سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: ڪولاج ٿيل شخص جو پورٽريٽ

باب: --

صفحو :6

گهٽيءَ ۾ الوپ ٿي ويل وجود

 

رات پئجي چڪي هئي ۽ پارو پئي رهيو هو. هن آخري پيگ ۾ Golden Drops” اوتيندي چيو:

 Golden Drops” يار، هي گولڊن ڊراپس گلن تي پکڙيل ماڪ جيان هوندا اٿئي ٻيلي خيال سان، جي هڪ به ڊراپ زمين تي هارجي پيو ته پوءِ ملائڪ به شرابي بڻجي پوندا.“

” وڏو حرامي آهين، ملائڪن کان به نٿو مڙين.“

”نه ڳالهه ملائڪن جي ناهي، ڳالهه Golden Drops” جي آهي. جي سچ پڇين ته سڄي ڄمار آخري پيگ ۾ گولڊن ڊراپس لاڙڻ کانپوءِ ئي شراب جي اصل مستي محسوس ڪئي اٿم.“

” چوين سچ ٿو، جنهن مائي جي لال شراب ۾ گولڊن ڊراپس ناهن اوتيا اهو شرابي ئي ناهي.“

ائين سمجهه ڄڻ پوليو جا ڊراپس پياريئي، جي هڪ به ڊراپ هيٺ ڪريو پاڻکي پوليو ٿي پوندو.“

” پوليو‍‍‍‍‍‍‍ ‍‍....!!“

” ها، پوليو..“

ٻئي ڄڻا ٽهڪ ڏيندي شراب جيان ڇلڪي پون ٿا.

” اڄ چڙهي وئي اٿئي جو ٽوڻن جي بارش ڪري ڏني اٿئي.“

” ها، اڄ ته سرور ڏيئي ڇڏيئي.“

ٻئي ڄڻا نشي ۾ ٽٻ هڪ ٻئي جي سامهون ويٺا اکين ئي اکين ۾ ڳالهائڻ لڳن ٿا.

” ڏس هوا به جهومي پئي.“

” ها لڳي ٿو هوا به سرور ۾ آ.“

ٻئي ڄڻا آخري پيگ خالي ڪندي خاموش ٿي وڃن ٿا. خالي خالي گلاس ۾ جوهه پائي چوي ٿو.

” مڌ پيئندي مون، ساجن سهي سڃاتو.“

” نه، مزو خراب نه ڪر، ساجن ٻاجن جو ذڪر نه ڪجان. هن جو ٿورو به ذڪر ڪيئي ته ٺونشا هڻندو سانءِ. مزو نه وڃاءِ، هن جو ذڪر ڪري روئي پوندين، پوءِ توکي ڪير پرچائيندو؟ پاڙي وارا گڏ ٿيندا ۽ پڇاڻو ڪندا اڌ رات جو ڇو ٿو روئي؟ ڏس مڙس ماڻهو ٿي ساجن ٻاجن نه...“

” توسان به سور نه سليان ته پوءِ ڀلا ٻيو ڪنهن سان؟.“

” نه ، تو هن کي وسارڻ جو وعدو ڪيو هو.“

” هن کي ياد ئي انڪري ڪندو آهيان، جيئن وسري وڃي.“

”نه، اڄ گهڻو پيتو اٿئي، چنڊ جهڙي زال ملي اٿئي، تنهن سان پريم ڪر، ڇڏ ماضيءَ کي ڇا رکيو آ پرينءَ جي ڳالهين ۾.“

” بيشڪ منهنجي زال چنڊ جهڙي آهي، پر هن جي چپن تي ڪنهن ٻئي جي چپن جا نشان آهن. مان انهن چپن تي پيار جي چمي ڏيئي نٿو سگهان. پهريون پيار ڪير ٿو وساري سگهي؟ نه، مان ۽ نه منهنجي زال“.

” اٿ هاڻي گهر وڃ. گهڻو پيتو اٿئي. مزو خراب نه ڪر.“

” چئبو ته تون به تنگ ٿي ويو آهين.“ ڏکاري لهجي ۾ چويس ٿو.

” ڇڏ نخرا، ٻڌاءِ، وڃي ڇا ڪندين؟“ پيار منجهان پڇيس ٿو.

” وڃي معمول جيان دروازي جو ٻاهريون ڪڙو لاهيندس.“

” پوءِ ڇا؟“

 تجسس مان پڇيس ٿو.

