سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: دنيا جا عظيم افسانا

باب: --

صفحو :29

ايڊ گرايلن پو

اَمريڪي

 

ميري روزيءَ جو پراسرار قتل

سال کن ٿيندو جو مون هڪ داستان لکيو هو، جنهن جو عنوان هو، ”موت جي محلي جا خوفناڪ قتل.“ انهيءَ داستان ۾، مون پنهنجي دوست شويلئرسي آگسٽس ڊوپن جي ڪن حيرتناڪ ذهني خوبين کي، قلمبند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ان وقت منهنجي وهم گمان ۾ به ڪونه هو، ته مون کي وري به هڪ ڀيرو انهيءَ موضوع تي قلم کڻڻو پوندو. منهنجو مقصد ته رڳ هيءُ هو ته آءٌ هن جي ڪردارن جي تصوير چٽيان، ۽ اهو انهن واقعن مان، جن جو مون ذڪر ڪيو هو ۽ جن مان ڊوپن جي طبيعت جو جوهر، چڱيءَ طرح ظاهر ٿي ٿيو، انهيءَ باري ۾ آءٌ ٻيا به ڪيترائي مثال ڏيئي سگهيس ٿي، پر انهن مان گهڻو ڪجهه ثابت نه ٿئي ها. انهيءَ هوندي به موجوده عجيب واقعن مان ڪي نيون ڳالهيون منهنجي علم ۾ آيون آهن. ظاهر ته ائين ٿو ٿئي ڄڻ ته ڏوهه زبردستيءَ قبول ڪرايو ويو آهي، پر اها حقيقت ڪانهي. انهيءَ بابت جيڪي جدا جدا ڳالهيون مشهور ٿي ويون آهن ۽ جيڪي مون پنهنجن ڪنن سان ٻڌيون ۽ اکين سان ڏٺيون آهن، انهن کي ڌيان ۾ رکندي، منهنجي انهن بابت ماٺ ڪري ويهي رهڻ، مناسب معلوم نٿو ٿئي.

پر ماڻهو آرام سان ڪٿي ٿا ويهڻ ڏين؟ منهنجي دوست ’موت جي محلي‘ ۾ خون جي واقعن جي، جنهن نموني سان جاسوسي ڪئي هئي، انهيءَ پئرس جي پوليس عملدار کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو هو. سندن زبانن تي گهڻو ڪري ڊوپن جو ئي نالو هوندو هو. هو جنهن بردباريءَ، صبر ۽ تحمل سان اصل واقعن جي تهه تائين پهتو هو، ان جي نه پوليس جي اعليٰ عملدار کي ڄاڻ هئي ۽ نه عام ماڻهن کي. البت، آءٌ ئي هڪ اهڙو شخص هئس، جنهن کي انهيءَ زنجير جي هڪ هڪ ڪڙيءَ جو علم هو. اهو صحيح آهي ته ڊوپن جي انهيءَ ڪارنامي کي هڪ معجزي کان گهٽ نه سمجهيو ويو هو، پر جيڪڏهن هو هر شخص کي اهو ٻڌائي ها ته صحيح حالتن کي ڄاڻڻ لاءِ، کيس ڪهڙا ڪهڙا طريقا اختيار ڪرڻا ٿي پيا، ته هوند ماڻهن جو اهو خيال ختم ٿي وڃي ها. هو ويچارو ته هڪ اهڙيءَ طبيعت جو مالڪ هو. جو جيڪڏهن ڪنهن معاملي ۾ دل نه لڳندي هئس ته انهيءَ بابت ڳالهائڻ به مناسب نه سمجهندو هو. ظاهر آهي ته حڪومت هن کي چڱيءَ نظر سان ڏسڻ لڳي ۽ ڪيترن ئي نازڪ معاملن ۾ پوليس جي اعليٰ عملدارن، هن جون خدمتون حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون. انهن مان هڪ عجيب و غريب واقعو ’ميري روزي‘ نالي هڪ ڪنواري ڇوڪريءَ جو قتل به هو.

اهو حادثو ’موت جي محلي‘جي خوفناڪ قتل جي حادثن کان ٻه سال پوءِ ٿيو هو. ميري روزي هڪ بيوه عورت، اسٽيلي روزي، جي اڪيلي ڌيءَ هئي. ڇوڪري اڃا ننڍي هئي ته پڻس فوت ٿي ويو هو. قتل جي انهيءَ حادثي ٿيڻ کان ارڙهن مهينا اڳ، ٻيئي ماءُ ۽ ڌيئر، پيوي سينٽ آندري، گهٽيءَ ۾، رهنديون هيون. مُڙسس جي موت کان پوءِ اسٽيلي روزي هڪ بورڊنگ هائوس کوليو هو، جيڪو ٻيئي ماءُ ۽ ڌيءُ هلائينديون هيون. ڪيترائي ڏينهن لنگهي ويا ۽ روزيءَ جي عمر اچي ٻاويهه سال ٿي. هوءَ صورت شڪل جي ڏاڍي ٺاهوڪي هئي، جنهن ڪري پئلس رائل جي هيٺان، عطر جي مشهور دڪان جي مالڪ، مارس ليبلانڪ، کي پسند اچي ويئي. انهيءَ دڪان تي اوسي پاسي جا ڪيترائي عياش ۽ بدمعاش گراهڪ ايندا هئا. انهيءَ هوندي به دڪاندار جو خيال هو، ته جيڪڏهن روزي دڪان تي ڪم ڪندي ته ڪاروبار وڌي ويندو. اهو خيال ڪري، هن ڇوڪريءَ کي چڱيءَ پگهار تي دڪان ۾ نوڪريءَ ڪرڻ جي آڇ ڪئي، جيڪا هن به خوشيءَ سان قبول ڪئي. البت، ماڻس کي پهرين اها ڳالهه نه وڻي، پر پوءِ هن به کڻي اجازت ڏنس.

