سيڪشن؛ ڪهاڻيون

ڪتاب: عبرت ڪده

باب: --

صفحو :12

پرديسي

دنيا جي ھر ھڪ چرين جي اسپتال جو دستور ھوندو آھي تھ جيترو ٿي سگھي چرين کان ڪم وٺجي ڇاڪاڻ تھ اھو چرين جي صحت لاءِ مفيد ھوندو آھي، نھ تھ بنا ڪم جي ھنن جي تندرستي بھ ٺيڪ نھ رھندي ۽ بغير مشغوليت جي ھنن کي شيطان سجھندي، پوءِ پيا ڪانھ ڪا چرچ ۽ لچائي ڪندا، يا پيا ٻين چرين کي ستائيندا، وڙھندا ۽ ڌڪ ھڻندا، جنھن جو نتيجو اھو نڪرندو آھي تھ اسپتال ۾ روز ڪانھ ڪا خون خراب يا زيان پيو ٿيندو آھي.

چرين کان سندن استعداد، حيثيت ۽ تربيت مطابق ڪم وٺبو آھي، تاڪھ اھو ھڪ پاسي انھن لاءِ ورزش جو ڪم ڏيندو رھي، جو ھو ٿڪجي چڱي طرح بک لڳڻ ڪري ماني کائي سگھن، ۽ ننڊ ڪري سگھن، تھ ٻئي پاسي لچائي کان بچي مختلف قسم جا ڪم سکي جڏھن ٻاھر نڪر، تھ انھن ڌنڌن سکڻ جي ڪري پنھنجو پيٽ پالي سگھن، مون ڏٺو آھي تھ ڪيترن وڏين اسپتالن ۾ چريا واڍڪو، لوھارڪو، ڪپڙي اڻڻ، غاليچن ٺاھڻ، ٽوڪرين ٺاھڻ، رانديڪن ٺاھڻ ۽ ڪيترن ٻين قسمن جا ڪم سکي، پنھنجن مائٽن جي ڪمائي جو ذريعو بڻجي پوندا آھن.

اسان وٽ اسپتال ۾ ايتري پيماني تي ڪو ھنري ڪم ڪونھي، تنھنڪري انھن کي باغ جو ڪم ٻنيءَ جو ڪم، رستن ٺاھڻ جو ڪم بورچي خاني يا آفيس ۾ ڪم ڪرائيندا آھيون.

زالون ڪپڙن سبڻ، رڌ پچاءَ ڪرڻ ۽ صفائي رکڻ جو ڪم ڪنديون آھن، مون وٽ ھڪ چري گنگا، پوڙھي، ڪيترن ڏينھن کان اسپتال ۾ ھئي. ڏاڍي پورالي ۽ جوجڪن کاڌي ھئي، پر ڪم جي ٺاھوڪي ھئي. صبح جو اٿندي ڪمري جي صفائي ڪري، چرين لاءِ رڌڻي مان رٻ آڻي، گرم رٻ سڀني چرين کي ڍو ڪري پياري، پوءِ پاڻ پيئندي ھئي.

چرين کي آچر ڏينھن تيل ميٽ سان وھنجارڻ انھن کي صاف ڪپڙا پھرائڻ، ھن جو عام مشغلو ھو، ڪو ڪم نڪتو تھ پيش پيش نظر ايندي ھئي، ٻنپھرن ۽ شام جي ماني آڻائي سڀني کي کارائي، پوءِ پاڻ کائيندي ھئي، ڪا چري بيمار ٿي تھ بھ ڊاڪٽر کي خبر چار ڏيئي ھن جي دوا درمل پاڻ آڻيندي ھئي، ھن جي ٽھل ٽڪرو ڪندي ھئي، جيستائين ڪھ ھو تندرست ٿئي. ڳالھير ۽ چرچائڻ بھ اھڙي، جو کلائي کلائي پيٽ ۾ سور پئجي وڃي، ڪنھن ڪنھن مھل اھڙو حڪمت ۽ فيلسوفيءَ جو نڪتو بيان ڪندي ھئي، جو انسان دنگ رھجي ويندو ھو ۽ سوچڻ لڳندو ھو تھ ھيءَ ڪيئن چري ھوندي!