” ڇا وري ڇا؟ ڪڙو لاهيندم ته هوءَ مونکي نرم گرم ٻانهن ۾ ڀري بيڊ تي سمهاريندي. بوٽ لاهيندي. جورابا لاهيندي، پوءِ سمورا ڪپڙا لاهي ڄور، جيان چهٽي پوندي. چميون ڏيندي. مان نشي ۾ ٻڏل گولڊن ڊراپس جا مزا پيو ماڻيندس ۽ هوءَ لانگ ورائي گهوڙي سواري ڪندي.“

” وڏو حرامي چئبين، گهوڙي سواري ٿو چوين؟“

” ها ٻيو نه ته ڇا، تون به گهوڙي سواري جو مزو وٺي ڏس.“

” هاڻ هل، ريس نه ڏيار. اڄ مان به گهوڙو ٿيندس ۽ هن کان گهوڙي سواري ڪرائيندس.“

گڏيل ٽهڪ ڏين ٿا.

هو ٽهڪ ڏيندو هن جي اوطاق مان نڪري ٿو اچي. نشي ۾ ٽٻ پير پير ۾ پائيندو پنهنجي گهر ڏانهن ويندڙ گهٽين ۾ ڪنهن فاتح جيان پروقار نموني وڌندو وڃي ٿو.

اڄ کيس سمورو جڳ جهومندو نظر ٿو اچي. ائين ٿو ڀانئين ڄڻڪ سمورو جڳ سندس اکين ۾ اوتجي آيو هجي ۽ جي هو اکيون پوري ڇڏيندو ته سموري ڪائنات اوندهه جي ور چڙهي تباهه ٿي ويندي. هن جا ڇپر ڳورا بڻجي بند ٿي وڃن ٿا ته هو زور مس سان اکيون ڇنڀيندي کولي ٿو. ڄڻ ڪٿي سندس اکين ۾ اوتيل ڪائنات مرجهائجي نه وڃي.

هو اکين ۾ اوتيل ڪائنات کي تباهه ڪرڻ نٿو چاهي. ڇاڪاڻ ته هو ان ڪل ڪائنات جو بادشاهه ۽ خود خدا آهي. ڀلا خدا پنهنجي سموري ڪائنات تباهه ڪندو؟ هو ان خوف کان به شراب کان ٻوٽجي ويندڙ اکيون نٿو بند ڪري ڇاڪاڻ جو اها ڪائنات جا هن پنهنجي اکين ۾ سموئي ۽ قيد ڪري ورتي آهي. ان ڪل ڪائنات منجهه سندس پيار جا اولڙا ۽ پيار جا منظر به آهن، جن کي هو اکيون پوريندي تباهه ڪرڻ نٿو چاهي. هو ويران گهٽين مان فاتح جيان گذرندي چوندو ٿو وڃي.

” مان، مان... اهو خدا آهيان، جنهن جي خدائي پنهنجي پيار کي پائي نه سگهي ۽ هوءَ مونکي تنهائين جو روڳي بڻائي هلي وئي“.

هو خاموش ٿي وڃي ٿو.

” مان تو کي سگريٽ جي آخري ڪش ۽ گولڊن ڊراپس جي نشي جيان وساري نٿو سگهان.“

اکيون پورجي وڃنس ٿيون ته ائين ٿو لڳيس ڄڻڪ سندس اکين ۾ اوتيل ڪائنات ڊهي ڊانواڊول ٿي وئي هجي ۽ آسمان سندس پيرن هيٺان اچي چيڀاٽجي ويو هجي. اکيون کڻي آسمان ڏانهن ڏسي ٿو ته ڪاراڻ نظر اچيس ٿي ۽ چپن تي فاتحانه مرڪ تري اچيس ٿي.

ٿڙندو ٿاٻڙجندو آهستي آهستي چپن ۾ جهونگاريندو وڃي ٿو. ايڏي پاري جهڙي سردي ۾ گهٽيون ويران ۽ سنسان لڳيون پيون آهن. رستا، روڊ، ڀتيون، مسجدن جا مينار، ڀتر، پول کيس سندس اوسيئڙي ۾ بيٺل ماڻهو لڳن ٿا. هو انهن سان ڳالهائيندي هٿ لوڏيندي ڄڻ کين سلام ڪندو اڳتي رڙهڻ لڳي ٿو. پنهنجي گهر جي گهٽيءَ جي مهڙ ۾ داخل ئي مس ٿئي ٿو ته اتي ويٺل ڪتو الر ڪري مٿائنس ڀونڪڻ لڳي ٿو.

