سيڪشن؛ ڪهاڻيون

ڪتاب: عبرت ڪده

باب: --

صفحو :15

”ڊاڪٽر صاحب! جيڪا سمع خراشي ڪئي اٿم تنھنجي معافي ٿو گھران، ھر گھڙي اوھان کي تڪليف ڏيڻ کان شرم ٿو اچي، پر مجبور بھ آھيان جو اسين سڀ ھتي مسافر آھيون، تنھنڪري ھڪ آخري استدعا آھي تھ شوڪت جي ڪفن دفن ۽ منھنجي مدد ڪريو، خرچ ڪرڻ لاءِ آئون تيار آھيان.“

ھيءَ ھڪ اھڙي ڳالھھ ھئي جنھن کان ڪوبھ انڪاري ڪري نٿي سگھيو، شام تائين خورشيد ھوش ۾ اچي وئي ۽ تيستائين شوڪت کي اسپتال جي ڀرواري مقام ۾ دفن ڪيو ويو.

ٻئي ڏينھن صبح جو قاسم تاج ھوٽل مان ٽيليفون ڪيو تھ خورشيد جي حالت وري خراب ٿي پئي آھي، تنھنڪري کيس ھوٽل ۾ ڏسيو وڃان، جڏھن ھوٽل تي پھتس تھ ڏٺم تھ ڪراچي جي سڀني مسافرن جي حالت قابل رحم ھئي، سڀني کان وڌيڪ خراب حالت خورشيد ۽ ھن جي پيءُ جي ھئي. پوڙھي کي شوڪت جي موت ۽ ڌيءَ جي ابتا حالت جو وڏو ڌڪ لڳو ھو ۽ خورشيد جي ماءُ کي خورشيد جي بيماريءَ جو، ۽ خورشيد تي جنون جو پورو پورو دورو ھو. ڪپڙا ڦاڙيائين، پنھنجا وار ٿي پٽيائين ۽ اجائي بڪ شڪ ٿي ڪيائين، سڄي رات ستي ڪين ھئي، مون صلاح ڏني تھ يڪدم پاگل خاني ۾ داخل ڪريوس. سڀني منھنجي صلاح قبول ڪئي ۽ خورشيد اسپتال ۾ داخل ٿي وئي، ٻن ٽن ڏينھن کان پوءِ خورشيد جي حالت ڪجھھ سڪون ۾ آئي، پر ڳالھائڻ گھڻو ھوس چريائي جي اھا ھڪ ڪيفيت ھوندي آھي، جنھن ۾ بيمار کي خيال جو گھڻو پرواز ھوندو آھي. پر ھڪ قابل ۽ تجربيڪار ڊاڪٽر سوالن جي ذريعي بيمار جي اندر جو حال ڇنڊ ڇاڻ ڪري گھڻو ڪجھھ معلوم ڪري وٺندو آھي، ان ۾ ھڪ ڳالھھ جي ضرورت ھوندي آھي تھ فضول ۽ زائد ڳالھيون اصل کان ڌار ڪري واقعي جي تھھ ۾ پھچبو آھي، پر جيتري ان جي سمجھاڻي سولي آھي اوترو ڪرڻ سولو نھ آھي.  

خورشيد جي ان وقت جي حالت مان مون اندازو لڳايو تھ خورشيد جي مزاج جي ڪيفيت ان وقت اھڙي ھئي جو جيڪڏھن کانئس سوال پڇيا وڃن تھ ھوءَ گھڻي ڳالھائڻ جي حالت ۾ ضرور ڪيتريون ڳالھيون کولي ڇڏي، پر آئنده ھلي شايد ھوءَ نھ ٻڌائي، ڇاڪاڻ تھ ان وقت ھن جي مزاج جي ڪيفيت گھڻي ڳالھائڻ جي نھ بلڪھ خاموشيءَ واري ھوندي اھڙي حالت ۾ بيمار سواءِ خاموشيءَ جي ڪو جواب نھ ڏيندا آھن.

