سيڪشن؛  علميات

ڪتاب:حشرات الارض

باب: --

صفحو :2

جيتن جو اُپجڻ، سامائجڻ ۽ انهن جي صورت جو بدلجڻ

جانور ۽ پکي پنهنجن ٻچن جي پاڻ سنڀال لهي سگهن ٿا، پر جيت ويچارا گهڻو ڪري، ٻچن جي منهن ڏسڻ کان اڳيئي مري وڃن ٿا، ڇو جو سندن عمر تمام ٿورڙي ٿي ٿئي. انهيءَ هوندي به، خدا انهن کي اهڙي سمجهه ڏني آهي، جو هُو پورو بندوبست ڪيو ڇڏين؛ جنهنڪري ٻچا، سندن سنڀال کان سواءِ نپجن ٿا.

آنا: سڀ جيت آنن مان پيدا ٿين ٿا، مگر ڪي ٿورا آهن، جي ٻچا ڄڻين ٿا. ماديءَ کي اڪثر آنن رکڻ لاءِ هڪڙو اوزار ڏنل آهي، جنهن جي وسيلي هوءَ آنا انهيءَ هنڌ لاهي رکي ٿي، جتي ڦُٽڻ سان ئي ٻچن کي کاڌو ملي سگهي. ڪن جيتن ۾ انهيءَ اوزار کي ڪارائيءَ جهڙا ڏند ٿين ٿا، جنهنڪري هُو ڪَپي وڍي پنهنجو رستو ڪڍن ٿا، ڪن ۾ وري نشتر جهڙو تکو اوزار ٿو ٿئي. جڏهن انهن اوزارن سان ٽُنگ ڪن ٿا، تڏهن اُن منجهه هڪڙو آنو لاهي رکي، مٿانئس پاڻيءَ جهڙي شئي جو هڪڙو ڦڙو وجهي ڇڏين ٿا، جنهنڪري اهو آنو، انهيءَ هنڌ ڄوءَ وانگي چنبڙيو وڃي.

ڪي پتنگ يا پروانا پنهنجن ٻچن لاءِ پنهنجي بت جا وار ڇني آکيرا ٺاهي ڇڏيندا آهن. پهرين هُو ڪنهن پَنَ تي وارن جو تهه وڇائي، مٿانئس آنا لاهي، وري انهن جي مٿان وارن جو ٻيو تهه رکندا آهن، جيئن گهَرَ جي ڇت تي نارا وڇائي رکي ويندا آهن ته پاڻي نه ٽِڪي. ماديءَ کي هڪ- ٻه ڏينهن، آکيري ٺاهڻ ۾ لڳي ٿو. سندس بت اصل پشمدار يا وارن وارو هوندو آهي، سو آکيري ٺاهڻ کان پوءِ، لَسو ۽ اهاڙو ٿيو پوي. سگهو ئي پوءِ، هوُءَ مريو وڃي ٿي!

گهڻا جيت ته ٿوري يا گهڻي عرصي کان پوءِ، واري واري سان هڪڙو آنو لاهيندا آهن؛ پر ڪي تمام گهڻا آنا لاهيندا آهن. اُڏيهن جي راڻي ته ٿوري وقت تائين هزارين آنا پيئي لاهيندي آهي؛ منٽ منٽ ۾ سٺ آنا لاهيندي آهي.

(جيتن جي آنن جا نمونا)

آنا جدا جدا شڪل ۽ ڊول جا ٿين ٿا: ڪي ڊگها، ڪي گول، ڪي ته وار جهڙي سنهڙي شئي جي چوٽيءَ تي لاهي رکڻ ۾ ايندا آهن. مادي پَن تي اندران کؤنر جهڙو هڪڙو ڦڙو ڪڍي، انهيءَ تي هڪڙو آنو لاهيندي آهي. مطلب اهو اٿس ته جيڪي ٻيا جيت آسپاس پيا گهمن، تن جي پهچ کان مٿڀرو هجي.

جيتن جا آنا، جدا جدا رنگن جا ٿيندا آهن، ڪي اڇا ٿيندا آهن، ڪي پيلا، ڪي واڱڻائي، ڪي نيلا، ڪي ساوا، ڪي ڳاڙها ۽ ڪي ڪارا، ڪي ڦُلڦُليا ۽ چِٽن وارا آهن؛ ڪن تي جدا جدا رنگن جا پَٽا نڪتل آهن؛ ڪي ننڍڙن موتين جهڙا ٿين ٿا.

