سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: دل جي دنيا

 

صفحو :4

جنھن آچر جي ھيءَ ڳالھھ آھي، ان آچر تي رمل پنھنجو پروگرام ٻڌائيندي ٻڌائيندي اوچتو خاموش ٿي ويو. ڪجھھ دير تائين سوچيندو رھيو. اک نانگ ۾ اٽڪائي ڇڏيائين، ۽ پوءِ کاٻي ھٿ جو آڱوٺو نانگ جي ڦڻ تي رکي، اکيون بند ڪري ڇڏيائين. اکيون بند ڪري پيران پير دستگير ۽ ٻن چئن مقامي پيرن کي ياد ڪيائين، جيڪي پنھنجي علائقي جا نامي گرامي پير آھن، پر کين بين الاقوامي شھرت حاصل نھ ٿي آھي. (فقط خواجھ غريب نواز بين الاقوامي پير آھي.) مونکي رمل جي اھا حرڪت پسند نھ آھي. ھٿ وڌائي سندس آڱوٺي تي ٺونگو ھنيم. رمل نانگ جي ڦڻ تان ھٿ کڻي ورتو، ۽ ڪرڙيون اکيون ڪندي چيائين، ”وڏو ڪو واھيات آھين، ڪاريگر. مزي سان مرڻ بھ نھ ٿو ڏئين.“

ٻيھر سنڀالي سنڀالي نانگ جي ڦڻ تي آڱوٺو رکي ڇڏيائين.

ڪڪ ٿيم، تھ چيومانس، ”يار بيزار نھ ڪر رمل. جلد ڪر.“

”مرڻ ۾ جلد بازي فقط عاشق ۽ بيروزگار ڪندا آھن.“ رمل وراڻيو، ”مان مئجسٽڪ سئنيما جو بڪنگ ڪلارڪ آھيان، عاشقن جو دشمن آھيان.“

”اجائي جک نھ مار.“

”مان جلدي مرڻ نٿو چاھيان. مان ڊپٽي ڪمشنر ٿيڻ چاھيان ٿو.“

”وڃي ڇائي پاءِ.“ مان اٿي کڙو ٿيس.

رمل مون کي ٽنگ کان وٺي سٽ ڏيئي ويھاري ڇڏيو. چيائين، ”ڪيڏايھن ٿو وڃين ڪاريگر. اڄ آچر آھي. اڄ ھر ڪا شيءِ سست آھي. زندگي، ٽريفڪ، موت ۽ محبت سڀ سست آھن.“

”تون پنھنجي بڪواس بند ڪر. سخت بور ڪيو اٿئي.“

آچر ڏينھن ھر ڪا شيءِ بور ۽ بيٺل ھوندي آھي. رڳو ريس ڪورس جا گھوڙا ڊوڙندا رھندا آھن.“

وراڻيم، ”تون ڊپٽي ڪمشنر ٿيڻ وارو آھين، تنھنڪري تقرير ڪرڻ کان رھي نھ سگھندين.“

”اڙي نھ نھ. ترس ظالم، ترس.“ رمل مون کي ٻانھن کان ڇڪيندي چيو، ”مون ٻن سالن کان بوٽ نھ پاتو آھي. مون کي ڀلا بوٽ وٺي ڏيندين.“

”اڄڪلھھ رشوت وانگر بوٽن جو ملھھ بھ وڌي ويو آھي. ايندڙ ڏھن سالن تائين تون ۽ مان بوٽ پائي نھ سگھنداسين.“

”ڀلا سليپر وٺي ڏيندين؟“

”سليپر جي قميت ھن کڏيءَ جي مسواڙ، ۽ راڌا ڀنگياڻيءَ جي ريٽ جيتري آھي.“

”ڀلا چمپل.“ رمل منھنجي ٻانھن ۾ ھٿ وجھي چيو، ”ڏس ڪاريگر، منھنجو چمپل تنھنجي دل وانگر ڇڳل ۽ کٿل آھي.“

