سيڪشن؛ علميات

ڪتاب: اِحياءُ علوم الدين

باب: --

صفحو :40

انھيءَ کانسواءِ اھا خبر بھ مون کي پھتي آھي تھ ھڪ دفعي حضرت عبدالرحمان بن عوف جا اٺ ميمن کان آيا. مديني منوره ۾ اوچتو شور ۽ غل مچي ويو. حضرت عائشه رضھ فرمايو تھ ھي ڇا جو گوڙ آھي؟ ماڻھن عرض ڪيو تھ حضرت عبدالرحمان بن عوف جا اٺ آيا آھن. ام المؤمنين فرمايو تھ ”الله ۽ الله جي رسول سچ فرمايو آھي“. ھيءُ لفظ وڃي عبدالرحمان بن عوف رضھ کي پھتا. ھن يڪدم اچي حضرت عائشه رضھ کان انھيءَ حديث بابت عرض ڪيو. پاڻ فرمايائون تھ مان آنحضرت ' جن کان ٻڌو آھي جو پاڻ فرمايو اٿن تھ مان جنت ۾ ڏٺو تھ مھاجرين ۽ مسلمانن منجھان جيڪي فقير ۽ مفلس آھن اھي خوب ڊوڙندا ھلندا ٿا وڃن ۽ تونگرن کي انھن سان گڏ ڪنھن کي بھ ويندي ڪو نھ ڏٺم. البتھ عبدالرحمان بن عوف انھن سان جنت ۾ ويو ٿي مگر گوڏن ڀر رڙھندو پئي ويو. حضرت عبدالرحمان اھا حديٿ ٻڌي يڪدم فرمايو تھ ھي اٺ سامان سميت سڀ خيرات آھن ۽ جيڪي ٻانھا انھن لاءِ نوڪر آھن اھي بھ مون آزاد ڪيا. ائين ڪرڻ سان شايد مان بھ فقيرن سان ڊوڙندو جنت ۾ وڃان.

ھڪ روايت ھيءَ بھ مون کي معلوم ٿي آھي تھ حضور اڪرم ' جن حضرت عبدالرحمان بن عوف رضھ کي فرمايو تھ منھنجي امت جي تونگرن منجھان تون پھريائين جنت ۾ ويندين مگر گھڻو ڪري گوڏن ڀر داخل ٿيندين.

پوءِ اي ڪم بخت! تون ھاڻي پنھنجي مال جي حجت ٻڌاءِ. حضرت عبدالرحمان بن عوف تھ باوجود فضل ۽ تقويٰ ۽ احسان ۽ خدا جي راھھ ۾ خرچ ڪرڻ ۽ رسول مجتبيٰ ' جن جي محبت ۾ رھڻ ۽ جنت جي بشارت ھوندي قيامت جي ميدانن ۽ معاملن ۾ پنھنجي مال جي سببکان جنت کان روڪجي بيھندو ۽ مال بھ اھو جيڪو حلال وجه سان ڪمايو ۽ انھيءَ مال سان ماڻھن سان تمام چڱو سلوڪ ڪيو ۽ پنھنجي تن تي درمياني طرح خرچ ڪيو ۽ الله تعاليٰ جي راھھ ۾ تمام گھڻو خرچ ڪيو تنھن ھوندي بھ جنت ۾ فقيرن ۽ مھاجرن سان گڏ ڊوڙندي نھ وڃي سگھندو بلڪھ گوڏن ڀر رڙھندو ويندو. جڏھن انھن جو ھي حال آھي تھ اسان جھڙا ماڻھو جيڪي دنيا جي ڪمن ۾ ٻڏا پيا آھيون انھن جو الائي ڪھڙو حال ٿيندو. وڌيڪ تعجب جي ڳالھھ تھ وري اھا آھي جو تون ھميشهبه واري ۽ حرام مال تي ٿو وڃي مٿان ڪرين ۽ ماڻھن سان انھيءَ ھٿن جي مير لاءِ سينھ زوري ڪندو ٿو رھين ۽ شھوتن ۾ ۽ زينت ۾ ۽ مباح شين ۽ طرحين طرھين مڪروھات ۾ ڦاٽو پيو آھين ۽ اھڙي طرح الٽ پلٽ ڪندو ٿو رھين ۽ پوءِ بھ عبدالرحمان بن عوف رضھ جي مال جي حجت ٿو ڇڪين ۽ چوين ٿو تھ اصھابن سڳورن جو مال گڏ ڪيو ھو تھ مان بھ ٿو ڪريان. گويا تون پاڻ کي ھر لحاظ کان سلف صالحين ۾ ٿو گڏائين. توکي اھو معلوم نٿو ٿئي تھ ھي ھڪ شيطاني خيال ۽ قياس آھي. ھو پنھنجي دوستن کي اھڙيون ڳالھيون خيال ۾ وجھندو آھي.

ھاڻي مان توکي تنھنجو پنھنجو حال ۽ اصحابن رضھ جو ۽ سلف صالحين جو ٿو ٻڌايان تھ توکي پنھنجي فضيحت (برائي) ۽ اصحابن ۽ سلف صالحين جي فضيلت معلوم ٿي وڃي. پوءِ توکي ڄاڻڻ گھرجي تھ ڪن اصحابن وٽ جو مال ھيو اھو مال ٻين جو محتاج نھ ٿيڻ ۽ خدا تعاليٰ جي راھھ ۾ خرچ ڪرڻ جي نيت سان ھيو. انھن ماڻھن حلال وجھھ جو ڪمايو ۽ پاڪ ۽ طيب مال منجھان کاڌو ۽ درمياني درجي خرچ ڪندا رھيا.

ھاڻي مان توکي تنھنجو پنھنجو حال ۽ اصحابن رضھ جو ۽ سلف صالحين جو ٿو ٻڌايان تھ توکي پنھنجي فضيحت (برائي) ۽ اصحابن ۽ سلف صالحين جي فضيلت معلوم ٿي وڃي. پوءِ توکي ڄاڻڻ گھرجي تھ ڪن اصحابن وٽ جو مال ھيو اھو مال ٻين جو محتاج نھ ٿيڻ ۽ خدا تعاليٰ جي راھھ ۾ خرچ ڪرڻ جي نيت سان ھيو. انھن ماڻھن حلال وجه جو ڪمايو ۽ پاڪ ۽ طيب مال منجھان کاڌو ۽ درمياني درجي خرچ ڪندا رھيا. اڳتي جي لاءِ پنھنجو سامان ڪري ڇڏيائون ۽ دنيا ۾ ڪنھن جو بھ حق نھ ماريائون ۽ نھ وري مال سان بخل ڪيائون. بلڪھ پنھنجي مال جو وڏو حصو خدا جي واسطي ڏئي ڇڏيائون ۽ ڪن اصحابن تھ ساري جو سارو مال خدا جي راھھ ۾ ڏئي ڇڏيو. گھڻو ڪري سختيءَ جي وقت خدا واسي جي ڪم کي پنھنجي نفس تي ترجيح ڏيندا ھئا. ھاڻي مان توکان ٿو پڇان تھ ڇا تون بھ اھڙو ئي آھين. نھ تون اھڙو ڪيئن ٿو ٿي سگھين؟ چھ نسبت خاک را يا عالم پاک.

انھيءَ کانسواءِ بھترين اصحابن رضي الله عنھم جي اھو دستور ھوندو ھو تھ غريب دوست. فقر جي خوف کان بيوخف، رزق لاءِ محض الله تعاليٰ تي توڪل ڪندڙ، تقدير الاھي تي خوش، بلا يعني مصيبت تي راضي، نعمت تي شاڪر، ضرر تي صابر، راحت ۾ ثنا خوان، خدا جي واسطي تواضع ڪرڻ وارا، وڏائي ۽ فخر کان الڳ رھڻ وارا سواءِ مباح جي ٻيو ڪجھھ نھ واپرائڻ وارا. حاجت جي مقدار تي راضي رھڻ وارا ھوندا ھئا. دنيا کي انھن لت ھڻي ڇڏي ھئي. ان جي مصائب تي صبر ڪندا ھئا ۽ ان جي نعمتن کي زھر مار سمجھي ترڪ ڪندا ھئا. ھاڻي بڌاءِ تون بھ انھن جھڙو آھين؟ انھيءَ کانسواءِ ھنن جو دستور ھو تھ جڏھن بھ دنيا انھن وٽ ايندي ھئي تھ رنج ۽ غم ڪري چوندا ھئا تھ معلوم ٿو ٿئي تھ ڪنھن گناھھ جو عزاب خدا تعاليٰ دنيا ۾ ئي موڪلي ڏنو آھي يعني دنيا جي اچڻ کي وبال ڪري سمجھندا ھئا. جڏھن فقر يعني غربت يا ناداريءَ کي ايندي ڏسندا ھئا تھ چوندا ھئا تھ چڱو ٿيو ھي نيڪ بندن جي نشاني اسان کي عنايت ٿي آھي. ھڪ روايت آھي تھ سلف صالحين منجھان ھڪڙو بزرگ جڏھن صبح جو پنھنجي گھر ۾ ڪجھھ موجود ڏسندو ھو تھ ڏاڍو غمگين ٿيندو ھو ۽ جڏھن ڪجھھ بھ نھ ڏسندو ھو تھ ڏاڍو ھشاش بشاش ٿيندو ھو. ڪنھن ان کان پڇيو تھ خلق جو نھ اھو حال آھي تھ نھ ھجڻ جي صورت ۾ غم ۽ ھجڻ جي صورت ۾ خوشي ٿا ڪن مگر تنھنجو حال انھيءَ جي صفا ابتڙ ٿو ڏسجي سو ڇو. ھن وراڻي ڏني تھ انھيءَ جو سبب ھي آھي تھ جڏھن صبح جو اٿي ڏسان ٿو تھ منھنجي ٻارن ٻچن وٽ ڪجھھ بھ ڪونھي تھ مان خوش ٿو ٿيان تھ اڄ رسول الله ' جي سنت نصيب ٿي آھي ۽ جڏھن پنھنجن ٻارن ٻچن کي ڪجھھ ھوندو آھي تھ مون کي ڏاڍو رنج ٿيندو آھي تھ اڄ رسول ڪريم ' جي پيروي نصيب نھ ٿي آھي.

