سيڪشن؛    علميات

ڪتاب::غلام محمد گرامي

باب: --

صفحو : 5

برصغير هندو پاڪ جو سياسي پس منظر

1857ع – 1920ع

 

1857ع واري آزاديءَ جي جدوجهد، جنهن کي انگريزن بغاوت قرار ڏنو، ان جو سارو الزام، انگريزن پاران مسلمانن تي ئي هنيو ويو. حڪومت برطانيه ۽ عيسائي مبلغن اهو فيصلو ڪيو ته ان بغاوت جا مهندار مسلمان ئي آهن؛ هندو رڳو هنگامي حالتن ۾ شريڪ ٿيا هئا، انهن جو ڪو به ڏوهه ناهي.

هيرنگٽن ٽامس

”مون بيان ڪيو ته غدر (1857ع) جا باني هندو ناهن، اها ’مسلمانن جي سازش‘ هئي. مسلمان خليفه اول (ترڪي) کان وٺي اڄ تائين مغرور، غير روادار ۽ ظالم رهندا آيا آهن. سندن مقصد ”اسلامي حڪومت جو قيام آهي. کين عيساين کان نفرت آهي. هو ڪنهن به غير مسلم حڪومت لاءِ ’وفادار رعايا‘ ٿي نه ٿا سگهن. قرآني احڪام جي موجودگيءَ ۾ اهو ناممڪن آهي.“

(حڪومت خود اختياري، ص 58 -57)

چارلس گرانٽ

ڪمپنيءَ جو ڊئريڪٽر چارلس گرانٽ لکي ٿو:

”هندو ايترو دل جا ڪمزور آهن، جو انهن ۾ سياسي آزاديءَ حاصل ڪرڻ جيتري قابليت پيدا ٿيڻ جي ڪا به اميد ناهي! ان جي خلاف حڪومت کي اهو خطرو هوندو هو ته اسان مسلمانن کان حڪومت کسي آهي، تنهنڪري حڪومت کي کسڻ جي طاقت به مسلمانن ۾ ئي آهي. تنهن ڪري مسلمانن کي هر شعبهء حيات ۾ ختم ڪيو ويو. هر طرف مسلمانن جي اقتصادي ۽ معاشي زندگي قريب قريب ختم ڪئي وئي، کين تعليم ۽ تربيت کان محروم ڪيو ويو.“

(تاريخ تعليم، سيد محمود ص 151)

مدراس حڪومت اعتراف ڪيو ته:

”موجوده تعليم جو خاڪو هندن جي ضرورتن آهر بنايو ويو آهي ۽ مسلمانن کي يڪسر نظر انداز ڪيو ويو آهي. ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ مسلمانن جي گهٽتائي ڪو حيرت انگيز امر ناهي، بلڪ مٿين حالتن ۾ انهن مسلمانن جو زنده رهڻ ۽ هجڻ وڌيڪ حيرت انگيز آهي.“

(تاريخ تعليم، سيد محمود ص 155)

سرجيمس:

سر جيمس، جو باغين جي تحقيقات لاءِ مقرر ٿيو هو، ۽ جنهن جي تحقيقات جي نتيجي ۾ هزارها مسلمان ڪاري پاڻي جي سزا وٺي چُڪا هئا، اهو هن طرح ٿو لکي:

”اسان ائين نه ٿا چئي سگهون ته مسلمانن جي بي اطميناني بي بنياد آهي، سالن جا سال لاڳيتو مسلمانن کي نظر انداز ڪيو ويو آهي، ۽ انهن ڏانهن غفلت جي روش روا رکي وئي آهي.“

(ڪلڪته رويو آڪٽوبر1860ع ص 195

روشن مستقبل، ص 166)

ملازمت

ملازمت جا دروازا مسلمانن تي بند ڪيا ويا.

ڊاڪٽر هنٽر ’مسلمانان هند‘ ۾ لکي ٿو.

