سيڪشن: علميات

ڪتاب: خوابن جي تشريح

باب:

صفحو:5 

( 5  )

خوابن جي نفسياتي خاصيتن جي سڃاڻپ/ فرق

DISTINGUISHING PSYCHOLOGICAL

CHARACTERISTIC OF DREAMS

 خوابن جي باري ۾ اسان جو مشاهدي ۽ تجربي ۾ آيل غور فڪر، مفروضي، قياس يا گمان کانسواءِ شروع ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته اهي اسان جي دماغي هلچل يا تحرڪ مان پيدا ٿين ٿا. جيتوڻيڪ ختم ٿيل خواب، اسان کي ڪنهن ڌاري معاملي جيان لڳندو آهي، ۽ ان جي ذميداري به اسان تمام معمولي نموني کڻندا آهيون جيئن اسان جرمنيءَ زبان ۾ اهو چوڻ لاءِ هميشه تيار هوندا آهيون ته: ”اسان سپنو ڏٺو آهي.“ يا بلڪل لفظي طور تي..... ”مون خواب ڏٺو.“ پر ان جو اصلي احساس ڪهڙو آهي؟ ته ڇا اسان جا خواب، اسان جي ذهن سان بنهه اڻ لاڳاپيل هوندا آهن؟

خوابن جي ڪارڻن، ماخذن يا بنيادن جي سلسلي ۾ اسان جي ڪيل بحث جي ناتي اسان کي ڪو نتيجو ڪڍڻو پوندو ته اوپرائپ، ان مواد جي ڪري نه ٿي ٿي سگهي، جيڪا ان جي متن مان رستو ڳولهي ٿي. تيسيتائين ان مواد جو گهڻو حصو، خواب ۽ جاڳ جيون لاءِ گڏيل ملڪيت هوندو آهي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا خوابن ۾ ذهن جي عملي طريقن ۾ ترميم يا اصلاح نه ٿي ٿي سگهي؟ جا اهو تاثر پيدا ڪري سگهي ته اسان بحث پيا ڪريون: ۽ اسان خوابن جي نفسياتي لاڳاپن جي تصوير جوڙڻ جي ڪوشش پيا ڪريون.

خوابن ۽ جاڳندڙ حالتن جي وچ واري فرق متعلق ٻئي ڪنهن به ايتري تز نموني زور نه ڏنو آهي، يا وڌيڪ دور رس نتيجا اخذ ڪيا هجن، جن کي ”جي، ٽي، فيڪنر“ (صفحو: 2) پنهنجي ڪتاب ”نفسياتي عنصر“ جي هڪ حصي تي آندو آهي. هن جي راءِ ۾ ”نه فقط ذهني شعوري حياتيءَ جي بيزاري، مرڪزي دروازي جي هيٺاهينءَ واري هنڌ هوندي آهي،“ نه ئي ٻاهرين دنيا جي زوردار اثرن ڏانهن ڌيان ڏيڻ جي قابل ڳالهين کي ختم ڪري سگهبو آهي، جيڪي خواب جيون جي خاصيتن کي، جاڳ وارين حالتن ۾ ڪيل ڀيٽ جيان، بيان ڪرڻ لاءِ ڪافي هونديون آهن. ڪنهن حد تائين هن اهو اندازو لڳايو آهي ته: خوابن جي عمل جا منظر، جاڳ جيون جي تصور يا تمثيلي انداز کان مختلف هوندا آهن. ”جيڪڏهن نفسياتي تحرڪ يا هلچل جا عملي منظر، ننڊ ۽ جاڳ ۾ ساڳيا ئي هوندا ته منهنجي خيال ۾ خواب، ان جاڳ جيون جي تصور يا تمثيلي انداز جي شدت جي، هيٺين سطح تي رڳو انهن جي توسيع ڪندا هوندا. ان کانسواءِ اهو به ضروري آهي ته انهن جو مواد ۽ گهاڙيٽو ساڳيو ئي هجي، پر حقيقتون ڪجهه ٻين شڪلين ۾ هجن.“

اها ڳالهه واضح نه آهي ته ذهني چرپر جي بدليل جاءِ تي ڳالهائيندي ”فيڪنر“ جي ذهن ۾ ڇا آهي؟ جيئن مان سمجهان ٿو، مان ته ٺهيو پر ڪو ٻيو به سندس لفظن ذريعي، انهيءَ ٻڌايل رستي تي جاکوڙي نه ٿو سگهي. منهنجو خيال آهي ته اسان کي عضوياتي تشريحي تجزين متعلق نڪتو يا گفتو ڏيڻ جي امڪان کي رد ڪرڻو پوندو ۽ بهتر ٿيندو ته ان کي ”علم بدن“ جي عقلي، منطقي يا ڏاهپ جي وسعتن جي حوالي سان پيش ڪجي، يا خود اوڄي گهرڙن جي اڀياسي (Histological) تهن مان عقلي، منطقي يا ڏاهپ جي ”تهه“ تي نظر وجهڻ گهرجي. ائين ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته اهو مشورو آخرڪار ۽ پڪ ئي پڪ، هڪدم تهه تائين پهچائيندڙ ۽ زرخيز ثابت ٿيندو. سو به تڏهن، جڏهن اهو مشورو، کوپڙيءَ ۾ پيل ميڄالي جي مخصوص استعمال سان لاڳو ڪبو، جنهن جي بناوت ئي انهن ڪيترن ئي انتظامي مدد ڪندڙ ادارن جيان، سلسلي پويان سلسلي جو مددي بندوبست ڪندي آهي.(1)

ٻين ليکڪن پاڻ کي خواب جيون جي خاصيتن جي سڃاڻپ يا فرق متعلق ڌيان ڇڪائڻ طرف، گهڻي اطينان جو اظهار ڪيو آهي، ۽ تمام گهڻين دور رس وضاحتن تائين پهچڻ لاءِ انهن کي ابتدائي نڪتي جي صورت ۾ کنيو آهي.

ان ڳالهه جي نشاندهي انصاف ڀري آهي ته خواب جيون جي مکيه ۽ مخصوص نرالپ، پنهنجو عملي اظهار گهري ننڊ دوران ڪندي آهي، ۽ ٿي سگهي ٿو ته اهو ڪنهن مشاهدي ۾ ايندڙ واقعي يا منطقي طور تي بيان ڪرڻ واري حقيقت جيان ننڊ جي نقيب جي تصوير ڪشي ڪندي هجي. ”شليئرماڪر“ (Schleiermacher. 1862,351) مطابق ته جاڳ واري حالت ۾ ڪهڙيون خوبيون آهن؟ حقيقت اها اهي ته سوچ جي هلچل: ”خيال يا تصور“ ۾ جاءِ والاريندي آهي، نه ڪي نظري مظهرن ۾. خواب يقينن نظري مظهرن ذريعي ننڊ جي اچڻ کانپوءِ سوچيندو آهي، ۽ ان جي مشاهدي جو امڪان به  تڏهن ئي ٿو ٿي سگهي ته اهو ڪيئن ٿو سوچي! جنهن جي مختلف حصن ۾ پاڻمرادو پيدا ٿيل تحرڪ يا چرپر جو اندازو لڳائڻ نهايت مشڪل آهي. سوچون، مجبوريءَ وچان يا غير شعوري طور تي اڀرنديون آهن، ۽ اهي سموريون سوچون تصويرن ذريعي عڪس- محل ۾ اچي پونديون آهن. تصور واري انداز ۾ يا تمثيلي قسم جي ڪم جو سگهارو نه هجڻ يا موزونيت جي گهٽتائي يا نااهليت هجڻ، جنهن کي اسان ڪنهن خاص ارادي جيان، ڄاڻي ٻجهي محسوس ڪندا آهيون ۽ اوچتو (گمان جي عادت سان ڳنڍيل) نظري منظرن جو ظاهر ٿيڻ، اهي ٻه خاصيتون آهن، جيڪي خوابن ۾ محفوظ هونديون آهن، ۽ جيڪي اسان کي خوابن جي نفسياتي تجزيي  ڪرڻ، خاص طور تي خواب جيون جي اهم عنصرن جي شناخت بابت زور ڀرين ٿيون. اسان اڳ ۾ به ڏسي آيا آهيون ته اهي عڪس، اڻپوري يا ننڊاکڙي شعور جو وهم يا سوداءُ (Hypnogogic Hallucinations) هوندا آهن، جيڪي خوابي خاڪن جي مواد يا متن جهڙا ئي هوندا آهن.(1)

خواب پوءِ فوقيت وچان نظري مظهرن ۾ سوچيندا آهن، پر اڪيلي سر نه سوچيندا آهن. اهي گڏوگڏ آوازن سان ٺهڪندڙ تصورن جو به استعمال ڪندا آهن، ۽ ٻين حواسن جي ميڙيل چونڊيل تاثر يا نشانين جي ٿوري مقدار تي به سوچيندا آهن. ٻيون به ڪيتريون ئي شيون، خيالن، سوچن جيان سپنن ۾ ظاهر ٿينديون آهن، (بلڪل ائين، جيئن جاڳ جيون دوران سوچ واري  عام حالت ۾ ٿيندو رهندو آهي) يا کڻي ائين چئجي ته اهي سوچون، زباني طور آڇيل يا کڄي ويل پونجيءَ جي صورت ۾ هونديون آهن. حالانڪ خوابن جون خاصيتون، حقيقت جهڙيون به هونديون آهن، پر اهي انهيءَ مواد يا متن جا رڳو جزا هونديون آهن، جيڪي عڪسن جي صورت اختيار ڪنديون آهن، اهي گهڻو ڪري حواسن ذريعي پروڙڻ جهڙيون هونديون آهن، جنهن کانپوءِ اهي گذاريل ڏينهن جي ياداشت ۾ مدد ڏيندڙ سوچن جو نماءُ ڪنديون آهن.

ڪنهن نفسياتي تجزيي ڪندڙ لاءِ انهن سمورن دليلن کي هڪ پاسي رکڻ، نهايت آسان آهي، وهم يا سوداءَ جي فطرت تي اسان هر قسم جي اختياريءَ سان سمجهوتو ڪندا آهيون، خاص ڪري ان موضوع جي حوالي سان وڏي ساک سان چوندا آهيون ته اهي خواب، رڳو ”وهم يا سوداءَ“ ۾ مبتلا ڪندڙ هوندا آهن، جيڪي خيالن يا سوچن کي وهم يا سوداءَ جي صورت ۾ بدلائي ٿا ڇڏين. ان حوالي سان تصويرن ۽ آوازن جي نماءَ جي وچ  ۾ ڪو به فرق نه هوندو آهي. اهو به ڏٺو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪو شخص، موسيقيءَ جي ڪا ڌن جوڙي، پنهنجي دماغ ۾ سُرن جي ڪا سنگهر سمائي سُتو آهي ته سندس يادگيري، سندس انهن ساڳين سرن کي روپ (Composition) ۾ ٺاهي، وهم يا سوداءَ جي صورت واري بدلائي ڇڏيندي آهي ۽ پوءِ جيڪڏهن ڪو ٻيهر جاڳي پوي ۽ ننڊ جي ڦِٽڻ کانپوءِ ٻئي حالتون، هڪ کان وڌيڪ جو نعم البدل ثابت ٿين ته اهڙي صورت ۾ وهم يا سوداءَ واري ڪيفيت کيس گذاريل ڏينهن جي ياداشت ۾ مدد ڏيندڙ صورت ۾ پيش ايندي، جيڪا اوچتو مٿو ڦيرائڻ جهڙي ۽ ان جي معيار جو فرق ڪيل هوندي.

خيالن کي سوداءَ ۾ تبديل ڪرڻ واري صورت ئي رڳو مڃڻ جهڙي نه هوندي آهي، جنهن ۾ خواب، جاڳ دوران خيالن جي هڪجهڙائيءَ ۾ اختلاف ڪندڙ هوندا آهن، پر سپنا انهن عڪسن جي واقعاتي صورتحال کي بدلائي تعمير ڪندا آهن: اهي ان واقعي جي نمائندگي ڪندا آهن، جيڪو حقيقت ۾ رونما ٿيو آهي: جيئن ”اسپيٽا“ (صفحي 145 تي) لکيو آهي ته:

”اهي خيالن کي ناٽڪ وارو سٽاءُ ڏيندا آهن“ پر خواب جيون جو اهو عنصر به رڳو تڏهن سمجهه ۾ اچي سگهي ٿو، جڏهن اسان خاص طور اهو قبول ڪريون ته خوابن ۾، ڪنهن اصول تحت اميدون وابستا هونديون آهن، جن کي اصولي طور تي جاچڻ جي ضرورت هوندي آهي، ۽ اسان ان لاءِ واضح نه هوندا آهيون ته رڳو ان تي سوچيو وڃي يا ان متعلق مشاهدي ۽ تجربي جي صورت تي ڪم ڪجي. چوڻ جو مطلب اهو آهي ته اسان مڪمل طور تي وهم ۽ سوداءَ واري عقيدي سان ٻڌل هوندا آهيون. اسان ان وهم مان تيستائين سجاڳ نه ٿا ٿي سگهون، جيستائين تنقيدي راءِ نه ٿي پيدا ٿئي ته اسان ڪو به خاص تجربو نه ڪيو آهي، پر اسان فقط ۽ فقط هڪ خاص ڏس ۾ سوچيندا رهندا آهيون، يا ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته اسان رڳو سپنا ئي ڏسندا رهندا آهيون. اهي، اهي خاصيتون آهن جيڪي ڏينهن جي خوابن (پورن ۽ سودائن) ۽ سچن سپنن جي وچ ۾ فرق کي ظاهر ڪن ٿيون، جيڪي ڪڏهن به حقيقت جي حوالي سان مونجهاري ۾ مبتلا نه ٿيون ٿين.

”برداخ“ (صفحو: 502) خواب جيون جي عنصرن کي مختصر نموني بيان ڪيو آهي، جنهن کي اسان ڪنهن حد تائين هنن لفظن ۾ بيان ڪري آيا آهيون ته: ”خواب جي وچ ۾ اهم ترين عنصرن هن ريت آهن:

الف: خوابن ۾ اسان جي ذهن جي ”داخلي“ چرپر (تحرڪ)، ”خارجي“ صورت ۾ ظاهر ٿيندي آهي. اسان جي ادراڪ جا شعبا، اسان جي تخليقي پيداوار جي ناتي، گهڻو ڪري اسان جي حواسن جا تاثر هوندا آهن.

ب: سمهڻ؛ لڳڀڳ پنهنجي اختياريءَ جي پڄاڻي هوندي آهي، ان ڪري گهري ننڊ، ان سان گڏ ڪنهن درجي تائين غير متحرڪپڻي يا خاموش هجڻ واري حالت به پيدا ڪري ٿي...... ان ننڊ واري صورت ۾ عڪس ۽ اولڙا به رڳو ان حالت ۾ ظاهر ٿين ٿا، ڇاڪاڻ ته پنهنجي شخصي اختياري بلڪل گهٽيل يا ختم ٿيل هوندي آهي.“

ٻي شيءَ اها آهي ته ان عقيدي جي تشريح ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي، جيڪو ذهن کي خوابي سودائن کي قبول ڪرڻ جو ڪم ڪري ٿو. عقيدو؛ جيڪو صرف ۽ صرف پنهنجي، هڪ قسم جي حاڪماڻي يا آمراڻي هلچل يا سرگرميءَ جي رڪجي وڃڻ کانپوءِ اڀري سگهي ٿو. ”اسٽرومپيل“ جو دليل آهي ته ان معاملي ۾ ذهن پنهنجا ڪم درست انداز ۾ کڻي ٿو ۽ تصديق جي صورت ۾ هن جو پنهنجو طريقي ڪار آهي. فقط پيش ڪرڻ جي انهيءَ مقصد کانسواءِ، خوابن جا عنصر سچا ۽ حقيقي ذهني تجربا هوندا آهن، جيڪي حواسن جي انتظامي طريقي ذريعي بلڪل ساڳي ئي قسم سان، جاڳ واري حالت جيان اڀرندا آهن، جاڳ دوران ذهن، سوچن ۽ خيالن کي زباني لفظن جيان خيالي صورت ڏيندو آهي ۽ گفتگو دوران عڪس جوڙيندو آهي، پر خوابن ۾ اهو سچين حواسي تصويرن ذريعي اظهاريندو آهي، ان کانسواءِ خوابن ۾ ماحولي ڪشادگيءَ واريون شعوري صلاحيتون ڪم ڪنديون آهن. تيستائين لڳاتار حواس، احساس ۽ تصور، ٻاهرين فضا کي سونپيل هوندا آهن، ائين جيئن اهي جاڳ واري حالت ۾ هوندا آهن. اهي يقينن اها اجازت ضرور ڏيندا آهن، ته جيئن خوابن ۾، ذهن پنهنجي انهن تصورن ۽ ادراڪ ۾ آيل تصويرن سان، جاڳ واري حالت جيان بلڪل ساڳيو ئي تعلق قائم رکي سگهي. ان جي باوجود ائين ڪرڻ ۾ جيڪڏهن ڪا غلطي ٿئي ٿي ته اها ان ڪري، ڇاڪاڻ ته ننڊ واري حالت دوران ان ۾ ڪسوٽيءَ يا پرک جي گهٽتائي هوندي آهي، جيڪا اڪيلي سر اندر مان ڦٽيل ادراڪ يا احساسن جو ”پاڻ مان ڦٽڻ ۽ انهن جو ٻاهرين دنيا مان اڀرڻ“ جي وچ ۾ پيدا ٿيل فرق کي ممڪن بنائيندي آهي. اها خوابي خاڪن کي، انهيءَ ڪسوٽيءَ تي پرکڻ لاءِ اماڻڻ جي قابل نه هوندي آهي، جيڪا انهن جي خارجي سچائيءَ کي ثابت ڪري سگهي. اضافي طور ان کي ائين چئجي ته اها نظري مظهرن جي وچ واري تفاوت کي ڄاڻي واڻي نظرانداز ڪندي آهي، اها اصل ۾ بنا سوچ سمجهه جي، اچڻ وڃڻ جي سهوليت مهيا ڪندڙ هوندي آهي ۽ سو به اتي، جتي زور زبردستيءَ جا عنصر موجود نه هوندا آهن. ائين ڀُل ۾ ٿيندو آهي ڇاڪاڻ ته اها خواب جي متن جي هاڃيڪار اصولن کي مٿس مڙهي نه سگهندي آهي. مختصر ته ان جي خارجي دنيا کان پاسيرو ٿي وڃڻ جو سبب به سندس سپنن جي دنيا سان خارجي عقيدي تي ٻڌل هوندو آهي.

