سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: دنيا جا عظيم افسانا

باب: --

صفحو :13

ڪارل اسٽيفنس (آسٽريا)

 

ليننجن ۽ ماڪوڙيون

”بشرطيڪ هو پنهنج رخ نه ڦيرائين! ۽ ائين ڪرڻ لاءِ وٽن ڪو خاص سبب به نه آهي. تنهنجي آباديءَ تائين پهچڻ ۾، هنن کي وڌ ۾ وڌ ٻه ڏينهن لڳندا.“

ليننجن سنگ جهڙي ٿلهي سِگار مان سوٽو هنيو، ۽ ڪا گهڙي ماٺ ڪري، سواءِ ڪنهن جواب ڏيڻ جي ٿڪل ٽُٽل ۽ ڪاوڙيلڪمشنر ڏانهن ڏسندو رهيو. پوءِ هن اهو سَنگ جهڙو سگار وات مان ڪڍيو، ۽ ڪجهه اڳڀرو نميو. پنهنجن اُڀن ۽ ڪَڪن وارن، ٿلهي نڪ ۽ چمڪنڙ اکين  سان هو هڪ سِرڻ جهڙو ڏيکاري ڏيئي رهيو هو.

”اوهين هيڏي ساري تڪليف وٺي مون کي آگاهه ڪرڻ آيا آهيو.“ ليننجن ڀڻڪيو. ”ان لاءِ آءٌ اوهان جوشڪر گذار آهيان. پر اوهان کي اهو ٻڌي تڪليف ٿيندي ته آءٌ هيءَ جڳهه ڇڏي نٿو سگهنا، هرگز نه. هيءَ ته خير معمولي ڳالهه آهي، پر مون کي واڳُن جي فوج به هتان نٿي هٽائي سگهي!“ برازيلي آفيسر پنهنجي بيوسيءَ ۽ ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي، پنهنجون بيئي ٻانوهن مٿي اُڀيون ڪري، وري هيٺ ڪري ڇڏيون. ”ليننجن!“ هن رڙ ڪري چيو، تون چريو آهين! هيءَ ڪا اهڙي آفت شيءِ نه آهي، جنهن سان تون پڄي سگهندين. هيءَ ته آفت اهي- هڪ الاهي آڦت ۽ مصيبت! ڏهه ميلڊگهو ۽ ٻه ميل ويڪرو ڪَٽڪ- ماڪوڙيون، رڳو ماڪوڙيون ئي ماڪوڙيون! انهن مان هر هڪ ڄڻ دوزخ جو ڏئيت آهي! توپن جيستائين ٽِ دفعا ٿُڪ اڇلائيندين،اوتري وقت ۾ هو هڪ مينهن کائي چٽ ڪري وينديون. آءٌ ٻڌائي ٿو ڇڏيانءِ ته جي تون هڪدم هيءَ جاءِ نه ڇڏي ويندين، ته هت سواءِ سڌي پٽ ۽ تنهنجي هڏن جي ٻيو ڪجهه به نه بچندو!“

ليننجن هڪ زوردار ٽهڪ ڏنو. ”الاهي آڦت! اکين تي! پر آءٌ ڪا ڪراڙِ ۽ بيواهه زال ته نه آهيان جو آڦت جو ٻڌي ميدان ڇڏي وڃان ۽ اهو به نه سمجهي سگهان ته انسان غير معمولي قوتن جو مالڪ آهي، جيڪو چاهي ته روشنيءَ جو به خاتمو ڪري سگهي ٿو. پريا مڙس، آءٌ عقل هلائيندس. مون کي دماغ آهي، ۽ اها به سڌ آهي ته ان جي ڪيتري قوت ۽ ڪهڙو ڪارج اهي. ٽي سال اڳ هن علائقي کي آبد ڪرڻ وقت، مون هر مصيبت ۽ رڪاوٽ جا امڪان ۽ علاج سوچي ڇڏيا هئا، ۽ هاڻي به آءٌ مڙس ٿي منهن ڏيڻ جي پاڻ ۾ سگهه ساريان ٿو.“

برازيلي آفيسر پنهنجو وس نه هلندو ڏسي، اٿي کڙو ٿيو. ”مون پنهنجي وسان ڪونه گهٽايو اهي.“ هن چيو، ”تنهنجي هوڏ نه رڳو تنهنجو خامتو ڪندي، پر تنهنجن چئن سوَن هارين کي به نابود ڪري ڇڏيندي، تون انهن ماڪوڙين کي ڪونه سڃاڻين!“

لينننجن هن کي نديءَ تائين ڇڏڻ آيو، جتي هن جي سرڪاري لانچ بيٺي هئي. جيئن جيئن لانچ اڳتي وڌندي ويئي، تيئن تيئن آفيسر لانچ جي ڪٽهڙي ڏانهن وڌندو آيو، ۽ هٿ مٿي ڪري هن کان موڪلائڻ لڳو. لانچ نظر کان اوجهيل ٿي ويئي، پر ليننجن جي ڪنن تي اڃا به ڪنهن اواز جو هڪو پڙلاءُ پئجي رهيو هو، ”تون انهن کي نه سڃاڻين! آءٌ چوانءِ ٿو، تون انهن کي ڪونه سڃاڻي!“

اهو دشمن ليننجن لاءِ ڪو نئون ڪونه هو. هن ملڪ ۾ آباد ٿيڻ کان اڳ هو گهڻو عرصو اتي رليو هو، ۽ انهيءَ دشمن کي پنهنجي بک مٽائڻ لاءِ تباهيون ۽ برباديون آڻيندي ڏٺو هئائين. ان ڪري هن پنهجي ڳوٺڙي ۾ به ان جي بچاءَ جا اپاءَ ڪري ڇڏيا هئا ۽ هو انهن اپائن کان مطمئن هو.

هونئن به گذريل ٽن سالن ۾، هڪ آبادگار جي حيثيت ۾، هن ڪيترين ئي خدائي شامتن، جهڙوڪ خشڪسالي، اُٿل ۽ ٻوڏن وغيره جو مقابلو ڪيو هو. انهن سڀني حالتن جو هن اهڙن وقتن تي مڙس ٿي مقابلو ڪيو هو، جڏهن سندس پاڙيسري خوف ۽ حراس ۾ پنهنجا گهر تڙ ۽ ٻنيون ٻارا ڇڏي ڀڄي ويا هئا. انهن مقابلن ۾ هن کي سدائين سوڀ ٿي هئي. انهن ڪامرانين جو سبب، هو پنهنجي زندگيءَ جي زرين اصول کي سمجهندو هو” انسان کي رڳو پنهنجين ذهني قوتن جي هڪ دفعو پوري ڄاڻ پوڻ گهرجي، پوءِڪابه مصيبت هن لاءِ مصيبت نه رهندي.“ موڳا ماڻهو سدائين بي سُڌ ٿي اوڙاهن ۾ ڀَٽڪندا وتندا آهن، سودائي ماڻهو پنهنجي تيز فهميءَ جي باوجود، اوچتي مصيبت تي گهٻرائجي ويندو آهي ۽ ڪاهل، مصيبت جي وهڪري ۾ وهي، وڃي ڪنهن ڪُن ۾ ڦاسندو آهي. پر ليننجن لاءِ اهڙيون آفتون ڪجهه ڪين هيون. هو چوندو هو ته عقل انسان کي پنهنجيءَ قسمت جو مالڪ بڻائي ٿو.

بيشڪ، هو سچو هو. ليننجن حياتيءَ سان مقابلو ڪرڻ ڄاتو ٿي. برازيل جي انهيءَ وارياسي علائقي ۾، هن جي دماغ ڪيترين ئي مصيبتن تي فتح پاتي هئي. پهريائين هن پنهنجي عقل ۽ حرفت سان اتي جي اصلي رهاڪن کي پنهنجي هٿ ۾ ڪيو، تنهن کان پو3 هن جديد سائنسي طريقا اختيار ڪري، پنهنجي آباديءَ کي گهڻو ڪجهه وڌايو هو. ان ڪري کيس هاڻي به پڪ هئي ته هو اڻٽر ماڪوڙين جو مقابلو چڱي طرح ڪري سگهندو.

تنهن شام جو ليننجن پنهنجن ڪاسبين کي ڪٺو ڪيو. هن ايتري تائين ترسڻ نه پئي چاهيو ته هن ايندڙ آفت جي خبر انهن کي ڪنهن ٻئي هنڌان پوي. اهي لفظ ته ”ماڪوڙيون اچن پيون“،  انهن لاءِ موت جي پيغام کان گهٽ ڪين هئا. پر ليننجن جي قول ۽ عقل تي هنن کي ايترو ته اعتماد هو، جو آرام ۽ ماٺ سان سندس هدايتون ۽ تجويزون ٻڌندا رهيا. پوءِ هو مردانگيءَ ۽ حوصلي سان ايندڙ آفت جو انتطار ڪرڻلڳا. ماڪوڙيون به آفت هيون، پر سندن استاد، ليننجن، جو عقل انهن کان به وڏي آڦت هو.

ٽئين ڏينهن منجهند ڌاري، آفت به منهن ڪڍيو، ان جي پهچڻ جو اطلاع گهوڙن جي بدحواسيءَ ڏنو، جي انهن جي بوءِ سنگهي، گهٻرائجي، واڳون ڇنائي رهيا هئا. سڀني جهنگلي جانورن ۾ مانڌاڻ مچي ويو هو، خونخوار توڙي ڊڄڻا پَسون، سڀ گهٻراهٽ ۾ ڊُڪندا، ٿاٻِڙندا، ڀڄندا پئي ويا. شڪاري جانور پڻ خوف وچان بي اختيار ڊوڙي رهيا هئا. ڳئن ۽ ڍڳن جا وڳر، ڪنڌ هيٺ ڪري، ناسون هڻندا، ننڍن ننڍن جانورن کي لتاڙيندا، اڳتي ڊڪندا پئي ويا. انهن سڀني پويان، ننڍا، ننڍا جانور ۽ جيت، حيران ۽ پريشان ڀڄندا پئي ويا. سڄي علائقي ۾ هڪ قسم جو محشر برپا ٿي ويو هو.