”ڏاڍو ڪو واھيات آھين رمل.“

”سچ ٿو چوان ڪاريگر، مون کي ھڪ چمپل جي سخت ضرورت  آھي.“

”ڪنھن مسيت مان وڃي چوراءِ.“

”ائين بھ جيڪر ڪيان، پر خدا کان وڌيڪ پوليس واري جو خوف ٿو ٿيم،“ رمل ٻيھر منھنجي ٻانھن ۾ ھٿ وجھندي چيو، ”وٺي ڏيندين ڪاريگر؟“

”مان بيروزگار آھيان.“

”تون بيروزگار آھين، پر قسمت جو ڌڻي آھين.“

”نھ يار. ھوءَ سڀاڻي صبح جو ھلي ويندي.“

”ڪجھھ ڏيئي بھ تھ ويندءِ.“

ھن چيو ۽ مان خاموش رھيس. دل جون ڪنگريون ڪري پيون. رمل ڏانھن ڏٺم. ھو مون ڏانھن ڏسي رھيو ھو.

چيائين، ”خدا تھ ڄاڻي ٿو، پر تون بھ ڄاڻين ٿو تھ مونکي ھڪ چمپل جي سخت ضرورت آھي.“

”وٺجانءِ.“

”جيئي تنھنجي محبت ۽ محبوبھ.“ رمل خوش ٿي نعرو ھنيو. آڱوٺو نانگ جي ڦڻ تان کڻي ورتائين. ڇڪو ڪاٺ جي گلاسڙيءَ ۾ وجھي زور زور سان لوڏڻ لڳو. ٻھ اچنس تھ نانگ، چار تھ پار. گلاسڙي لوڏيندي، ٻن چئن مقامي ۽ بين الاقوامي پيرن مرشدن کي ياد ڪري ڇڪو قلابازيون کائيندو، ٿڙندو، رڙھندو نانگن ۽ ڏاڪڻين جي وچ ۾ بيھي رھيو.

رمل جي منھن جو پنو لھي ويو. پنھنجي ڳوٽ اٺانوي تان لاھي ستاويھين خاني ۾ آڻي بيھاريائين. ھڪ اونھو ساھھ کڻندي چيائين، ”يار ڇڪي جو ھڪ پاسو خالي بھ ھجي ھا، بلڪل خالي، اسان جي زندگيءَ جھڙو خالي.

”۽ نوڪريون جيڪڏھن Jack بدران ڇڪي تي ملن ھا، تھ پوءِ ھميشه ڇڪي جو خالي پاسو اسان جي حصي ۾ اچي ھا.“

رمل راند تان اٿي ويو. پاٺو کڻي کٽ تي اڇلايائين.

پڇيائين، ”سڀاڻي تنھنجو انٽرويو آھي نھ، ٻارن روڪائڻ واري مھم ۾ ڪنھن پوسٽ لاءِ؟“

”ھا.“

”تياري ڪئي اٿئي؟“

”ھا. ٻارن جا سڀئي رسالا پڙھي دل سان ھنڊايا اٿم.“

رمل ھڪ پير کٽ جي پاٽيءَ تي رکندي چيو، ”مان تنھنجو ڪچو انٽرويو ٿو وٺان. سمجھھ تھ مان انٽرويو بورڊ جو ميمبر آھيان.“

انٽرويو بورڊ جا ميمبر ٿلھا، بندرا ۽ ٺوڙھا ھوندا آھن. تون ھينڊسم آھين.“

Take if for granted“ رمل چيو، ”سمجھھ کڻي تھ مان انٽرويو بورڊ جو ميمبر آھيان، ۽ توکان سوال ٿو پڇان.“

Yes Sir

”تون ٻار گھٽ پيدا ڪرڻ لاءِ ڪھڙا اپاءَ تجويز ڪرين ٿو؟ رمل کھري ۽ ڪڙڪيدار آواز ۾ ڳالھايو.

مان منجھي پيس، ھڪ ٻن ڪنٽراسيپوٽز جا نالا ٻڌايامانس، پر کيس جواب پسند نھ آيو.

