سيڪشن؛  علميات

ڪتاب:حشرات الارض

باب: --

صفحو :4

پتنگ يا پروانا

پتنگ يا پروانا، پوپٽن کان هن ڳالهه ۾ تفاوت رکن ٿا ته هو اڪثر رات جو اُڏامندا آهن، پر ڪي صبوح جو ۽ سانجهيءَ جو به نڪرندا آهن. ٻيو ته هنن جون مُڇون جدا جدا شڪلين جون ٿين ٿيون ۽ ڇيڙي ۾ ڳوڙهيون نٿيون ٿينن. جڏهن هو هڪڙي هنڌ ويهندا آهن، تڏهن پوپٽن وانگي کنڀ کولي نه ويهندا آهن، پر گهڻو ڪري پٺن تي لاهي رکندا آهن. ڪي پتنگن جا قسم کنڀن کان سواءِ به ٿيندا آهن. پتنگن جا هزارين قسم آهن. اسين هتي فقط ٻن جو ذڪر ڪريون ٿا.

 

ڪپڙي جا پتنگ

ڪپڙي جا ڪينئان مشهور آهن، جي تمام گهڻو زيانڪار آهن. هنن جا ڪيترائي قسم آهن. ڪي ڪپڙن کي لڳندا آهن، ڪي غاليچن کي، ڪي اَن يا پشم کي. هي پتنگ تمام ننڍا ٿين ٿا، اڪثر يا ڀوري رنگ جا ٿين ۽ مٿن اڇيرڙا يا پيليرڙا چِٽا ٿيندا آهن.

هنن جا سُوٻٽ يا ٻچا ننڍڙا، هٻڇي ۽ زيانڪار ٿيندا آهن. هنن کي مضبوط ڄاڙون ٿيون ٿين، تنهنڪري جيڪي هٿ لڳين، تنهن کي ٽُڪي چَٽ ڪري ڇڏيندا آهن. پشم واري پتنگ جو ٻچو يا سُوٻٽ، هڪڙي اڇي ڪينئين وانگي ٿو ٿئي ۽ هڪڙي کوپي ۾ بند ٿو ٿئي، جنهن جا ٻيئي مُنهن يا ڇيڙا کليل ٿا رهن. انهيءَ کوپي جو اندريون پاسو ساڳيءَ انهيءَ رنگ جي پشم جو آهي، جنهن کي هو ٽُڪي زيان ڪري ٿو. ان جو ٻاهريون پاسو اڇي ريشم جو آهي، جو اُهو جيت پاڻ جوڙي ٿو.

(ڪپڙي جا پتنگ)

ٻچا آنن مان ڦُٽنئي مس ٿا ته پاڻ کي ڪپڙي ۾ ڍڪڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. مٿينءَ شڪل ۾ ٻه ڪينئان ڏيکاريل آهن، جي کلپي مان منهن ڪڍيو ڪپڙا ويٺا کائين. ٻچو ٿورو ٿورو ڪري پنهنجي پوش جي ٻنهي مُنهنَ کي وڌائيندو وڃي. جڏهن مچي مچي اهڙو ٿُلهو ٿئي ٿو، جو انهيءَ کوپي ۾ ماپي نٿو سگهي، تڏهن ان کي ٽُڪر ٽُڪر ڪري ڦاڙي، ٻيو ٽُڪر اُن جي جاءِ تي لڳائي ٿو. هن کي اڳيان ڇهه ٽنگون ٿين ٿيون، جن جي وسيلي هو پنهنجي پوش سوڌو گهمندو وتي.اکيون ٽنگون هلڻ لاءِ ٻاهر ڪڍي ٿو ۽ وچين ۽ پوئين ٽنگن سان کوپي کي چنبڙيو پوي، جو ساڻس گهلبو وڃي.

ڪپڙي مان انهن جيتن کي نه رڳو سندن پوشاڪ ملي ٿي پر خوراڪ به. هنن جون ڦولهڙيون به سنهڙيون داڻن وانگي آهن، جي ساڳئي انهيءَ ڪپڙي جي رنگ جون آهن، جو هو کائين ٿا.

جڏهن هُو پوري طرح وڌي رهن ٿا، تڏهن کاڌو ڇڏي ڏين ٿا ۽ رڙهي ڇِت تي يا ڪنهن ٻيءَ جاءِ تي وڃن ٿا، جتي پنهنجي کوپي جو هڪڙو ڇيڙو اٽڪائي ٽنگجي پون ٿا. اٽڪل ٽن هفتن کان اهو سُوٻٽ، کوپي مان پتنگ ٿي نڪري اُڏامي ٿو.