اھو پڻ ٻڌڻ ۾ ٿو اچي تھ انھن ماڻھن جو اھو دستور ھو تھ جڏھن انھن کي ڪائي صورت رزق جي ڪشادگي يا فراخي جي ۽ آسائش آرام جي معلوم ٿيندي ھئي تھ غم ۽ خوف ۾ ڀرجي ويندا ھئا ۽ چوندا ھئا تھ دنيا سان اسان جو ڪھڙو واسطو. ھيءُ جو اسان وٽ اچي ڪڙڪي آھي سو نھ معلوم تھ خدا تعاليٰ کي الائي ڇا منظور آھي. جڏھن وري انھن تي ڪا مصيبت ايندي ھئي تھ خوشي ڪندا ھئا تھ ھاڻي خدا تعاليٰ اسان جي سار لڌي آھي.

مطلب تھ سلف صالحين جو حال ھن قسم جو ھو ۽ اسان تمام ٿورو لکي سگھيا آھيون. انھن جا فصائل بيحد ۽ بيشمار آھن. توھان تھ ھاڻي ٻڌايو تھ توھان بھ اھڙ ئي آھيو جھڙا ھو اڳيان ٿي گذريا آھن. معاذ الله! توھان ڪيئن ٿا انھن جھڙا ٿي سگھو. اوھان پنھنجي حال تي نظر ڪندؤ تھ انھن جي حال جي بلڪل برعڪس آھي. توھان جو حال اھو آھي جو تونگري ۾ سرڪشي ٿا ڪريو. سھانگائي ٧ ڦڙتائي ٿا ڪريو. خوشحالي جي وقت ٽانءِ ۾ ڀرجي ٿا وڃو ۽ منعم حقيقي جي شڪر ڪرڻ کان عاقل ٿي ٿا وڃو. مصيبت جي وقت اوھان کي غصو ٿو اچي. مفلسيءَ ۾ نااميد ٿي ٿا وڃو. الله تعاليٰ جي حڪمن تي راضي نٿا رھو. فقيريءَ کي برو ٿا سمجھو ۽ غربت کان عار ٿا ڪريو. حالانڪھ فقيري ۽ غربت تي سڀ رسول ۽ پيغمبر عليھم السلام فخر ڪندا ھئا. توھان کي انھن جي فخر واري شيءِ پري ٿي لڳي. ناداريءَ جي خوف کان مال گڏ ٿا ڪريو. ھن ۾ اوھان جي خدا تعاليٰ تي بدگماني ثابت ٿي ٿئي ۽ ھن جيڪو روزي پھچائڻ جو وعدو ڪيو آھي انھيءَ تي اوھان جو ٿورو يقين ٿو ظاھر ٿئي. ھي ڪو ٿورو گناھھ آھي ڇا. بلڪھ اسان کي تھ ائين ٿو معلوم ٿئي تھ توھان مال انھيءَ ڪري ٿا گڏ ڪيو تھ دنيا جون لذتون ۽ شھوتون ۽ طمطراق اوھان کي حاصل ٿين. حالانڪھ حديث ۾ آيو آھي تھ آنحضرت ' جن فرمايو تھ ”منھنجي امت منجھان بُرا اھي آھن جن نعمتن ۾ پرورش پاتي ۽ انھن تي ئي ھنن جا جسم وڌيا ۽ اسريا.“

ھيءَ بھ روايت پھتي آھي تھ ڪن عالمن ھن طرح ارشاد فرمايو آھي تھ قيامت جي ڏينھن ڪيترا ماڻھو پنھنجون نيڪيون طلب ڪندا. ھنن کي چيو ويندو تھ ”اذھبتم طيبٰتِکم في حيا تِکم النيا واستمتعتم بِھا (چئبن تھ) پنھنجون نعمتون پنھنجي دنيا جي حياتيءَ ۾ وٺي چڪو ۽ ان سان آسودا رھيو)“ يعني اوھان کي اھا خبر ئي ڪانھي تھ دنيا جي نعمتن جي سبب آخرت جي نعمتن کان اوھان محروم رھجي ويا. انھيءَ کان وڌيڪ ڪھڙي مصيبت ۽ حسرت ھوندي.

انھيءَ ۾ عجب ناھي تھ اوھان فخر، تڪبر، گھڻائيءَ جي اظھار ڪرڻ ۽ دنياوي زيب زينت لاءِ ٿا دولت ڪٺي ڪريو. حالانڪھ حديث شريف ۾ اچي چڪو آھي تھ جيڪو مال تفاخر (ھڪٻئي ۾ فخر ڪرڻ) ۽ تڪاثر (ھڪ ٻئي تي گھڻائي جتائڻ) لاءِ ٿو جمع ڪري اھو خدا تعاليٰ وٽ اھڙي حال ۾ ٿو وڃي جو خدا تعاليٰ ھن تي ڏمريل ھوندو آھي. مگر اوھان کي خدا تعاليٰ جي غصي جي ڪا پرواھھ ڪانھي جو اوھان مال تي ايتري اڪثر ڦون ٿا ڪريو. شايد خدا تعاليٰ وٽ وڃڻ کان اوھان کي ھن دنيا ۾ رھڻ وڌيڪ پسند ٿو اچي. انھيءَ ڪري ديدار الاھيءَ کي برو ڪري ٿا ليکيو. حالانڪھ خدا تعاليٰ خود اوھان جي صورت کان ناراض آھي ۽ اوھان کي انھيءَ جي خبر ئي ڪا نھ ٿي پوي. دنيا جي جيڪڏھن ڪا شيءِ فوت ٿي ٿئي وڃي تھ توھان ان تي رنج ٿا ڪريو ۽ حديث شريف ۾ وارد آھي تھ ”جيڪو دنيا جي ڪنھن شيءِ جي فوت ٿي وڃن تھ ارمان يا افسوس ٿو ڪري، اھو باھھ کي ھ سال جي راھھ جيترو ويجھو ٿي ٿو وڃي.“ مگر توھان کي انھيءَ جي پرواھھ ڪانھي تھ ھن شيءِ تي افسوس ڪرڻ کان اوھان عذاب جي ويجھو ٿا ٿيو. بلڪھ ڪھڙو عجب آھي جو دنيا جي توقير جي سببان ڪڏھن اوھان دين کان ئي خارج ٿي وڃو. دنيا جي اچڻ تي ھشاش بشاش ٿا ٿيو. اوھان کي اھا خبر ڪا نھ ٿي پوي تھ حديث شريف ۾ فرمايو ويو آھي تھ ”جيڪو دنيا کي پيارو ٿو رکي ۽ ان تي خوشي ٿو ڪري انھيءَ جي قلب منجھان آخرت جو خوف نڪري ٿو وڃي.“

ڪن عالمن جو قول آھي تھ دنياوي شين جي وڃڻ تي افسوس ڪرڻ کان ۽ انھن جي اچڻ تي خوشي جي اظھار ڪرڻ کان ماڻھوءَ کان حساب ورتو ويندو. توھان جي دل منجھان خدا جو خوف ھليو ويو آھي. دنيا تي ڪيترا نٿا خوش ٿيو. دنيا لاءِ دين جي مقابلي ۾ گھڻي مشقت ٿا برداشت ڪريو. اھا ڳالھھ پڻ سمجھھ کان ٻاھر ناھي تھ گناھن جي مصيبت اوھان کي ھلڪي ٿي نظر اچي ۽ دنيا جو گھٽ ٿيڻ ڏاڍو ڳرو ٿو لڳي. اوھان کي مال جي وڃڻ جو خوف گھڻو ٿو رھي ۽ گناھن جي ٿيڻ جو خوف تمام ٿورو آھي.

جيڪي ڪجھھ پنبھنجي ھٿن جي مير يعني دنيا منجھان ماڻھن کي ڏيو ٿا اھو بھ عزت جي بلندي ۽ بھتري لاءِ ٿا ڏيو. اوھان جي نيت آھي تھ مخلوق راضي رھي ۽ اسان جي تعظيم ۽ تڪريم ڪري توڙي خدا تعاليٰ ناراض بھ کڻي ٿئي. يعني خدا تعاليٰ جو اوھان کي قيامت جي ڏينھن حقير سمجھڻ اوھان کي سولو ٿو لڳي مگر انھيءَ جي مقابلي ۾ ھتي دنيا ۾ ماڻھن جو اوھان کي حقير سمجھڻ ڏاڍو ڳرو ۽ ڏکيو ٿو لڳي. اوھان پنھنجون خطائون ماڻھن کان لڪايو ٿا مگر انھيءَ ڳالھھ جي اوھان کي ڪا پرواھھ ڪانھي تھ اھي خطائون ڌڻي تعاليٰ خوب ٿو ڄاڻي. گويا خدا تعاليٰ جي اڳيان رسوا ٿيڻ، ماڻھن جي اڳيان رسوا ٿيڻ، کان ڏاڍو اوھان کي سولو ٿو لڳي. مطلب تھ ماڻھن جو قدر خدا تعاليٰ جي قدر کان اوھان کي وڌيڪ ٿو نظر اچي (معاذ الله عنھا).

