سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: ڪيميائي سعادت-1

باب: --

صفحو :2

اها شرافت، اها ڪماليت، اها سعادت،  اها مسلماني، تڏهن ماڻهوءَ کي هٿ اچي، جڏهن هو پاڻ کي انهيءَ جو لائق ڪري. اهو ڪهڙو رستو آهي جنهن سان هڪڙو جانور بدلجي ملائڪ ٿي پوي بلڪ ملائڪ کان به مٿي وڃي؟ اها ڳاهه اهڙي آهي جهڙي  ٽامي يا لوه کي بدلائي سون ڪجي. اهو ته ڪيميا جو رستو آهي.  اهو نسخو اسان هٿ اچڻ جو ناهي پر نبين، ولين ۽ ٻين ڪاملن کي اچي ٿو ۽ اهي خاص شاگردن کي سيکارين ٿا. اهو آهي پنهنجي نفس تي غالب پوڻ ۽  خراب اخلاق يا جانورن جون  خصلتون بدلائي، چڱا اخلاق يا  روحاني ۽ نوراني خصلتون هٿ ڪرڻ. ائين ڪرڻ سان انسان ڪامل ٿيندو ۽ سعادت حاصل ٿينديس. انهيءَ ڪري امام غزاليءَ، هن ڪتاب جو نالو ڪيميائي سعادت رکيو. سعادت ڪلف، ته هيءُ انهيءَ جي ڪنجي چئبي.

        هاڻي انهيءَ رستي يا نسخي جا اصول هي آهن ته پهرين انسان کي گهرجي ته پاڻ کي سڃاڻي.  پاڻ کي سڃاڻڻ کان پوءِ هو، پنهنجي رب کي سڃاڻي سگهندو. پوءِ پنهنجي رهڻ جون جايون سڃاڻي يعني دنيا ۽ آخرت، جن ٻنهي هنڌن تي هن کي خوش رهڻو آهي. اهو ڄڻ ته هن ڪتاب جو ديباچو آهي يا منڍ، جنهن کي ”عنوان“ سڏيو اٿس. انهيءَ طرح هيءُ سارو ڪتاب ’پهريون ڀاڱو‘ رڳو عنوانن جو آهي.  خود ڪتاب  اڃا ٻيو آهي، جو مون ترجمو ڪيو آهي، پر  ڇپيو ناهي. اُنهيءَ جا به چاروڏا ڀاڱا آهن، جن  مان هر هڪ، هن ڀاڱي کان  وڏو آهي.

