سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: دنيا جا عظيم افسانا

باب: --

صفحو :14

ڪئٿرائن مئنسفيلڊ (نيوزيلنڊ)

 

پردي جي پٺيان

اهڙي وڻندڙ سمي ۾ به ڪنهن جو اداس هجڻ بلڪل ناممڪن پئي نظر آيو. پر يڊنا کي يقين ٿي ويو ته کانئس وڌيڪ ٻيو ڪو به ايترو اداس ڪونه هو. آسپاس جي گهرن جون دريون کليل هيون، ۽ انهن مان پِيانن جا مَڌر ۽ سُريلا آواز اچي رهيا هئا.  اندر ننڍڙا ۽ نازڪ، ڳورا هٿ هڪ ٻئي سان ملي رهيا هئا. اهي ناچ جي مشق ڪري رهيا هئا. ٻاهر باغ ۾ بهار جي گلن سان ڀريل وڻ، هوا ۾ جهومي رهيا هئا. گهٽين ۾ رول ڇوڪرا، سيٽِون وڄائيندا، ڊوڙون پائي ريهيا هئا، ۽ ڪنهن ڪنڊ ۾ هڪڙي گُلر پئي ڪيڪڙاٽ ڪيا. ماڻهن جي اچ وڃ جاري هئي. اهي ايترو ته هوريان ۽ ماڄ ۾ پئي هليا جو ائين پئي لڳو.ڄڻ سندن دل اوچتو ڊوڙون پائڻ لاءِ اُڌما ڏيئي رهي آهي. اوچتو هن جي نظر بادامي رنگ جي هڪ ڇٽيءَ تي وڃي پيئي. بهار جي موسم ۾ هن پهريون ئي ڀيرو اها ڇٽي ڏٺي هئي.

ايڊنا ايتري قدر اداس نه  پئي لڳي، جيتري قدر هن پاڻ کي محسوس پئي ڪيو. ارڙهن ورهين جي ڄ۾ار ۾، اداس لڳڻ هونءَ به ڏکيو آهي، سو به جڏهن ڪو سندر هجي، ڳاڙها چپ ۽ گلابي ڳل به هجن. صحتمند ۽ چمڪندڙ اکيون به هجن، فرانسسي نيرو فراڪ به هجي، ۽ مٿي ته بهار جي موسم وارو نئين فئشن جو ٽوپلو به هجي. هن جي ڪڇ ۾ هڪ ٿلو ڪارو ڪتاب هو، شايد ان ئي کيس ايترو ويڳاڻو ڪيو هجي. پر ائين نه هو. اهو ڪتاب لائبرريءَ جو هڪ عام ڪتابن هو. ايڊنا لائبريري وڃڻ جي بهان يگهر کان ٻاهر نڪرندي هئي، اهو سوچڻ لاءِ ته ڇا ٿي چڪو هو، ۽ اهو فيصلو ڪرڻ لاءِ ته هاڻي ڇا ڪرڻ گهرجي؟

گذريل رات هڪ نهايت دکدائڪ ۽ لونءَ لونءَ ڪانڊاريندڙ اتفاق ٿي گذريو هو. بلڪل اوچتو، ناٽڪ هلني، جڏهن هوءَ ۽ جمي ڊريس سرڪل ۾ گڏ ويٺا هئا، ان واقعي جي خبر هن کي هڪ پل به اڳ ۾ ڪانه پيئي! دراصل جڏهن هن اڃا چاڪليٽ کائي پورو مس ڪيو هو ۽ چاڪليٽن جي دٻي، جميءَ ڏانهجن پئي وڌائي ته هوءَ هڪ اداڪار تي موهت ٿي پيئي! اهو سڀ ڪجهه اوچتو، اک ڇنڀ اندر ٿ يويو ۽ هوءَ پيار جي پيچ ۾ ڦاسي پيئي.

اها هڪ اهڙِ عجيب ڪيفيت هئي، جيڪا هن اڳ ڪڏهن به محسوس نه ڪئي هئي. ڪيئن به هجي، اهو ڪو وڻندڙ احساس هرگز نه هو. جيڪڏهن اوهين نراسائيءَ، دلشڪنيءَ ۽ پيشآنيءَ کي ڏکوئيندڙ سمجهيو ٿا، ته پوءِ اهو احساس واقعي تشوپشناڪ هو. کيل ختم ٿيڻ بعد، جڏهن هو ٻاهر نڪتا ۽ جمي ٽئڪسيءَ لاءِ واجهائڻ لڳو، ته هوءَ سوچڻ لڳي ”جيڪڏهن اهو اداڪار مون کي هينئر نظر اچي وڃي، ته آءٌ جيڪر دنيا جي ٻئي ڇيڙي تائين به سنس پيڇو ڪريان، سندس هر اشاري تي عمل ڪريان ۽ ائين ڪني آءٌ جميڙ، پيءُ، ماءُ ۽ ٻين بيشمار دوستن ۽مائٽن جو به ڪو خيال نه ڪريان....!“