جڏھن ايتري قدر عيب توھان ۾ آھن ۽ ايترين خيانتن ۾ مليل آھيو تھ پوءِ ڪھڙي منھن سان ٿا عاقلن جي سامھون ڳالھايو ۽ اھا دعويٰ ڪريو تھ اسان جو مال بھ سلف صالحين جي مال جھڙو آھي. الله، الله - مصرع،

مگس را پر طائوسي نھ زايند – زغن رافر عنقائي نھ دادند

يعني مک کي مور وارا پر نٿا ڄمي سگھن ۽ ھل کي عنقا وارو شان شوڪت نھ ڏنو ويو آھي. توھان ڪٿي ۽ اھي اصحاب سڳورا ڪٿي! اھي ھلال رزق ۾ ئي ايتري پرھيزگاري ڪندا ھئا جيڪا اوھان کان حرام جي لاءِ نھ ٿي ٿئي سگھي!! جيڪا شيءِ اوھان کي بلڪل بي ضرر ۽ نقصان کان خالي ٿي نظر اچي اھا انھن وٽ ھڪ وڏي ھلاڪ ڪرڻ واري شيءِ ھئي. انھن کان جيڪڏھن ڪو صغيره گناھھ بھ ٿيندو ھو تھ انھيءَ کي ايترو برو سمجھندا ھئا جيترو اوھان ڪبيره گناھھ کي بھ نھ ٿا سمجھو. جيڪڏھن اوھان جو اڄوڪو حلال مال انھن جي شبه واري مال جي برابر ھجي ھا تھ تڏھن بھ ڪھڙي ڳالھھ ڪجي! ڪاش اوھان پنھنجن براين کان ايترو ڊڄو ھا جيترو ھو پنھنجن ڀلاين جي قبول نھ پوڻ کان ڊڄندا ھئا! يا اوھان جو روزو جيڪر انھن جي افطار جي برابر ئي ھجي ھا! يا اوھان جي عبادت واري مشقت جيڪر انھن جي سستي ۽ ننڊ بربر ھجي ھا! يا توھان جون سڀئي نيڪيون جيڪر انھن جي ھڪ نيڪيءَ جي ئي برابر ھجن ھا!

ھڪڙي روايت آھي تھ ڪن اصحابن رضي الله عنھما فرمايو آھي تھ جيتري قدر دنيا صديقن کان فوت ٿئي ٿي وڃي ۽ انھن کان الڳ ٿي رھي اوتري قدر انھن جي حق ۾ غنيمت شمار ڪئي ٿي وڃي. پوءِ جيڪو شخص ھن حالت ۾ ناھي اھي انھن جو ساٿي نھ دنيا ۾ ٿئي ٿو سگھي نھ آخرت ۾.

ھاڻي ڏسڻ گھرجي تھ ٻنھي فريقن ۾ ڪيڏو نھ فرق آھي. ھڪڙو فريق اھو آھي جنھن ۾ اھي اصحاب رضھ آھن جيڪي الله تعاليٰ وٽ اعليٰ رتبو ٿا رکن ۽ ٻيو فريق توھان جھڙن جو آھي جيڪو اسفل درجو ٿو رکي سواءِ انھيءَ جي جنھن جو الله تعاليٰ پنھنجي فضل ۽ ڪرم سان رتبو اعليٰ ڪري.

ھاڻي اسان اھا ڳالھھ ٿا ڪريون تھ اي مغرور! ھي جو تون چوين ٿو تھ مال گڏ ڪرڻ منجھان منھنجي مراد اصحابن سڳورن جي پيروي ڪرڻ جي آھي جيئن مون کي ڪا سوال ڪرڻ جي حاجت نھ پوي ۽ خدا جي راھھ ۾ ڪجھھ ڏئي سگھان تھ توکي سوچڻ گھرجي تھ جيترو حلال رزق انھيءَ زماني ۾ ميسر ھيو اوترو ھن زماني ۾ بھ ٿي سگھي ٿو يا نھ يا جيترو احتياط حلال رزق حاصل ڪرڻ ۾ اڳيان ڪندا ھئا اوتري قدر توکان بھ ٿي سگھي ٿو يا نھ. مون کي تھ ڪن اصحابن رضھ جو قول ھن طرح پھتو آھي تھ انھن سڳورن ' فرمايو آھي تھ حلال سبب جا ستر رستا تھ اسان انھيءَ ڪري ترڪ ڪري ڇڏيا آھن تھ متان انھن منجھان ڪنھن رستي سان حرام ۾ نھ وڃي پئون پوءِ ٻڌاءِ تھ تون بھ پنھنجي نفس کان اھڙي قسم جي احتياط جي اميد رکي سگھين ٿو يا نھ. خدا ٿو ڄاڻي تھ مون کي تو ۾ اھا اميد اصلي ڪا نھ ٿي ٿئي سگھي تھ تون ڪو ايترو احتياط ڪري سگھندين. اھا ڳالھھ ياد رکي ڇڏ تھ مال جو جمع ڪرڻ سلوڪ ۽ نيڪ افعالن لاءِ شيطان جو ھڪ وڏو فريب آھي تھ انھيءَ نيڪيءَ جي بھاني سان توکي شبشڪ وارين شين جي ڪمائڻ ۾ رڌائي ڇڏي جن ۾ حرام مخلوط يا مليل آھي.

ھڪ حديث شريف ۾ آيو آھي تھ جيڪو شخص مشڪوڪ ڳالھين جي ويجھو ٿو وڃي اھو انھيءَ ڳالھھ جي قريب آھي تھ وڃي حرام منجھھ پوي. اي مغرور توکي اھو معلوم ناھي تھ شڪ وارين شين جي رستي ڪمائي خدا جي راھھ ۾ ڏيڻ کان اھو بھتر آھي تھ تون شڪ ۾ مبتلا ٿيڻ کان ھميشه ڊڄندو رھين تان جو خداوند ڪريم وٽ تنھنجو قدر ۽ رتبو افضل ۽ بلند ٿئي. علماء جو قول آھي تھ جيڪڏھن ھڪ ماڻھو ھڪ رپيو ڇڏي ڏي انھيءَ ڪري جو شايد حال نھ ھجي تھ ھيءَ ڳالھھ ھن جي حق ۾ بنسبت ھزار اشرفين جي خيرات ڪرڻ جي بھتر آھي جيڪي شبه جي ڪمائي منجھان ھجن ۽ پڪي طرح معلوم نھ ھجي تھ اھي حلال آھن يا حرام.

ھاڻي جيڪڏھن توکي گمان ۾ اھا ڳالھھ ھجي تھ مان ھڪ وڏو متقي آھيان. مون کي شيطان دوکو نٿو ڏئي سگھي ۽ مان شبھات ۾ مبتلا ٿي نٿو سگھان ۽ مال فقط حلال وجه سان ٿعو گڏ ڪريان انھيءَ لاءِ تھ خدا جي راھھ ۾ خرچ ڪريان تھ اسان ٿا چئون تھ بالغرض جيڪڏھن تون اھڙو ئي متقي آھين مگر تھن بھ توکي قيامت جو حساب پنھنجي مٿي تي نھ کڻڻ گھرجي ڇاڪاڻ تھ بھترين اصحاب سڳورا قيامت جي سوال کان تمام گھڻو ڊڄندا ھئا جھڙي طرح ڪھن اصحاب رضھ کان منقول آھي تھ انھن فرمايو تھ جيڪڏھن مان ھزار اشرفيون حلال جون ڪمايان ۽ انھن کي خدا جي راھھ ۾ لٽايان ۽ انھيءَ خيرات ڪرڻ سان منھنجي جماعت سان نماز پڙھڻ ۾ بھ فتور نھ پوي تھ تڏھن بھ اھڙي خيرات مون کي چڱي معلوم نٿي ٿئي. ماڻھن انھيءَ جو سبب پڇين تھ پاڻ فرمايائون تھ حالت ناداريءَ ۾ مان چاھيان ٿو تھ قيامت جي سوال کان غني ٿي وڃان. دولتمند کان قيايمت جي ڏينھن حساب ڪتاب ٿيندو تھ اي بندا! تو ڪٿان ڪمايو ۽ ڪيئن خرچ ڪيو.

پوءِ ڏس تھ متقي اھي شخص ھئا، اسلام جي دولت جي ھنن کي اھڙي تونگري حاصل ھئي جو باوجود ھن زماني ۾ انھن کي حلال سبب موجود ھو تڏھن بھ حساب جي خوف کان مال کي ترڪ ڪري ڇڏيائون تھ متان انھيءَ نيڪيءَ منجھان ڪا بدي نھ پيدا ٿي پوي ۽ تون تھ ردي ۽ نڪمن ماڻھن منجھان آھين. ڪمائڻ جو حلال سبب ھن دنيا ۾ نا پيد آھي. انھيءَ ھٿ جي مير (يعني دولت) لاءِ تون سينھ زوري ڪندو ٿو وتين. پوءِ بھ ٿو دعويٰ ڪرين تھ مان مال حلال ڪمائيءَ سان ٿو گڏ ڪريان. حقيقت ۾ حلال آھي ڪٿي جيڪو تون گڏ ٿو ڪرين. فرض ڪريو تھ حلال ئي حلال تو وٽ آھي. تنھن ھوندي توکي ڇا اھو خوف ڪونھي تھ تونگري ۾ تنھنجي حالت ڇا منجھان ڇا ٿي پوي. ڪن اصحابن کي ورثي ۾ ڪجھھ مال ملندو ھو تھ نھ وٺندا ھئا انھيءَ خوف کان تھ متان دل ۾ تغير يا فساد نھ اچي وڃي. ڇا، تون پنھنجي دل کي اصحابن سڳورن کان بھ وڌيڪ متقي ٿو سمجھين تھ ڪنھن بھ ڳالھھ ۾ حق جي حد کان ٻاھر نھ نڪرندين. جيڪڏھن توکي ھي گمان آھي تھ تون نھنجي نفس اماره لاءِ چڱو حسن ظن (يعني سھڻو گمان) ٿو رکين.

