سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: سڀا جو سينگار

 

صفحو :7

 

 ١٧- گڏھھ، ھرڻ ۽ ھاري

 

قاز چيو مون ٻڌو آھي، تھ ڪنھن کٽيءَ وٽ ھڪڙو گڏھ ھوندو ھو. ان گڏھ جي پٺيءَ تي ھڪ چٽو ٿيو ھو، تنھن تي ڪانون ايترا ٺونگا پئي ھنيا، جو گڏھھ ويچاري کي اڌ مئو ڪري ڇڏيائون. کٽيءَ ڏٺو تھ جيڪڏھن ٻيا ٻھ – ٽي ڏينھن اھڙيءَ طرح ھن جي پٺي اگھاڙي ڇڏبي تھ ڪانو ھيڪاري ڇني ويندس، تنھنڪري پنھنجي زال ک سڏي چيائين، تھ ”ڪو ڪپڙي ٽڪر ھجيئي تھ آڻي ڏينم، تھ ھن جي چٽي تي ٻڌي ڇڏيان.“

ھن چيس تھ ”شينھن جي ھڪڙي کل، جا گھڻن ڏينھن کان اجائي پيئي آھي، سا جي چوين تھ آڻي ڏيان؟“

 کٽيءَ خوش ٿي اھا کل گھرائي، گڏھ جي پٺيءَ تي ٻڌي ڦٽي ڪئي. پر گڏھھ، کل پوڻ شرط اھڙي ڏيکاري ڏيڻ لڳو، جو ڄڻ ڪو شينھن آھي. ۽ جڏھن گھر کان نڪري ٻاھر وڃي ٻنيءَ ۾ چرڻ ٿي بيٺو، تڏھن ماڻھو ھن کي ڏسي، ڀلجي پنھنجا گھر گھاٽ ڇڏي اٿي ڀڳا.

گڏھھ ڏٺو تھ بن مدعي بفضل خدا ٻنيءَ ۾ پھر ٺھي ئي ڪانھ، سو ٿورڙن ئي ڏينھن ۾ کائي پِي چڙھھ ڪري ڏاڍو ٿلھو متارو ٿيو. اوچتو ئي ھڪڙ: ڏينھن ڪنھن ٻنيءَ ۾ ھڪڙي ھرڻ جي ھن تي وڃي نگاھھ پيئي، سو بھ ڀلجي ھن کي شينھن سمجھي ڀڄڻ لڳو.

تڏھن گڏھھ سڏ ڪري چيس تھ ”اي ھرڻ! ڊڄ ڪين، آءٌ شينھن نھ آھيان. منھنجو ارادو آھي تھ توسان ياراڻي رکان؟

ھرڻ سڃاتو، تھ اھو ڳالھائڻ تھ گڏھھ جو، شينھن جو نھ آھي، سو ماٺڙي ڪري اتي بيھي رھيو. خير، ٻنھي جي اچي پاڻ ۾ پريت لڳي، سا اھڙي لڳي، جو رات ڏينھن ھڪ جاءِ تي گڏ گذاريندا ھئا، ۽ واندڪائيءَ جي وقت ڪنھن بھ طرح جي جھل پل کان سواءِ ماڻھن جي ٻنين ۾ ڇيڪ وڃي چرندا ھئا، يا جتي وڻندو ھون، اتي وڃي گھمندا ڦرندا ھئا.

ڪنھن ڏينھن چرندي چرندي ھڪڙي ٻنيءَ ۾ وڃي نڪتا، جا سائي چھچ ٿي بيٺي ھئي. ھاري جو ان جي سنڀال لاءِ ويٺو ھو، سو گڏھھ کي شينھن ڄاڻي ڊڄي ڀڳو، ۽وڃي ڪنھن ڪنڊ ۾ لڪو. ۽ ھي ٻيئي يار دلجاءِ ڪري بيھي ان ٻنيءَ ۾ چرڻ لڳا.

اوچتو گڏھھ کان خوشيءَ منجھان ھينگ نڪري ويئي. ھرڻ ھن جو آواز ٻڌي چرڻ امالڪ ڇڏي، ڪن ڏيئي بيھي رھيو. گڏھھ پڇيس تھ ”اي يار! چرين ڇو نٿو؟“

ھرڻ چيو تھ ”ڪھڙو حال ٿو پڇين؟“ تون پنھنجي ڪم ۾ ڌيان ڏي.

گڏھھ ڊوھي وجھي چيس تھ ”ڀائي سچ چئو، مون کان ڪھڙي خطا ٿي آھي، جنھنڪري تون اوچتو ماٺ ۾ پئجي ويو آھين؟“

ھرڻ ورندي ڏني تھ ”اي يار! تنھنجي مٺي سر مون کي اھڙيءَ مورڇا ۾ وجھي ڇڏيو آھي، جو ٻيو ڪي بھ ڪين ٿو اڄھيم، ڇاڪاڻ تھ ھن مھل اھڙي مٺي سر سان ڳايئھ، جو منھنجو من اداس ڪري ڇڏيئھ.“