”ڊيلبوايوف“ (صفحو: 84) به نفسياتي دليلن جي معمولي فرق ڪڍڻ کانپوءِ ساڳئي نتيجي تي پهتو آهي. اسان کي خوابي خاڪن جي حقيقي هجڻ جو پورو يقين آهي،“ هو چوي ٿو، ڇاڪاڻ ته اسان جي ننڊ ۾، اسان کي ٻيو ته ڪو تاثر ملي ڪونه ٿو، جنهن سان انهن جي ڀيٽ ڪجي، ڇاڪاڻ ته اسان ٻاهرين دنيا کان بلڪ ڪٽيل هوندا آهيون. پوءِ ڪهڙي سبب اسان انهن پُورن ۽ سودائن جي حقيقت تي يقين ڪندا آهيون. اهو ان ڪري نه آهي ته خوابن منجهان انهن جي پرک ڪرڻ ناممڪن آهي، پر خواب اسان کي اهڙي پرک لاءِ ”پاڻ“ کي پيش ڪندي نظر اچي سگهن ٿا، اهو رڳو ڪنهن گل کي ڇهڻ جيان آهي ته پوءِ ڏسو ته ان جي خوشبو ڪيئن ٿي ڦهلجي....... ۽ اڃان تائين اسان خواب پيا ڏسون. ”ڊيلبوايوف“ جي راءِ ۾ رڳو هڪڙو ڪارگر يا اثرائتو معيار موجود آهي ته ”اسان جاڳيل آهيون يا خواب پيا ڏسون،“ ۽ اها ڳالهه خود اسان جو، مشاهدا ۽ تجربا ڪرڻ به اسان جي جاڳيل هئڻ جي حقيقتن مان هڪ آهي. گهري ننڊ يا جاڳيل هئڻ جي فرق بابت هر شيءَ جو تجربو ڪندي مان ان نتيجي تي پهچان ٿو ته اهو رڃ جيان هڪ پر فريب خيال آهي، ننڊ مان جاڳڻ تي، مان ڏسندو آهيان ته مان بستري ۾ اگهاڙو ستو پيو آهيان. ان ڳالهه جي خارجي دنيا ۾ موجودگيءَ جي قياس آرائي، جيڪا منهنجي پنهنجي ”آپي“ (Ego) جي ڀيٽ آهي، ان حوالي سان مان پنهنجي عادت موجب، ننڊ دوران اهي خوابي خاڪا بلڪل حقيقي نموني، خيال ۾ آڻڻ جو پابند ٿي وڃان ٿو، (جيڪي ننڊ ۾ داخل ڪري نه ٿا سگهجن.)

”هافنر“ (Haffiner-1887,243) به ڊيلبوايوف“ جيان خوابن جي تحريڪ کي ان ترميم ذريعي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪا غير رواجي يا چريائپ جي حالت ۾ اڻٽر نموني پيدا ٿيندي آهي، ٻيءَ صورت ۾ ميڄالي جو ڪم بلڪل صحيح سلامت هوندو آهي. پر ان سان گڏوگڏ ٿوريون ٿڪيون ٻيون حالتون به بيان ڪيون آهن. هن جي چوڻ مطابق، خواب جي پهرين نشاني، ان جي ”وقت ۽ وڇوٽيءَ جي خودمختياري آهي،“ اها آهي ڇوٽڪاري ڏياريل موضوع ذريعي گهيرو ڪندڙ حالت پاران، انهن واقعن جي ماحولي ڪشادگيءَ وسيلي (Spatial) ۽ عارضي طور تي ”نمائندگي ڪرڻ جي حقيقت.“ خواب جو ٻيو بنيادي عنصر ڄڻ ته ان سان ئي لاڳاپيل آهي. حقيقت اها آهي ته سوداءَ، خيال يا فڪري اڏام، ۽ تصور جو ڳانڍاپو، خارجي ادراڪ سان، ڪافي مونجهارو پيدا ڪندو آهي.“ ذهن جون سموريون وڏيون قوتون، خاص طور تي نظرين جي جوڙڻ، فيصلي ڪرڻ جي قوتن ۽ انومان ڪڍڻ هڪ پاسي ته ٻئي پاسي پنهنجي متعلق آزادگيءَ سان ڪيل عزم ۽ ارادا آهن. ۽ اهي سڀئي حسي تصويرن سان لاڳاپيل آهن، اهڙين حسي تصويرن کي هر وقت پنهنجو هڪ پسمنظر هوندو آهي، اهو ان لاءِ ته جيئن اهي تمام وڏيون تحريڪون يا سرگرميون، خوابي خاڪن جي بي ترتيبيءَ ۾ حصو وٺي سگهن. جنهن کي جيڪر مان ائين چوان: اهي اسان جي فيصلي جي قوتن ۾ خود پاڻ حصو وٺن ٿيون جن جو خوابن ۾ گهٽجي پيش ٿيڻ جو رستو، ڪو به نه ٿو روڪي سگهي. اسان جون سرگرميون بلڪل واضح نظر اينديون آهن ۽ ائين آزاد هونديون آهن، جيئن جاڳ- جيون ۾. خوابن ۾ ڀلي ڪو شخص ان جي خيالن جي اصولي ڀڃڪڙي نه ڪندو هجي ته ان جو مطلب آهي ته هو به ڀڃڪڙي نه ڪندو هوندو. مثال طور ڪي ساڳيون شيون، هن کي اختلافي به نظر اچي سگهن ٿيون، پوءِ به خوابن ۾ پڻ هو رڳو انهن جي خواهش ڪندو، جيڪي کيس سٺيون لڳنديون. پر انساني قوت، خيالن جي اصولي تدارڪ طور، ۽ خيالن کي هڪ ٻئي ۾ ملائي مونجهارو پيدا ڪرڻ واري نموني، خوابن ۾ ان کي رستي تان هٽائڻ جي اڳواڻي ڪري ٿي. اهڙيءَ ريت ان جي اچڻ جو انداز اهڙو آهي جو اسان خوابن ۾ بيهودي قسم جي تضاد ۾ ڦاٿل ڏوهي لڳندا آهيون. جڏهن ته ساڳئي وقت اسان هڪ صاف سٿرو فيصلو به ڪندا ٰآهيون. هڪ نهايت منطقي انومان جوڙي، وڏي خوبي وارو، پارسا ۽ درويشاڻو فيصلو.... ڪنهن رخ ۾ آڻڻ واري عمل جي گهٽتائي اها آهي جو خوابن ۾ پروازن جا سمورا راز، اسان جي تخيل جي ذريعي کڻي اچي ٿي، ۽ خوابن ۾ تنقيدي اولڙن ۽ ٻين ماڻهن سان خيالن جي ڏيڻ وٺڻ جي ڪميءَ جو مکيه ڪارڻ به، اسان جي فيصلن، اميدن ۽ امنگن مطابق ڇڙواڳي، فضول خرچي ۽ نمائشي ڪردار ئي آهي. (1)

ٻاهرين دنيا کان ڪٽجي وڃڻ، خواب جيون جي اهم نشان ڪيل عنصرن جون حدون مقرر ڪندڙ عنصر جيان تعلق رکندي نظر ٿو اچي ٿو. ڪجهه عرصو اڳ ”برداخ“ طرفان نهايت اهم ۽ اثرانداز ڪندڙ دليلن جا ڪي حوالا ڏنا ويا هئا، جنهن ۾ ستل ذهن ۽ خارجي دنيا جي وچ ۾ تعلق تي روشني وڌي وئي هئي، ۽ جيڪي اسان جي نهايت توريل تڪيل ترڪيبن جي بچاءَ جو پڻ وڏو خزانو آهن. ان جي نتيجن جي تشڪيل، آخري چند صفحن ۾ ڪيل آهي. هو لکي ٿو: ”ننڊ“ فقط ان شرط تي ظاهر ٿي سگهي ٿي ته ذهن ڪنهن حسي ترغيب کان خائف نه هجي.... پر ننڊ جو اصل مقصد، حسي ترغيب جي ايتري گهڻي غير موجودگي نه آهي جيتري ان ۾ دلچسپي اڻ لڀ آهي.(2)

ڪجهه حواسن جي لاءِ اهو ضروري آهي ته اهي دماغ کي پُر سڪون رکڻ جي ڪوشش ڪن، اهڙيءَ ريت هڪ ڪارخاني جو مالڪ ڊگهي ننڊ ايتري ڪري سگهي ٿو، جيتري دير ڪارخاني جو گوڙ ٻڌندو رهي ۽ ڪو به شخص، جيڪو محسوس ڪندو هجي ته احتياط طور رات جو به سندس ڪمري ۾ روشني هجي ته ممڪن ناهي ته اهڙو شخص اونداهيءَ ۾ سمهي سگهي. ”برداخ“ (ص: 482).

ننڊ ۾ دماغ پاڻ به ٻاهرين دنيا کان الڳ ٿلڳ ٿي وڃي ٿو ۽ پنهنجي گهيري کي ڇڏي ٿو ڏئي.... توڙي جو سندس تعلق مڪمل طور تي ڪٽيل نه هوندو آهي پر اسان ننڊ دوران درست طور تي ٻڌي يا محسوس ڪري نه سگهندا آهيون، پر اسان ٿوري دير ۾ جاڳي ضرور پوندا آهيون، اسان کي هڪدم اٿاري وٺڻ نهايت ناممڪن هوندو آهي، حواسن جي ثابت قدمي، حالانڪ تمام گهڻي چٽائيءَ سان حقيقت کي ثابت ڪري ڇڏيندي آهي ته اسان ڇو  جاڳياسين، اها سدائين رڳو حسي تاثرن جي مضبوط حيثيت نه هوندي آهي پر اها ان جي جسماني تحرير يا تقرير هوندي آهي: ته ستل شخص کي بيپرواهه يا اڻ ڌريي اکر سان نه اٿاربو، پر جيڪڏهن هن کي نالي سان سڏبو ته هو آرام سان جاڳي پوندو.... اهڙيءَ ريت دماغ، ننڊ ۽ حواسن جي وچ جي ساڃاهه رکندو آهي.... اهو ان سبب ته جيئن حسي ترغيبن جي غير موجودگي ماڻهوءَ کي جاڳائي سگهي، جيڪڏهن هن جو جاڳائڻ، هن لاءِ تمثيلي يا تصور واري انداز جي اهميت سان لاڳاپيل آهي ته اها ڳالهه رات جو روشني ڪري سمهڻ واري شخص سان به لاڳو آهي، ته جڏهن بتي بند ٿي ويندي ته جاڳي پوندو، ساڳيءَ ريت ڪارخاني وارو مالڪ به ان وقت جاڳي پوندو جڏهن ڪارخاني جو آواز به بند ٿي ويندو.، مطلب ته حسي سرگرميءَ جي وهڪري جي اختتام (Cessation of Sensory activity) سبب هو جاڳيل هو: ۽ اهو سندس سرگرميءَ سان لاڳو هو، جنهن کي هن پاڻ ساڃاهيو پئي، پر پوءِ به اها سرگرمي منجهس ٿوري بي پرواهه هئي يا پاڻ کي راضي ڪرڻ لاءِ هئي ته جيئن سندس ذهن پريشان نه ٿي پوي. (ساڳيو ڪتاب صفحو: 6 ۽ 485).

جيڪڏهن اسان انهن اعتراضن کي نه به مڃون، حالانڪ اهي ايترا خراب به نه آهن، پر اسان رڳو ان مونجهاري ۾ پئجي ٿا وڃون ته خواب جيون جا عنصر، جن کي اسان هن وقت تائين غور طلب سمجهيو پئي، ۽ جنهن جي ٻاهرين دنيا کان علحدگيءَ کي ڪنهن ٻئي حوالي سان منسوب ڪيل پئي ڄاتوسين، اهي مڪمل طور تي ان نامعلوم خاصيت جي حساب ۾ نه پئي آيا. ٻي صورت ۾ ان لاءِ، اهو ممڪن هجي ها ته سپني ۾ آيل سوداءَ واري صورت اختيار ڪرڻ کان پوءِ وري ساڳيءَ ريت ”خيال“ جي صورت ۾ بدلجي وڃن ها ۽ ان جي واقعاتي صورتحال، سوچن ۾ بدلجي وڃي ها، ۽ اهڙي نموني خوابن جي تجزيي جو مسئلو ئي حل ٿي وڃي ها. ۽ ائين ئي اسان ننڊ مان جاڳڻ کان پوءِ ڪرڻ لڳندا آهيون ۽ خواب کي ور ور ڪري ورجائي پيا ياد ڪندا آهيون، پر جيڪڏهن اسان خواب جو وري جاڳ دوران، ان سموري يا ان جي ڪنهن حصي جي تشريح ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين ته خواب اهڙو پر اسرار نه لڳندو جهڙو پهرين پئي لڳو.

۽ سچ پچ خوابن جي تعبيرن تي مهارت رکندڙ سمورا شخص، بنا هٻڪ جي اهو يقين رکن ٿا ته خوابن ۾ جاڳ جيون جي تمثيلي يا تصور ۾ آيل مواد جون ٻيون ۽ تمام گهڻيون، اونهيون ترميمون اڃان ته اچڻيون آهن. ”اسٽرومپيل“  (صفحو: 27 ۽ 28) لاڳيتي ڪوشش ڪري، اهڙي ترميم ۾ آڱر وڍائي شهيدن ۾ پنهنجو نالو ڳڻايو آهي، لکي ٿو:

”حسي سرگرميءَ جي وهڪري جي اختتامي عمل ۽ هڪ عام رواجي، پر زندگيءَ سان ڀرپور شعوري صلاحيت واري عمل سان، ذهن، اها زمين وڃائي ويهندو آهي، جنهن ۾ احساسن، دلچسپين ۽ سرگرمين جون پاڙون کتل هونديون آهن، خود نفسياتي حالتون به ..... تمام وڏي اهميت وارا احساس، دلچسپيون ۽ فيصلا..... جيڪي جاڳ جيون جي گذاريل ڏينهن جي ياداشت ۾ مدد ڏيندڙ عڪسن سان آراستا هوندا آهن، اهي ئي موضوع بڻبا آهن. انهن جي مبهم ۽ ڌنڌلي هجڻ جي دٻاءُ جو اهو نتيجو نڪرندو آهي ته انهن عڪسن سان سندس  تعلق ڇڄي پوندو آهي. ادراڪي طور سمجهه ۾ ايندڙ عڪس: شين، ماڻهن، جاين، يا جاڳ جيون جا واقعا ۽ عمل، سڀئي الڳ الڳ ۽ وڏي تعداد ۾ ٻيهر جنم وٺندا آهن، پر انهن مان ڪو به پاڻ سان گڏ نفسياتي اهميت نه آڻيندو آهي. اها اهميت انهن کان ڪٽيل هوندي آهي ۽ اهي مهڻي هاب عمل جيان، پنهنجي مرضيءَ سان دماغ ۾ پيا ڦرندا آهن....

”اسٽرومپيل“ موجب، نظري مظهرن پاران نفسياتي اهميت کي نروار ڪرڻ جي حقيقت، (جنهن ۾ اهي وري ٻاهرين دنيا سان ڪٽجي وڃڻ واري عمل ڏانهن موٽي وڃن ٿا)، اجنبيت جي تاثر کي تخليق ڪرڻ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪري ٿي، جيڪا اسان جي ياداشت جي ذخيري ۾ خواب ۽ جاڳ متعلق سڃاڻپ پيدا ڪري ٿي.