اسان رڳو نصيحت طور توکي چئون ٿا تھ توکي حاجت جي مقدار تي قناعت ڪرڻ گھرجي ۽ خير جي ڪمن لاءِ مال گڏ ڪري توکي پاڻ کي حساب ڪتاب ۾ ڦاسائڻ نھ گھرجي. حديٿ شريف ۾ بھ آيو آھي تھ ”جيڪو حساب ۾ ڦاسايو ويندو انھيءَ لاءِ بھ عذاب آھي“ ۽ ھي پڻ فرمايو اٿن تھ قيامت جي ڏينھن ھڪڙو ماڻھو پيش ڪيو ويندو جنھن حرام جو مال گڏ ڪيو ھوندو ۽ حرام ۾ ئي خرچ ڪيو ھوندو. ھن  لاءِ حڪم ٿيندو تھ ھن کي دوزخ ڏي وٺي وڃو. ٻيو شخص اھڙو ايندو جنھن مال ڪمايو تھ حلال جو ھوندو مگر خرچ حرام تي ڪيو ھوندائين. انھيءَ لاءِ بھ دوزخ جو حڪم ٿيندو. ٽيون شخص ايندو جنھن مال ڪمايو حرام جو ھوندو مگر خرچ حلال ۾ ڪيو ھوندائين. انھيءَ کي بھ دوزخ ۾ وڌو ويندو. چوٿون شخص اھڙو حاضر ڪيو ويندو جنھن ڪمايو تھ حلال سان ھوندو ۽ خرچ بھ حلال ۾ ڪيو ھوندو ان کي حڪم ٿيندو تھ ڪجھھ ترس. تو شايد مال جي طلب ڪرڻ ۾ ڪنھن ٻئي فرض ۾ ڪوتاھي ڪئي ھوندي. مثلا تو نماز ٺيڪ وقت تي ادا نھ ڪئي ھوندي يا انھيءَ جي رڪوع، سجود ۽ وضو وغيره ۾ ڪا ڪمي ڪئي ھوندي. ھو عرض ڪندو تھ منھنجا سائين مان حلال سبب سان ڪمايو ۽ حلال ڪمن ۾ خرچ ڪيم ۽ مون کان فرضن جي ادا ڪرڻ ۾ بھ ڪا گھٽتائي ڪا نھ ٿي آھي. حڪم ٿيندس تھ مال جي اثر ھيٺ تو متان تڪبر ڪيو ھجي يا سواري يا پوشاڪ وغيره ۾ فخر ڪيو ھجي. ھو عرض ڪندو تھ سائين! مان تھ نڪو تڪبر ڪيو نڪو فخر ڪيو. حڪم ٿيندس تھ ڀلا جن ماڻھن جو اسان توتي حق مرر ڪيو ھو متان تو انھن کي اھو نھ پھچايو ھجي ۽ دٻائي ڇڏيو ھجي ۽ مٽن مائٽن، عزيز خويشن ۽ يتيمن، مسڪينن ۽ مسافرن وغيره کي ڪجھھ نھ ڏنو ھجي. ھو عرض ڪندو تھ يا موليٰ! مان تھ حلال ۾ خرچ ڪيو. فرضن ۾ ڪوتاھي ڪا نھ ڪئي. تڪبر ۽ فخر کان خالي رھيس ۽ ڪنھن جو بھ حق ڪو نھ دٻايو اٿم. تڏھن بھ حڪم ٿيندس تھ ترس. جيڪي بھ نعمتون کائڻ جون پيئڻ جون عيش جون لذت جون توکي عنايت ڪيون ويون ھيون تن جو شڪريو پيش ڪر (يعني ثابت ڪر تھ تو انھن جو شڪريو بھ ادا ڪيو ھو). اھڙيءَ طرح پڇاڻو پيو ھلندو. ھاڻي اسان پڇون ٿا تھ جڏھن ھڪ حلال سبب سان ڪمائڻ واري، حلال سبب ۾ خرچ ڪرڻ واري ۽ سڀ فرض ۽ حق باخوبي ادا ڪرڻ واري کان ھن قسم جو حساب ورتو ويندو تھ اسان جھڙن ماڻھن جو ڪھڙو حال ٿيندو جيڪي ھمھ تن دنيا جي فتنن ۽ انھن جي شبھن ۽ زيب زينت ۽ شھرتن ۾ ٻڏا پيا آھيون.

اي ڪمبخت! انھن سوالن جي ڪري ئي متقي، دنيا ۾ آلوده نھ ٿيندا آھن ۽ ضروري مقدار تي راضي رھي قسمين قسمين نيڪ اعمال، مال جي ڪمائڻ کان بھتر ڪندا رھندا آھن. تنھنجي لاءِ انھن جا مٿال بھ موجود آھن. توکي جڳائي تھ انھن جي پيروي ڪرين. جيڪڏھن توکي ھيءَ ڳالھھ منظور ناھي ۽ توکي کڻي ھي خيال ھجي تھ مان سڀ کان وڌيڪ متقي آھيان ۽ پنھنجي دانست يا سمجھھ موجب مال بھ حلال وجه سان ڪمايو اٿم انھيءَ غرض سان تھ ڪنھن جو محتاج نھ ٿيان ۽ خدا جي راھھ ۾ خرچ ڪريان ۽ خرچ ڪرڻ ۾ ڪنھن جو حق بھ مون تي رھجي ڪو نھ ٿو وڃي ۽ مال جي سببان دل ۾ ڪنھن قسم جو تغير بھ نٿو اچي ۽ سڀ ڪجھھ خدا تعاليٰ جي مرضي مطابق ٿو ڪريان ۽ خداوند ڪريم منھنجي ظاھر باطن کان ناراض بھ ناھي تھ اھي ڳالھيون يڪدم تو منجھھ موجود ھئڻ ممڪن ناھن. تنھنڪري بھتر آھي تون فقط مال جي نھايت ضروري ۽ واجبي مقدار تي ڪفايت ڪرين ۽ مالدارن کان جيڪي قيامت جي ڏينھن سوال ڪيا ويندا انھن کان آزاد رھين ۽ پھرين ئي قافلي سان گڏ حضرت محمد مصطفيٰ ' جي جماعت ۾ داخل ٿي وڃين. مال جي سببان تھ توکي ڪا جھل پل ٿئي. نھ توکي ڪنھن سوال جي نوبت پھچي ۽ نھ ڪو حساب ڪتاب ڏيڻو پوي.

ياد رکن گھرجي تھ حساب ڪتاب جي معاملي ۾ يا تھ نجات آھي يا آفتون آھن. حضور ' جن بھ صاف صاف فرمايو آھي تھ فقير مھاجر جنت ۾ دولتمندن ۽ مالدارن کان پنج سؤ ورھيھ اڳي ويندا. ٻي حديث شريف ۾ آھي تھ فقير مؤمن جنت ۾ مالدارن کان اڳ ۾ داخل ٿي کائيندا پيئندا ۽ مزا ماڻيندا ۽ مالدارن جو اھو حال ھوندو جو گوڏن تي ويٺا ھوندا ۽ ال تعاليٰ انھن کي ارشآد فرمائيندو تھ منھنجو مطالبو اوھان کان فقط اھو آھي تھ اوھان ماڻھن جا حاڪم ۽ بادشاھھ ھيا. ٻڌايو تھ جيڪي مون اوھان تي عنايت ڪيو انھيءَ سان اوھان ڇا ڇا ڪيو. ھڪڙي عالم جو قول آھي تھ جيڪڏھن مون وٽ عمدو عمدو چوپايو مال ھجي مگر جيڪڏھن مان حضور اڪرم ' سان ۽ ان جي جماعت سان پھرين قافلي ۾ شامل ۽ شريڪ نھ ٿيان تھ اھڙو مال مون کي چڱو نٿو لڳي.

ڀائرو! اھڙي ڳالھھ جي ڪوشش ڪريو جنھن ۾ ھلڪا ڦلڪا ٿي انبياءِ عليھم السلام جي زمره يا ٽولي ۾ داخل ٿي وڃو ۽ انھيءَ ڳالھھ کان متقين وانگر ڊڄندا رھو تھ متان حضور ' جن کان جدا ٿي پٺتي رھجيوڃو. مون کي ھيءَ روايت بھ پھتي آھي تھ اصحابن منجھان ھڪڙي اصحابيءَ کي اڃ لڳي. پاڻ پاڻي گھريائون. ماڻھو ھن لاءِ ماکيءَ جو شربت کڻي آيا. جھن پاڻ اھو چکيائون تھ روئيندي روئيندي ھڏڪين ۾ پئجي ويا. پاڻ بھ رنا ۽ جيڪي حاضر ھئا اھي بھ رنا ٿوري دير کانپوءِ ڳوڙھا اگھيائون ۽ ڪوشش ڪيائون تھ ڪجھھ ڳالھايون تھ وري روئڻ شروع ٿي ويو. جڏھن ڪافي روئي جيڪا تھ ماڻھن عرض ڪيو تھ ڇا اوھان ھن شربت جي ڪري يا ايتري قدر روئو، وراڻي ڏناون تھ ھائو. ھڪ ڏينھن مان حضرت سرور ڪائنات ' جن جي خدمت ۾ حاضر ھوس. مون کان سواءِ حجري ۾ ٻيو ڪو بھ حضور ' جن وٽ ڪو نھ ھو. اوچتو حضور ' جن فرمائڻ شروع ڪيو تھ ”مون کان پري ٿي وڃ.“ مان عرض ڪيو تھ منھنجو ماءُ ۽ پيءُ توھان تان قربان ھجن. مان تھ ٻيو اوھان جي سامھون ڪوئي ڪو نھ ٿو ڏسان. اوھان ڪنھن کي ٿا خطاب ڪرن فرمايو. پاڻ فرمايائون تھ ”دنيا ھن وقت منھنجي اڳيان گردن ۽ مٿو مٿي ڪري مون کي پئي چيو تھ مون کي وٺو. مان ھن کي جواب ڏنو تھ مون کان الڳ ٿي. ھن جواب ڏنو تھ اي محمد '! جيڪڏھن توھان من کان بچي ويندو تھ اوھان کان بعد واا ماڻھو مون کان بچي نھ سگھندا“ مون کي ھاڻي اھو خوف اچي طاري ٿيو آھي تھ ھن شربت پي؟ڻ سان متان مان حضور ' جن کان الڳ نھ ٿي وڃان.