عنوان پهريون

        ان موجب، پهرين ضروري ڳالهه آهي پاڻ کي سڃاڻڻ يعني پنهنجو نفس يا ذات سڃاڻڻ. اها هيءَ سڃاڻپ آهي ته انسان ڪير آهي، ڪٿان آيو آهي، ڇو آيو آهي، وري ڪيڏي ويندو؟ يعني، انسان جي ذات ۽ صفات معلوم ڪرڻ ۽ انهن جا قسم ته ڪهڙيون منجهس حيواني صفتون آهن ۽ ڪهڙيون رحماني يا ملڪوتي؟ انسان، پاڻ روح آهي جنهن کي دل يا من به چوندا آهن، پر سندس جسم يا بدن خاڪي آهي. بدن ڄڻ ته هڪ ملڪ يا شهر يا قلعو آهي، جنهن جو روح، حاڪم يا بادشاهه آهي. جسم ۽ روح ٻئي مخلوق آهن پر جسم، هيٺئين عالم خلق مان آهي ۽ روح، عالم آمر مان روح به ٻه آهن – هڪڙو حيواني  ۽  ٻيو انساني. جسم ابدي ناهي پر  روح يعني انساني روح ابدي آهي، اگرچه ٻئي ازلي ناهن، جيئن مٿي چيو ويو. انهيءَ بدن جي ملڪ هلائڻ لاءِ وزير، ڪوٽوال، جاسوس وغيره عملدار آهن ۽ اُهي آهن  بدن جا جدا جدا عضوا ۽ حواس ۽ قوتون جيئن ذهن، حافظو وغيره. انهن جي مدد سان اها ملڪراني هلي ٿي. مثلن عضوا ۽ شهوت، بدن جي حفاظت لاءِ  ضروري آهن، ليڪن مغلوب هئڻ گهرجن ۽ نه غالب. انهن شين جي ڪري، جيڪي اخلاق پيدا ٿين ٿا، سي ڪي شيطاني يا خراب آهن ۽ ڪي رحماني يا چڱا. انهن جون به جدا جدا  خاصيتون آهن. ڪي جهنگلي جانورن جهڙيون، ڪي ڪُتن جهڙيون، ڪي سوئرن جهڙيون. هڪڙيون  سعادت جو سبب، ٻيون شقاوت جو. هڪڙيون گناهن  ۾ داخل ته ٻيون عبادت ۾. چڱا اخلاق، دل جو نور وڌائين ٿا ۽ خراب، دل کي ڪارو ٿا ڪن. روح، ڄڻ ته هن دنيا ۾  شڪاري آهي ۽ عضوا سندس هٿيار يا اوزار آهن، جن سان هو، شڪار ڪري ٿو ۽ بدن جي ڪم لاءِ گهربل شيون هٿ ڪري ٿو.

        روح يا دل کي وڏو لشڪر حوالي آهي،جنهن جي وسيلي هو، هڪ هنڌ ويٺي، ملڪ جو سير ٿو ڪري ۽ سڀ ڪا خبر ٿو رکي. بُت جا ظاهري حواس پنج  چون ٿا، پر دل کي سوين حواس آهن، جي باطني آهن، بلڪه هڪڙن مان ٻين جو ڪم به وٺي ٿي سگهي. انهيءَ بابت هيءُ شعر، ٻڌڻ جهڙو آهي، جو مون پارسيءَ تان ورتو آهي:

دل کي هٿ ۾ ٿيا هزارين غلام،

ٻاهر اندر اچن وڃن پيائي.

پاڻ ويٺي اچي بدن اندر،

ٿي وئي ان کي ئي اڪيلائي.

گرچه ظاهر حواس آهن پنج،

دل جا باطن ۾ پنج ٿيا ٻيائي.

روح يا دل جا ٿيا  اُهي جاسوس

سُڌ ڏين سڀ ٿا ساڻ ڇترائي.

روح ۽ دل آهي سچو ماڻهو،

ماڻهو ناهي بدن هي بالائي.

روح آهي سوار، وهٽ بدن،

ٿو هلائيس سان سچيتائي.

دل حواسن بنا ڏسي ۽ ٻُڌي،

سُنگهي، کائي پئي، هلي جائي.

ڏس! ڪنن سان پئي شراب ٿي دل،

مست ٿئي، جڏهن راڳ لون لائي.

دل پڙهي ۽ لکي اکين ڌارا،

رکي خيالي حواس اهڙائي.

جيئن اکين سان ڪري ٿو سگهجي زنا،

تيئن ڪري دل چڱائي، بڇڙائي.

ظاهري پڻ حواس مٽجن ٿا،

هڪٻين جو ٿا ڪم ڏين ڀائي.

هڪڙو بيڪار ٿئي جڏهن ٿو حواس،

ڪم وٺڻ ٻئي کان سو، ٿي سو کائي.

ٿو اکين سان ڏسي جهان هميش،

پر هٿن سان ڏسي ٿو قاصائي.

لٺ ۽ پيرن سان  ٿا ڏسن انڌا،

ٿا ڏسن دل سان پنهنجي مولائي.

تيئن ڪنن سان ٻڌي جهان هميش

۽ ڏندن سان، رکن جي ٻوڙائي.

