سيڪشن؛  علميات

ڪتاب:حشرات الارض

باب: --

صفحو :3

مک

مک ٻن کنڀن وارن جيتن ۾ تمام عام آهي، جا اڪثر گهرن ۾ اُڏامندي ۽ ويهندي ڏسبي آهي. هوءَ ڇيڻن جي ڍيرن ۽ ٻين گندين جاين تي آنا لاهيندي آهي. هڪڙي ڏينهن منجهه آنن مان ٻچا ڦٽندا آهن. پهريائين اهي لسا ڪينئان ڏسبا آهن، جن کي مٿو يا ٽنگون ظاهر ناهن، رڳو وات ۾ ننڍڙا ڪُنڊا ٿين ٿا. اهي اٽڪائي، هو پنهنجي بڀري هيڏي هوڏي گهيليندا ۽ ڪچري تي گذر ڪندا وتندا، آرام جي جاءِ ڳولين ٿا ۽ اتي ٻين جيتن وانگي آرام جي حالت ۾ پئجي رهن ٿا. ٻين ٻن هفتن کان پوءِ هنن کي کنڀ نڪرن ٿا ۽ اُٿي اُڏامن ٿا.

مکيون جانورن جي بت جي پگهر ۽ ٻيءَ پاڻيٺ تي پرنديون آهن. ميوي ۽ مٺاڻ واري شئي تي گهڻي چاهه سان اينديون آهن.

مکي جي اک مرڪب آهي، اها اٽڪل چئن هزارن ننڍڙين اکين مان جڙيل آهي. کاڌي چوسڻ لاءِ هڪڙي ننڍڙي سونڊ اٿس، جا مهل تي ٻاهر ڪڍندي آهي. مک اونڌي به هلي سگهي ٿي جو هن جي پيرن ۾ ٻه ٻه چنبا آهن، جن ۾ به

ننڍڙا وهاڻا لڳل آهن، جن تي هوءَ آسانيءَ سان پاڻ کي جهلي بيهاري سگهي ٿي.

مکيون، ننڍڙين ٻهاريدارين يا شڪارڻين

(مک جو پير)

وانگي آهن ۽ جيڪي ڪِنيون شيون، هوا کي غليظ ڪرڻ واريون آهن، تن کي کڻي صفائي ڪري ڇڏين ٿيون. انهيءَ هوندي به هو ڏاڍيون پوشيديون آهن، هميشہ پاڻ کي پنهنجي ٽنگن ۽ پيرن سان صفا ڪنديون رهنديون آهن، جيئن پُرش هڻبو آهي.

هڪڙي ڏينهن، هڪڙي مک، ماکيءَ جو هڪڙو ٿانءُ ڏٺو. پاسي کان ويهي ذرو چوسڻ جي بدران ڪاهي منجهس پيئي. ماکيءَ تي ويهي جيڪي پيئڻو هوس، سو پِي پوءِ اُڏامڻ لڳي، پر ٽنگون ماکيءَ ۾ چنبڙي پيس، تنهنڪري اُڏامي نه سگهي. جيترو وڌيڪ ڇڏائڻ لاءِ مٿو هنيائين، اوترو وڌيڪ هيٺ گَپندي ويئي، نيٺ گهُٽجي مري ويئي. گهڻي هٻڇ ۽ گهڻي عيش عشرت مان آخر موت رسندو آهي.

 

مڇر

ڪُت ۽ مڇر جو هڪڙو نمونو آهي. وڏي ۽ چَڪ هڻڻ واري ڪُت کي مڇر يا مَهو سڏين ٿا. دنيا جي گهڻن ڀاڱن ۾ اُهي آزار مچائي ڏيندا آهن. انهن جا گهڻائي قسم ٿين ٿا.

