سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: جڏهن مان نه هوندس

باب: --

صفحو :11

 

”ناهي، ناهي، ناهي.“ مون گدامڙي سندس هنج مان کڻي پنهنجي گوڏي تي ويهاري ڇڏي. گدامڙي منهنجي گوڏي تي چڙهي بيٺي ۽ مون کي ڪن ۾ چڪ پاتائين. ڪن ڇڏائي گهرواريءَ کي چيم، ”گدامڙي ويچاري ته توکي ڄائي ڄم کان نه وڻندي آهي.“

هن اکيون ڦوٽاريندي وراڻيو، ٻيو نه ته تون وڻندو آهين.“

”شڪر ٿو ڪيان  جو نٿو وڻانءِ، نه ته جيڪر مونکي ته راتو واهه ننڊ ۾ ئي ڪُهي ڇڏين ها.“ چيم، ”توکي ته سڀني ٻارن ۾ پتاشو وڻندو آهي. ويچاري گدامڙيءَ جي ڪڍ ڇو پيئي آهين.“

منهنجي گهرواريءَ جو وات حيرت وچان ڦاٽي ويو. اکيون پتاشي تي کپائي ڇڏيائين. پتاشو ٽپ ڏيئي ماءُ جي هنج مان لهي منهنجي سامهون اچي بيٺو. ٽنگ ڊگهي ڪري پير جي آڱوٺي سان گدامڙيءَ کي ڀيڏيءَ ۾ چهنڊڙي وجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. ٻيا ٻار ننڊ ۾ هئا. وچ ۾ اسانجو ڪاڻو پٽ راڻو سمهيو پيو هو ۽ ننڊ ۾ مُرڪي رهيو هو؛ شايد ڪو خواب ڏسي رهيو هو.

افشان، عرف صبيحه خانم يعني منهنجي گهرواريءَ جي منهن تي انيڪ ليڪا اُڀري آيا. ليڪا گهنجن ۾ بدلجندا ويا. ان وقت سندس منهن بند گوبيءَ جهڙو ٿي ويو. اکيون مئل ڏنڀري جي اکين وانگر گول ۽ بينور ٿي ويس. مان سندس حالت ڏسي ڏڪي ويس.

کيس دلداري ڏيندي چيم، ”مونکي مٿي ۾ هڪ اٽڪل آئي آهي.“

هن مئل اکين سان مونڏانهن ڏٺو. کيس صلاح ڏنم. ”اهو ضروري ناهي ته تون کک فرشتي جي چوڻ تي پنهنجو جاني پٽ پتاشو قربان ڪري ڇڏين.“

هوءَ خاموش ويٺي رهي. نڪ جون ناسون ڦنڊي ويون هئس. کيس ٻڌايم، ”جيئن اڄ ڪلهه جو دستور آهي، اسان کي به ائين ڪرڻ گهرجي.“

آهه ڀريندي پڇيائين، ”ڪهڙو دستور؟“

”غور سان ٻڌ.“ کيس سمجهايم، ”اڄ ڪلهه جو انسان الله جي راهه ۾ ڦاٽل ڪپڙو، کوٽو پيسو ۽ پاروٿي ماني خيرات ڪندو آهي. تون به .....“ جملو پورو ڪري نه سگهيم. منهنجيون اکيون ڪاڻي پٽ راڻي تي کپي ويون، جيڪو ٻارن جي وچ ۾ سمهيو پيو هو ۽ ننڊ ۾ کلي رهيو هو.

”ڇو، ماٺ ٿي وئين.“ منهنجي گهرواريءَ پتاشي کي پيار ڪندي چيو، ”ڳالهاءِ نه.“

آهستي، رازداريءَ سان چيم، ”تون به الله جي راهه ۾ ڪاڻو پٽ راڻو قربان ڪري ڇڏ.“

اها ڳالهه ڪرڻ کانپوءِ  مونکي ڏاڍو ڏک ٿيو. دل ڀرجي آئي. ”مغز ڦاڙ“ معمي جو خيال ميڄالي مان نڪري ويو. پوءِ جڏهن گهرواريءَ ڏانهن ڏٺم، تڏهن هوءَ بند گوبيءَ جهڙي نه، پر ڳاڙهي ٽماٽي جهڙي نظر آئي. پتاشي کي مٺيون ڏيئي ڏيئي روئاري ڇڏيائين.  پتاشي جي ٻاگهن تي راڻو جاڳي پيو. جاڳڻ شرط خواب ٽُٽي پيس ۽ چپن تان مرڪ غائب ٿي ويس. هڪ اک ٽمڪائي مون ڏانهن ڏٺائين ۽ پوءِ ٽپ ڏيئي مونکي اچي چنبڙيو. راڻي جي عمر ڇهه سال کن هئي. کيس اک ۾ ايٽي لڳي هئي ۽ کاٻي اک وڃائي ويٺو هو. مون راڻي کي ٻانهن ۾ ڀيڪوڙي پيار ڪيو. دل چاهيو ته کيس سيني ۾ لڪائي ڇڏيان.