ٿا اکين سان ٻڌي سگهن ٻوڙا،

دلسان پڻ انبيا خدا جائي.

تيئن وري جڳ، زبان سان ڳالهاءِ،

اک سان ٿي عاشق سندي وائي.

گنگا هر دم هٿن سان ڳالهائين،

ماٺ  جهڙي  نه ٻولي ٻي ڪائي.

جان وارن کي سو کو ٿيو ٻولڻ،

ناهي بيجان کي به اوکائي.

سُرمو ڏس! ڪيئن نه اک ۾ ڳالهائي،

رنگ منهن جو، اکين جي لالائي.

پڻ چکي ماڻهو ڄڀ سان سڀڪو سواد،

چکي سورن جا ساءُ سؤدائي.

ذائقو موت جو چکي هر ڪو،

دل سان چکجي مٺائي، ڪوڙائي.

جڳ هلي ٿو ٽنگن ۽  پيرن سان،

پر هنئين سان هلڻ ٿي دانائي.

روح سان عرش تائين ٿو هلجي،

اهڙي معراج ۾ هئي سولائي.

نڪ سان سُنگهجي جاءِ بوءِ بد يا چڱي،

ياد ورهين کان پوءِ اچي سائي.

پر ڪنهين جي به بوءِ اخلاقي،

دل کي رستي، ڪنن جي پڻ آئي.