عطر فروش جو خيال بلڪل صحيح نڪتو. انهيءَ خوبصورت ۽ خوش مزاج ڇوڪريءَ جي ڪري، هُن جي دڪان ۾ هر وقت عياش ماڻهن جو ميڙو لڳو پيو هوندو هو. ايتري قدر جو ٿورن ئي ڏينهن ۾، انهيءَ دڪان جي شهرت، سڄي شهر ۾ پکڙجي ويئي. هڪ سال جو عرصو لنگهي ويو ۽ روزي آرام سان پنهنجو ڪم ڪندي رهي. پر هڪڙي ڏينهن کيس دڪان ۾ نه ڏسي، سندس عاشقن کي حيراني ۽ پريشاني وڪوڙي ويئي. هُن جي اوچتو غائب ٿي وڃڻ لاءِ، موسيوليبلانڪ ڪوبه مناسب عذر پيش ڪري نه سگهيو ۽ مادام روزي، يعني ڇوڪريءَ جي ماءُ جو خوف ۽ پريشاني وڌندي ويئي. انهيءَ واقعي تي اخبارن زور شور سان لکيو ۽ پوليس به بردباريءَ سان تحقيقات ڪرڻ تي هئي، ته هڪ ڏينهن ميري روزي، هڪ هفتو دڪان تان غائب رهڻ کان پوءِ خوش خورم، دڪان تي ويٺل نظر آئي. ذاتي تحقيقات کان سواءِ باقي ٻيءَ هر قسم جي پڇا ڳاڇا کي غير ضروري سمجهيو ويو. موسيوليبلانڪ اڳي وانگر هينئر به ڪو جواب نه ڏيئي سگهيو. پر ميري روزي ۽ ماڻس جو بيان هيءُ هو ته ٻيئي ڄڻيون اهو سڄو هفتو هڪ ڳوٺ ۾، پنهنجن عزيزن وٽ ويون هيون. اهڙيءَ طرح ، اهو معاملو رفعي دفعي ٿي ويو ۽ ماڻهن انهيءَ کي وساري ڇڏيو. هوڏانهن ڇوڪريءَ ماڻهن جي نظرن کان بچڻ لاءِ، دڪان جي نوڪري ڇڏي ڏني ۽ پيوي سينٽ آندري گهٽيءَ واريءَ جاءِ ۾ پنهنجي ماءُ وٽ اچي رهي.

گهر موٽي اچڻ کان پنج مهينا پوءِ جي ڳالهه آهي، ته ڇوڪريءَ جا دوست احباب، وري هُن جي گم ٿيڻ جي ڳالهه ٻڌي، دنگ رهجي ويا. ٽي ڏينهن لنگهي ويا، پر ڪابه خبر ڪانه ملي. چوٿين ڏينهن ”سين“ درياءَ ۾، هُن جو لاش تَرندي ڏٺو ويو. لاش جي ملڻ  کان پوءِ، خيال هو ته هاڻي جلد ئي قاتل کي گرفتار ڪيو ويندو. وڏي زور شور سان تحقيقات شروع ڪئي ويئي هئي ۽ هڪ هفتي کان پوءِ، خوني هٿ ڪرڻ لاءِ هڪ هزار فرانڪ انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو. انهيءَ وچ ۾ تحقيقات ٿيندي رهي ۽ ڪيترن ئي شڪي ماڻهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي ويئي، پر ڪابه ڪم جي ڳالهه هٿ اچي نه سگهي. انهيءَ ديرمدار سبب ماڻهن ۾، چؤپچؤ به شروع ٿي ويئي. تنهن ڪري ڏهن ڏينهن کان پوءِ انعام جي رقم وڌائي ٻه هزار فرانڪ ڪئي ويئي. اهڙيءَ طرح ٻيو هفتو به لنگهي ويو ۽ پئرس جي پوليس جي نااهليت بابت، ماڻهن جو رايو وڌيڪ پختو ٿيندو ويو. اها حالت ڏسي پوليس پڌرائي ڪئي، ته جيڪو شخص قاتل کي يا ان جي ڪنهن ساٿيءَ کي گرفتار ڪرائيندو، تنهن کي ويهه هزار فرانڪ انعام ڏنو ويندو. انهيءَ اشتهار ۾، اهو به اعلان ڪيو ويو ته هو ته ڏوهارين مان جيڪو به پنهنجي ساٿين جي خلاف شاهدي ڏيندو، انهيءَ کي بلڪل معاف ڪيو ويندو. انهيءَ سان گڏوگڏ، شهرين جي هڪ ڪاميٽيءَ جي پاران به اخبار ۾ اشتهار ڏنل هو، جنهن ۾ پوليس جي رکيل انعام کان سواءِ وڌيڪ ڏهن هزارن فرانڪن جو اعلان ڪيو ويو هو. اهڙيءَ طرح انعام جي ڪل رقم ٽيهه هزار فرانڪ ٿي، جيڪا مقتول ڇوڪريءَ جي حيثيت کي ڏسندي انهيءَ حقيقت کي سامهون رکندي ته وڏن وڏن شهرن ۾ اهڙي قسم جا حادثا عام جام ٿيندا رهندا آهن، تن کي روڪڻ لاءِ هڪ تمام وڏي رقم پئي معلوم ٿي.