گهڻا پوپٽ ته ڍِڳيون ڍِڳيون ڪري آنا لاهيندا آهن. ڪي مکيون، زنجيريءَ جي شڪل ۾ آنا لاهي

(ڪُت جا آنا ۽ مک جا آنا)

رکنديون آهن، جنهنڪري هڪڙو آنو ٻئي سان ڳنڍيو پيو هوندو آهي. گهَرن ۾ اُڏامڻ واري عام مک پنهنجا آنا گاهه، ٻوٽن، ڇيڻن ۽ ڪچري جي ڍيرن تي لاهيندي آهي. ڪُت وري هڪڙي اچرج جهڙي تجويز ڪندي آهي. اُن جا آنا، جي ڌار ڌار هجن ته جيڪر پاڻيءَ ۾ ٻُڏي پون؛ تنهنڪري هوءَ اڍائن سوَن يا ٽن سوَن آنن کي کؤنر جهڙي رس سان چنبڙائي گڏي، هڪڙي ننڍڙي ٻيڙيءَ جي شڪل ۾ ڪري بيهاريندي آهي، جا پاڻيءَ تي صحيح سلامت پئي ترندي آهي، جيسين ڪر آنن مان ٻچا ڦُٽندا آهن.

جيتن جا ٻچا: آنن مان جيڪي ٻچا ڦٽن ٿا، تن کي ڪِينئان يا سوُٻٽ به سڏيندا آهن. اها جيتن جي اصلي يا پهرين صورت آهي.(هيٺ شڪليون ڏسو) ماڪوڙيءَ جا آنا، تمام ننڍا، اڇيرڙا،گول ۽ ٿورو شفاف ٿين.هيٺين شڪل ۾ (الف) آنن جي ڇڳي جي وڏي صورت آهي ۽ (ب) شڪل ۾، انهيءَ جو سچو

                                                  الف            ب

 

 


 

(3- ت)                                 (2- ب)     (1- الف)

قد ڏيکاريل آهي. الف، ب ۽ ت ليڪون، سچو پچو قد ڏيکارين ٿيون. 1- انگ، ٻچن جي سامهين صورت ٿو ڏيکاري، 2- انگ انهن جي پٺين صورت ۽ 3- انگ، مادي ٻچو آهي، جو کاڌي لاءِ مٿو پيو هڻي.

کنڀن کان سواءِ جيڪي جيت آهن جيئن ڪ جُون ۽ مُنگهڻ، تن جي ٻچن جي صورت به اهڙي آهي جهڙي وڏن جي. ڪن جيتن ۾ تمام ٿورو تفاوت رهي ٿو، مگر گهڻن ۾، جهڙي طرح ڪ عام مکين، ماکيءَ جي مکين، پوپٽن ۽ ٽنڊڻن ۾ تمام وڏي ڦير گهير ٿئي ٿي ۽ صورت بلڪل بدلجي ٻي ٿئي ٿي.

ڪن مکين جو ٻچو، رڳو هڪڙو ننڍڙو اڇو ڪينئون ٿئي ٿو، جنهن کي پيرُ به ڪونهي، پر تڏهن به چالاڪيءَ سان هيڏي هوڏي چُري سگهي ٿو، ڪن جي ٻچن کي بت تي بُج يا وار ٿيندا آهن. انهن سوٻٽن مان ڪن کي ته بُجن جا دَٻَڪَ دَٻَڪ ٿين ٿا ۽ ڪن کي ساري بت تي بُج پکڙيل آهن. سو ٻٽن جو رنگ طرحين طرحين جو ٿيندو آهي: جي اونداهيءَ وارين جاين ۾ رهن ٿا، سي اڪثر ميرانجهڙا يا اڇڙا ٿا ٿين. جيڪي سوجهري ۾ رهن ٿا، تن کي ڪڏهن ڪڏهن مزي مزي جا رنگ ٿيندا آهن.