خورشيد سان ڪيترن ڏينھن تائين مسلسل سوال جواب ڪرڻ جو جيڪو نتيجو نڪتو، تنھن کي پنھنجي لفظن ۾ لکان ٿو باقي جيڪو بيان اڳي اچي چڪو آھي تنھن کي دھرائڻ مناسب نٿو سمجھان.

خورشيد جي پيءُ جو نالو مولا بخش ھو ۽ اصل ۾ ملتان جو رھندڙ ھو، ھن جو ڌنڌو ٻاھران مال گھرائي واپارين کي پھچائڻ جو ھو، شوڪت ۽ خورشيد ٻئي تعليم يافتھ ھئا ۽ شوڪت واپار ۾ مولا بخش جي مدد ڪندو ھو، مولا بخش ۽ شوڪت ساڳئي بنگلي ۾ گڏ رھندا ھئا. شوڪت جو ڪمرو باغ جي سامھون ھو، ھڪ رات ٻارھين بجي خورشيد ڏٺو تھ شوڪت جي ڪمري ۾ بجلي وارو بلب ٻري رھيو آھي ۽ شوڪت ڏاڍي بي آراميءَ ۽ بيقراريءَ سان ڪمري ۾ اچ وڃ ڪري رھيو آھي، ھن کي بيچين ڏسي خورشيد پنھنجي ڪمري مان اٿي شوڪت جي ڪمري ۾ اچي ھڪ پاسي بھي، ھن جي بيقراريءَ جو تماشو ڏسڻ لڳي، شوڪت کي ھن جي اچڻ جي اصل خبر نھ پئي، پوءِ آھستي آھستي خاموشيءَ سان شوڪت جي ڀر ۾ اچي بيھي رھي ۽ آھستي سان ھن کي سڏيائين. ”شوڪت.“

شوڪت ڇرڪجي ويو ۽ ھن کي حيرت جي نظرن سان ڏسي چوڻ لڳو: ”خورشيد! تون ھيڏي مھل ھتي؟ خيريت تھ آھي.“

خورشيد خاموش بيٺي رھي، شوڪت وري پريشان ٿي پڇڻ لڳو: ”خورشيد ڳالھائين ڇو نٿي؟ ڇا ڳالھھ آھي؟“

خورشيد محبت جي نظرن سان شوڪت کي ڏسندي وراڻيو، ”ڪجھھ نھ آھي، ائين ھلي آيس پر اوھين اڃان تائين ستا ڪين آھيو؟ دريءَ وٽ ڇا پيا ڪريو؟“ شوڪت ھڪ ٿڌو ساھھ کڻندي جواب ڏنو. ”خورشيد! خبر نھ آھي تھ منھنجي زندگيءَ جون ڪيتريون راتيون بيدارءَ ۽ پريشانيءَ ۾ گذريون آھن ۽ معلوم بھ نھ آھي تھ ڪيتريون اھڙي طرح گذرنديون، دريءَ وٽ بيٺي باغ ڏسيو پنھنجي اميد جي دنيا جو سير ڪري رھيو ھوس ۽ پنھنجي گلشن ھستيءَ جي راڻيءَ کي ڏسي رھيو ھوس.“

خورشيد دريءَ جي ويجھو ويندي چوڻ لڳي، ”ڇا آئون بھ ان کي ڏسي سگھان ٿي.“

شوڪت چيو ”تون ڇا ڪندينءَ ان کي ڏسي خورشيد؟“

”شايد مان بھ ھن جي ڪجھھ خدمت ڪري سگھان.“ خروشيد جواب ڏنو.

شوڪت ٻنھي ڪلھن کان خورشيد کي جھلي پنھنجي ڪپٽ جي ڊگھي آئيني جي اڳيان آڻي بيھاريو ۽ چوڻ لڳو ”ھيءَ آھي منھنجي اميدن جي دنيا، منھنجي گلشن ھستيءَ جي راڻي“ خورشيد آرسيءَ جي طرف ڏسي شرم کان ڪنڌ جھڪائي ھڪ طرف ھٽي بييٺي.