گڏھھ چيو تھ ”مون کي ھن وقت تائين پٽيءَ سڌ ڪانھ ھئي، تھ تون ڪو راڳ جو اھڙو خفتي آھين، نھ تھ جيڪر توکي ڪيتريون ٺمريون ۽ ڌرپڌ ٻڌايان ھا. خير، ھاڻي، گذريءَ کي ياد ڪين ڪبو. پر اڳتي ڏسج، تھ آءٌ توکي ڪيترائي راڳ ٻڌائيندو ٿو رھان. ۽ ٻيو ٻڌين ٿو اي يار! آءٌ گھڻو دنيا ۾ پئي ڦريس؛ پر ھن علم جو پارکو ڪٿي ڪونھ ٿي گڏيم، جنھن کي اھو پنھنجو ھنر ڏيکاريان ھا.“

ھرڻ ڊوھي وجھي پڇيس تھ ”سچ چئو تنھنجو استاد ڪير آھي؟“

تڏھن چيائين تھ ”گھڻا ڏينھن ٿيندا، جو ھڪڙيءَ نديءَ جي تڙ تي اڪثر ويندو ھوس، اتي ڪيترا ڏيڏر راڳ جي ڇيڙ ڇاڙ ڪنداھئا، تن کان مس مس اھو سر سکيو آھيان.“

ھيءَ ڳالھھ ٻڌي ھرڻ کان ٽھڪ نڪري ويو ۽ چيائين تھ ”ڇو نھ يار! ھھڙو قابل ٿيو ئي تڏھن آھين، جڏھن اھڙن ڏاھن جي صحبت ڪئي اٿئي. ھاڻي ڀڳوان ڪندو، تھ ھلي ھڪ منو ٿي تنھنجو راڳ ٻڌندس.“

گڏھھ چيس ”جيڪڏھن تون ڌيان ڏيئي ٻڌندين تھ آءٌ چڱا چڱا ڌرپد ٻڌائيندوسانءِ. تنھن وچ ۾ جيڪڏھن چئين تھ ڪي ھوريان آلاپيان؟“

ھرڻ جواب ڏنس ”متان ڪي ڪڇيو اٿئي! ھن وقت جيڪڏھن ڳائيندين، تھ پنھنجي اگھڙ ڪندين.“

ھن چيو تھ ”ڏاکڙو ڪندس آءٌ، تون رڳو ٻڌندين، تنھن ۾ توکي ڪھڙي ٿي تڪليف ٿئي؟،

ھرڻ وري بھ چيس تھ ”اي يار! ھن وقت ڪي بھ ڪڇندين تھ تنھنجي لاءِ ڀلو نھ آھي.“

پر بيوقوف گڌھھ کي ايتري سمجھھ ڪٿان آئي، جو اھڙا اشارا سمجھي. تنھن ڀانيو، تھ ھاڻي جيڪڏھن آءٌ نھ ڳائيندس تھ ھرڻ ڀائيندو، جيڪس ھن کي ڳائڻ اچي ئي ڪونھ ٿو، تھنڪري وات ڀري ھينگڻ شروع ڪيائين. ھن جو ھينگڻ ۽ ھرڻ جو امالڪ منھن گھنجائي اٿي ڀڄڻ. ٻنيءَ جو راکو، جو اتي ڪنڊ ۾ لڪو ويٺو ھو، تنھن جا ھيءَ ھينگ ٻڌي، سو کڻندي ئي ھڪڙي لٺ، پٺيان ڊوڙي پنج – چار اھڙيون ڪشي ھنيائينس، جو ھن جو مٿو ٻھ اڌ ٿي پيو.

سو، اي ٻگھھ! مون توکي فقط! يتري لاءِ ھيءَ ڳالھھ ٻڌائي، تھ انسان کي گھرجي، جو سڀڪنھن وقت پنھنجي زبان پنھنجي وس ۾ رکي. ھاڻي سچ چؤ تھ تنھنجي ۽ ڪاٺڪٽي جي نوڪرن جي وچ ۾ وڌيڪ ڪھڙيون ڳالھيون ھليون؟“

ٻگھھ عرض ڪيو تھ ”جيئندا قبلا، جيتريون مون اوھان جي نيڪيءَ ۽ سورھيائيءَ ۽ سخاوت جون ڳالھيون پئي ڪيون، اوتريون ئي ڦيري ھنن اوھان جي بدي ۽ بي ھمتيءَ ۽ ڪنجوسائيءَ بابت پئي ڪيون. ۽ ھيئن بھ چيائون، تھ ڪاٺڪٽي کان سواءِ ٻيو ڪو بھ روءِ زمين تي بادشاھھ ڪونھي.“

تڏھن قاز چوڻ لڳو تھ ”اِھي احمق بھ ھن گڏھھ ۽ سوئر وانگيان آھن، جي سدائين پنھنجي ھٺ ۽ وڏائيءَ کان سڀ ڪنھن کي گھٽ پيا سمجھن؛ پر جڏھن ڪو مست ھاٿي سامھون اچي وڃين، تڏھن اھا ڪلا ئي گم!“

ٻگھھ عرض ڪيو تھ ”قبلا، ھن غلام بھ ھنن کي ھي جواب ڏنو، تھ سڄيءَ زمين تي ڪير آھي، جو اسان جي بادشاھ سان ڪلھو ھڻي.“

تڏھن چيائونم تھ ”تون جو بي ڊپو ٿي، شوخيءَ مان ڳالھيون ڪرين ٿو، سو اھي توکي نھ ڦٻنديون، جيئن تھ چيو اٿن تھ ”وت ٿورو چڙ گھڻيءَ، مار کائڻ جي نشاني. جيڪڏھن ڪڇندين تھ تنھنجي لاءِ ڀلو نھ آھي.“