ڪڏھن ڪڏھن ھو ڊاڪٽرن جي گھر اچي چانور ۽ دال وغيرھ چونڊي ڏيندي ھئي، مون ڪيترا ڀيرا ھن کان پڇيو تھ جيڪڏھن ھو اسپتال مان وڃڻ گھري تھ آئون ڪميٽيءَ کي چئي ھن کي موڪل وٺي ڏيان تھ کلي چوندي ھئي تھ پوءِ اچي اوھان جي گھر رھندس، منھنجو دنيا ۾ ٻيو ڪير آھي، مون کي پاڻ وٽ ڪير رکندو ۽ جڏھن دورو ايندو تھ ڪير سنڀال ڪندو منھنجي سوداءَ جون ڳالھيون ڪير ٻڌي سگھندو.

نھ صاحب! آئون ھتي ئي چڱي ويٺي آھيان، ڇڏيوم تھ پنھنجي جيون جا چار ڏينھن انھن گگدامن جي ٽھل ڪندي گذاري ڇڏيان، تھ من ڀڳوان ٻيو جنم سڦل ڪري ڇڏيم.

ڏياري جو ڏينھن ھو منھنجي اسسٽنٽ چئن پنجن دوستن جي دعوت ڪئي ھئي، اسين سڀئي ويٺا ھئاسون، ھتي ھتي جون ڳالھيون ٿي رھيون ھيون، ھڪ پاسي ڪنڊ ۾ گنگا آئسڪريم فريزر ھلائي، آئسڪريم ڄمائي رھي ھئي تھ اسان جون ڳالھيون بھ ٻڌي رھي ھئي، نوڪر چاڪر کاڌي جي بندوبست ۾ اچي وڃي رھيا ھئا، اسان ۾ ھڪ دلچسپ بحث شروع ٿيو، جنھن ۾ سڀئي شريڪ ٿيا تھ عورت بيوفا ٿيندي آھي يا مرد؟ ڪو ڇا پيو چوي تھ ڪو ڇا، ھڪڙي چيو تھ شيڪسپيئر اڳي ئي فيصلو ڪري ڇڏيو آھي تھ ”عورت جو ٻيو نالو ڪمزوري آھي، تنھنڪري ھوءَ بيوفا آھي.“

ٻئي چيو تھ سڀني مذھبن عورت کي لويو آھي، تھ ھڪ دوست جو مسلمان ھو، تنھن چيو تھ ڪيترن مذھبن غلطي ڪئي آھي، پر اسلام زال ذات لاءِ ائين نھ چيو آھي، اسلام ئي اھو مذھب آھي جنھن زال ذات کي پنھنجي حق عطا ڪيا آھن، تنھن تان مون چيو تھ، برابر پنھجي موضوع کان ٻاھر نھ وڃو، ڪنھن جي مذھب تي نڪتھ چيني ڪرڻ مان ڪھڙو فائدو. ايتري ۾ نوڪر اچي ٻڌايو تھ کاڌو تيار آھي ۽ ميز تي رکيو ويو آھي. اسين سڀئي ھٿ ڌوئي اچي ميز تي ويٺاسون ۽ کائڻ شروع ڪيوسين، پر اسان جي گفتگوءَ جو موضوع وري بھ ساڳيو رھيو، ايتري ۾ گنگا بھ آئسڪريم ڄمائي اچي نڪتي ۽ سڀني کي مخاطب ٿي چوڻ لڳي تھ بي ادبي معاف! مون کي ٻڌائيندوئ تھ اوھان جي بحث جو ڪھڙو فيصلو ٿيو؟

سڀئي ھن جو اھو سوال ٻڌي ڇرڪجي ويا ۽ اسان کي ان وقت خبر پئي پئي تھ گنگا بھ اسان جي بحث ۾ ماٺ ڪيو دلچسپي وٺي رھي ھي، مون کي تھ گنگا جي عادت جي اڳي ئي خبر ھئي، سور غور سان ھن  کي ڏسي رھيو ھوس تھ ڪاچرچي جي ڳالھھ ٿي ٻڌائي يا ڪو زماني جو تجربو، جنھن ۾ حڪمت جي ڳالھھ ھجي.