ڀائرو! خدا تعاليٰ جا برگزيده بندا ھي ھئا. انھن کي تھ اھو خوف ھوندو ھو تھ متان حلال شربت واپرائڻ بھ اسان کي حضور ' جن جي خدمت يا برڪت کان الڳ نھ ڪري ڇڏي. اي ڪم بخت! تون تھ قسمين قسمين نعمتون ٿو ماڻين ۽ ڪيترين شھوتن ۾ مبتلا آھن تنھنجي ڪمائي بھ حرمت جي شڪ کان خالي ناھي. انھيءَ ھوندي بھ توکي انھيءَ حبيب پاڪ ' کان علحدگيءَ جو ڪو بھ خوف خطرو ڪونھي. حيف آھي تنھنجي حال تي! ڪيڏو نھ جاھل آھين! ياد رک! جيڪڏھن قيامت ۾ تون سرور ڪائنات ' جن کان پٺتي رھجي وئين تھ اھي ھولناڪ ۽ دھشتناڪ منظر ڏسندين جن کان فرشتا ۽ انبياءِ بھ فرياد فرياد ڪندا رھندا ۽ ھن وقت جيڪڏھن تون ڪوشش ۾ قصور ڪندين تھ پوءِ انھن سان ملڻ مشڪل آھي.

ھاڻي بھ جيڪڏھ توکي مال جي ڪثرت يا گھڻائي منظور آھي تھ سخت حساب جي لاءِ توکي تيار رھڻو پوندو. جيڪڏھن ٿوري مقدار تي قناعت نھ ڪندين تھ ڪيترو وقت قيامت جي ميدان ۾ توکي ترسڻو پوندو ۽ آه زاري ڪرڻي پوندي. جيڪڏھن پڍتي رھجي وڃڻ وارن جي افعالن ۽ اعمالن جي پيروي ڪندين تھ اصحاب يمين ۽ رسول رب العالمين کان الڳ رھجي ويندين ۽ ”نعيم“ ۽ خلد برين“ ۾ دير سان پھچندين. متقين جي روش جي خلاف قدم کڻندين تھ حشر جي ڏينھن جي ھول ۽ دھشت ۾ مرندين. ھن ڳالھھ کي خوب سوچڻ گھرجي.

اڃا بھ جيڪڏھن توکي خيال آھي تھ مان سلف صالحين وانگر آھيان. ٿوري تي شڪر ڪندڙ آھيان. حلال جو طالب ۽ مال جي خرچ ڪرڻ وارو ۽ پنھنجي نفس تي ايٿار ڪرڻ وارو آھيان. فقر کان ڊڄان نٿو ۽ سڀاڻي جي لآءِ ڪجھھ ٺاھيان نٿو. تڪاٿر ۽ غني کي برو ٿو سمجھان. فقر ۽ بلا تي راضي ۽ اڻ ھوندائپ ۽ ٿورڙائي کان خوش آھيان. ھيٺاھينءَ ۽ نوڙت کي چڱو ٿو سمجھان ۽ بلندي ۽ وڏ ماڻھپائي کي برو ٿو سمجھان. پنھنجي ڪم ۾ ھنن کان پڪو آھيان ۽ راھھ راست کان منھنجي دل ڦري نٿي. پنھنجي نفس کي فقط الله جي واسطي روڪيندو آھيان ۽ سڀني ڪمن ۾ الله تعاليٰ جي مرضيءَ کي مقدم رکندو آھيان. مون جھڙو متقي حساب ڪتاب لاءِ ڪٿي بھ ڪين ترسندو تھ اي ڪمبخت! ذرا تون غور ڪر ڇا توکي ھي معلوم ناھي تھ مال جو شغل نھ رکڻ ۽ ذڪر ۽ فڪر ۽ عبرت جي لاءِ دل جي فارغ رھڻ سان دين زياده پختو ۽ سلامت ٿو رھي. حساب ۾ آساني ٿي ٿئي. سوال ٿورا ٿا ٿين، قيامت جي مصيبتن ۽ آفتن کان امن ٿو ملي. ثواب زياده ٿو حاصل ٿئي ۽ خدا تعاليٰ جي نزديڪ رتبو تمام وڏو ٿو ٿئي.

ڪن اصحابن کان مروي آھي تھ حضور ' جن فمرايو آھي تھ جيڪڏھن ھڪڙو ماڻھو جھول ۾ اشرفيون کڻي وڃي تقسيم ڪري ۽ ٻيو ويھي الله تعاليٰ جو ذڪر ڪري تھ ذڪر ڪرڻ وارو بنسبت پھرين ماڻھوءَ جي وڌيڪ فضيلت وارو ٿيندو.

ڪن عالمن کي ڪنھن ٻڌايو تھ فلاڻو شخص چڱن ڪمن لاءِ مال گڏ ٿو ڪري. پاڻ چيائون تھ مال گڏ ڪرڻ کان نھ گڏ ڪرڻ ھن لاءِ وڌيڪ خير جو باعث ٿئي ھا.

عمده تابعين کان ڪنھن سوال ڪيو تھ ٻن شخصن منجھان ھڪڙي حلال ڪمائيءَ منجھان دولت پيدا ڪئي آھي. ان سان مٽيون مائٽيون ڳنڍيون اٿس ۽ نيڪ اعمالن سان آخرت جو توشو بھ تيار ڪيو اٿس ۽ ٻيو شخص دنيا کان بلڪل ڪناره ڪش رھيو آھي نھ ھن دنيا طلب ڪئي نھ ھن کي ملي. انھن ٻنھي منجھان زياده فضيلت وارو ڪير آھي. جواب ۾ فرمايائون تھ انھن ٻنھي ۾ وڏو فرق آھي، جيڪو دنيا کان ڪناره ڪش آھي اھو افضل آھي. پوءِ اي ڪمبخت! تون بھ دنيا کي ڇڏين تھ توکي بھ دنيا وارن جي مٿان ھي رتبو ملي وڃي.

ياد رکڻ گھرجي تھ مال جي نھ رکڻ منجھان دنيا منجھھ بھ ڪيترائي فائدا آھن. بدن کي راحت ٿي ملي. زياده محنت ۽ درد سري نٿي ڪرڻي پوي. زندگي چين ۽ فارغ البالي سان ٿي گذري. فڪر ٿورو ڪرڻو ٿو پوي. جڏھن مال جي طلب ڪرڻ کان مال کي ترڪ ڪرڻ ۾ زياده فضيلت ۽ سھولت آھي تھ پوءِ باقي تو وٽ مال گڏ ڪرڻ جو ڪھڙو عذر رھجي ٿو وڃي. بلڪھ ذڪر الاھيءَ ۾ مشغول رھڻ خدا جي راھھ ۾ خيرات ڪرڻ کان افضل آھي. پوءِ سوچڻ گھرجي تھ مال کي گڏ نھ ڪرڻ ۾ دنيا ۾ راحت آھي ۽ آخرت ۾ فضيلت. انھن سڀني ڳالھين ھوندي بھ جيڪڏھن مال جي گڏ ڪرڻ ۾ بالفرض فضيلت بھ کڻي ھجي تڏھن بھ سھڻن اخلاقن جي تقاضا موجب توکي پنھنجي نبي ' جي پيروي ڪرڻ گھرجي جن جي ذريعي خداوند ڪريم توکي ھدايت جي واٽ ٻڌائي آھي ۽ جن پنھنجي نفس لاءِ دنيا کان ڪناره ڪشي اختيار ڪئي ھئي. توکي بھ پنھنجي نفس لاءِ اھا ئي ڳالھھ اختيار ڪرڻ تگھرجي. ھن ڳالھھ تي خوب غور ڪر ۽ يقين ڪري ڄاڻ تھ دنيا جي سعادت ۽ فلاح (ڇوٽڪارو) دنيا کان الڳ رھڻ ۾ آھي. پوءِ محمد مصطفيٰ ' سان گڏ جنت ماويٰ ۾ پھريائين وڃڻ جو فڪر ڪر. مون کي حديث شريف پھتي آھي تھ ”آنحضرت ' جن فرمايو آھي تھ ”ايماندارن جا سردر اھي ماڻھو آھن جن کي صبح جو کاڌو ملي تھ شام جو نھ ملي. جيڪڏھن قرض گھرن تھ قرض نھ ملين ۽ اوگھڙ ڍڪڻ کان وڌيڪ کين تن تي ڪپڙو نھ ھجي ۽ کاڌي جو مقدار ڪفايت واري درجي جو ھجين ۽ باوجود انھن حالتن جي ھو صبح شام پنھنجي مالڪ سائين کان راضي ھجن فاولٰئڪ مع الذين انعم الله عليھم من النبِين والصديقين والشھداءِ والصالحين وحسن اولائڪ رفيقا (پوءِ اھي انھن سان گڏ رھندڙ آھن جن تي الله فضل ڪيو آھي يعني پيغمبر ۽ صديق ۽ شھيد ۽ صالح ۽ اھي ڏاڍا چڱا سنگتي آھن).

ادا منھنجا! جيڪڏھن ھن بيان کانپوءِ تون مال جمع ڪندين ۽ دعويٰ ڪندين تھ مان اھو مال خير جي ڪمن لاءِ ٿو جوڙيان تھ تنھنجي دعويٰ سراسر لغو آھي. بلڪھ فقر جي خوف کان ۽ تنعم ۽ ڪثرت جي اظھار ۽ زينت ۽ فخر ۽ شيخي ۽ رياءِ شھرت ۽ تعظيم ۽ وڏائيءَ لاءِ ٿو جوڙين. رڳو وات سان چوين ٿو تھ نيڪيءَ جي ڪمن لاءِ ٿو گڏ ڪريان. دا تعاليٰ جو ڪجھھ ڌيان ڌر ۽ پنھنجي دعويٰ کان شرم ڪر. جيڪڏھن مال ۽ دنيا جي محبت توتي غالب آھي تھ انھيءَ ڳالھھ جو ظاھر ظھور کڻي اقرار ڪر. حقيقت ۾ خير ۽ فضل ضروري مقدار تي راضي رھڻ سان ۽ فضول شين کان الڳ رھڻ ۾ آھي. توکي گھرجي تھ مال گڏ ڪرڻ وقت پاڻ کي حقير ۽ نيچ سمجھھ. پنھنجي خطا جو قائل ۽ روز محشر جي حساب کان خوف رکندڙ ٿيءُ. اھا ڳالھھ تنھنجي لاءِ نجات ۽ فضيلت جي ويجھو وڃڻ جو ذريعو آھي. انھيءَ کان جو تون مال کي گڏ ڪرڻ لاءِ اجايون ۽ بيسود حجتون ڳولھيندو وتين.