ڪي سوٻٽ يا جيتن جا ٻچا، هلندا يا سُرندا آهن، ڪي هڪ هنڌ مٿو ڄمائي، پُڇ کڻي مٿي وٽ آڻيندا آهن ۽ انهيءَ طرح ٻرانگهون ڀري هلندا آهن. ٻچا اڪثر گهڻ- کائو ٿيندا آهن، جيئن وڌندا وڏا ٿيندا وڃن، تيئن ڪيترائي ڀيرا، بُت جي کَل لاهيندا اُڇلائيندا ويندا آهن. جڏهن پاڻ ۾ گهڻي چرٻي گڏ ٿيل ڏسندا آهن، تڏهن هڪدم کائڻ کڻي بند ڪندا آهن ۽ اهڙي جاءِ ڳولي هٿ ڪندا آهن جتي ڪجهه وقت تائين سلامتيءَ سان ماٺ ڪري آرام وٺن. ڪڏهن ڪڏهن ته سسي هيٺ ۽ پُڇ مٿي ڪري، هڪڙيءَ سنهي تند ۾ لڙڪي پوندا آهن.

آرام جي حالت: اها جيتن جي ٽين حالت يا منزل آهي، ڄڻ ته مئا پيا آهن! ڪڏهن ته رڳو هڪ کَل جي پردي ۾ ويڙهجي پوندا آهن. پَٽَ ڪيئن جا ٻچا، اهڙي وقت پاڻ کي پَٽَ جي تندن ۾ ويڙهي ڇڏيندا آهن.

جيتن جي ڪامل صورت: اها آرام جي حالت ڪڏهن گهڻي تائين، ڪڏهن ٿوري تائين هلندي آهي. انهيءَ وچ ۾ سندن جسمي صورت درجي بدرجي پيئي بدلبي آهي. ڪي اصل جا عضوا، بلڪل گم ٿيو وڃن ۽ انهن جي بدران، کنڀ، ٽنگون ۽ ٻيا نوان عضوا پيدا ٿا ٿين. جڏهن اها ضروري قدرتي ڦير گهير هلي پوري ٿئي ٿي. تڏهن جيت کَل جو پردو ڦاڙي نڪري ٻاهر ٿو ٿئي. هاڻي هُو ڪيِئيِن  يا سوٻٽ جي صورت ۾ ناهي، پر پوپٽ يا پرواني يا اهڙي ڪنهن سهڻي جيت جي صورت ۾ آهي. هن جا ننڍڙا کنڀ کُلن ٿا ۽ پنهنجا

(جيتن جون جدا جدا حالتون)

چمڪندڙ رنگ ڏيکارين ٿا. پوءِ کنڀ ڇنڊي اُٿي اُڏامي ٿو ۽ وڃي پنهنجي ٿورڙي عُمر جو عرصو گلن مان ماکي چُوسڻ ۽ ٻين مزن ڪرڻ ۾ گذاري ٿو ۽ پوءِ آنا لاهي سگهوئي مري وڃي ٿو.

جيتن جي تقسيم: جيتن کي گهڻنئي طرحن سان قسمن ۾ ورهائيندا آهن، پر خاص کنڀن جي ڪري انهن جي تقسيم ٿيندي آهي: ڪي کنڀن کان سواءِ آهن، جهڙي طرح جُون ۽ ڪارڙا، ڪن کي ٻه کنڀ ٿا ٿين، جيئن ته مکيون، ڪن کي چار کنڀ ٿا ٿين، پر انهن جا اڳيان ٻه کنڀ جلد ڏسڻ ۾ ڪين ايندا آهن.  پوپٽن کي ڇلر سان کنڀ ٿين ٿا، تِڏِن کي سنوان کنڀ ٿا ٿين. ڪن جا کنڀ ماکيءَ جي مکين وانگي آهن، ڪن جا ڀنڀوريءَ وانگي. ٽنڊڻن کي وري کنڀن جا پوش يا کوپا ٿين ٿا. انهن سڀني قسمن جو مفصل بيان هتي ڏيئي نٿو سگهجي. اسين رڳو ڪن ٿورن خاص ۽ مزي جهڙن جيتن جو ذڪر ڪنداسين.

(ڪارڙو)

ڪارڙو ۽ جُون، جيتن جي انهيءَ جماعت ۾ داخل آهن جن کي کنڀ نٿا ٿين. ڪارڙي جي بت جو ڊول، ٿورو گهڻو آني جهڙو آهي ۽ اهو سخت ڀُوريءَ يا

ڪارڙيءَ کَلَ سان چڪيل آهي، ان جي چپجڻ مهل جيڪو آواز ٿيندو آهي، سو انهيءَ سخت کَلَ جي ڀڄڻ ڀُرڻ جو آهي. بت جي بنسبت ۾ ان جو مٿو ننڍو ٿو ٿئي. انهيءَ ۾ ٻه ڊگهيون ۽ تکيون نشترون لڳل آهن، جن کي ڪارائيءَ جهڙا ڏندا آهن. اهي نشترون، ڪارڙو ماڻهوءَ جي کَلَ ۾ ٽُنبي رت چُوسي ٿو.

