سيڪشن؛ ڪهاڻيون

ڪتاب:مهراڻ جون چونڊ ڪهاڻيون

باب: --

صفحو :36  

مهراڻ جون چونڊ ڪهاڻيون

حميد سنڌي

 

مَبُو چريو

”زيب“ ڀٽي

 

                محلي جا مڙئي ماڻهو مَبُوءَ کي چريو چوندا هئا. منجهس هئا ئي چرين وارا پار. جانٺو جوان، قهر آلود اکيون، منهن تي ڏاڙهيءَ جي ساوڪ، ڪپڙا ميرا ۽ ڇنل، مٿو ۽ منهن، ٻانهون ۽ ٽنگون ڌڌڙ ۾ ڀڀوت، - پَنَ جي ٻيڙي وات ۾، دونهان ڪڍندو، اهو ٿو وڃي! ڪنهن کي گار، ڪنهن کي ڌڪ، ڪنهن کي بُجو وريو پيلا ڏند ڪڍيو بيٺو ٽهڪڙا ڏيندو! بت سڄي ۾ ڪي ڪنڊا هئس: ڪهڙو به ڪپڙو، هيٺ يا مٿي، هڪ ڏينهن پاتو ناهي ته ٻئي ڏينهن ڦاٽو ناهي ڏر ڪڍيو ڇڏيندو هون، سوٽ پائڻ تي مَبُوءَ مست هوندو هو، پر پراڻو سراڻو سوٽ ڪٿي هو سٽ جهلي، ليڙهون ليڙهون ڪري ڇڏيندو هوس.

                ڪم جو گامو سچار هو، جيڏانهن وارينس تيڏانهن وري. وارث وسيلو ڪو به ڪو نه هوس. پاڙي پتيءَ مان مانيءَ جي پورت ٿي ويندي هيس. باقي رات جا چار  پهر، سو يارهين ٻارهين تائين رولاڪ ٻارن سان ڪچهريون ڪري، چونڪ جي وڏي  ٿلهي تي ٽنگون ٽيڙي سمهي رهندو هو. صبح سويل اٿي، هڻندو هو گهٽين ۾ گهتون پن جي ٻيڙي وات ۾، انجڻ واران دونهان ڪڍندو، پيو سير پسار ڪندو هو. سج مٿي چڙهندو هو ته موٽي ايندو هو چونڪه ۾، سڌو دينوءَ جي دڪان تي. دينو به هن کي گڏهه وانگر واهيندو هو. سيڌو سامان سڀ هي اڪيلو مڙس ڍوئي، دڪان ڀيڙو  ڪندو هو، پر دينو هن کي مزوريءَ ۾ رڳو گاريون ڏيندو هو.

                جي هو کل خوشيءَ ۾ وساري ڇڏيندو هو. هو ڪو اهڙو بيغيرت به ڪو نه هو. هڪ دفعي ته پاڙي جي وڏي سيٽ سان سامهون ٿي بيهي رهيو. گاريون ته دل کولي ڏنائينس، پر مرڳو جنبر کڻي مٿس الر ڪري آيو. سيٺ جا ماڻهو مٿس مٽجي آيا، پر پوءِ پاڙي وارن جي چوڻ تي ڇڏي ڏنائونس، چي، ”چرئي کي چورجي چئن گارين لاءِ..... اجايو ٿا ککر ۾کڙو هڻو..... ڇڏي ڏيوس، چريو آهي!“ پوءِ ته سيٺ به پاڻيهي کسڪي ويو.

                دينوءَ جي دڪان سان ڪا دل اڙيل هيس. دڪان جي سامهون دينوءَ جي گهر جو در هو. در جي اوٽ ۾ دينوءَ جي ڌيءُ گلي ليئا پائيندي هئي. اڃا اڳئين سياري ۾ اندر ويٺي هئي. رنگ جي البت سانوري، ڪپڙا سادا، پر وارن جي سنوار ۾ سوڀياوان، جوانيءَ جي جوت ۽ الهڙ پڻ ڏانهن مائل. مبو دينوءَجي دڪان تي گهڻو گذاريندو هو. آءٌ آفيس کان ايندي ۽ ويندي ڏانهنس نهاريندو هوس، ته هلڪي مشڪ مشڪي چوندو هو ”آئو، ماستر!“ هو مون کي ماستر سمجهندو هو. آءٌ هن کي چوندو هوس: ”آلو، مسٽر مبو!“

                ته خوش ٿي ٽهڪ ڏيندو هو.