        ماڻهوءَ جي اصل ذاتي  صفت ملڪوتي آهي، ٻيون صفتون سڀ عارضي ۽ عاريتي يا اُڌاريون آهن. ماڻهوءَ جي مرڻ تي،  سندس  اخلاقي جوهر، سندس روح سان گڏ، هن جهان ۾ وڃي ٿو، جيئن ڪه ملائڪن جو  حال آهي، جي فقط جوهر آهن. روح يا دل جي بزرگي ۽ شرافت، علم ۽ قوت جي ڪري آهي. علم ۽ صنعت، ظاهري توڙي باطني حواسن سان معلوم ٿي سگهن ٿا. روح جو، برابر خدا سان عالم ارواح سان واسطو رهي ٿو، تنهن ڪري انهن کي به غيب جي خبر پئجي سگهي ٿي؛ مگر اها طاقت، دل جي صفائيءَ ۽ پاڪائيءَ تي منحصر آهي. اها طاقت، عام ماڻهن کي به حاصل ٿي سگهي ٿي. صاف دل ماڻهوءَ کي، اهڙي خبر، خوابن ۾ پئجي سگهي ٿي، جڏهن جسم نڪمون آهي يا جسماني موت کان پوءِ پوي ٿي. اُنهيءَ جو سبب هيءُ ته روح يا دل ۾، عالم ارواح يا عالم ملڪوت  ڏي هڪڙي دري آهي، جا جسم جي نستائيءَ يا غير حاضري ڪري کُلي ٿي ۽ انهيءَ عالم غيب جي، ماڻهوءَ کي خبر پئجي سگهي ٿي. پر پيغمبر ۽ اولياءَ ته ڄاپندي به اهڙي طاقت رکي  سگهن ٿا. اها طاقت، ڪنهن به ماڻهوءَ کي رياضت ۽ مشقت ۽ دل جي پاڪائيءَ ۽ صفائيءَ جي ڪري حاصل ٿي سگهي ٿي،  نه فقط پيغمبرن کي، بشرطيڪ  ڪو محنت ڪري، دل جي ڪٽ يا ڪس لاهي ڇڏي ۽ انهيءَ کي آرسيءَ جهڙو صاف رکي. اها ڪٽ يا ڪس آهي نفساني خواهشن، حرس، شهوت، حسد، وغيره، انهيءَ مان سمجهڻ گهرجي ته انبيائن جي  معجزن  ۽ اوليائن جي ڪرامتن تي اعتقاد رکڻ گهرجي. انسان جي دل کي  اهڙي طاقت آهي، جو مستقل خيال ۽ پڪي يقين ۽ اردي سان معجزي يا ڪرامت جهڙا ڪم ڪري سگهي. نبوت ۽ ولايت، انسان جي اعليٰ درجن مان هڪڙو آهي. اهو ظاهري علم جو نتيجو ناهي پر باطني علم جو، جنهن کي علم لدني  يا حقيقي ٿا چون، جو پاڻهئي قدرتي طرح ٿو ملي، نه سکڻ سيکارڻ جي رستي.   ظاهري رواجي علم،  پاڻ اهڙي علم جي لاءِ روڪ يال حجاب ٿو ٿئي. دل کي هڪڙو حوض يا کوهه سمجهو، جنهن ۾ ٻاهران خراب ڪنو پاڻي وهي اچي پوي ۽ اصل واري اندر جي صاف پاڻيءَ کي ڍڪي خراب ۽ ڪڙو ڪريو ڇڏي. جڏهن اُنهيءَ ٻاهرئين ڪني پاڻيءَ جا رستا بند ڪبا، تڏهن خود حوض جو هيٺيون پاڻي نڪرندو. تنهن ڪري جڏهن دنيائي محسوسات کان  دل خالي ٿيندي، تڏهن  حجاب لهندو ۽ پوءِ اهڙو ماڻهو، ڪشف ۽ ڪرامت وارو ٿيندو، جيئن ڪن خاص صوفي بزرگن جو حال هو. ماڻهوءَ کي لذت، آرام ۽ خوشي،  انهيءَ شي يا ڪم  مان زياده ٿي اچي، جنهن لاءِ اهو  پاڻ خلقيو ويو آهي.  آزمودي سان معلوم ٿيو آهي ته جيئن ڪو ڪم چڱو ۽ نيڪيءَ ۽ احسان جو، تيئن انهيءَ مان لذت ۽ خوشي زياده ٿئي ٿي ۽ ازخود طبعي طرح، دل مان پيدا ٿي ٿئي.، اها آهي طبيعت يا سڀاءُ جيلاڙي جي قدرتي نشاني؛ ۽ خدا جي سڃاڻپ ۽ محبت سڀ کان زياده خوشي پيدا ڪندڙ آهي،تنهن ڪري سمجهڻ گهرجي ته انهيءَ ئي جي لاءِ ماڻهو پيدا ٿيو آهي. انهيءَ ساري بيان مان ظاهر آهي ته انسان، اگرچفه خاڪي قالب يا بدن وارو اهي ته به منجهس، روح، خداجي ذات جو آهي. ۽ انهيءَ روح يا دل ۾ نهايت عجيب طاقتون مخفي  رکيل آهن. خدا پنهنجي روح مان ذرو ڪڍي انهيءَ ۾ وڌو ۽ انهيءَ کي پنهنجي نموني يا صورت جو ڪيائين ۽  هن دنيا ۾ رکي، انهيءَ کي پنهنجو خليفو يا وائسراءِ مقرر ڪيائين ۽ سڀئي عالم، سندس حوالي ڪيائين. جي آسپاس وارو عالم، عالم اڪبر ٿو سڏجي ته سندس جسم، عالم اصغر آهي. جيڪي هن وڏي عالم ۾  آهن،  آسمان، زمين، ملائڪ، بهشت، دوزخ وغيره سي سڀ هن جي جسم ۾ ۽ هن جي دل ۾ موجود آهن. اهي سڀ ڳالهيون، ماڻهو ڪوشش ڪري ڳولي، معلوم ڪري ته سندس ذاتي شرافت ۽ طاقت ڇا ۾ آهي؟ اها آهي پاڻ سڃاڻڻ يا پنهنجي نفس جي معرفت ۽ اها، خدا جي معرفت جي ڪنجي آهي. ساڳئي وقت ۾ هي به ياد ڪري ته ظاهري  اسبابن ۽ جسم جي بند يا قيد ڪري هو، بيحد ضعيف ۽ بي طاقت آهي ۽ تنهنڪري هٺ ڇڏي، نماڻو ٿي رهي. انسان جي شرافت ۽ جسم يا عالم اصغر جي عجائبات ۽ روح يا دل جي اعليٰ طاقت  بابت جيڪو مضمون آهي،  سو شاعر اوحديءَ به پنهنجي مثنوي ”جام جم“ ۾ آندو آهي، جنهن جو پڻ مون، سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. هي ٽڪرا، انهيءَ مان آهن.