مون چيو مان تھ ”آءٌ ٻار ڪين آھيان جو اوھان جي دڙڪي ڀر ڊڄي پوندس.“

پوءِ پڇيائونم تھ ”ڀلا سچ چؤ، تون اسان جي ملڪ ۾ ڪيئن آيو آھين؟“

تڏھن مون چيو تھ ”ھن لاءِ جو توھان جو شھر ڏسي وڃي پنھنجي بادشاھھ سان خبر ڪريان، ۽ اوھان جي ملڪ تي چاڙھي آڻيانس.“

اھي ڳالھيون ٻڌي اھڙي کامڻي لڳين، جو پاڻ ۾ مڙي مون کي مار ڏيئي، جھلي پنھنجي بادشاھ وٽ وٺي ويا.

بادشاھھ پڇين تھ ”ھن غريب کي ڇو جھلي آندو اٿو؟“

چيائونس تھ ”ھيءُ ڏاڍو ڪپتيو، بڇڙو ۽ لوالائو آھي.“

تنھن تي بادشاھھ وري پڇين تھ ”ھي ڪھڙي ولايت جو آھي؟ ۽ ھتي ڇو آيو آھي؟“

 تڏھين جواب ڏنائون تھ ”قاز جي ملڪ جو رھاڪو آھي، ۽ ان ھن کي ھن شھر جي ترڀاءَ لھڻ لاءِ موڪليو آھي، ۽ ان جو ارادو ھن جي ڳالھائڻ مان ھيءَ سمجھجي ٿو تھ ھو اوھان جو ملڪ ھٿ ڪرڻ ٿو گھري.“

ڪاٺڪٽي چيو تھ ”ھن لچ بي ايمان کان پڇو تھ تنھنجي بادشاھھ جو اھڙو ارادو ڪيو آھي ۽ توکي ھتي موڪليو اٿس، سو ڇو؟“

تڏھين ٻانھي عرض ڪيو، تھ ؟”اسان جي بادشاھھ جي گھڻن ڏينھن کان اِھا اِڇا آھي، تھ توھان تي چڙھي ڪري، پر پنڌن پيچرن جو اڻ سونھون ھئڻ ڪري ھن وقت تائين پئي ترسيو آھي. ھاڻي مون کي مڪو اٿس، تھ اھڙي جاءِ ڪا ڏسي وائسي اچ، جتي لشڪر اچي ڇانوڻي وجھي. ۽ آءٌ ھن جي نوڪرن مان ھڪڙو ادنيٰ نوڪر آھيان. اوھان بھ ھي ڳالھھ ٻڌي ھوندي تھ جيڪڏھن ڪا ٻڪري اسان جي بادشاھھ جي سرن اچي پوي، تھ ڪنھن کي بھ مجال نھ آھي، جو ڏانھس اک کڻي نھاري.“

ايتري ۾ ڪاٺڪٽي جي وڏي وزير ڳجھھ پکي، ڪرگس نالي، اچي مون کان پڇو تھ ”تنھنجي بادشاھھ جو وزير ڪير آھي؟“ مون چيو تھ ”چيھو.“

تڏھين ڪرگس چيو، تھ ”البت اھڙي بادشاھھ کي اھڙو ئي وزير ٿو ٺھي، جو ساڳئي وطن جو ھجي؛ ۽ ڏاھن پڻ چيو آھي، تھ جيڪڏھن ڪنھن بادشاھھ کي پنھنجو وزير رکڻو ھجي، تھ چونڊ ڪري خاندان ۽ علم وارو، بي طمع، ھموطني، ھمٿ ڀريو ۽ خدا ترس ڳولي رکي. ايتري ۾، ھڪڙو طوطو، جو ان مجلس ۾ ويٺو ھو، تنھن پنھنجي بادشاھھ ڪاٺڪٽي جي اڳيان اھي عرض ڪيو، تھ ”قاز جو ملڪ اصل ھن بادشاھت سان لاڳو ھو، پر ٿورن ڏينھن کان قاز باغي ٿي فساد ڪري، اھو ملڪ پنھنجي ھٿ ڪيو آھي. ھاڻي جيڪڏھن ڪو ڪٽڪ چاڙھي، ان ملڪ تي موڪلبو، تھ اھو اوھان جي اقبال سان ستتئي سوڀارو ٿيندو.“

اھا ڳالھھ ٻڌندي ئي مون کان کل نڪري ويئي، ۽ چيم تھ ”جيڪڏھن رڳو ھن طوطي جي چوڻ تي ھو ملڪ توھان جو ٿي پيو، تھ اسين بھ چئون ٿا تھ ھيءَ ملڪ اسان جو آھي.“

تنھن تي طوطي چيم تھ ”اي ٻگھھ! ڇو ٿو بنان سوارٿ ڪوڙ ڳالھائين؟ تون نھ ٿو ڄاڻين، تھ ڪوڙ ايمان جي ڪتر آھي؟ ۽ جنھن کي ڪوڙ ڳالھائڻ جي علت ھوندي تنھن جي ڳالھھ تي ڪو بھ پت نھ ڪندو، ۽ نڪي ان جي ڪمن کي سچو ڄاڻندو.“