هاڻي ته سڀني کي پَڪ ٿي ويئي ته قتل جو راز جلد ئي کُلي ظاهر ٿيندو. ٻن ٽن شڪي ماڻهن کي به گرفتار ڪيو ويو، جنهن ڪري ويتر پڪي اميد ٿي ويئي. پر انهيءَ هوندي به ڪا اهڙي شاهدي نه ملي سگهي، جنهن جي آڌار تي ڪنهن تي شڪ ڪري سگهجي. نتيجو اهو نڪتو جو جن ٻن- ٽن ماڻهن کي جهليو ويو هو. انهن کي پڇا ڳاڇا ڪرڻ بعد، ڇڏي ڏيڻو پيو. اهڙيءَ طرح ٽيون هفتو به لنگهي ويو ۽ پولرس ڪنهن به نشان پتي هٿ ڪرڻ ۾، ڪامياب ڪانه ٿي سگهي. ايتري ۾ منهنجي ۽ ڊوپن جي ڪنن تائين به ڀُڻڪو پهتو. اسين پنهنجن ڪمن ڪارين ۾ ايترا ته رڌل هئاسون، جو هڪ مهيني کان گهر مان ٻاهر پير به نه ڪڍيو هيوسين ۽ نڪي وري انهيءَ وچ ۾، ڪو اسان سان ملڻ آيو هو. اخبار به هڪڙي ايندي هئي، جيڪا خاص خاص سياسي خبرن پڙهڻ کان پوءِ، ڦٽي ڪئي ويندي هئي. هڪڙي ڏينهن گ...... پاڻان اچي اسان کي انهيءَ خون جي خبر ٻڌائي. هو اسان وٽ 13 جولائي سن............18ع تي ٻنپهرن جو آيو ۽ رات تائين اسان وٽ هو. ڏوهارين جي نشان پتي نه ملڻ ڪري، هو پاڻ کان به بيزار پئي لڳو. هن هر هر اهوئي پئي چيو ته منهنجي عزت ۽ ناموس خطري ۾ آهي. ماڻهن جون اکيون مون ۾ کتل آهن ۽ انهيءَ ڳجهارت کي ڀڃڻ لاءِ، آءٌ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. هُن ڊوپن جي تعريف ۾ زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏيو. هُن ڊوپن کي هڪ وڏيءَ رقم جي آڇ ڪئي. پر انهيءَ بابت وڌيڪ ڪجهه چوڻ مناسب نٿو سمجهان، ڇاڪاڻ ته انهيءَ جو اصل حادثي تي ڪو به اثر نٿو پوي.

منهنجي دوست تعريف ٻڌي کلي ڏنو ۽ ڳالهه کي ٽاري ڇڏيو. پر پوءِ رقم جي آڇ ٻڌي، هُڻ هڪدم هام ڀري ۽ ڪي شرط به رکيا. جڏهن اها ڳالهه پوري ٿي، تڏهن پوليس جي انهيءَ عملدار، پنهنجي خيال جي وضاحت ڪئي ۽ ڏوهه جي شاهدين تي به تفصيل سان بحث ڪندو رهيو. جيتوڻيڪ ان وقت تائين اسسن جي اڳيان ڪابه شاهدي موجود ڪانه هئي. هو رات تائين هڪ ماهر جاسوس وانگر ڳالهيون ڪندو رهيو ۽ وچ وچ ۾ هن ٻيون به ڳالهيون ڪيون ٿي. اهو سمورو وقت اکين تي عينڪ چاڙهيو، آرام ڪرسيءَ تي ويٺو. هن جون ڳالهيون غور سان ٻڌندو رهيو. البت، هن جي عينڪ جي ساون شيشن پٺيان، هن جي پوريل اکين کي ڏسي، مون کي اطمينان پئي ٿيو ته هو مزي سان سُتو پيو آهي.

ٻئي ڏينهن صبح سان آءٌ انهيءَ پوليس عملدار سان ملڻ ويس ۽ شاهدن جا سمورا بيان وڃي هٿ ڪيم. جدا جدا اخبارن جي آفيسن ۾ به چڪر هڻي، اُهي سڀيئي اخبارون هٿ ڪيم، جن ۾ انهيءَ افسوسناڪ واقعي جون خاص ۽ اهم خبرون ڇپيون هيون. انهن سڀني بيانن مان جيڪي بيان غلط ۽ شاهديون ڪوڙيون سمجهيون ويون هيون، انهن کي ڌار ڪرڻ کان پوءِ جيڪو تفصيل مليو، اهو هيٺينءَ ريت آهي:

تاريخ 22- جون سن....18ع، آچر ڏينهن صبح جو نائين بجي، ميري پنهنجي گهران، واقع پيوي سينٽ آندري گهٽيءَ مان، رواني ٿي. ٻاهر وڃڻ وقت هن موسيوسينٽ اسٽاش نالي هڪ صاحب کي ٻڌايو ته ’آءٌ اڄوڪو ڏينهن پنهنجي چاچيءَ وٽ رهنديس، جيڪا درومي گهٽيءَ ۾ رهندي آهي.‘ انهيءَ شخص کان سواءِ، هن ٻئي ڪنهن کي به ڪجهه ڪين ٻڌايو. درومي گهٽي، درياءَ جي ڪناري کان ٿورو پرڀرو هڪ ننڍي، تنگ، پر ڳُتيل گهٽي آهي. اها گهٽي مادام روزيءَ جي گهر کان به ميل پري هئي. سينٽ اسٽاش، ميريءَ جو مڱيندو هو ۽ مادام روزيءَ جي بورڊنگ هائوس ۾ ئي رهندو هو. فيصلو هيءُ ٿيو ته سج لهڻ وقت، هو پنهجيءَ مَڱ کي وٺڻ لاءِ اُتي ويندو ۽ پوءِ ٻئي گڏجي، پنهنجي گهر ايندا. اتفاق وري اهڙو ٿيو جو، ٻنپهرن ڌاري مينهن وسڻ شروع ٿيو ته بند ئي نه ٿيو، جنهن ڪري اهو خيال ڪري ته ميري رات جو پنهنجي چاچيءَ جي گهر ۾ ئي رهي پوندي (اڳي به ڪيترائي ڀيرا ائين ٿيو هو). هو اوڏانهن ڪونه ويو. گهڻيءَ رات گذرڻ کان پوءِ، مادام روزي- جيڪا ستر ورهين جي هڪ ڪراڙي عورت هئي)، کي وري اها ڳڻتي ٿي ته هاڻي شايد ڌيءَ جو منهن ڏسڻ به نصيب نه ٿيندو. پر ان وقت هن جي انهيءَ ڳڻتيءَ ڏانهن ڪنهن به ڌيان ڪين ڏنو.