اسان ڏٺو ته گهري ننڊ پهريائين ته اسان جي ذهني سرگرمين مان ڪنهن هڪ جي ڪميءَ ۾ شامل ٿي وڃي ٿي، ڄڻ اسان جي خيالن جي مجموعي کي، اسان جي هاسيڪاري هدايتون ڏيندڙ قوت رڪجي ويندي آهي. ان ڪري اسان کي انهن صلاحن سان منهن ڏيڻو پوندو آهي، جيڪي هر صورت ۾ سچيون ۽ اعتبار جوڳيون هونديون آهن، انهن جي اثر سبب ننڊ جي حالت، ذهن جي سمورن شعبن جي دورانيي کي ڊگهو ڪير ڇڏيندي آهي. انهن مان ڪجهه هدايتون ته صفا معطل ٿي وينديون آهن. پر اتي سوال اهو پيدا ٿيندو آهي ته ڇا ان کي انهيءَ عام رواجي تسلسل ۾ هلائجي يا انهن کي اهڙين حالتن جي اثر هيٺ رکجي؟ جيڪي عام رواجي ڪم ڪار جي قابل هجن. پوءِ  ٿي سگهي ته اتي پڇيو وڃي ته خواب جا شناخت ٿيندڙ عنصر، ڪاوڙ يا بيزاريءَ واري نفسياتي صلاحيت جي ذريعي، ننڊ ۾ ته درست نموني وضاحت نه ٿا ڪري سگهن؟ هڪڙو عام خيال آهي ته اسان جي جاڳ وارو فيصلو، خواب جي ذريعي جوڙيل تاثر جي مدد ڪري ٿو. حالانڪه خوابن جا رابطا ڪٽيل هوندا آهن، پر اهي بنا ڪنهن اعتراض جي، انتهائي مشتعل قسم جي تضاد کي قبول به ڪندا آهن، اهي ناممڪن کي نه مڃيندا آهن. اهي ان ڄاڻ جو انحراف به ڪندا آهن، جيڪي ڏينهن جي وقت ۾ اسان تي ڳورا بار وجهندي آهي. اهي اسان ۾ اخلاق ۽ حوصلي جي هيڻائيءَ جيان ظاهر ٿيندا آهن. ڪو به ماڻهو جڏهن جاڳندو آهي ته سندس برتاءُ ان طريقي جو هوندو آهي، جنهن مان سندس خوابن جي واقعن جو اندازو به ٿيندو آهي، جنهن کي بي وقوفي يا چريائپ ئي چئي سگهجي ٿي. ڪو به ماڻهو جڏهن ننڊ مان اٿي، ان طريقي سان گفتگو ڪرڻ لڳندو، جيئن خواب ۾ ڳالهائبو آهي يا هو انهن ڳالهين کي بيان ڪرڻ لڳندو جيڪي هن خواب ۾ ڏٺيون آهن ته ان جو تاثر اسان کي ته اهو ئي ملندو ته هو منجهيل دماغ وارو مورک يا موڳو شخص آهي يا ته سندس دماغ ڪمزور آهي. ظاهري طور تي ائين ٿو لڳي ته اکرن ۾ وڌيڪ سچ ڀري نه سگهندا آهيون، جڏهن ته اسان پنهنجي خوابن ۾ ذهني سرگرميءَ متعلق معمولي راءِ جو اظهار ڪندا آهيون ۽ دعويٰ ڪندا آهيون ته خوابن ۾ خاص ڪري وڏا ۽ اعليٰ قسم جا ڏاهپ وارا شعبا، معطل ٿيل هوندا آهن يا سمورا واقعا، خراب ڪيل روڙيءَ بجريءَ سان ڀريل هوندا آهن.

خواب ۽ انهن جي تشريحن تي اختيار رکندڙن هڪ انوکي قسم جي ايڪي جو اظهار ڪيو آهي. ان قسم جي خوابن جي حوالي سان ڪيل راءِ جي اظهار ۾، اعتراضن متعلق بعد ۾ لکبو، جنهن کانپوءِ اهي نڪتل نتيجا سڌو سنئون، خواب جيون جي وضاحت ڪندڙ مخصوص نظريي جي رهنمائي ڪري سگهندا، پر منهنجي لاءِ هي وقت آهي ته عام يا مبهم هئڻ وارين ڳالهين کي ڇڏي ڏيان ۽ ان جي عيوض خوابن جي نفسياتي خاصيتن جي باري ۾ مختلف ليکڪن، فلسفين ۽ طبي معالجن جا سلسليوار حوالا پيش ڪريان:

”ليموني“ (Lemoni.1855) مطابق خوابي مظهرن جو ”منطقي طور تي اڻ لاڳاپيل هئڻ“ خود، خواب جي اهم خاصيت آهي.

”مائوري“ (صفحو: 163) ساڻس سهمت آهي ته ”اهڙا ڪي به خواب نه هوندا آهن جيڪي مڪمل طور تي دليلن سان ڀرپور هجن ۽ سندن مواد، ٿوري انداز ۾ به منطقي طور تي دقيانوسي يا مدي خارج (Anchronism) يا بيهودگيءَ سان اڻ لاڳاپيل هئڻ تي مبني نه هجي.“ (ج-س).

”اسپيٽا“ (صفحو: 193) ”هيگل“ جي چوڻ مطابق لکيو آهي ته ”خواب سمورن لاڳاپن توڙي دليلن سميت، خارجيت کان وانجهيل هوندا آهن.“

”ڊوگاس“ (Dugas. 1897.417) لکي ٿو ته ”خواب هڪ نفسياتي، جذباتي ۽ ذهني ۽ مدي خارج يا دقيانوسي عمل آهي. هي انهن عملن جو کيل آهي، جيڪي پنهنجا ترتيب ڏنل هوندا آهن، جنهن ۾ بنا ڪنهن مقصد ۽ ضابطي جي اداڪاري ٿيندي آهي، خوابن ۾ جوش جذبو يا روح، پاڻمردو روحاني ٿي پوندو آهي.“ (ج-س).

”والڪيلٽ“ (صفحو: 14) پڻ، جنهن جو نظريو، ننڊ دوران ”نفسياتي سرگرميءَ“ جي حوالي سان، حقيقت کان گهڻو پري ۽ بي معنيٰ آهي. هو ان ”فرحت بخش، آرام پسند، ڪٽجي جدا ٿي ويل ۽ تصور واري يا تمثيلي جيون متعلق گفتگو ڪري ٿو، جنهن ۾ جاڳ واري حالت، مرڪزي آپي (Ego) جي منطقي قوت کي گڏجي جهليو ٿي.“

خيالن جي شراڪت جي خرابي، جيڪا خوابن ۾ ظاهر ٿئي ٿي، ان تي مشڪل سان ”سسرو“ کان وڌيڪ ڪنهن ايتري تز تنقيد ڪئي هوندي. (ڏسو ڪتاب ”اڳڪٿي“ (Divinatione) حصو ٻيو، باب 21، صفحو 146)، جنهن ۾ لکي ٿو ته: ”ڪا به شامل ٿيل تمثيلي شيءَ پڻ، يا غير رواجي ۽ مونجهارو پيدا ڪندڙ، جنهن جي متعلق اسان خواب ڏسندا آهيون،  خود خراب نه هوندي آهي. ((1)، ف.س).

”فيڪنر“ (صفحو: 2 ۽ 522) لکي ٿو ته: ”اها جيتوڻيڪ نفسياتي تحريڪ يا سرگرمي آهي، پر ان جو مثال ائين آهي، ڄڻ اها هڪ خوش اخلاق ماڻهوءَ جي ذهن مان سفر ڪري ڪنهن بيوقوف وٽ وڃي رسي ٿي.“

راڊيسٽاڪ (صفحو: 145) لکي ٿو ته: ”حقيقت ۾ ان ڀوڪپائيءِ واري سرگرميءَ جي ڪنهن مقرر اصول کي ڳولهڻ ڏاڍو مشڪل ٿو نظر اچي. سمجهه يا شعوري ارادي ۽ خيال جي ذريعي جاڳ وارن ويچارن تي امن ۽ سلامتيءَ جو ضابطو رکندڙ مشق تان هٿ کڻڻ کانپوءِ، خواب پگهرجي يا حل ٿي سيربين جي نقش نگارن واري سٽاءَ جيان ڀنواٽيون کارائڻ يا ديوانو بڻائڻ ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا.“

”هلڊيبرانٽ“ (صفحو: 45) مثال ڏيندي چوي ٿو ته ”خواب ڏسندڙ شوق ۽ بيچينيءَ وچان، قبول ڪرڻ جهڙا، ڪهڙا ڪهڙا نه حيرت انگيز انومان جوڙي ٿو! ڪيڏي نه سڪون سان هو بي ترتيبيءَ سان تبديل ٿيندي، نهايت معروف تجربن مان پيدا ٿيل سبقن کي ڏسي ٿو. فطري قانون جي نالي ۾ هو ڪهڙن ڪهڙن نه کل جهڙن تضادن ۽ اهڙي سماج کي مڃڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو، ان حوالي سان اسان چئي سگهون ٿا ته مذاق جي حد کان به چڙهيل شيون ۽ بڪواس جو تمام وڏو موروثي لاڙو کيس بيدار ڪري وٺي ٿو. اسان خواب ذريعي ڪنهن به ندامت کان سواءِ ٽن کي ٽن سان ضرب ڪري، حساب ۾ ويهه بڻائي سگهون ٿا! اسان کي ان ڳالهه تي ڪڏهن به عجب نه لڳندو آهي، جڏهن ڪو ڪتو، ڪنهن شاعريءَ جي ڪا سٽ پڙهندو آهي. يا جڏهن ڪنهن مئل شخص کي، پنهنجي پيرن سان پنهنجي قبر ڏانهن ويندي ڏسندا آهيون، يا ڪنهن جبل کي پاڻيءَ تي ترندي ڏسندا آهيون: اسان ڪنهن وڏي مقصد سان، برن برگ جي ”ڊيوڪ جي راڄڌانيءَ ڏانهن نهايت سنجيدگيءَ سان وڌي سگهون ٿا، يا ليٽنسٽين (Liechtenstein) جي برسر اقتدار شهزادي ڏانهن، سندس بحري فوجن جي معائني ڪرڻ لاءِ، يا ”پولٽاوا“ (Poltava) جي جنگ کان اڳ ۾، چارلس 12 جي هٿ هيٺ تيار ڪيل هٿياربند فوجن جي ڪنهن شعبي ۾ ڀرتي ٿيڻ لاءِ ۽ ان کي راضي ڪرڻ لاءِ وڃي سگهون ٿا.“

”بنز“ (صفحو: 33) جي ذهن ۾ خوابن متعلق اهو نظريو هو جيڪو ڪجهه اهڙن تاثرات تي ٻڌل هو جهڙوڪ:  ”اٽڪل ڏهن مان نوَ عدد خوابن جو متن بي معنيٰ ۽ بيهودو هوندو آهي.  اسان شين ۽ ماڻهن، ٻنهي کي گڏ کڻي هلندا آهيون، جڏهن ته انهن جو هڪ ٻئي سان ڪو به واسطو نه هوندو آهي. ٻئي لمحي اهو سڀڪجهه سيربين جيان ترتيب بدلائي ڇڏيندو آهي ۽ اسان کي تمام گهڻي اڄاڻ، حواسن کان عاري ۽ ڪجهه چرين ۽ بودلن تي مشتمل هڪ نئين گروهه بنديءَ سان منهن ڏيڻو پوندو آهي. جيڪڏهن اهو ئي سڀڪجهه ممڪن آهي ته پوءِ اها انتها آهي. ان ڪري پوريءَ ريت نه ستل ذهن جي تبديل ٿيل راند، اسان جي جاڳڻ تائين اڳتي ئي پئي هلندي آهي، ۽ پنهنجو مٿو جهلي پيا عجب کائيندا آهيون ته مار! اسان اڃان تائين ته رڳو سمجهه ڀرين خيالن ۽ سوچن لاءِ ”گنجائش“ کي جهليو ويٺا آهيون.“

”مائوري“ (صفحو: 50) خوابي خاڪن ۽ جاڳ دوران آيل خيالن جي وچ ۾ تعلق کي برابريءَ جي بنياد تي ڏٺو آهي، جيڪي علاج ڪندڙن جي لاءِ تمام وڏي مطلب يا اهميت وارا آهن، لکي ٿو ته: ”انهن نظري مظهرن جو پيدا ٿيڻ (جيڪي جاڳيل ماڻهوءَ ۾ عام طور تي نيت يا ارادي جي ڪري اڀرندا آهن) ذهانت جي دائري سان مطابقت رکڻ آهي، جيڪو ٿوري چرپر جي ذريعي، تحريڪ جي مدار ۾ جاءِ والاريندو آهي، جيڪي لرزي يا ڏڪڻيءَ (Chorea) ۽ اڌرنگ جي عارضي ۾ ڏٺا ويا آهن. (ف-س)

هو اڳتي خوابن جي سموري سلسلي کي سوچن ۽ دليلن جي شعبي جو بگاڙيا بڇڙائي سڏي ٿو (ف-س).

جن ليکڪن ”مائوري“ جي مختلف ذهني ڪمن جي باري ۾ ڏنل راءِ کي ورجايو آهي، انهن جو حوالو ڏيڻ به ضروري آهي.“

”اسٽرومپيل“ (صفحو: 26) جي راءِ آهي ته خوابن ۾ خود، يقينن ڪنهن جاءِ تي جيڪڏهن بگاڙو يا ڪا خرابي نظر نه ٿي اچي، اتي ذهن جون منطقي عملي صلاحيتون جيڪي رشتن ناتن ۽ لاڳاپن جي بنياد تي ٻڌل هونديون آهن، سي گرهڻجي (Eclipse)، اڻ چٽيون ٿي وينديون آهن.

”اسپيٽا“ (صفحو: 148) اعلان ڪيو ته ”جيڪي خيال خوابن ۾ ظاهر ٿين ٿا، اهي مڪمل طور تي حادثاتي اصولن طرفان معطل ٿيل نظر اچن ٿا.“ ”راڊيسٽاڪ“ (صفحو: 4 ۽ 153) ۽ ٻين ڪيترن ليکڪن، فيصلي ڪرڻ جي صلاحيت جي ڪمزوري ۽ خوابن جي انومان يا قياس آرائيءَ وارين خاصيتن تي زور ڏنوآ هي.

”جوڊل“ (Jodl. 1896,123) موجب ته ”خوابن ۾ ڪو به تنقيدي شعبو نه هوندو آهي ۽ نه ئي عام شعوري مواد جي حوالي سان، قائم ٿيل ادراڪي صلاحيت کي درست يا تصحيح ڪرڻ جي قوت هوندي آهي. ساڳيو ليکڪ اها به راءِ ڏئي ٿو ته ”هر قسم جي شعوري سرگرمي، جذبي يا سوچ کي روڪيندڙ ذهني عمل ۽ علحدگيءَ جي طرز عمل سبب، پر رڳو اڻپوري صورت ۾، سپني ۾ نظر ايندي آهي.“ اسان جي جاڳ واري ڄاڻ سان، اهي تضاد يا اختلاف، جن ۾ خواب سلهاڙيل هوندا آهن، تن کي ”اسٽرائيڪر“ (Striker. 1879-98) ۽ ٻين ڪيترن ليکڪن، خوابن ۾ ويساري جي حقيقت جي مدنظر يا ڳالهين جي وسري وڃڻ جي منطقي هڪجهڙائيءَ واري ڀيٽ تي لکيو آهي، وغيره وغيره.

جيتوڻيڪ ڪجهه ليکڪن، عام طور تي خوابن جي نفسياتي عمل بابت ايتري موثر راءِ نه ڏني آهي، جنهن کي قبول ڪجي ته ذهني سرگرميءَ جي ڪا هاڪاري بچت تيستائين منجهن موجود هوندي آهي. ان ڳالهه کي ”وونٽ“ چٽيءَ ريت قبول ڪيو آهي، جنهن جا نظريا، هن کيتر جي ڪيترن ٻين ڪم ڪندڙن جي رخ موڙڻ تي اثر انداز ٿيا آهن. ڇا ٿو چئي سگهجي! ڇا عام رواجي ذهني سرگرميءَ جون يادگار يا باقي بچيل فطري وصفون، سپنن ۾ ثابت قدم رهن ٿيون؟ اها ڳالهه عام طور تي مڃڻ جهڙي آهي ته ٻيهر سرجيندڙ شعبو يعني ياداشت، تمام گهٽ برداشت ڪندڙ نظر اچي ٿي، ۽ سچ ته اهو آهي ته اها جاڳ جيون جي ساڳئي عمل جي لاءِ هاڪاري ۽ اعتبار جوڳي مٿڀرائي يا احساس برتريءَ جو نماءُ ڪندي آهي (ڏسو حصو ”ب“)، جيتوڻيڪ خوابن جا ڪجهه بيهودا يا نامناسب حصا، ويساري جي ذريعي صاف ۽ چٽيءَ ريت به نظر ايندا آهن. ”اسپيٽا“ (صفحو 84) جي راءِ موجب، دماغ جو حصو، جيڪو ننڊ جي ڪري متاثر نه ٿيندو آهي، جيڪو انهن جذبن جي حياتياتي توانائيءَ جو مرڪز هوندو آهي ۽ اهو ئي خوابن کي هدايتون ڏيندو آهي. جذبن متعلق هن جو مطلب آهي: ”احساسن جو مضبوط ۽ مستقل مجموعو، جيڪو انسان ذات جي انتهائي نزديڪ يا بلڪل اندرين، داخلي جوهر جو انتظام هلائي ٿو.“

”شولز“ (صفحو: 64) جو يقين آهي ته دماغي سرگرمين منجهان اها سرگرمي جيڪا خوابن متعلق معاملا سرانجام ڏئي ٿي، هڪ ته اها ان جي خواب جي مواد سان رغبت آهي، جيڪا تمثيلي، تشبيهي يا هٿراڌو (Allegorical) نموني ٻيهر تجزيو ڪرڻ جو سبب بڻجي ٿي.“ ”سي بيڪ“ (Siebeck. 1877,11) پڻ ”وسيع تر تجزيي“ جي  لاءِ سپنن ۾، دماغ جو هڪ ”شعبو“ ڏسي ٿو، جيڪو سموري ادراڪ ۽ احساسن جي مٿان، ذهني توڙي جسماني اوسر لاءِ سرگرميءَ ۾ مصروف رهي ٿو. خاص طور تي خوابن ۾ شعور جي صورتحال جو تخمينو لڳائڻ ڏاڍو مشڪل آهي ته ظاهري طرح نفسياتي عملن جو وڏي ۾ وڏو  ڪم ڪهڙو آهي.