ٻاھريان ماڻھو حيران ٿي ڏسڻ لڳا ھنن گنگا کي نوڪر سمجھيو ھو، پر جڏھن خير پين تھ اسپتال جي چري آھي، تھ وائڙا ٿي ويا ۽ انھن کي مزو ٿي آيو، ھڪڙي چيو تھ مائي ڇا ٿي چوين.

گنگا وراڻيو، تھ ”اھوئي تھ اوھان ڪھڙو فيصلو ڪيو؟  عورت بيوفا آھي يا مرد؟“

ھڪ ڄڻي  کلندي  چيو تھ ”عورت.“

اتي مون ڏٺو تھ گنگا پنھنجي عادت جي خلاف اکين مان ڳوڙھا وھائيندي جواب ڏنو، ”ھا صاحب! اوھان جو چوڻ ٺيڪ آھي.“

ھڪ ٻئي دوست گنگا جي جواب ۾ طنز ۽ ٽوڪ محسوس ڪندي چيو تھ ، ”ڇا توکي ان ۾ ڪجھھ شڪ آھي.“

گنگا وري طنز آ۾يز لھجي ۾ چيو تھ ”جي نھ.“

ھن وري پڇيو. ”پوءِ ڀلا توکي ڇو شڪ آھي.“

گنگا وراڻيو، ”ھر ڪنھن جو پنھنجو پنھنجو خيال آھي، اوھان جي خيال موجب عورت گھٽ ۾ ذليل آھي.“

دوست وري پڇيو، ”۽ تنھنجي خيال ۾؟“

گنگا چيو، ”منھنجي خيال ۾ نسل تي دارومدار آھي، جيڪڏھن زال ۽ مڙس ٻئي چڱي نسل جا آھن، تھ ٻئي وفادار ھوندا نھ تھ ٻئي بدڪار ۽ بيوفا.“

منھنجي دوست جواب ڏنو، ”نھايت عجيب ڳالھھ آھي.“

گنگا چيو، ”جي ھا! اوھان کي عجب ضرور لڳندو، پر اصليت اھائي آھي، ھر ڪنھن انسان جي طبيعت ھڪ جھڙي نٿي ٿئي ۽ عادت جو دارومدار نسل تي ٿئي ٿو. وڏن وڏن گھرن ۾ جيڪڏھن خراب نسل جي زال اچي وڃي ٿي، تھ اولاد بگڙيو وڃي ۽ کريل اولاد خاندان کي تباھھ ڪريو ڇڏي.“

پوڙھي گنگا جي ڳالھھ معقول ھئي اصل ۾ ڳالھھ اھائي آھي تھ زال ھجي يا مرد ھن جو سچو يا ڪوڙو چڱو يا بڇڙو، شريف يا بدمعاش، بي ايمان يا ايماندار ھجڻ، ھن جي اصليت ۽ ھن جي نسل تي منحصر آھي.

گنگا چيو تھ، مون وٽ ھڪ سچو واقعو آھي، حڪم ھجي تھ ماني پوري ٿيڻ کان پوءِ ٻڌايان، پوءِ اوھين پاڻيھي فيصلو ڪريو تھ مرد بيوفا ھو يا عورت.

ماني کائي اسان ڊرائنگ روم ۾ ٺھي ٺڪي ويٺاسون ۽ آئسڪريم جو دور شروع ٿيو، گنگا بھ ھڪ پاسي غاليچي تي ويھي قصو شروع ڪيو.