شوڪت چيو، ”ڏٺو تو خورشيد! جنھن کي آئون ڏسي رھيو ھوس.“

خورشيد جي خوشنما چھري تي شرم ۽ پريشاني جا آثار نظر  اچي رھيا ھئا، جن کي ڏسندي شوڪت چيو، ”ڇو شرم اچي وئي؟ تو ئي تھ ڏسڻ جي خواھش ظاھر ڪئي ھئي، ۽ مون توکي ڏيکاريو.“ خورشيد اکيون زمين تي کپائيندي درد ڀريل آواز ۾ چيو، ”شايد تنھنجي گلشن ھستيءَ جي راڻي تنھنجو ساٿ نھ ڏيئي سگھي، دنيا ڏسڻ نٿي گھري تھ تون ۽ مان گڏ رھي سگھون.“

شوڪت تعجب سان خورشيد ڏانھن ڏسڻ لڳو، پر خورشيد جي ڳالھھ ھن کي سمجھھ ۾ نھ آئي ۽ پڇڻ لڳو، ”سچ، ٻڌائي خورشيد! ڇا ڳالھھ آھي؟ ايترو ٻڌندي ئي خورشيد جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو، ۽ ٻھ آبدار موتي خورشيد جي خوبصورت ڳٽن تي چمڪڻ لڳا، ھن نھايت غمگين لھجي ۾ جواب ڏنو، ”افسوس شوڪت! مون اڄ ڏينھن تائين توسان اھڙي ڪا ڳالھھ نھ ڪئي آھي جنھن کان توکي تڪليف پھچي. پر اڄ نھ ڄاڻ ڪھڙي جذبي مون کي مجبور ڪيو آھي جو توکي حقيقت کان آگاھ ٿي ڪريان.“ اھو ٻڌندي ئي شوڪت تي وحشت طاري ٿيڻ لڳي، خورشيد جو ھٿ جھلي ڪوچ تي ويھندي چوڻ لڳو، ”خورشيد صاف صاف ڇو نٿي ٻڌائين تھ ڇا ڳالھھ آھي؟ مون کي پريشان ڪرڻ مان توکي ڇا ھٿ ايندو؟ تنھنجي پروليون سمجھي نٿو سگھان، خدا جي واسطي مون کي ٻڌاءِ تھ ڇا معامرو آھي؟“

خورشيد مٿو جھڪائي، نظرون ھيٺ ڪري چوڻ شروع ڪيو، ”منھنجي ماءُ جو تنھنجي برخلاف ٿيڻ مصلحت کان خالي ڪونھي، ھن ۾ بھ ھڪ راز آھي جو ڪالھھ مون کي چڱي طرح معلوم ٿي ويو، آئون ڪالھھ کان فڪر ۾ ھيس تھ موقعو ملي تھ مان انھيءَ راز کان اوھان کي واقف ڪريان، نيٺ مجبور ٿي ھيڏي مھل اھا ڳالھھ چوڻ آئي آھيان، جنھن جي ٻڌائڻ جي نھ مون ۾ طاقت آھي ۽ نھ اوھان ۾ ٻڌڻ جي ھمت ٿيندي. منھنجي ماءُ نٿي گھري تھ منھنجي شادي اوھان سان ٿئي، جيتوڻيڪ بابو، امان جي خلاف آھي پر امان جي ضد جي اڳيان بابي جي ھڪ بھ نھ ھلندي، نيٺ ٿيندو اھو جيڪو ھوءَ گھري ٿي. امان منھنجي شادي مامي جي پٽ قاسم سان ڪرڻ گھري ٿي، ڪالھھ رات اھڙي ڳالھھ امان بابي سان پئي ڪئي تھ منھنجي مرضي آھي تھ خورشيد جي شادي پنھنجي ڀائٽي قاسم سان ڪريان، ڇاڪاڻ تھ ھو ھر طرح خورشيد جي قابل اھي. ھڪ تھ ھن جا مائٽ وڏي ڪڙم قبيلي وارا آھن، ٻيو تھ ھو فوج ۾ ڪنھن سٺي عھدي تي مقرر آھي، شوڪت وٽ ڇا آھي؟ نھ اڳيان نھ پويان، نھ نوڪر نھ چاڪر، رڳو اسان جي ٽڪرن تي پيو آھي. آئون ڏسندي وائسندي پنھنجي ٻچڙيءَ کي کڏ ۾ ڪيئن اڇلائيندس. مون کا ھي سٺو نھ ٿيندو جو نازن جي پاليل کي تڪليفن ۾ ڏسان، بابي سڀ ماٺ ڪيو پئي ٻڌو، رڳو اٿندي ھيترو سو پچاڙيءَ ۾ چيائين تھ واپار مان ھيءَ سڀ ڪمائي جيڪڏھن شوڪت نھ ھجي ھا تھ ڪٿان ٿئي ھا.“