مونکي رکي رکي پنهنجي بيوقوفيءَ تي جک پي آيا ته آخر ڇو مولائڻ کي اهڙي اونڌي صلاح ڏنم، جنهن جي عذاب ۾ خود مونکي پڇتائڻو پوندو.

مون ڪاوڙ منجهان پنهنجي گهرواريءَ ڏانهن نهاريو. منجهين اکين ۾ نفرت تري آئي. اُن وقت مونکي اُهي سموريون چوڻيون ياد آيون جيڪي عورتن جي خلاف هيون، جهڙوڪ: عورت تون گوگائي مرچ آهين – عورت تون ڪوئنين جي گوري آهين – ٿري ناٽ جي گولي آهين – عورت تون ون – يونٽ آهين – تون هيءَ آهين، هوءَ آهين، وغيره.

مون کان برداشت ٿي نه سگهيو. ذري گهٽ رڙ ڪيم، ”هرگز نه. مان راڻي کي قربان ٿيڻ نه ڏيندس.“

”ڇا ٿو چوين، واڱڻ.“ گهرواريءَ قهري نگاهن سان مونڏانهن ڏسندي چيو، ”مٿو ته نه ڦري ويو اٿئي.“

”مٿو جائيتو آهي.“ وڏي واڪ چيم، ”پر ڪن کولي ٻڌي ڇڏ. مان تنهنجي ميالخوليا تي پنهنجو راڻو پٽ قربان ٿيڻ نه ڏيندس.“

”تون فرشتي جي خواب کي ماليخوليا ٿو سڏين!“ هن ٻانهون لوڏيندي چيو، ”تون ڪافر ٿي ويو آهين. ٽپال مان ترقي پسندن جا رسالا چورائي پڙهندو  آهين، ملحد ٿي ويو آهين.“

”جيڪي سمجهين.“ وراڻيم، ”پر پنهنجو راڻو قربان نه ڪندس.“

”تون الله جي حڪم جي انحرافي ڪرڻ ٿو چاهين!“ هن اورتي ايندي پڇيو.

”الله جو عورتن ۾ اعتبار ڪونهي.“ مون مولائڻ کي چيو، ”اهو ناممڪن آهي جو آسماني فرشتو ڪنهن عورت ڏانهن الله جو حڪم کڻي اچي.“

”ته مان ڪوڙ ٿي ڳالهايان؟“

”تون ڪوڙ ٿي ڳالهائين يا سچ، ان سان منهنجو واسطو ڪونهي.“ کيس هيسائڻ لاءِ چيم، ”هڪ لک چوويهه هزار نبين مان هڪ نبي به مؤنث نه هو. سڀئي مذڪر هئا. سمجهيئه.“

هوءَ سچ پچ هيسجي ويئي. مون ڳنڍ پختي ڪندي چيو، ”اسانجي ڪنهن ٻار جي قربانيءَ جو جيڪڏهن آسماني حڪم اچي ها، ته اُهو سڌوسنئون مون وٽ اچي ها.“

”ڪهڙي خبر فرشتو ڀلجي پيو هجي؟“

”فرشتا سرڪاري شاهد ناهن جو ڀلجي پَون.“

ڪجهه دير تائين افشان، عرف صبيحه خانم، يعني منهنجي گهرواريءَ نه ڳالهايو. چپ چٻاڙيندي رهي. ننهن سان ويڻيون ۽ ٻانهون کنهندي رهي.