پشم وارو پتنگ، ٻين پتنگن کان گهڻو زيان ڪري ٿو. جنهن کي هُو کائين ٿا، تنهن کي به چٽ ڪريو ڇڏين. سڀ وار کَل تائين ٽُڪي ڇڏين ٿا. انهن جي زيان جي خبر تڏهن پوندي آهي، جڏهن، جنهن کَل ۾ هو جاءِ وٺي ويهندا آهن، تنهن کي کڻي ڇنڊبو آهي ته سڀ وار ڇڻي ڪِري پوندا آهن.

هنن جيتن جي زيانيءَ جو علاج آهي: اهڙي شيءِ، روشنائي ۽ هوا ۾ رکڻ. تماڪ ۽ ڪافور به فائدو ڪن ٿا، جو انهن جي بوءِ، هنن کي ڀڄايو ڪڍي.

 

پَٽ جي ڪينئين وارو پتنگ

پَٽُ يا ريشم، لسائي يا نرمائي ڪري مشهور آهي. ان کي چڱا چڱا رنگ ڏئي سگهجن ٿا. اهو ڏاڍو خوشنما ۽ چمڪندڙ ٿيندو آهي. جن شين مان ڪپڙا ٺهندا آهن، تن سڀني ۾ پَٽ تمام قيمتي ۽ ڪمائتو آهي.

(پَٽ ڪينئين وارو پتنگ)

پهريائين چيني ماڻهن پَٽ جو ڪارخانو وڌو. ’هندستان‘ ۾ جو ’تسر جو ريشم‘ مشهور آهي، سو به اڳيئي ڪم ايندو هو. ’چين‘ ۾ پَٽ جي ڪارخاني کي همٿائڻ لاءِ، چون ٿا ته: چين جي راڻي، پَٽ جا ڪينئان پاليندي هئي ۽ پَٽ جا ڦورا اُکيلي ڪپڙن ٺاهڻ لاءِ ڏيندي هئي. چينين ڀانئيون ٿي ته اسان کان سواءِ ٻيو ڪو به ماڻهو پَٽ جو ڪم نه ڪري، تنهنڪري سرڪاري طرح منع ٿي ويئي هئي ته جيڪو ’چين‘ مان پَٽ جي ڪينئن جا آنا ٻاهر موڪليندو يا پَٽ جوڙڻ جو رستو ڪنهن ٻاهرئين ماڻهوءَ کي ڏسيندو، انهيءَ کي موت جي سزا ملندي. رڳو جُڙيل ڪپڙن جي ٻاهر موڪلڻ جي اجازت هئي.

پهريَن ڏينهن ۾ ته ’يورپ‘ ۾ پَٽ جو تمام ڳرو مُلهه هوندو هو. ’حضرت عيسيٰ‘ کان اٽڪل ٽي سؤ ورهيه اڳي پَٽ، ’يونان‘ ۾ سون جي تور تي وڪامندو هو.

’جيوليس سيزر‘ شهنشاهه جي زماني کان اڳي، ’روم‘ ۾ ان جي خبر به ڪا نه هئي. اُهي ڏينهن عيسوي سن شروع جا هئا. هڪڙي ’روم‘ جي شهنشاهه، پنهنجي راڻيءَ کي پَٽ جي پوشاڪ وٺي ڏيڻ کان انڪار ڪيو. جو ان تي تمام گهڻو خرچ ٿي ٿيو.

عيسوي ڇهين صديءَ ڌاري، پَٽ  جو ڪينئون، پهرين ’قسطنطنيه‘ ۾ آندو هئائون: ڪي ٻه يورپي فقير، ’چين‘ ڏي ويا هئا، سي اتان ڪي ٿورا آنا، بانس جي لٺين ۾ لڪائي کڻي آيا هئا. انهن فقيرن کي پَٽ جي ڪينئن پالڻ جي خبر هئي، تن ’يورپ‘ جي ڏکڻ- اڀرندي ڀاڱي ۾ سگهو ئي اهو هنر پکيڙي وڌو. ڪن سوَن ورهين تائين ته ’قسطنطنيه‘ ۽ ’يونان‘، سڄي ’يورپ‘ کي ريشم پهچائيندا هئا. ٻارهين صدي ڌاري اهو هنر، ’اٽليءَ‘ ۾ به گهڙيو. ڪن هنڌن تي ته سڀڪنهن آبادگار کي حڪم هو ته پنهنجي زمين ۾ وڌيڪ نه، ته به پنج توت جا وڻ ضرور پوکي. ’لوئيزيارهين‘ ’اٽليءَ‘ منجهان ريشم جي هنر وارا ڪي ماڻهو، ’فرانس‘ گهرائي، اتي اهو ڪارخانو جاري ڪرايو.