وري شوڪت کي منھن ۾ نھارڻ چوڻ لڳي، ”پر شوڪت! منھنجو خيال آھي تھ ھو امان جي ضد کان مجبور ٿي پوندو.“ ايترو چئي خورشيد خاموش ٿي وئي، ھن جي نرگسي اکين مان ڳوڙھا ٽپ ٽپ ڪري وھڻ لڳا. شوڪت جو ماٺ ڪيو پتلي وانگر سڀ ڪجھھ ٻڌي رھيو ھو، سو مضطرب ٿي اٿي بيٺو، ۽ بيچيءَ سان پنھنجي ڪمري ۾ اچ وڃ  ڪرڻ لڳو، ھن جي حالت بلڪل چرين وانگر معلوم پئي ٿي.

خورشيد ھن کي مسرت سان ڏسڻ لڳي ۽ نيٺ پڇيائينس تھ: ”ڇا منھنجي ھڪ سوال جو جواب ڏيندين شوڪت؟“

شوڪت محبت سان ڀريل پر درد انگيز  آواز ۾ چيو تھ، تنھنجي ڳالھھ ۽ جواب نھ ڏيان؟“

خورشيد چيو، ”آئون نٿي گھران تھ پنھنجي ننڍپڻ جي ساٿيءَ کي ڇڏي ٻئي جي ٿيان، انھيءَ کان پري وڃڻ جي منھنجي لاءِ وھھ بڻجي ٿيندو ٻئي سان گذارو ڪرڻ منھنجي لاءِ ڏاڍو ڏکيو ٿيندو، مان رڳو تنھنجي آھيان ۽ تنھنجي رھي زندگي جا چار ڏينھن گذارڻ ٿي گھران، منھنجي مرضي آھي تھ اسين ٻئي ھن دنيا کان پري ھلي ڪٿي ٻئي ھنڌ رھون.... اتي ..... جتي دنيا جي ڪابھ طاقت اسان کي جدا نھ ڪري سگھي ۽ ھن دنيا ۾ تھ سڀ مصلحت وارا ئي وسندا آھن، اسين پنھنجي زندگي ڪٿي ٻئي ھنڌ گذاراينداسين، ٻڌاءِ شوڪت تنھنجي ڇا مرضي آھي..... جلدي جواب ڏي... وقت نھ وڃاءِ... دشمن پنھنجي ڪوشش ۾ ڪامياب ٿي ويندو.... وقت گھري ٿو تھ اسين بھ ڪجھھ ڪريون..... ٻڌاءِ شوڪت خدا جي واسطي ٻڌاءِ آئون توکان سواءِ جيئري رھي نھ سگھندس.“