مادي پاڻيءَ ۾ آنا لاهيندي آهي، جي ڊگها بيضوي شڪل جا ٿا ٿين. گهڻن آنن کي چنبڙائي، ڇَٽَ وانگي ننڍڙي ٻيڙي بنائي، پاڻيءَ تي تاري ڇڏيندي آهي. گرم هوا ۾ آنا سگهو ئي ڦُٽن ٿا. ٻچا تمام ننڍڙا ٿا ٿين، مگر ڏاڍا چالاڪ آهن. هو هڪدم ٽُٻي هڻي، پاڻيءَ جي تر تائين وڃن ٿا، وري ساهه کڻڻ لاءِ جهٽ ۾ مٿي نڪريو اچن. هنن جي ساهه کڻڻ جو عضو پُڇ جي ويجهو ٿئي ٿو، تنهنڪري پاڻيءَ ۾ پڇ مٿي ۽ سسي هيٺ ڪري، اُبتو ٽنگجي بيهندا آهن. ٽي- چار ڀيرا کَلَ لاهڻ کان پوءِ، هو آرام جي حالت ۾ اچن ٿا، جا جيتن جي ٽين صورت آهي. انهيءَ منزل تي هو کائڻ بند ڪن ٿا، مگر چُرڻ پُرڻ ۾ پاڻ زياده ڦڙت ۽ چالاڪ ٿين ٿا، پڇ ۽ ٻن پاسن وارن ننڍڙن ونجهن جي وسيلي سان ترندا وتندا آهن.  جيتوڻيڪ اڃا به پاڻيءَ ۾ ٽنگيا وتندا آهن، تڏهن به انهيءَ حالت ۾ پڇ هيٺ ٿيندو اٿن، ڇا لاءِ جو ساهه کڻڻ جو عضوو هاڻي ڦري ڇاتيءَ ۾ ٿيندو اٿن. نيٺ کَلَ جو کوپو ٽڙڪين ٿو ۽ ان ۾ جيت ٻيڙيءَ وانگي پيا لُڏن. انهيءَ وچ ۾ کنڀ به پيدا ٿين ٿا، پر اُهي پهرين آلا اٿن، جي پاڻي سانت ۾ آهي ته کنڀ سگهو ئي سُڪي پونن ٿا ۽ سُڪيءَ ڏي وڃن ٿا، پر جي پاڻيءَ ۾ لهر لوڏو گهڻو آهي ته کوپي جي ٻيڙيءَ سميت، پاڻيءَ ۾ ٻُڏي مري وڃن ٿا.

ڪُت ۽ مڇرن جا آنا گهڻو ڪري مڇيون کايو کپايو ڇڏين ۽ ٻچن مان به گهڻا ڪامل جيتن جي منزل تي پهچڻ کان اڳيئي مريو وڃن.

مڇرن جو ”ڀُون ڀُون“  وارو آواز يا ڀڻڪو سندن جلد کنڀن چورڻ ڪري ٿيندو آهي. هنن جون اکيون وڏيون آهن، جنهنڪري هنن کي اوچتو وٺڻ مشڪل آهي. نر مڇرَ چڪ ڪين وجهندا آهن. هنن جا سڱ بُجن وارا آهن. مڇر جو ڏنگ هڻندا آهن، سو سونڊ سان، جنهن ۾ ننڍڙين ترارين ۽ ڪارائن وانگي نشترون لڳل آهن، جي کَلَ ۾ چڀائيندا آهن، پوءِ انهن سان رت چوسيندا آهن.

مڇر جي ڏنگ جي نوڪ اهڙي سنهي ۽ باريڪ آهي، جو جيڪر رڳو انهيءَ جي چڀڻ ڪري ڪو ايذاءُ ڪونه اچي، جيڪو ايذاءُ يا سور ٿئي ٿو، سو هن ڪري، جو ڏنگ سان ڪيل زخم ۾ هو صاف پاڻيءَ جهڙي زهر جو هڪڙو ٽيپو اڇلائي وجهي ٿو. اهي انهيءَ لاءِ ڪندو آهي ته رت ڇِٽو يا پٽڙو ٿئي ته چوسڻ ۾ سولو کڄي.

مڇر جي چڪ يا ڏنگ جو چڱو اهو علاج آهي ته اهو هنڌ هڪدم پاڻيءَ سان ڌوئجي. پاڻي زهر سان گڏجي ان کي ڪمزور ڪري ٿو، جي ترت ملي نه سگهي ته وات جي ڦيڻي بس آهي. ٻيا علاج آهن: ليمي جي رس، لوڻ ۽ پاڻي.

مڇرن جي تعداد گهٽائڻ جو رستو اهو آهي ته جنهن ڪِني بيٺل پاڻيءَ جي کڏ ۾ هُو آنا ٿا لاهين، سا ڀري ڇڏجي.

سرد ملڪن ۾، جتي اونهاري جي موسم ٿوري وقت تائين ٿي هلي، اتي مڇر ڏاڍي تڪليف ڏين ٿا. ڪڏهن ڪڏهن ته ڪڪرن وانگي هوا کي ڪارو ڪري ڇڏيندا آهن! ايترا گهڻا ٿيندا آهن.