”1879ع ۾ مشڪل سان ڪو اهڙو سرڪاري دفتر هوندو، جتي اوهان کي مسلمان ملازم ملندا. جي ملندا ته اهي هوندا چپراسي، پٽيوالا يا ٽپالي. انهن کان سواءِ ٻي ڪنهن به ملازمت ملڻ جي مسلمانن کي اميد ڪا نه آهي.“

(روشن مستقبل ص 150)

ساڳيو هنٽر ٻئي هنڌ لکي ٿو:

”مسلمان هاڻي ايترو هيٺ ڪري چڪا آهن، جو باجود ملازمت جي هجڻ جي به کين ڪا نه ٿي ملي.“

(مسلمانان هند، سر وليم هنٽر ص 158،

روشن مستقبل ص 159)

ان کان علاوه، مسلمانن جون بچيل ملڪيتون به لٽيون ويون ۽ سوين بيگناهه عالم قريباً ست سو ڪاري پاڻيءَ ڏانهن موڪليا ويا، جن جي وڃي انڊمان ٻيٽ کي آباد ڪيو.

سر آڪلنڊ، گورنر صوبه متحده (يو. پي) لکيو آهي:

”غدر ناڪامياب ٿيڻ کانپوءِ، اسان مسلمانن کان سخت انتقام ورتو ۽ ٻنهي قومن، انگريزن ۽ مسلمانن، جي مصالحت جي اميد هميشه لاءِ ختم ٿي.“

(روشن مستقبل ص 53)

ان انتقامي جذبي جي ماتحت مسلمانن کي هر شعبي مان خارج ڪيو ويو.

انگ اکر:

1857ع جي آزاديءَ جي جدوجهد، ۾ ڪل 27 هزار مسلمان ماريا ويا ۽ ڦاسيءَ تي چاڙهيا ويا. مسلمانن کي ڪُچلڻ لاءِ، هڪ لک ويهه هزار انگريز سولجرن سان گڏ، ٽي لک ڏهه هزار ديسي سولجر شامل رهيا. اهي ديسي سولجر سک ۽ مرهٽا، جاٽ ۽ هندو راجپوت هئا. اگر ديسي سولجر انگريز جو ساٿ نه ڏين ها ته پوءِ ’مسلمان‘ 1857ع ۾ ئي انگريزن کان ملڪ ڇڏائي سگهن ها.

سر سيد احمد:

سڀ کان اول، سر سيد احمد خان ئي هندو ذهنيت جو اندازو لڳايو ۽ کين سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي. سر سيد هندو ليڊرن ۽ ڌرمي پيشوائن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، ڪتاب لکيا، پر نتيجو ڪجهه به نه نڪتو. ان کان پوءِ هندو مسلم اتحاد کان بلڪل ناڪامياب ٿي، ”تهذيب الاخلاق“ فيبروري 1865ع ۾ لکيائين:

”ياد رکو، اوهان کي ’اسلام‘ تي ئي جئڻو آهي ۽ اسلام تي ئي مرڻو آهي. ’اسلام‘ کي قائم رکي ئي، اسان جي قوم، قوم بنجي سگهي ٿي. عزيزو، اگر ڪو آسمان جو تارو بنجي ويو، مگر مسلمان نه رهيو ته پوءِ ان ۾ اسان جو ڇا؟ اهو ته ڄڻ اسان جي قوم رهيو ئي نه ۽ ’اسلام‘ کي قائم رکندي ترقي ڪرڻ ئي قومي بهبوديءَ جي مترادف آهي.“

(تهذيب الاخلاق، فيبروري 1865)

ان کان پوءِ، ساڳي سر سيد احمد، مسلمانن جي تعليم بابت ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو:

”هاڻي مون کي يقين ٿي چڪو آهي، ته هندو ۽ مسلم قومون، ڪنهن به ڪم ۾، دل سان شريڪ ٿي نه سگهنديون. هينئر ته ڪجهه ٿيو ئي ناهي، جو ٿيو آهي، اهو ته اڃا گهٽ آهي. آئينده زيادهه مخالفت ۽ عناد منجهن پيدا ٿيندو، اهو سڀ تنگ دل تعليم يافته هندن جي ڪري، وڌندو نظر اچي ٿو. جو زندهه رهندو، سو پنهنجين اکين سان ڏسندو.“

سر سيد جي پيشنگوئي، اڳتي هلي حرف به حرف درست ثابت ٿي.