شوڪت پنھنجي حالت درست ڪندي ۽ خورشيد کي حيرت سان ڏسندي جواب ڏنو، ”خورشيد! ڇا تو انھيءَ تي بھ غور ڪيو آھي تھ اھڙي ڪم ڪرڻ کان پوءِ دنيا اسان کي ڪھڙي طرح ياد ڪندي؟ آئون پنھنجي محسن ۽ مشفق جو منھنجي پيءُ جي برابر آھي تنھن سان ڌوڪو ڪريان، جنھن مون کي پالي وڏو ڪيو تنھنجي خاندان کي بدنام ڪريان، اسان جي خاندان کي ڪٿي بھ منھن لڪائڻ جي جڳھھ نھ ملندي، چاچو ڪٿي جو بھ نھ رھندو، ھن جي سڄي عزت خاڪ ۾ ملي ويندي.“

خورشيد محبت جي ھي معنيٰ نھ آھي تھ مصيبت پوڻ تي ڀڄي وڃجي. محبت جي اھا معنيٰ نھ آھي تھ دشمن کان منھن لڪائي، بلڪھ محبت ڪرڻ واري کي گھرجي تھ ھو دنيا جا ظلم ۽ ستم، صبر  ۽ استقلال سان برداشت ڪري، خورشيد آئون صاف لفظن ۾ توکي ٻڌائڻ ٿو گھران، تھ اھڙي ذليل ڪم کان سواءِ ٻيو سڀ ڪجھھ ڪرڻ لاءِ تيار آھيان..... محبت جي لاءِ جان ڏيئي سگھان ٿو پر خاندان جي عزت کي برباد ٿيڻ نھ ڏيندس.... خورشيد شريفن جا اھي گڻ نھ آھن، تنھنجي محبت جي لاءِ مون کي سڀ ڪجھھ منظور آھي، مگر ھي نھ ٿيندو، جيڪڏھن تون مون کي آزمائڻ ٿي گھرين تھ ھر طرح آزمائي سگھين ٿي. آئون مڙسيءَ سان مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آھيان... مون کي قوي کان قوي دشمن جي مقابلي ۾ موڪل مان ڪمزور نھ آھيان، بزدل نھ آھيان. خدا مون کي بھ طاقت ڏني آھي پر خورشيد: اھڙو ذليل ڪم ڪرڻ لاءِ آئون ھرگز تيار نھ ٿيندس، جيڪڏھن توکي مون سان ڪجھھ محبت آھي تھ انھيءَ بد ارادي کي دل مان ڪڍي ڇڏ، پنھنجي ۽ پنھنجي ماءُ پيءُ جي عزت خاڪ ۾ نھ ملاءِ ۽ انھن جي ھر حڪم جي تابعداري ڪر ۽ انھن جي اطاعت ڪر. خورشيد ھو تنھنجي بھتري گھرندڙ آھن..... آئون دنيا جي ھر ھڪ ظلم ۽ ستم کي سھڻ لاءِ تيار آھيان، آئون پنھنجي زندگي تنھنجي نالي جي تسبيح پڙھي گذاري ڇڏيندس..... مون وٽ فقط ھڪ دل ھئي جا مون تنھنجي نذر ڪري ڇڏي، مان تنھنجي يادگيري کي دل ۾ کنيو دنيا مان ھليو ويندس.

”خورشيد! آئون ڄاڻان ٿو تھ اڄ کان پوءِ توکي مون تي اعتماد نھ رھندو، مون کي تون خود غرض، ڪمزور، بزدل، بيوفا ۽ الائي ڇا ڇا سمجھندينءَ پر آئون سڀ ڪجھھ ٻڌڻ لاءِ تيار آھيان، مون کي وساري ڇڏ خورشيد. خوشيءَ سان وساري ڇڏ. منھنجي خيال کي پنھنجي نازڪ دل مان مٽائي ڇڏ، بيشڪ آئون غريب آھيان..... منھنجو ڪو ڪونھي، تنھنجي ماءُ جو خيال بالڪل درست آھي، ھاڻي خورشيد تون وڃ، رات گھڻي گذري چڪي آھي.... پر ھاڻي ھڪ ڳالھھ ٻڌي ڇڏ، مان توکي منٿ ٿو ڪريان تھ ڪجانءِ اھو جو تنھنجا ماءُ پيءُ گھرن.... ۽ شادي ٿيڻ کان پوءِ پننجي مڙس جي چئي ۾ رھجانءِ، ھن جي ھر خوشيءَ ۾ خوش رھجانءِ. ھن جي ھر حڪم جي پنھنجي دل ۽ جان سان تعميل ڪجانءِ. ھن جي ڪنھن ڳالھھ سان دل ميري ٿيڻ نھ ڏجانءِ. ھن جي ھر طرح خدمت ڪجانءِ. خورشيد محبت لافاني آھي، ڪنھن جي مٽائڻ سان نٿي مٽجي، محبت جي پاڪ دامن تي بدنما داغ لڳڻ نھ ڏجانءِ.