 

گهوڙي جي مک

هيءَ مک انهيءَ ڳعالهه ڪري مشهور آهي ته هوءَ پنهنجي حياتيءَ جو ڪجهه ڀاڱو، گهوڙي جي پيٽ ۾ گذاري ٿي. مادي، اڪثر گهوڙي جي گوڏن تي يا ٻئي اهڙي هنڌ آنا لاهي ٿي، جتي جتي گهڙي جي زبان پهچي سگهي. اهي آنا، جي رنگ جا اڇا ٿين ٿا، سي گهوڙي جي وارن ۾ چنبڙي پون ٿا. انهن آنن ۾ هڪڙو سوراخ چَڪ يا پُڙ سان رکيل آهي، جو ٻچن جي ڦُٽڻ مهل کليو پوي، جنهن مان ٻچا نڪري ٻاهر ٿين ٿا جڏهن گهوڙو، پنهنجي بت کي ڏندن سان کنهي ٿو يا زبان سان چٽي ٿو، تڏهن اهي آنا کڄيو سندس وات ۾ وڃن ۽ پوءِ گاهه يا ٻئي کاڌي سان گڏ ڳسيو وڃن، انهيءَ طرح هُو پيٽ ۾ داخل ٿين ٿا. گهڻا ته رستي ۾ ڏندن هيٺ پيسجو وڃن يا ٻيءَ طرح ناس ٿيو وڃن. جڏهن اندر پيٽ ۾ ٻچا ڦٽن ٿا، تڏهن انهن جي مٿي ۾ ٻه ڪُنڍا ٿين ٿا، انهن سان هُو پيٽ جي اندرين کَل کي چُهٽيو پون ٿا. جڏهن پيٽ ۾ رهي وڏا ٿين ٿا، تڏهن گهوڙي جي آنڊن مان لِڏ سان گڏ نڪريو اچن. پوءِ سُتتئي مناسب جاءِ ڏسي آرام جي حالت ۾ پئجي رهن ٿا. انهيءَ منزل تي هنن جي کَلَ ٿُلهي ڏاڍي ۽ ڪاري ٿئي ٿي. جڏهن ٺهرايل وقت گذري ٿو ۽ صورت جي سُڀائي ڦير گهير پوري ٿئي ٿي، تڏهن ٻچا، کوپي جو منهن پٽي نڪري ٻاهر ٿين ٿا ۽ کنڀ سُڪائي اُڏامي وڃن ٿا.

گهوڙي جي مک وانگي ڪتي جي مک به ٿيندي آهي. انهيءَ کي ٻگهي مک سڏيندا آهن.

 

ڍڳي جي مک

هيءَ مک، رڳو ”اڀرندي آفريڪا“ ۾ لڀندي آهي. هن کي ’ٽسي ٽسي‘ سڏيندا آهن. اها، عام مک کان گهڻو وڏي ناهي ۽ رنگ جي ڀُوري ٿئي ٿي. ان جي پيٽ تي ٽي يا چار آرپار ٻَنا نڪتل آهن. ان جا کنڀ، گهڻو ٻاهر نڪتل رهن ٿا. هوءَ اهڙي خبردار آهي، جو هن کي هٿ سان وٺڻ مشڪل آهي.

هوءَ هڪڙي قسم جو ڀُڻڪو ڪندي آهي، جو هيڪر ٻڌو ته وري وسرڻ جو ناهي. ڍور پري کان ان جو آواز ٻڌندا آهن ته ڊپ کان پيا ڪنبندا آهن!

عجيب ڳالهه اها آهي ته هن مک جو چڪ ماڻهن کي يا جهنگلي جانورن کي، کير پياڪ گابن کي ڪو به ايذاءُ يا نقصان نه رسائيندو آهي. پر جڏهن هوءَ وڏي ڏاند يا ڍڳي کي چڪ هڻي ٿي، تڏهن ٿورن ئي ڏينهن ۾ ان جي نڪ ۽ اکين مان پاڻي وهڻ لڳي ٿو، ڄاڙيءَ جي هيٺان سوڄ ٿئيس ٿي، سگهو ئي تيڪ ٿئيس ٿي، کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏئي ٿو ۽ نِستو ٿيو مڪريو وڃي. ڪي ته چڪ کان پوءِ جلد ئي انڌا ٿيو پون ۽ آڦر جي آٿڙجي مريو وڃن. اهو سڀ اثر رت ۾ زهر گڏجڻ ڪري ٿئي ٿو.