Rejected، بلڪل عام ۽ واھيات جواب ڏنو اٿئي،“ رمل ڪنھن سخت ميمبر جو نقل ڪندي چيو، ”معقول ۽ عمل ۾ ايندڙ تجويز ٻڌاءِ.“

ڪجھھ دير سوچڻ کان پوءِ چيم، ”Sir، ملڪ ۾ عورتن بدران کدڙن کي ترجيح ڏني وڃي. جيڪڏھن خواجھ سرائن سان شادي جائز قرار ڏني وڃي، تھ جيڪر ٻار پيدا ٿيڻ ئي بند ٿي وڃن.“

Silly“ رمل کل روڪيندي ڳالھايو، ”پٽ ڪاريگر، جيڪڏھن اھو جواب انٽرويو بورڊ کي ڏنو اٿئي تھ پوءِ بورڊ وارا توسان بھ اھائي جٺ ڪندا، جيڪا ھٽلر يھودين سان ڪرائي ھئي.“

Sir، مون کي صحيح جواب کان آگاھھ ڪيو وڃي.“

O.K،“ رمل آفيسرن جي انداز ۾ ڳالھائيندي، ڀڳل ريڊيو جھڙو آواز ڪڍيو، چيائين، ”ان سوال جو جواب آھي، تھ مردن کي عورتن خلاف ۽ عورتن کي مردن خلاف ھر پليٽ فارم تي ڀڙڪايو وڃي، جھڙوڪ، سياسي پليٽ فارم، سماجي پليٽ فارم، ازدواجي پليٽ فارم، ريلوي پليٽ فارم وغيره. ٻنھي گروھن ۾ ھڪ ٻئي لاءِ نفرت پيدا ڪئي وڃي. جڏھن مرد ۽ عورتون گڏ سمھندا ئي نھ، تھ پوءِ ٻار پيدا ٿيڻ جو سوال ئي نٿو اٿي.“

”واھھ رمل، واھھ“ رمل جي پٺي ٺپيندي چيم، ”واھھ جو جواب ڏنو ٿئي. بدبخت تون بھ اپلاءِ ڪرين ھا نھ.“

”مان ٿيندس تھ ڊپٽي ڪمشنر، نھ تھ مئجسٽڪ سئنيما ۾ ٽڪيٽون وڪڻندو رھندس،“ پوءِ رڌڻي ڏانھن ويندي چيائين، ”مون کي چڪن بريانيءَ جو بھ خيال رکڻو آھي. مان وڃانءِ ٿو.“

رمل رڌڻي ڏانھن ھليو ويو. کڏيءَ ۾ مان رھجي ويس ۽ منھنجي اڪيلائي. کڏيءَ ٻاھران ڪٽھڙي وٽ محبت جو ڊائلاتگ ياد ڪري رھيو ھو. مون ڌني کي ڊسٽرپ ڪرڻ نھ چاھيو، ۽ کيس محبت جو ڊائلاگ ياد ڪرڻ لاءِ ڇڏي ڏنم. رڌڻي مان ڪفگير ۽ ديڳڙيءَ جي جلترنگ سان گڏ رمل جي ڳائڻ جو آواز اچي رھيو ھو، جنھن ۾ ھو ڪڪڙ جي تعريف ڪري رھيو ھو.

انٽرويو جي پڪي تياري ڪئي ھيم، پر تڏھن بھ دور ڪرڻ لاءِ شيلف تان ٻارن جا رسالا لاھي، فرش تي تڏو وڇائي ويھي رھيس.