نيٺ ڳالهايائين، ”منهنجي دل چئي ۾ ناهي. آخر ڪجهه نه ڪجهه ته کڻي قربان ڪيون.“

”ٺيڪ آهي.“ وراڻيم، ”ڪو جانور کڻي ٿا الله جي راهه ۾ قربان ڪيون.“

”پوءِ سوچين ڇا ٿو!“ هن خوش ٿيندي چيو، ”اڄ آچر آهي. واندو آهين. ڏسي وائسي ڪو جانور وٺي اچ.“

”حاضر.“

بچيل سچيل پونجي ميڙي سيڙي مٺ ۾ ڪيم. ڳڻيم ته مون کان دانهن نڪري ويئي، ”اڙي هنن پئسن مان ته سيهڙ به نه ملندو.“

منهنجي گهرواري سخت ايماني جوش ۾ هئي. ٻارن جا ڀانڊارا ڀڃي، ڏوڪڙ کڻي آئي. ٽين جي پيتيءَ مان به بچت ڪڍي آئي. سمورا پئسا ڳڻي، مايوسيءَ مان ڪنڌ لوڏيندي چيم، ”مولائڻ هنن پئسن مان ٻڪر ته نه ملندو، پر ٻڪر جو پٽ ڇيلو ضرور ملي ويندو.“

هوءَ پيسن جي ڳولا ۾ آثار قديمه جي ماهر وانگر جنبجي ويئي. پراڻن وهاڻن جون ڇَوون پٽي، ڇڪي لاهي ورتائين. سوڙن جي تهن مان نوٽ ڪڍي آئي. فرش جي هڪ لڏندڙ سِر ٻاهر ڪڍي، ڏوڪڙ کڻي آئي. مونکي سخت حيرت ٿي.

پيسا ڳڻي، خوش ٿي کيس ٻڌايم، ”هنن پئسن مان هڪ ٻڪر ملي ويندو.“

جڏهن ٻاهر وڃڻ لڳس، تڏهن چيائين، ”ٻڪر ڪو چنگيرڙو آڻجانءِ؛ متان پاڻ جهڙو آڻين.“

ان وقت تائين سڀيئي ٻار جاڳي پيا هئا. منهنجي کنڊي پٽ ڪنڊي پنهنجي وات ۾ آڱر وجهندي پڇيو، ”بابا، الله جي راهه ۾ جانور ڇو قربان ڪبا آهن؟“

”ماٺ ڪري ويهه،“ ماڻس مٿي تي چماٽ وهائي ڪڍيس.

”ڇو ماٺ ڪري ويهان،“ ڪنڊو ڪاوڙجي ويو. ”ها بابا، ٻڌاءِ نه. الله جي راهه ۾ جانور ڇو قربان ڪبا آهن.“

سندس معلومات ۾ واڌارو ڪرڻ لاءِ کيس ٻڌايم، ”ان لاءِ، ته جيئن جانور تي سوار ٿي قيامت ڏينهن پل صراط پار ڪجي.“

”پل صراط وار کان سنهڙي ۽ ترار کان تيز هوندي ۽ قيامت جي ڏينهن ظاهر ٿيندي.“ مون ٻارن کي ٻڌايو، ”ان ڏينهن سج جو ٻرندڙ گولو ڌرتيءَ کان هڪ ڪاني جيترو پري هوندو. پل صراط جي هيٺان سمنڊ ٽهڪندو.“

ٻارن جو ساهه نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو. ڪنڊو پنهنجو کنڊو وات کولي روئڻ لڳو. ”بابا، مون کي ڀؤ ٿو ٿئي.“

”گهٻراءِ نه، منهنجا کنڊا پٽ. مان توکي پاڻ سان پل صراط پار ڪرائيندس.“

”پر پاڻ ٻئي هڪ ٻڪر تي ڪيئن ويهي سگهنداسين بابا.“

مان سوچ ۾ پئجي ويس.

پتاشي چيو، ”مان امان شان لنگهندش. بابا ڪنو آهي.“ هو ماءُ سان چنبڙِي پيو.

منهنجو وڏو پٽ انب، جنهن جو مٿو هنداڻي جيڏو آهي، تنهن مٿي تي هٿ ڦيرائيندي چيو، ”ڳالهه مڙيئي ڀوائتي آهي، بابا، مون کي به پاڻ سان پل صراط پار ڪرائجانءِ.“

مون سوچيو، هيءُ دوربه پل صراط جي سفر کان گهٽ خطرناڪ ناهي. قيامت ۾ هڪ خدا کي منهن ڏيڻو پوندو، پر اَڄ، گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ خدا آهي. جيئن هن دور ۾ اسين سڀ ڀاتي هر گهڙي گڏ آهيون؛ هر گهڙي موت جي منهن ۾ آهيون، تيئن قيامت جي ڏينهن به گڏ رهنداسين. پل صراط جي سفر ۾ به ساڻ هونداسين.