مشهور سياح ”لِوِ هنگشون“  هڪڙي سفر ۾ ٽيتاليهه ٿُلها متارا ڍڳا، انهيءَ ندوريءَ مک جي چڪن ڪري هٿان وڃايا، جيتوڻيڪ انهن جي سنڀال به گهڻي ٿي ڪئي ويئي.

خچر توڙي گڏهه توڙي ٻڪريءَ کي به ماڻهوءَ ۽ مرونءَ وانگي هن جي چڪ مان حرڪت ڪانه پهچندي آهي. جتي هيءَ مک ٿيندي آهي اتي پاليل چوپائن جانورن مان فقط ٻڪريون رکڻ ۾ اينديون آهن.

 

روشنائي ڏيندڙ يا چمڪندڙ جيت

ڪيترائي جيت آهن، جن کي هيءَ طاقت مليل آهي. انهن جي روشنائي اهڙي آهي، جهڙي فاسفورس جي ٿيندي آهي، جا رڳو اونداهيءَ ۾ معلوم ٿيندي آهي. اهڙن ڪن مکيه جيتن جو بيان اسين هت ڏيون ٿا:

 

چمڪندڙ مک

چمڪندڙ مک: هيءُ جيت، دنيا جي جدا جدا ڀاڱن ۾، گرم ملڪن منجهه لڀندا آهن.ڪڏهن ڪڏهن رات جو اهي تارن جي ميڙ وانگي ڏسبا آهن.ڏينهن جو منجهن ڪابه روشنائي ڏسڻ ۾ نٿي اچي ۽ ٻين جيتن وانگي پيا ڀانئجن. انهن جا به ڪيترائي قسم آهن.ڪي وڏا، ڪي ننڍا. اها روشنائي انهن جي مٿي واري پاسي کان نڪرندي آهي، ته پيٽ يا پڇ واري پاسي کان. جيئن کُڏ کٻيتڙن ۾ هوندو آهي.

                                          (چمڪندڙ مکيون)

روشنائي ڪيئن نڪري ٿي، تنهن جي اڃا پوري خبر نه پئي آهي. جڏهن اهو جيت ننڊ ۾ آهي يا بلڪل ماٺ ڪيو ويٺو آهي، تڏهن ڪو اڻلکو سو جهرو معلوم ٿيندو آهي. پر جڏهن اُڏامي ٿو ۽ جلد جلد ساهه کڻي ٿو، تڏهن ڏاڍي چمڪندڙ روشنائي نڪري ٿي.

نر ۽ ماديءَ جي وچ ۾ اها روشنائي هڪڙي محبت جي نشاني آهي. جڏهن ڪا مادي نر جي روشنائي ڏسندي آهي، تڏهن هوءَ پاڻ به چمڪاٽ ڪندي آهي، ڄڻ ته خبر ڏيندي اٿس ته آءٌ هن پاسي آهيان، مون ڏي هليو اچ. اونداهيءَ ۾ رستي ڏيکارڻ لاءِ به شايد اها روشنائي هنن کي ڪمائتي ٿي سگهي ٿي.

”ڏکڻ آمريڪا“ ۾ ماڻهو، ڪڏهن ڪڏهن رات جو اهي چمڪندڙ مکيون هٿن پيرن کي ٻڌي هلندا آهن. انهن جي سوجهري تي هُو ڪَتڻ جو يا اُڻڻ جو يا نچڻ جو ڪم به ڪندا آهن. اهي جيت هو ڄارين ۾ ڦاسائيندا آهن ۽ پوءِ تار جي سنهي اُڻيل پڃري ۾ بند ڪري رکندا اٿن. ڏينهن جو ٻه ڀيرا هنن کي نُنهن سَهسڙي پاڻيءَ سان وهنجاريندا آهن ۽ رات جو ڪماند جي رس کارائيندا اٿن.

 

کڙ کٻيتڙا

هي به مٿين وانگي چمڪندڙ جيت يا مکيون آهن، جي پوئين ڌڙ مان چمڪاٽ ڪڍندا آهن. هنن جا پنج سؤ قسم لکيا اٿن. ڪي ته رڳو ’يورپ‘ ۾ لڀندا آهن، مگر گهڻا گرم ملڪن ۾ ٿين ٿا. اهي هن ملڪ ۾ به عام آهن. ڪن ۾ ماديون وڌيڪ روشنائي ڪڍن ٿيون، ڪن ۾ نر زياده چمڪاٽ ڪن ٿا. هُو رکي رکي چمڪاٽ ڪندا آهن. اها روشنائي هنن جي پيٽ مان نڪري ٿي، جيئن مٿي به چيو ويو آهي.