لڙائيءَ جو زمانو ھو، چئني پاسي نوجوانن جي ڀرتي شروع ھئي، خوبصورت ڳڀرو جوان فوجي آفيسر ڀرتي ڪري ريل گاڏين ۾ وھاري، ڪراچي روانا ڪندا ٿي ويا، جو ڪراچي فوجي تربيت حاصل ڪرڻ بعد اھي نوجوان يورپ موڪليا ٿي ويا. عجب ھن ڳالھھ جو ٿيندو ھو تھ اتي مائون ڪيئن پنھنجي جگر تي پٿر رکي انھن ٻارڙن کي گھران نڪرڻ ڏينديون ھيون، جو انھن جي جگر جا ٽڪرا ائين ميدان جنگ ۾ وڃي ڪسجن، ڇا انھن کي خبر نھ ھئي تھ ميدان جنگ ۾ ڇا ٿيندو آھي؟

اخبارن ۾ عجيب عجيب وحشتناڪ خبرون پڙھڻ ۾ اينديون ھيون ۽ ڪيترن نوجوانن جي تباھ ۽ لاپتھ ٿيڻ جا اطلاع ملندا ھئا، تنھن ھوندي بھ ڀرتي ڪرڻ وارا ھن ملڪ جي نوجوانن کي سندن مائن وٽان يا پريم جي مندر مان ٻاھر ڪڍيو ايندا ھئا، ۽ سبز باغ ڏيکاري قربانيءَ جي ميدان ۾ موڪلي ڏيندا ھئا.

ھڪ ڏينھن ھڪ نوجوان جنھن کي فوجي وردي پھريل ھئي، جو فوج جو ڪپتان معلوم پئي ٿيو، صدر بازار ۾ گھر ڳوليندي اچي نڪتو، گھر ھن کي ڪنھن شريف پاڙي ۾ نھ مليو، پر تمام پري اھڙي ھنڌ جتي طوائفون رھنديون ھيون، اتي کيس پاڙي تي گھر ملي ويو، ھن انھيءَ ڳالھھ جو خيال ئي نھ ڪيو تھ گھر ڪھڙي پاڙي ۾ آھي، شايد ھن کي رڳو گھر کپندو ھو، ھن جي گھر ڏاڪڻ عام ھئي، جتان چڙھي رڳو ھن جي ڪمري ۾ نھ پر ٻين ڪمرن ۾ بھ وڃي سگھبو ھو.

نوجوان قداور بت ۾ ڀريل، ڏاڙھي ۽ مڇون اڃا ھاڻ پئي نڪتس، ڏسڻ ۾ خوبصورت، شريف ۽ حياءَ وارو نظر پئي آيو، سامان تمام ٿورو ھوس. اڪيلو ھو صبح جو  سوير نڪري ھليو ويندو ھو، تھ رات جو ڏاڍي دير سان ايندو ھو، ڪٿي کائيندو ھو ۽ ڪھڙي قسم جو کائيندو ھو، ڪنھن کي خبر  ڪانھ ھئي، ھن جي دروازي جي آمھون سامھون ٻيو دروازو جو لاھور جي ھڪ مشھور طوائف  خورشيد جي گھر جو ھو، خورشيد خاموشيءَ سان پنھنجي زندگي گذاري رھي ھئي، ڪنھن مير صاحب ٽن سون روپين پگھار تي ھن کي آڻي رکيو ھو.

مير صاحب ڪڏھن ڪڏھن مھيني ۾ ھڪ ٻھ ڏينھن مشڪل سان وٽس ايندو ھو، رات گذاري صبح جو سوير ھليو ويندو ھو.

خورشيد سان گڏ ھن جي پوڙھي ماسي رھندي ھئي، خورشيد جي گھر جي پٺين پاسي ڇانوڻي جي ننڍي اسٽيشن بھ ھئي، جتان ھوءَ نوجون فوجي سپاھين کي بھ ايندو ڏسندي ھئي ۽ انھن جي جوانيءَ تي افسوس ڪندي ھئي، اسان ٻنھي ۾ فوجي ماڻھن تي گفتگو ٿي رھي ھئي.

