا ڇا ڪيم، جڏھن منھنجا ھوش ۽ حواس بجا ٿيا ۽ آئون سرت ۾ آيس ۽ مرحومھ جي ياد منھنجي لاءِ رفتھ رفتھ ھڪ افسانو بڻجي وئي، تھ مون  پاڻ کي ھن شھر ۾ ڏٺو. پيٽ پالڻ لاءِ اسٽيشن تي مزدور ٿي پيٽ پاليندو رھيس، اڄ سوڌو مون کي پنھنجي مال ۽ ملڪيت جي بھ خبر نھ آھي ۽ نھ آئون انھن جي ضرورت محسوس ٿو ڪريان، دل ۾ جڏھن سچي خوشي نھ آھي تھ مال ۽ دولت کي ڇا ڪندس؟

انھيءَ واقعي واري رات جڏھن ھن مسافر عورت جي آڱر ۾ منڊي ڏٺم تھ سمورو گذريل واقعو ۽ سانحو منھنجين اکين جي اڳيان ڦري ويو ڇاڪاڻ تھ منڊي اھائي ھئي جا مرڻ وقت منھنجي زال ريشم جان جي آڱر ۾ ھئي ۽ جنھن مسافر عورت جي ھٿ ۾ اھا منڊي ھئي سو ھٿ مون کي ريشم جان جو ئي معلوم ٿي ٿيو. ڊاڪٽر صاحب! اوھين مون کي ديوانو سمجھندوئ پر آئون قسم کڻي اوھان کي پڪ ٿو ڏياريان تھ منڊي ۽ ھٿ سڃاڻڻ ۾ آئون غلطي نٿو ڪري سگھان، اھوئي سبب ھو جو ھن مسافر عورت جو ھٿ مون پنھنجن ھٿن ۾ جھليو ۽ منڊيءَ کي آڱر ۾ ڦيرائي ڏسڻ ٿي گھريم.

شمسوءَ جو سڄو داستان مون غور سان وٺي وڌو. ان ۾ شڪ ناھي تھ ھن جو سڄو قصو نھايت دلچسپ رقت انگيز ۽ دل ڏاريندڙ ھو، خود ھن جي بيان مان  ظاھر ھو تھ سڄا سارا پنج سال ھن کي خبر نھ ھئي، يعني ھو وحشت ۽ جنون جي حالت ۾ ھو، پر منڊي ۽ ھٿ جي ڳالھھ منھنجي لاءِ وڌيڪ شڪ پيدا ڪيو تھ متان سندس خيال جي خطا ھجي جنھن کي Hallucination چئبو آھي. جيڪڏھن سچ پچ اھا حالت ھئي، تھ چئبو شمسوءَ  جو دماغ سالمنھ ھو. تنھن ھوندي بھ مون ھن کي پنھنجي نظرداريءَ ھيٺ رکڻ جو خيال ڪيو، ۽ ڏھاڙي خود ھن کي تپاسيندو ۽ جاچيندو ھوس. ٿورن ڏينھن کان پوءِ وري مون ھن سان آڱوٺي ۽ ھٿ واري ڳالھھ تي بحث ڪيو. ھن مون کي چيو تھ ”ڊاڪٽر صاحب! برابر سچ آھي تھ منھنجي زال مري چڪي آھي، جنھن کي ويھارو سال کن ٿي ويا آھن. اھو ھٿ منھنجي زال جو ٿي نٿو سگھي، تنھن ۾ ذور بھ شڪ نھ آھي. ممڪن آھي تھ  اھو منھنجو خيال ۽ وھم ھجي، پر آئون اوھان کي پڪ ٿو ڏيان تھ منڊي سڃاڻڻ ۾ مون کان ھرگز خطا نھ ٿي آھي.