” تون مون تي ڀونڪين ٿو. ڏسين نٿو اڄ سڄي دنيا جهومي رهي آهي ۽ تون مون تي ڀونڪي رهيو آهين. بيهه ڪتي جا پٽ، اڄ مان توتي ٿو ڀونڪان. هائو، هائو... هو ڪتي مٿان بيهي ڀونڪندو رهي ٿو. جهٽ جي خاموشيءَ کانپوءِ وري ڪتي کي چوي ٿو.

” ڪتا، تون ڳالهاءِ.... مان اڄ ڀونڪندس.“

هو ڳالهائيندو رهي ٿو. ڪتو خاموشيءِ مان کيس تڪيندو ٿو رهي. جي ڪتا ڀونڪڻ ڇڏي ڏين، تڏهن ماڻهو ڀونڪڻ لڳندا. هو نشي ۾ ٽٻ ڪتي جي ڀر ۾ ويهي رهي ٿو. ڪتو سرڪي هن کان ٿورو پرتي بيهي کيس گهورڻ لڳي ٿو.

” تون به مونکان ٽهين ٿو. مونکي پنهنجو دوست ڄاڻ، اچ ته توکي پنهنجي رام ڪهاڻي ٻڌايان. شاباش ٻچي کي هيڏانهن اچ.“

ڪتو هوريان هوريان ويجهو اچي هن جي پيرن ۾ ويهي رهي ٿو.

” اڙي واهه! تون ته هڪ ٻچڪر سان هليو آئين. جنهن کي دل ڏنم، تنهن هڪ به نه ٻڌي، ۽ جنهن ڄڻيو پاليو تاتيو ڪتن وانگر ڇڏي يار سان ڀڄي وئي ۽ تون...“ سندس دل ڀرجي اچي ٿي. هو روئڻ چاهيندي به روئي نٿو سگهي.

” ٻڌاءِ ڪتا، توکي ڪهڙا سور ٻڌايان؟“

ڪتو فقط هن کي تڪيندو ئي رهي ٿو ڄڻڪ هن جون ڳالهيون سمجهڻ لڳو هجي ۽ جنهن ڏينهن ڪتا انسانن جي اندر جي ڪرڀ کي سمجهڻ لڳا ان ڏينهن انسان ڪتن کي پنهنجو هم راز بڻائيندو.

” توکي ڪتو چوندي لڄ، ٿي اچي. نه نه، توکي ڪتو نه چوندس، توکي خبر آ. تون ڪيڏو نه وفادار آهين. گهرن جي رکوالي ڪندو آهين. سڄي رات جاڳندو آهين. خبر اٿئي، ڇا چوندا آهن ماڻهو تو لاءِ؟ ” ڪتو. ڪتو، ڇا ڄاڻي ڪڻڪ جي مانيءَ مان.... تنهنجي توهين ٿا ڪن. اڄ کانپوءِ رکوالي، چوڪيداري ڪرڻ ڇڏي ڏي. احتجاج ڪر ته ائين چون، ”ماڻهو ڇا ڄاڻي ڪڻڪ جي مانيءَ مان.“ هو چپ ٿي وڃي ٿو.

” ها تنهنجو نالو ٿو رکان، ” ٽوني بابا“ ڪيڏو نه سهڻو نالو آهي..... ٽوني بابا. هو ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳي ٿو ته اکين منجهان پاڻي ڇلڪي پويس ٿو. ڪتي جي جسم تي هٿ ڦيريندي چئي ٿو.

” توکي خبر آهي؟ منهنجو پيءُ مونکي ٽوني بابا سڏيندو هو. بابا وٽ کوڙ ڪتا هئا. هو ڪتا پاليندو هو. سڀ کان سهڻي ۽ پياري ڪتي جو نالو  رکيو هئائين ٽوني . پوءِ ٽوني مري ويو ته  مونکي، ”ٽوني بابا“ ڪري سڏيندو هو. خبر اٿئي منهنجي ماءُ نرس هئي. ان کي ڀڄائي آيو هو. پوءِ امان کي طلاق ڏيئي ڇڏيائين ۽ پوءِ منهنجي ماءُ ڪنهن مرد سان هلي وئي ۽ بابا مونکي ٻچڪر ڏيئي سڏيندو هو. ٽوني بابا هيڏانهن اچ. ها مان پنهنجي پيءُ جو ڪتو ٽوني بابا هئس بابا کي ڪتا پالڻ جو شوق هو. سو مونکي به پاليائين. اڄ مان توتي پنهنجو نالو ٽوني بابا ٿو رکان. تون  اڄ کانپوءِ ٽوني بابا ۽ مان گهٽين جو رول، ڀئون ڀئون ڪندڙ ڪتو‍‍...“