هندو ذهنيت:

هندو ذهنيت جي تشڪيل جن عناصرن مان ٿي آهي، اهي عناصر برهمنزم مان پيدا ٿيا. ان متعلق اسان هن کان اڳ گهڻو ڪجهه لکي چڪا آهيون.

سر سيد کان پوءِ هندو ذهنيت جي ترجماني ۽ تشريح جن هندو ليڊرن وقت به وقت پئي ڪئي آهي، ان کي مطالعہ ڪرڻ کان پوءِ هر صاحب عقل دنگ رهجي ٿو وڃي.

مثلًا، لاله هرديال جهڙي روشن خيال ليڊر به هن طرح چئي ڏنو:

”مان چوان ٿو ته هندو قوم ۽ هندوستان ۽ پنجاب جو مستقبل هنن چئن آدرشن تي منحصر آهي:

(1) سنگهٽن (2) هندو راج (3) اسلام ۽ عيسائيت جي شڌي (4) سرحدي مسلم علائقن تي فتح حاصل ڪرڻ ۽ انهن جي شڌي. جيسائين هندو اهي چارئي مرحلا طئي نه ڪندا، تيستائين اسان جو اولاد، پٽ، پوٽا ۽ پڙ پوٽا هميشہ لاءِ خطري ۾ رهندا.“

اهڙن خيالن ڪري تعليم يافته ۽ تاجر هندو هميشہ اهڙين سازشن ۾ مشغول رهندا هئا ۽ ’شڌي ۽ سنگهٽن‘ تحريڪن ۾ حصو وٺندا هئا.

ان طرح لاله لجپتراءِ جهڙي مشهور معروف ليڊر به هن طرح پنهنجو خيال ظاهر ڪيو:

”هڪ ٻي چيز، جا گهڻي زماني کان مون لاءِ بيقراريءَ جو سبب بني آهي، سو آهي ’هندو مسلم اتحاد‘ جو مسئلو. مان چاهيان ٿو ته اوهان کي ان متعلق فڪر ۽ غور لاءِ دعوت ڏيان. گذريل 6 مهينا مون اسلامي تاريخ ۽ اسلامي قانون جي مطالعہ ۾ صرف ڪيا آهن. مان ان نتيجي تي پهتو آهيان، ته ’هندو مسلم اتحاد‘ بلڪل ناممڪن چيز ۽ ناقابل عمل مسئلو آهي. اهي مسلمان رهنما، جي عدم تشدد جي تحريڪ ۾ شامل آهن، اگر انهن جي خلوص نيت کي تسليم ڪيو وڃي، ته پوءِ به منهنجي خيال ۾ اُنهن جو مذهب، ان رستي ۾ وڏي رڪاوٽ ثابت ٿيندو. اوهان کي ياد هوندو، ته حڪيم اجمل خان ۽ ڊاڪٽر ڪچلو سان ڪلڪتي ۾ ڪيل گفتگو جي ڳالهه مون اوهان سان روبرو ڪئي هئي. هندوستان ۾ حڪيم صاحب کان وڌيڪ نرم ۽ سمجهدار انسان مسلمانن ۾ مون کي ڪو نه سمجهي. ليڪن سوال هي آهي ته ڇا حڪيم صاحب يا ڪو ٻيو مسلمان ليڊر قرآن جي تعليم کي رد ڪري سگهي ٿو ڇا؟ خدا ڪري، اسلامي قانون جي مطالع کان پوءِ مان جنهن نتيجي تي پهتو آهيان، سو غلط هجي، ڇو ته منهنجي دل جي اضطراب کي دور ڪرڻ واري ان کان وڌيڪ ٻي ڪا به عمدي ڳالهه نه ٿيندي، پر جي منهنجي ڳالهه درست آهي ته پوءِ ان جو مطلب اهو ٿيندو ته اسان انگريز جي مقابلي ۾ متحد ٿي سگهنداسون. ليڪن برطانوي طرز حڪومت جي مطابق، هندوستان ۾ نظام حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ اهڙو اتحاد ناممڪن نظر ٿو اچي. مسلمان ڪڏهن به ان تي اتفاق نه ڪندا. مان هند جي 8 ڪروڙ مسلمانن کان ڊڄان نه ٿو، ليڪن انهن سان گڏ، افغانستان، وچ ايشيا، عرب، عراق ۽ ترڪيءَ جي هٿياربند فوجن سان ته اصل نه پڄي سگهنداسون.“