ڪي پَٽ جا ڪينئان يا سُوٻٽ، مزي مزي جي رنگن جا ٿيندا آهن. حقيقت ڪري، اهو پٽَ جو ڪينئون، جو ساري دنيا کي تمام خوبصورت ۽ قيمتي پوشاڪون ڏيئي ٿو، سو ڏسڻ ۾ تمام سادو سودو، ان جا آنا ٽاچنيءَ جي مٿي جيڏا مس ٿيندا. ڪينئون يا سُوٻٽ، پهريائين تمام ننڍو ٿيندو آهي، پر سگهو ئي وڌي وڏو ٿئي ٿو ۽ جڏهن پورو وڌي رهي ٿو، تڏهن ٽي انچ ڊگهو ٿئي ٿو، اهو پيلڙي خاڪي رنگ جو ٿئي ٿو. مٿو وڏو ٿو ٿئيس. وڌڻ جي عرصي ۾، چار ڀيرا کَل مَٽائي ٿو. هن جي لاءِ تمام چڱو کاڌو آهي توت جا پَنَ. تازي کَل بدلائڻ مهل، هو ٿورو ٿو کائي، پر ٻين وقتن تي هن جو پيٽ ڀرجڻ جو ئي ناهي. جڏهن گهڻا ڪينئان گڏجي کائڻ لڳندا آهن، تڏهن هنن جي ننڍڙين ٺاڙين جو چَرڪو، ڏاڍي مينهن وسڻ جي آواز سان گهڻي مشابهت ٿو رکي.

جڏهن پُورو وڌي رهي ٿو، تڏهن ڪينئون، کائڻ ڇڏي ڏئي ٿو ۽ سگهو ئي زردي رنگ جو ٿيو پوي ۽ اڇي ڊاک وانگي سندس بُت آرپار پيو ڏسجي. انهيءَ کان اڳي، هو ماٺ ڪيو هڪڙي هنڌ پيو هوندو هو، پر هاڻي هيڏي هوڏي چُرڻ لڳي ٿو، انهيءَ لاءِ ته ڪا شئي ڳولي، انهيءَ کي چنبڙي پوي. هن جي پيٽ ۾ جيڪو پَٽُ جڙي ٿو، سو هُو وات جي هيٺان هڪڙي سنهڙي سوراخ مان ڪڍي ٿو. ٻه تندون گڏجي وٽجي، هڪ ٿي نڪرنديون آهن. پهريائين ڪينئون، اهي تندون هيڏي هوڏي ڦٽيون ڪري ٿو، انهيءَ لاءِ ته پنهنجي آرام وٺڻ لاءِ گهر يا کوپي جو بنياد وجهي، پوءِ تنگ اُکيلڻ لڳي ٿو، جا هزار فوٽن کان به وڌيڪ ڊگهي ٿي ٿئي. انهيءَ تندن جي گهرَ يا کوپي ٺاهڻ ۾ هن کي پنهنجو مٿو ٽي لک ڀيرا هيڏي هوڏي هلائڻو ٿو پوي.

پَٽ جي ڪينئين کي اڪثر سوٻٽ جي صورت ۾ پنج هفتا رهڻو ٿو پوي. گهر ٺاهن ۾ چار- پنج ڏينهن لڳنس ٿا. آرام جي حالت ۾ به ٻه- ٽي هفتا وٺيس ٿي. پوءِ سندس کَل ٽڙڪي ڦاٽي ٿي ۽ سوٻٽ جي بدران، هو پتنگ يا پروانو ٿي نڪري ٿو. پر انهن پَٽ جي تندن جي قيدخاني مان ٻاهر ڪيئن نڪرندو هوندو؟ سو هيئن: هن جي بت ۾ هڪڙي ننڍڙي ڳوٿري رهي ٿي، جنهن مان پاڻيءَ جهڙي رس نڪري ٿي. انهيءَ سان هو پَٽ جون تندون پُسائي نرم ڪري ٿو، جي جدا ٿي وِٿي ڪري بيهي سگهن ٿيون، انهيءَ مان پتنگ سُري نڪري اچي ٿو. پهريائين سندس کنڀ آلا ۽ هڪٻئي تي چڙهيل ٿين ٿا، تنهنڪري هو ڪا چڱي جاءِ وٺي ويهي ٿو، جتي سندس کنڀ سُڪن ٿا ۽ سندس آخرين صورت ظاهر ٿئي ٿي. ماديءَ جا کنڀ ٿورا اڇا ٿيندا آهن. اها ٿيندي به گري ۽ ماٺيڻي  آهي. مگر نر، قد ۾ ننڍو ٿو ٿئي، هن جا کنڀ خاڪي ٿا ٿين ۽ اهو ڏاڍي چالاڪيءَ سان هيڏي هوڏي چُري ٿو.