هنن قسمن جا جيت ’آمريڪا‘ ۾ تمام گهڻا ٿين ٿا. انهن جي روشنائي رنگ رنگ جي ٿي ٿئي: سائي، ڳاڙهي، واڱڻائي وغيره.

 

شمعدان واري مک

هن مک جا ويهارو قسم آهن. اها گرم ملڪن ۾ ٿيندي آهي. هن جو مٿو سونڊ وانگي ٻاهر نڪتل ٿو ٿئي، انهيءَ مان روشنائي نڪرندي آهي. جيڪي ”چين“ ملڪ جون مکيون ٿينديون آهن، تن جي سونڊ سنهي ٿي ٿئي ۽ اهي پاڻ قد جون به ننڍڙيون ٿيون ٿين.

(ڏکڻ آمريڪا واريون مکيون)

”ڏکڻ آمريڪا“ واريون مکيون، وڏيون ٿيون ٿين. هنن جا مٿي وارا ڀاڱا، شمعدان وانگي ٻرن ٿا، تنهنڪري اهو نالو پيو اٿن.

”آمريڪا“ واري وڏي مک، ٽي انچ ڊگهي ۽ کنڀن جي هڪڙي ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين پنج انچ ويڪري آهي. گهڻو ڪري سڄي پيلي رنگ جي آهي، ڪي ڪي ڀاڱا ساوا اٿس ۽ مٿس چمڪندڙ ڳاڙها پور پَٽا ۽ دٻڪ ٿين ٿا. کنڀ پيلا اٿس،  ڀُورن چٽن سان هيٺين کنڀن تي وڏا اک جهڙا داغ اٿس.

(آمريڪا واري مک)

ڪنارا ڳاڙها ۽ وچ اڌ ڳاڙهو اڌ اڇو اٿس. مٿو هڪ انچ جيترو ٻاهر وڌيل اٿس، جو رات جو ڏاڍو چمڪندو آهي. مسافر، رات جو ٽي- چار اهڙا جيت وٺي، ڪاٺي يا لڪڻ جي منهن ۾ ٻڌي مشعل وانگي پاڻ سان کڻندا آهن.

نانگ ڦڻي جيت

 نانگ ڦڻ، ٿَوهر جي وڻ جو هڪڙو قسم آهي. هي جيت، اڪثر انهيءَ ۾ رهندو آهي، تنهنڪري  اهو نالو پيو

اٿس. انهيءَ مان هڪڙو چمڪندڙ کهنبو رنگ نڪرندو آهي. هي جيت ’ميڪسيڪو‘ ۽ ’امريڪا‘ جي ٻين ڀاڱن ۾ لڀندو آهي. اڪثر ٿُوهر جي ذات وارن

وڻن تي رهندو آهي. نر جي صورت، ماديءَ کان بلڪل ٻيءَ طرح جي ٿي ٿئي. نر جو رنگ، ڪارو ڀورو ڳاڙهو ٿو ٿئي. ۽ پيٽ مان ٻه سنها وار، بت کان به وڏا نڪرنس ٿا. کنڀ، شيشي وانگي آرپار ڏسڻ جهڙا آهن ۽ پٺيءَ وٽ هڪٻئي تي پاسيرا چڙهيل آهن. اهو ڏاڍو چالاڪ ٿيندو آهي. مادي، نر کان وڏي ٿي ٿئي ۽ کنڀ ڪونه ٿو ٿئيس: ان جا پيٽ وارا وار نر کان گهڻو ننڍا ٿا ٿين. ٽنگون ننڍڙيون اٿس، جن سان رڳو وڻ کي چُهٽل رهي ٿي. سندن خوراڪ به انهيءَ وڻ مان نڪري ٿي. هن جا ٻچا، پنهنجي ماءُ جي سُڪل لاش مان ڄمندا آهن، اهو سُڪل بت، ڄڻ ته ٻچن لاءِ جهُولو آهي، جنهن ۾ پلجن ٿا. جڏهن مادي مري ٿي ۽ سندس پيٽ سُڪي وڃي ٿو، تڏهن ٻاهرين کَل خشڪ ٿي کوپو ٿيو پوي.

رنگ، رڳوُ ڍڪيلين يا پيٽ وارين مادين مان نڪري ٿو. اُهي اهڙيون هلڪيون آهن، جو هڪ لک، چاليهه هزار، هڪ سير ۾ تُرنديون آهن. پهرين جيئريون جاڳنديون گڏ ڪري، تتل تئي تي وجهندا آهن، جنهنڪري هو مري وينديون آهن، پوءِ پيتين ۾ بند ڪري، وڪري لاءِ موڪليندا آهن.