بي انت نوڪرين لاءِ (خاص قسم جون) بي انت انٽرويو ڏيندي ڏيندي سمجھي ويو آھيان، تھ عام معلومات General knowledge جا ڪتاب جھڙوڪ: Pear’s Encyclopedia ۽ Encyclopedia Britannica ڊوگر جو جنرل ناليج، ٽائيمس مئگزين وغيره بيڪار ۽ بيسود ڪتاب آھن، ۽ ڪم جا ڪتاب آھن بچون ڪي دنيا، کلونا، گل ڦل (جيڪو ناياب ۽ قلمي ڪتابن وانگر ڪڏھن ڪڏھن نظر ايندو ھو، ۽ اڄڪلھھ ’اِنالله و اِنا اليه راجعون‘ ٿي ويو آھي) ۽ ھالا سنڌ مان نڪرندڙ ٻارن جا رسالا. نوڪرين لاءِ انٽرويو ۾ جيڪي بھ سوال پڇيا ويندا آھن. انٽرويو ۾ ھن قسم جا سوال پڇيا ويندا آھن: گنجن کي مٿي تي وار ڇو ٿيندا آھن. گڏھھ ڳالھائي ڇو نھ سگھندا آھن. عاشق، محبت ۾ برباد ٿيڻ کانپوءِ فلمي گانا ڇو ڳائيندا آھن. يا، موھن جي دڙي جو پھريون چيف انجنيئر ڪير ھو ۽ ھن رشوت جي پيسن مان ڇا ڇا اڏايو ھو ۽ ورتو ھو. راوڻ جو قد ڪيترو ھو. انسان ۽ سوئر ۾ بنيادي مشابھت ڪھڙي آھي، وغيره.

پر ڪڏھن ڪڏھن انٽرويو ۾ اھڙا تھ خوفناڪ سوال پڇندا آھن، جن جا جواب شايد انٽرويو بورڊ جي ميمبرن کي بھ نھ ايندا ھوندا.

ھڪ دفعي ڪلارڪيءَ (خاص کاتي جي) واري انٽرويو ۾ ھڪ ميمبر، ڪنھن سنڌي سياستدان وانگر واڇ چٻي ڪندي پڇيو ھو، ”شاھھ ايٿوپيا، شھنشاھھ ھيل سلاسيءَ جي ساليءَ جو نالو ڇا آھي؟“

مان منجھي پيو ھوس. سڄو جنرل ناليج ڪنن ۾ سيٽيون وڄائيندو نڪري ويو ھو. سنڌي سياستدان جھڙو ميمبر کلڻ لڳو ھو.

الاءِ ڇو ۽ الاءِ ڪيئن وراڻيو ھئم تھ، ”اجھو ڪجھھ مھينا اڳ، ھيل سلاسيءَ جي باڊي گارڊ ڇويھھ ميلن جي ڊوڙ ۾ دنيا جون نئون رڪارڊ قائم ڪري، ڪارن جو ڪنڌ اوچو ۽ اڇن جو نيچو ڪري ڇڏيو آھي.“

”اسان توکان ھيل سلاسيءَ جي ساليءَ جو نالو پڇيو آھي.“

ٿڌو ساھھ کڻي وراڻيو ھئم، ”سائين شھنشاھھ ھيل سلاسيءَ جي ساليءَ جو نالو ھيل سالي سلاسي آھي.“

منھنجو جواب ٻڌي، انٽرويو بورڊ جا ميمبر پنھنجين پنھنجين ڪرسين تان ائين کڄي ويا، ڄڻ تھ ڪرسين جي ڪشن جا اسپرنگ ڇڏائجي، سندن ويھڪن ۾ وڃي لڳا ھئا. سڀئي حيرت مان ھڪ ٻئي جو منھن تڪڻ لڳا ھئا. منجھائن جيڪو وڌيڪ بندرو، گنجو ۽ مشڪرن جھڙو ھو، تنھن پڇيو، ”توکي ڙي ڪيئن خبر پئي تھ ھيل سلاسيءَ جي ساليءَ جو نالو ھيل سالي سلاسي آھي؟“

ادب سان وراڻيو ھيم، ”سائين، مان ھيل سلاسيءَ جي ساليءَ جو غلام آھيان.“

ان جواب تي مون کي جواب ملي ويو ھو ۽ نوڪري نھ ملي ھئي.