هيل تائين اسان خوابن جي باري ۾ معلوم ڪري آياسين ته اهي شعور مان هلي اچن ٿا. سندس خوابن ۾ وڃڻ واري ثابت قدميءَ ۾ ڪوبه شڪ نه ٿو ٿي سگهي. ”اسپيٽا“ (صفحو: 5 ۽ 84) جو ان ڳالهه ۾ يقين آهي ته جيڪڏهن ڪا شيءَ خوابن ۾ ثابت قدم آهي ته اهو رڳو شعور ئي آهي، پر اهو ”باشعور هجڻ“ نه آهي. ”ڊيلبوايوف“ (صفحو: 19) بهرحال اعتراف ڪيو آهي ته هو ان فرق کي سمجهڻ کان قاصر آهي.

خيالن يا سوچن تي حڪمراني ڪندڙ اصولن جو ڀانڊارو، پاڻ وٽ سٺا سٺا خوابي مظهر جمع ڪندو رهندو آهي ۽ سچ پچ ته انهن جي بالادستي پڻ خوابن ۾ صاف ۽ مضبوط انداز ۾ نظر ايندي آهي.، ”اسٽرومپيل“ چوي ٿو ته: ”خواب پنهنجا اصول هلائيندو آهي، ان جو سٽاءُ جيئن نظر ايندو آهي، اهو سندس اصولن موجب يا ته خيالن کي وائکو يا عيان ڪرڻ جو  عمل هوندو آهي يا عضوياتي ترغيبون انهن خيالن جو ساٿ ڏينديون آهن، جنهن ڪري اهو اولڙن ۽ عڪسن، جمالياتي ذوق، يا اخلاقي انصاف جي ذريعي ڪنهن به صورت ۾ متاثر ڪرڻ کانسواءِ رهي نه سگهندو آهي.

جن ليکڪن جا رايا، مون اوهان کي ٻڌايا، هاڻي اچو ته مان اوهان کي انهن جو اهو رخ ڏيکاريان، جن خوابن جي جوڙجڪ جي سلسلي ۾ ان کي مختلف ڪارڻن يا سببن ذريعي، هن صورت ۾ پيش ڪيو آهي.

ننڊ دوران، مجموعي طور تي حسي ترغيبن جو پيدا ٿيڻ، جن کي مون اڳ ۾ به هڪ هڪ ڪري بيان آهي (ڏسو حصو ”ٻ“) ته ذهن ۾ پهرين جاءِ تي ڪجهه تعداد ۾ سوچون اڀرنديون آهن، جيڪي وهم يا سوداءَ واري صورت ۾ نمامندگي ڪنديون آهن يا ان کان به وڌيڪ سٺي نموني، ”وونٽ“ موجب سوداءَ دوران جڙندڙ تصوري عڪس، انهن جي ٻاهرين ۽ اندروني ترغيب جي حوالي سان اخذ ٿيل هوندا آهن. اهي خيال، ڄاتل سڃاتل هئڻ جي اصول تحت، هڪ ٻئي سان ڳنڍيل هوندا آهن ۽ ساڳئي ئي اصول تحت خيالن يا عڪسن جي هڪ ٻئي سلسلي کي نينڍ ڏيندا آهن. پوءِ اهو سمورو مواد مٿن ڪم ڪرڻ لڳندو آهي، ان حوالي سان ته جيڪڏهن ذهن جي انتظام سنڀاليندڙ ۽ سوچيندڙ شعبن ۾ پويان ٻيو به ڪجهه بچيل آهي، ته ان کي به اچڻ جي دعوت ڏيندو آهي، مثال لاءِ ڏسو ”وونٽ“ (صفحو: 658) ۽ ”ويگانت“.

اڃان تائين ته انهن سڀني جا مقصد نامعلوم گفائن ۾ گم آهن، جيڪي فيصلو ڪندا ته انهن نينڍ ڏنل عڪسن کي جيڪي خارجي ذريعن کانسواءِ ٿا اڀرن، ڇا اهي تعلق جي هڪ ئي لڙيءَ ۾ پوئجي سگهن ٿا يا هڪ ٻئي سان سلهاڙجي سگهن ٿا!

بهرحال اهو پڻ ڏٺو ويو آهي ته جيڪي واسطا، خوابي خاڪن جا هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن، اهي به نهايت خاص قسم جا آهن ۽ انهن خيالن کان مختلف آهن، جيڪي جاڳ دوران عمل ڪن ٿا. اهڙيءَ ريت ”والڪيلٽ“ (صفحو: 15) لکي ٿو ته: ”خوابن ۾ لاڳاپا، انهيءَ موقعي جي مناسبت سان ”جيئن اچي تيئن جهپجي“ واري مثال جيان کيڏندي نظر اچن ٿا. جن جي هڪجهڙائي ۽ واسطو عام طور تي ادراڪ ۾ تمام چٽيءَ ريت موجود به هجي. هر خواب گدلاڻ سان ڀريل هوندو آهي پر ان قسم جو تعلق بلڪل نالي ماتر هوندو آهي،“ ”مائوري“ (صفحو: 126) انهيءَ عنصر جي ان طريقي کي تمام وڏي اهميت سان ڳنڍيو آهي، جنهن ۾ خيال، خوابن سان منسلڪ هوندا آهن، جيڪي کيس خواب جيون ۽ ڪجهه ذهني وڳوڙ جي وچ ۾ ويجهي هڪ جهڙائيءَ جي نتيجي ڪڍڻ جا وسيلا، لڳاتار مهيا ڪري ڏيندا رهندا آهن. هن، ان وهم جي غلبي يا مجبور ٿي پوڻ (Delire)جا ٻه مخصوص عنصر بيان ڪيا آهن:

1.                         ذهني عمل، جيڪو بي اختيار ٿيندو رهندو آهي ۽ جهڙوڪر پاڻمردو ٿيڻ لڳندو آهي.

2.                        گروهي غرور (Esprit): ناهموار تعلقات ۽ ٻين جي نظريات جا محتاج خيال. (ف-س،(1)

”مائوري“ پاڻ، خود پنهنجي سپنن جا ٻه نهايت سٺا مثال پيش ڪيا آهن، جن ۾ سپنن جا عڪس هڪ ٻئي سان فقط هڪ جهڙي آواز وارن لفظن جي ذريعي جڙيل آهن. هن هڪ ڀيري خواب ڏٺو ته هو جيروشلم يا مڪي شريف، حج تي ويو آهي، ڪيترين ئي جاين ڏسڻ کانپوءِ هن پاڻ کي دوافروش (Pelletier) وٽ بيٺل ڏٺو، جنهن ٿوري گفتگو کانپوءِ کيس جست مان ٺهيل ڪوڏر (Pelle) ڏني: خواب جي ٻئي حصي ۾، اها وڏي ڊگهي تلوار ۾ بدلجي وئي.

ٻئي خواب ۾ هن ڏٺو ته هو ڪنهن رستي سان پئي ويو ۽ رستي جي پاسي تي لڳل پٿرن تي لکيل، ڪلوميٽر ڳڻيندو پئي ويو، پوءِ هن پاڻ کي پساريءَ جي دڪان تي موجود ڏٺو، جتي هن ٻه وڏيون تارازيون ڏٺيون، ڪنهن شخص، خود ”مائوري“ کي تورڻ لاءِ، ان ۾ تور جا وَٽ وڌا. جنهن کانپوءِ، پساريءَ کيس چيو ته: ”تون هن وقت فرانس ۾ نه پر ”گلولو جي ٻيٽ“ تي آهين.“ ڪجهه ٻيا منظر به ڏٺائين، جن ۾ هن سنبل (Lobelia) جهڙو ڪو گل ڏٺو، ان بعد هڪ ”جنرل لوپز“ (Genral Lopez) کي ڏٺو، جنهن جي انتقال جي خبر هن ٿورو اڳ ٻڌي هئي. آخرڪار جڏهن هو ”لوٽو“ (Loto) راند (2) کيڏي رهيو هو ته ان وقت هو جاڳي پيو،(3).

ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اسان بهرحال اها کوج لڳائڻ لاءِ تيار ٿي ويا آهيون ته خوابن ۾، نفسياتي عمل جو، ان هيٺين درجو جو تخمينو، بغير تضاد يا مخالفت جي ائين گذري وڃڻ جي ڪڏهن به اجازت نه ٿو ڏئي، جيتوڻيڪ ان نڪتي تي تضاد کي ڏسڻ، ڪو ايڏو آسان ڪم نه آهي. مثال طور ”اسپيٽا“ (صفحو: 118) خواب جيون کي حقير ڀائيندڙن مان هڪ هو، جنهن ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته اهي نفسياتي اصول، جيڪي جاڳ جيون کي هلائن ٿا، اهي پڻ سٺي نموني خوابن ۾ هلن ٿا. ۽ ٻيو ”ڊوگاس“، پڌرو ڪيو ته: ”خواب، سبب يا دليل جي خلاف نه آهن، يا دليلن ۾ صفا ڪنهن گهٽتائيءَ جو سبب آهن.“ (ڊوگاس. الف.س).

اهڙيون اثباتي دعوائون، ٿورو ٿڪو ديرپا وزن ضرور رکن ٿيون، پر سندن ليکڪن، انهن جي متعلق، پنهنجي ئي نفسياتي لکڻين اندر پيدا ٿيل مونجهاري، ۽ خوابن ۾ هر طرح جي عمل ۾ پيل رخني يا خلل تي ڪنهن ليکي چوکي ڪرڻ جي ڪوشش ئي ڪانه ڪئي آهي. ائين ٿو لڳي ڄڻ ان متعلق شروعات ڪي ٻيا ليکڪ اچي ڪندا ته خوابن واري بيوقوفي، ڪنهن اصول کانسواءِ نه ٿي ٿي سگهي ۽ خود ترغيب به، ڊينش شهزادي جيان ته ان قسم جو مڪاريءَ وارو فيصلو ڪنهن جي لاءِ ڪيو ويو هو. انهن پوءِ جي ليکڪن، ان کي، نظر اچڻ سبب نه جاچيو آهي، يا خوابن جي ذريعي جيڪي ڪجهه کين نظر آيو آهي، سو ته  ڪو صفا ئي مختلف آهي.

”هيو لاڪ ايلس“ (صفحو: 721) به خوابن جي ظاهر خرابيءَ تي ساڳئي ئي روش اختيار ڪئي آهي، انهن جي متعلق هن ريت چوي ٿو ته: ”اها وسيع جذبن ۽ اڻپورين سوچن واري قديم دنيا آهي.“ جن جي مطالعي سان اسان تي آڳاٽي دور جي ذهني ارتقا جا دوار ضرور کلي سگهن ٿا. ساڳئي قسم جي خيالن جو اظهار ”جيمس سولي“ (James Sully. 1893,362) به ان ريت ڪيو آهي، ته ٻئي، بنا سوچ سمجهه جي، ۽ مڪمل طور تي اثر ڪندڙ آهن. هن جا اکر نهايت وڏي ڌيان ڏيڻ جي لائق آهن، اسان جڏهن پنهنجي ذهن کي کوليون ٿا ته هو تمام گهڻو قائل لڳي ٿو. ٿي سگهي ٿو ته اڳتي هلي، نفسيات جو ڪو ٻيو ماهر اچي ۽ خوابن جي ڪا مٽيل معنيٰ ڏئي. ته هاڻي اسان جي خوابن جو مقصد انهن ڪاميابي ماڻيندڙ آڳاٽين شخصيتن جي مقصد جي حفاظت ڪرڻ آهي ۽ ”اسان جڏهن سمهون ته شين کي ڏسڻ ۽ انهن جي متعلق محسوس ڪرڻ جي تمام پراڻي طريقي ڏانهن موٽي وڃون.... انهن جذبن ۽ سرگرمين ڏانهن، جيڪي گهڻو گهڻو اڳ اسان تي حاوي ٿي چڪيون هيون.“

هڪدم تهه تائين پهچندڙ ”ڊيلبوايوف“ (صفحو: 222) پڌرو ڪيو، (جيتوڻيڪ هن غلط ثابت ڪرڻ وارو اهو مواد نه ڏئي، پاڻ کي غلطيءَ ۾ وڌو، جيڪو سندس مقالي جي اختلاف ۾ شايع ٿيو هو): ”ننڊ ۾ سمورا ذهني شعبا (رڳو ادراڪ جي لاءِ) ذهانت، تخيلاتي صلاحيت، ياداشت، عزم ۽ اخلاق، نهايت لازمي طور تي مسلسل ۽ محفوظ رهن ٿا: اهي فقط تخيلاتي ۽ غير مستقل شين تي لاڳو ٿيندا آهن. خواب ڏسندڙ هڪ اداڪار هوندو آهي، هو پنهنجي ئي مرضيءَ سان ديواني يا سودائيءَ جو ڪردار ادا ڪندو آهي، ڏاهن ۽ فلسفين جو، پنهنجي موت جي سزا تي عمل ڪندڙن ۽ انهن جي ستايلن يا بک ٿيندڙن جو، بندرن، ڄامڙن ۽ قداورن جو، جنن، بدروحن ۽ فرشتن جو ڪردار به پاڻ ئي ادا ڪندو آهي. (ف-س).

انهن جو طاقتور ۽ تازو توانو حريف، جيڪو خوابن ۾ نفسياتي عمل کي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، اهو بلڪل ”مارڪئس ڊي هاروي ڊي سينٽ ڊينيس“ (Marquis d, Harvey de St. 1867) نظر ٿو اچي، جنهن سان ”مائوري“ پرجوش ۽ اتساهيندڙ بحث مباحثو ڪيو هو، ۽ مان پنهنجي سموري ڪوشش جي باوجود ان جي ڪتاب کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو آهيان،.(1) 

”مائوري“ (صفحي 19 تي) هن متعلق لکي ٿو: ” مارڪئس ڊي هاروي، ننڊ دوران عمل ۽ ڌيان جو ذهانت سان مڪمل اختياري لاڳاپو ڏيکاريو آهي، ۽ اهو سوچيندي نظر اچي ٿو ته ننڊ فقط احساسن جو رستو روڪڻ تي مامور آهي، اها پاڻ ۾ ٻاهرين دنيا جا دوار بند ڪري ڇڏيندي آهي. ان ڪري هن جو رايو آهي ته ننڊ ۾ ستل ماڻهو، ان ماڻهوءَ کان مشڪل سان مختلف هوندو، جيڪو پنهنجا حواس بند ڪري ڇڏي ۽ سوچن کي ڀٽڪڻ لاءِ ڇڏي ڏي. عام خيالن ۽ ننڊ ۾ ستل ماڻهوءَ جي خيالن ۾ آيل سوچن ۾ رڳو هڪڙو فرق هوندو آهي. پوئين معاملي ۾ خيال نظري مظهرن ذريعي ۽ خارجي صورت ۾ نظر ايندا آهن ۽ اهي، خارجي شين پاران طئي ڪيل احساسن ذريعي سڃاڻپ جوڳا نه هوندا آهن، اهڙيءَ ريت يادون، حال جي ڪنهن واقعي سان رلمل ٿي وينديون آهن. (ف-س).

ان سلسلي ۾ ”مائوري“ ڪجهه وڌيڪ لکيو آهي ته: ”اڃان هڪ ٻيو فرق به آهي، جنهن کي تمام گهڻي اهميت حاصل آهي: ڄڻ ته ستل ماڻهوءَ جي ڏاهپ جا شعبا ان ماڻهوءَ ۾ جيڪو جاڳيل آهي، توازن جي نماءَ کي برقرار رکي نه ٿا سگهن، (ف-س).

”واشيدي“ (صفحو 146)،(1)، مارڪئس ڊي هاروي ڊي سينٽ ڊينيس جي ڪتاب جو نهايت صاف ۽ چٽو مواد اسان کي ڏنو آهي، ۽ ان جي هڪ حصي (35. 1867) جو حوالو به ڏنو اٿس:

”خوابن جا خاڪا، ”خيالن جو  نقل“ هوندا آهن، اهم شيءَ ”خيال“ آهي، جن جو نظري مظهر فقط اضافي، مددگار يا ڪتب ايندڙ هوندو آهي، جڏهن هڪ ڀيرو پيدا ٿيڻ لڳن ته انهن جي سلسلي يا ڪڙين کي سمجهڻ متعلق اسان کي لازمي ڄاڻ هئڻ گهرجي، اسان کي اهو به معلوم هئڻ گهرجي ته خوابن جي بناوٽ يا اڻت جو تجزيو ڪيئن ڪجي: انهن جي منطقي طور اڻ لاڳاپيل هجڻ جي ذهانت، هڪ نهايت عجيب، انوکا خيال، سادا ۽ مڪمل منطقي حقيقتون ڪيئن ٿا ٿي وڃن! اسان ڪنهن عجب ۾ وجهندڙ خواب متعلق، منطقي وضاحت جي کوج به لڳائي سگهون ٿا پر تڏهن جڏهن اسان کي خبر هجي ته انهن جو تجزيو ڪيئن ڪبو آهي.“

مارڪئس ڊي هاروي ڊي سينٽ ڊينيس جي ڳالهه ۾ لفظ به لفظ حقيقت نه آهي.

پر ”واشيدي“ جي سمجهاڻيءَ ذريعي، ڳالهه کي سمجهڻ جي ضرورت بلڪل آهي، (ف-س).