 

لاک وارو جيت

هيءُ جيت به نانگ ڦڻي جيت وانگي آهي. اهو لاک پيدا ڪندو آهي، جو هڪڙي قسم جو ڪمائتو رنگ آهي. اهو ’هندستان‘ ۽ ’برما‘ ۽ ٻين اڀرندي وارن ملڪن ۾ لڀندو آهي. اهو جد اجدا قسمن جي وڻن جي ٽارين ۾ رهندو آهي، پر چڱي لاک، انجير جي ٻن-ٽن قسمن مان لهندي آهي.

ٻچا ڄمڻ شرط، قوت جي ڳولا لاءِ هيڏي هوڏي سُرڻ لڳن ٿا. هو پنهنجين ننڍڙين سونڊن سان ٽارين کي چنبڙي پون ٿا. لاک جا خانا يا کوپا جوڙڻ لڳن ٿا. ماديون، جنهن جاءِ تي لڳي وڃن ٿيون، اها وري نٿيون ڇڏين. اتي وڃن کائينديون ۽ قد ۾ وڌنديون ۽ لاک جوڙينديون. اها پڪ ناهي ته لاک، اهي جيت پنهنجي پيٽ مان ٿا ڪڍن يا رڳو وڻ جي رس آهي.

لاک، جدا جدا شڪل جي ٿئي ٿي. ڪڏهن ته گول ڳوڙهن وانگي ٿئي ٿي ڪڏهن کهري ڇوڏي وانگي پهرين ڇوڏي تي لڳل لاک لاهي، پنجن- ڇهن انچن جيڏا ٽڪر ڪري رکن ٿا. پوءِ صفا ڪري، ڇاڻي، نج لاک جوڙين ٿا، جا واپار ۾ ڪم اچي ٿي.

لاک گهڻن ئي ڪمن ۾ ايندي آهي. انهيءَ مان روغن جوڙيندا آهن. مُهر هڻڻ جي لاک به انهيءَ مان ٺهندي آهي. ’هندستان‘ ۾ ته انهيءَ مان چوڙيون ڪنگڻيون ۽ ٻيا زيور جوڙيندا آهن. هر سال ’هندستان‘ مان اٽڪل پنجاهن لکن جي لاک ٻاهر وڪري لاءِ موڪلي ويندي آهي. اها اڪثر جهنگ جا ماڻهو گڏ ڪري آڻي شهرن ۾ وڪڻندا آهن ۽ انهيءَ جي پيدائش تي گذران ڪندا آهن.

 

پوپٽ ۽ پتنگ

پوپٽ ۽ پتنگ، جيتن جي انهيءَ جماعت مان آهن، جن جا کنڀ ڇلرن وارا آهجن. مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته انهن جي کنڀن تي اڪثر سهڻا چٽڪمرا رنگ رنگ جا ڇلر ٿين ٿا. جي ڇُهڻ سان اٽي يا خاڪ وانگي هٿ کي لڳيو پون. هي جيت، پنهنجي صورت ۾ تمام خوبصورت ۽ خوشنما ٿيندا آهن ۽ اُڏامڻ جا تمام تيز ٿيندا آهن.

پوپٽ: پوپٽن جا اٽڪل اٺ هزار جدا جدا قسم آهن.

پوپٽ جتي پنهنجو کاڌو ججهو ڏسندا آهن، اتي آنا لاهيندا آهن. ڪي هڪڙي قسم جو وڻ يا ٻوٽو پسند ڪندا آهن ۽ ڪي ٻيو. جڏهن آنن مان ڦٽندا آهن، تڏهن ٻچا، جي ڪينئن يا سُوٻٽن جهڙا ٿيندا آهن، سي گهڻو ڪري ڊگها ۽ گول ٿيندا آهن. هنن جي بت ۾ ٻارهن ڀاڱا ٿيندا آهن، ڄڻ ته ٻارهن ٽُڪرن مان جُڙيل آهن. پهرين اهي سسي، تنهن جي پٺيان ڇاتيءَ وارا ٽي ٽُڪر آهن، جن تي اڳيون ٽنگون لڳل اٿن، باقي ٽُڪر آهن پيٽ جا. انهن ٻچن کي ڇهه ننڍڙيون مفرد قسم جون اکيون ٿين ٿيون. وات ۾ ٻه سخت ڄاڙيون اٿن، جي پاسيريون به چُرنديون اٿن ۽ کاڌي کي ڀورينديون آهن.