ڏھھ ڏينھن شمسوءَ جا ڳالھين ڪندي ۽ جاچ ڪندي خير سان گذري ويا. اھڙو ڪو واقعو نھ ٿيو، جنھنڪري چئي سگھجي تھ ھن جو دماغ سالم نھ ھو، جيتوڻيڪ مون کي شمسوءَ سان پوري ھمدردي ھئي، پر تڏھن بھ آئون پنھنجي فرض پوري ڪرڻ ۾ ڪوتاھي ڪري نٿي سگھيس، ايتري ھمدردي ھوندي بھ ھن جو پاسو وٺي نٿي سگھيس، نھ تھ جيڪڏھن ڪورٽ کي لکي موڪليان ھا تھ شمسوءَ جو دماغ سالم نھ آھي، تھ ھو بچي پوي ھا، پر پنھنجي ضمير جو خون ڪري نٿي سگھيس، اھائي ڳالھھ منھنجي لاءِ ڏکي ھئي، مون کي اوس لکي موڪلڻو پيو تھ شمسو چريو نھ آھي ۽ ھن جو دماغ بلڪل صحيح آھي، منھنجي انھيءَ راءِ لکي موڪلڻ جو جيڪو نتيجو نڪرڻو ھو تنھن جي پڪ ھئي تھ شمسو سزاياب ٿي ويندو، ڇاڪاڻ تھ پوليس ضرور ھن جي برخلاف چڱيون ثابتيون ھٿ ڪيون ھونديون. انھن سڀني ڳالھين جي باوجود مون کي خاطري ھئي تھ شمسو جيڪي ڪي چيو ھو سو سڀ سچ ھو، نھ تھ ھو ڪجھھ نھ ڪجھھ ڪوڙي چوي ھا، ۽ سڀ کان وڏي ڳالھھ اھا ھئي تھ ھو چرئي ھجڻ جو بھانو ڪري، مڪر سان پاڻ کي چريو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ھا- جيئن اڪثر ماڻھو ڪندا آھن. پر ھن ائين نھ ڪيو، آئون ڏاڍي پريشانيءَ ۾ ھوس تھ ھن دکي انسان کي وڌيڪ سورن کان ڪيئن بچايان؟ انھيءَ گھري فڪر ۾ اداس ويٺو ھوس تھ ھن منھنجي چھري جي تغير مان تاڙي ورتو، ۽ غمگين لھجي ۾ پڇڻ لڳو تھ ”ڊاڪٽر صاحب! ڇا آھي؟ منھنجو ڇا حال ٿيندو؟“

مون ڏٺو تھ متان منھنجو ڪجھھ چوڻ اجايو ھن کي صدمو پھچائي. ڇاڪاڻ تھ ھن جي دل تمام ضعيف ۽ ڪمزور ٿي چڪي آھي، تنھنڪري ھن کي بھانو ڪري مون چيو تھ ”شمسو! تنھنجا ڏھھ ڏينھن ختم ٿي چڪا آھن. سڀاڻي توکي ڪورٽ ۾ وڃڻو آھي، جتي تنھنجو ڪيس ھلندو، تنھنڪري ڪوٽ ۾ تنھنجي مدد ڪرڻي آھي، بس اھوئي سوچي رھيو ھوس. ٿي سگھيو تھ توکي ڪو وڪيل بھ ڪري ڏيندس. آئون خود بھ ڪورٽ ۾ اچي تنھنجي مدد ڪندس.“ مون کي ھونئن بھ سرٽيفڪيٽ موڪلڻو ھو، ۽ خود ڪورٽ ۾ حاضر ٿي شمسوءَ جي دماغي حالت بابت شاھدي ڏيڻي ھئي، تنھنڪري ھن کي آٿت ڏيڻ لاءِ اھي لفط چوڻا پيم، ڏٺم تھ شمسو پنھنجي حالت تي شاڪر ھو ۽  منھنجي خاطري ڏيارڻ تي مطمئنھو. مون کي دعائون ڏيڻ لڳو، ٻئي ڏينھن اسين سڀئي ڪورٽ ۾ حاضر ٿياسين، ڏٺم تھ شمسوءَ کي ھٿن ۽ پيرن ۾ ٻيڙيون پيون ھيون، جو صبح جو پوليس وارا ھن کي اسپتال مان اچي وٺي ويا ھئا، ھن کي ڪمر ۾ رسو بھ ٻڌل ھو ۽ ٻن سپاھين جي وچ ۾. جن جي ھٿن ۾ سنگينن سان بندوقون ھيون. ڪنڌ ھيٺ ڪيو عدالت جي دروازي جي ٻاھر ويٺو ھو، مون کي ھن جي اھا حالت ڏسي ڏاڍو ارمان ٿيو پر ڪري بھ ڇا ٿي سگھيس، اتفاق سان صوبيدار جنھن جي ذمي شمسو ھو سو منھنجو دوست ھو، ۽ اتي ان وقت بيٺو ھو. صوبيدار ڏاڍي حب سان اچي گڏيو ۽ چوڻ لڳو تھ ”ڊاڪٽر صاحب! وڏي مھرباني، سرٽيفڪيٽ جيڪو موڪليو اٿوس، سو ڏاڍي ڪم جو ثابت ٿيندو.“

ايتري ۾ ھڪ ڪئپٽن ايس، پي آر جي وردي پھريل صوبيدار سان اچي گڏيو، صوبيدار صاحب منھنجو تعارف ھن سان ڪرايو ۽ ڪئپٽن عزيز ھن مائيءَ جو مڙس آھي، جنھن جو ھٿ شمسوءَ جھلي منڊي ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي. آئون ڪئپٽن عزيز سان ھٿ ھٿ ۾ ڏيئي مليس، ڏٺم تھ ھو بھ سرحد جو ھو ۽ ڏاڍو کلمک ۽ رلڻو ملڻو ھو. مون کي پنھنجي زال وٽ وٺي ويو، جا برقعو پايو ھڪ پاسي ڪنڊ ۾ ڪرسيءَ تي ويٺي ھئي، پنھنجي زال سان مخاطب ٿي چوڻ لڳو تھ: ”ھي ڊاڪٽر صاحب آھي، جنھن ھن بدمعاش کي تپاسڻ کان پوءِ رايو ڏيئي ظاھر ڪيو آھي تھ ھو بدمعاش چريو نھ آھي.“