پر ھڪ دفعي ذري گھٽ نوڪري (خاص کاتي ۾) ملندي ملندي رھجي ھئي ھئي. ان دفعي مون انٽرويو ۾ ڏاڍا ٺاھوڪا ۽ ٺھڪندڙ جواب ڏنا ھئا. ٻارن جي رسالي مان جيڪي ڪجھھ ياد ھئم، مغز مان ڪڍي ميمبرن آڏو رکيم. ميمبرن بھ مون کي منجھائڻ ۾ ڪسر نھ ڇڏي، پر مون بھ تياري تيارين جھڙي ڪئي ھئي. ڪٿان ٿو ور چڙھان! مون کين آمريڪا جي مرحوم و مغفور صدر حضرت جان ايف ڪينيڊيءَ جي بيگم محترمھ جيڪولين ڪينيڊيءَ جي جسماني خدوخال کان وٺي صدر ناصر جي خار، پوليس جي مار ۽ جمعو ڪينياتا جي بلڊ پريشر تائين ٺھڪندڙ جواب ڏنا. پوءِ منجھائن جيڪو چيئرمين ھو ۽ دفتريءَ مان ڊپٽي ڊائريڪٽر ٿيو ھو، تنھن چروٽ وات ۾ وجھي، مونکي سوال سان منجھائي ڇڏيو ھو. پڇيو ھئائين، ”انگريزي فلمن ۾ سيڪريٽ ايجنٽ کي گولي ڇو نھ لڳندي آھي ۽ طاقتور بدمعاش کيس ڇو نھ پڄي سگھندا آھن؟“ ڪجھھ دير سوچڻ کان پوءِ وراڻيو ھئم، ”ان جا ٻھ سبب آھن Sir. ھڪ تھ فلمي بندوقون خالي ۽ ڪوڙيون ھونديون آھن ۽ فقط ڦٽاڪن جھڙا آواز ڪنديون آھن. ٻيو تھ سرزمين تي شوٽنگ مھل پروڊيوسر، ڊائريڪٽر، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر، ڪئمرا مين، وغيره موجود ھوندا آھن ۽ ھيرو صاحب کي مار کائڻ نھ ڏيندا آھن.“

منھنجو جواب ٻڌي ھڪ ميمبر حيرت مان پڇيو ھو، ”ڀائنجي ٿو تون سيڪريٽ ايجنٽ آھين.“

No Sir“ عرض ڪيم، ”مان بيروزگار  آھيان ۽ نوڪريءَ لاءِ ڪينڊيڊنٽ آھيان.“

ساڳئي ميمبر پڇيو ھو، ”تجربو اٿئي؟“

”ڇا جو. مارا ماريءَ جو.“

”نوڪريءَ جو.“

”نوڪري ملڻ کان اڳ تجربو ڪٿان ايندو!“

ميمبرن کي ڪجھھ ڪجھھ ڪاوڙ لڳي. ھڪ پڇيو، ”سڄو ڏينھن ڇا ڪندو آھين.“

”نوڪرين ۽ ٽپال کاتي جا اشتھار پڙھندو آھيان، پنجابي فلمن جا گانا ڳائيندو آھيان، ۽ رات جو ڪنھن خاص کاتي ۾ نوڪريءَ جا خواب ڏسندو رھندو آھيان.“

You are dangerous

No Sri, I am harmless

(مٿيان ٻئي جملا سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي نٿا سگھن.)

”پيٽ ڪيئن پاليندو آھين.“

”منھنجو ھڪ دوست سئنيما ۾ ٽڪيٽون وڪڻندو آھي ۽ ٻيو مجاور آھي. مان ٻنھي جي رحم و ڪرم تي آھيان.“

”چئبو تھ تون بلڪل نڪمو آھين.“

”نھ سائين. مان بنگالي ٻولي سکندو آھيان، جيئن تھ ’تومي اماڪي گھيرينا ڪارو بولائي، امي تو ماڪي ڀالو ڀاشي.‘ ڪيئن پسند آيو جملو.“

”ڀلا اردو ٻولي بھ ڄاڻين؟“ (انٽرويو انگريزيءَ ۾ ھلي رھيو ھو.)