انهن بدحواس جانورن اول پنهنجو رخ پوکن طرف ڪيو. کاهيءَ تائين پهچي، وري کٻي ۽ سڄي پکڙجي. وڃي نديءَ جي ڪپر تي پهتا، ۽ اڳتي ڪو رستو نه ڏسي، نديءَ جو ڪنارو ئي ڪنارو وٺي، ڊڪندا ڊڪندا غائب ٿي ويا.

***

پاڻيءَ سان ڀريل کاهي ليننجن جو پهريون بچاءُ هو. اها کاهي ڳوٺڙي جي ٽن طرفن کان گهوڙي جي نعل وانگر ڦري آئي. ڪل ٻارن هن فوٽ ويڪري هئي ۽ اونهائي ڪا خاص ڪانه هيس، سُڪل حالت ۾ ماڻهو يا جانور جيڪا آسانيءَ سان پار پئجي سگهي. کاهيءَ جون ٻيئي پڇڙيون اتر طرف نديءَ سان وڃي ٿي مليون. انهن مان هڪ پڇڙيءَ تي، کاهيءَ ۾ پاڻي آڻڻ لاءِ، ليننجن نديءَ تي هڪ پل ٺاهي ڇڏي هئي.

کاهيءَ ۾ پاڻي ڇڏي، ليننجن پنهنجي آباديءَ جي چوگرد هڪ مضبوط ڪوٽ اڏي ڇڏيو هو. هو ائين مطمئن هو، جيئن تاريخ جي وچئين دور ۾، ڪو جاگيردار پنهنجي شهر جي چوڌاري ڪوٽ اڏي، اطمينان سان ويهندو هو. ليننجن ان نتيجي تي پهتو ته جيستائين ماڪوڙيون هشيار ٿين، جو تُرها ٺاهين، تيستائين انهن لاءِ پوک تائين پهچڻ هڪ اڻ ٿيڻي ڳالهه هئي.

اها ٻارنهن فوٽ کاهي، پنهنجي4 جاءِ تي، بچاءَ جو مڪمل مورچو هو، پر ماڪوڙين جي اچن تائين ليننجن ٻيا به بچاءَ جا مورچا ٺاهي ڇڏيا هئا. کاهيءَ جو الهندو حصو هڪ جهنگ وٽان پئي لنگهيو، ڀرسان بيٺل وڻن جون ٽاريون کاهيءَ ۾ اچي ٿي پيئون. ليننجن انهن ٽارين کي به مُڇائي ڇڏيو هو ته متان ماڪوڙيون انهن وسيلي آبديءَ تائين اچي پهچن. عورتون، ٻارن ۽ چوپائي مال کي هڪ ٻيڙيءَ ۾ چارهي، نديءَ جي ٻيءَ ڀر پهچايو ويو هو ته جيئن اهي هر حالت ۾ سلامت رهن. ليننجن کي ائين ڪرڻ وقت ڪو هنن جي سلامتيءَ جو خيال ڪونه هو، بلڪ هن انهن کي ان ڪري پري پئي رکڻ چاهيو ته جيئن هو بچاءَ جي ڪم ڪار ۾ رڪاوٽ نه ٿين. هڪ ڪاسبين کي ٻڌايو هو ته ”جي ٿوري مصيبت ۾ ڪا عورت يا ڍڳو بدحواس ٿي پوي ته اها ننڍي مشڪلات به وڏو هنگامو ۽ مصيبت ٿي پوندي آهي.“ آخر ۾ هن اندرئين مورچي جو معائنو ڪيو. ان ٽڪريءَ جي چوڌاري، جنهن تي هنن جون جايون ۽ اَن جا ڀانڊا هئا، اتي هڪ ننڍي ۽ پڪي کاهي هئي. ان کاهيءَ لاءِ پيٽرول جا ٽي تلاءَ به موجود هئا. ليننجن خيال ڪيو ته جيڪڏهن ماڪوڙيون آباديءَ تائين پهچي به ويون، ته انهيءَ پيٽرول جي ڪري سندس اَن جا ڀريل گدام ماڪوڙين جي تباهيءَ کان بچي ويندا.

هن پنهنجن ماڻهن کي بچاءَ جي پهرئين مورچي، يعني کاهيءَ جي ڪپتي، ٿوريءَ ٿوريءَ وٿيءَ تي بيهاري ڇڏيو. ان بعد، دلجاءِ ڪري، هن ويهي پائيپ دکايو ۽ مزي سان ان مان سُوٽا هڻندو رهيو. ايتري ۾ هڪ هاريءَ کيس اچي ٻڌايو ته مڪاوڙيون ڏکڻ طرف وڌنديون پيون اچن.

هو پنهنجي گهوِڙ تي سوار ٿي، حملي واريءَ ڏس ڏانهنوڌيو. کاهيءَ جو ڏاکڻيون حصو به ڳوٺڙي جو مُنڍو به هو، جو ٽي ميل ڊگهو هو، ان جاءِ تان ئي دشمنن شروعاتي حملي جو خيال ڪيو هو.

اهو نظارو ايترو ته خطرناڪ هو جو ڪڏهن به وسري نٿي سگهيو. ايڳان ڦهليل ننڍين ننڍين ٽڪرين جي قطارن تي جيستائين نظر پئي ويئي،  رڳو هڪ ڪارو تهه چُرندو پُرندو پئي نظر آيو. هيڏانهن هوڏانهن، هيٺ مٿي، رڳو ڪارنهن ئي ڪارنهن هئي. وچ ۾ ايندڙ گاهه ۽ ٻوٽا ائين گم ٿي پئي ويا، ڄڻ ڪو منجهن ڏاٽو هلائي رهيو هو، ۽ لحظي پُڄاڻا اتي به رڳو ڪارنهن پئي نظر آئي، مطلب ته ڪارنهن جو هڪ سمنڊ هو، جو ڇوليون هڻندو، اڳتي وڌندو پئي آيو.

جڏهن ليننجن جي ڪڙمين ايندڙ دشمن جو نظارو ڏٺو، ته خوف ۽ اچرج مان کانئن رڙيون نڪري ويون. جيئن جيئن دسمن ۽ کاهيءَ جي وچ وارو فاصلو گهٽبو ويو، تيئن تيئن هنن تي ماٺ وڌيڪ قبضو ڪندي پئي ويئي. ههڙيءَ زبردست فوج کي وڌندو ڏسي، سندن اعتماد لوڏي ۾ اچي ويو. خود ليننجن به پنهنجي پريشانيءَ کي لڪائڻ لاءِ ڦڙتائيءَ ۽ بيڊپائيءَ جو مظاهرو ڪري رهيو هو. لکين ڪروڙين خونخوار وات هنن ڏانهن وڌي رهيا هئا، ۽ سندن وچ ۾ رڳو هڪ خسيس کاهي هئي. ٿوريءَ دير کان پوءِ، سندس ۽ سندس ماڻهن جو رڳو هڏا وڃي بچندا! ”جيستائين تون ٽي دفعا ٿُڪ اڇلائيندين، ايتري ۾...“

وڌيڪ ڪهڙو بچاءُ ڪجي؟ جي هنن کاهي ٽپڻ جي اٽل ارادو ڪيو ۽ کاهي ٽپي اڳتي وڌن جو فيصلو ڪيو، ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ هن جو ته اگر نگر ناس ٿي ويندو! هن جوش ۾ ڏند ڪُرٽيا. اڃا ته هو هن تائين نه پهتيون آهن، ۽ هو پهچي به نه سگهنديون....هو موت ۽ مصيبت ٻنهي جو مقابلو ڪندو.

***

دشمنن جو ڪٽڪ منظم نموني سان اڳتي وڌندو پئي آيو. وڏي ۾ وڏي تجربيڪار فوج به انهن وانگر وڌي سگهي ها. پهريون جٿو، جو هڪ سڌيءَ قطار ۾ سُرندو پئي آيو، سو کاهيءَ کي گهڻو ويجهو پئجي چڪو هو. ماڪوڙين جي لشڪر ۾ جڏهن ڳيان آيل رڪاوٽ جي خبر پهتي ته انهن جا ٻه جٿا، نهايت ئي ڦڙتائيءَ سان فوج مان نڪري، کاهيءَ جي اوڀر ۽ اولهه طرف ڏانهن وڌڻ لڳا. انهي4 گهيري کي ممل ڪرڻ ۾ کين ڪلاڪ کن لڳي ويو. ماڪوڙين سمجهيو پئي ته ڪٿان نه ڪٿان لنگهه ضرور ملي ويندو.

جڏهن سڄي ۽ کٻي وارا جٿا اوڀر ۽ اولهه طرف وڌي رهيا هئا، ته مرڪزي فوج، يعني ڏکڻ طرف واري، خاموش بيهي رهي. ان ڪري گيهري هيٺ آيل انسانن کي پنهنجي دشمنن جي مشاهدي جو چڱو موقعو ملي ويو. هر هڪ ماڪوڙي آڱوٺي جيڏي هئي. سندن رنگ ڪاراڻ مائل ڳاڙهو هو، ۽ ٽنگون ڊگهيون هين. هنن جي مٿن تي تيز اکيون ۽ وات ۾ نڳوڪدار زبانون هيون.

عام ماڻهو ته اها ڳالهه سوچي به نه سگهندو ته هن جانور کي ڪو دماغ ۽ عقل هوندو. پر ليننجن جو يورپي دماغ ۽ ڪاسبين جو پراڻو دماغ، ان ڳالهه تي متفق ٿي چڪا هئا ته ماڪوڙين جي ان اَٿاهه ساگر ۾، هر هڪ ماڪوڙي ڪنهن ڳوڙهي فڪر ۽ ويچار ۾ هئي. هنن جي خيال ۾، ماڪوڙيون ائين ئي سوچي رهيون هيون ته کاهي نه هجي، کاهيءَ جو پيءُ هجي، پر اسين توهان جو ماس ضرور پٽينديونسين!