مون گهرواريءَ کي چيو، ”اسان کي ڪو وڏو جانور قربان ڪرڻ گهرجي، جيئن تون، مان ۽ ٻارن جي پلٽڻ گڏجي ۽ مٿس ويهي، سولائيءَ سان پل صراط پار ڪري سگهون.“

کنڊي چيو، ”بابا، هاٿي قربان ڪر.“

”بس ڪر، موئا ڀوڪ،“ ماءُ جي ڇڙٻ کائي ڪنڊو خاموش ٿي ويو.

افشي، يعني منهنجي گهر واري ۽ مان جانورن جي باري ۾ سوچڻ لڳاسين. سيهڙ کان وٺي اُٺ تائين، هر ڪو حلال جانور اسان جي خيال ۾ آيو ۽ قيمت آڏو گم ٿي ويو.

آخر مولائڻ چيو، ”ڳئون ئي کڻي وٺي اچ.“

”ڳئون وٺڻ جيترا پئسا مون عمر ۾ نه ڏٺا آهن.“

”مون وٽ ڪجهه زيور آهن.“

”آهستي چئه. چورن کي غلط فهميءَ ۾ نه وجهي ڇڏين.“ سڙٻاٽن ۾ چيم، ”تو وٽ آهيئي ڇا! هڪ ڦلي، هڪ ڪنگڻي ۽ هڪ منڊي.“

”تون کڻي ته وڃ.“ هوءَ لامارا ڏيندي اندرين ڪوٺيءَ ڏانهن ويئي ۽ اُڏامندي موٽي آئي.

”اچي وٺ.“ هن رومال ۾ ويڙهيل زيور ڏيندي چيو، ”هاڻي وڃ.“

رومال ۾ ويڙهيل زيور چور کيسي ۾ لڪائي ڇڏيم.

ٻار ڏاڍي حيرت ۽ دلچسپيءَ سان اسانجي گفتگو ٻڌي رهيا هئا. مان جڏهن گهر کان ٻاهر نڪري رهيو هوس، تڏهن انب چيو، ”بابا موٽر وٺي اچجانءِ. اسان سڀئي ان ۾ چڙهي پل صراط تان لنگهنداسين ۽ ڄام شورو به گهمنداسين.“

زيور سنڀاليندو، مان صراف بازار آيس. ٻن – چئن سونارن مونکي شڪي نگاهن سان ڏٺو ۽ پوليس وارن جهڙا سوال پڇيائون، جهڙوڪ: ڪير آهين، ڪٿان آيو آهين، ڇا ڪندو آهين ۽ هي زيور ڪنهن جا آهن، وغيره.

کين ٻڌايم، ”مان واڱڻ ٽپالي، ولد ليمون خاصخيلي آهيان، ۽ پوسٽ آفيس ۾ لفافن تي ٺپا هڻندو آهيان. منهنجي زال مونکي ارسلان سڏيندي آهي. مان ٽنڊي ٺوڙهي مان آيو آهيان، جتي ڪوبه ٺوڙهو نظر نه ايندو آهي ۽ هي زيور منهنجي زال جا آهن.“

”چوريءَ جا ته ناهن؟“

”چوريءَ جا هجن ها ته توهان وانگر جيڪر ڪو دڪان دڙو نه کولي ويهان ها.“

هڪڙي ٿلهي سوناري جنهن کي ٻنهي هٿن ۾ اَٺ منڊيون، ويڻيءَ ۾ سوني زنجيري هئي ۽ جنهن جا اڳيان ڇهه ڏند به سونا هئا، مون کان پڇيو، ”تون مولانا ڀاشانيءَ جو ڇاڙتو ته ناهين.“

”مان آڪاش وانيءَ تان سنڌي پروگرام ٻڌندو آهيان.“ يڪدم وراڻيم.

