سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: سچل تي ببليو گرافي

باب: --

صفحو :2

 

پيش لفظ

 

درازي درويشن جي سلسلي جو جڳ مشهور شاعر حضرت عبدالوهاب سچل سرمست (1739 ـــ 1829ع). پنهنجي سرمستي ۽ بيباڪيءَ سان اظهار ِخيال واري وصف سبب سنڌي شعر جي تاريخ ۾ شاهه صاحب کان پوءِ لازمي طور ڳڻيو وڃي ٿو.

روايت آهي ته شاهه صاحب سنڌ جي سير دوران جڏهن درازن ۾ آيو ۽ سچل سرمست جي ڏاڏي خواجه محمد حافظ عرف فقير صاحب ڏنه مرحوم سان رهاڻ پئي ڪيائين ته سچل سرمست به اچي سندن اڳيان بيٺو. شاهه صاحب کيس پرکي پيش گوئي ڪئي ته ” اسان جيڪا عشق جي ديڳ چاڙهي آهي، ان جو ڍڪ هي ٻار لاهيندو.‘‘ راويت جي لحاظ کان ان پيشن گوئي جي صحت ثابت ٿئي يا نه، مگر جنهن وقت اسان شاهه صاحب ۽ سچل سرمست جي ڪلام جو تقابلي مطالعو ڪيون ٿا ته اسان کي اها روايتي پيش گوئي سو فيصد صحيح ثابت ٿئي ٿي.

فڪر جي لحاظ کان شاهه صاحب ۽ سچل سرمست جي ڪلام کي هڪ ئي وقت اڳيان رکي پڙهي ڏسنداسون ته سندن ڪلام ۾ هڪ ئي جوت جھلڪندي نظر ايندي. مثال طور نظريه توحيد جي اظهار وقت ’پاڻ پنهون‘ هجڻ جو هوڪو هجي يا پنهنجي منزل ِ مراد ماڻڻ لاءِ ’سکن جي سڌ‘ ڇڏي ’گوندرن جو گس‘ اختيار ڪرڻ جو اصرار. سارنگ جا ساٺ ڏسي سرتين کي ساري اکين مان آب آڻڻ جو احوال هجي يا ڀنڀور کي باهه ڏيئي ڪيچن جي قافلي پٺيان ڪاهي ڏاگھن ۽ ڏيرن جي ڏکن پسڻ جو ذڪر. مارئي واري پکن ۽ پنهوارن جي پريت جي پچار هجي يا مينڌري جو مومل ماڻڻ لاءِ ڪاڪ ڪاهڻ جو قصو. نوريءَ جي نياز ۽ ڪينجھر ڪناري وارن مهاڻن سان سمي سلطان جي اهنج جو تفصيل هجي يا چارڻ جو چنگ چوري سر جو سوال ڪرڻ جو تذڪرو. حق ۽ صداقت سان سر بلنديءَ لاءِ سوريءَ کي سينگارڻ جو سبق هجي يا پنهنجن سان پيار جو پيغام. هر هنڌ سچل سرمست جي ڪلام ۾ شاهه صاحب واري فڪر جي کٿوري خوشبوءِ پئي اچي.

لغوي لحاظ کان به سچل جو ڪلام شاهه صاحب جي ڪلام سان هم آهنگ آهي. شاهه صاحب سنڌي زبان جي معمار جي حيثيت ۾ جيڪي دلڪش بندش وارا اصطلاح جوڙيا، سچل سرمست سر بستي نموني استعمال ڪري تن کي سنڌي ادب ۾ ’محاوره‘ ۽ ’روز مره‘ جو درجو بخشي ڇڏيو.

شاهه صاحب جو رسالو ’بيت‘ ۽ ’وائي‘ تي مشتمل آهي. پر سچل سرمست پنهنجي فڪر جي اظهار لاءِ صرف بيت ۽ وائي تائين محدود نه آهي، بلڪه هن درازي درويش نيون نيون هيئتون منتخب ڪري سنڌي شعري ادب کي هيئتن واري باب ۾ مالامال ڪري ڇڏيو. بيت، وائي، ڪافي، غزل، مرثيو، سي حرفي، جھولڻو ۽ گھڙولي، هي سڀ صنفون سندس سنڌي ۽ سرائيڪي ڪلام جو جز آهن. فارسيءَ ۾ سچل غزل، مستزاد، رباعي ۽ مثنوي جي اصناف تي طبع آزمائي ڪئي آهي. ڪافيءَ جي صنف ۾ نون تجربن ڪرڻ ۾ ته سچل سرمست ڇيهه ڪري ڇڏيو آهي. ڪافين جون ’ويهه واٽون‘ ڏسڻ سبب سچل سرمست سنڌي ادب ۾ پنهنجو منفرد مقام رکي ٿو.