انهن سُوٻٽن کي ٻن قسمن جون ٽنگون ٿينديون آهن. هڪڙيون سچيون ۽ ٻيون ڪوڙيون. هنن کي ٻن کان وٺي ڏهن تائين ڪوڙيون ٽنگون ٿين ٿيون. جن کي مڙئي سورهن ٽنگون ٿين ٿيون، تن جي بت تي ٻه وِٿيون ڇڏيل: آهن، جتي بت جي آڌار لاءِ ڪابه ٽنگ ڪانهي. سُوٻٽن جو هلڻ، سندن ٽنگن جي تعداد ۽ جاءِ تي تعلق رکي ٿو. ڪي، جن کي گهڻيون ٽنگون ٿين ٿيون، سي تمام جلد هلي سگهن ٿا، مگر انهن جون وکون ننڍيون آهن، جي جلد جلد ڀرين ٿا. جن کي ٿوريون ٽنگون ٿين ٿيون، سي پاڻ کي ڪمان وانگي ور ڏيئي، وڏيون ٻرانگهون ڀريندا، اڳتي هلن ٿا، ڪي سوٻٽ پنهنجو بت مرضيءَ پٺيان ننڍو يا وڏو ڪري سگهن ٿا، ڪي رڳو ان کي موڙي سگهن ٿا، ڪي ته ڳچ وقت تائين پنهنجو بت هوا ۾ ڪهڙي به صورت ۾ جهلي بيهاري سگهن ٿا.

ٻچا، آنن مان نڪرڻ شرط کائڻ لڳن ٿا. ڪي ٿورا، پارون کائن ٿا، پر گهڻا مڙئي پنن تي گذران ڪندا آهن ۽ پنن کان پوءِ گل پسند ڪندا آهن. گهڻو ڪري رات جو کائيندا آهن، ڏينهن جو ڇڀُ هڻي هڪڙي هنڌ پئجي رهندا آهن. ڪي ته رات ڏينهن کاڌي کي لڳا پيا آهن. ڪي ته کائڻ جا اهڙا مَلهه آهن، جو ڏينهن منجهه پنهنجي بت کان ٻيڻي وزن جو کاڌو کائي وڃن ٿا! اهو اهڙو آهي، جهڙو جيڪر هڪڙو ماڻهو ڏينهن ۾ هڪ سؤ چاليهه سير مانيءَ جا کائي وڃي.

سڀئي سوٻٽ پنهنجي حياتيءَ جي عرصي اندر ڪيترائي ڀيرا کلون لاهن ٿا يا بدلائين ٿا. کَل سان گڏ وار، چنبا ۽ ڄاڙيون به اڇلائين ٿا. انهيءَ ڦير گهير کان هڪ ٻه ڏينهن اڳي، هو کائڻ بند ڪن ٿا، انهيءَ وچ ۾ انهن جي کَل ٿورو ٿورو ٿي سُڪي وڃي ٿي ۽ نيٺ ڦُٽيو ڦاٽيو پوي ۽ انهيءَ جي هيٺان وري ٻي نئين چمڪندڙ کَل نڪريو ظاهر ٿئي.

جڏهن سوٻٽ پورا وڌي رهن ٿا، تڏهن کائڻ ڦٽو ڪن ٿا، سندن رنگَ گم ٿي وڃن ٿا ۽ هو پاڻ سست ۽ موڳا ٿي پون ٿا. پوءِ ڪي وڃي پاڻ کي پڇ سان اٽڪائي ابتو ٽنگي ڇڏين ٿا، ڪي بت تي پُٽ جهڙي تند ويڙهي پاسيرا لڙڪي پون ٿا. پوپٽ آرام لاءِ کوپا يا گهر نٿا ٺاهين.

انهيءَ آرام جي حالت جي عرصي اندر سُوٻٽ کي کنڀ، سڱ، مڇون ۽ ڪامل جيت جا ٻيا عضوا نڪرن ٿا، اهي سڀ سوڙها ڳتيا پيا آهن، جي پوءِ کُلن ٿا،  جڏهن پردي ڦاٽڻ جو وقت ويجهو اچي ٿو، تڏهن ان جي شڪل ڏسبي ته ڄڻ پوپٽ سوڙهو سگهوڙو ويڙهو پيو آهي. جڏهن البت طاقت ٿيس ٿي، تڏهن کَل جهڙو پردو ڦاڙي، اُڏامي اٿي هلي ٿو ۽ سندس عجيب رنگ اُس ۾ چمڪندا وڃن ٿا.
 