مون چيو تھ ”منھنجو سچ يا ڪوڙ توکي تڏھين معلوم ٿيندو، جڏھن منھنجي ۽ تنھنجي بادشاھھ جي وچ ۾ لڙائي لڳندي. دلجاءِ ڪر، ترت ئي توھان جي پسورائي ظاھر ٿيندي، پوءِ اڇا ڪارا پڌرا ٿي پوندا.“

ھيءَ ڳالھھ ٻڌي ڪاٺڪٽي مرڪي چيو، تھ ”تون وڃي پنھنجي بادشاھھ کي چتاءِ، تھ ھاڻي لڙائيءَ لاءِ ترت تياري ڪري.“

تڏھن مون چيو تھ ؟”حضور، منھنجي ڳالھھ تي بادشاھھ ويساھھ نھ ڪندو، جيڪڏھن سائين جن کي لڙائيءَ لاءِ سچ پچ سمرٿي ۽ ارادو آھي، تھ پنھنجي ڪنھن ايلچيءَ جي ھٿان اھو نياپو ڏياري موڪليو.“

ڪاٺڪٽي طوطي ڏي نھاري پڇيو تھ ”ھيءُ ڇا ٿو بڪيئ“.

طوطي عرض ڪيو تھ ”خاوند، ھي جيڪي چوي ٿو سو سچ آھي، اوھان جو ڌيان ڪنھن ٻئي پاسي ٿو وسي.“

تڏھن ڪاٺڪٽي حڪم ڏنو، ڀلا پڇا ڪريو تھ ”پنھنجي ڪچھريءَ مان ڪير وڪالت جو لائق آھي؟“

ڪرگس وزير چيو تھ ”اي جھان پناھھ! ڪنھن اھڙي شخص کي موڪلجي، جنھن ۾ علم، رساڪاري، گنڀيرائي، بي طمعي، لياقت، ايمانداري، دليري، خلق ۽ دانائي، ھي سڀ فضيلتون ھجن. ۽ جڏھين بادشاھھ جي روبرو ٿئي، تڏھن چٻي چيٺي جواب سوال ڪري.“

ڪاٺڪٽي چيو تھ ”انھيءَ ڪم لاءِ توکان سواءِ ٻئي ڪنھن ۾ منھنجي دل نٿي ھچي. چڱو ھئن آھي، جو تون وڃي جواب سوال ڪري اچ“.

ڪرگس چيو تھ ”غريب نواز! ٻانھي اڳيئي عرض ڪيو آھي تھ ايلچي انھيءَ شخص کي ڪجي، جو پھلوان، عاقل، چتر ۽ گفتگو ۾ پورو ۽ سڀڪنھن ٻوليءَ ۾ چالاڪ ھجي، ۽ اجايو نھ ڳالھائي، ۽ نھ اھڙي ڳالھھ ڪري، جنھن سان سندس بادشاھھ جي پسورائي پڌري ٿئي؛ ۽ ڌڻيءَ جي ڪم ۾ پنھنجي ساھھ جو بھ سانگو نھ ڪري. اھي سڀ ڳڻ ھن طوطي ۾ آھن، ۽ ھن ڪم جو لائق بھ اھو آھي، تنھنڪري طوطي کي موڪلڻ گھرجي.“

ھيءَ ڳالھھ مجلس جي سڀني صاحبن کي وڻي، ۽ چيائون تھ ”سچ، طوطي کان سواءِ ٻيو ڪو بھ اھڙو نھ آھي، جنھن ۾ اھي سڀ خاصيتون ھجن.“

تڏھن ڪاٺڪٽي طوطي کي چيو تھ ”تون ھن ٻگھھ سان گڏجي قاز وٽ وڃ، ۽ چئينس تھ تون جو ھيترو دماغ ٿو رکين، ۽ پاڻ کي بادشاھن جي قطار ۾ ٿو سمجھين، سو منھنجو بھ ڊپ توکي ڪونھي ڇا؟ ۽ پاڻ کي ڀلي، مون سان بَر ميچڻ لڳو آھين. جيڪڏھين پنھنجو ڀلو چاھين، تھ ھڪدم خدمت ۾ اچي حاضر ٿي معافي گھر، يا ڏن ڏياري موڪل، جي نھ، تھ ناحق ھاڻين گھوڙن جي ھيٺان لتاڙجي ويندين، ۽ پنھنجو ملڪ بھ ويران ڪرائيندين.“

طوطي عرض ڪيو تھ ”مون کي اھو سرڪار جو حڪم اکين تي آھي، پر اھڙي نالائق سنگتيءَ سان گڏجي وڃڻ بلڪل نامناسب آھي ۽ جيئن ھڪڙي ھنس پکيءَ ڪانءَ جي سنگت ۾ پنھنجي جان ڏني ھئي، تيئن شايد مون کي بھ ڏيڻي پوندي.“

تڏھن ڪاٺڪٽي پڇيو تھ ”اھا ڳالھھ ڪيئن آھي؟“

 

١٨ – ھنس، ڪانءُ ۽ واٽھڙو

طوطي چيو تھ ”اوجين شھر جي واٽ تي، جھنگلي انجير جو ھڪڙو وڏو وڻ نديءَ جي ڪپ تي بيٺو ھو، تنھنجي ٽارين تي ھنس ۽ ڪانءُ ٻئي ويٺا ھئا. اوچتو ھڪڙو مسافر تير ڪمان ساڻ کڻي سج جي تائڙي کان ڪڙائجي؛ انھيءَ وڻ جي ھيٺان ٿڪ ڀڃڻ لاءِ اچي ويٺو. ۽ ھڄي اچڻ ڪري ان وڻ جي ٿڌيءَ ڇانو ۾ ننڊ کڻي ويس.