ناٽڪ نهايت ئي وڻندڙ ۽ دلچسپ نموني ۾ شروع ٿيو هو. اهو اتفاق تڏهن ٿيو، جڏهن هن چاڪليٽ پئي کاڌڏا. ان وقت ناتڪ جو هيرو انڌو ٿي پيو هو. اهو منظر تمام دکدائڪ هو. ايڊنا کان اوچتو رڙ نڪري ويئي، ۽ ايترو ته رُني جو کيس جمي4 جي وڻندڙ ۽ سڳنڌ ڀرئي رومال جي مدد وٺڻي پئي. نه رڳو هن سان ئي اها ويڌن هئي، بلڪ سڄو هال زارو قطار روئي رهيو هو. مرد به سڏڪا ڀاري، نڪ صاف ڪري رهيا هئا، ۽ اسٽيج ڏانهن نهارڻ بدران پروگرام جي ڪاپي پئي پڙهيائون. جميءَ جي حالت به رحم جوڳي هئي. سندس اکيون خشڪ هيون، هن جي رومال کان سواءِ، هوءَ جيڪر ڇا ڪري ها؟ هن ايڊنا جو هٿ زور سان جهلي چيو، ”بس ڪر، مٺڙي!“ ۽ ان وقت هن رڳو جميءَ جي خوشيءَ خاطر چاڪيلٽ کنيو، ۽ دٻِ بند ڪري، کيس ورائي ڏني.

پوءِ هڪ ٻيو ڀيانڪ ڏيک اسٽيج تي ڏسڻ ۾ آيو. سنجها وقت، هيرو هڪ ويران ڪمري ۾ بيٺو هو. ٻاهران بئنڊ جو مڌر ۽ تيز آواز اچي رهيو هو. هن ڪوشش ڪئي. اُف، ڪهڙي نه دل ڏکائيندڙ ۽ رحم جوڳي ڪوشش! هن دريءَ تائين پهچڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. آخر هو ان ۾ ڪامياب ٿي ويو. ۽ پوءِ دريءَ ج پردن ۾ هٿ وجهي، بيهي رهيو.... روشنيءَ ج هڪ جهڪو ڪرڻو هن جي بي نور چهري ي پيو، ۽ موسيقيءَ جو آواز جهڪو ۽ ماٺو ٿيندو، آخر تم ٿي ويو.

ڪهڙو نه دل ڏکائيندڙ ۽ ڀيانڪ ڏيک هو! سادو، پر ڪيترو نه حقايقي! ان گهڙيءَ کان پوءِ ئي، ايڊنا کي پتو پيو ته حياتي سدائين هڪ جهڙي نه هوندي آهي. هن پنهنجي هٿت جميءَ جي پٺيءَ تان هٽائي، هيٺ ڪري ڇڏيو، ۽ چاڪليٽ جي دٻي بند ڪري رکي ڇڏي. آخر اهو پيار ئي ته هو!

ايڊنا جميءَ سان مڱيل هئي. هونءَ ته اتڪل ڏيڍ سال اڳ ان جي پڌرائي ڪئي وئي هئي، پر کين ننڍي هوندي کان ئي پنهنجي شاديءَ جي خبر هئي. ان ڳالهه جي هنن کي ايتري ته پڪ هئي، جو اسڪول واري زندگيءَ ۾ ئي جمي هن کي نقلي منڊي ٺاهي ڏيندو هو، ۽ ايڊنا ان کي مڱڻيءَ جي منڊي ڪري چيچ ۾ پائيندي هئي. هن مهل تائين هو ِٻ.ئي هڪ ٻئي تان قربان پيا ٿيندا هئا.

