سيڪشن؛    علميات

ڪتاب::جام جم

باب: --

صفحو : 10

جام جم

غلام محمد گرامي


 

مسلمان هوم رول جي ڇو مخالف آهن؟

 

سنڌ جي مسلمانن کي هوم رول جي مخالفت ڏيکارڻ مان ٻه فائدا آهن، يعني جيڪڏهن غالب عنصر جي زور تي، هوم رول ملي ويو ۽ ان ۾ مسلمانن کي اهنج پهتو ۽ سندن حقن کي جوکو رسيو ته انهن کي پڪارڻ لاءِ وجهه ملندا ته اسين بروقت ان کان مخالف هئاسون، پوءِ جا ڳالهه اسان جي مرضيءَ ڌاران ڪئي وئي آهي، تنهن لاءِ اسين ٻَڌل ناهيون، نه ته اسان کي جدا حق ملن ته سندن اهڙي پڪار وزن ۾ ايندي ۽ جيڪڏهن کين ان مان ڪو فائدو پهتو ته الحمدلله پوءِ به مسلمانن کي اهو اعتراض آڏو نه ايندو، ڇو ته هوم رول ساري هندستان لاءِ ٿيندو ته مسلمان به ان ۾ اچي ويندا. هاڻي جيڪڏهن ماٺ ڪبي ۽ ان بابت اعتراض نه وٺبو، ۽ پوءِ به لياقتن سارو نوڪريون ٿيون، يا ڪانگريس ۽ ليگ جي ٺهراءُ موجب اسان کي فقط ٽين پتي ميمبر مليا، ته مسلمان گهاٽي ۾. پوءِ سندن پڪار به ڪو نه ڪو ٻڌندو.

قياس جي ڳالهه آهي ته سنڌ ۾ اسين مسلمان 80 سيڪڙو آباد آهيون ۽ هندوستان ۾ سڀ مسلمان وري 20 سيڪڙو مَسَ ٿيندا. جيڪڏهن ڪانگريس ۽ ليگ جي ٺهراءُ موجب، فقط اسان کي بمبئيءَ سان گڏ، ٽين پتي ميمبرن جي ملي ته به اسان کي ڪس؛ نه ته هينئر جن صوبن ۾، مسلم ليگ ۽ ڪانگريس ٺهراءُ ڪري، 30 فيصدي عدد ڏنو آهي، اتي سرڪار 40 في صدي حق ڏئي ٿي. تنهن کان سواءِ خود حڪومت جو اصل اصول ۽ مکيه فائدو آهي عملدارين ۽ نوڪرين ۾. پوءِ جيڪڏهن تعليم ۽ امتحانن جي لياقتن تي نوڪريون ۽ عهدا ٿيا، ته به اسان لاءِ نقصان! اوهان خيال ڪري ڏسندؤ ته آخر وڏا عهدا يا عزتون نيٺ ته تعليم ۽ لياقت تي ورهائبا. پوءِ اوهان اهڙو اندازو ڪيو آهي ته سنڌ ۾ ڪيترا مسلمان گريجويٽ آهن. مون ليکو ڪيو آهي ته بئريسٽرن سان ملائي هر هڪ ضلعي ۾ چئن کان ڇهن تائين مس مسلمان لڀندا، جي جملي ويهه – ٽيهه آهن.

ساري هندوستان ۾ هندن جي مردم شماري 21 ڪروڙ، 75 لک 86 هزار 892 آهي، تن ۾ پرائمري تعليم وارن جو عدد 1 ڪروڙ، 12 لک، 23 هزار، 134 - ۽ سيڪنڊريءَ وارن جو عدد، 10 لک، 13 هزار 596 آهي، ۽ مسلمانن جي مردم شماري، 6 ڪروڙ، 66 لک، 47 هزار 291 آهي. پرائمريءَ ۾، 23 لک 59 هزار 766 آهن ۽ سيڪنڊريءَ ۾ فقط هڪ لک 76 هزار آهن. پوءِ ڪهڙي زور تي ۽ ڪهڙي منهن سان، اسان هوم رول جا طالبو ٿيون، جن ۾ تعليم جي ايتري ڪمي آهي. آهي ڪو اهڙو رول، يا ڏيندو ڪو اهڙي گئرنٽي ته مسلمانن جا ڄٽ ڄاموٽ، ملان ملواڻا، گريجويٽن جي مٽ ڪبا، ته پوءِ هونداسين ٻنهين هٿن سان هوم رول لاءِ ٻک وجهون.