آنا پَريندي چَهري پيلي رنگ جا ٿين ٿا. انهن تي هڪڙي کؤنر جهڙي شئي ويڙهيل آهي ۽ انهيءَ ڪري هو جنهن شئي تي ڪِرن ٿا، تنهن کي چنبڙيو پون. مادي ٽن سوَن کان ستن سوَن تائين آنا لاهيندي آهي. آنن لاهي رکڻ کان پوءِ سگهو ئي اهي پتنگ مري وڃن ٿا.

هيءُ جيت، جو پنهنجي منهن کوپو کولي اچن ٿا، تنهنڪري پَٽ کي البت حرڪت پهچندي آهي، انهيءَ سبب جيڪي ماڻهو پَٽ جا ڪينئان پاليندا آهن ته پَٽ جلدي کُلي، سي پَٽ جي تندن کي باهه تي سيڪيندا آهن، مگر انهيءَ سيڪ ڪري ڪينئان مري پون ٿا. پهرين ته کوپن جي ٻاهرين کَل ڪڍي انهيءَ کي ڪوسي پاڻيءَ جي پاٽن ۾ رکي ڇڏيندا آهن،  پوءِ پُٽ اُکيلڻ لڳندا آهن. ٽن يا چئن يا پنجن تندن جا ڇيڙا گڏ جهلي اوبري تي ويڙهيندا آهن. هر هڪ کوپي مان گهڻو ڪري ٽي سؤ يارڊ گڏيل تندن جا نڪرن ٿا. يڪي تند، انهيءَ کان چؤڻي- پنجوڻي ٿيندي. انهيءَ کي سڏيندا آهن ”ڪَچو پَٽ“.

پَٽ جي ڪينئن کي ڪيترائي مرض ٿي سگهن ٿا. وڏن ڪارخانن ۾ اهڙآ بندوبست جاري اهن. ساري دنيا ۾ هر سال هڪ سؤ ڪروڙن (ارب) رپين جو پَٽ جُڙي تيار ٿئي ٿو، تنهن مان رڳو ’فرانس‘، ٽيهن ڪروڙن جو ناڻو اُپائي ٿتو.

تَسر پَٽ، جو ’هندستان‘ ۽ ’چين‘ ۾ پيدا ٿئي ٿو، سو جهنگلي پَٽُ آهي. تسر وارو ڪينئون، پنج انچ ڊگهو ٿئي ٿو ۽ تمام خوبصورت ٿو ٿئي. اُن جي تند، پَٽ جي ڪينئن جي تند کان ٿلهي ۽ سادي ٿي ٿئي. انهيءَ هوندي به، جي اها شئي زياده پيدا ٿيندي هجي ته ’هندستان‘ جي لاءِ گهڻو فائدو آهي. ڪيترائي ٻُڍا ماڻهو ۽ ٻار، جي سخت پورهيي ڪرڻ جهڙا ناهن، جيڪر انهيءَ ڪم ۾ مشغول رهي سُکيو گذر پيا ڪن.

 

سوَن کنڀن وارو جيت

ڪي تمام وڏا ۽ زيانڪار جيت هن جماعت مان آهن. انهن جا اڳ وارا مٿيان کنڀ ڊگها، سوڙها ۽ اڌو گابرا سخت آهن. جڏهن هيءُ جيت ماٺ ڪري ويهي ٿو، تڏهن اهي ٻاهريان کنڀ، هڪٻئي تي چڙهيل رهن ٿا. اندريان کنڀ، سنهڙا ۽ ويڪرا آهن ۽ منجهن ڄاريءَ وانگي رڳون لڳل آهن، ويهڻ مهل، اهي پکيءَ وانگي ويڙهيل رهن ٿا. هن قسم جي جيتن ۾ صورت جي ايتري ڦير گهير نٿي ٿئي، جيتري ٻين ۾ ٿي ٿئي. آنن ڦُٽڻ مهل ٻچا، گهڻو ڪري مائٽن جهڙا ڏسجن ٿا. رڳو قد ننڍو ٿو ٿئين ۽ کنڀ ڪونه ٿو ٿئينِ، چار- پنج ڀيرا کَل مٽائڻ کان پوءِ هُو پورا وڌي رهن ٿا ۽ سندن کنڀ ظاهر ٿين ٿا. اها آهي هنن جي آرام جي حالت. پوئين ڦير گهير ۾ کنڀ نڪرنن ٿا ۽ جيت ڪامل صورت وٺن ٿا.