ڪارڙي جو بت، تيرهن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي: جن مان هڪڙو سندس مٿي جو ڀاڱو آهي، تن مان سندس ڇاتي جڙيل آهي ۽ ٻيا ڀاڱا سندس پيٽ جوڙين ٿا. هن جون ٽنگون، ڊگهيون ۽ مضبوط آهن،جن سان هو قد کان وڌيڪ نهايت وڏا ٽپا ڏيئي سگهي ٿو.زور ۾ جسمي طاقت به انهيءَ حَدَ تي اٿس!

ڪن ماڻهن، ڪارڙن کي هيرائي تعليم ڏيئي کانئن عجيب ڪم ڪرايا آهن. ٽيهن ڪارڙن، صف ٻَڌي، جنگي سپاهين وانگي پنهنجن پوئين ٽنگن تي بيهي پنهنجا ننڍڙا ڀالا کڻي، قواعد ڪيو آهي! ٻن ڪارڙن کي هڪڙي تمام ننڍڙي چؤڦيٿي گاڏي ۾ گهوڙن وانگي جوٽيو هئائون ته اها ڇڪي اُٿي هليا! ٽيون ڪارڙيو وري گاڏيءَ تي، گاڏيءَ واري وانگي،چهبڪ جهڙو هڪڙو ننڍڙو ڪَکُ کڻي ويٺو! ٻين ٻن ڪارڙن هڪڙي ننڍي توف ڇڪي! اهي جيت، انهيءَ طرح اڍائن ورهين تائين رهيا. کاڌي ڏيڻ لاءِ، هنن کي ماڻهوءَ جي ٻانهن تي کڻي ويهاريندا هئا ته رت پِي وٺندا هئا.

مادي اَٺن کان ٻارهن تائين آنا لاهي ٿي. اهي آنا شڪل ۾ پکين جي آنن جهڙا ٿا ٿين، اڇا ۽ لَسا آهن. اهي زمين تي يا ميرن ڪپڙن ۾ يا ڪنهن ڪچري تي لاهڻ ۾ ايندا آهن. انهن سان سُڪل رت جون ننڍڙيون ڪاريون ڳوڙهيون، نقطن وانگي ٻچن جي خوراڪ لاءِ لڳل آهن.

انهن جي آنن ناس ڪرڻ جو رستو اهو آهي ته جاءِ ٻُهاري، ٻُهر ساڙي ڇڏجي. جي ٻُهر رڳو اڇلائي ڇڏبو ته سگهو آنا مَٽجي، ڪارڙا ٿي پوندا. هنن جا ٻچا، ننڍڙن ڪينئن وانگي ٿين ٿا. جن کي ٽنگون نٿيون ٿين، مگر هيڏي هوڏي مُڙي ۽ ليٽي سگهن ٿا. ماءُ هنن کي پنهنجي ڀريل پيٽ مان رت جو ذرو ڪڍي کارائي ٿي.

ڪي ڪارڙا ڪُتن، ٻلين، ڪُڪڙين ۽ ٻين جانورن ۾ رهن ٿا. خوردبينيءَ سان ڏسڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪارڙن جهڙا ٻيا اڃا به ننڍڙا جيت خود ڪارڙن جي بت تي رهن ٿا.

ڪارڙا گندگيءَ سان ڀريلن گهرن ۾ ۽ سُڃين جاين ۾ گهڻا ٿيندا آهن. (مٿي ڪارڙي جي وڏي شڪل ڏني ويئي آهي، جيئن خوردينيءَ ۾ ڏسبي آهي.)

 

جُون

جُون جو بت ٿورو شفاف آهي يعني انهيءَ مان شيشي وانگي آرپار ڏسي سگهجي ٿو. ڀوري يا خاڪي رنگ جو ٿئي ٿو ۽ مٿس ڪارا دَٻَڪ ٿا ٿين. مٿو گول اٿس، جنهن ۾ ڌاڳي جهڙا ٻه سڱ لڳل آهن. هلڻ مهل اُهي هميشہ پيا چُرندا آهن. ٻه گول اکيون اٿس ۽ هڪڙي سونڊ جي چهنب ۾ ڇهه نوڪدار ڪُنڊا لڳل اٿس، جي پُٺ تي وريل رهن ٿا. اهي هوءَ ماڻهوءَ جي کَلَ ۾ اٽڪائي ٿي. ٽنگن ۾ انبورين جهڙا چنبا اٿس، جن سان وار کي پڪڙي ٿي.