مگر جن ڀائرن جو هي حال آهي، جو هاڻيئي اڃان ڪنهن لائق مسلمان کي قسمت سان ڪا جاءِ ملي ٿي، ته هندو اخبارن ۾ گهوڙا گهوڙا پئجي ٿي وڃي، پوءِ جي کين هوم رول مليو ته اسان کي ڏورين سان نه ڏنڀيندا؟

ڪراچيءَ جا واپاري، وڏا ماڻهو، جي ’هوم رولي‘ آهن، تن جو ڌنڌو آهي واپار. انهن کي حڪومت يا نوڪرين سان ته واسطو ئي ڪينهين. انهن جو خيال فقط ميمبرين تي مبذول آهي. پوءِ انهن کي ڇا آهي: ٻين مسلمانن جو مردو دوزخ وڃي يا بهشت. اڃا به جيڪڏهن انهن جا گريجويٽ ڪڍي ڇڏجن ته باقي ٻيا خاص وطني مسلمان، ڪي جزوي وڃي بچندا.

ان تعليم جي ڪميءَ تي به ڪي صاحب ڪاوڙيل آهن ته مسلمانن جي ليڊرن يا ٻين معززن تعليم بابت ڇا ڪيو آهي، ۽ نالا ڳڻائي مٿن ڪرٽون ۽ ڪاوڙيون ڪري رهيا آهن. مگر جيڪڏهن اسين اها ڳالهه به کڻي قبول ڪيون ته بيشڪ اسان مان ڪنهن به اسان جي ليڊر يا ڪنهن بيٺل ماڻهوءَ تعليم جي به نسبت ڪجهه نه ڪيو آهي.(1) حالانڪ ڪن صاحبن گهڻو ڪجهه ڪيو آهي، تڏهن ته پاڻ تي ان ڪوتاهيءَ جي اها سزا مقرر ڪريون ٿا ته اسين هوم رول جي نعمت عظميٰ کان محروم ڪيا وڃون ۽ اها خلعت فاخره، اسان جي ناموزون قد تي نه ٿي ٺهي ۽ ساڳيا معترض وري ان ڪوتاهيءَ ۾ قصور ڪري، الٽو اسان کي هوم رول جو انعام ڏيارين، ته عجب منطق آهي. هان جيڪڏهن سندن اهو وظيفو وهي وڃي ته:

گر نه ستاني به ستم مي رسد

ته پوءِ ماشاء الله، الحمدلله، نه ته ڪي صاحب رڳو ڪنهن ڪاوڙ کان يا ته ڪنهن آفيسر جي ڀيڙ هوندن، يا ڪا سزا ملي هوندون، ته ان ساڙ کان هوم رولن سان وڃي ملن ٿا. گويا اها يورپي آفيسرن جي ڪمي ٿي ويندي، پر اهي بندا خدا جا ڪو اهوخيال ڪن ٿا ته هوم رول کان پوءِ ايڏا عهدا ۽ اختيار ڪهڙي قوم کي نصيب ٿيندا، ۽ پوءِ اهي اسان کي ڪهڙي نظر سان ڏسندا. يورپين کان وڌ، يا گهٽ؟ تنهن لاءِ هي چوڻ بس ٿيندو ته ”آزمائي کي آزمائي، سو منهن تي پاڻي – ورائي!“ يا، من جرب المجرب حلت بہ الندامة.

ان جا مثال مان هيٺ به ڏيندس. پوءِ رڳو ڪاوڙ مان، جنهن کان ڪو انتقام به ٿيڻو نه آهي، پنهنجي قوم کي صياد کان ڇڏائي، گرگ جي حوالي ڪرڻ ڪهڙي عقلمندي چئبي؟

وري مزو ته هي جو طعنو ٿا ڏين ته يورپي آفيسرن جي خوشامند ۽ دل خوش ڪرڻ لاءِ ۽ پنهنجن فائدن حاصل ڪرڻ لاءِ هوم رول جي مخالفت ٿا ڪن.

- هاڻي اسان جو کين جواب آهي ته جيڪڏهن هو اسان کي قائل ڪن، جنهن لاءِ هزار دفعا کين چئلينج ڏنو ويو آهي ته اسان کي کولي چڱيءَ طرح ٻڌايو ته سنڌ ۾ هوم رول مان مسلمانن کي به اوترو ئي فائدو ملڻو آهي، جيترو هندن کي، ته پوءِ بيشڪ هوم رول جا مخالف مياري چئبا. مگر هيستائين، جيڪي دليل ۽ اصلاح ڏيکاريا اٿن، تن سڀني جا رد ڏنا اٿئون، هاڻي به چئون ٿا ته اسين هوم رول جي لائق ناهيون. هن وقت هوم رول ملندو ته اسين سراسر نقصان ۾ اينداسين. پوءِ پنهنجي قوم جي خبر گهرائي، سچي صلاح ۽ واجبي ڳالهه تي، از خود آفيسر به اسان کان خوش ٿيندا. جو مقتضا وقت ۽ آئين حڪومت موجب، سنڌ جا مسلمان، مخالف ٿيا آهن، ته ان ۾ ڪهڙو گناهه ٿيو؟ برخلاف ان جي، جو آفيسر به ناراض ڪجن، ۽ قوم جي ٻيڙي به ٻوڙجي. جن جي دامن ۾ ٿو لڪجي، سي به هڪالي ڪڍن، ته پوءِ ان کان وڌيڪ بيوقوفي ڪا ٻي؟