پر هاڻي اهو کيل ختم ٿي چڪو هو! اهڙو ته مڪمل طرح اهو کيل ختم ٿيو ه، جو ايڊنا لاءِ اهو سوچڻ به ڏکيو ه ته اهو سڀ ڪجهه جميءَ کي محسوس نه ٿيو هوندو. جڏهن هو ڪانوينٽ جي باغ مان لنگهندي ان رستي تي مُڙيا، جيڪو هِل اسٽريٽ ڏينهن ويو ٿي، ته ايڊنا جي چهري ته سياڻپ ڀري ۽ اداس مرڪ ڇانئجي وئي. ڪهڙو نه چڱو ٿئي جو اها ڳالهه هاڻي ئي پڌري ٿي پوي، سندن شاديءَ کان اڳ ئي! ان وقت ممڪن هو ته جمي اها ڳالهه برداشت ڪري وڃي.........پر نه، خود فيربيءَ مان هن کي ڪو فائدو نه پهچڻو هو، هوءَ اها ڳالهه ڪڏهن به برداشت نه ڪري ها. هن جي حياتي تباهه ۽ برباد ٿي رهي هئي، اها هڪ اڻٽر ڳالهه هئي. پر جمي اڃا جوان جو ۽ وقت.........ماڻهو چوندا آهن، وقت تمام ٿورو ۽ خسيس فرق پيدا ڪندو آهي. چاليهن سالن جي وهيءَ کان پوءِ، جڏهن هو ڪراڙو هجي ها، ته ان مئسلي تي شايد ٿڌي دماغ سان ويچاري ها، پر هوءَ....... هن لاءِ ته مستقبل ڇا آڻڻ وارو هو؟

ايڊنا رستي جي ڇيڙي تي پهچي چڪي هئي. هوءَ بهار جي گلن سان جِهنجيل ٽارين واري هڪ وڻ هيٺان پڇيل بينچ تي ويهي رهي، ۽ ڪانوينٽ جي باغ جي گلن سان ٻَهڪيل ٻارين ڏانهن تڪڻ لڳي. ويجهو ئي خوشنما گلن جو هڪ چونڪنڊو هو، جنهن جي چوڌاري بنفشي جي نيرن گلن جي ڪناري لڳل هئي. هڪڙيءَ ڪند ۾ رابيل جا گل ٻهڪي رهيا هئا، جن جي چمڪ ساون پنن جي وٿين مان جهلڪيون ڏيئي رهي هئي. ڪانوينت مان ڪبوتر نڪري آسمان ڏانهن اڏامندا پئي يوا. هن کي راهبا ’ائگيس‘ جو آواز به ٻڌڻ ۾ پئي آيو. جيڪا ڪلاس ۾ نظم پڙهائي رهي هئي. ”آمين!“ راهبا جو سنهو ۽ مڌر آواز آيو. موٽ ۾ چؤطرف ’آمين‘ جو پڙاڏو گونجي ويو.

هن جيڪڏهن جميءَ سان شادي نه ڪئي، ته پوءِ ڪنهن سان به نه ڪندي. ۽ پوءِ ان شخص جو ڇا ٿيندو، جنهن سان هوءَ تازو هينئر پيار ۾ ڦاٿي هئي؟- مشهور اداڪار! ايڊنا کي ڪافي سمجهه ۽ پروڙ هئي ته اهو سڀ ڪجهه ناممڪن هو. اها ڳالهه عجيب ۽ اڻ ٿيڻي هئي، ۽ سندس پنهنجي خواهش به اهائي هئي. ائين ٿيڻ لاءِ جنهن ڳالهه جي گهرج هئي، تنهن جي ڀيٽ ۾ سندس پيار ڪجه به ڪونه هو! اهو سڀ ڪجهه کيس چپ چاپ براشت ڪرڻُ هو. هن سوچيو، سڀ ڪجهه هن کي پيڙا پهچائڻ لاءِ هو. اهو پيار ئي اهڙي قسم جو هو!

”ايڊنا“ جميءَ (ڏکويل لهجي ۾) چيو، ”تون ڪڏهن به پنهنجو خيال نه مٽائيندينءَ؟ آءٌ وري اهڙي آس نه رکان؟“

اهو سوال ڪيترو نه اذيتناڪ هو، پر ايڊنا لاءِ ان جو جواب ڏيڻ ضروري هو. ”نه، جمي، آءٌ ڪڏهن به پنهجو خيال نٿي مٽائي سگهان!“