سومر جي ڏينهن خبر پئي ته ڇوڪري درومي گهٽيءَ ڏانهن نه ويئي هئي، ۽ جڏهن شام تائين ڪابه خبر نه ملي، تڏهن شهر ۾ جدا جدا هنڌن تي ۽ پسگردائي ۾ هن جي ڳولا شروع ڪئي ويئي. چئن ڏينهن کان پوءِ، مس مس ڪا اعتبار جوڳي خبر ملي. انهيءَ ڏينهن (اربع، تاريخ 22- جون) پيوي سينٽ آندري گهٽيءَ جي سامهون، ”سين“ درياءَ جي ڪناري، موسيو بووي نالي، هڪ شخص، ميريءَ جي ڳولا ڪري رهيو هو. هن کي اطلاع مليو ته تازو ڪن مهاڻن کي هڪ لاش درياءَ ۾ ترندو مليو آهي، جنهن کي هو ٻاهر ڪڍي آيا آهن. لاش ڏسي پهرين ته بووي ڪجهه منجهي پيو، پر پوءِ پڪ ٿيس ته اهو ئي انهيءَ عطر فروش ڇوڪريءَ جو لاش آهي. البت، بووي جو دوست، لاش کي ڏسڻ سان ئي سڃاڻي ويو هو.

لاش جو چهرو سڄو رت سان ٿڦيو پيو هو، جيڪو وات مان پئي اَڙهو. البت منهن مان گِجي ڪانه پئي نڪتي، جيئن عام طرح ٻڏل ماڻهوءَ جي وات مان نڪرندي آهي. ڳچيءَ جي چوڌاري آڱرين جا نشان ۽ رُهنڊا صاف ظاهر هئا. لاش جون ٻانهون سُڪڙجي ڇاتيءَ تي وري آيون هيون. لاش جو ساڄو هٿ ڀِڪوڙيل هو ۽ کاٻو هٿ ٿورو کُليل هو. ساڄيءَ ٻانهن تي ڪرائيءَ وٽ ٻه گول وَڍَ هئا. جن مان ظاهر پئي ٿيو ته اهي ڪنهن ڇڪي ٻڌل رسيءَ جا نشان هئا. ساڄي هٿ جي ڪرائيءَ جو ڪجهه حصو به رَهڙيل هو ۽ پٺن تي به، خاص ڪري ڪُلهي جي ڦڻيءَ تي وڏا وڏا زخم هئا. مهاڻن لاش کي رسو ٻڌي، درياءَ مان ٻاهر ڪڍيو هو، پر انهيءَ سبب، ان تي ڪنهن به وَڍَ يا زخم جو نشان موجود نه هو. ڳچيءَ جو گوشت ته ڄڻ سڙي ڳري ويو هو، جيتوڻيڪ ان تي ڪنهن به قسم جي ڌڪن وغيره جي زخمن جا نشان ڪونه هئا. البت، ڳچيءَ جي چوڌاري، هڪ مضبوط ڏوري اهڙي ته ڇڪي ٻڌل هئي، جو ڏسڻ ۾ ئي نه پئي آئي، اها ڳچيءَ جي سوڄ سبب، گوشت ۾ بلڪل پيهي ويئي هئي، ۽ ان جي ڳنڍ کاٻي ڪَن جي هيٺان ڏنل هئي. ڪنهن انسان کي ماري ختم ڪرڻ لاءِ، رسيءَ جي اها ڀڪوڙ ئي ڪافي هئي. ڊاڪٽري چڪاس کان پوءِ، هيءَ راءِ ڏني ويئي ته مقتول بلڪل پاڪدامن هئي. مقتول کي وڏيءَ بيدرديءَ ۽ بيرحمي سان قتل ڪيو ويو هو. اها هئي لاش جي حالت- جنهن وقت هٿ ڪيو ويو هو. اهڙي حالت ۾ مقتول جي دوستن احبابن کي فوتڻ جي سڃاڻڻ ۾، ڪابه دقت ٿيڻ نه کپندي هئي.

سمورا ڪپڙا ڦاٽل ۽ لِيڙون ليڙون ٿيل هئا. فراڪ مان هڪ فٽ ويڪري پٽي چيلهه تائين ڦاڙي ويئي هئي، پر اها چولي کان جدا ڪيل نه هئي. انهيءَ پٽيءَ کي چيلهه جي چوڌري، ٽي وَرَ ڏيئي، پٺيءَ وٽ ڳنڍ ڏني ويئي هئي. فراڪ هيٺان ململ جي چولي هئي، جنهن مان ارڙهن انچ ويڪري پٽي ڦاڙي جدا ڪئي ويئي هئي. اها پٽي ڏاڍي خبرداريءَ سان ويڪر ۾، هڪ جيتري ڦاڙي، ڳچيءَ ۾ ٻڌي ويئي هئي، البت ها ڇڪي ٻڌل نه هئي. ململ جي انهيءَ پٽيءَ سان مقتول جي ٽوپيءَ جون ڏوريون ٻڌيون ويون هيون. انهن ڏورين جون ڳنڍيون، اهڙيون هرگز نه هيون، جيئن عام طرح عورتون ڏينديون آهن. اهڙي قسم جون ڳنڍيون فقط جهاز جا ماڻهو ئي ڏيئي سگهن ٿا.