خورشيد روئندي اٿي بيٺي ۽ چوڻ لڳي: ”آه! شوڪت منھنجي زندگي برباد ٿي وئي، آئون ڪٿي جي بھ ڪين رھيس.“

شوڪت دلاسو ڏيندي چوڻ لڳو: ”خورشيد محبت الگ رھي بھ قائم رھي سگھي ٿي، چڱو خورشيد ھاڻي وڃ، خدا جي واسطي وڃ، مون ۾ ھاڻي ضبط جو تاب نھ رھيو آھي.“

خورشيد پنھنجي غم جي شدت جي ڪري ڳالھائي نھ پئي سگھي پر ھن پنھنجي غم جي جذبات کي دٻائيندي چيو، ”چڱو شوڪت! آئون تنھنجو حڪم بجا آڻيندس. ھاڻي خدا حافظ!“

ائين چئي روئندي ھلي وئي، صبح جو شوڪت جو پتو نھ ھو سواءِ ھڪ خط جي.

سال کن کان پوءِ قاسم جي بدلي ڪراچي ٿي جتي خورشيد جي شادي سندس ماءُ جي زور ڀرڻ تي ڏاڍي ڌام ڌوم سان ڪئي وئي، پر خورشيد پنھنجي زندگي تمام ناخوش گذارڻ  لڳي، ھڪ ڏينھن خورشيد جي پيءُ حيدرآباد وڃڻ جو خيال ڏيکاريو، جو ھتي زرعي سامان ۽ بجلي جي سامان جي ھڪ وڏي نمائش رھي ھئي، تنھنڪري سڀئي خورشيد جي مڙس کي بھ وٺي حيدرآباد پھتا.

حيدرآباد ۾ ٻھ ڏينھن نمائش جي پٺيان صرف ڪيائون ۽ ٽئين ڏينھن خورشيد ۽ قاسم چرين جي اسپتال گھمڻ جي خيال سان آيا، جتي شوڪت وارو حادثو ٿيو.

خورشيد جو ڪيترا ڏينھن علاج ڪيو ويو، پر سندس طبيعت درست نھ ٿي، نيٺ ھن جو پيءُ ھن کي ولايت وٺي ويو، يورپ جي ڪيترن شھرن ۾ علاج ڪيو ويو پر ڪو فائدو نھ ٿيو، نيٺ موٽي آيا، ٻڌجي ٿو تھ خورشيد جي اھائي حالت آھي.

پورنما

فلم ائڪٽرس جي شل ڳالھھ نھ ھجي ڪرڪيٽ جو ميدان ھجي ڪھ حشر جو ميدان، پر ماڻھن جا انبوھ اچي ڪٺا ٿيندا، اھائي حالت اچي اسان جي اسپتال جي ٿي. جنھن کي ڏسو ان جو  منھن چرين جي اسپتال ڏانھن. پيرين پنڌ، ٽانگن ۾، بسن تي ڌوڪيندا اچن اسپتال ۾. اھڙي حالت اڪثر ھندن جي چيٽي چنڊ جي ميلي تي، يا مسلمانن جي عيدن تي ڏسڻ ۾ ايندي ھئي، پر آئون حيران ھوس تھ ماڻھن اوچتو ڇو اچي چرين جي اسپتال ڏانھن رخ رکيو ھو، تان جو پتو پيو تھ انھن کي خبر پئي آھي تھ پورنما نالي فلم ائڪٽرس پاگل ٿي ھتي اسپتال ۾ داخل ٿي آھي.