(پوپٽ جي ڇلرن جا نمونا)

سڀني پوپٽن کي چار کنڀ ٿين ٿا، جي ڇلرن سان ڍڪيل آهن.اهي ڇلر،هنن کي خوشنما رنگ ڏين ٿا، ڇلر نموني نموني جا ٿيندا آهن. سڀڪو ڇلر، پنهنجي منهن هڪڙي نازڪ نليءَ جي وسيلي، کنڀن تي چُهٽيو پيو آهي. اها نلي وري بُت جي کَل ۾ لڳل آهي، ڇلر پاسن کان هڪٻئي تي چڙهيل آهن، جيئن جاين جي کُڏن تي نارا وڇائي ڇڏيندا آهن، يا جيئن مڇيءَ جا ڇلر بيهندا آهن. ڪن قسمن جي پوپٽن ۾ کنڀن تي دَٻَڪ يا چِٽا ظاهر بيٺل آهن ۽ شفاف اکين وانگي پيا ڏسجن.

جڏهن پوپٽ ويهندو آهي، تڏهن هميشہ کنڀ سنوان هڪٻئي تي چاڙهي ويهندو آهي. هن جا کنڀ وڏا ۽ هلڪا آهن؛  تنهنڪري هو گهڻي تائين اُڏامي سگهي ٿو. هو سنئون هڪڙي پاسي نه اُڏامندو آهي. انهيءَ چال ڪري هو پکين جي شڪار ٿيڻ کان بچي وڃي ٿو. هڪڙي صاحب ڏٺو ته هڪڙيءَ جهرڪيءَ هڪ پوپٽ کي جهٽڻ لاءِ برابر ڏهه منٽ پئي مٿو هنيو. جهرڪي تکو اُڏامي وڌي ٿي ويئي، پر پوپٽ ڪڏهن کانئس مٿي چڙهيو ٿي ويو ۽ ڪڏهن هيٺ لهيو ٿي آيو، تنهنڪري هوءَ وٺي نٿي سگهيس.

گهڻن پوپٽن کي ڇهه هڪجيڏيون ٽنگون ٿينديون آهن، پر ڪن ۾ اڳيون ٻه ٽنگون تمام ننڍڙيون آهن ۽ هلڻ جي ڪم جون ڪين آهن.

پوپٽ جو مٿو گهڻو ڪري گول ٿيندو آهي. اکيون، بيشمار ننڍڙين اکين مان جُڙيل آهن، جي پاڻ ۾ گڏيون پيون آهن. هنن جي سڱن يا مُڇن جي ڇيڙي ۾ ڳوڙهيون ٿين ٿيون.  هنن جي سونڊ ٻنهي اکين جي وچ ۾ بيٺل آهي. ( سونڊ جي شڪل صفحي 4 تي ڏيکاريل آهي.) جڏهن اُن جي گهرج ناهي، تڏهن ويڙهي سيرهي پئي آهي، پر جڏهن پوپٽ کي گل مان ماکي چوسڻ جو خيال ٿئي ٿو، تڏهن اها سونڊ ڊگهيري ٿو. جيڪڏهن ڏسي ٿو ته ماکي گهاٽي آهي ۽ سونڊ مان لنگهي نه سگهندي ته پاڻ منجهان پاڻيءَ جهڙي رس ڪڍي ان سان گڏي ٿو، جنهنڪري اها ڇِٽي ٿي پوي ٿي، پوءِ چُوسي وٺي ٿو.

ڪامل جيت جي حياتي گهڻو ڪري اٽڪل ٿوري ٿي ٿئي. ٻين جيتن وانگي پوپٽ به، جڏهن پنهنجي جنس وڌائڻ لاءِ آنن لاهڻ جو بندوبست ڪري رهن ٿا، تڏهن پاڻ مريو وڃن ٿا.

ڪڏهن ڪڏهن ته پوپٽ، ولرن جا ولر ٿي ڪيترن ميلن تائين ۽ ڪيترن ڪلاڪن تائين، اُڏامندا ڏسبا آهن. پوپٽ جدا جدا قد جا ٿين ٿا. هڪڙي انچ کان وٺي، هڪ فوٽ جيڏا ٿين ٿا. ڪٿي ڪٿي اهڙا خوبصورت آهن، جو جاندار چمڪندڙن جواهرن وانگي پيا ڀانئجن

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org