چئين بجي ڌاري، ماڪوڙيون گهوڙي جي نعل نما کاهيءَ کي هر طرف وڪوڙي ويون. ڪنهن مخفي پيغام رسانيءَ رستي، سڄي ڪٽڪ ۾ اها خبر گشت ڪري چڪي هئي ته اڳيان رستو بند آهي. سامهون واريءَ مرڪزي فوج ۾ بيچينيءَ جا اثار ڏسي، گهوڙي تي سوار، ليننجن اندازو لڳايو ته رڪاوٽ جي خبر دشمن تي وڏو اثر ڪيو آهي. شايد ٻي واهه نه ڏسي، هو آباديءَ جي پچر ڇڏي، ڪنهن ٻئي طرف وڃن تي سوچي رهيون هونديون.

اوچتو ئي هن جو اهو سُندر سپنو ٽُٽي پيو. پنهنجن ڪن چونڪين تان ايندڙ رڙيون ٻڌي، هو گهوڙِ کي اَڙي هڻي ان طرف ڊوڙيو. اتي هن جو ڪجهه ڏٺو، تنهن سندس ساهه سُڪائي ڇڏيو.

***

ماڪوڙين جو هڪ اُڀرندڙ سيلاب، سوا سؤ وال کن موڪري، کاهيءَ جي ڪناري تان هيٺ لهي رهيو هو. هيٺ لهندڙ ماڪوڙين مان هزارين ٻڏي چڪيون هيون، پر تنهن هوندي به جٿن جا جٿا هيٺ لهي رهيا هئا. هو پنهنجن مئل ساٿين جي مٿان لنگهي، پاڻ ٻڏي، وري پوين لاءِ رستو ٺاهي رهيون هيون.

هزارين ماڪوڙيون پاڻيءَ جي وهڪ ۾ لڙهنديون پئي ويون، ۽ ڪيتريون ٿڪجي، اڌ ميون ٿي، تر ۾ وڃي ٿي پيون. سؤ وال ويڪرو لشڪر، آهستي آهستي کاهيءَ جي ٻئي طرف، گهيري هيٺ آيل شڪار ڏانهن وڌڻ لڳو. ليننجن جو اهو ويچار غلط هو، تهڪو کاهيءَ ٽپڻ کان اڳ ۾، ماڪوڙين کي پنهنجين ساٿين جي لاشن سان ڀريل کاهيءَ مٿان لنگهڻو پوندو. ان جي برخلاف، هر هڪ ماڪوڙي، پاڻ مري، ٻيءَ لاءِ وک وڌائڻ جو ڏاڪو پئي ٺاهيو. اهڙيءَ طرح، هڪڙيون ميون ئي ته وري ٻيون هڪ وک اڳتي پئي وڌيون.

ليننجن جي ڀر ۾ هڪ- ٻه هاري، گهوڙن تي سوار، هن جي حڪم ٻڌڻ لاءِ تيار بيٺا هئا. انهن مان هڪ کي هن پُل ڏانهن موڪليو ته جيئن پل کي وڌيڪ کوليو وڃي ۽ کاهيءَ ۾ پاڻيءَ جو وهڪرو تيز ٿئي. ٻئي کي گهرن ڏانهن موڪليو ويو، ته اتان وڃي ڪوڏريون ۽ پيٽرول ڇڙڪائڻ جا پمپ کڻي اچي. تئين کي حڪم ڪيو ويو ته هو انهن جاين تان وڃي ماڻهو سڏي اچي، جتي حملي جو زور جهڪو يا بلڪل ڪونه هو.

ليننجن جي ڪَٿيل رفتار کان به گهڻو تيز،ماڪوڙيون کاهيءَ کي اُڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون هيون. پويان لشڪر جي پيڙ سبب، اڳيان جٿا وڌندا، کاهيءَ ۾ ڪِرندا، اندرئين ڪناري کي ويجهو پوندا پئي ويا. هو ايترو ته جوش ۽ تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهيون هيون، جو پاڻيءَ جي وهڪري جي تيزي به هنن کي روڪي نه پئي سگهي.

جڏهن ليننجن جا ماڻهو اتي اچي ڪٺا ٿيا، ته ماڪوڙيون اَڌ کاهي ٽپي چڪيون هيون. آبادگار 7 ليننجن خوش نصيب هئا، جو ماڪوڙين رڳو هڪ جاءِ تان ڪاهه ڪئي هئي، جي هو کاهيءَ جي ٽنهي طرفن کان يلغار ڪن ها، ته هنن جو بچاءُ نه رڳو ڏکيو، پر ناممڪن ٿي پوي ها.

پر اهو حملو به ڪو گهٽ خطرناڪ ڪونه هو. هو ڏسي رهيو هو ته دشمن کين هر وقت ويجو پوندو پئي ويو. جيئن جيئن الاهي آفت ۽ انساني عقل جي جنگ فيصلي کي ويجهو ٿي پوندي ويئي، تيئن تيئن ليننجن جي منهن جو پنو لهندو پئي ويو. هو محسوس ڪري رهيو هو، ڄڻ ته پاڻ ڪنهن عالمي مقابلي جي ميدان ۾ بيٺو هو، ۽ سندس آڏو، کانئس به وڌيڪ سگهارو پهلوان بيٺو هو، جنهن کي زير ڪرڻ کان سواءِ ٻي ڪابه راهه نه هئي. هن کي پاڻ ۾ انهن سان مقابلي ڪرڻ جو اعتماد هو، ۽ اهو ئي سبب هو جو سندس ڪمي ڪاسبي ان زبردست مصيبت کي هڪ وال پري ڏسي به مقابلي لاءِ اٽل ۽ بيڊپا هئا. هو مالڪ جي نگهبانيءَ هيٺ، کاهيءَ جو ڪنارو کوٽي رهيا هئا ۽ مٽيءَ جا چاپوڙا ۽ واريءَ جا لَپا دشمنن جي فوج مٿان اڇلائي ريها هئا. ساڳئي وقت، پيٽرول سان ڀريل پمپ به ماڪوڙين مٿان زور زور سان ڦوهارا وسائڻ لڳا.

انهيءَ ڪامياب 7 سخت حملي جو جواب ماڪوڙين وڌيڪ زوردار يلغار سان ڏنو، ۽ ڏسندي ڏسندي، مرڪزي فوج جا سمورا جٿا تيزيءَ سان کاهيءَ ۾ لهڻ لڳا. کاهيءَ ۾ متيءَ جي چاپوڙن پوڻ ڪري، سڄي ڪپر تي، جدا جدا هنڌن تان، ماڪوڙين جا ڪيترائي ڪارا ڪارا ٿها مٿي چڙهي رهيا هئا. جتي جتي به ائين ٿيو پئي، اتي ڪڙمي مٽيءَ ۽ واريءَ ۽ پيٽرول سان انهن کي پٺتي هٽائي رهيا هئا. پر دشمن جي اها چال سٺي مُنڍي ۾ ذري ذري تي پکڙيل هئي، ۽ سڀني جاين تي پهچي وڃڻ ڪڙمين لاءِ ڏاڍو ڏکيو هو. جيتوڻيڪ هو چرين وانگر ڊڪي ڊوڙِ رهيا هئا، پر سندن انهيءَ محنت ۽ جفاڪشي4 مان ڪو خاطر خواهه نتيجو نه پئي نڪتو.

هڪ ماڻهوءَ مٽيءَ جي لپي اڇلائڻ وقت ڪوڏر کڻڻ ۾ ڪجهه ڍرائي ڪئي، ۽ نتيجي ۾، ڪوڏر جو ڳن اک ڇنڀ ۾ ڪارين ماڪوڙين سان ڍڪجي ويو. هن هڪ ڪَچي گار ڏيئي، ڪوڏر کڻي هيٺ اڇلائي، پر جو ڪجهه ٿيڻو هو سو ٿي چڪو. ماڪوڙيون هن جي ٻانهن تي چڙهي ويون ۽ بنا ڪنهن وقت وڃائڻ جي، هاريءَ جو ماس پٽڻ لڳوين.ئ انهن مان جيڪي وڏيون ماڪوڙيون هيون، تن جي زهريلن چڪن جي سور ايذاءَ کان ڪڙمي لُڇڻ ۽ ڦٿڪڻ لڳو.

ليننجن محسوس ڪيو ته ههڙي قسم جو حادثو سندس ماڻهن جا حوصلا خطا ۽ همٿون پَست ڪري ڇڏيندو، تنهن ڪري، مظلوم هاريءَ لاءِ دانهن کان به وڌيڪ زوردار آواز ۾ رڙ ڪندي چيائين، ”پيٽرول! پيٽرلول! اڙي گڏهه، پنهنجون ٻانهون پيٽرول ۾ ٻوڙ!“ ڦٿڪندڙ انسان پنهنجو چولو ڦاڙي، لاهي ڦٽو ڪيو ۽ ٻيئي ٻانهون پيٽرول جي ڊم ۾ ڪلهن تائين ٻوڙي ڇڏيون. پر آدمخور جيت اڃا به هن کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه ئا. ٻيو ڪرمي ڊڪندو وٽس سهائتا لاءِ پهتو ۽ هڪ هڪ ڪري سندس ٻانهن تان ماڪوڙيون لاهيندو ويو.

ان حادثي کان خوف کائي، ڪيترا محافظ کاهيءَ کان پري هٽي ويا. جوش ۽  خروش جي آوازن، ڪوڏرن جي وهڻ ۽ ماڻهن جي ڊڪ ڊوڙ مان ائين پئي لڳو ته ماڪوڙين ان وقفي جو ڪفاي فائدو ورتو هو، اها هنن جي خڳوش قسمتي هئي جو ڪي ٿوريون ماڪوڙيو ڪاهي، کاهي اُڪري هنن وٽ پهتيون هيون، ماڻ هو وري همٿ ٻڌي، مقابلي ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌڻ لڳا. هڪ ڪراڙو ڪڙمي، جيڪو ٿوري گهڻي حڪمت به ڄاڻندو هو، زخمي ڪڙميءَ کي هڪ دوا پيارڻ لڳو، جا هن حملي کان ڪي ڪلاڪ اڳ تيار ڪئي هئي. سندس دعويٰ هئي ته اها دوا ماڪوڙين جي زهر جو ترياق آهي.