”جان اسٽارڪي“ (John Starcke. 1913, 243 نشاندهي ڪئي آهي ته:

خواب جو ساڳئي نموني منطقي طور لاتعلق هجڻ جي معاملي کي آڳاٽي زماني جي ليکڪن اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.“

”وولف ڊيوڊسن“ (صفحو؛ 136)، جنهن جي ڪم کان مان اڃان گهڻو واقف نه آهيان، لکي ٿو ته:

”خوابن ۾ اسان جي نهايت غير معمولي شوق ۽ بيچينيءَ سان قبول ڪرڻ ذريعي کنيل سمورن خيالن جا بنياد؛ تعلقات جي اصولن تي قائم هوندا آهن: ڪڏهن ڪڏهن بهرحال اهي لاڳاپا، ذهن ۾ اڻ چٽا، ڌنڌلا ۽ مبهم انداز ۾ ظاهر ٿيندا آهن، ان ڪري اسان جا خيال گهڻو ڪري اڻ چٽا، ڌنڌلا يا مبهم نظر ايندا آهن، جڏهن ته حقيقت ۾ اهي ائين نه هوندا آهن.“

اهڙيءَ ريت هن موضوع تي لکيل ادب، اسان کي تبديليءَ جو ان اهميت سان هڪ وڏو ۽ وسيع دائرو ڏيکاريو آهي، جيڪو خوابن جي نفسياتي پيداوار کي سمجهڻ لاءِ سونپيو ويو آهي. اهو دائرو ان ئي قسم جي وڏي بي قدريءَ سان اڳتي وڌيو آهي، جنهن سان اسان، انهن اشارن جي ذريعي، اڳ ئي مانوس آهيون، جن جي اهميت اڃا تائين لڪل آهي. ان ڳالهه جي اهميت جو اندازو لڳائڻ، جيڪا جاڳ جيون جي عملن جي بنسبت خواب کي وڏو ۽ اونچو درجو ڏئي ٿي.

”هلڊيبرانٽ“ (صفحو: 19) جنهن، جيئن اسان ٻڌو آهي ته هن خواب جيون جي سمورن نفسياتي عنصرن جو تت ٽن اصولن تحت ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. جن مان ٻن کي، هن ٽئين جي دلچسپ ۽ معنيٰ خيزيءَ لاءِ اهميت جي انتهائي ۽ آخري حد تائين استعمال ڪيو آهي: ”اهو ذهني زندگيءَ جي زور وٺائڻ يا تيز ڪرڻ ۽ ان جي وڌائڻ يا ڦهلائڻ جي عمل جي وچ ۾ تضاد آهي، اهو مصوري وغيره جي معاملن تي مهارت رکڻ واري حالت (Virtuosity) جو ڪو اتفاقي نتيجو نه آهي ۽ ٻئي پاسي سلسليوار بگاڙ ۽ ڪمزور ڪرڻ جو عمل جيڪو خود انسانيت جي ادنيٰ درجي سان ٺهڪي اچي ٿو. جيتري قدر پهرين ڳالهه جو تعلق آهي ته اسان مان ڪي چند ماڻهو اهڙا هوندا، جيڪي پنهنجي تجربي جي آڌار تي اها دعويٰ ڪندا هوندا، ته اهڙا عڪس، تخليقن ۾ وقت به وقت نروار ٿيندا رهندا آهن ۽ ڪنهن سياڻي جي سپنن جي تاڃي پيٽي ۾، هڪ گهرائي ۽ جذبن جي ياراڻي ۽ احساسن جي نزاڪت، نظري مظهرن جي چٽائي، مشاهدي جي حرفت ۽ حاضر جوابيءَ جي صلاحيت وغيره جي متعلق اسان دعويٰ نه ٿا ڪري سگهون ته اسان جي جاڳ جيون ۾ انهن سمورين صلاحيتن تي اسان جو اختيار يا ضابطو هميشه رهندو آهي.

سپنن ۾ ڏاڍي بهترين ۽ وڻندڙ ڪويتا، ڪو تيز فهم يا اڌ اکري قصو، لاجواب استعارو، بي مثل مذاق، غير معمولي ٺٺولي ٿي سگهي ٿي. دنيا مٿان ”خواب جي نظر“، هڪ عجب جهڙي ”آدرشي روشنيءَ“ ۾ ٿئي ٿي ۽ ان جا اثر وڌن ٿا، ۽ ان انداز سان ڦهلجن ٿا، ته هن پنهنجي گهري سمجهه ۽ فهم واري لازمي فطرت جي ذريعي ڇا ڏٺو!

اها اسان جي اکين کي ڌرتيءَ جي سونهن جي سرمي سان سنواري ٿي، جنت جي من معطر ڪندڙ هير سان انگ انگ کي ٺاري ٿي، بادشاهي ويس وڳا پارائي ٿي، اعليٰ قسم جي تخت تي ويهاري ٿي، سپني جي اها نگاهه اسان جي روزاني جي انديشن الڪن ۽ اوسيئڙن کي ڀوائتين شڪلين ۾ پيش ڪري ٿي، اسان جي ريجهه رهاڻ ۽ تفريح کي، دل آزاريءَ کي بيان نه ڪري سگهڻ جهڙي ڀوڳ چرچي ۽ ٽهڪن ۾ بدلائي ٿي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن، جڏهن اسان جاڳندا آهيون ۽ تيستائين اهڙي قسم جي ئي ڪنهن تجربي مان گذرندا آهيون ته اسان حقيقت ۾ ته ائين نه هوندا آهيون پر اهو محسوس ضرور ڪندا آهيون ته اسان جي پنهنجي حياتي، جاڳندڙ دنيا دوران ته اهڙو سک ڪڏهن نه ٿي ڏئي سگهي.“

اسان اهو سوال ڪري سگهون ٿا ته:

”ڪٿي ائين ته نه آهي ته جيئن شان گهٽائيندڙ ٽيڪا ٽپڻيءَ جو حوالو، ابتدائي صفحن ۾ ڏنو ويو آهي تيئن هيءَ پرجوش مدح خواني به ممڪن آهي ته ساڳئي ئي ڳالهه سان وابستا هجي؟“

ڇا اها ڳالهه ان ڪري نه آهي ته اسان جي ڪجهه بااختيار ماڻهن، انهن واهيات ۽ وائڙي قسم جي خوابن کي نظرانداز ڪيو آهي ۽ ٻين وري ان کي ڳوڙهو، سمجهه ۾ نه ايندڙ ۽ مڪار ۽ فريب ڏيندڙ ڪوٺيو آهي؟

۽ جيڪڏهن انهن ٻنهي قسمن جا خواب نظر ايندا آهن ته ڇا خواب لاءِ انهن ٻنهي قسمن جي لڳايل تخميني جو ڪو جواز به آهي!

ٿي سگهي ٿو ته خوابن جي نفسياتي عنصرن جي فرق متعلق سوچڻ، اجايو وقت برباد ڪرڻ جي برابر نه به هجي؟

ڇا اهو چوڻ مناسب نه ٿيندو ته ”سپنن ۾ هر شيءَ ممڪن آهي.“

۽ ذهني زندگيءَ جي درجي گهٽائڻ جي اهڙي، اونهي عمل پاران، اهو ڪو سرفرازي يا ڪامرانيءَ جو تحفو ته نه آهي! جيڪو جاڳ وارين گهڙين ۾ ڪڏهن ڪڏهن حاصل ٿيندو آهي؟

بهرحال ان جو آسان حل اهو به ٿي سگهي ٿو ته ان جي اختلاف ۾ ڪهڙي ڳالهه سامهون اچي ٿي، حقيقت اها آهي ته خوابن جي مسئلن بابت ڪيل کوجنا جي سمورين ڪوششن جو بنياد، مضبوط عقيدي يا ويساهه تي قائم ٿيل لڳي ٿو، جنهن ۾ ڪي قدر فرق يا تفاوت جا عنصر موجود نظر اچن ٿا، جنهن کي به محدود ڪرڻ لاءِ پاتل ليڪ يا ان بابت بڻايل دائري ذريعي ئي ان کي دنيا ۾ مڃيو يا قبول ڪيو وڃي ٿو، ۽ اهي ظاهر ظهور اختلاف، ڪنهن غير وراجي يا غير معمولي انداز سان صاف ۽ چٽا ٿي سگهن ٿا.

افسوس اهو آهي ته خوابن جي نفسياتي معلومات پڙهندڙن تائين آسانيءَ سان پهچي سگهي ٿي ۽ ڏاهپ جي عرصي دوران، انهن جي مڃتا انتهائي گرمجوشيءَ سان به ٿي سگهي ٿي، پر لڳي ٿو ته هاڻي اها ڳالهه گهڻو پوئتي رهجي وئي آهي. ڪو زمانو هو جو انساني دماغ، فطرت متعلق، مشاهدي ۽ مطالعي مان حاصل ڪيل ڄاڻ بجاءِ فلسفي جي اثر هيٺ هوندو هو.

اهڙيءَ راءِ جو اظهار ”شوبرٽ“ (صفحو: 20) ڪيو آهي ته:

”سپنا، روح جي آزادي هوندا آهن، اهي فطرت جي خارجي قوت کان بلڪل بي نياز، حواسن جي پابندين ۽ حدن کان گهڻو ڏور، آزاد روح جي بي پايان وسعتن ۾ پيا سئر ڪندا آهن.“

نوجوان ”فختي“ (صفحو: 1 ۽ 143)، ”هافنر“، ”اسپيٽا“ (صفحو: 11 ۽ ٻين به ڪيترن ليکڪن جي راءِ ساڳئي قسم جي آهي، اهي سڀئي خوابن کي ذهني جيون جي بلندي سمجهن ٿا، ۽ ان کي مٿانهون مقام ڏين ٿا. جيڪو اسان کي هاڻي ته ڪجهه مشڪل سان ئي ڏاهپ يا سمجهه ڀريو ٿو نظر اچي.

اڄڪلهه اها ڳالهه رڳو علم غيب (Mysticism) ۽ تقويٰ جي نظريي (Pietism) (1)، جا حامي پيا ورجائين،(2). سوچن يا خيالن متعلق، مشاهدي ۽ مطالعي مان حاصل ڪيل ڄاڻ، پاڻ سان گڏ، خوابن ۾ ردعمل جو تخمينو به لڳائيندي هلي ٿي. علاج معالج سان واسطو رکندڙ ليکڪن ۾، خوابن ۾ نفسياتي سرگرمين متعلق لاڙو، روزمره جي معمولي ڳالهين سان منهن ڏيڻ جيان هوندو آهي: جڏهن ته فلسفين ۽ پيشو اختيار ڪرڻ کانسواءِ مشاهدو ڪندڙ، سيکڙاٽ يا شوق رکندڙ نفسيات جا ماهر، جن جو هن موضوع تي ٿورو گهڻو بهرو ورتل هوندو آهي، انهن کي به (خاص ڪري تمام ويجهي احساساتي لاڳاپي سبب) ڌڪارڻ نه گهرجي، انهن جو سپنن جي نفسياتي اهميت جي باري ۾ اعتقاد کي پڻ ذهن نشين ڪرڻ گهرجي. ڪوبه شخص، جنهن ۾ خوابن ۾ ٿيندڙ نفسياتي عمل متعلق ننڍي پيماني تي راءِ ڏيڻ جو لاڙو موجود هجي، اهو ظاهر آهي ته اهو انهن طبعي ترغيبن جي مقرر ڪيل ذريعن کي اهميت ڏيندو، جڏهن ته اهي، جن جو اعتقاد آهي ته خوابي ذهن، وڏو حصو پنهنجي جاڳ وارين گنجائشن ذريعي قبضي ۾ رکي ٿو، جن کان لنوائڻ جو ڪو جواز نه آهي، ته سپنن کي اڀاريندڙ ترغيبون، خوابيده ذهن منجهان ئي اڀري سگهن ٿيون.

اعليٰ قسم جا شعبا، جيڪي خواب جيون جي خوبي يا لياقت بيان ڪرڻ لاءِ پڻ هڪ سنجيده ڀيٽ ڪرڻ جي طرف لاڙو رکندا آهن. جن مان گهڻو زور انهن ڳالهين تي هوندو آهي، جيڪي يادن ۾ محفوظ هونديون آهن، جن جي متعلق اسان اڳ ۾ به (حصي ”ب“ ۾) تفصيل سان بحث ڪري چڪا آهيون. خواب جيون ۾ ٻيو اهم ۽ اعليٰ نڪتو اهو آهي، جن جي متعلق اڳ جي ليکڪن گهڻي تعريف ڪئي آهي، ته ”جيڪي وقت جي فاصلي ۽ وڇوٽيءَ جي مٿانهين درجي تان اڀرن ٿا، سي آسانيءَ سان ڏيکاءُ به ڏئي سگهندا آهن پر انهن جو ڪو بڻ بنياد موجود نه هوندو آهي.“ جيئن ”هلڊيبرانٽ“ (صفحو: 25) نشاندهي ڪئي آهي ته ”اهو فائدو، تصور جي ڪري آهي.“ خواب لاءِ وقت ۽ وڇوٽيءَ جو مٿانين انداز سان اڀرڻ جو طريقو لڳڀڳ ساڳيو ئي آهي، جيئن جاڳ دوران خيال اڀرندا آهن، ان جو سبب اهو به آهي ته اهي فقط خيال جي ئي شڪل ۾ هوندا آهن، جن تي خواب لاءِ ڌيان ڏنل هوندو آهي ته جيئن اهي جاڳ جيون واري وقت جي نزاڪت سان هڪ ٻيو فائدو حاصل ڪري سگهن، ڇاڪاڻ ته اهي، هڪ ٻئي حوالي سان وقت جي دورانيي کان آزاد هوندا آهن. ”مائوري“ به اهڙي قسم جي هڪڙي پنهنجي خواب ۾ سسي ڌڙ کان ڌار ٿيڻ وارو اهو اوزار (ڪات) ڏٺو هو، جيڪو ڦاسيءَ واري جاءِ تي، ٻن ٿنڀن جي وچ ۾ ٽنگيل هوندو آهي. جنهن مان اهو ٿو ڏسجي ته خواب، ادراڪي مواد جي گهڻو دور هجڻ جي باوجود تمثيلي انداز ۾، وقت کي گهٽائي ننڍو به ڪري ٿو، اهو اسان جي جاڳ واري ذهن جي ذريعي ڪار وهنوار به ڪري ٿو. اهو نتيجو بهرحال مختلف دليلن لاءِ اختلافي به آهي. هيل تائين ”لورين“ ۽ ”ايگر“ خوابن جي چٽي يا ظاهر دورانيي/ عرصي تي، هڪ ڊگهو ۽ دلچسپ بحث ڪري هن موضوع کي ڪافي وڌايو هو، پر اهو نه وسهڻ جهڙو نظر نه ٿو اچي، ڇاڪاڻ ته هن اهم ۽ ڳجهي سوال تي ڪو آخري اکر چوڻ لاءِ اڃان وقت پيو آهي ۽ ڪي گهرا اشارا، جيڪي ان ۾ ملوث آهن، سي اڃان دريافت ٿيڻا آهن.(3)

ڪيترن ئي معاملن (Cases) جي جائزي کي پڌرو ڪرڻ سان گڏوگڏ ”شابانيڪس“ (Chabaneix. 1897) جا گڏ ڪيل واقعا، تضاد کان بنهه پاڪ صاف ڪري ڏيکاريا ويا آهن، مطلب ته هن جو چوڻ آهي ته ”خواب، ڏينهن جي ڏاهپ وارن ڪمن کي کڻي اچي ٿو، ۽ اهي نتيجا اخذ ڪري ٿو، جن تائين جاڳ واري حالت ۾ رسڻ مشڪل هوندو آهي، خواب، اهي شڪ شبها ۽ مسئلا ختم ڪري سگهندا آهن، ۽ شاعرن جي ڪومل من ۾ ڪنهن ”نئين ڪويتا“ جي رچڻ جو ڪارڻ بڻجندا آهن ۽ موسيقارن ۾ ڪنهن نئين ڌن تخليق ڪرڻ جو اتساهه پيدا ڪندا آهن. پر ٿي سگهي ٿو حقيقت ان کان به مختلف هجي! جنهن لاءِ انومان يا اشارن جا دروازا، يقينن شڪن شبهن کي دور ڪرڻ لاءِ اڃان کليل آهن، جيڪي اصولي طور کولي سگهجن ٿا.(1)

بهرحال خواب مستقبل متعلق هڪ ”غيبي يا الهامي قوت“ طور مشهور آهن. هتي اسان کي انهن ماڻهن سان اختلاف آهي، جن ۾ گهڻو ڪري مات نه کائيندڙ (Insuperable) ناستڪي يا بي اعتقاديءَ جي نظرين (Scepticism) سبب، ور ور ڪري پنهنجي دعوائن کي درست قرار ڏيڻ لاءِ ضد ٻڌي بيهندا آهن. بيشڪ اسان صحيح دڳ سان پنهنجي ذميدار نڀائينداسين، ڪو زور زبردستي نه ڪنداسين ته ان راءِ جو، حقيقت ۾ ڪو بنياد ئي نه آهي! ڇاڪاڻ ته اهو ممڪن آهي ته تمام گهڻي تعداد ۾ واقعن جي حوالن ڏيڻ سان ٿي سگهي ٿو ته فطري نفسياتي سرحد جي ڪا وضاحت ملي پوي.