خورشيد جي ماسيءَ چيو، ”ھي اٻوجھھ موت جي ميدان ۾ ڪيئن نھ ڳائيندا وڃن پيا، ڄڻ تھ ڪنھن شادي ۾ وڃي رھيا آھن.“

خورشيد وراڻيو، ”ماسي ھي اسان جو پاڙيسري بھ تھ ڪو فوجي آفيسر معلوم ٿو ٿئي، ڀانيان ٿي تھ ٽن مھينن ۾ ھي بھ لڙائي تي ھليو ويندو، ڪھڙو نھ خوبصورت جوان آھي، ڇا! ھي بھ ائين مارجي ويندو.“

ماسيءَ چيو، ”خورشيد ٺيڪ آھي! انھن ويچارن کي ڪھڙي خبر تھ موت ڇا شيءِ آھي ۽ ميدان جنگ ڪيترو نھ ھيبتناڪ آھي، تنھنجو ماسڙ بھ فوج ۾ ھو، مون کي جيئن لڙائي جو احوال ٻڌائيندو ھو تھ منھنجي بدن جا وار اڀا ٿي ويندا ھئا.“

اسان دريءَ وٽ بيٺي ڳالھايوسين، تھ خورشيد جي نظر اوچتو پري وڃي ايندڙ پاڙيسريءَ تي پئي ۽ چوڻ لڳي تھ، ”اڄ خلاف معمولي پاڙيسيري ايترو سويرو ڪيئن پيو اچي، ماسي ڏس، ڏس! شراب پيتو اٿس. ڪيئن نھ ٿڙندو پيو اچي، پير بھ زمين تي پورو ڪين ٿو ٽڪيس. ڀلا فوجي ماڻھو، آزادي وري، نوجواني ۽ پئسن سان کيسا پر. اھي ڳالھيون ئي تھ نوجوانن کي بگاڙين ٿيون.“

ايتري ۾ فوجي ڏاڪڻ تان مٿي چڙھي آيو ۽ پنھنجي دروازي وٽ پھچي زور سان پٽ تي ڪري پيو، ھن جي ڪرڻ جو آواز خورشيد ۽ ھن جي ماسيءَ بھ ٻڌو، ايتري ۾ ھن جي رڙين جو آواز بھ ھنن جي ڪنن تي پھتو.

خورشيد چوڻ لڳي، ”ماسي ڏاڍو ڪو پيتو اٿس جو ڪري پيو آھي ۽ ھاڻي ڌڪ کائي رڙي پيو، ايترو چئي ڇو جو ھلي نھ سگھجي.“

ماسيءَ چيو، ”ماٺ ڪر ڇوري! توکي پتو نٿو پوي، ڳالھھ ڪا ٻي آھي ويچارو پرديسي آھي ھن جو ھتي ڪو واھي وارث ڪونھي اسان کي پاڙيسيري جي مدد ڪرڻ گھرجي.“

خورشيد چيو، ”آئون تھ ڪين ٿي اچان، ماسي تون وڃ، ماسيءَ دروازو کولي ڏٺو تھ فوجي آفيسر چائنٺ وٽ ڪريو پيو آھي، ماسيءَ کي ڏسي ھن چيو تھ مھرباني ڪري منھنجي ڪوٽ جي کيسي مان چاٻي ڪڍي دروازو کولي ڏيو، مون کي سخت تپ آھي ۽ سور کان بيھي نٿو سگھان.“

ماسي کيسي مان چاٻي ڪڍي دروازو کولي، ھن کي جيئن تيئن ڪري وڃي کٽ تي ليٽايو، کٽ تي پوندي شرط ھو بيھوش ٿي ويو.