جڏھن سج مٿي چڙھيو، ۽ اس جا تڙڪا پنن مان نڪري، ھن جي منھن تي پوڻ لڳا، تڏھن ھنس ڪھل آڻي ڪانءَ کي چيو تھ ”ھن واٽھڙوءَ جي منھن تي اس ٿي پوي، تون پنھنجا پر نھ پکيڙي ھن ٽاري تي وڃي وھين، جتان اس ھن تي پوي ٿي، تھ ھو ويچارو ٿڪل ماندو ٿيل ڀلي ٿورو آرام ڪري وٺي.“

ڪانءَ چيو تھ ”جيتوڻيڪ اھو ڪم ثواب جو آھي، تھ بھ مون کي گتي ڪانھ پيئي آھي، جو ايترو ڏاکڙو ۽ ڪشالو پاڻ تي کڻان. اِھو ثواب تون ئي وڃي کٽ.“

وسوڙل ھنس ھن جو مڪر نھ سمجھي، پاڻ اڏامي ان ٽاريءَ تي مسافر جي مٿان ڇانو ڪري وڃي ويٺو. ھو مسافر وات پٽيو سمھيو پيو ھو، ۽ ھيءُ ٺڳھ ۽ لچ ڪانءُ ھن جي وات ۾ وٺ لاھي، اڏامي ٻيءَ ٽاريءَ تي وڃي ويٺو. ڪوسي وٺ، جا ھن واٽھڙوءَ جي وات ۾ پيئي، سو سجاڳ ٿي پيو، ۽ ھنس کي پنھنجي مٿان ويٺو ڏسي، ڪاوڙجي چوڻ لڳو، تھ ھيءَ ڪم انھيءَ نامراد جو آھي. ۽ سيگھھ مان زه ڪمان تي چاڙھي، اھڙو تير ڪشيائين، جو ڇاتيءَ مان پار لنگھي ويس.

سو اي خاوند! ڪميڻي جي سنگت شل ڌڻي ڪنھن کي نصيب نھ ڪري. سياڻن چيو آھي، تھ سنگ تاري ڪسنگ ٻوڙي.“

ڪاٺڪٽي چيو تھ ”اي طوطا! منھنجي مرضي نھ آھي، تھ تون ھن ٻگھھ سان گڏ گذاريندو رھھ، جو تنھنجو بھ حال ھن ھنس ۽ ڪانءَ جھڙو ٿئي. توکي ايترا ڏينھن ھن جي صحبت ۾ رھڻا ڪين پوندا.“

تڏھن چيائين تھ ”سائين جن ٿورن ڏينھن واسطي فرمائين ٿا، پر صوفي ويچارو رڳي ھڪڙي رات جي صحبت کان بيمانو ۽ بڇڙو ٿي پيو ھو.“

ڪاٺڪٽي پڇيس تھ ”اھا ڳالھھ ڪيئن آھي؟“

١٩- صوفي، ڪمينو ۽ ڏوڌياڻي

طوطي چيو تھ ”ٻڌو اٿم، تھ ھڪڙو ڪميڻو ماڻھو ڪنھن واٽ تان ھليو ٿي ويو. اوچتو رستي تي ھڪڙي صوفيءِ سان اچي گڏيو. صوفيءَ پڇيس، تھ ”اي يار! تون ڪاڏي ٿو وڃين؟“ چيائينس تھ ”آءٌ پھريائين گجرات ڏي ويندس، اتان ٿي، پوءِ اوجين ڏي ويندس.“

صوفيءَ چيس تھ ”جيڪڏھن چوين، تھ آءٌ بھ توسان گڏجي ھلان، مون کي پڻ اوڏانھين ھلڻو آھي.“

ھن چيو تھ ”منھنجي اکين تي بھ ھلڪو آھي، ۽ ڌڻي ڪندو، تھ توکي منزل تي صحيح سلامت نيئي پھچائيندس.“

صوفي ٿورو سمر واٽ لاءِ کڻي، ان سان گڏجي اٿي ھليو. جڏھين رات پيئي، تڏھين او ٻئي ڪنھن ڳوٺ ۾ وڃي ھڪڙي واڻئي جي ھٽ تي لٿا ايتري ۾ ھڪڙي ڏوڌياڻي بھ چاڏي ڏڌ جي کڻي اچي اتي نڪتي، ۽ ھنن ٻنھي کي چوڻ لڳي تھ ”منھنجو گھر پري آھي، جيڪڏھن توھين موڪل ڏيوم، تھ آءٌ بھ اڄوڪي رات جا چار پھر ھتي ڪاٽيان.“

تنھن تي ھنن چيو تھ ”ڀلي ٽڪ، اسان جون اکيون ٿڌيون، جاءِ گھڻيئي پيئي آھي. پنھنجي چاڏي اسان وٽ رکي، تون ھتي سمھي پئو، ڇاڪاڻ تھ ھتي ڪتا گھڻا آھن، متان تنھنجو ڏڌ چٽي وڃن.“

ڏوڌياڻي چاڏي ھنن کي سونپي، پاڻ پري وڃي سمھي پيئي. ڪميڻو آڌيءَ جو اٿي چاڏيءَ وارو ڏڌ سڀ پِي چٽ ڪري، باقي اگھي پگھي صوفيءَ جي ھٿن ۽ چپن کي مکي پاڻ ماٺڙي ڪري سمھي پيو.