لاش کي سڃاڻڻ کان پوءِ، مرده- خاني ۾ کڻي وڃڻ اجايو سمجهي، درياءَ جي ڪناري کان ٿورو ئي پرڀرو هڪ هنڌ دفن ڪيو ويو ۽ بووي جي ڪوششن سان معاملو رفعي دفعي ٿي ويو. ڪيترن ڏينهن لنگهي وڃڻ کان پوءِ، وري ماڻهن ۾ جوش جاڳيو. انهيءَ جو سبب هيءُ هو ته هڪ هفتيوار اخبار انهيءَ معاملي کي وٺي کنيو، جنهن ڪري لاش کي قبر مان ڪڍي، ٻيهر تحقيقات شروع ڪئي ويئي. پر انهيءَ وقت تائين جيڪي ڪجهه معلوم ٿيو هو، انهيءَ کان وڌ خبر نه پئجي سگهي. البت هِن ڀيري هُن جا ڪپڙا، مقتول جي ماءُ ۽ ٻين مائٽن ۽ دوستن کي به ڏيکاريا ويا، جن اهي ڏسي چيو ته گهر مان وڃڻ وقت ڇوڪريءَ کي اهي ئي ڪپڙا پاتل هئا.

هوڏانهن ڏينهون ڏينهن ماڻهن جو جوش ۽ جذبو وڌندو ويو، ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ پڇا ڳاڇا ڪرڻ کان پوءِ، ڇڏي ڏنو ويو. سينٽ اسٽاش تي ته خاص ڪري شڪ ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته پهرين پهرين هن پنهنجي بيان ۾ ڪابه اهڙي اطمينان ڏيکاريندڙ ڳالهه ڪانه ٻڌائي ته جنهن آچر ڏينهن ميري پنهنجي گهر مان ٻاهر ويئي، انهيءَ ڏينهن هو پاڻ ڪٿي ويو هو؟ انهيءَ هوندي به هن بعد ۾ ”ميوسوگ....“ کي قسم- نامي تي بيان ڏنو، جنهن ۾ انهيءَ ڏينهن جي هڪ هڪ ساعت جو تسلي ڏيندڙ تفصيل ڄاڻايل هو. وقت گذرندو رهيو ۽ ڪابه نئين ڳالهه ڄاڻ ۾ ڪانه آئي. قسمين قسمين جا اُفواهه ٻڌڻ ۾ آيا.  اخبار وارن جا پنهنجا پنهنجا رايا هئا. انهن سڀني افواهن ۾ بهتانن مان، جنهن هڪ افواهه تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويو. اهو هيءُ هو ته ميري روزي اڃا تائين جيئري آهي ۽ ”سين“ درياءَ مان جيڪو لاش مليو آهي، اُهو ڪنهن ٻيءَ بدقمست ڇوڪريءَ جو آهي. چڱو ٿيندو ته هت، هڪ اخبار ”لتائل“ مان انهيءَ واقعي تي هڪ بيان جو لفظي ترجمو پيش ڪيو وڃي. انهيءَ اخبار جي شهر ۾ هاڪ ۽ ساک آهي ته انهيءَ ۾ گهڻيءَ ڇنڊڇاڻَ کان پوءِ، خبرون ڇاپيون وينديون آهن:

”مادموائزل روزي، پنهنجيءَ ماءُ جي گهران آچر، مورخه 22- جون، سن.... .18ع جي صبح جو رواني ٿي. هوءَ ٻڌائي ويئي ته آءٌ پنهنجي چاچيءَ سان ملڻ يا ڪنهن ٻئي ڪم سان درومي گهٽيءَ وچان ٿي. انهيءَ کان پوءِ، هوءَ ڪنهن به شخص کي ڏسڻ ۾ نه آئي ۽ نه وري هن جي ڪا خبر چار ملي..... حقيقت ۾ ڪو به اهڙو شخص هٿ اچي نه سگهيو. جنهن هيءَ شاهدي ڏني هجي ته مون هن کي پنهنجي ماءُ جي گهران انهيءَ ڏينهن رواني ٿيڻ کان پوءِ ڏٺو هجي. هاڻي جيتوڻيڪ اهڙي قسم جي ڪابه شاهدي موجود ڪانهي ته ميري روزي، آچر ڏينهن، مورخه 22- جون نائين وڳي کان پوءِ جيئرن جي جهان ۾ موجود آهي. انهيءَ هوندي به اسان وٽ هن وقت تائين هُن جي زندهه هجڻ جو ثبوت موجود آهي. اربع ڏينهن ٻنپهرن جو، ٻارهين بجي، هڪ عورت جو لاش ”سين“ درياءَ ۾ ترندو ڏٺو ويو. جيڪڏهن اسين اهو سمجهون ته ميري روزيءَ کي پنهنجيءَ ماءُ جي گهران نڪرڻ کان پوءِ، ٽن ڪلاڪن جي وقت اندر سمونڊ ۾ اڇلايو ويو هجي، تڏهن به گهران رواني ٿيڻ ۽ لاش ملڻ جي وقت تائين، ڪل ٽي ڏينهن ٿين ٿا. ائين سمجهڻ ناداني آهي، ته جيڪڏهن اهو واقعو سچ پچ  قتل جو آهي، ته قتل ايترو جلد ٿي ويو هوندو جو قاتل آڌيءَ رات کان پهرين، لاش کڻي وڃي درياءَ ۾ اڇلايو. جيڪي ماڻهو اهڙا خوفناڪ ڏوهه ڪندا آهن، اهي روشنيءَ جي بدران اوندهه کي پسند ڪندا آهن. اُنهيءَ جو مطلب هيءُ ٿيو ته جيڪڏهن اهو لاش واقعي ميري روزيءَ جو آهي، ته پوءِ ڪالهه تائين، اهو اڍائي ڏينهن کان پاڻيءَ ۾ هو، يا وڌ ۾ وڌ ٽي ڏينهن. هميشه جو تجربو ٻڌائي ٿو ته جيڪڏهن ڪو شخص پاڻيءَ ۾ ٻڏي مري يا هن جو لاش قتل کان پوءِ، پاڻيءَ ۾ اُڇلايو وڃي، ته انهيءَ جي اهڙي طرح ڦوڪجڻ ۾ ڇهن کان ڏهن ڏينهن جيترو وقت لڳي ويندو آهي. جنهن کان پوءِ ئي، پاڻيءَ جي مٿاڇري تي تري ايندو آهي. ايتري قدر جو اهڙا غرق ٿيل لاش جيڪي توب جي ٺڪاءَ سبب، پنجن- ڇهن ڏينهن کان اڳ ۾ ئي پاڻيءَ تي تري اچن، سي ٻيهر پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويندا آهن. البت، ايترو سو آهي ته انهن سان ڪا هٿ- چراند نه ڪئي وڃي. اسين پڇون ٿا ته موجوده صورت ۾ اهو اصول ڇو غلط ثابت ٿيو؟.. جيڪڏهن لاش زخمي حالت ۾ اڱاري جي رات تائين ڪناري تي رکيو ويو ته پوءِ اُتي قاتلن جو ڪو نه ڪو نشان پتو موجود هئڻ گهرجي. انهيءَ ڳالهه ۾ به شڪ آهي ته مقتول جي موت جي ٻن ڏينهن کانپوءِ، درياءَ ۾ اُڇلڻ جي حالت ۾، لاش ايترو جلد مٿاڇري تي تَري اچي. انهيءَ کان سواءِ هيءَ ڳالهه به بيحد عجيب آهي ته ڪو خوني اهڙي خوفناڪ ڏوهه ڪرڻ کان پوءِ به، لاش سان ڪو وزن ٻڌڻ کان سواءِ درياءَ ۾ اڇلائي ڇڏي، جيتوڻيڪ اهڙي قسم جي خبرداري آسانيءَ سان ٿي سگهي ٿي.

انهيءَ کان پوءِ، اخبار جو ايڊيٽر، هيءُ دليل ڏئي ٿو ته ”لاش پاڻيءَ ۾ ٽن ڏينهن بدران گهٽ ۾ گهٽ پندرهن ڏينهن رهيو هوندو، ڇاڪاڻ ته اهو ته ڳري ۽ سڙي ويو هو جو بووي وڏيءَ مشڪل سان ان کي سڃاڻي سگهيو هو. پر انهيءَ آخري ڳالهه جو ڪوبه ثبوت نه ملي سگهيو آهي. بهتر ٿيندو ته اخبار جي باقي عبارت جو به ترجمو ڪيو وڃي:

”پوءِ اُهي ڪهڙيون ڳالهيون آهن، جن جي آڌار تي، بووي صاحب چوي ٿو ته اِهو لاش بيشڪ ميري روزيءَ جو آهي.“ موصوف ٻانهن جو ڪپڙو ڦاڙي ڏٺو. هن جو چوڻ آهي ته کيس اُهي نشان ڏسڻ ۾ آيا، جن جي ڪري لاش بابت هن جا سڀيئي شڪ شبها ختم ٿي ويا. انهيءَ مان عام ماڻهن اهوئي سمجهيو ته اُهي ڪنهن زخم جا نشان هوندا. هن ٻانهن تي هٿ لائي ڏٺو ته هن کي وارَ ڏسڻ ۾ آيا. اسان جي خيال ۾ اِها بلڪل بيڪار ڳالهه آهي- بلڪل اهڙي ڳالهه، جيئن ڪير چوي ته چولي جي ٻانهن جي اندران هن کي هٿ مليو.

بووي صاحب انهيءَ رات واپس ڪونه موٽيو، پر هن، اربع ڏينهن ستين بجي، مادام روزيءَ ڏانهن هيءُ نياپو موڪليو ته تنهنجي ڌيءَ بابت اڃا پڇا ڳاڇا هلي پيئي. جيڪڏهن اسين ائين کڻي سمجهون (جيتوڻيڪ اها ڳالهه قياس کان ٻاهر آهي) ته مادام روزي، پيريءَ ۽ صدمي سبب اوڏانهن وڃي نه سگهي ته پوءِ ڪو نه ڪو اهڙو ماڻهو ضرور هجي ها، جيڪو وڃي معلوم ڪري ها ته لاش سچ پچ ميريءَ جو آهي. انهيءَ کان سواءِ اهو ماڻهو ڊاڪٽري امتحان وقت به اتي ضرور وڃي ها. پر اُتي ڪوبه ماڻهو ڪونه ويو. حيرت ته انهيءَ تي آهي ته ان گهر ۾، ايترو روڄ راڙو به نه ٿيو، جو انهيءَ عمارت جي ٻين رهواسين تائين اها خبر پهچي ها. ميريءَ جي مڱيندي، سينٽ اسٽاش، جيڪو انهيءَ ئي گهر ۾ ماني کائيندو آهي، بيان ڏنو ته مون کي پنهنجيءَ مڱ جي لاش ملڻ بابت ڪابه خبر نه پهتي  هئي. البت ٻئي ڏينهن، جڏهن مسٽر بووي مون وٽ ڪمري ۾ آيو، تڏهن وڃي مون کي انهيءَ ڳالهه جي ڄاڻ پيئي. اهڙي قسم جي هيبتناڪ خبر ملڻ تي، عزيزن قريبن جي چپ چپاٽ ۽ ماٺ ميٺ جي اها حالت ڏسي اسان کي حيرت ٿئي ٿي.