ڀائرو! اصحابن سڳورن جي زماني ۾ حلال موجود ھو ۽ اھي ماڻھو مباح شين جا وڏا متقي ۽ زاھد ھئا ۽ اسان انھيءَ زماني ۾ آھيون جنھن ۾ حلال مفقود (اڻ لڀ) آھي ايتري قدر جو ھڪ ڏينھن جو قوت ۽ اوگھڙ ڍڪڻ جيترو ڪپڙو بھ حلال جو ميمسر ٿي نھ ٿو سگھي. پوءِ اھڙي زماني ۾ مال جي جمع ڪرڻ کان خدا تعاليٰ مون کي ۽ توھان سڀني کي بچائي. انھيءَ کان سواءِ اسان ۾ اصحابن سڳورن وارو زھد، تقويٰ، پرھيزگاري ۽ احتياط ڪٿان آيو ۽ انھن جھڙيون دليون ۽ انھن جھڙيون نيتون ڪٿي رھيون آھن. بخدا اسان ماڻھن تي نفسن جي مرض مصيبت ڇانئجي وئي آھي. ان جي خواھش ۾ ڦاسي ويا آھيون ۽ ڄاڻ قيامت ۾ ھلڻ وارا آھيون. وڏا نيڪ بخت اھي آھن جيڪي انھيءَ قيامت جي ڏينھن ھلڪا سلڪا ھوندا ۽ جيڪي دولتمند ۽ زياده مالدار آھن ۽ حلال ۽ حرام سڀ ملائي کائي ويا آھن انھن کي ڏڍو رنج پھچندو. مان انھيءَ جي قبول ڪرڻ وارا ٿورا آھن. خدا تعاليٰ پنھنجي خاص رحمت سان اسان کي ۽ توکي توفيق عنايت فرمائي آمين.“

ھي حرث رضھ جو آخري ڪلام آھي. ھن بيان منجھان فقر جي فضيلت، تونگريءَ جي مٿان باخوبي ثابت ٿي چڪي آھي. اھو بيان نھايت ڪافي آھي. انھيءَ کان وڌيڪ ڇا ٿو ٿي سگھي. جيڪي حديثون اسان دنيا جي مذمت واري ڪتاب ۽ زھد ۽ فقر واري ڪتاب ۾ بيان ڪيون آھن اھي بھ ھن ڳالھھ جي شاھدي ٿيون ڏين.

ھڪ ٻئي روايت بھ ھن ڳالھھ جي شاھد آھي. اھا ھيءَ آھي تھ ابو امامھ باھلي کان مروي آھي تھ ھڪ دفعي تعلبھ بن حاطب عرض ڪيو تھ يا رسول الله ' خدا تعاليٰ کان دعا گھرو تھ مون کي مال ڏئي. حضور ' جن ارشاد فرمايس تھ اي تعلبھ! ٿورو مال جنھن جو تون شڪر ڪري سگھين اھو انھيءَ گھڻي مال کان بھتر آھي جنھن جو تون شڪر ڪري نھ سگھين. ھن عرض ڪيو تھ اوھان مون کي دعا ڪريو تھ الله تعاليٰ مون کي جھجھو مال عنايت فرمائي. پاڻ ارشاد فرمايائون تھ تعلبھ! ڇا تون منھنجي پيروي نٿو ڪرين تھ خدا تعاليٰ جي پيغمبر جھڙو بڻجين، بخدا جيڪڏھن مان چاھيان تھ پھاڙ سون ۽ چانديءَ جا ٿي مون سان گڏجي ھلڻ شروع ڪري ڏين تھ اھو بھ ٿي ٿو سگھي. ھن چيو تھ قسم آھي مون کي انھيءَ ذات جو جنھن توکي نبي برحق بڻايو آھي تھ خدا تعاليٰ توھان جي دعا سان مون کي مال ڏيدنو تھ مان سڀني حق وارن جا حق بھ ادا ڪندس ۽ ھي بھ ڪندس ۽ ھو بھ ڪندس ۽ ھو بھ ڪندس. پاڻ دعا گھريائون تھ اي منھنجا الله! ثعلبھ کي مال عنايت فرماءِ.

پوءِ ھن وڃي ڪجھ ٻڪريون خريد ڪيون، جيڪي ڪولين وانگر وڌڻ شروع ٿي ويون تان جو مدينھ شھر ۾ رھڻ کان گھڻيون ٿي ويون ۽ مدينھ جي ماٿريءَ جي جھنگل م وڃي رھيو. اتان ظھر ۽ عصر جي نماز تي جماعت ۾ شريڪ ٿيندو ھو ۽ ٻيون جماعتون ترڪ ڪري ڇڏيائين. پوءِ ٻڪرين ۾ ويتر اچي واڌ پئي جو انھيءَ جھنگل ۾ بھ گذر ڪرڻ نھ پئي ٿئي سگھيس ۽ ھورو ڀرتي وڃي رھڻ لڳو جتان فقط جمعي جي ڏينھن جماعت لاءِ مدينھ منوره ۾ اچي ٿي سگھيو ۽ باقي جماعتون ترڪ ڪرڻيون پئي پيس. ٻڪريون ڪوٺين وانگر وڌنديون رھيون انھيءَ حد تائين جو انھن جي فڪر ۾ ھن کان اھو حمعو بھ ڇٽي ويو. جمعي جي ڏينھن واٽ ويندڙ مسافرن سان ملندو ھو ۽ انھن کان مدينھ منوره جون خبرون پڇندو ھو.

ھيڏانھن وري آنحضرت ' جن ماڻھن کان پڇا ڪرڻ فرمائي تھ تعلبھ جو ڪھڙو حال آھي. ماڻھن ٻڪرين جي ڪثرت، ھن جو مدينھ منوره کي ڇڏڻ ۽ درجي بدرجي جماعت جو ترڪ ڪرڻ سڀ عرض رکيو. پاڻ ٽي دفعا فرمايائون تھ ”ويح نعلبھ! ويح ثعلبھ!!! (ھلاڪت ھجي تعلبھ لاءِ)، انھن ڏينھن ۾ ھيءَ آيت شريف لٿي“ ”خذمن اموالھم صدقته تطھرھم ونزنيھم بِھا وصل عليھم ان صلوٰتک سکنءٌ لھم (سندن مالن مان زڪوات وصول ڪر تھ اسان سان کين ظاھر ۾ بھ پاڪ ڪندو رھين ۽ کين باطن ۾ بھ سٺو ڪندو رھين ۽ مٿن رحمت جي دعا گھر، ڇو تھ تنھنجي دعا انھن لاءِ آرام آھي) ۽ انھيءَ کان سواءِ ال تعاليٰ زڪوات بھ فرض فرمائي.

آنحضرت ' جن ھڪ ماڻھو جھينھ جي قوم منجھان ۽ ھڪ بني سليم منجھان صدقات وصول ڪرڻ واسي مقرر فرمايا ۽ ھڪ وثيقھ يعني سند صدقي وصول ڪرڻ جي انھن کي لکي ڏيڻ فرمائي تھ ھن جي ذريعي وڃي صدقو وصول ڪن ۽ حڪم فرمايائون تھ ٻاھر وڃي مسلمانن کان صدقو وصول ڪريو ۽ تعلبھ بن حاطب ۽ بني سليم جي فلاڻي شخص کان بھ صدقو وٺجو. ھي ٻئي صاحب حضور ' جن جي ارشاد مطابق مدينھ منوره منجھان ٻاھر نڪتا ۽ تعلبھ وٽ آيا ۽ ھن کان مال جي زڪوات جي گھر ڪئي ۽ حضور ' جن جي تحرير مبارڪ بھ ڏيکاريائونس. ھن چيو تھ ھي جزيھ آھي ۽ جزيھ جي ڀيڻ آھي. توھان وڃو. بين ھنڌان وني پوءِ مون ڏي اچجو. پوءِ اھي ٻي ڄنا سليميءَ ڏانھن ويا ۽ ھن کي صدقي جي ڳالھھ ٻڌائي. ھو ٻڌڻ سان اٿي کڙو ٿيو ۽ اٺن منجھان نھايت عمدا اٺ چونڊي زڪوات لاءِ الڳ ڪري بيھاريا. (ڪي چون ٿا سليمي شخص انھن زڪوات وصول ڪندڙن جي خبر ٻڌي عمدا اٺ چونڊي انھن جي استقبال لاءِ اچي بيٺو ھو) بھرحال ھن اھي اٺ پيش ڪيا تھ ھي زڪوات جو مال آھي. جڏھن وصول ڪرڻ وارن جي نظر انھن اٺن تي پئي تھ چيائون تھ توتي اھو تھ واجب ڪونھي جو تون سڀ کان عمدا اٺ صدقي ۾ ڏئين. اسان اھي ڪو نھ وٺنداسين. ھن عرض ڪيو تھ اوھان مھرباني ڪري اھي قبول ڪيو مان پنھنجي دل جي خوشيءَ سان ٿو ڏيان ۽ انھيءَ ڪم لاءِ مان انھن کي توھان وٽ ڪاھي آيو آھيان. خير قصو ڪوتاھھ. اھڙيءَ طرح صدقات گڏ ڪندا وري بھ اچي تعلبھ وٽ پھتا ۽ صدقي جي ادا ڪرڻ لاءِ گھر ڪيائونس. چيائين تھ اوھان مون کي پھريائين لکيو ڏيکاريو. انھن حڪم ڪري ڏيکاريس. ڏسي چيائين تھ ھي آھي جزيھ ۽ ھيءَ آھي جزيھ جي ڀيڻ، ھاڻي توھان وڃو مان سوچي ويچار ڪري پوءِ ٻڌائيندس.