ليننجن پنهنجيءَ صورتحال جو جائزو وٺڻ لڳو. ڪو بي همت ۽ ڪمزور ماڻهو اها حالت ڏسي ها ته يقيناً بدحواس ٿي ڀڄي وڃي ها. ڪروڙين ماڪوڙين جي فوج به چار سؤ ٿڪل ٽٽل ماڻهن تي حملو ڪري رهي هئي، ان جو مقابلو رڳو انساني عقل ئي ڪري پئي سگهيو. آخر، اڳيان به ته الاهي آفت هئي!

انسان جو دماغ به آفت آهي. ان ڪري ئي ليننجن ائين سوچن ۾ بلڪل صحيح هو ته آفت جو مقابلو آفت ئي ڪري سگهندي. اتفاق سان نديءَ ۾ پاڻيءَ جي چاڙهه سبب کاهيءَ ۾ به پاڻي آهستي آهستي وڌڻ لڳو هو. جيئن جيئن پاڻيءَ جو وهڪرو تکو پئي ٿيندو ويو، تيئن تيئن ماڪوڙين جا وڳر لڙهندا پئي ويا.

***

سچ پچ ته شڪست جي مضبوط چنبي مان، فتح کي زبردستيءَ ڇڏايو ويو هو. ڪڙمين خوشيءَ وچان نعرا هنيا ۽ هڪ ڀيرو وري جوش سان دشمن تي حملو ڪرڻ لڳا.

سامهون وارو ڪٽڪ به گهٻو پئيويو. هنن کي ڄڻ ته سُڌ پئجي ويئي هئي ته هو پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب نه ٿيڻيون هيون،. هو سلامتيءَ سان مٿي موٽ کائي رهيون هيون.

جيڪي جٿا پاڻيءَ ۾ لهي چڪا هئا، تن جون جانيون رائگان ويون. هزارين ٻڏل ماڪوڙيون پاڻيءَ ۾ لُڙهنديون پئي ويون. ڪپر تي پهتل ايڪڙ ٻيڪڙ ماڪوڙين کي ڪڙمي ناس ڪري رهيا هئا.

جتان کاهي اوڀر طرف ٿي مُڙي، اتي ماڪوڙين جو وڏو ڪٽڪ ڪٺو ٿي چڪو هو، اهي سڀ ٿڪجي نااميد ٿي چڪيون هيون ۽ هيٺ لهڻ جي سگهه نه پئي ساريائون.

سڀني چونڪن تي فتح جي خبر گشت ڪري رهي هئي، ۽ سڀني مورچن تان ڪاسبي کلندا ٽپندا ڏکڻ طرف مکيه مورچي تي اچي ڪٺا ٿيا ۽ فتح جو نظارو ڏسڻ لڳا. هڪ دفعو هو سڀ ڏک ۽ غم وساري ويٺا ۽ خوشيون ملهائڻ لڳا. ڄڻ ته لکين ڪروڙين ماڪوڙيون بي رحميءَ، بک ۽ کليل اکين سان هنن ڏانهن واجهائي ئي نه رهيون هجيون.

سج گهاٽي جهنگ جي پٺيان ٻڏي ويو ۽ سنجها جو سهائو، اول منهن اونڌاهيءَ ۽ پوءِ تاريڪيءَ ۾ ملي ويو. اها نه رڳو اميد  هئي، پر پڪ هئي ته ماڪوڙيون رات سڄي خاموش رهنديون. پر ڪنهن وقت به اوچتي حملي جي امڪان کي منهن ڏيڻ لاءِ، پل جو منهن وڌيڪ کولي، پاڻيءَ جو وهڪرو تيز ڪيو ويو.

انهن سڀني انتظامن ڪرڻ بعد به ليننجن کي دلجاءِ نه ٿي. هن پنهنجن ماڻهن کي سڄي رات پهري ڏيڻ تي بيهاري ڇڏيو. هن هڪ- ٻن ٽولن کي حڪم ڏنو ته موٽرن ۾ چڙهي سڄي ڪناري تي نظرداري ڪندا رهن. هن اها هدايت به ڪئي ته کاهي جي مٿاڇري کي بجليءَ ۽ ٽارچن سان روشن رکيو وڃي.

انهن سڀني انتظامن ڪرڻ بعد آبادگار رات جي ماني کائي وڃي آرام سان بستري داخل ٿيا. ويهن چورس ميلن ۾ دشمن جو پکڙيل ڪٽڪ هنن جي نند ۾ ڪوبه رُخنو نه وجهي سگهيو ۽ هو آرام سان صبح تائين ننڊون ڪندا رهيا.

***

صبح جو ليننجن اڳي کان به اڳرو ۽ تارو توانو هو. هو کاهيءَ جي ساڄي ڪناري تان گشت ڪري آيو، سامهون سندس دشمن منزل هنيو ويٺو هو. هن پنهنجي ۽ دشمن جي وچ ۾ پيل پاڻيءَ جي پٽي ڏانهن نهاريو. هن کي ڏک پئي ٿيو، ته جنگ ستت ئي ڇو بند ٿي ويئي! هن ڏٺو پئي ته ماڪوڙين کي کاهيءَ ٿيڻ لاءِ ٻيو ڪو به رستو نظر نه پئي آيو. پاڻي4 جو وهڪرو تيز ۽ اُونهو هو. جنگ ڪيترو نه جلد ختم ٿي ويئي هئي!

کاهيءَ جي اوڀر ۽ ڏکڻ وارن طرفن جي چڪاس ڪرڻ بعد هو اولهه طرف آيو، جنهن طرف جهنگ هو. اتي اوچتو هن دشمنن کي ڪنهن ڪم ۾ رڌل ڏٺو. ان طرف وڻن جون ڇانگيل ٽاريون ۽ ڏار پيا هئا، جن جي پنن کي ماڪوڙيون کائڻ جي بدران ڏانڊيءَ وٽان ڪُتري، هيٺ پئي ڪيرائي ڇڏيو.

هنن جي انهيءَ حرفت تي ليننجن بلڪل تعجب نه ٿيو. هن کي پڪ هئي ته کاڌو ڪٺو ڪري پوئين لشڪر ڏانهن موڪلي رهيون هيون. البت کيس اها سڌ ضرور هئي، ته ماڪوڙيون ڏاڍيون ذهين ٿينديون آهن ۽ هڪ بئي جي مد ڪرڻ جو جذبو منجهن گهڻو هوندو آهي. هن کي سندن حِسَي قوتن، ضابطي ۽ تنظيم جي پوري پوري ڄاڻ هئي.

هن جو اهو اندازو اڃا به وڌيڪ مضبوط ٿيو، جڏهن هن انهن ٽُڪيل پنن کي جهنگ کان ٻاهر ڌِڪبو ڏٺو. جهت کان پوءِ، هن جا حواس ئي خطا ٿي ويا، هنن کي پتو پئجي ويو ته اهي پن ڇا لاءِ ڍويا پئي ويا.

هرهڪ پتي کي ٻارنهن کن ماڪوريون ڌڪي کاهيءَ جي ڪناري تي آڻي رهيون هيون. ليننجن جون وايون ئي بتال ٿي ويون ۽ هو حد کان وڌيڪ گهٻرائجي ويو. هن کي اهو تسليم ڪرڻو پيو، ته اڄ جو مقابلو ڪالهه واري مقابلي جي ڀيٽ ۾ گهڻو خطرناڪ ۽ نازڪ هو.

هن سمجهيو هو ته ماڪوڙين لاءِ تُرها ٺاهڻ ناممڪن آهي، پر هاڻي هنن هزارين تُرها ٺاهي ڇڏيا هئا. پن پن ڪري هيٺ کاهيءَ ۾ ڪيرايو پئي ويو ۽ هر پن تي ڪيتريون ئي ماڪوڙيون سوار هيون. هن ڀيري هن قاصد تي نه ڀاڙيو ۽ پاڻ ئي گهوڙي کي اَڙي هڻي روانو ٿيو. هو هر چونڪ تي رڙيون ڪندو ويو”پيٽرول پمپ ڏکڻ- اولهه وارن مورچن تي کڻي هلو. جهنگ جي وجيهو بيٺل سڀني ماڻهن کي ڪوڏاريون ڏيو!“ هو کاهيءَ جي سڄي ڪناري تي چڪر هڻي آيو ۽ هر چونڪيءَ تي هڪ ماڻهو پٺتي ڇڏي، ٻين سڀني کي مقابلي وارن مورچن تي اچڻ لاءِ حڪم ڏئي آيو.

جڏهن هو ان جاءِ تي پهتو، جتي گذريل ڏينهن مقابلو ٿيو هو، ته هن هڪ عجيب نظارو ڏٺو. کاهيءَ جي پرينءَ ڀر واريءَ ٽڪريءَ تان ڪو ساهه وارو هن طرف تيز ڊڪندو پئي آيو. ڪو جانور هو جو سڄو ڪارو ٿيو پيو هو ۽ سندس سڃاڻپ به ڪمسڪل هئي. هو ٿاٻڙندو ۽ تڙندو پئي آيو. کاهي جي پرينءَ ڀر تائين پهچي اهو جانور ڪري پيو. ليننجن سڃاتو ۽ اهو ڦاڙهو هو، جو سڄو ماڪوڙين سان ڍڪيو پيو هو.

هو ڪو گهمندو ڦرندو وڃي ماڪوڙين جي فوج تائين پهتو. هن کي ڏسندي ئي ماڪوڙيون مٿس وري ويون هيون، ۽ دستور موجب اول سندس اکين تي ئي وار ڪيو هئائون. انڌو ٿي تِڙندو ٿاٻڙندو، هن وڌيڪ هنن کي ويجهو پوندو ويو هو، ۽ هاڻي ڦٿڪي ڦٿڪي اجل جو آڌر ڀاءَ ڪري رهيو هو.     