اهڙيءَ طرح، اخبار ان ڳالهه تي به زور ڏنو هو ته ميريءَ جي مِٽن مائتن جي بيخيالي ۽ بيپرواهي، انهيءَ ڳالهه جو کليو ثبوت آهي ته اُهو لاش ميريءَ جو نه هو. خاطوءَ جو مطلب هيءُ معلوم ٿئي ٿو ته ميري  پنهنجن مائٽن جي هُشيءَ تي، شهر مان اهڙن سببن ڪري غائب ٿي ويئي هئي، جن جي ڪري سندس نالي ۽ ناموس تي حرف ٿي آيو. پر جڏهن هُنن ڏٺو ته سمنڊ مان لاش هٿ آيو آهي ۽ جيڪو ٿورو گهڻو ميريءَ جي قدبت سان ملي اچي ٿو، تڏهن هُنن وجهه وٺي ماڻهن ۾ مشهور ڪيو ته ميري سچ پچ ٻڏي مُئي آهي. پر ”لتائل“ انهيءَ نتيجي تي پهچڻ ۾ اها ٻِي غلطي ڪئي. اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي هئي ته جنهن بيخياليءَ ۽ بيپرواهيءَ تي ايترو زور ڏنو پئي ويو. اُها سڀ من گهڙَت هئي. پوڙهي ماءُ ايتري ته ڪمزور ۽ ڪراڙي هئي ۽ ڌيءَ جي ڌَڪَ هُن کي ايڏو ته صدمو پهچايو، جو ڪيڏانهن اچڻ وڃڻ جي طاقت به هُن ۾ ڪانه رهي هئي. باقي رهيو سينٽ اسٽاش، تنهن جا ته ميريءَ جي موت جي خبر ٻڌڻ سان ئي هوش اُڏامي ويا. هن ويچاري جي غم وچان اهڙي ته حالت ٿي ويئي جو، بووي هڪ مائٽ کي هٿ ٻڌي عرض ڪيو ته لاش جي نظرداري ڪري ۽ ان کي ڊاڪٽري چڪاس ۾ وڃڻ نه ڏئي. انهيءَ کان سواءِ، ”لتائل“، اهو به لکيو هو ته لاش جي ڪفن دفن لاءِ، سرڪاري خرچ استعمال ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته هن جي خاندان وارن ڪفن دفن لاءِ، سرڪاري آڇ قبول ڪرڻ کان نه رڳو انڪار ڪيو، پر ڪُٽنب جي ڪنهن به شخص آخري رسمن ۾، شريڪ ٿيڻ جي تڪيلف به ڪانه ڪئي. حقيقت هيءَ آهي ته انهيءَ اخبار، اهي سڀيئي ڳالهيون پنهنجي بيان کي مضبوط ڪرڻ لاءِ گهڙيون هيون. بعد ۾ اهي سڀئي ڳالهيون غلط ثابت ٿيون ۽ انهيءَ لاءِ ڪيترائي ثبوت به مليا. پر ڪجهه ڏينهن کان پوءِ، انهيءَ ساڳيءَ اخبار ۾، خود بووي تي به شڪ ڪيو ويو:

’هاڻي ته حالتن نئون روپ اختيار ڪيو آهي. اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته هڪ ڏينهن جڏهن مادام ب نالي هڪ عورت، مادام روزيءَ جي گهر ۾ ويٺي هئي. تڏهن بووي گهر مان رواني ٿيڻ وقت هن کي (مادام ب کي) چيو ته پوليس جو هڪ ماڻهو ايندو، جيڪڏهن اُهو اوهان کي ڪجهه پڇي ته منهنجي واپسيءَ تائين اوهان هن کي ڪجهه به نه ٻڌائجو. آءٌ واپس اچي هُن کي پاڻ ئي مُنهن ڏيندس…. انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو ته بووي کي سموري احوال جي خبر آهي، پر هو انهيءَ کي ظاهر نٿو ڪري. انهيءَ کان سواءِ، ڪجهه به ڪري نٿو سگهجي. پڇا ڳاڇا جي سلسلي ۾ کڻي ڇا به ڪجي، پر ڳالهه ڦري گهري هُن تي ئي پهچي ٿي. ڪنهن خاص سبب جي ڪري هن اهو به فيصلو ڪيو آهي ته پوليس جي ڪارروائيءَ سان، هن کي سواءِ، ٻئي ڪنهن جو به واسطو نه رهي. خود سندس عزيزن جي چوڻ مطابق، هن کين پاڻ کان پري رکڻ لاءِ عجيب عجيب اٽڪلون ڪيون آهن. حيرت ته اها آهي جو هن اهو به قبول نه ڪيو ته ٻيا مائٽ وڃي لاش ڏسن.“

هڪ ٻيو واقعو بيان ڪري، انهيءَ شڪ کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. اهو هيءُ آهي ته ميريءَ جي قتل ٿيڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ، هڪ شخص بووي سان ملڻ لاءِ سندس آفيس ۾ ويو. اتي بووي موجود نه هو ۽ هن شخص دروازي جي ڪڙي ۾ هڪ گل لڳل ڏٺو، جنهن جي ڀر ۾ لڳل تختيءَ تي ”ميري“ لفظ لکيل هو.