( 6 )

خوابن ۾ اخلاقي شعور

MORAL SENSE IN DREAMS

 

انهن سببن لاءِ جيڪي منهنجي پنهنجي کوجنا کانپوءِ خوابن ۾ ظاهر ٿيا. انهن کي هن سلسلي ۾ پيش ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان، مان خوابن جي نفسيات واري موضوع کان بلڪل به الڳ ٿلڳ ٿي ويو هوس، ان جو خاص سبب اهو هو ته مان ڏسڻ ٿي چاهيو ته ”خواب جيون“ ۾ ڪيتري قدر، ۽ اخلاقي سڀاءَ جون ڪهڙيون گنجائشون، حدون ۽ احساس پکڙجڻ لڳن ٿا. هتي پڻ اسان ساڳئي قسم جي اختلافي راءِ ذريعي گڏ ٿيا آهيون، جن کي سمجهڻ تمام ضروري آهي، ان سلسلي ۾ اسان خوابن دوران ذهن جي ڪجهه ٻين عملي صلاحيتن متعلق مختلف ليکڪن جي نڀايل ڪم کي جاچيوسين. ڪجهه دليل ۽ دعوائون اهي آهن ته خوابن ۾ اخلاقي هدايتن جي ڪا گنجائش ڪانه آهي، جڏهن ته چند ٻين قطعي طور تي ڪا معمولي دعويٰ ڪا نه ڪئي آهي، جن جو چوڻ آهي ته: ماڻهوءَ جو اخلاقي ڪردار، ان جي خواب- جيون ۾ به ثابت قدم رهي ٿو.

سپنن جي عام قسم جي تجربي جي ڪشش، انهن جي جوڙيندڙن جي راين جي درستگي، ڪنهن به شڪ کانسواءِ قائم ٿيل آهي. ”جيسن“ (Jessen. 1855, 553) لکي ٿو ته: ”اسان ننڊ ۾ نه ته ڪو بهتر ڪم ڪندا آهيون، نه ئي ڪو وڏي خوبيءَ يا پارسائيءَ وارو ڪم ڪندا آهيون، پر ان جي ڀيٽ ۾ خوابن ۾، ضمير يا وويڪ بلڪل خاموش هوندو آهي، ۽ خوابن ۾  انتهائي نيچ قسم جو جرم، چوريون، ڌاڙا، وڳوڙ ۽ قتل مڪمل بيپرواهيءَ سان، ڪرڻ لڳندا آهيون، جنهن لاءِ پنهنجي ڪيل عمل تي ڪو به پڇتاءُ ڪرڻ ته ٺهيو، ٿورو ڏک درد يا شرم به محسوس نه ڪندا آهيون.

راڊيسٽاڪ (صفحو: 164): ”اها ڳالهه ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته لڳ لاڳاپن جو دل تي تري اچڻ ۽ خيال، سمجهه، ساڃاهه، جمالياتي حس ۽ اخلاقي انصاف، خوابن ۾ بنا ڪنهن اولڙي جي، هڪ ٻئي سان ڳنڍيل هوندا آهن. انصاف ڪافي ڪمزور هوندو آهي ۽ اخلاقي بيپرواهيءَ جو هڪ تمام وڏو ۽ شاهي غلبو هوندو آهي.“

”والڪيلٽ“ (صفحو: 23): ”جيئن ته اسان سڀني کي خبر آهي ته خوابن ۾، خاص ڪري جنسي معاملن ۾ سموري ڪاروائي بلڪل ڇڙواڳ ۽ بي لغام هوندي آهي، خواب ڏسندڙ خود مڪمل طور تي بيشرم ۽ اخلاقي احساسن يا انصاف کان بلڪل عاري هوندو آهي. ان کان علاوه هو هر ڪنهن کي، ڪنهن ٻيءَ حالت ۾ به ڏسي سگهندو آهي، جن ۾ اهي ماڻهو به شامل هوندا آهن جن لاءِ هن کي تمام گهڻي عزت هوندي آهي، هو ساڻن اهڙن ڪمن ۾ مصروف ٿي ويندو آهي، جن ۾ ملوث ٿيڻ ئي تمام خطرناڪ هوندو آهي، ۽ جڏهن هو جاڳندو آهي ته سندس خيالن ۾ به ڪجهه اهڙي ئي قسم جون ڳالهيون هونديون آهن.“

انهن جي مڪمل اختلافي صورت ۾ اسان کي شوپنهار“ (حصو 1 صفحو: 249) جو هڪ بيان ملي ٿو ته ”هر اهو ماڻهو، جيڪو خواب ڏسندڙ کي خواب ۾ ساڻس گڏ ڪم ڪندي يا ڳالهائيندي نظر اچي ٿو، ان جي مڪمل وابستگي سندس ئي ڪردار سان آهي.“

”اسپيٽا“ (صفحو: 188) ”ڪي.پي.فشر“ (K.P. Fischer. 1850, 72) جو حوالو ڏيندي ظاهر ڪيو آهي ته ”داخلي احساس ۽ تمنائون، شوق، ارادا، پيار، ڌڪار ۽ خوف جا جذبا پاڻ کي، خواب جيون ۾ نهايت آزادگيءَ سان اظهاريندا آهن، ۽ اهي خواب ۾ ماڻهوءَ جي پنهنجي اخلاقي ڪرداري خصوصيت جو اولڙو هوندا آهن.

”هافنر“ (صفحو: 251): ”ڪڏهن ڪڏهن، ڪو وڏي خوبيءَ وارو، نيڪ صالح يا پارسا شخص، سپني ۾ به نيڪ صالح هوندو آهي، هو من کي هرکائيندڙ رغبتن سان مزاحمت ڪندو آهي ۽ نفرت وارين ڳالهين، جهڙوڪ: بغض، ڪينو، ڪپت، ساڙ، طمع، خوف ۽ ٻين ڪيترن عيبن، خطائن کان پاسو ڪندو آهي، پر هو شيطان صفت انسان، جيئن اصول آهي ته اهو پنهنجي خوابن ۾ به ساڳيا ئي صفاتي منظر ڏسندو آهي، ته جاڳڻ وقت به سندس اکين اڳيان اهي ئي نقش پيا ڦرندا آهن.“

”جيويٽ“ (Jewett) جي ڪيل ترجمي مطابق، ”شولز“ (صفحو: 62) جو چوڻ آهي ته: ”خوابن ۾ سچ هوندو آهي، اسان جيئن هوندا آهيون، تيئن ئي خوابن ۾ اسان پنهنجي متعلق گهڻو ڪجهه سکندا آهيون، انهن سمورن مٽيل ويسن (Disguises) جي باوجود، جيڪي ويس اسان دنيا کي ڍڪائيندا آهيون، پوءِ ڇو نه اهي ڪي اعليٰ قسم جا هجن يا صفا مذاق اڏائيندڙ هجن، انهن کان به ڀلي ڀت واقف ٿيندا آهيون. هڪڙو معتبر ماڻهو، خواب ۾ ڪڏهن به قتل ڪري نه ٿو سگهي يا جيڪڏهن ڪو ڪرڻ چاهيندو به ته پنهنجي طبيعت جي ڪري کيس ڊپ ويڙهي ويندو. روم جو بادشاهه، اُن ماڻهوءَ  کي سزا ڏيندو هو، جيڪو خواب ڏسندو هو ته اهو شخص کيس دغا سان مارائڻ ٿو چاهي. ائين ڏسڻ لاءِ جيڪڏهن وٽس جواز هوندو هو ته هو حق تي آهي ڇاڪاڻ ته هو سمجهندو هو ته جيڪي خيال سندس خوابن ۾ ايندا آهن، جاڳ ۾ به ساڳيا اهي ئي هوندا آهن. هڪ عام چوڻي آهي ته: ”مان اهڙا خواب نه ٿو ڏسي سگهان.“ جڏهن ان جي ڪنهن سان وابستگي هوندي آهي ته ان تاثر جو درست هجڻ، ٻٽي اهميت جو حامل هوندو آهي، جنهن کي اسان پنهنجي دل يا دماغ ۾ جاءِ نه ڏئي سگهندا آهيون.“

”پلوٽو“ جو خيال وري ائين آهي ته سٺا ماڻهو اهي آهن جيڪي رڳو اهي خواب ڏسندا آهن ته سندن جاڳ جيون ۾ ٻيا ڪهڙو ڪم ڪن ٿا.(1)

”اسپيٽا“ (صفحو: 192) ”پاف“ (Pfaff. 1868,09) جو حوالو ڏيندي ان مشهور چوڻيءَ جي ڪجهه لفظن کي گهٽائي لکيو آهي ته: ”مون کي پنهنجا خواب سڻاءِ، ته مان توکي تنهنجي من اندر جي ڳالهين کان واقف ڪريان. ”هلڊيبرانٽ“ جو چوڻ آهي ته خوابن ۾ اخلاقي مسئلا هڪ اهم ۽ مرڪزي دلچسپيءَ سان کنيل هوندا آهن، سندس ننڍڙي ڪتاب منجهان، گهڻا ئي حوالا مان اڳ ۾ ڏئي چڪو آهيان. خوابن جي مطالعي متعلق ڪيل سموريون ڪوششون، جن کي مان پار ڪري آيو آهيان، اهي پنهنجي سانچي ۾ بلڪل درست، ۽ سوچن يا ويچارن جي سلسلي ۾ بلڪل بيش بها آهن. ”هلڊيبرانٽ“ (صفحو 54) به انهيءَ تي انحصار ڪيو آهي، جيئن اصول آهي ته ”جيون شڌ ته سپنا شڌ،“ جهڙي نيت تهڙي مراد، ڪنهن ڏانهن من ميرو ڪبو ته ٻيو ان کان وڌيڪ ميري من سان پيش ايندو. هن جو ان ڳالهه ۾ يقين آهي ته ”انسان جي اخلاقي فطرت، خوابن ۾ به ثابت قدم رهندي آهي،“ جڏهن ته هو اهو به لکي ٿو ته: ”انگ وديا (Arithmatic) جي مجموعي غلطي توڙي، مشاهدي ۽ مطالعي مان حاصل ڪيل ڄاڻ جي اصولن جي انتهائي وڏي رومانوي تبديلي يا انقلاب به، ۽ تمام گهڻي کل جهڙيون ۽ اڻ لاڳاپيل، دقيانوسي رسمون، روايتون يا طور طريقا (Anachronism) جن کي نظرانداز ڪرڻ سبب به، اسان مونجهاري ۾ مبتلا ٿي سگهون ٿا، ۽ اهڙي قسم جي انساني اخلاقي فطرت تيسيتائين اسان ۾ بدگمانيون ۽ شڪ پيدا ڪري سگهي ٿي، جيسيتائين اسان سٺي ۽ خراب، درست ۽ غلط، يا گڻ ۽ اوگڻ جي وچ ۾ فرق ڪرڻ، واري فڪري سوچ کي هٿان نه ڇڏينداسين. بهرحال ڏسڻو اهو آهي ته ڏينهن دوران، اسان جو گهڻو ڪار وهنوار ڪهڙو آهي، جيڪو اسان جي رات جي سمهڻ واري وقت ۾ به ورجاءُ ڪري سگهي ٿو. ”ڪانٽ“ جو خيال آهي ته ”اهو بنا شرط شروط جي ۽ عقلي طور تي واجب اخلاقي فرض ئي آهي، جيڪو ماڻهوءَ سان قدم سان قدم ملائي هلندو آهي، جو اسان ان کان ننڊ ۾ به جند ڇڏائي نه ٿا سگهون.... پر ان حقيقت جو تعلق به انسان جي بنيادي فطرت ۽ سندس اخلاق سان آهي، جيڪو پڻ سيربين جي چرپر جيان سختيءَ سان چهٽيل هوندو آهي۽  تصور، تخيل، يادن، سببن ۽ ٻين ڪيترن ئي شعبن کان متاثر ٿي، ان کي خوابن ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.

جيئن ته هي موضوع اڃان هلندڙ آهي، سو بهرحال ٻنهي طرفن جي ليکڪن، پنهنجي اسلوب مطابق، پنهنجي دليلن ۾ غير معمولي تبديلين جو اظهار ڪيو آهي. انهن، جن ان نڪتي کي برقرار رکيو آهي ته ”ماڻهوءَ جي اخلاقي شخصيت، خوابن ۾ روڪڻ جو عمل، هڪ سخت قسم جي منطق سبب، خوابن ۾ سمورين غير اخلاقي دلچسپين کي ڇڏي ڏيندو آهي. اهي ان جي انهن اصولن يا ارادن جي ڀڃڪڙي ڪندا آهن جيڪي، خواب ڏسندڙن، خواب جي لاءِ پنهنجي ذميداريءَ تي، پنهنجي اختيار ۾ رکيا هوندا آهن، يا سندس خوابن جي بڇڙائيءَ مان نتيجو يا انومان ڪڍندا آهن ته هن جي ڪردار تي شيطان جو پاڇو هو، بلڪل اهڙي اعتماد سان چوندا آهن. جهڙيءَ ريت، سندس خواب جي بيهودگيءَ مان نتيجي ڪڍڻ جي ساڳئي ڪوشش کي رد ڪندا آهن ته ساڳئي وقت سندس جاڳ جيون جي ڏاهپ وارين سرگرمين کي نهايت اجايو ۽ بيڪار به سمجهندا آهن. ٻيو ٽولو، جنهن جو اعتقاد آهي ته بنا شرط شروط جي اخلاقي فرض جيڪو عقلي طور تي واجب هجي، يا ”ضمير جي تقاضا“، جيڪا خوابن کي وسعت بخشي ٿي، ۽ بداخلاقيءَ وارن خوابن لاءِ، منطقي طور تي، نااهل يا گهربل لياقت نه رکندڙ ذميداريءَ کي قبول ڪري ٿي. اسان کي انهن جي لاءِ رڳو هڪڙي  اميد آهي ته شال انهن جا اهي خواب، ان درجي تي ملامت جوڳا نه هجن جو سندن ئي اخلاقي ڪردار جا پختا عقيدا ڀڄي ڀري پون.

اهو بهرحال ظاهر آهي ته ڪوبه شخص ايترو ڀروسي جوڳو نه هوندو آهي، جيتريقدر سندس اهي سمورا سپنا پاڻ پُر اعتماد هوندا آهن ته: هو ڪيترو سٺو آهي يا خراب، ۽ ڪير به پنهنجي بي شرميءَ يا بداخلاقيءَ وارن خوابن جي يادگيرين کان انڪار نه ٿو ڪري سگهي. ٻنهي ٽولن جي ليکڪن لاءِ، انهن جي وچ ۾ خواب ۽ اخلاق متعلق اختلاف جي قطع نظر، دماغ جي ڪمن يا بداخلاقيءَ جي خوابن جي بنيادي وضاحتن بابت ورتل ڪوششن سبب سندن، اصلوڪي نڪتي نظر منجهان، راءِ جي اختلاف جي هڪ تازي بحث جو موقعو پيدا ٿئي ٿو، يا ائين چئجي ته طبعي يا جسماني چرپر جي ذريعي، ذهني صحت لاءِ نقصان رسائيندڙ اثر پيدا ٿئي ٿو. اهڙيءَ ريت حقيقت کي لاچاريءَ وچان منطقي طور مڃڻ سبب، خواب- جيون جي ذميدارين ۽ غير ذميدارين جو ذمو ٻنهي حامي ليکڪن تي اچي ٿو ته اهي ڪنهن هڪڙي راءِ کي قبول ڪن ته خوابن ۾ بداخلاقيءَ جو بنياد خاص ڪري نفسياتي آهي.

اهي، جيڪي اها ڳالهه مڃين ٿا ته اخلاق، خواب ۾ وسعت پيدا ڪري ٿو، ته بهرحال سڀني کي، پنهنجي خوابن متعلق، قياس، گمان يا انومان ڪڍڻ جي ذميداري کڻڻ کان پاسو ڪرڻو پوندو ۽ نهايت محتاط رهڻو پوندو. اهڙيءَ ريت ”هافنر“ (صفحو: 250) لکي ٿو ته: ”اسان، پنهنجي سپنن لاءِ ذميدار نه آهيون، جڏهن ته اسان جون سوچون ۽ خواهشون، خوابن ۾ انهن بنيادن تي مايوس ۽ محروم ٿي وڃن ٿيون، جن تي اسان جي زندگي، اڪيلي سر ”سچ“ ۽ ”حقيقت“ کي سنڀاليندي اچي ٿي... ان جي ڪري ڪي به خوابي خواهشون يا خوابي عمل، نيڪ يا بد نه ٿا ٿي سگهن.“ ان جي باوجود هو اڳتي وڌي ٿو. ماڻهو پنهنجي شيطاني خوابن جو پاڻ ئي ذميوار آهي، جن ۾ ڪنهن حد تائين اهڙو مواد ضرور پيش ٿئي ٿو، جو اهي، اڻ سڌيءَ طرح سندس دلچسپيءَ جو سبب بڻجن ٿا. انهن جو اهو فرض آهي ته اهي اخلاقي طور تي سندس ذهن کي صاف رکن، نه رڳو سندن جاڳ جيون ۾ پر خاص طور تي سمهڻ کان اڳ ۾ ئي.