(لجپتراءِ، سي. آر. داس جي نالي خط)

اهو آهي ’قرآن‘ ۽ اسلامي قانون جي مطالعہ جو نتيجو، جو لجپتراءِ جهڙي باشعور ليڊر پيش ڪيو آهي. ان طرح آل انڊيا مهاسڀا جي صدر ڀائي پرمانند جو چوڻ آهي:

”اوهان سرڪاري مهربانيءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪريو ۽ سرڪاري عهدن کي هٿن ۾ آڻڻ لاءِ ڪوشش ڪريو، ۽ سرڪار سان ملي سڀ کان اول ’مسلمان‘ کي ڪمزور ڪريو، ۽ هندن جي طاقت کي وڌايو. ان کان پوءِ ’سوراج‘ جي ڳالهه ڪرڻ گهرجي.“

(هندو سنگهٽن ۽ آريه سماج: از ڀائي پرمانند ص 180)

ان طرح سر والٽر لارينس هڪ ڪتاب ’هندوستان‘ لکيو آهي، جنهن جا اقتباس، نواب سر ذوالفقار علي ۽ ڊاڪٽر سهرورديءَ، مرڪزي سائمن ڪميٽيءَ جي اختلافي نوٽن ۾ استعمال ڪيا هئا. هڪ اقتباس هن طرح آهي:

لارڊ ڪرزن جي دعوت ۾، جوڌپور جي راجا جو ڀاءُ پرتاب به شملي ۾ شريڪ ٿيو. ان سان رات جو 2 بجي تائين ڳالهيون ٿينديون رهيون.

”سر پرتاب چيو ته منهنجو مقصد اهو آهي ته مسلمانن کي هندوستان ۾ فنا ڪري ڇڏيان. مون سندس ان تعصب جي مذمت ڪئي، ۽ انهن مسلمان دوستن جو ذڪر ڪيو، جن سان سندس ۽ منهنجي دوستي هئي. ان تي چيائين، بيشڪ مان به ان کي پسند ڪريان ٿو، پر ان سان گڏ اهو به چاهيان ٿو ته اهي شال مري وڃن! بس دنيا ۾ منهنجو صرف هڪ مقصد آهي، سڀ کان اول، بادشاه سلامت جي دشمنن جي خلاف، فوج جي قيادت ڪندي مري وڃان ۽ ٻيو هندوستان مان مسلمانن کي ڪڍي ختم ڪري ڇڏيان.“

’هندو ذهنيت‘ جي ان اشتعال انگيز دور ۾، مسلمانن جي حقن ۽ مطالبن متعلق جا غلط فهمي پيدا ڪئي وئي، تنهن جا اڳتي هلي نتيجا خراب نڪتا. ان سلسلي ۾، هندن جي وڏي سياسي ليڊر ۽ ودوان، پنڊت گنگاڌر ’تلڪ‘ مهاراج، جو مهاراشٽر جو ’برهمن‘ هو، تنهن متعلق سندس سوانح نگار لکيو آهي ته:

”جڏهن سندس مرتيو جي گهڙي قريب آئي، تڏهن هڪ دوست کي چيائين ته منهنجو هي پيغام مهاتما گانڌيءَ کي پهچايو وڃي ته هو مون وانگر هميشہ ان ڳالهه جو خيال رکي ته، جئن به ٿي سگهي، هندوستان جون سڀ جائدادون ۽ ملڪيتون ’هندن‘ جي قبضي ۾ اچي وڃن. باقي وڃي هڪ ’حڪومت‘ جو مسئلو بچندو، جنهن کي حل ڪرڻ بلڪل آسان ٿيندو. سڀ کان مقدم چيز اها آهي، ته جائداد ۽ ملڪيت هندو قوم جي قبضي اچي.“

(هندو راج کي منصوبي: از افضل حسين)

هي آهي تلڪ مهاراج جو اپديش، جنهن کي پڙهڻ کان پوءِ برهمنزم جا ارادا بي نقاب ٿي وڃن ٿا. خدا رحمت ڪري سر سيد احمد تي، جنهن جي حقيقت شناس نگاهه برهمنزم جي انهن غلط ارادن کي 1888ع ۾ ئي تاڙي ورتو هو. چنانچه ’ميرٺ‘ ۾ تقرير ڪندي چيو اٿس:

”فرض ڪريو ته اڄ انگريز هندستان کي ڇڏي ٿو وڃي، ته پوءِ سوال ٿو پيدا ٿئي ته هندوستان جو حڪمران ڪير ٿيندو؟ ڇا اهو ممڪن آهي ته موجوده تنگ نظر ۽ ڪشمڪش واري غلط ماحول ۾ ٻئي قومون، مسلمان ۽ هندو، گڏجي هڪ تخت تي ويهي سگهندا ۽ ساري طاقت ۽ اختيار جا مالڪ ٿي سگهندا.“

(ميرٺ جي تقرير: از سر سيد احمد 1888ع)

مسلمانن لاءِ ذهني رد عمل:

اصل ۾ ڳالهه اِها آهي ته برصغير هندو پاڪ ۾ ’هندو مسلم اتحاد‘ جون سڀ ڪوششون ان ڪري ناڪام ٿيون، ڇا لاءِ ته هندو ذهنيت رکندڙ برهمن ليڊر ’ڪثرت‘ جي بنياد کان علاوه، پنهنجي اڊمبر، تقدس، اوچ نسل هجڻ جي زعم ۾ اچي ڪري، ’مسلمانن‘ کي هڪ ڏينهن لاءِ به هت رهڻ جي حق ۾ نه هئا هو، هميشہ، مسلمانن جي خاتمي لاءِ پيا واجهائيندا هئا.

ڪن ساده لوح مسلمان ليڊرن، هندو مسلم اتحاد ۽ ’هوم رول‘ جي سلسلي ۾ گهڻيون ئي قربانيون ڏنيون، پر سچ پچ، ’هندو‘ مسلمان کي ڪڏهن به قبول ڪرڻ لاءِ دل سان تيار نه ٿيو. اسان وٽ وڏا وڏا ديش ڀڳت ۽ گانڌي ڀڳت اهڙا به ٿيا آهن، جن جي شيرين زباني جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، پر سندن دل ۾ ’مسلمانن‘ جي دشمنيءَ گهر ڪري ڇڏيو هو. هو گانءِ ۽ ڪتي کي پيار ڪري سگهيا ٿي، پر هن ’مليڇ‘ سان منهن لڳائڻ لاءِ به تيار نه هئا. هندو ذهنيت کي سمجهڻ لاءِ تاريخ جا تاريڪ ورق ڀريا پيا آهن.