نه سڃاڻين ٿو  پاڻ کي آدم!

خيال ڪر،  ڌيان ڏئي ڪو هڪڙو دم!

نائب آهين خدا جو هڪڙو عجب،

ڏنو توکي خدا خليفو لقب.

 ذات حق جي جو آهين اعظم اسم،

گنج قُدسيءَ جو پڻ تون آهين طلسم

جسم تنهنجي جي جاءِ ٿي ناسوت،

روح تنهنجي جي جاءِ ٿي ملڪوت.

تنهنجو قالب خُدائي قبو آهه،

تو ڍڪيو اُن تي خاڪي جُبو آهه.

عمدو قدرت جو هڪ نمونو تون،

حق جان بيچون و بيچگو نو تون.

 تو ۾ اسرار ٿيا رکيل غيبي،

علم  و حڪمت رکين ٿو لاريبي.

بنجي عالم  صغير آئين تون،

پيدا عالم ڪبير مان ٿئين تون.

مغز ٿيئي آسمان، عرش ٿيئي هوش.

ٿيئي ملائڪ حواس ڄڻ منجهه پوش.

خَلَقَ سڀ نيڪ، ٿيا بهشت ۽ حور،

پيار، همت، سخا ڏين اوت نور.

خلق سڀ بڇڙا تنهنجا ٿيا  دوزخ،

قهر جي باهه، قهر جي پڻ يخ

اک ۽ ڪن، وات مان وهن دريا،

وار بت ۽ مٿي جا، ٿيا ٻيلا.

گردو،ٻرهل، جگر، جبل آهن،

عضوا ٻيا ماٿريون رکيل آهن.

اهڙا اسرار ڪئين اندر ٻاهر،

تو ۾ موجود ڪيا ڌڻيءَ يڪسر.

ڪرين  همت جي ۽ مٿي ڪاهين،

عرش تائين وڃين ۽ موٽي اچين.

ليس في جنتي به پاڻ چين،

۽ انا الحق جو دم  به پاڻ هڻين.

ڪڏهن عبد آهين  ڪڏهن معبود،

ڪڏهن اياز آهين ۽ ڪڏهن محمود.

اصل سجدو ڏنل ملائڪ جو،

هاڻي پڻ ثاني آهين تون هڪ جو.

لاهي سڀ ڪم، ڌڻي ٿيو واندو،

ڪم اُنهيءَ هاڻ آهي توتي رکيو.

ڪرين ڪوشش جي تون ۽ چالاڪي،

ته ڇڏين ڦاڙي پردو هي خاڪي.

وڃي اندر تون ويهين شاهه سان گڏ،

روح ٿين نج، وسارين چم ۽ هڏ.

ٻانهو سڏ جي تون بادشاهه بنين،

پُٽ چوائي، تون پيءَ جي جاءِ وٺين.

نفس ۽ عقل ٻئي رکين جي پاڪ،

پوي تنهنجي ملڪ فلڪ ۾ هاڪ.

حق ڏنا ٿئي اهي ملائڪ ٻئي،

مليا سي هت مدد جي لاءِ اٿئي.

۽ ڏنائين ٻه ديور توکي ڀي،

واءُ شهوت جو،باهه ڪاوڙ جي.

ٿيو شتر بي مهار تنهنجو تن،

سمجهه آهي مهار، جت ٿيو من.