”هلڊيبرانٽ“ (صفحو: 48) خوابن جي اخلاقي سٽاءَ جي ذميداريءَ کي قبول ڪرڻ ۽ رد ڪرڻ جي گڏيل ردو ڪد متعلق هڪ انتهائي اونهو تجزيو پيش ڪيو آهي. هو دليل ڏئي ٿو ته خوابن ۾ بداخلاقيءَ جي انهيءَ مظاهري تي غور ڪرڻ جي حوالي سان ڏٺو وڃي ته اهو يقينن هڪ ناٽڪ واري سٽاءَ ۾ ٿئي ٿو، جنهن ۾ اهي، اولڙي واري تمام گهڻي منجهائيندڙ عمل جي زور بار سبب، وقت جي نهايت مختصر عرصي ۾ لفظن جي شڪل اختيار ڪن ٿا، سو به اهڙي طريقي سان، جو هو ان کي قبول به ڪري سگهي، ڇاڪاڻ ته ان جو تصور وارو يا تمثيلي انداز، سڃاڻڻ يا سمجهڻ ۾ مونجهارو ۽ مايوسي پيدا ڪندڙ هوندو آهي. هو مڃي ٿو ته هن کي گهڻي رڪاوٽ يا هٻڪ پئي محسوس ٿي، ان جي باوجود، سوچ ۾ اها ڳالهه پئي آئي ته خوابن ۾ پاپ ۽ غلطيون، ڪجهه به ڪرڻ کان انڪاري ٿي سگهن ٿيون.

”اسان جڏهن ڪجهه ناحق لڳايل تهمتن کي مڃڻ کان انڪار ڪندا آهيون، خاص طور انهن کي جيڪي اسان جي مقصدن ۽ ارادن سان واسطو رکندڙ هونديون آهن، جنهن لاءِ گهڻو ڪري اسان هڪڙو خاص جملو گهڙي وٺندا آهيون ته: ”مان ته اهڙي قسم جي شين جو خواب نه ٿو ڏسي سگهان.“ ۽ اسان اظهاريندا به اهڙي ئي طريقي سان آهيون، هڪ طرف ته اسان جي سوچ هوندي آهي ته خواب جو دائرو وقت وڇوٽي جي لحاظ کان تمام گهڻو پرانهون ۽ الڳ هوندو آهي، پر اسان پنهنجي سوچڻ لاءِ پڇاڻي جوڳا يا جوابدهه به انهن کي ئي سمجهندا آهيون، جڏهن ته سوچن جو دائرو، اسان جي انتهائي اهم ترين پاڻپڻي سان ڪجهه اهڙي ڍري انداز ۾ ڳنڍيل هوندو آهي، جو انهن کي پنهنجو سمجهڻ به مشڪل ٿي پوندو آهي، پر ان جي باوجود، اسان ان دائري ۾، بلڪل واضح نموني، جسماني يا اخلاقي طور، انهن سوچن جي وجود کان انڪار ڪرڻ لاءِ پاڻ کي پابند محسوس ڪندا آهيون، ساڳئي وقت اسان اڻ سڌيءَ ريت مڃيندا به آهيون ته اسان جو پنهنجو پاڻ کي ڏنل جواز، تيسيتائين مڪمل نه ٿو ٿي سگهي، جيسيتائين ان ۾ هڪ دور رس، وسعت پيدا نه ڪئي ويندي، ۽ مان سمجهان ٿو ته ان حقيقت جي باوجود، اسان ان دائري ۾  بلڪل بي ڌيانيءَ سان يا لاشعوري طور تي ”سچ جي ٻولي“ ڳالهائيندا آهيون. (ساڳئي هنڌ 49 صفحي تي).

”ڪنهن عمل تي، خواب ۾ سوچڻ يا ڪنهن سڌي اڻ سڌي رستي سان، ان جي ڪنهن مقصد يا عمل واسطي اندر ۾ موجود اصل نيت يا مراد کي حاصل ڪرڻ ناممڪن آهي، ڀلي ته اها ارادو، امنگ يا من اُڇل ڇو نه هجي، اهي سڀئي جذبا، جاڳ جيون دوران ئي ذهن ۾ پيدا ٿين ٿا.“ اسان کي مڃڻو پوندو، ”هلڊيبرانٽ“ مسئلو اٿاريو آهي ته ”اها من اُڇل (Impulse) خواب جي پاران مدعو ٿيل نه هوندي آهي، خواب رڳو ان کي نقل ڪندو آهي ۽ ان جي اُڻت ڪري ٻاهر آڻيندو آهي، اها رڳو تاريخي مواد جي انهيءَ ڍير منجهان کڻي، ناٽڪ جي رنگ ۾ پيش ڪيل هوندي آهي، جيڪا خود اسان جي اندر ئي موجود هوندي آهي، بس رڳو ”سٽاءُ“ ناٽڪ وارو هوندو آهي. ”اپوسٽل“ جي لفظن ۾ ته: ”ڀل ته هو جنهن ڀاءُ کي ڌڪاريندو هجي، اهو ئي خواب ۾ قاتل جي ڪردار ۾ نظر اچي. (I Jhon iii,15) ان حقيقت جي باوجود، جاڳڻ کانپوءِ، انهيءَ خواب جي برائيءَ واري سموري گهاڙيٽي تي، اسان جو مستحڪم اخلاقي شعور، اسان کي کل ڏياري ڇڏيندو آهي، ان هوندي به اصلوڪي مواد واري جاءِ تان، جتان اها گهڙت هلي هئي، اها کل اڀارڻ ۾ ناڪام ٿي هئي. اسان خواب ڏسندڙ جي سموري معاملي جي ڀل چڪ جا نه پر ان جي چند حصن کي سمجهائڻ جا ذميوار ضرور آهيون. ”مختصر طور ائين چئجي ته اسان جيڪڏهن ان تڪراري بحث کي سمجهڻ ۾ دشواري ٿا ڀانيون ته حضرت عيسيٰ (يسوح مسيح) عليھ السلام فرمائي ٿو ته: ”جيڪي ڳالهيون زبان ذريعي نڪرنديون آهن سي دل مان ئي نڪرنديون آهن، ۽ اهي ئي انسان کي ناپاڪ ڪنديون آهن، ڇاڪاڻ ته برا خيال زبان سان ادا ٿيندا آهن، ۽ برا ارادا، خونريزي، زناڪاري، حرام خوري، چوري ۽ ڪوڙي شاهدي وغيره پڻ، (مقدس متي: باب 15 جو 18 ۽ 19). اسان انهيءَ عقيدي يا ويساهه کي ڏاڍو مشڪل سان ڇڏي سگهندا آهيون ته خواب ۾ پيش ٿيل برائي، پاڻ سان گڏ ڏوهه يا غلطيءَ جو تمام معمولي مقدار يا اڻ چٽو انداز ضرور آڻيندي آهي،  ”هلڊيبرانٽ“ (ص: 51).

اهڙيءَ ريت ”هلڊيبرانٽ“ کي خواب ۾ بداخلاقيءَ ۽ برائيءَ جا بنياد يا ڪارڻ، بي شرميءَ جي جيوڙن (Germs) ۽ شيطاني ارادن جي اشارن (Hints) ۾ مليا آهن، جيڪي رغبت، لالچ، آزمائش يا برغلائڻ واري عمل (Temtation) جي صورت ۾ ٿين ٿا، جيڪي ڏينهن دوران اسان جي دماغ ۾ ايندا رهن ٿا،“ ۽ هو پنهنجي شخصي اخلاقي قدر جي ماڻ ۽ ماپ ۾ انهن بي شرميءَ يا برائيءَ جي عنصرن کي شامل ڪرڻ کان بلڪل به نه ٿو گهٻرائي. اهي ساڳيا ئي خيال، جن کان اسان اڳ ۾ واقف آهيون، ۽ ان جي انهيءَ ساڳي ئي تخميني سبب، اسان جي خدا ترسي ۽ پاڪدامني ئي اسان جي عمر جي هر حصي ۾ انهن متعلق اعترافي اڳواڻي يا رهبري ڪنديون آهن، (1)

ائين يقينن ٿي سگهي ٿو ۽ ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته عام طور تي، اخلاقي قدرن جي نظام جي ابتڙ، اهڙا اڻ ٺهڪندڙ ويچار موجود هوندا آهن: جيڪي ڪيترن ماڻهن ۾ پيدا ٿيندا آهن ۽ خود دنيا جي مدار ۾ به رونما ٿيندا رهندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن، بهرحال انهن کي ٿوري غير سنجيدگي سان نبيريو ويندو آهي. ”زيلر“ (Zeller. 1818,120-21) جي راءِ جو حوالو ڏيندي ”اسپيٽا“ (Spitta.1882. 194) خيال ظاهر ڪيو آهي ته ان سلسلي ۾ اهو سڀڪجهه لاڳاپيل هوندو آهي:  ”دماغ، ورلي ئي خوشيءَ سان ايترو منظم ٿيندو آهي، جو هر لمحي، مڪمل قوت جو اختيار استعمال ڪندو رهي، ۽ نه ئي ان جي سوچن جو ڪو چٽو ۽ سلسليوار طريقو هوندو آهي، نه رڳو غير اهم، خارجي، غير ضروري سببن جي ڪري، پر مثبت طور تي کل جهڙن ۽ بيهودن ويچارن جي ڪري به مسلسل رنڊڪ جو شڪار رهندو آهي. سچ ته اهو آهي ته تمام وڏن مفڪرن کي به، ان خواب مثل، ڪاوڙ ڏياريندڙ ۽ پيڙا پيدا ڪندڙ ”خيالن“ متعلق وڏي شڪايت رهي آهي، جيڪي سندن نهايت وسيع ۽ گهرن تخليقي تاثرن ۽ سندن تمام مضبوط ۽ گنڀير قسم جي ويچارن ۾ رخنو وجهندا آهن.“

اهڙي قسم جي اڻ ٺهڪندڙ ويچارن جي نفسياتي پهلوءَ تي روشني وجهندي ”هلڊيبرانٽ“ (صفحو: 55) هڪ ٻي راءِ ڏني آهي ته:

”ان جو نتيجو اهو ٿو نڪري ته خواب اسان جي آڏو، اسان جي مزاج مطابق، ڪنهن خاص موقعي جي ڪنهن هڪ اڌ اهڙي جهلڪ کي وسيع ۽ گهري انداز سان ۽ وقفي وقفي سان پيش ڪندو آهي، جنهن کي عام طور تي جاڳ واري حالت ۾ جيڪر اسان پاسي مان به لنگهڻ نه ڏيون.“

ساڳيو خيال ”ڪانٽ“ پنهنجي ”علم الانسان“  (Anthropoloie. 1798) (1)، جي حصي ۾ ڏنو آهي، جنهن ۾ هن پڌرو ڪيو آهي ته خوابن جو وجود اسان کي، اسان جي لڪل يا ڳجهي مزاج جي حوالي سان نظر اچي ٿو، ۽ اسان تي اهو ظاهر ڪري ٿو ته اسان ”ڇا“ نه آهيون! پر جيڪڏهن اسان ان کي مختلف نموني سمجهون ته ان جو مطلب ٿيندو ته ”اسان کي ڇا هئڻ گهرجي.“ راڊسٽاڪ (Radestock-1879,84) پڻ چوي ٿو ته:“

خواب گهڻو ڪري، اسان تي ان کان وڌيڪ ڪجهه ظاهر نه ٿا ڪن ته اسان پنهنجي ذات جي متعلق ڪهڙي ڳالهه کي قبول نه ڪيو آهي، ۽ انڪري اسان جو، انهن تي منافق ۽ مڪار هجڻ جو داغ لڳائڻ مناسب نه ٿيندو.

”اردمان“ (Erdmann. 1852.115) لکي ٿو ته: ”خواب ڪڏهن به اهو ظاهر نه ڪيو آهي ته مون کي ماڻهوءَ لاءِ ڇا سوچڻ گهرجي: پر مان ڪنهن خاص موقعي تي خواب مان ئي سکي وٺندو آهيان. مان پنهنجي حيرانگيءَ جو نهايت ٿورائتو آهيان جو مان ماڻهن لاءِ ڇا ڇا نه سوچيندو آهيان ۽ ان جي لاءِ ڪيئن ڪيئن نه محسوس ڪندو آهيان.“

ساڳيءَ ريت آءِ. ايڇ فيختي (حصو1، صفحو 539) جو بيان آهي ته:

”اسان جي خوابن جي فطرت، اسان کي، اسان جي سموري سڀاءُ، طبعي انتظام نبيرڻ جي اختياريءَ جا گهڻا پرانهان ۽ سچ ڀريا اولڙا ۽ عڪس ڏيندي آهي، جنهن کانپوءِ ئي اسان پنهنجي جاڳ جيون ۾ ماڻيل شخصي مشاهدن جي ذريعي، سکڻ جي قابل ٿيندا آهيون.“(2)

اهو به ڏٺو ويو آهي ته من اڇل جو نروار ٿيڻ، اسان جي شعوري اخلاق لاءِ پرديسيءَ واري ڪيفيت هوندي آهي، اها به رڳو ان لاءِ ته ڪهڙي هڪ جهڙائي پيدا ڪندڙ ڳالهه اسان اڳ ۾ سکي آهي. حقيقت اها آهي ته خوابن وٽ، تمثيلي مواد جي گذرڻ جو رستو موجود هوندو آهي، جيڪو ان جي جاڳ واري حالت ۾ غير حاضر رهندو آهي، يا وري ڪجهه ڪندو به آهي ته تمام مختصر نموني ۾ ڪردار ادا ڪندو آهي.

اهڙيءَ ريت ”بينني“ (صفحو: 149) لکي ٿو ته: ”اسان جون چند خواهشون، جيڪي ٿوري وقت لاءِ نهايت ضدي ۽ سگهاريون هونديون آهن ته ٿوري وقت کانپوءِ وساڻل، وساڻل، اجهاڻل اجهاڻل، پر بار بار جاڳنديون به رهنديون آهن، جهونا، پراڻا ۽ دفن ٿيل جوش جذبا، توڙي اهي شيون ۽ ماڻهو به، جن کي ٻيهر ڏسڻ يا ملڻ جي پڪ نه هوندي آهي، ور ور ڪري پيا ياد ايندا آهن، (ج-س)

”والڪيلٽ“ (صفحو: 105) چوي ٿو ته: ”خيال يا ويچار پڻ، جيڪي جاڳ دوران شعور ۾ داخل ٿيندا آهن، انهن منجهان ڪيترائي، گهڻو ڪري بي ڌيانيءَ واري صورت ۾ به داخل ٿيندا آهن ۽ وري ياد به نه ايندا آهن، انهن جو دماغ ۾ موجود هجڻ جو پڙاڏو، سپنن جي ذريعي لڳاتار ٿيندو رهندو آهي.“ هن نڪتي تي آخرڪار اسان کي ”شليئرماڪر“ جي اثباتي دعويٰ ياد ٿي اچي ته ”ننڊ جو عمل، غير شعوري طور تي پيدا ٿيل سوچن (Involuntary Ideas) ۽ عڪسن جو ساٿي هوندو آهي.“

ٿي سگهي ٿو ته اسان پوءِ، خوابن ۾ نظر ايندڙ بداخلاقيءَ ۽ بيهودگيءَ جيان ان سموري تمثيلي مواد جي داخل ٿيڻ کي، ”غير شعوري طور تي پيدا ٿيل سوچن“ جي عنوان هيٺ، ان درجي بندي ذريعي گڏائي ڇڏيون، جيڪو اسان جي پريشان ۽ هڪي ٻڪي ٿي وڃڻ جو سبب بڻجندو آهي. بهرحال هتي هڪڙو اهم اختلافي نڪتو آهي ته: ”غير شعوري طور تي پيدا ٿيل سوچون، اخلاق جي دائري ۾ اسان جي ذهن جي عام رجحان جي خلاف هونديون آهن، جڏهن ته ٻيون اسان کي رڳو ڪنهن اجنبيءَ جيان ٽڪرائبيون آهن. ان جي گهري ڄاڻ بابت، ڪنهن به اڃان تائين ڪو خاص قدم نه کنيو آهي، جنهن جي ذريعي اهو فرق ختم ٿي سگهي.

ٻيو سوال، خوابن ۾ غير شعوري طور تي پيدا ٿيل سوچن جي ظاهر ٿيڻ جي اهميت يا خاصيت جي معاملي ۾ ٿو اڀري، انهن اخلاقي طور اڻ ٺهڪندڙ خواهشن جي، جاڳ ۽ خواب جي ذهن جي نفسياتي عمل مٿان اڇلايل روشنيءَ جيان، جيڪا رات دوران داخل ٿي ٿئي.