صبح جو ھي ٽيئي اٿيا. ڏوڌياڻي ڏٺو تھ مار! چاڏيءَ ۾ ڏڌ ٺھي ئي ڪونھ. تڏھين لڳي پنھنجو مٿو پٽڻ ۽ ٻنھي جو منھن ڏسڻ. جان چتائي ڏسي، تھ صوفيءَ جا ھٿ ۽ چپ ڏڌ سان لڦيا پيا آھن. تڏھين نڪا ڪيائين ھم نڪا ڪيائين تم، اٿندي ئي صوفيءَ کي ڏاڙھيءَ کان جھلي لوڏيائين، ۽ ھل مچائي چوڻ لڳي، تھ ”تو ئي منھنجو ڏڌ کاڌو آھي. ”۽ چاڏي ڀڃي، ان جي گرڻ ھن جي ڳچيءَ ۾ وجھي، آڻي بزار ۾ کڙو ڪيائينس.

سو اي بادشاھھ! جيڪڏھن آءٌ بھ ٻگھھ سان گڏجي ويندس، تھ منھنجو بھ اھڙو ئي حال ٿيندو.“

تڏھين مون چيو تھ ”طوطا! ڇو ٿو ايترا نقل نظير ھلين ۽ عذر ڪرين. ڊپ لاھي اٿي مون سان ھل، ۽ پاڻيھي ڏسندين، تھ آءٌ ڪيئن ٿو تنھنجي ٽھل ٽڪور ڪندو ھلان. تو اڃا تائين مون کي سڃاتو ڪين آھي.“

طوطي چيو، تھ ”تنھنجي ڀل ماڻھپائي ھن مان ئي معلوم ٿي ٿئي، جو تون ھٿ وٺيو ٿو بادشاھن جي وچ ۾ جھيڙو لارائين. آءٌ اھڙو بيوقوف نھ آھيان، جو تنھنجي مٺين ڳالھين تي لڳي، جيڏي وٺي ھلينم، تيڏي ھليو ھلان.“

تڏھين مون چيو، تھ ”مون تي ڌڻيءَ وڏي ٻاجھھ ڪئي آھي، جو مون کان اڃا تائين ڪو بڇڙو ڪم نھ ٿيو آھي، ۽ اڳتي بھ پيئي لڄ مٿس.“

طوطي چيو تھ ”تون ڏھاڙي ايترا ناحق خون ٿو ڪرين، جي ڳاڻيٽي کان ٻاھر آھن، پوءِ بھ پيو چوين تھ، مون جھڙو پرھيزگار ڪو ڪونھي.“

تڏھين مون چيس تھ ”تو ڪين ڏٺو آھي ڇا، جو جڏھن پاڻيءَ ۾ پير رکان ٿو، تڏھين ڪيئن نھ ڪنبي ھوريان ھوريان ھلان ٿو، تھ متان ڪو جيءُ جيوت منھنجي پير ھيٺان چپجي پوي.“

طوطي چيو تھ ”اي مکريل! تنھنجو ھوريان ھلڻ بھ ٺڳيءَ کان سواءِ نھ آھي. پاڻيءَ ۾ ھري ھري ايتري لاءِ ھلين ٿو، تھ ڪنھن کي زور نھ اچي. پر ڏڪ ڏڪ ڪنديون مڇيون ستتئي ڳڙڪائي وڃين.“

جڏھن ڪاٺڪٽي ڏٺو تھ ھي ٻئي رد ڪد ڏيڻ ۾ ھڪ ٻئي سان مٽو مٽ پيا پون، تڏھين پنھنجي خان- سامان کي حڪم ڏنائين تھ ”ٻگھھ واسطي سگھو سروپا آڻ.“ خان سامان سروپاءِ آڻي حاضر ڪئي، سا بادشاھھ مون کي پھرائي، ۽ گھڻي خاطرداري ڪري موڪل ڏنائينم، ۽ چيائين تھ ”تون اڳيئي وڃ، تھ آءٌ طوطي کي بھ تنھنجي پٺيان قاز وٽ موڪليان ٿو.“ ”تنھن تي آءٌ اتان اٿي ھيڏي روانو ٿيس، ۽ ھاڻي اچي حضور ۾ حاضر ٿيو آھيان.“

وري اٿي بيھي ادب سان چوڻ لڳو تھ سائين، اوھين ڇو ھاڻي ويسلا ويٺا آھيو، اٿي لڙائيءَ لاءِ سانباھو ڪريو. ڪاٺڪٽي کي فوج سوڌو لڙائي لاءِ آيو سمجھو.“

ھيءَ ڳالھھ ٻڌي قاز ۽ سندس وزير چيھي ٻنھي کلي ڏنو، ۽ ٻگھھ کي رمز سان چوڻ لڳا تھ ايتري وڏي ۽ ڊگھي سفر تان واه جا سوکڙي آندي اٿيئي.“

ٻگھھ چيو تھ ”جھان پناھھ، اوھين مڃيو نٿا، پر جيڪي ڳالھيون خير خواھيءَ جون ھيون، سي سڀ خذمت ۾ عرض ڪيم، اڳتي تھ مالڪ آھيو.“