 

جائزو:

تاريخ صاف ٿي ٻڌائي ته برهمن مت جي عروج هت ذات پات جون بندشون تيار ڪري، اهڙو فولادي نظام قائم ڪيو، جو ڪڏهن به ٽٽي نه ٿي سگهيو. ان ’مت‘ انسان ذات کي گروهن ۾ ورهائي ڇڏيو، ايتري قدر جو هزارن سالن جي گذرڻ کان پوءِ به هزارين نسل مري کپي ويا، پر هڪ گروه جو ڪنهن ٻئي گروه سان اتحاد ۽ اتصال ٿي نه سگهيو. برهمن، کتري، وئش ۽ شودر، هر حال ۾ رهندا آيا. ’برهمنزم‘ خود ٻڌمت ۽ جين مت کي ختم ڪري ڇڏيو، هندوستان ۾ انهن لاءِ ڪا به جاءِ پناهه نه رهي، ڪروڙين ماڻهو قتل ڪيا ويا، باقي بچل سلون ۽ چين ڏانهن ڀڄي ويا. ان ئي ماحول ۾ اهل اسلام آيا، مظلوم ۽ مقهور عوام، سندن استقبال ڪيو، ۽ انهن جي آمد کي رحمت ڪري سمجهيائون. پر ’برهمن‘ ڪڏهن به ’مسلمانن‘ کي قبول نه ڪيو. هو هر دور ۾ مسلمان کي اجنبي، شوديشي ۽ غاصب سمجهندو رهيو، بلڪ اڇوت ۽ شودر کان به ’مسلمان‘ جي حيثيت گهٽ قرار ڏني وئي. ٻي منافقانه روش جا ’هندو برهمن‘ جي پيدائشي چال آهي، سا اها ته مسلمانن کي جيستائين اقتدار حاصل رهيو، تيستائين منافقانه طور مسلمان جا ’دوست‘ ٿي رهيا، مگر ذهني طور تي مسلمانن کي ڪڏهن به قبول نه ڪيائون.

’برهمن‘ ورن آشرم جي تقسيم ڪري، هر هندوءَ جي تحت الشعور تائين اهو زهر ڦهلائي ڇڏيو هو ته، سڀ ڪجهه ’برهمن‘ جي خدمت لاءِ پيدا ٿيل آهي. ’برهمن‘ ڪنهن به اخلاقي ۽ قانوني قيد جو پابند ناهي، بلڪ اخلاقي ۽ معاشرتي معيار ’برهمن‘ جي خواهش پٽاندر بدلجي ٿا سگهن. برهمن پاڻ کان سواءِ، باقي انسان ذات کي کتري، ويش ۽ شودر سڏي، حڪومت، سپہ گري ۽ تجارت سندن حوالي ڪئي، ۽ پاڻ سڀني جي مٿان بالادستي قائم ڪري ويهي رهيا.

’برهمن‘ هميشہ حڪمران طبقي کي پنهنجو محافظ ۽ خادم ڪري تصور ڪيو. اهو ئي سبب آهي جو هن حڪومت جي معاملي ۾ ڪنهن سان واسطو نه رکيو. جو به بالادست آيو، برهمن ان جي غير شعوري طرح سان، منافقانه اطاعت ڪئي. ۽ اهڙي چال اختيار ڪئي، جئن حڪمران جي قوت سندن ئي مفاد ۽ تحفظ لاءِ استعمال ٿي سگهي. ’برهمن‘ کلئي ميدان تي مقابلو نه ڪيو، پر ان انتظار ۾ رهيو، ته ڪڏهن ٿو حڪمران گروهه ۾ اختلاف پيدا ٿئي. جيئن ئي اهڙو وقت آيو، برهمن، شمشير به ڪف ٿي قتل و غارت ۾ سرگرم رهيو. جنهن دَر تي هو مٿو ٽيڪندو هو، ان ئي دَر کي اُکيڙڻ ۾ مشغول هيو. هڪ در کي تباهه ڪري، ٻئي در تي سر کي رڳڙيندو رهيو. برهمن هميشه تازه دم اقتدار جي انتظار ۾ رهيو ۽ پنهنجي وفاداريءَ جي مرڪز بدلائڻ لاءِ هميشه تيار!