”تون ڪريڪ مالوم ٿئين ٿو.“ سوناري هٿ وڌائيندي چيو، ”هي وٺ هڪ سؤني پنتري روپيا. جيور ڇڏي ني تون رڦوچڪر ٿي وڃ. پوليس کي پاڻ کوش ڪري ڇڏينداسين.“

”پوليس! ڇا جي پوليس؟“

”سياڻو نه ٿا مائي باپ.“ هن کلندي چيو، ”پاڻ چوري جو مال هڪ نجر ۾ ڀاپي وٺندا آهيون. پيسا وٺي گم ٿي وڃ.“

پيسا وٺي کيسي ۾ وڌم ۽ پوءِ پوليس کان لڪندو ڇپندو ”ٻڪري پڙي“ جو رخ ڪيم. رستي تان هلندي ائين پي محسوس ڪيم، ڄڻ پل صراط تان پي لنگهيم. ڀتين جا پاسا  وٺندو ۽ وڻن هيٺان لنگهندو پڙيءَ تي پهتس، جتي جانور اسان وانگر خاموش بيٺا هئا ۽ سڀني جا ڪنڌ جهڪيل هئا.

منهنجي کيسي ۾ ڪل رقم هڪ سؤ پنجاسي رپيا هئي. انهن پئسن مان مونکي هڪ مضبوط جانور خريد ڪرڻو هو، جيڪو اسان جي ڪٽنب جو بار سهي سگهي ۽ سلامتيءَ سان پل صراط پار ڪرائي سگهي. ٻڪرن تي منهنجي اک نه ٻڏي. هڪ ڏاند جهڙي سنڌي ڳنوار کان هڪ ڳئونءَ جي قيمت پڇيم. هن مون کي وارن کان پيرن تائين جاچي ڏٺو. پوءِ نفرت وچان چيائين، ”اي هل هل. پڻهين به ڪڏهن ڳئون ڏٺي آهي.“

عرض ڪيومانس، ”ناراض نه ٿيءُ، سنڌڙيءَ جا سرتاج. مون کي رڳو هن ڳئونءَ جي قيمت ٻڌاءِ.“

هن لاپرواهيءَ سان ٻن – چئن ڍڳين ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”هيءَ پنج سؤ، هوءَ ست سؤ، هوءَ سوا ست سؤ، هوءَ اَٺ سؤ ۽ هوءَ  ٻارهن سؤ-“

مون سندس وات تي هٿ رکي ڇڏيو، ”بس بس. مون توبهه ڪئي.“

هن مون کي ڌڪو ڏيندي چيو، ”ٽَر ُ ڙي ڀيڻيان ڀونتري. تون ڇا ڳئون وٺندين! تون وڃي ڀولو وٺ.“

ڏاند جهڙي شخص اول مونکي ذهني ۽ پوءِ جسماني ڌڪو ڏنو. حواس ۽ اندرين کي جائيتو ڪرڻ لاءِ هڪ پٺاڻ جي ٻاڪڙا هوٽل تي وڃي ويٺس.

مون پٺاڻ کان چئنڪ ورتي ۽ ڍُڪ ڍُڪ ڪري پيئڻ لڳس ۽ پنهنجي حال ۽ مستقبل جي باري ۾ سوچڻ لڳس. سوچيم، جيڪڏهن حالتون اِهي آهن، ته پوءِ قيامت جي ڏينهن به موٽرن وارا  پل صراط تي اسان کان اڳ نڪري ويندا. مرضي پوندن ته پل صراط تان لنگهڻ بدران، پل صراط جي مٿان هوائي جهازن ۾ اڏامي ويندا. ٽهڪندڙ سمنڊ ۾ بيدا اوٻاريندا ۽ ترار جهڙي تيز پل صراط سان ڊبل روٽين جا سلائيس ڪپيندا. مان فڪر ۾ پئجي ويس ته مان، منهنجي مولائڻ گهرواريء ۽ اسان جا ٻار پل صراط ڪيئن پار ڪنداسين!

”ڇو اُستاد، فڪرن ۾ پئجي ويو آهين.“ پٺاڻ هوٽل واري جي ٿري ڇوڪري منهنجي هٿ مان خالي ڪوپ وٺندي پڇيو، ”پيسن ڏيڻ بنا ڀڄي ويندين ڇا؟“

مون هن کي همدرد ڄاتو ۽ پوءِ کيس سڄي ماجرا ٻڌايم، ۽ آخر  ۾ کيس اهو به ٻڌايم ته مان جيڪڏهن ماڻهو نه، پر ٻڪر هجان ها ته والله دنيا ۾ وڌيڪ قدر ٿئيم ها. هن افسوس جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجي واقفيت به ڪرائي. هن مُڇ تي هٿ ڦيرائيندي چيو، ”توکي اهڙو پهلوان ٻڪر ٿو وٺي ڏيان، جيڪو ريس جي گهوڙي وانگر ڊوڙندو پل صراط پار ڪري وٺندو.“