هن مختصر تجزيه جي بنياد تي بلا خوف ترديد چئي سگھجي ٿو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڪلام سنڌي ادب جي احياءَ جو سڏ آهي ته ميان عبدالوهاب سچل سرمست جو ڪلام انهي سڏ جو پڙاڏو آهي. ساڳي حقيقت کي اسان علم رياضيءَ جي اصطلاح ۾ هيئن به چئي سگھون ٿا ته شاهه صاحب جو ڪلام نقطن مثل آهي ۽ سچل سرمست جو ڪلام انهن نقطن تان نڪتل شعاعنRays  جي مترادف آهي.

ٻنهي عظيم شاعرن جي شعر جي تجزيه بعد اسان انهيءَ نتيجي تي پهتا آهيون ته شاهه صاحب سنڌ جي ماڻهن کي قوت ِ فڪر عطا ڪئي ته سچل سرمست وري سنڌ واسين کي اظهار جو انداز سيکاريو. شاهه صاحب سنڌين ۾ سوچ جو مادو وڌايو ته سچل سرمست وري انهيءَ سوچيل فڪر کي ظاهر ڪرڻ لاءِ زبان بخشي.

انهيءَ سبب شاهه صاحب کي سمجھڻ کان اڳ سچل کي سمجھڻ لازمي آهي. شاهه جي فڪر کان آگاهه ٿيڻ لاءِ سچل جو مطالعو پهريون شرط آهي، ڇو جو سچل سرمست جو ڪلام فڪر ِ لطيف جي شرح آهي.

شاهه صاحب جو مستند ڪلام گربخشاڻي جي مرتب ڪيل رسالي جي صورت ۾ اڄ دستياب آهي. مگر افسوس جو سچل سرمست تي نه ايترو لکيو ويو آهي ۽ نه وري سندس ڪو مستند ۽ مڪمل رسالو ئي اڃا تائين سنڌ واسين کي نصيب ٿيو آهي. انهيءَ ڪمي کي محسوس ڪندي گذريل سال (1980ع) درازن ۾ پير حسام الدين راشدي صاحب سچل لاءِ به ڪنهن گربخشاڻي ملڻ جي دعا گھري. گھڻا سال اڳ ساڳي سڌ جو اظهار مولوي محمد صادق راڻيپوري مرحوم ’ سچل سرمست، سنڌ جو منصور‘ نامي مضمون (نئين زندگي، مئي 1956ع) ۾ به ڪيو هو. در اصل سنڌي ادب سان انس رکندڙ هر فرد جي اِها دلي تمنا آهي ته گربخشاڻي جھڙي معيار وارو سچل جو به ڪو  مستند رسالو ٿيڻ گھرجي!

سچل سرمست ميموريل ڪميٽي خيرپور انهي ڏس ۾ ڪجهه ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهي آهي. هي ڪتاب به انهي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ابتدائي ڪوشش آهي. اميد ته سچل سرمست سان عقيدت رکندڙ بزرگ توڙي سچل جو مطالعو ڪندڙ محقق صاحبن لاءِ منهنجي هيءَ محنت مفيد ثابت ٿيندي.

 

 حداد منزل. پنج ھٽي.                 محمد علي حداد         

   خيرپور ميرس.

6 جنوري 1982ع

 

  

 

 

جن ’هٿيو ڏيئي همٿ وارو،

سارو بار کڻايو.‘

 هن ببليو گرافي لکڻ جو محرڪ محترم تنوير عباسي آهي. سچ پچ ته جيڪڏهن هي صاحب پنهنجي مٺڙي سڀاءَ سان ريهي ريڀي مون جھڙي الڙهه ماڻهوءَ کي هن ڪم تي آماده نه ڪري ها ته جيڪر هي ڪتاب، ڪم از ڪم، منهنجي هٿن سان لکيل ته، اوهان جي اڳيان پيش ئي ٿي نه سگھي ها.