هتي اسان راءِ جو هڪ تازو اختلاف ٿا ڏسون، جڏهن ته ان کانسواءِ هڪ ٻي اختلافي بااختيار گروه بندي اڃان رهيل آهي. سوچ جو هڪ رستو ”هلڊيبرانٽ“ ۽ چند ٻين سندس بنيادي نظرين جي صورت ۾ خيالن جي ڏيوٺ ڪئي آهي، جن انهيءَ راءِ جي نهايت اڻٽر نموني اڳواڻي ڪئي آهي ته خود جاڳ دوران اخلاقي طور ڪيل خواهشن ۾ ڪنهن حد تائين قوت هوندي آهي، جيتوڻيڪ اها ڪنهن لاڙي، جذبي يا سوچ کي روڪيندڙ ذهني عملي قوت هوندي آهي، جيڪا عمل ڪرائڻ لاءِ، ”زبردستي“ پنهنجي رستي تي هلائڻ جي قابل نه هوندي آهي، پر اها قوت ننڊ ۾ ان عمل ۽ سوچ مان ڪجهه نه ڪجهه ضرور کڻندي آهي، جنهن ڏينهن دوران جذبي يا سوچ کي روڪيندڙ ذهني عمل جيان ٿي ڪم ڪيو، ۽ اهڙين خواهشن جي وجود کان واقف هجڻ جي ڪري خواب، ان ريت اسان جو بچاءُ ڪندو آهي. اهڙيءَ ريت خواب ماڻهوءَ جي بلڪل سچي فطرت جو اظهار (پر ان جي پوري فطرت جو نه) هوندا آهن، ۽ اهي هڪ ممڪن وسيلن ذريعي، ذهن جي انهن لڪل ۽ باطني ڪارگذارين کي ترتيب ڏيندا آهن، جيڪي اسان جي ڄاڻ لاءِ رسائيءَ جوڳا هوندا آهن. رڳو چند اهڙين حدن ۾، جيئن ”هلڊيبرانٽ“
 (صفحو: 56) خوابن جي اطلاع ڏيندڙ قوتن جي خوبي يا لياقت بيان ڪرڻ تي پنهنجي تحقيق جو بنياد ٻڌو آهي، جيڪو دماغ جي نقص، روڳ يا هيڻائيءَ طرف اسان جو ڌيان ڇڪائي ٿو، جيئن جسماني روڳ جو علاج ڪندڙ ماهر مڃين ٿا ته ”خواب ماڻهوءَ جي لڪل يا نظر نه ايندڙ جسماني بيماري، به اسان جي شعوري ڌيان تي آڻي سگهي ٿو. لڳي ٿو ته ”اسپيٽا“ (صفحو: 193) به پڪ سان ان راءِ کي قبول ڪيو آهي، تڏهن ته سندس تحريرن ۾ جوش ۽ جذبات جا اهي ڪارڻ آندل آهن، جيڪي ذهن سان ٽڪرائجڻ يا مثال طور جوانيءَ دوران، ان جي عمل ۾ بيجا مداخلت ڪندا آهن. هو خواب ڏسندڙ کي ان يقين سان، اهو سهارو ڏئي ٿو ته هن سڀڪجهه اهو ئي ڪيو آهي، جيڪو سندس هٿ وس آهي، جيڪڏهن هو پنهنجي جاڳ دوران، ڪا سخت پارسائيءَ واري زندگي گذاري ٿو ۽ جڏهن به ڪي شيطاني خيال سندس من ۾ اسرڻ لڳن ٿا ته انهن جي وڌڻ، ۽ انهن جي پڪي پختي ٿيڻ ۽ انهن جي عملي شڪل اختيار ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ان راءِ موجب اسان ”غير شعوري طور تي پيدا ٿيل سوچن“ جي وضاحت، انهن سوچن ۽ ويچارن جيان ڪري سگهون ٿا، جيڪي ڏينهن جي دوران ”دٻائي“ ڇڏيو ويون هيون، انهن جو خوابن ۾ اچڻ واري عمل کي، منطقي انداز ۾ بيان ڪيل حقيقت جيان، قدر جي نگاهه سان ڏسڻ گهرجي.

ٻيا ليکڪ، بهرحال ان آخري نتيجي کي غير منصفاڻو سمجهن ٿا، ايتري قدر جو ”جيسن“ (صفحو: 360) جو ان ڳالهه ۾ ويساهه آهي ته ”غير شعوري طور تي پيدا ٿيل سوچون“ ٻنهي يعني جاڳ ۽ خواب وارين حالتن ۾ ۽ بخاريل يا تپيل حالت ۾ ۽ ٻين جهڙوڪ: وهم جي غلبي، مجبوري ٿي پوڻ يا دٻاءَ محسوس ڪرڻ وارين حالتن ۾ پيدا ٿينديون آهن، جن ۾ نيت يا ارادي وارين سرگرمين جي خاصيت ته موجود هوندي آهي، پر اها ئي خاصيت انهن تصورن ۽ سوچن جي ٿورن گهڻن، ٺوس جذبن ۽ حق تي هجڻ جي ترتيبوار سلسلي کي ٿڌو به ڪندي آهي، جيڪا اندروني خواهشن جي ذريعي چڙ پيدا ڪندڙ هوندي آهي.“ خواب ڏسندڙ جي ذهني زندگيءَ متعلق، هڪ برو خواب، سندس سموريون سٺايون، برايون ثابت ڪري سگهي ٿو. ”جيسن“ جي راءِ موجب ته چند موقعن تي تمثيلي سٽاءُ جو موضوع ئي ويچار هيٺ هوندو آهي: پر اهو سٽاءُ خواب ڏسندڙ جي پنهنجي ذهني خواهشن جي پڪي ثابتي ڏيندڙ نه هوندو آهي.

ٻين ليکڪن جي حوالي سان ”مائوري“ پڻ خواب جي حالت، اهليت ۽ گنجائش جي خوبي بيان ڪندي نظر اچي ٿو. ڪنهن ريچڪ تي ٻڌل، ذهني تباهيءَ جي سرگرميءَ لاءِ نه، پر ان جي جزن يا حصن جي تجزيي لاءِ. هو انهن خوابن بابت لکي ٿو جيڪي اخلاق جون حدون ٽوڙين ٿا:

”اهي اسان جون خواهشون ئي آهن، جيڪي اسان سان ڳالهائن ٿيون ۽ عمل ڪرڻ جي قابل بنائن ٿيون، جيتوڻيڪ اسان جو شعور اسان کي پوئتي ماضيءَ ۾ وٺي نه ٿو وڃي، ان هوندي به ڪڏهن ڪڏهن اسان ۾ گرمجوشي پيدا ڪندو رهي ٿو. مون وٽ منهنجون غلطيون آهن ۽ منهنجون بڇڙيون ۽ بدمست خواهشون آهن، جڏهن مان جاڳندو آهيان ته انهن سان جهيڙڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، ۽ انهن جي اڳيان گهڻو ڪري، نه جهڪڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو آهيان، پر منهنجي خوابن ۾ مان سدائين انهن جي اڳيان آڻ مڃي وٺندو آهيان، يا مان بنا ڪنهن ڊپ، ضمير جي ملامت يا پنهنجي عمل تي پڇتاءُ جي، سندن دٻاءَ هيٺ عمل ڪرڻ لڳندو آهيان.... اهو  نظارو جيڪو پهرين منهنجي ذهن جا ور کولي نه سگهندو آهي ۽ ان کي خواهشن جي ذريعي، نهايت چٽائيءَ سان پيش ڪندو آهي، جن کي مان محسوس ڪندو آهيان ۽ منهنجو ”غير حاضر هجڻ“ به ڪڏهن تڪليف وارو احساس ڏيڻ جي ڪوشش نه ڪندو آهي.“ (ج-س)، ”مائوري“ (صفحو: 113)

اهڙو ڪو به نه آهي جيڪو خوابن جي وسعت ۾ يقين رکندو هجي ته اهي خواب ڏسندڙ جي اوگڻن ۽ ڪامي ڪروڌي رجحان کي ظاهر ڪندڙ هوندا آهن، اهي رجحان حقيقت ۾ موجود هوندا آهن، ڀلي ته اهي دٻايل يا ڳجهه ڳوهه ۾ لڪل ڇو نه هجن، اهي ”مائوري“ جي چيل لفظن کان ڪجهه وڌيڪ ئي، پنهنجو اظهار بلڪل ٺيڪ ۽ هوبهو ڪري سگهندا آهن:

”اهڙيءَ ريت خوابن ۾ ماڻهو، آتم ۾ اظهاريل پنهنجي سموري، پيدائشي اگهاڙپ ۽ افلاس سان بيٺل هوندو آهي، جيترو جلدي هو پنهنجي خواهشن جي ذهني توڙي جسماني اوسر لاءِ سرگرميءَ جي مشق کي ملتوي ڪندو آهي، ته هو انهن سمورن جوش جذبن جي خلاف هڪڙو رانديڪو بڻجي پوندو آهي، ۽ جڏهن جاڳندو آهي ته پنهنجي شعور، عزت ۽ ڊپ جي ذريعي ان کان پاڻ بچائيندو آهي، (ف-س).

هڪ ٻئي حصي ۾ اسان کي انهيءَ ويچارجندڙ موضوع بابت هي سٽون ملن ٿيون: ”خوابن ۾ ڇا ٿو نظر اچي؟ سو بهرحال اها، فطري لاڙو رکندڙ ماڻهوءَ جي بنيادي صورت هوندي آهي، ٿي سگهي ته ماڻهو اهو چوي ته خوابن ۾ انهن خيالن جو موٽي اچڻ، فطري حالت واروآهي، پر سندس ذهن، حاصل ٿيل خيالن ۽ سوچن سان ٽمٽار هوندو آهي، جن مان ڪيتريون ئي سوچون، خوابن ۾ غير فطري خواهشن جي اثر هيٺ هونديون آهن.“ (ف-س).

هو ان کي مثال جي ذريعي ملائي ٿو ته پنهنجي خوابن ۾ هو ڪهڙيءَ ريت، وهمن تي ٻڌل ڪنهن سماجي نظام جو، اتفاقي نموني سان ستايل يا ان کان متاثر ٿيل نه آهي، جو هو پنهنجي لکڻين ۾ خاص طور وڏي شدت سان حملو ڪندي نظر اچي ٿو.

”مائوري“ مطابق، ذهن ۾ داخل ٿيل اهي عڪس ۽ اولڙا، بهرحال، خواب جيون جي کوجنا ۾، پنهنجي اهميت وڃائي ويهن ٿا، ان حقيقت جي پابنديءَ تحت هو اها ڳالهه منطقي مت جي صورت ۾ قبول ڪري ٿو، جنهن ۾ هن اهڙو عين مطابق مشاهدو ڪيو آهي، جو ان ۾ ”پاڻمرادي نفسياتي صلاحيت“  (Automatisme Psychologique) کانسواءِ ڪا ثابتي ڪا نه ٿي ملي، جيڪا سندس راءِ موجب، خوابن تي فوقيت رکندي هجي، جنهن کي هو ذهني سرگرميءَ جي بلڪل ابتڙ ڏسي ٿو.

”اسٽرائيڪر“ (صفحو 51) لکي ٿو ته: ”سپنا صرف غير حقيقي ڏيک يا تاثر جي عنصرن تي ٻڌل نه هوندا آهن. مثال طور جيڪڏهن ڪنهن شخص کي خواب ۾ چورن کان خوف ٿئي ٿو ته اهو سچ آهي ته ”چور“ تصوراتي آهن، پر ”خوف“ حقيقي آهي.“ خواب اسان جو ڌيان ان حقيقت طرف ڇڪائي ٿو ته خوابن ۾ جذبن کي گرمائڻ يا جوش پيدا ڪرڻ جي احساس جي پرک، انهن جي مواد يا سٽاءَ جي ياد ڏيارڻ جيان، ساڳي ئي طريقي سان ڪري نه سگهبي آهي، ۽ اسان جي آڏو اهو مسئلو اچي بيهندو آهي ته نفسياتي عمل جو ڪهڙو حصو، خوابن ۾ ظاهر ٿئي ٿو، جنهن کي سچو يا حقيقي سڏجي، جنهن جي بنياد تي جاڳ جيون جي نفسياتي عملي تسلسل جي وچ ۾ درجي بنديءَ جي دعويٰ ڪري سگهجي(1).


(1)  هن خيال کي اڳتي ايندڙ باب ستين ”خوابن جي عمل جو نفسياتي پهلو“ جي حصي ٻئي ”پشيماني، پڇتاءُ يا افسوس“ ۾ تفصيل سان آندو ويو آهي.

(1)  هي حصو 1911ع ۾ شامل ڪيل آهي. ”سلبرر“ (Silberer. 1909) ان رستي جا ڪجهه سٺا مثال ڏنا آهن، جيڪي غنودگيءَ واري حالت ۾، خود وهمي خيال پڻ، تصويرن ۾ تبديل ٿين ٿا، جيڪي ساڳئي معنيٰ کي بيان ڪندا آهن. (1925 ۾ شامل ڪيل): مان ڪنهن ٻئي موقعي تي هن کوجنا کي ٻين سلسلن سان سلهاڙي پيش ڪندس.

(1)  (”حقيقت کي جاچڻ“ جي مسئلي تي باب ستين جي حصي ٽئين: خواهشن جو پورائو ۾ غور ڪيو ويندو.

(2)  هي حصو 1914ع ۾ گهري ننڊ جي جوڙجڪ بابت CF. the desinteret which Claparede (1905,306) شامل ڪيو هو.

(1)   (1، ف.س): انگريزي ترجمو، ”فالڪونر“ (لوئيب ڪلاسيڪل ليبرري 533. 1922).

(1)  (ف-س، 1)، هتي هيءَ ڳالهه به ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته فرانسيسي ۽ ساڳئي وقت جرمنيء ۾ به ”بي اختيار نفسياتي عمل“ (Delire) جو لفظ، ”ڀنڀلائيندڙ حالت“ (Delusional State) جي معنيٰ ۾ ڪم اچي ٿو، (ب-م).

(2)  لوٽو، اها راند آهي، جنهن ۾، هڪ ٿيليءَ ۾ پيل نمبرن لڳل ڳوٽون، ڪڍي پاڻ وٽ موجود نمبرن واري ڪارڊ سان ملائي، نمبر ڪاٽبو آهي، ان ريت جيڪو نمبرن واري قطار کي اڳ ۾ مڪمل ڪندو آهي اهو کٽندو آهي، (ب-م).

(3)  (حاشيو 1909 ۾ شامل ڪيل، (تازي ايڊيشن ۾ صفحي 772 تي)، اسان خوابن جي انهن معنائن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسين، جيڪي تجنيس حرفي ۽ هڪ جهڙن آوازن اچارن ۽ قافين سان ڀريل آهن.

(1)  هي چين جي تاريخ ۽ تهذيب جو مطالعو ڪندڙ (Sinologist) هڪ نهايت مشهور دانشور جو ڪم هو، جنهن جو ڪتاب نهايت گمناميءَ ۾ شايع ٿيو هو.

(1)  هي حصو 1914ع ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

(1)  سترهين صديءَ جي تحريڪ جيڪا جرمنيءَ جي لوٿيسري گرجائن مان شروع ٿي، جنهن ۾ رسمن جي بجاءِ ذاتي محسوسات تي زور ڏنو ويندو هو، (ب-م).

(2)  (1914 ۾ شامل ڪيل): غيب جي علم کان واقف نهايت ذهين شخص ”ڊيو پرل“ (Du Prel. 1885)، انهن چند ليکڪن مان هو، جنهن جي حوالي کي هن ڪتاب جي ابتدائي اشاعتن ۾ نظرانداز ڪيو ويو هو، جنهن لاءِ مان معذرت خواهه آهيان، هن جو چوڻ آهي ته ”مافوق الفطرت طرف کلندڙ دروازو، جيستائين ماڻهوءَ جو واسطو آهي، ته اهو جاڳ واري حالت ۾ نه ٿو کلي پر ان جا دوار سپنن ۾ کلن ٿا، ”ڊيو پرل“ (ص: 59).

(3)  هي حصو 1914ع ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ان مسئلي تي وڌيڪ ڪتابي فهرست ۽ تنقيدي بحث، ”ٽوبووولسڪا“ (Tobowolska. 1900) ۾ ملندو.

(1)  هي حصو 1914ع ۾ شامل ڪيل آهي، جيڪو ”هيولاڪ ايلس“ (Havelock Elis, 1911, 265) جي ڪيل تنقيد تان کنيل آهي.

(1)  هي حصو 1914ع ۾ شامل ڪيل آهي. ان جو ابتدائي حصو، ڪتاب ”رپبلڪ“ جي (ترجمو ٿيل 409. 1871) نائين باب ۾ آيل آهي.

(1)  هي حاشيو 1914 ۾ چند دلچسپين جي ڪري شامل ڪيو ويو هو، ته جيئن اسان پنهنجي مسئلن متعلق لاڳيتي پڇا ڳاڇا جي رجحان کان واقف ٿي سگهون. ”سيزار ڪارينا“ (Caesar Carena) جي ”الحاد ۽ ملحدن کي چٿڻ لاءِ، 13 صديءَ ۾ جوڙيل ٽريبيونل جي سلسلي ۾ لکيل مقالي:“ Tractatus de Officio Sanctissmae Inquisitionis 1631 ۾ اهڙو ٽڪرو ملي ٿو ته: ”جيڪڏهن خواب ۾ ڪو مذهبي اداري جي روايتي تعليمات، عقيدي يا سرڪاري يا مڃيل خيالن جي خلاف ڳالهائي ٿو ته احتساب ڪندڙ، سندس زندگيءَ جي ڪار وهنوار مان ڪنهن واقعي کي جاچ ۾ شامل ڪري سگهن ٿا ته اهو شخص، ڏينهن دوران ڪهڙين ڳالهين جو هيراڪ رهيو آهي ۽ ان اها عادت ڇو اختيار ڪئي آهي، جا سندس خواب ۾ ٻيهر نظر اچي ٿي.“ هي حصو ”ڊاڪٽر اهنگر جي ڪتاب: شهري ڳلي، سئزرلئنڊ“ مان منتقل ڪيو ويو آهي.

(1)  افسوس جو ڪانٽ جو اهو ڪتاب هٿ اچي نه سگهيو.

(2)  هي حصو 1914ع ۾ شامل ڪيل آهي.

(1)  خوابن ۾ سمجهڻ، فيصلي ڪرڻ ۽ دماغي صلاحيت جو عمل ۽ جذبن کي گرمائڻ يا جوش پيدا ڪرڻ جي احساس متعلق سوال تي بحث، باب ڇهين جي، حصي اٺين ۾ ڪيو ويندو ۽ خوابن لاءِ اخلاقي ذميداريءَ جي موضوع کي ٻيهر اڳتي ڇهيو ويو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org