ليننجن کان اهو نظر ڏٺو نه ويو ۽ هن بندوق جو هڪ فائر ڪري، ان ساهواري کي تڙپي تڙپي مرڻ کان آجو ڪيو. پوءِ هن واچ ڪڍي وقت ڏٺو. هن لاءِ هڪ هڪ سيڪنڊقيمتي هو، پر ان هوندي به هن ڄاڻڻ پئي چاهيو، ته ماڪوڙيون پنهنجو ڪم ختم  ڪرڻ ۾ ڪيترو وقت وٺن ٿيون؟ هن جي ڏسندي ئي ڏسندي پنجن منٽن کان پوءِ، ڦاڙهي جا رڳو بنا گوشت هڏا وڃي بچيا! هن جي دماغ ۾ هڪ دفعو وري برازيلي آفيسر جا لفظ ڦرڻ لڳا، ”تون ٽي دفعا ٿڪ....“ ليننجن هڪ دفعو ٿڪ اڇلائي ۽ گهوڙي کي اڙي هڻي اڳتي وڌي ويو.

هن مان ڪالهوڪي اتساهه ۽ شوق ختم ٿي چڪو هو، ان جي جاءِ هاڻي ڪو سنجيدو ۽ جوش ڀريو مقصد هو. هن کي بهرحال ان دورزخي جيتن کي پنهنجي اَباڻي گهر اماڻڻو هو! پر اهو ڪيئن ٿي سگهيو ٿي؟ ڇاڪاڻ ته ائين پئي معلوم ٿيو، ته ماڪوڙيون هن کي ۽ هن جي ماڻهن کي کائڻ کان سواءِ واپس نه وينديون. هن اڳ ۾ دشمن جي طاقت جو گهٽ اندازو لڳايو هو.

گهڻي کان گهڻو خطرو اتي پئي نظر آيو، جتي کاهي اولهه کان ڏکڻ طرف پئي مُڙي. اتي پهچي، هن پنهنجي اندازي کان وڌيڪ خراب حالتون ڏٺيون. پاڻيءَ جي وهڪري پنن ۽ ماڪوڙين کي موڙ وٽ ائين اچي روڪي جهليو هو، ج کاهيءَ تي هڪ پَل ٺهي پيئي هئي.

ائين برابر هو ته مٽيءَ ۽ پيٽرول جي وسڪاري کين ڪناري تي چڙهڻ ڪونه پئي ڏنو. پر اهو به ڪيستائين؟- پنن جو تعداد جيئن پوءِ تيئن وڌندو پئي ويو. هن سوچيو گهڙيءَ کن کان پوءِ هڪ ميل اندر رڳو پن ئي پن نظر ايندا، جن تان ماڪوڙين کي پٺتي هٽائڻ بنهه ناممڪن ٿي پوندو.

ليننجن گهوڙو ڊوڙائيندو پل طرف روانو ٿي ويو. پل هڪ چڪري سان کولي ۽ بند پئي ڪئي ويئي. هن اتي بيٺل ڪڙميءَ کي هدايت ڪئي ته، هو هيڪر پل کي صفا بند ڪري، ايستائين جو پاڻي کاهيءَ ۾ وڃي تَر وٺي، جهٽ رکي پوءِ وري پل کي چڱيءَ طرح کولي ۽ جيئن سڄي کاهي پاڻيءَ سان تار ٿي وڃي، ۽ هو ائين تيستائين ڪندو رهي، جيستائين کيس وڌيڪ هدايتون نه ملن.

اهو طريقو منڍ ۾ ڪامياب ويو. کاهيءَ جو پاڻي تر تائين لهي ويو ۽ گڏوگڏ ماڪوڙين سان ڀريل پن به! پوءِ وري تار کاهيءَ جيترو پاڻي ڌوڪيندو آيو ۽ سڀني ماڪوڙين کي پنن سوڌو لوڙهيندو وڃي اوڀر واري ڇيڙي مان نديءَ ۾ داخل ٿيو.

ائين، رکي رکي ڪرڻ سان هنن جي پل واري تجويز ختم ٿي ويئي. پر وچ ۾ ڇڙوڇڙ ماڪوڙيون ا!ورينءَ ڀر پهچي چڪيون هيون. هنن کي اندر پهچي ڇا ڪرڻو هو؟ سو هنن ڀليءَ ڀت ڄاتو پئي ۽ ائين ڪرڻ ۾ ذرو به پٺتي نه پيون. جهت کان پوءِ هارين جي رڙين ۽ گارين سان سڄي فضا گونججي ويئي. هنن پنهنجون قميصون ۽ پتلونون لاهي ڇڏيون هيون ۽ هڪ ٻئي جي جسمن تان ماڪوڙيون پٽي پٽي لاهي رهيا هئا.

پاڻيءَ جي لاهه ۽ چاڙهه هلندو رهيو ۽ پن به لڙهندا ماڪوڙين سوڌا وڃي درياءَ داخل ٿي ٿيا. هڪ لڱا پاڻي صفا سڪي ويو ۽ وري نه چڙهيو. گهيري هيٺ آيل انسانن جو اسيڙو اجايو ويو. ليننجن محسوس ڪيو ته پل جي مشن سان صرور ڪانه ڪا ويڌن ٿي هئي. هڪ ڪڙميءَ جي اوچتين رڙين هن کي ويچارن جي دنيا مان ٻاهر ڪڍيو. هو رڙيون ڪري چئي رهيو هو. ”پهتيون ڙي پهتيون!“

***

جنهن وقت گهيري هيٺ آيل انسان پنهنجون سڀ قوتون جهنگ واري محاذ تي صرف ڪري رهيا هئا. ان وقت جهنگ جي پريان ۽ کاهيءَ جي اُلهندي ڇيڙي وارو ماڪوڙين جو لشڪر، هڪ فيصلي ڪن عمل لاءِ تياريون ڪري رهيو هو. ان جاءِ تي بچاءَ جا مورچا ڇڙوڇڙ هئا ۽ رهيا کُهيا ماڻهو به ڏکڻ- اولهه واري مورچي ڏانهن هليا ويا هئا.

جنهن وقت پل تي بيٺل ماڻهوءَ آخري ڀيرو پاڻي هيٺ ڪيو، ان وقت ماڪوڙين هڪ دفعو وري زور سان ڪاهه ڪئي ۽ درياءَ جي اٿل وانگر سُڪل کاهي ٽپي پار ٿي ويون. ان کان اڳ جو هو پل کولي، هن پاڻ کي ماڪوڙين ۾ گهيريل ڏٺو. حياتي هن کي به پياري هئي، ۽ هن پل ڇڏي وٺي نديءَ ۾ ٽپ ڏنو.

ليننجن کي اها خبر ٻڌندي ئي يقين ٿي ويو، ته سندس فصل جو پويون ڏينهن اچي ويو هو. هن ماڪوڙين کي منهن ڏيڻ سان وقت وڃائڻ واجب نه سمجهيو. جيستائين ٿوري به ڪاميابيءَ جي اميد هئي ته هو مڙس ٿيو بيٺو هو، پر هاڻي وڌيڪ منهن ڏيڻ، وقت وڃائڻ برابر هو. هو هوا ۾ ٽي پستول جا فائر ڪيا- اهو سندس ماڻهن کي اندر ۽ پوئتي هٽي وڃن جو اطلاع هو.ان بعد هو سڀ اندرئين گهر واري مورچي طرف ڊوڙيا.

اهو آخري بچاءَ جو مورچو ڪاهه واريءَ جاءِ کان ٻه ميل اندر تي هو. ان ڪري کين ٽين ۽ آخري لڙائيءَ جي تيارين لاءِ ڪافي وقت هو. کاهيءَ وارن حملن ۾ پيٽرول جي ٽن تلائن مان هڪ جو اڌ کپي چڪو هو ۽ باقي اڌ زير زمين نلين رستي، گهرن جي چوڌاري ٺهيل پڪي کاهيءَ ۾ آندو ويو هو.

ليننجن جا ماڻهو به ٽولا ٽولا ٿي هن وٽ پهچي ويا. انهن مان گهڻا پنهنجي چهرن تي ڇانيل نامردگي لڪائڻ جي ڪوشس ڪري رهيا هئا، پر سندن بي آرام اکيون ڀُرن جا گهنج ۽ منهن جي ڦڪائي ٻڌائي رهي هئي ته هو واقعي ڏاڍا ڊنل هئا. ان مان چٽو پئي سمجهه ۾ اچي سگهيو ته سندن بچاءَ ۽ مقابلي مان يقين کڄي چڪو هو. ليننجن هڪ دفعو وري پنهنجن هارين کي پاڻ وٽ سڏي ڪٺو ڪيو.

”منهنجا جوانؤ!“ هن خطاب شروع ڪيو، ”....ان ۾ ڪو شڪ نه آهي، ته اسان پهريون داءُ هارائي چڪا آهيون، پر توهان اطمينان ڪريو. فتح آخر اسان جي ئي ٿيندي، انسان جي عقل جي. نه ڪي خدا ئي شامت جي! توهان مان جيڪو مون سان متفق نه هجي، سو هاڻي ئي پنهنجو حساب ڪتاب چڪتو ڪري ۽ هليو وڃي. انهن لاءِ درياءَ ۾ ٻيڙيون تيار بيٺيون آهن، اڃا وقت اٿوَ، سوچي وٺو.“

پر انهن مان ڪوبه ڪين چُريو. ليننجن ان ماٺ کي اعتماد جو ووٽ سمجهي، هڪ ٽهڪ ڏنو. ”ڇوڪرؤ! مقابلو ڏاڍو ٿيندؤ! منهنجي خيال ۾ صبح تائين وري حملي جو امڪان ڪونه آهي، هڪ دفعو رڳو اها آفت ٽاري ڇڏيون، ته پوءِ توهان کي ججها انعام ڏيندس. هاڻي وڃي دلجاءِ ڪري مانيءَ ڳڀو کائو.“

ويڙهه ۽ مقابلي جي اتساهه ۾ سڄو ڏينهن ڪنهن به ڪرميءَ مانيءَ ڀور نه کاڌو هو. هاڻي جيئن ته ماڪوڙيون گهڻو پري هيون ۽ وچ ۾ پيٽرول جي کاهي به هئي، ان ڪري ٿڪل ٽٽل ڪاسبي، بکين پيٽن سان کاڌي تي وڃي ڪريا.