”ھا. فلمن جا ذري گھٽ سڀئي ڊائلاگ سمجھي ويندو آھيان.“

پوءِ ميمبرن پاڻ ۾ صلاح ڪئي ھئي. (اميدوارن کي ٿڏي تي جواب پئي ڏنائون) جڏھن چپن ۾ ڀڻ ڀڻ ڪري رھيا ھئا، تڏھن ھنن مان جيڪو وڌيڪ ٿلھو ھو، تنھن چيو، ”ھن نوڪريءَ ۾ توکي سڄو ڪم اردو ۾ ڪرڻو پوندو. جيئن تھ توکي اردو چڱيءَ طرح نٿي اچي، تنھن ڪري اسان توکي نوڪريءَ ۾ نھ کڻنداسين.“

منھنجا ڇھھ ڇڄي پيا. دل آھھ ڪئي. چپ ٿڙڪي اٿيا، ۽ وراڻيو ھئم، ”سائين منھنجي پيءُ کي انگريز  مائي باپ ان ڪري نوڪريءَ ۾ نھ کنيو ھو، جو منھنجو پيءُ انگريزي نھ ڄاڻندو ھو. توھان مون کي نوڪريءَ ۾ ان لاءِ نٿا کڻو، جو مان اردو نٿو ڄاڻان. ڪٿي ائين تھ ناھي، انگريز سوٽ لاھي، شيرواني پائي موٽي آيا آھن.“

ميمبرن کي سخت بڇان لڳي. ساڳئي ٿلھي ميمبر چيو ھو، ”تون بلڊي فول آھين. سمجھھ کان ڏيوالو آھين ۽ تنھنجو General Knowledge بھ ڪمزور آھي.

”ڪيئن ڪمزور آھي!“ ھڪدم وراڻو ھئم، ”مان عورت جي چالاڪي ۽ مرد جي بيوفائيءَ کان وٺي مذھب جي مام ۽ سياست جي زھر تائين ھر ھڪ موضوع تي ڳالھائي سگھان ٿو.“

ٿلھي ميمبر منھنجين اکين ۾ گھور ڪندي پڇيو ھو، ”ڀلا ٻڌاءِ، ھاٿيءَ جا ڏند ڏيکارڻ لاءِ ھڪڙا ۽ کائڻ لاءِ ٻيا ڇو ھوندا آھن؟“

ڪھڙو جواب ڏيانس ھا! وراڻيو ھئم، ”سائين، مان پنھنجي گذريل جنم ۾ ڏاند ھوس. منھنجي ماضيءَ جا آثار موھن جي دڙي مان بھ مليا آھن. مان توھان جي سوال جو جواب ڏيئي نٿو سگھان.“

ٿلھي ميمبر ڪرسيءَ تان اٿي مون کي ٻانھن کان اچي ورتو ھو. سٽ ڏيئي در تائين وٺي ويو ھو، ۽ ٻاھر ڌڪو ڏيندي چيو ھئائين، ”تون بلڊي فول آھين، ۽ ايندڙ ھڪ ھزار سالن تائين نوڪري ڳولي نھ سگھندين.“

ان ڳالھھ جو مون کي ڏک ٿيو ھو ۽ مون ان ڏينھن کان زور شور سان ٻارن جا رسالا پڙھڻ ۽ پڙھي دل سان ھنڊائڻ شروع ڪيا آھن. (اڳ فقط سرسري پڙھندو ھوس.)

ٻارن روڪائڻ واري مھم ۾ نوڪري ھٿ ڪرڻ لاءِ ٻارن جي ھڪ رسالي مان ھاٿيءَ تي مضمون حفظ يعني ياد ڪري رھيو ھوس، جو ڪنھن منھنجي ڪلھي تي ھٿ رکيو. منھن ورائي ڏٺم، مائيڪل بيٺو ھو ۽ چئينگم (سنڌيءَ ۾ چيغم) چٻاڙي رھيو ھو.

مائيڪل سولجر بازار جي ڪرستان ٻارن جو داداگير آھي، ۽ سڄو ڏينھن گھٽين ۾ سائيڪل ھلائيندو آھي.