هن جماعت جا جيت اڪثر نباتي کاڌي تي گذاريندا آهن. هنن جا ٻه قسم آهن: هڪڙا اهي جي ڊوڙن ٿا ۽ ٻيا اهي جي ٽپن ٿا. ڪن ٿورن مُکه جيتن جو هتي بيان ڏينداسين.

 

مڪڙ

سڀني جيتن مان، هن جهڙو ڪو زيانڪار ۽ نقصان پهچائڻ وارو ٻيو ڪو ٿورو هوندو. جڏهن گڏجي اُٿي اُڏامندا آهن، تڏهن رستي ۾ جيڪا شئي تازي يا سائي ڏسندا آهن، تنهن کي نه ڇڏيندا آهن ۽ جڏهن اوتان منزل کڻي روانا ٿيندا آهن، تڏهن پٺيان ويراني ۽ خرابي ڇڏي ويندا آهن.

(مڪڙ)

مڪڙ، جدا جدا قد جا ٿيندا آهن. انچ جي چوٿين پتيءَ کان وٺي، پنجن انچن جيڏا ڊگها ٿيندا آهن. هنن جا وات خوفناڪ آهن، پوئيون ٽنگون تمام مضبوط اٿن، جن سان هو ڏاڍا ٽِپ ڏئي سگهن ٿا. هنن مان ڪي کنڀن وارا آهن ۽ ڪي کنڀن کان سواءِ. جيڪي کنڀن وارا آهن، تن کي اُڏامڻ جي گهڻي سگهه ٿيندي آهي، جيتوڻيڪ واءُ هنن کي گهڻي مدد ڏيندو آهي.

مادين کي آنن لاهي رکڻ جا مضبوط اوزار يا عضوا مليل آهن، جن سان هُو آنن رکڻ جي لاءِ ٽنگ ڪڍي سگهن ٿيون. زمين ۾ سوراخ ڪري، انهن ۾ آنن جا ڍير رکنديون آهن. جڏهن ٻچا ڦُٽندا آهن، تڏهن پنهنجن مائٽن جهڙا ڏسبا آهن، رڳو کنڀ نه هوندا ٿن. هو ڏاڍا کائُو ٿيندا آهن، مگر کَل بدلائڻ مهل سو کائڻ ۾ ڍرائي ڪندا آهن، هو سڀ قسم جي ساوڪ ڳڙڪائي ڇڏيندا آهن، پر خود هڪٻئي کي به ڪين ڇڏيندا آهن.

ڪڏهن ڪڏهن مڪڙ، ايترا گهڻا گڏجي ايندا آهن جو ڪارن ڪڪرن وانگي پيا ڀانئبا آهن ۽ سج کي ئي لڪائي ڇڏيندا آهن، جيستائين نظر پئجي سگهندي آهي، تيستائين انهن سان آسمان ڪارو ٿيو پيو هوندو آهي ۽ زمين ڍڪي پئي هوندي آهي. هنن جي کنڀن جو اهڙو آواز ٿيندو آهي، جهڙو نئِي جو پاڻي ٽَڪر تان ڪِرندي ڪندو آهي. جڏهن هيءُ قهر جو ڪٽڪ زمين تي لهي پوندو آهي، تڏهن هنن جي بار کان وڻن جون ٽاريون ڀڄي پونديون آهن ۽ سگهو ئي ڪيترن ميلن تائين سڀ قسم جي ساوڪ چٽ ٿي ويندي آهي. ان پاڙن تائين کاڄي ويندو آهي، وڻن ٻوٽن جون ٽاريون اڏامي وينديون آهن. جڏهن باقي ڪي به ڪين بچندو آهي، تڏهن هي خوفناڪ لشڪر اٿي روانو ٿيندو آهي، ڄڻ ته ڪنهن، سڀني کي ڪُوچ جو اشارو يا حڪم ڏنو آهي. هو هليا ويندا آهن ۽ پٺيان ڏڪار ۽ سختي ڇڏي ويندا آهن.