ايڊنا پنهنجو ڪنڌ هيٺ جهڪائي ڇڏيو، ۽ هڪ گل اچي سندس جهوليءَ ۾ ڪِريو. اوچتو ئي راهبا جو مٺو آواز سندن ڪن تي پيو: ”نه- هرگز نه!“........ ۽ پوءِ، ”نه- هرگز نه!“ جو پڙاڏو چؤطرف ڦهلجي ويو. انهيءَ ئي ساعت، ايڊنا ايڳان سندس مستقبل جو پردو کڄي ويو. هن سڀ ڪجه صاف طرح ڏٺو پئي. هوءَ بت بڻجي ويئي، ۽ انهيءَ منظر سندس ساهه سڪائي ڇڏيو هو. ڀلا، ان کان وڌيڪ ٻيو ٿي به ڇا ٿي سگهيو؟.... هوءَ راهبا بنجي هڪ ڪانوينٽ ۾ وڃي داخل ٿي آهي. ما5 ۽ پيءُ جي گهڻي روڪڻ تي به هوءَ باز نه آئي، ۽ جيتري قدر جميءَ جو سوال هو، هوءَ اهڙي ڪابه ڳالهه ذهن ۾ آڻڻ لاءِ هرگز تيار نه هئي.... ’آخر هي سمجهي ڇو نٿا سگهن؟ ڀلا ڪيستائين اهي منهنجن سورن ۾ واڌارو ڪندا رهندا؟ دنيا ڏاڍي ظالم آهي. ڏاڍي ظالم!‘.... اهڙي آخري منظر کان پوءِ، پنهنجا سڀ ڳهه ڳٺا پنهنجين ساهڙين کي ڏيئي بلڪل خاموش ۽ بلڪل دلشڪن، هوءَ ڪانوينٽ ۾ داخل ٿئي ٿي. ان کان اڳ، هن جي موڪلاڻيءَ واري شام پورٽ ولن ۾ گذري ٿي. هن کي اتي هڪ اجنبي پيماميءَ کان هڪ ننڍڙي ۽ خوبصورت پيتي ملي آهي، جا اڇن گلن سان ڀريل آحي. جنهن ۾ نه موڪلنيدڙ جو نالو آهي ۽ نه ڪو خط وغيره- ڪجهه به نه! پر ها، گلاب جي گلن هيٺان هڪ اڇي رومال ۾ ويڙهيل، ايڊنا جو نڪتل آخري ۽ تازو فوٽو پيو آهي، جنهن تي لکيل آهي ’وساريل دنيا وٽان وِسرندڙ دنيا‘....

ايڊنا وڻ هيٺان چپ چاپ ويٺي آهي. هو ڪارو ڪتاب اڱرين ۾ ائين جهليو آحي، ڄڻ ته اهو ڪو سندس مذهبي ڪتاب آهي. هوءَ راهبا انجيلا کي سڏي ٿي... چرڪ‘ چرڪ!- هن جي وارن جون سڀ سهڻيون چڳون ڪٽجي وڃن ٿيون. هن کي انهن مان هڪ چڳ جميءَ ڏانهن موڪلڻ جي اجازت ملندي؟ نيرو چوغو ۽ اڇو رومال پهريل راهبا، انجيلا، ڪانوينٽ کان گرجا ڏانهن وڃي ٿي. ۽ گرجا کان ڪانوينٽ ڏانهن. هوءَ ڪجهه اداس پيئي ڏسجي. سندس اکين ۾ نماشا جهڙي اُداسائي، ۽ چپن تي ماٺيڻي مُرڪ آهي، جنهن سان راهبائون ٻارن جي آجيان ڪنديون آهن...’راهب!‘- موم بتين جي بوءِ واري ٿڌي دالان مان لنگهندي، هن هڪ ڀڻڪو ٻڌو. گرجا ۾ ايندڙن کي سُڌ پيئي آهي ته هڪ راهبا آهي، جنهن جو آواز ڏاڍو مَڌر ۽ مٺو آهي، ۽ جنهن جي سونهن، جنهن جو جوڀن، ۽ دکدائڪ پيار....’هن شهر ۾ هڪ ماڻهو آحي، جنهن جي حياتي براباد ڪئي ويئي آهي‘.....!

هڪ وڏي ماکيءَ جي مک، سُنهري پرن واري مخلوق، گلن جي هڪ جُهڳٽي اندر داخل ٿي، نازڪ گل ان جي مٿان جهڪيا، لُڏيا ۽ لميا، ۽ جڏهن مک اتان اُڏامي نڪتي، ته اهي گل اڃا به وڌيڪ لُڏيا ۽ لميا، ٽڙيا ۽ ٻهڪيا- ڄن ته خوشيءَ ۽ بيفڪريءَ وچان مرڪي رهيا هئا. راهبا انجيلا اوڏانهن نهاري ٿي. ۽ چوي ٿي، ’هاڻي سيارو شروع ٿئي ٿو‘.......