پڪيءَ کاهيءَ تي ٺهيل پُليون ڊاٺيون ويون. ايتري ۾ ماڪوڙيون کاهيءَ تائين پهچي چڪيون هيون. انهن پيٽرول ڏانهن غور سان نهاريو ۽ هيڏانهن هوڏانهن سونگهي، ڪجهه ويچار ڪري، پوئتي موٽي ويون. کاهيءَ جي هُن طرف جو ڪجهه هو، ان سان هنن کي خير ڪا دلچسپي هئي. في الحال انهن لاءِ ڪشش جو باعث ساوا کيت ۽ سرسبز باغات وغيره هئا. ڪلاڪ- ڏاڍ ۾ ئي سالن جي محنت ۽ جفاڪشيءَ سان ميلن ۾ پوکيل باغ ۽ فصل وغيره، ماڪوڙين جي بُک جي ڀيٽا ٿي ويا.

منهن اونداهي ٿي رهي هئي، جو ماڪوڙيون به وڌنديون اچي کاهيءَ سان لڳيونج. ليننجن ڪن ڦڙت ماڻهن کي بتين ۽ ٽارچن سان کاهيءَ جي چوڪداريءَ تي بيهاري وڃي پنهنجي آفيس ۾ ويٺو، ۽ ٿيل نقصان جو ڪاٿو ڪرڻ لڳو. کيس جيتوڻيڪ ڪافي ڇيهو رسيو هو، ته به سندس گڏ ڪيل دولت جي مقابلي ۾ اهو ايترو گهڻو نه هو، جو برداشت کان ٻاهر ٿي وڃي. هن اهڙيءَ آباديءَ جي رٿا ٺاهي، جا کيس ان نقصان جو معاوضو ٿوري ئي وقت اندر ڏئي پئي سگهي. آخر اطمينان جو ساهه ڀري، هو وڃي ستو ۽ صبح تائين آرام سان سُمهيو رهيو. هن کي ان ڳالهه جي ڪابه چنتا نه هئي ته ٻاهر سندس هڪ اهڙو دشمن منزل انداز هو، جيڪو اک ڇنڀ ۾ سندس هڏن تي چڙهيل سمورو ماس روڙي ٿي سگهيو.

***

صبح جو سج اڀرڻ سان گڏ ليننجن جي به اک کلي، ۽ هو پنهنجي گهر جي ڇت تي چڙهي ويو. هن جي اکين اڳيان هڪ ڀيانڪ ڏيک هو. هر طرف ميلن ۾ رڳو ڪارنهن ئي ڪارنهن هئي. ڀوائتين ۽ بکايل ماڪوڙين جو سمنڊ ڇوليون هڻي رهيو هو. اتر طرف کان سواءِ، جتان ندي پئي وهي، رڳو ڪاراڻ ئي ڪارن چمڪي رهي هئي. رستن جا وڪڙ، ٽڪريون ۽ پٿر جا ٺهيل بريڪ واٽر، سڀ ماڪوڙين سان ڪجي چڪا هئا.

سڄو فصل ۽ سڀيئي باغ ناس ڪرڻ کان پوءِ به هنن کي ڍؤ نه ٿيو هو. هاڻي هنن جون هٻڇي نگاهون ٻئي مال غنيمت تي هيون. چار سؤ ماڻهو، ڪيترائي گهوڙا، ٻيو مال ۽ اَن سان ڀريل گدام.

سڀني ائين پئي سمجهيو، ته پيٽرول واري کاهيءَ سبب کين پنهنجي مقصد ۾ گهڻي ڪاميابي نه ٿيندي، پر دشمن به ان کي پار ڪرڻ جو اٽل ارادو ڪيو هو. هو ان ۾ ڌوڪي پوڻ بجاءِ، ٻيون اٽڪلون ڪرڻ لڳيون. هنن هيڏانهن هوڏانهن پيل سُڪيون ٽاريون ۽ پن ڳولي، کڻي اچي کاهيءَ ۾ اڇلائڻ شروع ڪيا. ڪجهه وقت کان پوءِ هنن جو پٺيون لشڪر به ڪالهه وارا ڪم آندل تُرها کڻي. اچي پهتو.

جيئن ته پيٽرول پاڻيءَ وانگر وهي نه رهيو هو ۽ بيٺل هو. ان ڪري ان ۾ اڇلايل ڪک، پن ۽ ٽاريون اتي ئي بيهي رهيون، جتي اڇلايون ويون هيون. هڪ- ٻن ڪالڪن جي محنت کان پوءِ ماڪوڙيون اڌ کاهي ٽپي چڪيون هيون. آخرڪار سڀ تياريون پوريون ڪري، هنن هڪ فيصلي ڪن انداز ۾ حملو ڪيو.

هنن جو ڇوليون هڻندڙ لشڪر کاهيءَ ۾ هيٺ لٿو ۽ پيل ڪاٺين، ڪانن ۽ پنن تان وڌندو اچي کاهيءَ جي اندرئين ڪپر تي پهتو. هنن هڪ دفعو مٿي چرهڻ جي ڪوشس ڪئي.

ان سموريءَ ڪارروائيءَ وقت گهيري هيٺ آيل انسان، چپ چاپ رڳو هنن کي تڪي رهيا هئا ۽ بچاءَ ۾ آڱر به نه چوري هئائون. هنن کي پنهنجي مالڪ جي اها ئي هدايت هئي. ان ڪري هو چپ چاپ، مالڪ جي حڪم جو انتظار ڪري رهيا هئا.

سڄيءَ کاهيءَ جو مٿاڇرو ماڪوڙين سان ڍڪجي چڪو هو، ۽ انهن مان ڪيتريون ته اندرئين ڪپر تي مٿي به چڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيون هيون.

”هرڪو کاهيءَ کان هٽِ وڃي.“ ليننجن گجندي چيو. سندس پورهيت ڪنهن به منصوبي کان بيخر يڪدم پوئتي هٽي ويا. ليننجن هڪ پٿر کاهيءَ ۾ ڦٽو ڪيو، جنهن ماڪوڙين کي هڪ گول دائري جي شڪل ۾ پوئتي ڌڪي ڇڏيو ۽ پيٽرول ظاهر ٿي پيو. هڪ ماچيس جي تيلي ٻريل کاهيءَ ڏانهن اُڇلائي ويئي ۽ ليننجن بل ڏيئي پوئتي هٽيو. جهٽ کان پوءِ، هو سڀ باهه جي وڏي مچ جي گهيري ۾ اچي ويون.

ان ڳالهه تي سڀ ڪڙمي حيران ٿي ويا. هنن ٻارن وانگر خوشِءَ ۾ نچڻ شروع ڪيو. هنن ۾ ڪيترين چاهيو ٿي، ته مالڪ کي ڪلهن تي ويهاري خوشيءَ جو جلوس ڪڍن، پر هن کي سنجيدو ڏسي، هو ماٺ ٿي ويا.

گهڻيءَ دير کان پوءِ پيٽرول سڄو ٻري ويو ۽ باهه جا اُلا گهٽجي گهٽجي ختم ٿي ويا. ڪيتريون ئي ماڪوڙيون پوئتي هٽي ويون هيون ۽ ڪيتريون ئي کاهيءَ جي ويجهڙائيءَ ۾ مُيون پيون هيون. هنن کي اطمينان ٿيو ته سندن باهه واري ترڪيب گهڻو ڪامياب ٿي چڪي هئي.

انهيءَ ترڪيب تي وري به عمل ڪيو ويو. هن ڀيري ماڪوڙين کي کاهيءَ پار ڪرڻ ۾ گهٽ تڪليف ٿي. ان ڪري جو کاهيءَ ۾ آندل پيٽرول جو اڌ حصو ته ٻري ويو هو. هڪ دفعو وري لکين ماڪوڙيون باهه جو بَک ٿي ويون.

پر ماڪوڙين جي ارادي ۾ اڃا ڪابه ڪمزوري ڪانه آئي هئي. هر پوئتي هٽايل وِک، هنن لاءِ ساهي پٽڻ پئي ٿابت ٿي. کاهيءَ جو مٿاڇرو ٿڌو ٿيڻ لڳو ۽ باهه جا ننڍا شوشا به وسامي ويا، ته ماڪوڙيون وري اڳتي وڌيون.

ڍهڪ دفعو وري کاهي پيٽرول سان ڀري ويئي. ڇا، ماڪوڙين اهو نه پئي ڄاتو، سندن اهي سڀيئي ڪوششون بيڪار هيون؟ سندن قربانيون اڦل هيون؟ ڇا، واقعي ائين هو به سهي؟ ها اهو ائين ئي هو، بيڪار ۽ اڦل،- بشرطيڪ هنن وٽ پيٽرول جو ڪافي ذخيرو هجي ها!

جڏهن ليننجن ويچار ڪندي ان حقيقت تائين پهتو، ته پهريون دفعو هن پنهنجي يقين ۽ اعتماد کي لُڏندي محسوس ڪيو، هن جو سارو جسم ڄڻ ته سڙڻ لڳو هو. هن پنهنجي قميص جا بٽڻ کولي، گلو ڍرو ڪيو. جي هڪ دفعو ماڪوڙيون کاهي ٽپي آيون، ته پوءِ سندن بچڻ اڻٿيڻي ڳالهه هئي. هن جي لونءَ لونءَ ڪانڊارجي ويئي. ڪهڙو نه ڀوائتو موت هو!

باهه جي ڄين ٽيون دفعو به پنهنجو ڪم ڪيو ۽ لکين ماڪوڙين کي رک جو ڍر ڪري ڇڏيو. پر ماڪوڙيون اڃا به اڳتي وڌي رهيون هيون. ڄڻ ته ڪجهه ٿيو ئي ڪين هو! اوچتو هڪ اهڙي ڳالهه ٿي جو ليننجن جا هوش ئي اڏامي ويا. کاهيءَ ۾ پيٽرول اچڻ بند ٿي ويو هو. ڪا شيءِ پيٽرول کي کاهيءَ ۾ اچڻ کان روڪي رهي هئي. تلاءَ جي منهن ۾، ڪا شيءِ اتڪي پيئي هئي، ڪو مئل ڪتو يا نانگ وغيره. ڪجهه به هو، پر ماڪوڙين جو روڪجڻ ڏکيو پئي نظر آيو، ايستائين جيستائين ڪنهن نه ڪنهن حيلي سان پيٽرول کاهيءَ ۾ آندو وڃي.