محترم سيد محب الله شاهه، ڪمشنر سکر ڊويزن، جو به شڪر گذار آهيان جنهن صاحب سرهي منهن سان منهنجي محنت کي مانُ ڏنو ۽ نتيجي طور هي ببليو گرافي ڇپيل صورت ۾ پڙهندڙن جي هٿن ۾ آهي.

ساڳي طرح محترم غلام محمّد ميمڻ، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور، جو به مشڪور آهيان، جنهن صاحب جي ادب دوستيءَ سبب مون کي پهريون ’سچل سرمست گولڊ ميڊل‘ حاصل ڪرڻ جو اعزاز مليو.

عالي جناب پير حسام الدين راشدي صاحب جو به ٿورائتو آهيان، جنهن صاحب نه صرف منهنجي محنت کي ساراهيو بلڪه چند مفيد مشورا به ڏنا ته جيئن هيءَ ببليو گرافي هڪ مثالي ببليو گرافي ٿي پوي. سن وار ڏسڻي سندس بيش بها مشورن بعد ئي تيار ڪيم. سچ چيو اٿن ته وڏن ۾ وڏي مڻيان آهي.

هن ڪتاب جي تڪميل ۾ پاڻ تي بيحد مهربان ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جي وڏي امداد جو اقرار ٿو ڪريان. ڇو جو هن صاحب دوران گفتگو بغير ڪنهن رک رکاءَ جي چئي ڏنو ته ’تون ببليو گرافي ڪيئن پيو لکين؛ تنهنجي ڪا لئبريري سائنس ۾ ڊپلوما ڪيل آهي؟ هيءُ ته مڪمل  ٽيڪنيڪل ڪم آهي!‘ مون کي يقين آهي ته الانا صاحب جھڙي کلمک ۽ فراخ دل انسان اهي الفاظ صرف مهميز طور ارشاد فرمايا هئا ته جيئن مان سٺي نموني ببليوگرافي مرتب ڪري سگھان. انهيءَ يقين ۾ وڌيڪ پڪ تڏهن ٿي، جڏهن مون هيءَ ببليوگرافي مڪمل ڪئي ته هن ببليوگرافي کي سنڌ الاجي پاران شايع ڪرائڻ جي هامي ڀريائين.

ادي مشتاق احمد گاد، لئبريرين پبلڪ لئبريري خيرپور، جي ڀرپور تعاون لاءِ سندس احسان مند آهيان، ڇو جو سندس مهربانن جي وزن جي خبر مون کي سنڌ جي ٻين مڙين ئي لئبريرين ۾ پهريون پير پائڻ سان پئي.

درگاهه درازا جي خاص مريد رحمت الله ڦلپوٽي (خيرپور) کي رب پاڪ پنهنجي جوار رحمت ۾ جڳهه ڏي، جنهن جي مشفقانه ۽ همدردانه رويي سبب ئي مون سچل سرمست جي ٻين مريدن تائين وڃڻ جي همت ساري، قاضي علي اڪبر درازي (روهڙي) جناب علي محمد جماڻي (خيرپور)، بزرگوار عنايت الله مغل، برادرم ثناءُ الله مغل (ڪراچي) ۽ محترم غلام علي مغل (شڪارپور) کان ڪارائتي معلومات حاصل ڪئي. مان انهن سڀني معززن جو مشڪور آهيان.

سچل سرمست جي عاشق مستانه مرحوم قاضي علي اڪبر درازي جون ڀلايون ته وساري نٿو سگھان، جنهن پنهنجن تقريبن سڀني ڇپرايل ڪتابن جي هڪ هڪ ڪاپي مون کي ڏئي مون کي پنهنجو ٿورائتو بڻايو.

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب جھڙي سٻاجھڙي انسان جي خلوص ۽ همدردي کي نه سارڻ ڪفران ِ نعمت ٿو سمجھان.

محترم ڪريم بخش خالد (ڪراچي) جي شڪر ادائي به ضروري ٿو ڄاڻان، جنهن جي طفيل چند ناياب ڪتاب نظر مان گذريا.

پروفيسر غلام احمد بدوي (شڪارپور) جو به شڪر گذار آهيان جو پنهنجي لئبريريءَ مان استفادو حاصل ڪرڻ جي عنايت ڪيائين. خاص طور سان سنڌو رسالي جو فائيل ڏسڻ جو موقعو مون کي بدوي صاحب وٽ حاصل ٿيو.

