سيڪشن؛    علميات

ڪتاب::جام جم

باب: --

صفحو : 9

جام جم

غلام محمد گرامي


 

شروعات

 

وڏي وڏي ڳالهه هيءَ آهي ته ڪانگريس ۽ مسلم ليگ گڏجي، جي سڌارا رٿيا آهن، اهي پاڻ امپريل ڪائونسل جي 19 ميمبرن صحيحون ڪري هند سرڪار جي پيش ڪيا آهن. هاڻي ان تي زور اٿن ته ڪم از ڪم اهي ته ملن، نه ته گهٽ ۾ راضي نه ٿينداسين. باقي هوم رول جا مطالبا ته اڃا وڌيڪ آهن، جي پوءِ گهربا. ان بابت مختلف طرح سان جواب ڏنا آهن. هاڻي هن پمفليٽ ۾، باتفصيل ڏينداسين ته انهن مطالبن ۾، اسان مسلمانن جو گهڻو ڪجهه نقصان آهي. اهي مطالبا اول ’هند واسيءَ‘ جي ٻن چوپڙين ۾ آهن، پوءِ ’سنڌ واسيءَ‘ مسلمانن کي ڪي مطالبا ڏيکاريا هئا، ته مسلمانن کي هي به نه گهرجن ڇا؟ تڏهن مطلب ڇا اٿن؟ تنهنجو جواب به ’آفتاب‘ ۾ ڏنو اٿئون. وري ڪنهن تقرير ۾ ساڳيا مطالبا، ٻئي ڍنگ سان، آنريبل مسٽر آل نبي ڏيکاريا هئا، تن جو به قسطوار جواب ڏيون ٿا. مسلمان ڇو هوم رول کان مخالف آهن، يا ڪي مسلمان ڇو هو رول گهرن ٿا، تن جا سبب به ڏنا اٿئون.

هوم رولي، غير هوم رولين کي خوشامدي يا مطلبي ٿا سڏن، تن جو جواب به ڏنو اٿئون. غرض ته پنهنجي عقل آهر، جيڪي ٿي سگهيو آهي، سو ناظرين جي پيش رکون ٿا.

مسٽر گوڪلي آنجهانيءَ جي اسڪيم به ڏيکاريون ٿا، جنهن ويچاري اعتدال سان، اسڪيم ٺاهي مسلمانن لاءِ جدا چونڊن جو حق قائم رکيو هو. پر هاڻي اسان جا ڀائر ان جي برخلاف ٿي بيٺا آهن، ۽ ليگ وارا ڪئن ريگ ۾ ڦاٿا آهن، سو به ظاهر ٿيندو، پوءِ سڀ ڪنهن مسلمان کي راءِ قائم ڪرڻ آسان ٿيندي.

عجب ته هيءُ آهي، جو اسان جا حريف ڀائر سڀني گهرجن ۽ مطالبن مان ڪي ڪي اهڙا فقرا منجهيل، فقط ميمبرين ۽ انتظامي ڪونسلن بابت ٿا ٻڌائن، جن ۾ سرسري ڏسجي ته بيشڪ هندو مسلمانن لاءِ مفيد آهن. مگر باريڪ نظر سان ڏسبو ته تن ۾ به رولو آهي، جو هيٺ خبر پوندي. ڪو ڪهڙا فقرا پيو ٻڌائي ته ڪو ڪهڙا – نه ته اول کان آخر تائين، سڀ مطالبا ڏيکارين ته قلعي کلي پوي!


 

چوپڙي ”هند واسي“

موسوم بہ

ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي رٿ

حڪومتي سڌار

 

ڪانگريس ۽ ليگ وارن 1 – 4 قلم تائين، ٺهراءُ ڪيو آهي ته پرڳڻن جي قاعدن واري مجلس ۾ چار پتيون چونڊيل ميمبر هجن، پنجين پتي سرڪار چونڊي. وڏن پرڳڻن بمبئي ۽ بنگال ۾ 125 ميمبرن کان گهٽ نه هجن ۽ ٻين ۾ 50 کان 75 تائين مسلمان پنهنجا عيوضي پرڳڻن ۾ هيٺين طرح چونڊن.