اوچتو هن جو خيال انهن ٻن باهه وسائڻ جي مشينن ڏي ويو، جيڪي مدت کان نوڪرن جي گهرن پٺيان بيڪار پيون هيون. نوڪرن ڦڙتائيءَ سان اهي پيٽرول جي تلائن تائين آنديون. مشينون هلائي، اول هنن مٿي چڙهي آيل ماڪوڙين کي ماريو، ۽ پوءِ کاهي وري پيٽرول سان ڀري ڇڏي. هڪ دفعو هنن جي چوڌاري وري بچاءَ جو بند ٻڌجي ويو. هو وري کڙا تڙا ٿي ويا- ٿوري لاءِ!

***

اهو بلڪل صاف ۽ ظاهر هو ته اها آخري ڪوشش، موت کي هڪ- ٻه ڪلاڪ مهمل ڪرڻ لاءِ هئي. ڪي ڪاسبي، گوڏن ڀر ويهي عبادت ڪرڻ لڳا ۽ ٻيا چرين وانگر وائڙا ٿي، اجايو هيڏي هوڏي ڊڪي رهيا هئا. هو ايترو ته بيوس ٿي چڪا هئا، جو پاڻ کي قسمت جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏنو هئائون.

آخرڪار ٻه هاري ته صفا دل هاري ويٺا هئا. هڪڙوهاري ڊڪندو ڊڪندو کاهي ٽپي نديءَ طرف ڊڪڻ لڳو، ۽ پوءِ ٻيو به ان جي پڍيان ڀڳو. هو بي اختيار نديءَ طرف ڊڪندا پئي ويا، پر سندن ڀاڄ کين جيئدان نه ڏيئي سگهي! ان کان اڳ جو هو نديءَ جي پتڻ تي پهچي سگهن، ٻيئي ماڪوڙين جو کاڄ ٿي ويا.

ليننجن وري هڪ دفعو سوچ ۾ غرق ٿي ويو. اهڙي ڪا تجويز به آهي، جنهن سان انهيءَ دوزخي فوج کي پنهجي ماڳ موٽائجي؟

هن جي ٿڪل ۽ پريشان ذهن ۾ اوچتو ئي اوچتو هڪ ترڪيب آئي. اها ئي واٽ باقي وڃي بچي هئي، ۽ اها هئي به ممڪن ۽ سولي، کاهيءَ جي پل وٽان نديءَ ۾ اُٿل آڻڻ سان سڄي ماٿري ٻوڙڻ آسان هئي. نديءَ جو تَر ڪافي مٿي هو. پوکن ۽ نديءَ جي وچ ۾ هڪ پٿرن جو بريڪ واٽر ٺهيل هو، جو به ندي4 جي چاڙهه ڪري، ان جي ليول کان گهٽ هو. اهو سيلابي پاڻي آسانيءَ سان ڪلاڪ- ڏيڍ اندر، سڄي آبادي پنهجي ڀاڪر ۾ آڻي پئي سگهيو.

سندس گهر ۽ گدام هڪ ننڍيءَ پهاڙيءَ تي، درياءَ جي سطح کان گهڻو مٿي هئا، ان ڪري انهن جي ٻڏڻ جو ڪو امڪان ئي ڪونه هو. ان هوندي به جيڪي ماڪوڙيون لڙهي لمي ٽڪري4 تي پهتيون به، ته انهن کي پيٽرول سان مارڻ ڪو ڏکيو ڪم نه هو.

اهو سڀ ممڪن هو. بشرطيڪ ڪو شخص ان بند تائين پهچي سگهي! ان بند واريءَ پل ۽ گهرن جي وچ ۾ ٻه ميل مفاصلو هو. ۽ انهن ٻن ميلن ۾ رڳو ماڪوڙيون ئي ماڪوڙيون هيون. ان کان اڳ ٻه ڪڙمي پنهنجي حياتي ڏئي به رڳو ان فاصلي جو پنجون حصو طي ڪري سگهيا هئا! ڇا، انهن ۾ ڪو اهڙو بيڊپو ۽ ڦڙت هاري به هو، جيڪو مئلن کان به پنجوڻو تکو ڀڄي سگهي ها؟ نڪو، مشڪل! جي کڻي ڪو هجي ها، ته ان جو پُل تائين پهچڻ ناممڪن هو.

سواءِ ان جي ٻيو ڪو به رستو نه بچيو هو، ته هو پاڻ ان پل تي وڃي. ”هتي ويهي موت جو انتظار ڪرڻ جي بجاءِ ڪجهه ڪرڻ گهرجي.“ هن سوچيو. شايد اهي ماڪوڙيون ايترو ڀوائتيون ۽ خطرناڪ نه هيون، جيترو هن محسوس پئي ڪيو.

ماڪوڙيون چوٿون دفعو کاهي ٽپڻ جي ڪوشش ڪري رهيون هيون. ليننجن پنهنجي ڪرسيءَ تان اٿي بيٺو. ڇوڪرڀ! هيڏي اچو.“ هن وڏي وات چيو. هوريان هوريان ڪڙمي وڌي هن جي ويجهو اچي بيٺا. هنن جي چهرن تي موت جي دهشت طاري هئي.

”ٻڌو، ڇوڪرؤ!“ هن زور سان ڳالهائڻ شروع ڪيو. آءٌ سمجهان ٿو ته توهان ماڪوڙين کان وڌيڪ خائف آهيو، پر مون کي توهان تي فخر آهي. آءٌ اڇا به توهان کي بچائي ٿو سگهان. اڃا به هڪ رٿ آهي، ۽ اها آهي سڄيءَ وسنديءَ کي درياءَ جي اُٿل هيٺ آڻڻ. هاڻي توهان مان هڪڙو ڄڻو مڙسي ڪري وڃي پل تائين پهچي، پر اهو ٻڌي ڇڏيو ته ان همراهه جو موٽي اچڻ مشڪل آهي. توهان دلگير نه ٿيو. آءٌ توهان مان ڪنهن کي به اهو سر جو سودو ڪرڻ نه ڏيندس. آءٌ پاڻ کي ماڪوڙين کان وڌيڪ وحشي ۽ هيوان سڏائڻ پسند نٿو ڪريان. اهو ڪم آءٌ پاڻ ڪندس. آءٌ جان جوکي ۾ وجهندس.“ سڀيئي ماٺ ڪريو بيٺا رهيا.

”جنهن وقت آءٌ پُل تي پهچي وڃان، ان وقت توهان کاهيءَ واري پيترول کي باهه ڏجو، ڇو جو درياءَ جي پاڻيءَ کي هت پهچڻ ۾ ڪجهه وقت لڳندو. ان کان پوءِ، توهان ماٺ ڪري ويهي رهجو، جيستائين آءٌ موٽي اچان، آءٌ موٽي ايندس، ضرور ايندس، توهان يقين ڪريو.“ هن ڏند ڪرٽيا ”پر پنهنجي مهم پوري ڪرڻ کان پوءِ.“

هن پيرن تي ڊگها چم جا بوٽ چاڙهيا ۽ هٿن تي دستانا. هن بوٽ ۽ ٽنگن، دستانن ۽ ٻانهن جون وٿيون پيٽرول ۾ تر ٿيل ڪپهه سان بند ڪيون. اکين کي بچائڻ لاءِ هن عنيڪ چارهي، ڇو جو هن ڄاتو پئي ته ماڪوڙيون پهريائين پنهنجي شڪار جي اکين تي وار ڪنديون آهن. آخر ۾ هن پنهنجا ڪن ۽ نڪ ڪپهه سان بند ڪيا، ۽ ڪڙميءَ کي مٿان پيٽرول اوتڻ لاءِ چيو.

هن اڃا موڪلايو ئي پئي، ته ڪراڙو حڪيم ڪڙمي وٽس آيو. هن پاڻ سان هڪ اهڙو پاڻياٺو مرڪب آندو هو، جيڪو ماڪوڙين لاءِ ڄڻ موت هو. هن اهو مرڪب ليننجن جي سڄي بت تي ڇڙڪيو.

ڪراڙي حڪيم کي ڏسي ليننجن کي اها دوا به ياد آئي، جنهن جي واپرائڻ سبب ماڪوڙين جي ڏنگ جو اثر زائل ٿي ويو ٿي. حڪيم هن کي هڪ گلاس ان دوا جو به ڏنو، جو هو هڪ ئي ڳيت سان پيئي ويو، هن جي ذهن ۾ رڳ هڪڙو ئي خيال هو، ڪهڙيءَ به حالت ۾ پل تائين پهچي وڃڻ گهرجي.

هو کاهيءَ جي اتر واريءَ لاهيءَ کان هيٺ لهڻ لڳو. هڪ تپي سان هو کاهي ٽپي، هن ڀَر ٿيو، هاڻي هو ماڪوڙين جي وچ ۾ هو.

مٿانهينءَ تي ويٺل هاري، اهو چڱي طرح ڏسي نه سگهيا، ته ليننجن ڪهڙيءَ ريت موت سان مقابلو پئي ڪيو. ماڪوڙيون اڃا به کاهي ٽپڻ جي ڪوشش ڪري رهيون هيون، وري چوڌاري باهه جو حلقو ٺهي ويو. ان ڏينهن چوٿون دفعو مقامي هارين جي ڪارن چهرن تي باهه جا شعاع پئجي رهيا هئا. باهه جون ڳاڙهيون، پيليون ۽ نيريون چِڀيون کنوڻ جيان وراڪا ڏئي رهيون هيون، شايد چئن سون هارين جي موت جي ماتمي جلوس جون تياريون ٿي رهيون هيون.

***

ليننجن ڊوڙڻ لڳو. هو ڊڪندو ويو، هڪ چال سان، هڪ خيال سان، ۽ هڪ ئي ارادي سان. هن کي ماڪوڙين سان سٿيل ميدان ٽپڻو هو. هو هر هڪ ٽاريءَ ۽ شاخ کان پاسو ڪندو. ڀڄندو پئي ويو. هن ڄاتو پئي، ته جي هڪ سيڪنڊ لاءِ به زمين تيپير بيٺو ته ماڪوڙيون چڙهي اچڻ ۾ دير نه ڪنديون ۽ پيٽرول ۽ دوا جي به پرواهه نه ڪري، کيس کائي وينديون. پر پُل تائين پهچڻ جو اٽل ارادو، هن کي اڳتي ڌڪيندو ويو.