ماسي موٽي پنھنجي ڪمري ۾ آئي ۽ خورشيد کي چوڻ لڳي، ”خورشيد! ھن شراب ڪونھ پيتو آھي پر سخت بخار جي ڪري بيھوش ٿي ويو آھي.“

ھي وقت ھمدردي ڏيکارڻ جو آھي، بي رخي ڪرڻ جو نھ آھي، تون ھلي ھن وٽ ويھھ، ڪپڙو پاڻيءَ ۾ پسائي ھن جي مٿي تي رکندي اچ، ھو بھ انسان آھي ۽ اسين بھ انسان آھيون، ھڪٻئي جي مدد ڪرڻ گھرجي، آئون ڪنھن ڊاڪٽر يا حڪيم کي وٺيو ٿي اچان! ڏس ڊڄڻ جي ڳالھھ نھ آھي.

خورشيد ماسيءَ جو چيو مڃي ڪپڙو پسائي ھن جي مٿي تي رکندي آئي، ھن جي نظر بيمار جي چھري تي کپيل ھئي، ھن ڏٺو تھ فوجي ڏاڍو سھڻو جوان ھو، ھن جي دل ۾ عجيب خيال اٿي رھيا ھئا، بيمار جو تپ وڌندو ويو ۽ ھو بي چين ٿيندو ويو. ھٿ لائي ڏٺائين تھ سڄو بدن باھھ وانگر تپي ويو ھوس. ماسي بھ الائي ڪاڏي ھلي وئي ھئي، ڪلاڪ کان پوءِ ھڪ حڪيم کي وٺي آئي، جنھن اچڻ شرط نبض ڏسي ٻڌايو تھ سرسامي حالت ٿي وئي آھي، ڊپ آھي متان نمونيا نھ ٿي وڃي، تنھنڪري سنڀال رکڻ جي ضرورت آھي، حڪيم صاحب دوا جو نسخو لکي ۽ ڪجھھ سمجھاڻي ڏيئي، پئسا وٺي دوا گھرائي وٺڻ لاءِ چئي ھليو ويو.

خورشيد چوڻ لڳي، ”ماسي! ھي ڳالھھ تھ ڳاٽي ۾ پئي اجايو تڪليف ۾ پياسين، پئسن جو خرچ جدا ٿيو خبر نھ آھي تھ ھي پرديسي ڪير  آھي، ھن جا ماءُ پيءُ ڪير اھن، ڪھڙي ڳوٺ جو آھي نھ تھ لکي خبر ڪجي ھا، اھا بھ خبر ڪانھي تھ ڪٿي ٿو ڪم ڪري تھ گھٽ ۾ گھٽ اتي ئي اطلاع موڪلي ڪو بندوسبت ڪجي، ھاڻ تھ ڳالھھ ڳري ٿي.“

ماسيءَ چيو، ”ڀئو ڪونھي ڌيءَ، انسان تي اھڙو وقت بھ ايندو آھي، مڙس ٿي منھن ڏيڻو آھي، خرچ جو خيال نھ ڪرڻ گھرجي، ھڪ انسان جي حياتي جو سوال آھي الائي ڪھڙي مامتا جو لال ھجي.“

علاج باقاعدي شروع ٿيو، ڪيترا ڏينھن گذري ويا، بيمار اک نھ پٽي، خورشيد جان ٽوڙ ڪوشش ڪئي، سرسام شايد مدي جي تپ ۾ بدلجي ويو. خورشيد ھن کان ھڪ پل بھ پاسي نھ ٿي، ٽھل ڪرڻ ۾ ڪمال ڪري ڇڏيائين، پوڙھي ماسيءَ ٻاھر جو ڪم ڪرڻ لڳي، دوا، کير وغيره آڻڻ لڳي. ڪيترا دفعا ماسي خورشيد کي چيو تھ ھوءَ ڪجھھ آرام ڪري تھ پاڻ ويھي پرديسي جي سنڀال ڪندي، پر خورشيد انڪار ڪري ڇڏيو. ھاڻ ھن ڪنھن کي ڇو ٿي ٻڌو، ھن کي پرديسيءَ ۾ دلچسپي پيدا ٿي چڪي ھئي، اھڙي خدمت ۾ ھن کي زندگيءَ جو لطف ٿي آيو، اھو ڪھڙو قانون ھو جنھن ۾ ھوءَ قابو ٿي چڪي ھئي؟ انسانيت جي تقاضا ۽ سچي ھمدرديءَ جي طاقت ھن کي سنڀالي رھي ھئي. چاليھن ڏينھن کان پوءِ حڪيم ٻڌايو تھ سينو بھ جھليل ھو تنھنڪري اوچت تپ لھي پوي، تنھنڪري ائين ٿئي تھ چمچو ياقوتي جو ۽ ڪجھھ برانڊي ڪافي سان گڏي پيارجوس تھ تڪليف ڪانھ ٿيندس، پگھر وغيرھ بھ گھڻو نڪرندس تھ گھٻرائجو نھ. گرم وغيره پاسن کان رکجو.