تڏھين بادشاھھ ٻگھھ کي چيو تھ ”جيڪي تنھن جا ڀائر ھجن، تن سڀني کي گڏ ڪري اسان وٽ وٺي آءُ، تھ انھن کي نوڪر رکون.“

ھي ڳالھھ ٻڌي ٻگھھ ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ قاز کان موڪل وٺي، گھر اچي پنھنجن ڀائرن ۽ لڳھ وارن کي گڏ ڪرڻ لڳو. تڏھين چيھي بادشاھھ وٽ وڃي عرض ڪيو تھ ”ڌڻي! ھھڙي کوٽي شخص کي سرڪار جي نوڪري ۾ وٺڻ واجب نھ آھي.“

قاز چيھي کي جواب ڪونھ ڏنو، پر چيائين تھ ”اھڙي ڳالھھ، جا اسان اڳي پنھنجن وڏن کان بھ ڪڏھين ڪين ٻڌي ھئي، سا اڄ ھن جي واتان ٻڌي اٿؤن شايد اھا ڳالھھ سچي ھوندي. ھاڻي تون ويچار ڪري ڪا اھڙي تجويز ڪر، جنھن ڪري دشمن غالب ٿي نھ سگھي.“

چيھي چيو تھ ”خاوند، انھيءَ صلاح ڪرڻ لاءِ مخفي ڪچھري گڏ ٿيڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تھ جيڪڏھن ڏاھن جي مجلس ۾ ويھي ڪا صلاح ڪبي آھي، پوءِ توڻي ٻين جي ڪن تي انھي جو پرلاءُ نھ بھ ڪري پوي، تھ بھ ھو چپن جي چرڻ، ۽ ھٿن جي اِشارن، ۽ ڪنڌ جي ڌوڻ کان ئي صاف معلوم ڪري وٺندا آھن. تنھن ڪري اھڙي ھنڌ وھڻ گھرجي، جو ڪنھن کي لک ئي نھ پوي، جئن تھ چيو اٿن، تھ ڀتين کي بھ ڪن آھن.“

نيٺ بادشاھھ ۽ وزير ٻئي خلوت ۾ ويٺا، اتي چيھو چوڻ لڳو تھ ”منھنجي خيال ۾ اچي ٿو تھ، ٻگھھ کي سلوڪ ڪرائڻ لاءِ موڪلجي، جنگ ڪرڻ چڱي نھ آھي، ڇاڪاڻ تھ اوءَ ٻھ پاري آھي، الاجي سوڀ ڪنھن جي ٿئي.“

قاز کي وزير جي ھيءَ صلاح نھ وڻي، تڏھن چيھي وري عرض ڪيو تھ ”اول ٻن چئن عاقلن کي ڪاٺڪٽي جي ملڪ ۾ جاسوسيءَ لاءِ روانو ڪجي، تھ ان جي لشڪر جو ڳاڻيٽو ۽ ڏينھون ڏينھن جو احوال جانچي ڳجھھ ڳوه ۾ پھچائين، ڇاڪاڻ تھ بادشاھھ کي گھرجي، تھ جڏھن ڪو خوف ڏسي، تڏھن ويسلائي ڇڏي، اڳيئي ستت ان جو تدارڪ ڪري. جاسوسن جي آل اولاد کي نظربند رکي، متان دشمن سان او ملي، پنھنجن ٻچن کي لڪ چوريءَ وٺي وڃن ۽ پوءِ سرڪار کان ڦري پون.“

تڏھن قاز پڇيس تھ ”تنھنجي سمجھھ ۾ جاسوسيءَ جا لائق ڪير آھن؟“

تنھن تي چيائين تھ پيلڪ، پھريائين ان کان قسم تي اقرار وٺڻ گھرجي، تھ جنھن ڳالھھ لاءِ توکي موڪلجي ٿو، سا تون ڪنھن کي بھ نھ چوندين، جيڪڏھن اِھا ڳالھھ ڪنھن ٻڌي آھي، تھ سخت سزا جو لاڳو ٿيندين. ڇاڪاڻ تھ راز کولڻ مان وڏيون خرابيون پيدا ٿين ٿيون: سڄي ملڪ ۾ ڦڙڦوٽ پئجي ويندي، ۽ دل جي مراد تھ ڇڏيو، پر اصلوڪي ڳالھھ بھ ھٿ ڪين ايندي.“

تنھن تي قاز يڪدم پيلڪ کي سڏائي، جيئن چيھي چيو ھوس، تنھن پٽاندر ان کان قسم تي اقرار وٺي ۽ ان کي سروپاءِ ڍڪائي جاسوسيءَ لاءِ روانو ڪيو، ۽ زباني چيائينس تھ ”آءٌ ڏسان، تھ تون ڪھڙي سرڪار جي خير خواھي ڪري ٿو اچين.“

ٻن – چئن ڏينھن کان پوءِ ڪھنگ ڪوٽوال بادشاھھ وٽ اچي حاضر ٿيو تھ ”خاوند، ڪاٺڪٽو، جو خشڪيءَ جو بادشاھھ آھي، تنھن وٽان ھڪڙو طوطو ايلچي ھتي آيو آھي، جو پنھنجن ٻن- چئن سنگتين سوڌو دروازي تي حاضر آھي، جيڪڏھن حڪم ڏيو تھ روبرو اچن.“