اڌ گڏيل علاقن ۾ 100 مان 30، بنگال ۾ 40، بهار ۾ 25، وچ علاقن ۾ 15، مدراس ۾ 15، بمبئيءَ ۾ چونڊيل ڏيهي ميمبرن مان، ٽي پتي، پر شرط اهو ته مسلمان مجلسن جي ميمبريءَ لاءِ ٻين چونڊن ۾ بهرو نه وٺندا.

 

نوٽ:- عيوضين بابت مسٽر ڀرڳڙي صاحب، پنهنجي تقرير ۾ چيو آهي ته عام ماڻهو حڪومت جو ضابطو پنهنجي عيوضين جي معرفت رکي سگهندا، جن کي پاڻ چونڊيندا، وغيره – اسان جو کين عرض آهي ته سنڌ ۾ ميمبرن جي چونڊ بابت آنربل کي تجربو هوندو، ته ڪهڙي شرمناڪ حالت، پئسي خرچڻ ۽ سفارشن ۽ پراين ٻانهن سان ترڻ تي ٿئي ٿي. انهن کي ماڻهن جو عيوضي سچو چئي سگهبو يا مصنوعي يا فريبي.

 ٻيو فرمايو اٿس ته عيوضي قوم جا ڀاتي ناهن! اسان چئون ٿا  ته هائو، پر ڪو ڀاتي، توڻي وڏو، کري پوي ته اهو گهر اَٺو يا مُٺو؟

-(بلبل)


 

جواب

هاڻي خيال ڪريو ته بمبئي پريزيڊنسيءَ ۾ جنهن منجهه ’سنڌ‘ به اچي وئي، مسلمانن جي ڪيتري مردم شماري آهي، تن کي مٿي شرط بندش سان، ’ٽين پتي‘ ڏياري ويئي آهي. يعني 100 تي 33 ميمبر – سنڌ جي ڀاڱي ڇڪي تاڻي 7 -8 ميمبر اوڙڪ ته 12 ميمبر مس ايندا. پوءِ سنڌ ۾ اسان کي ملندا ايترا ميمبر قابل ۽ گريجوئيٽ، ۽ انهن ۾ ٿيندي ڪا اهڙي ٿُوم؟ ۽ ٻاريندا ڪو ٻوٽو؟ باوجود يڪ، دعويدار گهڻا ٿيندا ته

هم بهي هين پانچوين سوارون مين!

پر اسان جي نظر ۾ ته الف سلکڻو –

اهڙا ميمبر ڪائونسل ۾ ڇا وڃي ڪندا ۽ ڪهڙي ميجارٽي يا طاقت سان مسلمانن جو ڪو فائدو ڪندا. جن جي برخلاف اُهي اُهي ’گڻڪ‘ اچي بيهندا، جو مارڪي کي چٺي واچڻ به نه ڏيندا.

هڪ شرط ته مٿي ٻڌو ته مسلمان مجلسن جي ميمبريءَ لاءِ ٻين چونڊن ۾ بهرو نه وٺندا.

وري ٻيو شرط ٻڌو ته ڪو به بل يا ٺهراءُ، جنهن جو هندن يا مسلمانن سان واسطو هجي، تنهن جي برخلاف جيڪڏهن واسطيدار ڌر جي 2/3 پتي، اعتراض ڪندي ته اهو بل پيش نه ڪبو.

جواب

ادو مئو ادي ڄائي، اسين اوتري جا اوترا! ڪو به بل مسلمانن جي خاص فائدي ۾ هوندو ته هندو اعتراض آڻي، بند ڪرائي ٿا سگهن.

اهڙيءَ طرح مسلمان، پر جهڙو مسلمانن جو حال آهي تهڙو اسان کي نه سجهي ته هندن جي برخلاف ايتري پتيءَ وارا مخالفت ڪري سگهندا. جيئن هاڻي ليگ مان ريگ ڪڍي اٿن، تئن سندن پير به ترڪائي ويندا. نه ته به ٻه ٽي ڌريون ڪرومرو! ان شرط مان ڪهڙو فائدو؟ اتي به جيڪو ڏاڍو سو گابو ٿيندو.

5 قلم ۾ آهي ته علاقن جو مهندار جهڙو بمبئيءَ جو گورنر آهي، سو قاعدن ٺاهڻ واري مجلس جو سڀاپتي نه ٿئي، پر مجلس کي پنهنجي سڀاپتيءَ چونڊڻ جو حق ملي.