عقل شم آهي، عقل بيداري،

نفس ننڊ آهي،  حرص انڌاري.

دل آهي ڪعبو تو ۾ بيت الله،

تخت رحمان جو اهو ئي اهه.

اها دل باقي (1)، ماس جي  فاني،

سڏ نه فانيءَ کي باقي تون جاني!

باقي دل ۾ رهي خدا جو نور،

فاني دل اهڙي، جهڙو آهي ڪپور.

شل نه دل تان ڌڪو ڪنهين کي اچي!

جو ڪري اُڀ تان، سو ڪڏهن نه بچي.

دل بنا جان، ڪهڙي ڪم جي آهه؟

جان ري جسم، تون قبر ۾ لاهه.

 

 (1) بقا واري

جسم ۽ جان کان جدائي ڪر،

دل تون هٿ آڻ، پوءِ خدائي ڪر.

حق جي راهه جو دليل (1) ٿي دل،

عشق جي باهه جو خليل ٿي دل.

دل ۾ جيڪي هجي بغير آلاهه،

ڪري ماڻهوءَ کي سو سدا گمراهه.

عنوان ٻيون

        هاڻي ٻيو، عنوان ٿا وٺون.  سمجهو ته اسان پاڻ سڃاڻڻ جو رستو معلوم ڪيو ۽ پنهنجو نفس سڃاتوسين ته پوءِ، حديث موجب: من عرف نسفه فقد عرف ربه، يعني جنهن پاڻ کي  سڃاتو، تنهن خدا کي سڃاتو. انهيءَ ڪري، دل کي خدا جي معرفت جي ڪُنجي يا آرسي چيو اٿس. ماڻهو، پنهنجي ذات مان، خدا جي ذات ۽ پنهنجي  صفات مان، خدا جي صفات معلوم ڪري ٿو  سگهي. جينئن کيس بدن جي ملڪ تي اختيار آهي، تيئن خدا کي، سڀني عالمن تي آهي. بدن تي، پنهنجي بادشاهيءَ مان، عالمن تي، خدا جي بادشاهي معلوم ڪري. جيڪي سندس دل يا روح ۾ طاقتون آهن، ڪشف و ڪرامت سميت – سي حق جي ذات ۽ قدرت جو هڪڙو ننڍڙو نمونو آهن. سمجهي ته انهيءَ کان اعليٰ قدرت، حق کي هوندي.  ڏسڻ، ٻُڌڻ، دانائي ۽ بينائي، جهڙي کيس مليل آهي، اُنهيءَ کان بيحد زياده، خدا جي آهي. پنهنجي طاقت ۽ اندر جا عجائب ڏسي ڄاڻي ته جنهن مون کي پيدا ڪيو آهي، سو زياده حڪمت ۽  قدرت وارو هوندو. پنهنجي پاڪائي مان، خدا جي پاڪائي، اعليٰ درجي جي معلوم ڪري ۽ ڄاڻي ته اُهو، بيچون بيچگون آهي. شڪل، صورت، رنگ وغيره جسماني وصفن ۽  حالتن کان هو، پاڪ ۽ نرالو آهي.جيئن  اسان جو ساهه يا روح، بدن جو  شاهه آهي ۽ اُنهيءَ ۾ مٿي کان پيرن تائين سير ڪري ٿو. تيئن خدا تعاليَ، عالمن تي حڪمراني ۽ سير ڪري ٿو. جڏهن  ماڻهو ڪو ڪم ڪرڻ گهري ٿو، تڏهن پهرين دل ۾ ارادو ڪري ٿو، پوءِ مغز يا دماغ مان  حڪم جاري ٿو ٿئي ۽ عضوا چرن ٿا ۽ رٿيل ڪم ٿئي ٿو. تيئن خدا تعاليٰ به جيڪي ڪرڻ گهريو يا گهري ٿو، تنهن لاءِ پهرين ارادو