جُيون آنن مان پيدا ٿين ٿيون، جن کي ليکون سڏيندا آهن. اهي رنگ جا اڇا آهن ۽ وارن ۾ چھٽل رهن ٿا. پنجن- ڇهن ڏينهن ۾ آنن مان ٻچا ڦُٽن ٿا ۽ اٺانوي (98) ڏينهن ۾، اهي پاڻ وري ٻين ٻچن پيدا ڪرڻ جهڙا ٿين ٿا.

مٿي جي جُون، مٿي جي وارن ۾ رهندي آهي ۽ بُت جي جُون، ڪپڙن ۾ آنا لاهي ٿي. ڪن جانورن جي بت تي جُيون رهنديون آهن.

صفائي رکڻ، جُيُن کان بچڻ جو چڱو علاج آهي. مٿي ۾ گهڻي تيل وجهڻ سان جُيون مري وڃن ٿيون.

 

منگهڻ

سُّڪيِ توڙِ پاڻيءَ جي مُنگهڻن جا هزارين قسم لکيا اٿن، پر سڀني کان مشهور اهو قسم آهي، جو هَندن ۽ کٽولن ۾ ٿيندو آهي: هي هڪڙو ننڍڙو، بدشڪل، خراب باس وارو جيت آهي، جو خاص گرم ملڪن ۾، ڪِنن گهرن ۽ جاين ۾ گهڻو ٿيندو آهي. اهو هَندن، ڪرسين، کٽولن ۽ اهڙين ٻين شين ۾ رهندو آهي. ڪهڙو به سنهڙو چير يا سوراخ هوندو ته به انهيءَ ۾ هو لڪي ويهي سگهي ٿو. هو اڪثر رات جو نڪرندو آهي ۽ سوجهري سان ڪين پوندي اٿس.

مُنگهڻن جو بت، ڀوري رنگ جو ٿيندو آهي. جنهن تي ٿورا وار به هوندا آهن. مٿي ۾، ٻه وارن جهڙا سڱ ۽ هڪڙي ننڍڙي چهنب اٿس، پيٽ گول ۽ ويٺل اٿس، کنڀ ڪونه ٿينس. هو رت ڪين چُهندو آهي، پر پنهنجي چهنب واري وارن سان رت ڪڍي وٺندو آهي، جيئن نار ۾ ڪنگرين سان پاڻي ڪڍبو اهي. منگهڻ آنا لاهيندو آهي، جي ڊگها ميرانجهڙا ٿيندا آهن. انهن ۾ هڪڙو ننڍو سوراخ کليل رهي ٿو، جنهن مان ٻچا نڪري ايندا آهن. منگهڻ، کاڌي کان سواءِ گهڻي وقت تائين جيئرو رهي سگهي ٿو، انهيءَ لاءِ اڳهين تيار رهندو آهي، جو جڏهن وجهه ملندو اٿس، تڏهن رت سان پنهنجو پيٽ ڀري ڇڏيندو آهي.

منگهڻن کان ڇُٽڻ جو چڱو علاج آهي صفائي ۽ سٺائي. جڏهن ڪنهن کٽولي  يا اهڙِ ٻي شئي ۾ منگهڻ پئجي ويندا آهن، تڏهن انهن کي ڪڍڻ ڏاڍو مشڪل ٿيندو آهي. انهن کي ناس ڪرڻ جو سولو رستو آهي اُس ۾ رکڻ، ڪيروسين ۽ تارپين جو تيل وجهڻ، ”هندستان“ ۾ کنڀن وارا اُڏامندڙ منگهڻ به گهڻا ٿيندا آهن. منجهن تمام ڪِني بوءِ ٿيندي آهي. اهي رات جو ڏاڍا چالاڪ رهندا آهن.

’ڏکڻ آمريڪا‘ جي گهرن جي ڇتِن ۽ ڪکن ۾ ڪيترائي کنڀن وارا منگهڻ لڪي ويهندا آهن، جڏهن رات ٿيندي آهي، تڏهن نڪري وڃي ايترو رت پيئندا آهن، جيترو ڄؤر پيئندي آهي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org