جواب

آهي ڪنهن سنڌي ميمبر کي اميد، ته هو هيڏين بلائن جي وچ ۾، سڀاپتيءَ ٿيڻ جو شرف حاصل ڪندو. نالي لاءِ بيشڪ اسان جي مسٽر ڀرڳڙي صاحب کي ڪنهن مهل اهو شرف کڻي ملندو ته  ملندو، پر اسان لاءِ ڇا ٿيندو؟ سو به سندن هٿ جي پتلي، پنهنجي مرضيءَ تي کانئس ڪم وٺندا ۽ چوندا ته ”ميان! اوهان جو مسلمان هو!“ ڦُريو ته ان مسلمانيءَ آهي.

-

1- ساڳي پراونشل گورنمينٽ جي ٺهرائن 2 کان 4 تائين آهي ته سڀ ڪنهن پرڳڻي جي سرڪار جو مکي گورنر ٿيندو، جو انڊين سول سروس يا اهڙي نموني جي نوڪريءَ ۾ نه هوندو.

2- هر هڪ پرڳڻي ۾ انتظام هلائڻ لاءِ جماعت ٿيندي، جا گورنر سان گڏ سرڪار سڏبي.

3- ان ڪاروباري جماعت تي انڊين سول سروس جا نوڪر مقرر نه ڪبا.

4- ان ۾ گهٽ ۾ گهٽ اڌ ميمبر ڏيهي ٿين، جي ليجسليٽو ڪونسل جا چونڊيل ميمبر چونڊين.

جواب

گورنرن جي ڪاروباري جماعت ۾ اڌ ڏيهي ميمبر ٿيندا، تن کي وري ڪائونسل جا چونڊيل ميمبر چونڊيندا، پوءِ ٻن پتين ميمبرن جي راءِ وڌيڪ ٿيندي، يا ٽين پتيءَ جي؟ ان صورت ۾ ڪاروباري جماعت ۾ ڪنهن جي ميجارٽي ٿيندي؟ ۽ مسلمانن کي ڇا پڙ پوندو؟

اهڙيءَ طرح، امپريل ليجسليٽو ڪونسل جي ميمبرن ۽ مجلس جا ساڳيا شرط آهن، جن کي ساڳيو جواب آهي.

-

1 – هند سرڪار جي اختيارين واري قلم 5 ۾ آهي ته وڏين نوڪرين ڀرڻ جي اختياري هند سرڪار جي هٿ ۾ رهندي، پر اها اختياري امپريل ليجسليٽو ڪونسل جي قاعدن پٽاندر هلندي، تنهن ۾ ايندو ڪو سنڌ جي مسلمانن کي وارو؟ بلڪل نه – ان عهدن ۾ ڪليڪٽريون، ڪمشنريون ۽ ٻيا عهدا به اچي وڃن ٿا. هت سخن در اين ست وارو معاملو آهي. رمز سهي ڪرڻ گهرجي.

ميمبرن جو هو حال، نوڪرين جو هي حال! اسان جي تعليم جو هي حال! اتفاق ۽ همدردي ۽ قوميت جو هو حال. ان هوندي به مسلمان هوم رول گهرن ۽ چڙي باز سان اڏامي؟ ته هو گوءِ، هو ميدان!


 

چوپڙي نمبر 6 جو صفحو 7

 

جڊيشل ۽ روينيو کاتي جي جدا ڪرڻ ۾، مسلمانن کي ڏس آهي ته ”ميان! پوءِ اوهان جي بدمعاشيءَ جا ڪيس، ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ ڪليڪٽرن وٽ نه هلندا؛ نه ڪو پوليس جو زور ٿيندو، جدا مئجسٽريٽ، سب ججن وانگر خودمختيار رهندا.“

ڀائي صاحب! هائو، ڪي مسلمان ويچارا 110 قلم جا ڏوهاري ٿين ٿا، جي اڪثر رجوع پيا ٿين. اگرچ هاڻي واڻين ۾ به برڪت پوندي ٿي وڃي، پر هتي اسان جو سوال آهي ته رجوع ڪندڙ عملدار ڪير ٿيندا؟ سي ته ساڳيا پوليس وارا ۽ زميندار ٿيندا.