ڪري، پوءِ حڪم ٿو ڪري، ته هڪدم ٿي پوي ٿو. جيئن قرآن ۾  ’ڪُن فيڪون‘ آهي. انهن طاقتن کي چٽائي،  آسانيءَ ۽ انساني سمجهه لاءِ عرش، ڪرسي، لوح قلم وغيره جا نالا کڻي رکيا اٿن. انهيءَ طرح آسمان، زمين ۽ ٻيا سڀ عالم خلقيائين. انهن ظاهري يا باطني قوتن  کي، سولائيءَ لاءِ، ملائڪن جو کڻي نالو ڏنو اٿن، جن جي وسيلي يا اُڀاءُ سان، خدا جي حڪمن جي تعميل ٿي. اهي سڀ ظاهري اسباب آهن يعني سبب يا اڦاءُ، پر  مسبب الاسباب، خدا پاڻ آهي.  علم نجوم ۽ علم طبعي وارا  غلط ٿا ڪن، جو چون ٿا ته  تارن  يا وائن يا جبلن وغيره جي  اثرن کان، گرمي، سردي ۽ ٻيا هزارين دنيائي نتيجا ٿا نڪرن، حقيقت ڪري، اهي  سبب، انيهءَ وڏي مسبب الاسباب جا حڪم، قانون ۽ ڪم آهن. ماڻهو، انڌن  وانگي، رڳو ظاهري سبب ٿا ڏسن ۽ پنهنجي پنهنجي سمجهه جي انداز موجب خيال ٿا ڪن، جيئن انڌن ۽  هاٿيءَ جو قصو مثنويءَ ۾ آهي ماڻهن کي گهرجي ته خدا جي پاڪائي (سبحان الله) ۽ اُنهيءَ جي قدرت ۽ تعريف (الحمدالله) ۽ اونهيءَ جي وڏائي (الله اڪبر) ۽ اونهيءَ جي هيڪڙائي (لاالھ الله) جي حقيقت معلوم ڪري. اهي سڀ خدا جون صفتون، پنهنجي سمجه ۽ طاقت آهر معلوم ڪري ۽ اُن موجب، ڌڻيءَ جي تعريف ۽ بندگي ڪري. اها خدا جي معرفت، سعادت جو  وسيلو آهي. خدا جي عبادت ۽ ذڪر يا  يادگيريءَ کان، دل ۾ شوق ۽ ذوق پيدا ٿيندو. پر اهڙيءَ سڃاڻپ لاءِ ماڻهو، محدود عقل ۽ نفس جو زيردست ٿي، پنهنجن خيالن تي تعلق نه رهي. ضرور آهي ته خدا جي خاص ۽ تجربه ڪار بندن،  يعني  نبين ۽ ولين جي هدايت ۽ حڪم تي هلي، جنهن کي شريعت يا قاعدو ٿو چئجي. پنهنجن نفساني خيالن تي هلڻ ڪري اڪثر، گمراهه ٿيڻ جو خطرو آهي. اهوئي سبب آهي جو گهڻا مذهب ۽ گهڻافرقا ٿي پيا، نه ته سچ هڪڙو ئي اهي ۽ حقي مذهب به هڪڙو ئي آهي.  اسان، اُنهن جو نالو، اسلام يا  مسلماني ٺهرايو آهي، جو حضرت ابراهيم پيغمبر جو مقرر ڪيل آهي. انهيءَ ڪري، شريعت جي پابندي ضروري آهي ۽ انهن جي حدن جي نظرداري ڪرڻ گهرجي ته جيئن گناهن کان بچجي. پنهنجي نفس جي حڪم ۾ رهڻ کان، شرع جي حڪم ۾ رهڻ ۾،ز ياده سلامتي اهي.


(1)   جو ڪيميائي سعادت جو پهرئين ڀاڱي ۾ پڻ ڄاڻايل آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org