جيڪڏھن انھن کي اھا خبر ھجي ھا تھ زالن واري ڀاڱي يا خاص وارڊن ۾ عام ماڻھن کي وڃڻ جي اجازت نھ آھي، تھ جيڪر ھيترو پنڌ ھلي يا پئسا خرچ ڪري نھ پھچن ھا. آفيسن وارن لاءِ وري جدا مصيبت پيدا ٿي پئي، ھر ڪو پيو ٽيلفون تي پڇا ڪري، منھنجي اسسٽنٽ صلاح ڏني تھ اسپتال ۾ ڪنھن کي بھ اچڻ نھ ڏجي، پر مون خيال ڪيو تھ ائين ڪرڻ سان انھن کي وڌيڪ پڪ ٿيندي تھ برابر ڪا فلم ائڪٽرس پاگل ٿي آئي آھي. خواه مخواھ دروازي تي پيھھ ٿيندي تنھنڪري جيڪڏھن اندر اچي بھ ڏسي نھ سگھندا تھ ھڪ ٻن ڏينھن اندر معاملو پاڻيھي صاف ٿي پوندو، گوڙ گھٽ ٿي ويندو، ۽ ٿيو بھ ائين. پر ھڪ ڏينھن منھنجو ھڪ دوست جو جرمنيءَ ۾ بھ مون سان گڏ ھو علم نفس جو ماھر ھو، سو مون وٽ آيو ۽ چيائين تھ  ھو ”غير معمولي علم نفس“ تي ھڪ ڪتاب لکي رھيو آھي تنھنڪري مختلف قسم جا پاگل ڏسڻ ٿو گھري، تاڪھ ھن کي ڪتاب لکڻ ۾ سھولت ٿئي ھو مري ڪاليج ٽي مھينا بند ھئڻ جي حالت ۾ حيدرآباد ۾ ٻن مھينن لاءِ اچي رھيو ھو، تاڪھ مختلف بيمارن جو اڀياس ڪري، مون ھن کي ڪيترا بيمار ڏيکاريا، جن بابت منھنجي زباني ۽ فائلن تان ھن ڪيترا نوٽ ورتا. انھن مان پورنما ائڪٽرس بھ ھڪ ھئي، پورنما جو ڪيس عجيب وغريب ھو جنھن منھنجي پروفيسر دوست جو گھڻو ڌيان ڇڪايو ۽ ھو منھنجي تحقيقات لاءِ گھڻو بيتاب ھو تھ کيس پورنما جي اڳين حالت جي خبر پوي.

مون کيس مشڪندي ٻڌايو:

پورنما جو اصل نالو شيلا آھي، اھو فلمي نالو ھو جو اڪثر ائڪٽرس پاڻ تي رکنديون آھن، ھوءَ ھڪ تمام غريب ماڻھوءَ جي اڇوت ڇوڪري ھئي، اھو شخص ايترو غريب ھو جو زبان سان يا قلم سان ھن جي غريبيءَ جي دردناڪ حالت بيان ڪري نٿي سگھجي. دنيا ۾ جيتوڻيڪ غريبن جو تعداد تمام گھڻو آھي، پر غريبن ۾ فرق ٿيندو آھي، ھڪڙا اھڙا غريب ٿيندا آھن جن جي محنت ۽ مزوريءَ سان ڏکيو سکيو وقت گذاري وٺندا آھن، جن کي ڪنھن قسم جو کاڌو خوراڪ ملي ويندو آھي، ٻيا اھڙا جن کي ماني بھ نصيب نھ ٿيندي آھي، صبح جو ملي تھ شام جو نھ. جي شام جو ھجي تھ صبح جو لنگھڻ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com