محترم نظام الدين جتوئي، ڊائريڪٽر انفرميشن سکر ڊويزن، جو به ٿورائتو آهيان، جنهن صاحب هن ڪتاب جي جلد ڇپائي واري دشوار مرحلي ۾ منهنجي مدد ڪئي.

خيرپور مان پنهنجي ڀائرن جوڻيجي غلام ياسين سنڌي. اميد خيرپوري، لعل ڏنه ۽ مختيار ملڪ، سنڌ الاجيءَ جي سڄڻن جمال الدين چانگ ۽ مرحوم ماٺيڻي اوٺي، سکر جي ساٿين عصمت سعيدي (جنرل لئبريري) ۽ سيد غلام مرتضيٰ موسوي (معصوم شاهه لئبريري) ۽ لاڙڪاڻي جي محترم ميمڻ عبدالغفور سنڌيءَ جي ٿورن جو به معترف آهيان.

آخر ۾ مان پنهنجي وچين پٽ اڪرام علي کي به شاباس ڏيان ٿو جو هن ببليو گرافي جي پريس ڪاپي لکي ڏنائين.

 

محمد علي حداد

 

 

 

 قلمي ڪتاب

  

1 ــ اتم چند ۽ ٻيا

ڪوجھي فقير ۽ ٻين  جو ڪلام جو بياض/ اتم چند ۽ ٻيا ــــــ سن 1938ع

22 س.م.       ؛ 313 ص.

مملوڪه: محمد علي حداد، پنج هٽي، خيرپور ميرس.

ڪيفيت: هن قلمي بياض ۾ 190 صفحن تائين خانبهادر محمد بخش ڪوجھي فقير جو ڪلام لکيل آهي. باقي صفحن تي سچل، نانڪ، خير محمد، کيئل، ڪريم ڏنو، نماڻو، نارائڻ، دکايل، چڪوري، تليسداس، علڻ، اڱڻ، قطب، بهاول، اصغر، شاهه نصير، بيڪس ۽ ڪشنداس وغيره جو ڪلام درج آهي.

هن بياض ۾ سچل سرمست جون 58 سنڌي ۽ 13 سرائڪي ڪافيون به لکيل آهن.

 

2 ـــ بلاول پرديسي

سچل سرمست جي سنڌي شاعري ۾ جماليات/ محمد بلاول پرديسي. ـــــ ايم اي. سنڌي لاءِ مونوگراف، 1965ع

33 س. م.؛ 89 ص.

مملوڪه: سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي.

فهرست: جماليات جي اهميت ۽ تعريف ــــ شاعري ۽ جماليات ــــــ جماليات جا مختلف روپ ــــــ سنڌي ۾ جماليات جو مختصر جائزو ــــــــ (سچل تائين) ــــ سچل جي شاعري ۾ جماليات ـــــــــ(الف) سچل جي شاعريءَ تي سرسري نظر ــــــــ (ب) طبعي جماليات ــــــــــــ (ت) جسماني جماليات ــــــــ (ٽ) اخلاقي جماليات ـــــــــــــ (ج) روحاني جماليات ــــــــــــــــــــ

 

3 ــــ ڀٽو، احسان الله

آغا غلام نبي صوفي جون ادبي خدمتون / احسان الله ڀٽو ــــــــ ايم اي. سنڌي لاءِ مونو گراف.سال 1965ع

33 س. م.؛ 52 ص.

مملوڪه:  انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي.

(آغا صوفي جي ڪتاب ”سچل سرمست“ تي هن مونوگراف ۾ هڪ مڪمل باب ص. 10 کان 37 تائين لکيل آهي)

 

4 ــــ ڀٽو، محمد ابراهيم

سنڌ ۾ اردو (ڪلهوڙون اور تالپورون تڪ)/محمد ابراهيم ڀٽو .ــــــــ ايم اي. اردوءَ لاءِ لکيل مونو گراف.سال 1964ع

33 س. م.؛ 105 ص.

مملوڪه:  انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي.

(سچل سرمست متعلق حوالو ص. 81 کان 85 تائين)

 

5 ـــ جمن

نانڪ يوسف جي سنڌي شاعري/ جمن.

ــــــــ ايم.اي. سنڌي لاءِ مونو گراف.سال 1966ع

33  س. م.     ؛    42  ص.