مسڪين مون کي پڙيءَ جي وچ ۾ وڃي بيهاريو. هڪ ٻڪر ڏانهن اشارو ڪندي چيائين، ”ڪيئن ٿو ڀانئين. سستو ملي ويندوءِ.“

مون ٻڪر ڏانهن ڏٺو، جيڪو ڪنهن ناڪام عاشق وانگر اُداس بيٺو هو. ٻوٿ وڃي ڌرتيءَ سان لڳو هوس. مسڪين کي چيم، ”يار هي ٻڪر رومانٽڪ آهي، تنهنڪري منهنجي ننڍڙي پٽ پتاشي جو به بار سهي نه سگهندو.“

مسڪين ڪم جو ماڻهو هو. هن چيو، ”هينئن ڪر يار. توهان گهڻا ڀاتي آهيو؟“

”نَوَ.“

”نوَ ڇيلا وٺي وڃ.“

”ڇيلو پل صراط تان ڪيرائي ماريندو.“

”يار تون به بلڪل ٺپو آهين.“ مسڪين چيو، ”تون نَوَ ڇيلا وٺي وڃ. کين خوب کارائي پيئاري متارو ڪرين. جڏهن هوبهوُ ٻڪر جهڙا نظر اچن، تڏهن الله جو نالو وٺي ڪاتيءَ سان ڪم لاهي ڇڏجانءِ.“

”فائدو.“

”واهه يار واهه. اڙي ميان، هڪ هڪ ڀاتي پنهنجي پنهنجي ٻڪر تي ويهي پل صراط پار ڪندو.“

”ته تنهنجي صلاح آهي ته اسين قافلو ڪري پل صراط پار ڪيون؟“

”ها.“ مسڪين چيو، ”اچ ته توکي ڇيلن جي سڀ کان وڏي واپاريءَ پي – پي دهلي والا وٽ ٿو وٺي هلان.“

”تنهنجو مالڪ توکي تانگهيندو هوندو.“

”اُن جي پرواهه نه ڪر. پاڻيهي منهن ڏيندومانس. پنهنجو  سنڌي ڀاءُ آهين. اول تنهنجي مدد ڪندس.“ مسڪين چيو، ”اچ ته پي – پي دهلي والا ڏانهن هلون. پري ناهي. اچ.“

پي – پي دهلي والا جو وات پان جي پڪن سان ڀريل هو. چپ واڇن تائين ڳاڙها هئس. قميص جو آڳو ٿُڪن ۾ چٽيل هوس. هو اڌڙ عمر جو هو ۽ مڇن ڏاڙهيءَ کان آجو هو. هن پنهنجو تعارف ڪرائيندي چيو، ”مان دهلي ۾ هاٿي وڪڻندو هوس، هتي يعني پاڪستان ۾ ڇيلا وڪڻندو آهيان.“

هُن جو قدخطن سان ڀريل هڪ ڳوڻ جيترو مس هو. اکيون شيريون ۽ چنجهيون هئس. هن پاڪستان تي افسوس ڪندي چيو، ”هاءِ هاءِ. قسمت اهڙو ڦيرو کاڌو آهي جو تاج محل جو مالڪ تلڪ چاڙهيءَ جي فٽ پاٿ تي سمهندوآهي.“

”تاج محل جو مالڪ!“

”ها ها تاج محل جو مالڪ تلڪ چاڙهيءَ جي فٽ پاٿ تي سمهندو آهي.“ هن پنهنجي ڳالهه تي زور ڏيندي چيو، ”هن جو نالو شاهجهان آهي.“

مون ساڻس همدرديءَ جو اظهار ڪيو. هو خوش ٿيو. چيائين، ”پنهنجي مرضيءَ سان ڇيلا پسند ڪر. مسڪين جو دوست آهين، تنهنڪري توسان رعايت ڪندس.“

مون ڪارا، ڪٻرا، اڇا ۽ ميرانجهڙي رنگ جا نَوَ ننڍڙا ڇيلا ڇڪي پرڀرو ڪري بيهاريا.

پي – پي دهلي والا مسڪين ڏانهن ڏٺو. پوءِ ڇيلن ڏانهن ڏسندي چيائين، ”کڻي وڃ. ويهين  ويهين رپئي.“

”يعني!“ مون کي رڙ نڪري ويئي.