هڪڙي صاحب وري گوهر افشاني ڪئي آهي ته اڄ سڀ اختيار هندن کي آهي، يورپي آفيسر ذرو به حمايت ڪري نه ٿا سگهن، ته پوءِ ڇو نه انهن جي دامن ۾ لڪجي! بيشڪ لِڪَن، مبارڪ باشد! مگر انهن جي ڪهڙي گئرنٽي اٿن. جڏهن يورپي آفيسرن جي ايڏي اختيار هوندي به مسلمانن کي ڏنڀي ٿا رکن، تڏهن هوم رول ٿيڻ ڪري ڪيڏو نه سندن زور ۽ اختيار ٿيندو؟ سي پوءِ گهٽائيندا؟ مگر افسوس ته ان موهوم اميد تي اهڙا وسوڙل ماڻهو، سندن پاسو ٿا وٺن، ته متان هوم رول وٺي وجهن، ته من اسان جي لڄ رکن! مَن ياد ڏياريون ته اسان اوهان جا سر ڀائي هئاسين. کڻي قبول ڪجي ته پاڻ انهن جي زد کان بچي وڃن، مگر عام قوم جو کين خيال نه ٿو ٿئي ته نيٺ انهن جي حڪومت هلندي، غريب رعايا قوم تي، جا مسلمان آهي. پوءِ هن کان وڌيڪ ساڻن عقوبتون نه ٿينديون، جي هاڻي ئي اعلانيه چون ٿا ته ميان! اسان اوهان سان اڃا اوئين ته نه ڪيو آهي، جئن مسلمانن ڪيو هو؟

هاڻي ڏسبو ته جيڪي هينئر ئي اهڙن عيوضن وٺڻ لاءِ تيار آهن، بلڪ وٺي رهيا آهن، تن کان پاڻ بچائي، ٻيءَ ساريءَ قوم کي، سندن رحم تي ڇڏڻ، قوم فروشي نه چئبي ته ٻيو ڇا؟ ٿيندي ساڻن به اها جُٺ! ان مان سڀڪو انصاف وارو، مٿين ٻنهين فريقن مان، امتياز ڪري سگهندو ته ڪنهن چڱو رستو ورتو آهي؟

”خود تو مصنف باش اي دل، اين نکو يا آن نکو!“

هن کان اڳي اسان پنهنجن ياران وطن جي ڪيريڪٽر جو ٿورو ڪرشمو، ’مُشتي از خروار‘ ۽ ’دانه از انبار‘ آفتاب ۾ وقت بوقت ڏيکاري چڪا آهيون، ته باوجود ليڊرن جي ايڪي ۽ اتحاد ۽ ٺهراءُ ۽ حڪومت انگريزيءَ جي به، هنن ڇا ڇا هلت ڪئي آهي ۽ ڪيترو پنهنجي قول تي بيٺا ۽ عمل ڪيائون؟

اورنگزيب ۽ ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن کان ته لنگهائي رکيو اٿن يا باقي ڪجهه ڇڏيو اٿن؟ ”اهڙي نه سمي ڪئي نه سومري ڪئي.“

بقر عيد تي جيڪي ظلم مسلمانن سان ڪيا اٿن، سي اخبارن ۾ موجود آهن. مگر افسوس جو هندو اخبارن ته انهن واقعن کان اک پوري، پر ”الحق“ ۽ ”الامين“ وارا به خاموش رهيا! نه ته ايڏا ظلم ۽ اهڙا واقعا اڄ تائين نه ڪنهن ڏِٺا نه ٻُڌا! جو هندو بلوائي، لکن هزارن جي عدد ۾، گڏجي سوين ڳوٺ ڦريا آهن. مرد ۽ معصوم ٻار ماريا اٿن، زالن جا ڪپڙا لٽا به لاهي ورتا اٿن، جي ننگيون آرهه ضلع ۾ پناه گزين اچي ٿيون آهن. هن بابت هيٺ به ڪجهه احوال آهي.


 

(1)  هوم رول ان بابت سرڪار کي معتوب ٿا ڪن ته ان اسان جي تعليم لاءِ صديءَ تائين ڪجهه نه ڪيو آهي. اهو ڏوراپو البت مسلمان قوم ڏئي سگهي ٿي، نه هندو. پر ان ۾ وري مسلمان پاڻ جوابدار آهن، ڇو ته هنن هندن جيتري تعليم به نه ورتي. پوءِ ڪهڙي مُنهن سان سرڪار کي عتاب ڏيندا. نه نه، ساڻن اهو ظلم سڀ سندن عالمن ڪيو. ڪم از ڪم هندن جهڙا هجن ها ته اڄ اهڙا ڪنڊا نه ڪڍڻا پون ها. – (بلبل)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org