مرڪب ۽ پيٽرول جو اثر ڳپل وقت تائين رهيو. پر اڃا هن اڌ پنڌ به پورو نه ڪيو، جو پنهنجي بت تي هڪ- بن ماڪوڙين کي چرندو محسوس ڪيائين. هو هنن تي تيزيءَ سان هٿ واريندو، لاهيندو ۽ ماريندو پئي ويو ۽ پُل کي ويجهو پوندو پئي ويو. فاصلو گهٽبو ويو، گهٽبو ويو، ٽي سؤ- ٻه سؤ ۽ سؤ وال.

نيٺ هو پُل تي پهچي چڪو. هن جا هٿ ماڪوڙين سان ڀريل چڪري ۾ ڦٻجي ويا ۽ هن ان کي ڦيرائڻ شروع ڪيو. هن جي هٿ وجهڻ سان ئي ماڪوڙيون سندس ٻانهن تان ڊڪنديون ڪلهن تائين پهچي ويون. ليننجن چرين وانگر چڪري کي ڦيرائيندو رهيو. هن پنهنجو وات بند ڪري ڇڏيو....

هو چڪر ڦيرائيندو رهيو. پاڻي ٻارنهن فوٽي کاهيءَ مان اٿل کائي چڪو هو.پاڻيءَ جي تيزي ۽ کاڌ سبب بريڪ واٽر ۾ گهارو پئجي ويو ۽ زمين ٻڏڻ شروع ٿي. ايتري ۾ پيٽرول ۽ دوا جي اثر هوندي به، هن جا ڪپڙا ماڪوڙين سان ڀرجي چڪا هئا. ڪيتريون ته هن جي ڪپڙن اندر به هليون ويون هيون. جوش ۽ تڪڙ ۾ هن کي ڪابه خبر نه هئي، پر جيئن ئي هن پنهنجو ڪم پورو ڪيو، ته کيس ماڪوڙين جي چڪن ۽ ڏنگن جو ايذاءُ محسوس ٿيڻ لڳو.

هن پاڻ کي نديءَ ۾ کڻي اڇلايو ۽ ماڪوڙيون سندس بت کان جدا ٿي ويون. پوءِ هو پاڻيءَ مان نڪري، ڊڪندو ڊڪندو بريڪ واٽر تان، پنهنجن گهرن ڏانهن روانو ٿيو. هو دستانن ۽ بت تان ماڪوڙيون لاهيندو، اڇلائيندو پئي ويو. هو سڄو رتوڇاڻ ٿي چڪو هو. هڪ ماڪوڙيءَ کيس عنيڪ هيٺان چڪ پاتو، هن هٿ واري ان کي لاهي هيٺ ڦٽو ڪيو. پر ڏنگ جي اثر سبب سندس اکين اڳيان اوندهه ٿي ويئي. هن ڌنڌ ۾ به اڳيان ٻرندر باهه جو مچ چڱيءَ طرح پئي ڏٺو. هو انڌو ٿي به ڀڄندو رهيو. هن چاتو پئي ته جو هي ڪٿي به ڪِريو يا رڪيو ته...ڪراڙي ڪڙميءَ جي ودوا به ايترو ڪارائتي ٿابت نه ٿيندي. هن زهر جي اثر کي ڪي ڪجهه جهڪو ته ڪيو هو، پر صفا زائل نه. هن جي دل زور سان ڌَڪ ڌَڪ ڪرڻ لڳي ۽ سندس ڪنن جا پردا ڦاٽڻ لڳا. هن جي نظرن اڳيان وري هڪ دفعو ڦاڙهي جي موت وارو منظر اچي ويو. هڪ دفعو وري هن جي جسم ۾ ڦڙتي اچي ويئي.

سندس ڦڦڙن ۾ وري چڻ هوا ڀرجي ويئي، هن جي اکين جو سوجهرو وري موٽي آيو. باهه جا شعلا جي جهڪا پئي ٿيندا ويا، اڃا گهڻو پري هئا. هن اڃ ااڌ ڪلاڪ پنڌ به نه ڪيو هو. هن جي پيشانيءَ تي ڪترائي خيالي خاڪا اُڀرندا رهيا. انهن سڀني ۾ ماڪوڙين سان مقابلي جا نظارا هئا، سندس ماضيءَ جا! ”اهڙا خيالي منظر ته ماڻهو رڳو مرڻ وارين گهڙين ۾ ئي ڏسندو آهي.“ هن سوچيو هو.

رستي ۾ هڪ وڏو پٿر پيوهو، تيز ڊوڙندي ان کان پاسو ڪري نڪرڻ جي طاقت هن ۾ ڪانه رهي هئي. هو ٿاٻڙيو ۽ ڪري پيو. هن اٿڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ائين محسوس ڪيائين، ڄڻ ڇِڀ مٿان ڪِري هيس. اهو بلڪل ناممڪن هو، هو ته چُري به نه پئي سگهيو!

هڪ دفعو وري هن جي خيال ۾ ان ڦاڙهي جي صورت آئي، جنهن کي ماڪوڙين پنجن منٽن ۾ کائي کپائي ڇڏيو هو. ٽي دفعا ٿڪ اڇلائڻ کان به اڳ ۾...... اف! هو ائين مرندو! ڪنهن ڳجهيءَ طاقت هن کي اٿارڻ تي وري مجبور ڪيو. هو ڪجه لُڏيو لمَيو ۽ ٿاٻڙندو اڳتي ڊُڪيو.

هن جنهن وقت کاهيءَ جي باهه تان ٽپو پئي ڏنو، ان وقت هو بلڪل ڀوت پئي نظر آيو. سڄوئي ماڪوڙين سان سٿيو ڪارو ٿيو پيو هو. پرينءَ ڀر ڪرندي ئي هو بيهوش ٿي ويو. ليننجن جي حياتيءَ ۾ اهو پهريون دفعو هو، جو هن هوش وڃايو هو. هو قبر مان نڪتل مردو پئي لڳو. ڪڙمي وٽس ڊوڙندا آيا ۽ ڪپڙا لاهي، جسم تان ماڪوڙيون پئي جدا ڪيائون. هن جو سڄو جسم هڪ کليل زخم وانگر پئي نظر آيو. ڪٿان ڪٿان ته هڏا به نظر اچي رهيا هئا. هو کيس گهر کڻي ويا.

جڏهن باهه وسامي ويئي، ته هنن ڏٺو ته جتي دشمن جو پڙاءُ هو، اتي رڳو ڇَارَ جي اڇاڻ ئي اڇاڻ هئي. درياءَ جو تيز وهڪرو ماڪوڙين کي به پاڻ سان گڏ  ڌڪيندو هيٺانهينءَ ڏانهن پئي وَهيو. گهرن واري ٽڪريءَ جي چوڌاري رڳو پاڻي ئي پاڻي هو. ٽڪريءَ تي چڙهڻ ۾ ڪابه ماڪوڙي ڪامياب نه ٿي هئي، ڇو جو هن طرف کين وري باهه جو بک پئي ٿيڻو پيو.

اهڙيءَ ريت، پاڻيءَ ۽ باهه، ٻن مصيبتن ۾ ڦاسي، هو اهڙي اَوڙاهه ۾ وڃي ڪِريون، جتان سندن موٽڻ محال هو. پاڻيءَ کين گهلي وڃي کاهيءَ جي اوڀر واري ڇيڙي کان نديءَ ۾ ڦٽو ڪيو هو.

کاهيءَ جي باهه اجاهمي چڪي هئي ۽ پاڻي به هوريان هوريان وڌي رهيو هو. پاڻيءَ جي موٽي نديءَ ۾ ڪرڻ واري جاءِ تي، جيئن ته ڪيتريون ئي ڪاٺيون ڪانا وڃي ڪٺا ٿيا هئا، ان ڪري نيڪال گهٽ هئڻ سبب مٿاڇري ۾ واڌ پئي ايندي ويئي. پاڻي هاڻيان بريڪ واٽر جي مٿان وهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، جتي دشمن جا آخري مورچا موجود هئا. اتي ويٺل ماڪوڙيون ساهه بچائڻ لاءِ خشڪيءَ ڏي وڃڻ ون ڪوششون ڪري رهيون هيون، پر اتي سندن آجيان پيٽرول سان پئي ڪئي ويئي.

* * *

ليننجن پنهنجي هنڌ تي ستو پيو هو. سندس سڄو جسم ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين پيٽن سان ٻڌو پيو هو. دوائن ۽ ٽاڪور سبب هاڻي هن جو رت وهڻ به بند ٿي ويو هو ۽ زخمن جي به مرهم پٽِ ڪئي ويئي هئي. سڀ ڪڙمي هن جي چوگرد بيٺا هئا ۽ سڀني جي ذهنن ۾ هڪ ئي سوال هو، ”ڇا هو بچندو؟ هي هرگز نه مرندو، ڪڏهن نه مرندو!“ ڪراڙي حڪيم جنهن هن جي مرهم پٽي ڪئي هئي، تنهن چيو، ”ڇاڪاڻ جو هو مرڻ نٿو چاهي. هن اڄ موت کي به شڪست ڏني آهي. الله جي آندل آفت ٽاري آهي. هي ڪڏهن به نه مرندو.“

ليننجن پنهنجيون اکيون کولي سڀني ڏانهن نهاريو. ”سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي نه؟“ هن پڇيو. ”ويون جهنم جي تري ۾.“ ٽهل ٽڪور ڪندڙ ڪڙميءَ وراڻيس. هن پنهنجي مالڪ ڏانهن ننڊ آڻيندڙ دوا جو گلاس وڌايو، جو وٺي هو هڪ ئي ڳيت سان پي ويو.

”مون توهان کي چيو نه پئي، ته آءٌ موٽي ايندس.“ هن هوريان هوريان ڀڻڪيو، ”ڏسو آءٌ موٽي آيو آهيان. آءٌ داءُ کٽي آيو آهيان. هن هلڪو ٽهڪ ڏنو، ۽ کيس ننڊ اچي ويئي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com