”يعني نَوَ ڇيلا هڪ سو اسي رپين ۾ کڻي وڃ.“

”يار پي – پي دهلي والا ائين نه ڪر. منهنجي حال تي رحم ڪر.“ مون کيس عرض ڪيو، ”ڀائي، مان واپارنه ڪندس. هي ڇيلا جڏهن ٻڪر ٿيندا تڏهن انهن کي الله جي راهه ۾ قربان ڪندس ۽ اهڙيءَ طرح ٻارن سميت پل صراط پار ڪندس.“

”مان دهليءَ ۾ هاٿي وڪڻندو هوس.“ هن نرڙ ۾ گهنج وجهندي چيو، ”مان ڇيلن جي هڪ قيمت ٻڌائيندو آهيان ۽ ان ۾ وڪڻندو آهيان.“

منهنجي کيسي ۾ هڪ سو پنجاسي رپيا هئا. سوچيم ته جيڪڏهن ڇيلا نه ورتم ته سڄي عمر ۾ هڪ ڳئون به وٺي نه سگهندس. جيئن ته پل صراط ضرور پار ڪرڻي آهي، تنهنڪري ڇيلا به ضرور وٺڻ گهرجن. مون پي –پي دهلي والا کي چيو، ”مان ڇيلا وٺندس.“

هن رڙ ڪري هڪ گڏهه گاڏيءَ واري کي سڏڪيو. گڏهه گاڏيءَ واري ڇيلن کي ڪنن کان وٺي گاڏيءَ ۾ ويهاريو مون هڪ سو اسي رپيا پي – پي دهلي والا کي ڏنا. هن پيسا کيسي ۾ وجهندي چيو، ”هاءِ ڙي قسمت. دهليءَ ۾ هاٿي وڪڻندو هوس، هتي ڇيلا ٿو وڪڻان.“

پوءِ جڏهن گڏهه گاڏي هلڻ لڳي، تڏهن مسڪين چيو، ”گڏهه گاڏيءَ واري کي پنجن رپين کان مٿي هڪ پائي به نه ڏجانءِ. سمجهيئهِ.“

”پنج رپيا!“

”ها ها، فقط پنج رپيا.“

گڏهه گاڏي سڙڪن تي ڊوڙڻ لڳي. مون کي اوچتو خيال آيو ته گڏهه گاڏيءَ واري کي پنج رپيا ڏيڻ کانپوءِ اسان وٽ ٽڪو به نه بچندو ۽ پهرين تاريخ ۾ اڃا ٻارهن ڏينهن پيا آهن. گهر ۾ اٽو به نه آهي. ڪنڊي کي چمپل گهرجي. پتاشي کي وڏي کنگهه آهي. کيس دوا گهرجي. مون کي ”مغز ڦاڙ“ معمي جا ٻن روپين ۾ ٽي حل موڪلڻا آهن، پرنه موڪلي سگهندس.

”ڀائو.“ گڏهه گاڏيءَ واري ڳالهايو، ”ڇيلن لاءِ لوسڻ نه وٺندين.“

”لوسڻ؟“

”ها، ٻيو نه ته ڇيلا ماني کائيندا،“ هن کلندي وراڻيو.

”يار گڏهه گاڏيءَ وارا، اهو بدبخت لوسڻ ڪيتري جو وٺڻو پوندو.“

”بس اهوئي ڪو رپئي – ڏيڍ کن جو روز کائيندا. اڃا ننڍڙا آهن نه.“

”۽ جڏهن وڏا ٿيندا؟“ ڏڪندي ڏڪندي پڇيم.

”تڏهن ٻين – اڍائي رپين جو لوسڻ روز کائيندا.“

”يار گڏهه گاڏيءَ وارا.“ مون آهستي چيو، ”منهنجي پگهار ذري گهٽ اڍائي رپيا روز آهي. ڇيلا ٻين – اڍائي رپين جو لوسڻ کائيندا ته پوءِ منهنجا ٻار ڇا کائيندا.“

”تنهنجا ٻار به لوسڻ کائيندا،“ گڏهه گاڏيءَ واري وراڻيو ۽ وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو.

مون محسوس ڪيو، ڄڻ مان پل صراط تان پنڌ ڪري رهيو هوس، جنهن جي هيٺان ٽهڪندڙ سمنڊ هو ۽ مٿان باهه ڇڏيندڙ سج.

 

**

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 15 14 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com