چيائين، ”That lousy woman wants to see you“ (ھوءَ ڇسي عورت توسان ملڻ چاھي ٿي.)“

Don’t be Silly (واھيات نھ ٿي.)“

I am sorry, chum (مون کي افسوس آھي، يار.)“

زرينھ جو نياپو کڻي آيو ھو. دل عشق ۽ انٽرويو جي وچ ۾ گھڙيال جي لڏڪڻي وانگر لڏڻ لڳي. ٻارن جا رسالا شيلف تي رکي ڇڏيم.

مائيڪل پڇيو، ”Why don’t you are read comics?

ٻڌايومانس تھ مون انٽرويو جي تياري پئي ڪئي، نھ ڪي لطيفا پئي پڙھيم.

مائيڪل کي منھنجي ڳالھھ سمجھھ ۾ نھ آئي. ان جو اظھار انگريز ايڪٽرن وانگر ڪلھا لوڏي ڪيائين.

مائيڪل ھليو ويو.

مون کڏيءَ جي پوئين دريءَ مان ٻاھر نھاريو، جتان پيڊرو ڊسوزا روڊ جي پوئين پاسي وارن بنگلن جي پٺ نظر ايندي آھي. اسان جي کڏيءَ جي سامھون جيڪب آباد جي ھڪ ڪراڙي زميندار جو بنگلو آھي. پاڻ سال ۾ فقط آگسٽ جو مھينو گذارڻ ايندو آھي. باقي يارھن مھينا بنگلي ۾ سندس دوست، سرڪاري آفيسر ۽ پوليس وارا شراب پيئندا، جوئا ڪندا، ۽ پيشو ڪرائيندڙ عورتون آڻيندا آھن.

زميندار سٺ سالن جو آھي ۽ وارن، مڇن ۽ ڏاڙھيءَ کي ’جوڪر ڇاپ‘ خضاب لڳائي، قدرت کي شھھ ڏيندو آھي. سندس زال، زرينھ، سورھن سالن جي آھي ۽ سانوري ۽ سھڻي  آھي.

سنڌي زميندار صاحب جڏھن حڪيمن جا نسخا ۽ ڪشتا آزمائڻ لاءِ سوسائٽيءَ جي اڏن ۽ ڪراچيءَ جي مھذب ۽ فيشن ايبل ھوٽل ڏانھن ھليو ويندو آھي، تڏھن زرينھ بنگلي جي پوئين پڌر ۾ اچي بيھندي آھي. ڏسي وٺانس تھ دريءَ مان اولڙا ھڻانس، نھ تھ ھوءَ پاڻ ئي مائيڪل ھٿان نياپو ڪندي آھي، مائيڪل کي سولجر بازار جي سڀني عاشقن جي خبر آھي، ايتري قدر جو کيس پنھنجن ٽن ڀينرن جي پندرھن عاشقن جي بھ خبر آھي. تنھن ڪري، مائيڪل ھٿان نياپو موڪلڻ ۾ زرينھ حجاب نھ ڪندي آھي.

مائيڪل نياپو ڏيئي، سائيڪل تي چڙھي ھليو ويو. مان کڏيءَ مان نڪري، ڪٽھڙي وٽ آيس. ڌنو، اسان جو يار، محبت جو ڊائلاگ ياد ڪري رھيو ھو.