هو روئندي ۽ سڏڪندي ڪتي مٿان ڪري پوي ٿو ۽ ڪتو ڪيهون ۽ دانهون ڪندي گهٽيءَ مان الوپ ٿي وڃي ٿو. هو زمين تي ڪريل ڪتي کي ويندو ڏسي کيس سڏڻ لڳي ٿو.

” ٽوني بابا...ٽوني بابا.....موٽي اچ.“

نشي ۾ ٽٻ پاڻکي سنڀاليندو اٿي کڙو ٿي گهر ڏانهن رڙهڻ لڳي ٿو ته ڪنن تي آواز پويس ٿو.

” در جو ٻاهريون ڪڙو ته لاهيو...“

زنانو آواز ڪنن تي پويس ٿو ته آواز کيس ڄاتل سڃاتل لڳيس ٿو. هو واءَ جي جهوٽي جيان آواز جا پيرا تلاش ڪندو. هڪ لوهي در جي سامهون اچي بيهي ٿو ته وري ساڳيو آواز ٻڌي ٿو.

” خدارا، ٻاهريون ڪڙو ته لاهيو.“

هو اکيون مهٽي لوهي دروازي کي غور سان جاچي ڏسي ٿو ته ٻاهران ڪڙو ڏنو پيو آهي. هو در جي مٿان نالي واري تختي پڙهي ٿو. جنهن تي لکيل آهي،” ٽوني بابا جو گهر“، نالي واري تختي پڙهي ٿو ته سندس بدن مان سيسڙاٽ نڪري وڃنس ٿا.

” اڙي ٽوني بابا، هي ته تنهنجو گهر آهي.“

هو اندر ئي اندر ۾ ڀري ۽ ٽٽي پوي ٿو. ڏڪندڙ هٿن سان پنهنجي ئي گهر جو ڪڙو کولي ٿو ته درجا طاق گهر اندر کلن ٿا ۽ هڪ نقاب پوش چنڊ جهڙي عورت سهڪندي در کلڻ تي ٻاهر نڪري بيهي رهي ٿي.

هو نشي ۾ ٽٻ تڏهن به هن کي سڃاڻي وٺي ٿو. مرد پنهنجي عورت کي بيهڪ ۽ چال مان سڃاڻي وٺندو آهي ۽ عورت پنهنجي مردکي ساهن جي کڄڻ ۽ دل جي ڌڪ ڌڪ مان سڃاڻي وٺندي آهي.

هو هڪ ٻئي کي تڪيندا ئي رهجي وڃن ٿا. ڄڻڪ هو هڪ ٻئي لاءِ اجنبي هجن. جڏهن مرد ۽ عورت هڪ بستري تي ننگا هوندي به هڪ ٻئي لاءِ اوپرا اوپرا بڻجي پوندا آهن. تڏهن دلين ۾ پيدا ٿيل اڪيلائيون ڪنهن جي تلاش لاءِ واجهائڻ لڳنديون آهن. هو ٻئي دلين جي اڪيلائين جا مسافر هڪ ٻئي کي تڪيندا ئي رهن ٿا ۽ ڪجهه به ڪڇي ڪين ٿا سگهن.  هو نشي ۾ ٽٻ گهر اندر داخل ٿي اندران در جو ڪڙو چاڙهي ٿو ڇڏي. هن جا ڪن ترسڻ لڳن ٿا ته سندس ئي در ٻاهران بيٺل چندرما جهڙي زال آخري دستڪ ڏيندي ته هو هن کي پنهنجي هنج ۾ کڻي وٺندو ۽ سندس بدن جي هر گهٽي ۾ ڊڪ ڊڪوٽيون پائيندي گم ٿي ويندو.

             پر پاري جهڙي وسندڙ سرديءَ ۾، رات جي سانت ۾ سينڊل جا آواز ٻڌي ٿو جي کانئس دور ٿيندا وڃن ٿا. پر سندس ڪن اڃان به اوسيئڙي ۾ آهن، آخري دستڪ ٻڌڻ لاءِ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13  14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com