حڪمرانن مان قافلن جا قافلا آيا. ۽ ويا ڪيئي برهمنن جي ورن آشرم واري سمونڊ ۾ غرق ٿي ويا. اهو سلسلو هلندو رهيو ۽ انگريز آيو. انگريز جو مصرف برهمڻ وٽ صرف ايترو هو ته برهمڻ کي اڳين حاڪمن مسلمانن کان نجات ڏياري!

1857ع تائين، منافقانه روش تي قائم رهندي به انگريز لاءِ شڪ ۾ رهيو، پر جڏهن ڏٺائين ته انگريز برهمن جي مفاد جو تحفظ ڪري رهيو آهي، ۽ ’ملسمانن‘ کي تباهه ڪري رهيو آهي، تڏهن کيس فوراً اطمينان حاصل ٿيو، ۽ هو پوريءَ طرح انگريز جي پناهه ۾ آيو. اڳتي هلي، انگريز جي سونپيل ڪم کي پايه تڪميل تي پهچائڻ لاءِ، مسلمانن خلاف قتل و غارت جي بازار گرم رکيائين. شڌي ۽ سنگهٽن تحريڪون هلائي، مسلمانن کي اسلام کان ڦيرائڻ لاءِ ڪم شروع ڪيائين. قلم سان ’اسلام‘ جي خلاف زهر افشاني ڪندي ڪو به شرم محسوس نه ڪيائين. ايتري قدر جو نون حڪمرانن جي گود ۾ ويهي، وطنيت، جمهوريت ۽ رياست ۽ سياست جي جديد تصورات کي به حسب عادت قبول ڪري، انگريز سان ملي، مسلمانن جي خلاف محاذ قائم ڪيائين. ان ساري جائزي لاءِ، هن ملڪ جي تاريخ شاهد آهي.

بهرحال، ’برهمن‘ اقتدار وارن سان ٺهي، مسلمانن کي ناس ڪرڻ ۾ سڀ کان پيش پيش رهيو.

چاڻڪيه، ششوپال، بيربل، اڌي سنگهه، پرتاب سنگهه شيواجي، لوڪمانيه تلڪ، لجپتراءِ، پٽيل، برلا، ٽاٽا، ڊالميا، شاستري مدن موهن مالويه، موتي لال نهرو، سوامي ديانند ۽ شرڌا نند ان ئي محور تي گردش ڪندا رهيا، ۽ ڪڏهن به ’مسلمانن‘ کي قبول نه ڪيائون. ’مسلمان‘ حاڪم رهيو ته کيس ٻانهون ٻڌي ’پرنام‘ ڪندا رهيا. انهن کي پنهنجين ڌيئن جا سڱ ڏيندا رهيا، ليڪن در پرده سندن بيخ ڪنيءَ لاءِ ڪم ڪندا آيا، ۽ سڀني احسانن کي فراموش ڪري، کين نابود ڪرڻ لاءِ سازشون ڪندا رهيا.

1857ع کان پوءِ، جئن انگريز جا قدم پختا ٿيا، ۽ مسلمان معذور ۽ محتاج بنجي ويا، تئن ’برهمن‘ به پر کولڻ شروع ڪيا. نئين آيل جو استقبال ڪيائون ۽ ويندڙ کي الوداع!

سڀ کان اول بنگال جي مسلمانن کي، اتي جي راجائن، انگريز سان ملي، تباهه ڪيو. زميندارن ۽ هارين جي ملڪيتن کي لٽيائون، مسلمانن کي گهرن مان لوڌي ڪڍيائون. انهن جي ڳوٺن کي ساڙيائون ۽ کين بي دريغ قتل ڪيائون.

(وڏيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org