ڌني کي ڳالھائڻ ۾ ھٻڪ آھي. لفظ کي ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيندو آھي. ھڪ دفعي ڌنو ھڪ ٽائيپسٽ ڇوڪريءَ تي عاشق ٿي پيو ھو. رمل کيس چيو ھو تھ جڏھن ڇوڪري وٽانئس اچي لنگھي، تڏھن ھو جذباتي لھجي ۾ چئي وڃي تھ، ’مان توسان محبت ڪيان ٿو‘ ۽ ان لاءِ آگاھھ ڪيو ھئائينس، جيئن تھ اڄڪلھھ سينڊلن ۾ لوھي چنھنبائي کڙيون ھونديون آھن، تنھن ڪري ڊائلاگ چوڻ وقت ڌني کي مٿي تي پراڻو فولادي ٽوپلو، تئو يا ديڳڙو ھئڻ گھرجي. ڌني جي ڀرسان لنگھي ھئي، تڏھن ڌني چوڻ شروع ڪيو ھو، ڌني کي، رمل جي پھرين ڳالھھ سمجھھ ۾ آئي ھئي ۽ ٻي نھ. پوءِ جڏھن ڇوڪري مممان تنتو سسان مححبت ڪڪڪيان ٿٿو. جيستائين ڌني ڊائلاگ پورو ڪيو تيستائين ڇوڪري کانئس اڌ ميل کن پري ھلي وئي ھئي. ان ڏينھن ڌني کي ڏاڍو ڏک ٿيو ھو ۽ ھن رات جي ماني نھ کاڌي ھئي (ٻئي ڏينھن صبح جو ڊبل نيرن ڪئي ھئائين.)

ان ڏينھن کان ڌنو واندڪائيءَ جي وقت ڪو نھ ڪو محبت جو ڊائلاگ ياد ڪندو رھندو آھي. مان جڏھن ڪٽھڙي وٽان لنگھيس تڏھن ڌنو ياد ڪري رھو ھو، ”مممان مممحبت –“

”نھ يار نھ،“ سندس ڪلھي تي ھٿ رکندي چيم، ”چئھ تھ، مان، منھنجي آرزو، مان توسان محبت ڪيان ٿو، تون منھنجو روح، منھنجي زندگي، منھنجي ڪائنات آھين.“

ڌني منھن ورائي منھنجني اکين ۾ نھاريو. ڪجھھ چوڻ چاھيائين پر چئي نھ سگھيو. تڏھن اوچتو سندس چپ ڪنبڻ لڳا ۽ اکين ۾ پاڻي تري آيس.

ڏوري کي جھليندي، دلداري ڏيندي چيومانس، ”دل نھ لاھھ ڌنا، مان توکي محبت جا اھڙا اھڙا تھ گر ڏسيندس جو چالاڪ کان چالاڪ عورت بھ تنھنجي دام ۾ ڦاسي پوندي.“

رڌڻي جي جاري مان رمل پڇيو، ”ڪيڏانھن ٿو وڃين ڪاريگر؟“

”سرحد پار.“

”چڪن برياني تھ ٺري ويندي.“

”اجھو ٿو موٽان.“

”ڏھھ منٽ؟“

”ھا، ڏھھ منٽ.“

کڏيءَ مان نڪري پيڊرو ڊسوزا روڊ تي اچي بيٺس. روڊ مان ڦٽندڙ گھٽين ۾ مائيڪل پنھنجن ساٿين سميت سائيڪل ھلائي رھيو ھو. پريان ئي ھٿ لوڏيائين. رستو پار ڪندي ھٿ لوڏي کيس جواب ڏنم.

زرينھ پوئين در جي وٿيءَ مان آھستي چيو، ”الا ڪيڏو نھ سڪايو ٿئي.“

”سچ!“

”توھان ڪراچيءَ وارا ڏاڍا سنگدل آھيو.“

”ڪراچيءَ وارا! ٻيو ڪوبھ آھي ڇا؟“

”ڏاڍو ڀورڙو ٿو ٿئين! شيطان.“

”شيطان سڏيو اٿئي، تنھنڪري پاڻ کي خوشنصيب ٿو سمجھان.“

وٿي وڌائيندي چيائين، ”اندر اچ تھ ڪو ڏسي نھ وٺي.“

اندر ويس. ھن در بند ڪري ڪڙو چاڙھي ڇڏيو. منھن ورائي مون کي ڳراٽڙي پاتائين.

چيائين، ”منھنجي قرب لاءِ تو وٽ تر جيترو بھ قرب ڪونھي.“

”آھي، ڇو نھ آھي!“

”ڪوڙا.“

ھوءَ مون کي ٻانھن کان ڇڪيندي ڪمري ۾ وٺي وئي. مون کي پلنگ تي ليٽائي، پاڻ پاسي واري ڪمري ڏانھن ھلي وئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com