مملوڪه: سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي.

(هن مونوگراف ۾ اڪثر جڳهن تي سچل سرمست جو ذڪر آيل آهي.)

6 ــــ حامي، عطا محمد

بياض مثنويات سچل/ عطا محمد حامي خيرپوري. ـــــــــــــــــ

سن 1955ع

20 س. م.  ؛    73 ص.

مملوڪه: پروفيسر عطا محمد حامي، سوهو قناصره، خيرپور.

ڪيفيت: هي بياض اصل ۾ سچل سرمست جي همعصر محمد پناهه سومرو راڻيپوري (متوفي 1270هه) جو لکيل هو. جتان ڪنهن ڪرم علي فقير نامي شخص اتاريو هو. ان بياض تان پروفيسر حامي صاحب هي مثنويون اتاريون. حامي صاحب انهيءَ بياض کي پروفيسر محبوب علي چنا جي بياض سان به ڀيٽيو هو. هن بياض ۾ درد نامه، تار نامه، عشق نامه، گداز نامه، ۽ راز نامه مثنويون درج ٿيل آهن.

 

7 ــــ حامي، عطا محمد

رهبر نامو /مترجم عطا محمد حامي .ــــــــــــــــ سن 5 جنوري 1659ع

23 س. م.  ؛ 64 ص.

مملوڪه: محمد علي حداد، خيرپور

ڪيفيت: سچل سرمست جي فارسي مثنوي جو هي منظوم سنڌي ترجمو حامي صاحب 1959ع ۾ ڪيو. مگر هيءَ مثنوي اڃان مڪمل طور شايع نه ٿي سگھي آهي. سيپٽمبر 1965ع جي نئين زندگي ۾ هن جي صرف پهرين قسط شايع ٿي.

 

8 ــــ حامي، عطا محمد، پروفيسر

خيرپور جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو/ پروفيسر عطا محمد حامي . ــــــــــــ ڊي. فل. لاءِ ٿيسز سال 1977ع

29  س. م.     ؛    791  ص.

مملوڪه: سنڌ يونيورسٽي، سنڌالاجي.

(حامي صاحب جي هن تحقيق مقالي جي 629 ــــ 630 صفحن تي سچل سرمست جو ذڪر ڪيل آهي.)

 

9 ــــ حامي، عطا محمد، پروفيسر

سچل سرمست جي  فارسي شاعري / پروفيسر عطا محمد حامي

ــــــــ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان نشر ڪيل تقرير. سن 1967ع

33  س. م.     ؛    5  صفحا.

(هيءَ تقرير پروفيسر عطا محمد حامي سن 1967ع جي ڪنهن تاريخ تي پڙهي هئي. هن ۾ سچل سرمست جي فارسي ڪلام جو تعارف ۽ خوبين جو ذڪر آهي.)

 

10 ــــ حداد، حاجي محمد

خيرپور جي ادبي تاريخ / حاجي محمد حداد ــــــــــــ

ــــــــ ايم.اي. سنڌي لاءِ ٿيسز. سال 1959ع

33  س. م.     ؛    77 ص.

مملوڪه: سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي حيدر آباد.

(مرتب وٽ موجود قلمي نسخي جي صفحي 117 کان 134 تائين سچل سرمست جو ذڪر ۽ ڪلام درج آهي.)

 

11 ــــ حداد، محمد علي

خيرپور رياست جي شاعرن جي مرثيه گوئي/ محمد علي حداد ــــــــــــ

ــــــــ ايم.اي. سنڌي لاءِ مونوگراف. سال 1969ع

27.5  س. م.     ؛    97 ص.

مملوڪه: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.

(سچل سرمست متعلق حوالو 21 کان 43، ۽ 47 کان 53 صفحن تي ڏنل آهي.)

 

12 ــــ سوهو، علي ڏنو

ميان صاحب ڏني فاروقيءَ جو ڪلام./ علي ڏنو لعل بخش سوهو ـــــ

ــــــــ ايم اي. سنڌي لاءِ لکيل مونو گراف.سال 1973ع.

29 س. م.   ؛     85 ص.

مملوڪه:  انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي.

(سچل سرمست جو ذڪر 59 کان 60 صفحن تي ۽ اڪثر ٻين جڳهين تي به آيل آهي.)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25  26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org