پوءِ ٻئي قاصد رسول ڪريم ' جن وٽ موٽي آيا. پاڻ سڳورن ' انھن جي ڳالھائڻ کان اڳ ۾ ڏسڻ شرط ئي فرمايو ھلاڪت ھجي تعلبھ لاءِ! ۽ سليمي شخص لاءِ خير جي دعا گھرڻ فرمايائون. پوءِ انھن ٻنھي قاصدن اھا ساري ماجرا بيان ڪئي جيڪا ٿي گذري ھئي تھ تعلبھ ھيئن چيو ۽ سليميءَ ھيئن ڪيو. انھيءَ وقت تعلبھ جي باري ۾ ھي آيت لٿي ومنھم من عٰھد الله لئن اٰتنا من فضله لنصدقن ولنکونن من الصالحِين فلمآ اٰتاھم من فضله بَخِلوا بِه وتولوا و ھم معرضون فاعقبَھم نفاقا في قلوبِھم اِليٰ يوم يلقونه بِمآ اخلفوا الله ما وعدهءٌ بُما ڪانوا يڪذبُون (۽ منجھائن ڪي آھن. جن الله سان انجام ڪيو آھي تھ جيڪڏھن پنھنجي فضل سان اسان کي ڏنائين تھ ضرور خيرات ڏينداسون ۽ ڀلارن منجھان ٿينداسون. پوءِ جڏھن پنھنجي فضل سان مال ڏنائين تھ ان جي ڪنجوسي ڪيائون ۽ اھي منھن موڙيندڙ ٿي ڦريا. پوءِ الله سندن دلين ۾ کين سندن ملڻ جي ڏينھن تائين انھيءَ سببان منافقي لاڪڳو ڪري ڇڏي جو الله سان اھو انجام نھ پاڙيائون جيڪو ساڻس ڪيائون ۽ انھيءَ سببان جو ڪوڙ چوندا رھيا).

ھن آيت لھڻ مھل تعلبھ جي رشتھ دارن منجھان ھڪ شخص ويٺوھو. ھن ھيءَ آيت ٻڌي ۽ تعلبھ کي وڃي چيائين تھ ٻيڙيءَ ٻڌا! خدا تعاليٰ تنھنجي باري ۾ ھي حڪم نازل فرمايو آھي. پوءِ تعلبھ انھيءَ وقت اچي حضور ' جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ التجا ڪيائين تھ مان زڪوات ڏيان ٿو. قبول ڪرڻ فرمايو. پاڻ ارشاد فرمايائون تھ مون کي خداوند ڪريم منع ڪئي آھي. مان قبول نھ ٿو ڪري سگھان. اھو ٻڌي تعلبھ پنھنجي مٿي تي مٽي وسائڻ شروع ڪئي. پاڻ حضور ' جن فرمايس تھ تو جھڙو ڪيو تھڙو فائدو پاتو. اسان جيڪي شروع ۾ توکي چيو انھيءَ جي تو اطاعت قبول نھ ڪئي (نھ ايڏي دنيا گھرين ھا نھ ايڏي خساري ۾ پوين ھا). جڏھن ھن ڏٺو تھ حضور ' جن قبول نھ فرمائيندا تھ واپس گھرايو ۽ حضور ' جن جي وفات کان بعد حضرت ابوبڪر صديق رضھ جي خدمت ۾ زڪوات جو مال حاضر ڪيو مگر صديق اڪبر رضھ بھ وٺڻ کان انڪار ڪيو. انھن جي وفات کانپوءِ حضرت عمر رضي الله عنه ڏي کڻي آيو مگر انھن جي وفات کانپوءِ حضرت عمر رضي الله عنه ڏي کڻي آيو مگر انھن بھ وٺڻ کان انڪار فرمايو ۽ تنھن کانپوءِ تعلبھ مري ويو. بس مال جي بدبختي ۽ سرڪشي ۽ گمراھي ھن روايت منجھان معلوم ڪرڻ گھرجي. جيئن جو فقيريءَ ۾ برڪت ٿي ٿئي ۽ مالداريءَ ۾ نحوست آھي تنھنڪري حضور ' جن پنھنجي لاءِ ۽ پنھنجي اھلبيت لاءِ فقيريءَ کي پسند فرمايو ھو جنھن جو مثال ھن روايت منجھان معلوم ٿئي ٿو.

حضرت عمران بن حصين رضھ کان روايت آھي تھ جنھن ۾ ھو فرمائي ٿو تھ مون کي حضور سرور ڪائنات ' جن وڏي قرب سان ڏسندا ھئا. ھڪڙي ڏينھن حضور ' جن فرمايو تھ اي عمران! تون اسان جي نزديڪ چڱي رتبي ۽ منزل وارو آھين. جيڪڏھن تنھنجي مرضي ھجي تھ فاطمه (رضي الله عنھا) جي عبادت يعني خير و عافيت پرسي لاءِ ھلون. مان عرض ڪيو تھ منھنجا پيءُ ۽ ماءُ توھان تان قربان ٿيڻ لاءِ مان تيار آھيان. حضور ' جن روانا ٿيا ۽ مان انھن جي خدمت اقدس ۾ ساڻ ھيس. حضور ' جن ھلي حضرت فاطمه رضھ جي حجري جو دروازو کڙڪايو ۽ فرمايائون السلام عليک مان اندر اچان. حضرت فاطمھ رضھ عرض ڪيو تھ بيشڪ تشريف فرما ٿيو. حضور ' جن فرمايو تھ مان ۽ منھنجو ساٿي ٻئي اچون. پاڻ سانئن جن عرض ڪيو تھ بابا سائين ٻيو ڪي رآھي. پاڻ ورندي ڏنائون تھ عمران بن حصين، تنھن تي خاتون جنت فرمايو تھ بابا سائين! قسم آھي انھيءَ ذات پاڪ جو جنھن توھان کي نبي برحق ڪري موڪليو آھي تھ مون وٽ سواءِ ھڪ عبا جي ٻيو ڪپڙو ڪونھي. پاڻ دست مبارڪ سان ارشاد فرمايائون تھ ھيئن ويڙھھ. تنھن تي خاتون جنت فرمايو تھ بدن تھ مان ڍڪيو مگر مٿو ڪيئن ڍڪيان حضور ' جن پنھنجي پراڻي چادر اڇلائي ارشآد فرمايو تھ ھن سان پنھنجو مٿو ڍڪيو. انھيءَ کانپوءِ حضرت فاطمھ رضي الله عنھا اندر اچڻ جي اجازت ڏني. پاڻ سڳورن ' اندر وڃي فرمايو تھ اي لخت جگر! اسلام عليک! اڄ توھان جي طبيعت ڪيئن آھي. عرض ڪيائين تھ مون کي ٿورو درد آھي ۽ انھيءَ درد سان گڏ اھو درد بھ آھي تھ مون وٽ کائڻ لآءِ ڪجھ بھ ڪونھي ۽ بک ڏاڍو ضعيف ڪري ڇڏيو آھي. پاڻ حضور ' جن روئي ڏنو ۽ فرمايائون تھ اي لخت جگر! گھبراءِ نھ! بخداء مان ٽن ڏينھن کان وٺي ڪجھھ نھ چکيو آھي ۽ تنھنجي مقابلي ۾ خدا تعاليٰ وٽ منھنجو رتبو وڏو آھي. جيڪڏھن مان خدا تعاليٰ کي عرض ڪيان ھا تھ مون کي سڀ ڪجھھ کارائي ھا مگر مان آخرت کي دنيا کان بھتر ٿو سمجھان ۽ ان کي پسند ٿو ڪريان. پوءِ حضور ' جن خاتون جنت جي مٿي تي شفقت جو ھٿ ڦيرائي فرمايو تھ توکي خوشخبري ھجي تون جنت جي عورتن جي سردار آھين. عرض ڪيائين تھ پوءِ آسيھ رضي الله عنھا فرعون جي زال، بيبي مريم رضھ بنت عمران ۽ خديجھ خويلد جي ڌيءُ ڪاڏي وينديون. پاڻ فرمايائون تھ اھي پنھنجي وقت جي عورتن جون سردر ھيون. تون پنھنجي وقت جي عورتن جي سردار آھين. توھان اھڙين جاين ۾ رھندؤ جيڪو زيرجد جون ٺھيل ۽ ياقوتن سان جڙيل ھونديون. انھن ۾ ڪنھن بھ قسم جو ايذاءُ يا شور يا غل نھ ھوندو. انھيءَ کانپوءِ ارشاد فرمايائون تھ پنھنجي سوٽ علي رضھ سان ٺھي ھل، مان تنھنجو نڪاح اھڙي شخص سان ڪيو آھي جيڪو دنيا ۾ بھ سردار ۽ آخرت ۾ بھ سردار آھي.

ھاڻي ٿورو حضرت فاطمھ رضي الله عنھا جو حال ڏسڻ گھرجي. ھيءَ بيبي سانئڻ حضور سرڪر ڪائنات ' جن جي جگر جو ٽڪرو آھي. ھن ڪھڙيءَ طرح نھ فقيري اختيار ڪئي ۽ مال دولت کي ترڪ ڪري ڇڏيو. انھيءَ کانسواءِ جيڪو بھ نبين ۽ ولين جي احوال جو ۽ انھن جي قولن جو مطالعو ڪندو ۽ انھن جون حديثون ۽ آثار ڏسندو تھ ھو يقين سان معلوم ڪندو تھ مال جو نھ ھجڻ، ھجڻ کان بھتر آھي توڙي سارو مال خيرات ۾ ئي خرچ ڪيو وڃي ڇاڪاڻ تھ باوجود حقن ادا ڪرڻ، شبھات کان پاسو ڪرڻ ۽ خيرات ڪرڻ جي وڏي مصيبت اھا آھي تھ انسان جي نيت ۽ ھن جو فڪر ھميشه انھيءَ مال جي اصلاح ۽ بھتريءَ ۾ رات ڏينھن رڌل ٿو رھي ۽ زڪر الاھي نٿو ٿي سگھي. ڇاڪاڻ تھ الله تعاليٰ جو ذڪر دل جي فراغت سان ٿو ميسر ٿئي ۽ مال جي ھوندي فراغت حاصل ٿيڻ ممڪن ئي ناھي.