اھا ڳالھھ ٻڌي قاز چيھي ڏي نھاريو. چيھي عرض ڪيو تھ ”بلفعل حڪم ڪريو، تھ جتي پاڻي کارو ۽ ھوا ٿوري ھجي، تتي ھنن جي ٽڪڻ لاءِ جاءِ ٺھرائجي، جو اتي ٿورا ڏينھن رھي معلوم ڪن، تھ ھن ھنڌ جي آب و ھوا ناموافق آھي. ۽ ائين بھ سمجھن، تھ ھتي جيترو وڌيڪ رھبو، تيترو وڌيڪ دکي ٿبو. پوءِ پاڻھي پنھنجي بادشاھھ ڏي چوائي موڪليندا، تھ ھتي اچي، سو سرسھسائي اچي. نيٺ انھيءَ ڊپ کان يقين آھي، تھ ڪاٺڪٽو ھن پاسي اچڻ جو ارادو لاھي ڇڏيندو، ۽ طوطو پڻ وائڙو ٿي پاڻ مرادو موٽي وڃڻ لاءِ موڪل گھرندو.“

ھيءَ صلاح ٻڌي، قاز ھنن جي رھڻ لاءِ ھڪڙي جاءِ رٿي، جتي جو جيڪڏھن ڪو پاڻيءَ چڪو پيئي يا ھوا کن کائي، تھ سگھو بھ اگھو ٿي پوي. موٽي قاز چيھي کي چيو تھ ”تو جو اڳي ظاھر ڪيو ھو، تھ سلوڪ چڱو آھي، ۽ ويڙھھ چڱي نھ آھي، ڇو جو ھن ۾ ھڪڙي چنتا آھي، ۽ ھن ۾ ھزار چنتائون آھن، پوءِ بھ الائجي نتيجو سندس ڪھڙو نڪري. سا سڄي ڳالھھ غلط آھي، ڇا لاءِ تھ فوج ۽ خزانو جن سان ڪم، سي ٻئي مون وٽ مئو آھن، ڌڻيءَ جي فضل سان مون کي اميد آھي، تھ منھنجي سوڀ ٿيندي. تنھنڪري صلح جي ڳالھھ مورؤن ڇڏي ڏي، ۽ ويٺو ڌڻيءَ کي سوال ڪر، تھ منھنجي فتح ٿي.“

چيھي چيو تھ ”خاوند! ھروڀرو ائين نھ آھي، تھ گھڻيءَ فوج ۽ گھڻي خزاني سان سوڀ ئي ٿئي. جيڪڏھن ڪنھن اھڙي ڳالھھ حضور جي ڌيان تي وڌي آھي، تھ ان نسوري غلط سمجھي آھي. ڇو تھ اوھان جي لشڪر ڪڏھن لڙائي جو منھن، يا جنگ جو ميدان نھ ڏٺو آھي، تنھنڪري حال جنگ جو نالو ٻڌيو پيا ٺرندا ھوندا. پر جڏھين ويريءَ جي فوج سامھون ٿيندا، تڏھين پاڻھي ڏسندؤ، تھ سندن پير ڪيئن ٿا ٿڙڪن، مون کي يقين آھي تھ دشمن جو لشڪر ڏسي پورو بيھندا بھ ڪين، ڇاڪاڻ تھ ھنن اڄ تائين ڪا بھ جنگ ڪئي نھ آھي، رڳو سدائين نکمڻو رھي، ٿڌيءَ ڇانو ۾ آرام وٺي ڏٺو اٿن.

تنھن ۾ آءٌ توھان کي منع ٿو ڪريان، تھ لڙائيءَ جو خيال پٽيءَ نھ ڪجو. تنھن کان سواءِ گھڻا تھ وري اھڙا ڊڄڻا آھن، جو گھرن ۾ جھڙا شينھن، ۽ ٻاھر جھڙيون ٻليون، ۽ جي جنگ جي ميدان جو ڏس پوين، تھ ھوند ڏھھ ڪوھھ ڏور پيا ڀڄن. تنھن ھوندي بھ، جيڪڏھن ھروڀرو اوھان جو لڙائيءَ ڪرڻ تي خيال ھجي، تھ جن لڙايون ڏٺيون نھ ھجن، تن کي سرڪردو ڪرڻ نھ گھرجي، جيئن تھ پڌرو آھي، تھ ڪانيارا اڻ سرنديءَ کان سواءِ ڪڏھين ڪين وڙھندا آھن.

مون کي ٻگھھ جي اشاري مان معلوم ٿيو آھي، تھ ڪاٺڪٽو لشڪر سوڌو اوھان جي ملڪ تي چڙھي ڪري اچي ٿو. ڪا مھل نھ ڪنھن جھڙي، تنھنڪري بلفعل وقت جي صلاح ھيءَ آھي، تھ اڳ پوءِ ڳڻي، پريندئي ڪا اھڙي تجويز ڪري ڇڏجي، جو پوءِ سوڙھيءَ ۾ منجھي نھ پئجي. ۽ چوڻيءَ ۾ پڻ آھي تھ جيستائين دشمن پري ھجي، تيستائين ھن کي ھٿ ھٿ ۾ نھ ڏجي، نيٺ جڏھن ڏسجي، تھ ھاڻي سوڙھو اچي پيو آھي، تڏھين پوءِ تھ سامھون ٿيڻ کان سواءِ ٻي مھاڙ ئي ڪانھي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com