شام جو ائين ٿيو، جيئن حڪيم صاحب چيو ھو، بيمار جو تپ اوچتو لھي ويو ھن پنھنجيون اکيون کوليون تھ خورشيد جھڙي مائ لقا، پنھنجي کٽ وٽ ويٺي ڏٺائين، زور جو پگھر اچڻ لڳس، حڪيم صاحب جيڪي سمجھايو ھو خورشيد سڀ ڪجھھ ڪيو، بيمار جي بيچيني گھٽ ٿيڻ لڳي.

خورشيد جو من باغ باغ ٿيڻ لڳو، مريض بچي ويو.

موت جي فرشتي ھن کي ڇڏي ڏنو خورشيد جي محنت سجائي ٿي، بيمار اکيون کولي سڀ ڪجھھ ڏسي رھيو ھو، پر ڪمزوري کان ڳالھائي نٿي سگھيو، ھو محبت جي نظر سان خورشيد ڏانھن ڏسي رھيو ھو، ۽ اکين ئي اکين م ھن جو ٿورو بجا آڻي رھيو ھو، نيٺ ھمت ڪري آھستي آواز ۾ پڇيائين ”تون ڪير آھين؟“

خورشيد مشڪندي جواب ڏنو، ”تنھنجي پاڙيسيري.“

ھن وري چيو، ”شڪريو.“

خورشيد چيو، ”ان جي ضرورت نھ آھي، اھو اوھين پوءِ بھ ادا ڪري سگھو ٿا.“

ايتري ۾ ماسي بھ ڊوڙندي آئي ۽ چوڻ لڳي، ”مير صاحب جن اچي ويا آھن.“

خورشيد بيپرواھي سان جواب ڏنو، ”ڀلي آيو.“

ماسيءَ چيو ”آئون ھتي ويھان تون ھلي ڪپڙا بدلاءِ.“

خورشيد جواب ڏنو، ”تپ اڃا ھينئر لٿو آھي آئون ھن کي ڪيئن ٿي ڇڏي سگھان.“

ماسي: ”چري ٿي آھين جيڪي ڪرڻو ھو سو تو ڪيو نوڪريءَ جو سوال آھي، آئون ٿي سنڀال ڪريانس.“

خورشيد: آئون ڪونھ ويندس، آئون نٿي وڃي سگھان، مير صاحب ڀلي واپس ھليو وڃي جنھن ڪم کي مون سچي دل سان ھٿ ۾ کنيو آھي سو پورو ڪري اٿندس.

ماسي: تون تھ ڀورڙي آھين، اسين طوائف آھيون، اسان جو ڪم ھي نھ آھي جيڪي ڪرڻو ھو سو ڪيوسين.

خورشيد: آئون ھتان چرندس بھ ڪين، ماسي مٿو ھٿ سان جھلي ھيٺ ويھي رھي، ايتري ۾ مير صاحب بھ گوڙ شور ڪندو اندر لنگھي آيو.