جڏهن مڪڙ مري ويندا آهن، تڏهن مُئي کان پوءِ به بعضي بعضي ڏاڍي خرابي پهچائيندا آهن. ڍيرن جا ڍير ڪيترن ڏينهن تائين اُس ۾ پيا سڙندا آهن ۽ ڪِنا ٿيندا آهن، جنهنڪري منجهانئن گهڻائي خراب ۽ زهري بخار پيدا ٿيندا آهن، جن مان بيماري پيدا ٿيندي آهي ۽ هزارين ماڻهو مري ويندا آهن.

هنن کي ڀڄائڻ يا مارڻ لاءِ گهڻائي اپاءُ ڪندا آهن: باهيون کڻي ٻاريندا آهن. کَڏون ۽ چُرون کڻي ڇڏيندا آهن، جن ۾ هو اچي ڪرندا آهن. هنن جا آنا گڏ ڪري ساڙيندا آهن يا چپيندا آهن. ’فرانس‘ ۾ ڪَن ڏينهين ، مڪڙن جي ڳچ جيترن آنن لاءِ انعام ڏيندا هئا ۽ ان جي اڌ جيترو انعام، اوترن مڪڙن لاءِ ڏيندا هئا. زالون ۽ ٻار، ڪپڙي جون چادرون ڪُنڊن کان وٺي، زمين تي لڳائي هلندا هئا، جيڪي مڪڙ اچي انهن تي ويهندا هئا، تن کي ڪپڙو ويڙهي، وٺندا هئا.

مڪڙ، لسي شيءِ تي چڙهي ڪين سگهندا آهن. ’سائپرس‘ جي ٻيٽ ۾ هيئن ڪندا هئا، جو ٿُلهي ڪپڙي جا پردا، جي چوٽيءَ ڌاري لسا ڪيا ويندا هئا، سي کَڏن وٽ اُڀا جهلي بيهندا هئا. جيڪي مڪڙ انهن تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪندا هئا، سي کَڏن ۾ ڪِري پوندا هئا ۽ وري ٻاهر سُري ڪين نڪري سگهندا هئا: ڇا لاءِ جو، هڪڙو ته کَڏن جا پاسا لسا هوندا هئا، ٻيو ته هڪٻئي جي مٿان بار ٿي پوندا هئا.

’عربستان‘ جا مڪڙ، ڳاڙهي ڀُوري رنگ جا ٿا ٿين ۽ ڊگهه ۾، توڙي ٿُلهائيءَ ۾ ماڻهوءَ جي چيچ جهڙا ٿا ٿين. ڪي قومون، مڪڙ کائينديون آهن. جڏهن هُو ايندا آهن، تڏهن هُل ڪري نڪري پوندا آهن ۽ هنن کي ڦاسائي آڻي ڍير ڪندا آهن؛ پوءِ هنن کي اوٻاڙي سُڪائي رکي ڇڏيندا آهن ۽ وقت تي ڀُڃي يا تري پيا کائيندا آهن. ڪن ماڻهن کي اُهي ڏاڍي لذت ڏيندا آهن.

مڪڙن جا ڪيترائي قسم آهن. جي ڪن خاص وڻن يا جاين تي رهن ٿا. جهڙيءَ طرح ڪه اڪ مڪڙ وغيره.

 

پَنَ جهڙو جيت

هن جيت کي جو اهو نالو مليو آهي، سو رڳو وڻن جي پَن سان مشابهت رکڻ ڪري. انگريزيءَ ۾ انهيءَ کي ’هلندڙ پَن‘ ڪري چوندا آهن. ان جو رنگ پَن وانگي سائو ٿو ٿئي ۽ ٽنگون به چپتريون پَن جهڙيون سايون اٿس. هو رهندو به پَنن ۾ آهي ۽ ڍرو ڍرو هلندو آهي، تنهنڪري آسانيءَ سان پاڻ کي لڪائي ۽ بچائي سگهي ٿو. جڏهن هو مرندو آهي، تڏهن ان جو سائو رنگ مَٽجي سُڪل ۽ ڪوماڻيل پَن وانگي پيلو ٿو ٿئي.

(پَنَ جهڙو جيت)

انهن مان ڪي جيت ته فوٽ جيڏا ڊگها ٿيندا آهن جن کي ’ڪارو واءُ‘ ڪوٺين. هو ساوڪ تي ۽ پَن ٻوٽي تي گذران ڪندا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org