زار برقعي مان مون ڏانھن نھارڻ لڳي. مون ھن کي سلام ڪيو ۽ پوءِ ڪئپٽن کي چوڻ لڳس تھ ”ڪئپٽن عزيز! معاف ڪجو! پوليس ۽ اوھين سڀ ڀليل آھيو، شمسو بدمعاش ڪونھي، بلڪھ ھو شريف انسان آھي ۽ ھڪ اعليٰ خاندان جو فرد آھي.“ ڪئپٽن منھنجي واتان اھي لفظ ٻڌي وائڙو ٿي ويو. اوچتو ھڪ عجيب خيال بجليءَ وانگر دماغ  ۾ ڊوڙي ويو، ۽ مون پنھنجي دل ۾ فيصلو ڪيو تھ شمسوءَ جي ڪيئن بھ ڪري مدد ڪرڻ گھرجي. ايتري ۾ ھڪ پبلڪ پراسيڪيوٽر، جو منھنجو ڄاڻو ۽ دوست ھو اتان اچي لنگھيو. موقعو غنيت ڄاڻي ھن کي چيم تھ تنھنجي ڪمري ۾ ھلي ٿا ويھون، جو منھنجو ھڪ دوست ۽ ان جي زال ھتي آھي ۽ اسان سڀني کي ڪورٽ ۾ شاھدي ڏيڻي آھي. ھن پنھنجي پٽيوالي کي حڪم ڏنو تھ ڪمري جو دروازو اسان کي کولي ڏئي. مون ڪئپٽن ۽ ان جي زال کي ڪمري ۾ ويھڻ لاءِ چيو ۽ صوبيدار کي بھ ھتي گھرائي ورتم. پوءِ ڪئپٽن عزيز ڏانھن مخاطب ٿي چيم تھ ”جيڪڏھن اوھان کي ۽ اوھان جي مسز کي ناگوار نھ گذري تھ ڪجھھ  سوال پڇي ثابت ڪريان تھ شمسو مزدور بيگناھھ آھي ۽ شريف انسان آھي.“ ڏٺم تھ منھنجي ڳالھھ ڪئپٽن صاحب تي چڱو اثر ڪيو ۽ ھو ڪجھھ پاڻ بھ انھيءَ لاءِ آماده نظر آيو، پر صوبيدار جي چھري مان ظاھر ھو تھ ھن کي منھنجي ڳالھھ نھ وڻي آھي، صوبيدار تڪڙو تڪڙو چوڻ لڳو تھ ”ڊاڪٽر صاحب! ھي توھان جو ڪم نھ آھي، پاڻيھي ڪورٽ ۾ سڀ ظاھر ٿي پوندو ۽ اڇا ڪارا پڌرا ٿي پوندا.“

مون کلندي صوبيدار کي چيو تھ: ”ڪيس جيئن پوليس گھرندي تيئن ھلندو ڇا؟ جيڪڏھن ھي معاملو ائين ھتي صاف ٿي پوي تھ ڪن شريف ماڻھن ۽ زال کي ڪورٽ ۾ چڙھڻ جي ڪھڙي ضرورت آھي! خواه مخواه بدنامي خريد ڪرڻ جي ضرورت آھي ڇا؟“

ڏٺم تھ صوبيدار ڏاڍي ڪاوڙ ۾ ھو،  پر ادب جي لحاظ کان ڪڇيائين ڪين. باقي ڪئپٽن ۽ سندس زال منھنجا ھم خيال نظر ٿي آيا. موقعي کي ھٿ مان نھ وڃائيندي مون مسز عزيز کان ڪي سوال پڇڻ شروع ڪيا:

آئون: جنھن منڊيءَ جي ڪري ھيترو ممڻ متو ھو، سا اوھان کي ڪٿان ھٿ آئي ھئي؟

مسز عزيز: (ھٻڪندي) اھا منڊي اسان جي خانداني آھي، اصل ۾ اھا منڊي منھنجي ماءُ جي ھئي، جا پوءِ مون کي منھنجن مائٽن کان ملي ھئي.

آئون: تڏھن تنھنجي ماءُ، تنھنجي ننڍدي ھوندي ئي گذاري وئي ھئي.