اخبارن جي پڙهڻ سان اسان کي خبر پيئي ته عام ماڻهن جي خيال مطابق ميري بدمعاشن جي هڪ ٽولي جي هٿ چڙهي ويئي هئي. اهي بدمعاش هن کي درياءَ پار وٺي ويا ۽ هن سان غير انساني سلوڪ ڪيو ويو ۽ نيٺ هن کي قتل ڪيو ويو. رڳو هڪ بااثر اخبار، ”ڪمرشل“ ئي اهڙي ئي، جنهن انهيءَ عام خيال جي مخالفت ڪئي. آءٌ انهيءَ اخبار جو ٿورو حوالو هيٺ ڏيان ٿو:

”اسان جي خيال ۾ بيرير دورول کان جانچ جي شروعات ڪرڻ غلط آهي. انهيءَ ڳالهه تي يقين ڪرڻ ناممڪن آهي، ته هڪ اهڙي عورت جنهن کي هزارين ماڻهو چڱيءَ طرح ڄاڻن سڃاڻن ٿا، ٽن رستن تان لنگهي وڃي ۽ هن کي ڪوبه واقف شخص نه گڏجي. جيڪڏهن رستي ۾ ڪنهن به هن کي ويندو ڏٺو هجي ها ته هن کي نه وِساري سگهي ها، ڇاڪاڻ ته هن جا سمورا ڄاڻ سڃاڻ وارا کيس، تمام گهڻو گهرندا هئا، جنهن وقت هوءَ گهر مان نڪتي هئي، اُن وقت رستن تي راهه- ويندڙن جا اَنبوهه هئا…اهو ناممڪن آهي ته هوءَ بيرير دورول يا درومي گهٽيءَ ۾ ويئي هجي ۽ پنجن ڏهن ماڻهن به هن کي نه ڏٺو هجي. پر ڪنهن به شخص اڃا تائين اهڙو بيان نه ڏنو آهي ته مون هن کي سندس ماءُ جي گهران نڪرندي ڏٺو آهي. انهيءَ کان سواءِ ته هن ٻاهر وڃڻ جي نيت ڏيکاري هئي. ٻيو ڪوبه ثبوت نه مليو آهي. جنهن مان خبر پوي ته هوءَ واقعي گهر کان ٻاهر به نڪتي هئي. هُن جو چولو ڦاڙيو ويو هو ۽ انهيءَ سان ئي سندس لاش ڇڪي ٻڌي، ڀريءَ وانگر کنيو ويو. جيڪڏهن بيرير دورول ۾ قتل ٿيو هجي ها ته پوءِ انهن انتظامن جي ڪهڙي ضرورت هئي. بيرير وٽ لاش ملڻ مان اها ته خبر نٿي پوي ته ان کي پاڻيءَ ۾ ڪهڙي هنڌ اڇلايو ويو هو……

ويچاري ڇوڪريءَ جي چولي مان ٻه فوٽ ڊگهي ۽ هڪ فوٽ ويڪري پٽي ڦاڙي، هن جي ڳچيءَ ۾ وجهي، ڪياڙيءَ وٽ ڇڪي ڳنڍ ڏني ويئي هئي ته جيئن هوءَ رَڙيون نه ڪري سگهي. اها يقيناً اهڙن ماڻهن جو ڪم ٿي سگهي ٿو، جن وٽ رومال نه هوندو.“

اسان وٽ پوليس جي بالاعملدارن جي اچڻ کان هڪ- ٻه ڏينهن اڳ، پوليس کي هڪ اهڙي شاهدي هٿ آئي، جنهن لي ڪمرشل جي دليلن جي هڪ وڏي حصي کي غلط ثابت ڪري ڇڏيو.

مادام ويلڪ جا ٻه ٻار، بيرير دورول جي ويجهو، جهنگ ۾ پئي گهميا. اتفاق سان ٻيئي ٻار هڪ اهڙيءَ جاءِ تي وڃي نڪتا، جتي ٽي چار پٿر، ڪرسين جهڙا نظر آيا، جن ۾ پٺيءَ ۽ پيرن رکڻ جي جاءِ به ٺهيل هئي. سڀني کان مٿئين پٿر تي پيٽي ڪوٽ جو اڇو ٽڪرو پيو هو ۽ ٻئي تي هڪ ريشمي گلابند، هڪ ڇٽي، دستانا ۽ هڪ رومال جنهن تي ”ميري روزي“ نالو، ڀرت سان ڀريل، پيل هئا. چئن ئي طرف ڪانڊرين جي ٻوٽن تي ڪپڙن جون ڪيتريون ئي ليڙون پکڙيون پيون هيون ۽ ٻيا به ڪيترائي اهڙا نشان موجود هئا. جن مان پتو ٿي پيو ته اتي ڪا ويڙهه ٿي آهي. انهيءَ جاءِ ۽ درياءَ جي وچ ۾، بند جون ڪاٺيون نڪتل هيون ۽ زمين تي اهڙا نشان موجود هئا، ڄڻ ته ڪنهن ڳريءَ شيءِ کي گهليو ويو هجي.

انهيءَ خبر کان پوءِ، هڪ نئين شاهدي ملي. مادام ويلڪ ٻڌايو ته درياءَ جي ڪناري کان ٿورو پري، بيرير دورول جي عين سامهون، رستي جي ڀرسان، منهنجي هوٽل آهي، انهيءَ جي آسپاس وارو علائقو ڏاڍو خاموش ۽ چپ چاپ آهي. آچر ڏينهن گهڻو ڪري شهر جا بدنام ماڻهو ٻيڙين رستي، درياءَ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com