                هڪ دفعي آفيس مان دير سان موٽي رهيو هوس. منهن اونداهو هو. گهٽيءَ ۾ ڪير به ڪو نه هو. دينوءَ جي دڪان اوريان، گهر جي در وٽ، مبوءَ کي گليءَ ڏانهن اشارا ڏيندي ڏٺم. گلي به در ٻيڪڙيو، وريو کولي، سسي ٻاهر ڪڍيو. پئي مبوءَ ڏانهن ناز ادا سان نهارون ڪيائين. سيني جو اڀار، ساهه کڻڻ سان هيٺ مٿي پئي ٿيس. مبو ته اصل مست هو! آءٌ به چپ چاپ پاسو ڏيئي هليو ويس مٿان سندن معصوم رومان ۾ ڪا رڪاوٽ پوي. هنن کي به منهنجي مٽي وڃڻ جو پتو ڪو نه پيو. ان ڏينهن کان مون کي مبوءَ منجهه اهو چريو نظر آيو، جنهن جي جهان کي ڪل ڪا نه هئي. هو سڀني جي نظرن ۾ چريو هو، سواءِ گليءَ جي هن وٽ گليءَ لاءِ اهو ئي پيار هو، جيڪو عام انسانن وٽ هوندوآهي. مبو چريو هو، گليءَ لاءِ. گليءَ خاطر دينو دڪاندار جون گاريون به هن لاءِ گل هئا. هاڻي هو جڏهن به مون کي ”آئو ماستر“  ڪري سڏيندو هو، ته مون کي سندس چپن تي اها مرڪ معلوم ٿيندي هئي، جيڪا پيار ڪندڙ چهرن ۾ هوندي آهي.

                ”مهينن پٺيان مهينا مٽي ويا. سياري جي مند منهن مس ڪڍيو هو، ته دينوءَ جي در تي دهلن جو ڌڌڪو ۽ پتاشي مڱڻهار جون بينون وڄنديون ٻڌم. پڇا ڪيم، گليءَ جو وهانءُ هو! مبوءَ کي ڪا ان ڏينهن خوشي هئي! ٻڌا ٻڌا ٽهڪ پئي ڏنائين. سڄي پاڙي جا ٻار هن جي پويان ”مبو چريو مبو چريو“ چئي پئي ڦيرايائونس. مون ڳچ تائين بيٺي اهي رنگ ڏٺو، پر مبوءَ نظر ئي ڪا نه ڪئي. ٻئي پاسي سندس ڌيان ئي ڪو نه هو. بي اختيار کل ۾ ٻڏو پيو هو ڄڻ ته پتاشي جي شرناءِ جو آواز ۽ مبوءَ جي کل هڪ ئي راهه تي شرط پڄائي رهيا هئا!

                ان ڏينهن مون کي آفيس ۾ به سڄو وقت مبوءَ جي ٻهڪندڙ شڪل پئي نظر آئي. فائيل ۽ ڪاغذ سڀ ڄڻ مبوءَ جي کل کلي رهيا هئا. مبو چريو مبو، گليءَ جو مست مبو منهنجي ذهن ۾ ٽهڪن جي مسلسل گونجار ڪندو رهيو. ليڪن،...... جڏهن آءٌ آفيس مان اٿي گهر اچي رهيو هوس، ته مبو دينوءَ جي دڪان تان بي موقعي غائب هو! ۽ ان کانپوءِ ڪيترن ڏينهن تائين مبو مون کي ڪٿي به نظر نه آيو. گليءَ ۽ مبوءَ جي هلي وڃڻ سان دينوءَ جي دڪان ۽ انهيءَ سڄي چونڪ جي سموري رونق پڻ هلي وئي هئي. هاڻي نه هئا ٻارڙن جا ميڙا، نه مبوءَ جا ٽهڪڙا ۽ دلچسپيون، آهستي آهستي، مبو سڀني کي وسرندو ويو. آءٌ به هاڻي بي ڌيانو اتان ايندو ويندو هوس.

هڪ ڏينهن، صبح سويل، آسمان تي ڌنڌ ڇانيل هو،آءٌ گهران لهي اچي دينوءَ جي دڪان وٽان لانگهائو ٿيس: ڀرسان دينوءَ جي دڪان واري تختي تي ڪو ڄاتل سڃاتل ماڻهو ليٽيل معلوم ٿيم: ويجهو ٿي ڏٺومانس، حيران ٿي ويس..... اهو ”مبو“ هو جيڪو هاڻي انساني صورت ۾ سماج کان بنهه ٻاهر هو!

(مهراڻ: 1 / 2 1060ع)

  

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13  14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com