مسز عزيز: ھا! انھيءَ ڳالھھ جي مون کي پنھنجي مائٽن کان خبر پئي ھئي، پر اوھان کي ڪيئن  خبر پئي؟

آئون: (مسز عزيز جي سوال جو جواب نٽائيندي ۽ مشڪندي) تون ضلعي ھزارا جي شھر ھري پور جي رھندڙ آھين)

مسز عزيز: (تعجب ۾ تڪڙو تڪڙو) ھائو! ھائو!

آئون: تنھنجو نالو نيلم جان آھي؟

ڪئپٽن عزيز: (دخل ڏيندي) نھ نھ! تون ڀليو آھين! منھنجي زال جو نالو نيلم ھو، جنھن جي ڪئپٽن صاحب کي خبر نھ آھي.

آئون: تنھنجي ماءُ جو نالو ريشم جان ھو؟

مسز عزيز: (گھٻرائيندي ۽ بيتاب ٿيندي) ياالله! ھي سڀ ڇا آھي؟ ھا! تون سچ چوين ٿو، پر توکي منھنجي ماءُ پيءُ جي نالي جي ڪيئن خبر پئي؟

آئون: تنھنجي پيءُ جو نالو شمس الدين ھو، جو تنھنجي ننڍپڻ ۾ ئي گم ٿي ويو آھي؟

مسز عزيز: (ڪرسيءَ تان ٽپ ڏيئي اٿندي ۽ پوءِ گھٻرائي وري ويھندي چيو) ھي سڀ ڇا ٿي رھيو آھي؟ آئون ڪجھھ سمجھي نٿي سگھان، توھان کي اسان جي خاندان جون ڳالھيون ڪيئن معلوم ٿيون آھن؟

آئون: ڌيءَ گھٻراءِ نھ خدا ڪارساز آھي، ھو بدنصيب شمسو تنھنجو گم شده پيءُ شمس الدين آھي. ھن توکي ڪونھ سڃاتو آھي پر تنھنجي آڱر ۾ پيل منڊي انھيءَ رات شمسوءَ ضرور سڃاڻي ورتي ھئي، تنھنڪري منڊي چڱي طرح جاچي ڏسڻ لاءِ، تنھنجي ھٿ کي پنھنجي ھٿن ۾ جھليو ھيائين، تو سمجھيو ھو تھ ھن تنھنجو ھٿ ڪنھن ٻي نيت سان جھليو ھو، پر ائين اصلي ڪين ھو.

ڪئپٽن عزيز ۽ صوبيدار منھنجي ڳالھھ ٻڌي وائڙا ٿي ويا، ٻئي ڊوڙندا ٻاھر نڪري ويا ۽ ٿوري دير کان پوءِ شمس الدين جون ٻيڙيون لاھي، ھن کي ڪمري ۾ آندو ويو ۽ ھڪ ڪرسيءَ تي ويھاريو ويو، شمسو مون کي مشڪندو ڏسي حيران ھو. مسز عزيز برقعي مان منڊيءَ وارو ھٿ شمسوءَ جي اڳيان وڌايو، ھن ھٿ ڏسندي مون کي مخاطب ٿي چيو تھ: ”ساڳي منڊي ڊاڪٽر صاحب! ۽ ساڳيو ھٿ آھي، ذرو بھ فرق ڪونھي.“

اتي مسز عزيز پنھنجو برقعو مٿي ڪيو، شمسوءَ جي وات مان اوچتو رڙ نڪتي، ھو ڪرسيءَ تان اٿي بيٺو ۽ چوڻ لڳو:

”ريشم جان! ريشم جان! ياالله ھي ڇا اسرار آھي!!“

انھيءَ تي مسز عزيز چيو تھ: ”نھ نھ، بابا! آئون نيلم آھيان! نيلم، اوھان جي ڌيءَ!!“

نيلم جي شڪل بلڪل پنھنجي ماءُ  وانگر ھئي، تنھنڪري شمسو ڀليو ھو اھوئي سبب ھو جو ھٿ ڏسي بھ ڀلجي پيو ھو تھ اھو ھٿ سندس مرحوم زال جو ھو.

مسز عزيز ڊوڙي وڃي شمسوءَ کي ڀاڪر پاتو، شمسوءَ جي اکين مان لڙڪ وھڻ لڳا. ۽ ھن جون لڙڪن سان پسيل نگاھون آسمان ڏانھن کڄي ويون. ھن جي وات مان اوچتو نڪتو، ”ياالله! تنھنجو شڪر آھي.....“ مسز عزيز ڏٺو تھ ھن جي پيءُ ۾ طاقت نھ آھي يڪدم ڪرسيءَ تي کڻي ويھاريائينس، پر ھن جو مٿو ھڪ پاسي لڙڪي پيو. مون ڊوڙي وڃي ھن جي نبض ڏٺي.... روح قفس عنصري مان پرواز ڪري چڪو ھو....

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com