پوءِ جي اهي هم صلاح ٿي، ڪنهن کي ٻوهي ۾ ڏيندا ته مئجسٽريٽ ڇا ڪندو؟ ثابتيءَ جي برخلاف هلندو ڇا؟ ۽ اهي مئجسٽريٽ، جي جدا ٿيندا، سي جايون لياقت ۽ امتحان تي ڀربيون يا آدمشماريءَ تي – سب ججن تي مسلمانن کي اڳيئي پڳڙيون ٻڌايون آهن. باقي خلاصا مئجسٽريٽ کين لونگيون(1)

پهرائيندا. انهيءَ رٿ ۾، مسلمانن کي تڏهن فائدو ٿئي، جڏهن سول ۽ فوجداري ڪم، سرڪاري نوڪرن جي هٿان، بلڪل کسجي وڃي، ۽ اهي سڀ اختياريون پئنچاتي ڪورٽن کي ملن، جن ۾ شهرن جا مکيه ماڻهو، هندو ۽ مسلمان شامل هجن ۽ جي هينئر بئنچ مئجسٽريٽ ڪيا ويا آهن. ڪورٽ فيس ۽ ٻيا لوازما سول ڪيسن تان ڪڍجن ته پوءِ البت چئجي ته سڌارو ٿيو. نه ته ’جهڙي سَٺِ تهڙيون ٽي ويهون!‘ ڪم جدا ٿيا ۽ انهن ۾ ساڳي هڪ قوم جو غلبو رهيو ته مسلمانن لاءِ ڇا؟ غرض ته مسلمانن جي اڄ ڪلهه اهڙي حالت آهي، جو ”ڪاتي ڪري گدري تي به گدرو مٺو، جي گدرو ڪري ڪاتي تي، ته به گدرو مُٺو“ مسلمان هر طرح سان مصيبت ۾ مبتلا آهن.

هر بلائي ز آسمان آيد

خانهء انوري کجا باشد

نه ته حق ۽ انصاف اهو آهي، ته جئن سنڌ ۾ اسين مسلمان گهڻا آهيون ۽ اسان جا پوليٽيڪل حق به وڏا آهن، جو سرڪار اسان کان هي ملڪ فتح ڪيو آهي نه ٻي قوم کان. ان ڪري ميمبرين ۽ نوڪرين ۾ اسان جون ٻه پتيون هجن ۽ ٻين قومن کي ٽين پتي ملي، پر جي انڌ ڌنڌ، دوڙ دسوڙو ته به ڪم از ڪم اڌ ته ضرور ملڻ گهرجي.

جهڙو ميمبرين ۾، تهڙو نوڪرين ۾، هينئر ساري بمبئيءَ سان گڏي، فقط ميمبرين ۾، اسان کي فقط ٽين پتيءَ تي بيهاريو اٿن. سو ته ٿيو نالي ۾ نهال ٿيڻ، تنهن ڪري جيڪو به مسلمان ڀاءُ اٽي جو کائيندو هوندو، سو هن مان پروڙي سگهندو ته اهي مطالبا گهڻو ڪري ڪو مسلمانن جي فائدي ۾ نه ٿيندا، جنهن تي هو اٿي، هندو حريفن سان هام هڻي، پاڻ تي هچا وجهن!

 

(1

)  نوٽ: زمينداري ايسوسيئيشن جي پاران، مسٽر ڀرڳڙي ٻه سوال غير مفيد ڪيا آهن. هڪ ته عدالتي ۽ روينيو ڪم جدا ٿين، تنهنجا جواب مٿي اچي ويا، ٻيو رڳو زوري تعليم، تنهنجو جواب مسٽر آل نبي جي تقرير واري رد ۾ هي آهي ته جيستائين زوري تعليم، مسلمانن جي هٿ ۾ نه ڏبي، تيستائين زوري تعليم مسلمانن لاءِ ويل ويهائڻو آهي ۽ ظلم ڪرڻو آهي، ڇو ته تعليم کاتي ۾ مسلمانن لاءِ ڪجهه به ڪينهين. تنهن کان سواءِ زميندارن جي درد جو پورو علاج، جو سول سڌار ۾ آهي، تنهن لاءِ ته ڪجهه به نه چيو اٿس، ته سيول، مسلمانن جي پاڙ پٽي ڇڏي آهي. اگر اهو سوال ڪري ته پوءِ دوستن ۾ ڪيئن سرخرو ٿئي. زميندارن ويچارن کي ذرو به خبر ڪا نه ٿي پوي ته سندن دردن جا ڪهڙا علاج آهن. ان ميڙ ۾ ٻه چار سياڻا به هئا. پر ”مرد به دست زنده!“ بلبل

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org