هڪ رات، پنهنجي سرد ڪوٺڙيءَ ۾ سُتي ئي، هوءَ هڪ رڙ ٻڌي ٿي. ٻاهر باغ ۾، ڪو رول جانور، ٻليءَ جو ٻلونگڙو يا ڪو گُلر، بهرحال ڪوبه جانور، بيٺو آهي. بي آرام راهبا انجيلا، سفيد ڪپڙا پهريل ڏڪندي ڏڪندي اٿي ٿي. بنا ڪنهن ڀؤ جي، هوءَ ٻاهر وڃي ٿي ۽ ان کي اندر کڻي اچي ٿي. ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن نيرن جو گهنڊ لڳي ٿو، ته هوءَ سي4 ۽ بخار ۾ ڏڪي رهي آهي، بلڪل بيهوشيءَ جي حالت ۾‘ هن جي صحتيابيءَ جي ڪابه اميد ڪانهي، گرجا ۾ هن جي موڪلاڻيءَ جي دعا گهري وڃي ٿي، ۽ هوءَ هاڻي ان قبرستان جي هڪ ڪنڊ ۾ دفن ٿيل آهي، جيڪو راهبائن لاءِ مخصوص آهي. ۽ جتي ننڍا ننڍا ۽ سهڻا صليب پنهنجون ٻانهون ڦهلائي بيٺا آهن. هوءَ نهايت آرام ۽ سانت ۾ آهي- راهبا انجيلا.....

هاڻي ام آهي، ۽ ٻه ٻڍا شخص هوريان هوريان قبر ڏانهن اچي رهيا آهن. قبر تي جهڪي، هو سڏڪا ڀري روئن ٿا. ”اسان جي ڌيءَ! اسان جي اڪيلي ڌيءَ!“..... هاڻي وري هڪ ٻيو شخص اچي رهيو آهي. هو بلڪل ڪاري ويس ۾ آهي، ۽ هوريان هوريان قدم کڻندو اچي. پر جڏهن هو اتي پهچي ٿو، ۽ پنهنجو ڪارو ٽوپلو لاهي ٿو، ته ايڊنا ڏڪي وڃي ٿي. هن جا وار بلڪل ڪپهه جهڙا اڇا ٿي ويا. آهن.... جمي! هو ڪيترو نه دير سان آيو هو، ڪيترو نه دير سان! هن جي اکين مان ڳوڙها جهل ئي نه پيا ڏين. ۽ هاڻي هو بي اختيار روئي رهيو آهي. پر هو دير سان آيو هو- ڪافي دير سان! هو اتي گرجا جي پڌر ۾ بيٺا آهن. هن جي منهن مان اوچتي رڙ نڪري وڃي ٿي.

ڇِرڪ ۾، ايڊنا جي هٿن مان ڪارو ڪتاب ڇڏائجي هيٺ گاهه تي ڪري پيو. مستقبل تي وري پردو چڙهي ويو..... ”نه مٺا، نه! اڃا گهڻي دير نه ٿي آهي! اهو سڀ هڪڙي ڀُل هئي- هڪ ڀيانڪ خواب!“.... اُف، هن جا وار ڪهڙآ نه اڇا هئا! ڀلا هوءَ ائين ڪيئن ڪري سگهندي؟ هن ائين هرگز نه ڪيو هو!.... هوءَ اڄ خوش آهي، جوان ۽ خودمختيار آهي، ۽ ڪوبه هن جي اندر جو راز نٿو ڄاڻي. هن ۽ جميءَ لاءِ اڃا به هر ڳالهه ممڪن آهي. جنهن گهر جوڙڻ جي هنن رٿا رٿي هئي، سو اڃا به جڙي سگهي ٿو. کين اهو ٻار اڃا به ٿي سگهي ٿو. جيڪو گهر جي باغ ۾ کين گل پوکيندو ڏسي مُرڪي. اتان اٿي جڏهن ايڊنا ڪجهه اڳتي وڌي، ته هن پنهنجون ٻيئي ٻانهون هوا ۾ کولي ڇڏيون، ڄڻ ته ڪو پيار هوا ۾ اڏامندو ڏانهس وڌي رهيو هو. باغ ڏانهن، اڇن گلن ڏانهن ڪانوينٽ جي ڪبوترن ڏانهن، ۽ ڪانوينٽ جي عمارت ڏانهن، جنهن جا در دريون تنگ هئا. نهاريندي، هن محسوس ڪيو ته زندگيءَ ۾ اهڙو خيال هن ڪڏهن به نه ڪيو هو. هن کي خبر پيئي هئي ته پيار ۾ ڇا ٿيندو آهي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com