بيمار کي کٽ تي پيل ڏسي ڪاوڙجي چيائين تھ ”چڱو اھا ڳالھھ آھي.“

خورشيد: جي ھا! ھي ويچارو ڏيڍ مھيني کان ائين بيمار پيو آھي، پرديسي آھي، فوجي سپاھي آھي ھن کي ھتي ڪوبھ  نھ سڃاڻي.

مير: تون تھ ھاڻي واقف ٿي وئينس.

خورشيد: جي نھ، آئون بھ ڪين سڃاڻان تھ ڪير آھي.

مير صاحب: (ڪاوڙ ۾) جي نھ جو ڇا مطلب: پگھار منھنجي کائين ۽ خدمت ٻين جي ڪرين.

خورشيد: ٿوري آھري ڳالھيون بيمار کي تڪليف ٿيندي.

مير صاحب: ڪاوڙ کي روڪي نھ سگھيو، ”حرام زادي“ چوندو خورشيد کي ھڪ ٿڦڙ زور سان منھن تي ھنيائين، جو ھوءَ پري وڃي ڪري ۽ مٿي کي ڏاڍو ڌڪ آيس، جنھن مان رت ريلا ڏيئي وھڻ لڳس، مير صاحب گاريون ڏيندو ھليو ويو، ماسي ڊوڙي خورشيد جو مٿو ٿڌي پاڻيءَ سان ڌوتو ۽ ھڪ ڪپڙو ڦاڙي مٿي کي پٽي ٻڌائيندس، خورشي جا ڪپڙا رت سان ڀرجي ويا ھئا، پر ھوءَ وري بھ اچي بيمار جي سيراندي کان ويٺي، جيتوڻڪ ھن جو مٿو ڌڪ کان ڦري رھيو ھو.

ماسي: خورشيد! ھاڻي اسان جو ڇا حال ٿيندو، جيڪي ڪجھھ ھو سو پرديسي جي بيماريءَ تي لڳائي ڇڏيوسين، تو ڏاڍي بيوقوفي ڪئي آھي.

خورشيد: پرواھ نھ آھي، جنھن ساھ ڏنو آھي، سو رزق بھ ڏيندو، ھي گھر ھاڻي خالي ڪرڻ گھرجي ڀاڙو ڪٿان ڏينداسون، سامان ھتان کڻائي اچڻ گھرجي.

ماسي: ٻاھر وئي ھلي ۽ جلدي روئندي پٽيندي آئي تھ مير صاحب پنھنجو سامان بھ کڻي ويو، اسان وٽ بدن تي ڪپڙا ۽ ڪجھھ زيورن کان سواءِ ڪجھھ بھ نھ بچيو آھي.

خورشيد: (کلندي چيو) ڪجھھ فڪر نھ آھي، ماسي! اڃا مان جيئري آھيان، پئسا گھڻا ئي اچي ويندا.

خورشيد: مريض جي طرف ڏسڻ لڳي تھ ھن جي اکين مان لڙڪ وھي ھن جي رخسارن تي ڪري رھيا ھئا، مريض ڪيتري وقت کان اکيون کولي سمورو تماشو ڏسي رھيو ھو، ھن ۾ ايتري سگھھ نھ ھئي جو ڳالھائي سگھي يا خورشيد جي مدد ڪري سگھي، خورشيد پنھنجي اوڍڻي جي پلاند سان ھن جا لڙڪ اگھيا، بيمار کي ايترو افسوس ضرور ھو تھ ھن جي بيمار پئجي وڃڻ ڪري خورشيد کي نقصان ۽ تڪليف پھتي ھئي ۽ جيڪي ڪي ھن سان ٿيو سو ھن جي ڪري ئي ٿيو، آھستي آھستي پرديسي بيمار تندرست ٿيندو ويو، ھو ھاڻي اتي ڪمري ۾ گھمي ڦري سگھيو ٿي ۽ ھلڪي غذا  کائي ٿي سگھيو، ھڪ رات چانڊوڪي ۾ ٻنھي خورشيد ۽ پرديسيءَ ويٺي ڳالھيون ڪيون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com