حضرت جرير رحمت الله عليه، حضرت ليث رضي الله عنه کان روايت ٿو ڪري تھ ھڪڙو شخص حضرت عيسيٰ عليه السلام سان ڪنھن سفر ۾ ساٿي اچي ٿيو تھ مان اوھان جي خدمت ۾ رھندس. حضرت جن ھن کي پاڻ سان گڏ کنيو. ھڪڙي نديءَ جي ڪناري تي پھچي ناشتو کاڌائون، حضرت عيسيٰ سان ٽي مانيون ھيون. ٻھ مانيون گڏجي کاڌائون ۽ ھڪڙي باقي بچي پئي. ايتري ۾ حضرت عيسيٰ عليه السلام جن اٿيا ۽ نھر منجھان پاڻي پي واپس موٽي آيا. اڇا جو ڏسن تھ اھا ٽين بچيل ماني آھي ئي ڪا نھ. پاڻ انھيءَ ساٿيءَ کان پڇيائون تھ ٽين ماني ڪنھن کنئي. جواب ڏنائون تھ مون کي خبر ڪانھي. انھيءَ کانپوءِ ٿورو اڳتي وڌيا تھ واٽ تي ھڪ ھرڻي ملين جنھن کي ٻھ ٻچا ھئا. پاڻ ھڪڙي ٻچي کي سڏ ڪيائون. ھو ھليو آيو. ان کي ذبح ڪري ان جو گوشت ڀڳائون ۽ انھيءَ ساٿيءَ سان گڏجي ويھي کاڌائون. پوءِ انھيءَ ھرڻي جي ذبح ڪيل ٻچي جي کل ۽ ھڏين وغيره کي ارشاد فرمايو تھ قم باذن الله (يعني خدا تعاليٰ جي حڪم سان اٿي کڙو ٿي). اھو ٻچو اٿي کڙو ٿي ھليو ويو. پوءِ انھيءَ شخص (پنھنجي ساٿيءَ) کي چيائون تھ توکي قسم آھي انھيءَ ذات پاڪ جو جنھن توکي ھي معجزو ڏيکاريو ٻڌاءِ تھ اھا ماني ڪنھن کنئي. ھن جواب ڏنو تھ مون کي خبر ڪانھي. وري بھ ان کي پاڻ سان کنيائون ۽ اڳتي وڌيا. اوچتو ھڪڙي چشمي تي گھمندا سارو چشمو پار ڪري ويا. وري ھتي بھ ساٿيءَ کي چيائون تھ توکي قسم آھي ھن معجزي ڏيکارڻ واري جو ٻڌاءِ تھ اھا ٽين ماني ڪنھن کنئي. ھن اڳئين وانگر عرض ڪيو تھ مون کي پتو ڪونھي. پوءِ ھڪڙي جھنگ ۾ وڃي پھتا. اتي حضرت عيسيٰ عليه السلام مٺيءَ جا پٿر گڏ ڪري ھڪ ڍير بڻايو ۽ ان کي حڪم ڪيو تھ خدا جي حڪم سان سون ٿي پئو. اھو ڍير سونو ٿي پيو. پوءِ حضرت عيسيٰ عليه السلام انھيءَ شڻ ڄآ ٽ: حصا ڪيا ۽ فرمايائون تھ ھن منجھان ھڪ حصو منھنجو آھي، ٻيو حصو تنھنجو آھي ۽ ٽيون حصو انھيءَ شخص جو آھي جنھن اھا ٽين ماني کاڌي آھي. اتي ھن رڙ ڪئي تھ سائين! اھا ماني تھ مان کاڌي ھئي. پاڻ فرمايائونس تھ پوءِ ھي سارو سون ڀلي تون پاڻ وٽ رک ۽ ھن کان جدا ٿي ويا.

اھو ساٿي سارو سون پاڻ سان رکيو اڃان جھنگ ۾ ئي ويٺو ھو تھ ايتري ۾ ٻھ شخص ھن وٽ آيا ۽ خيال ڪيائون تھ ھن کي ماري سارو مال ھٿ ڪجي. ھن چين تھ ھي مال اسان پاڻ ۾ ورھائي ٿا کڻون جھڙي ڪرڻ جو ڪھڙو ضرور. پھريائين اسان منجھان ڪو وڃي شھر مان کاڌو وٺي اچي تھ کائون. پوءِ انھن منجھان ھڪڙو ويو کاڌو وٺڻ. ھن کي دل ۾ خيال آھي تھ جيڪڏھن کاڌي ۾ زھر ملائيندس تھ اھي ٻئي مري ويندا ۽ سون سمورو منھنجو ٿي پوندو. اھڙو ارادو رکي کاڌي ۾ زھر ملائي ڇڏيائين. ھوڏانھن وري ٻن ڄڻن خيال ڪيو تھ جيڪڏھن انھيءَ ٽين ڄڻي کي ٿا ماري وجھون تھ پوءِ سون سمورو اڌواڌ ملي ويندو. سو پڪو په پچايائون تھ جڏھن ھو ماني کڻي اچي تھ ھن کي ڌڪ ھڻي مارڻ گھرجي. اڃا ھو ماني وٺي پھتو تھ ٻنھي ھڻي ھن کي ماري وڌو ۽ پاڻ ويھي ماني کاڌائون. اڃا ماني کائيندا ويا تھ اتي جو اتي اھي ٻئي بھ مري کپي ويا ۽ سون جيئن جو تيئن جھنگ ۾ پيو ھيو ۽ ھي ٽئي ڄڻا ان جي چوگرد ڍير لڳا پيا ھئا. ھن حالت ۾ انھن وٽان حضرت عيسيٰ عليه السلام جو گذر اچي ٿيو. پنھنجن يارن کي ارشاد فرمايائين تھ ڏسي ڇڏيو دنيا جو اجھو ھي حال اٿو. ھن کان پاسو ڪندا ڪريو.

روايت آھي تھ حضرت ذوالقرنين رحھجو گذر ھڪڙي اھڙيءَ قوم وٽان ٿيو جن وٽ دنيا جي شين منجھان ڪجھھ بھ نھ ھو. ھنن کي خوراڪ توڙئي پوشاڪ ٻنھي معاملن جو ڪو بھ پتو ڪو  نھ ھو. انھن جي زندگيءَ جو نمونو ھي ھيو. انھن قبرون کوٽي ڇڏيون ھيون. صبح جو انھن کي وڃي ٻھاري ڏيندا ھئا ۽ صاف ڪندا ھئا ۽ انھن جي ڀرسان ڌڻي تعاليٰ جي بندگي ۽ نماز وغيره ادا ڪندا ھئا ۽ انھن جي ڀرسان ڌڻي تعاليٰ جي بندگي ۽ نماز وغيره ادا ڪندا ھئا. کاڌي لاءِ ڌڻي تعاليٰ ھنن کي ھر طرح جو ساڳ ميسر ڪري ڏنو ھو جيڪو ھو جانورن وانگر چرندا ھئا. حضرت ذوالرنين پنھنجي ايلچيءَ کي موڪليو تھ انھن جي سردار کي وڃي چئو تھ توکي ذوالقرنين ٿو سڏي. ايلچيءَ وڃي انھن جي حاڪم کي پيغام ڏنو. ھن جواب ڏنس تھ منھنجو ذوالقرنين ۾ ڪو بھ غرض ڪونھي. جيڪڏھن ھن کي ڪو  پنھنجو غرض ھجي تھ مون وٽ ھليو اچي. حضرت ذوالقرنين چيو تھ واقعي ھو سچ ٿو چوي سو پاڻ ھن وٽ ويو ۽ چيائينس تھ مان توکي سڏايو ھو پر تون نھ آئين سو مان پاڻ تو ڏي آيو آھيان. ھن جواب ڏنو تھ جيڪڏھن منھجنجو ڪو غرض ھجي تھ مان ضرور اچان ھا. حضرت ذوالقرنين فرمايو تھ مان جيڪو اوھان جو حال ٿو ڏسان اھڙو ٻئي ڪنھن جو حال ڪونھي. اھا ڳالھھ ڪيئن آھي. اوھان وٽ دنيا جي ڪا بھ شيءِ ڪانھي. توھان مون چاندي ڇو نھ ڪمايو آھي جو ٻين وانگر اوھان بھ آسائش ۾ رھو ھا. ھن جواب ڏنو تھ سون چاندي اسان انھيءَ ڪري ٿا برو سمجھون جو جنھن کي اھو ملي ٿو انھيءَ جو نفس اھو ٿو چاھي تھ جيڪر انھيءَ کان ڪاٻي افضل شيءِ ملي. پوءِ پڇيائينس تھ ڀلا اوھان قبرون ڪھڙي غرض سان کوٽي تيار ڪري ڇڏيون آھن ۽ صبح جو ھر روز انھن کي صاف ڪري انھن جي ڀرسان نماز ٿا پڙھو. ھن جواب ڏنو تھ انھيءَ منجھان اسان جي اھا مراد آھي تھ بالغرض ڪڏھن اسان کي دنيا جي طمع ٿئي بھ کڻي تھ قبرن کي ڏسي انھيءَ طمع کان روڪجي وڃون ۽ ڊگھيون اميدون دل منجھان نڪري وڃن. وري پڇيائينس تھ ڀلا ساڳ ڇو ٿا کائو. اھو ساڳ جانورن کي کارائي انھن جو کير ۽ گوشت ڇو نھ ٿا کائو ۽ انھن تي سواري ڇو نھ ٿا ڪريو. ھن جواب ڏنو تھ اسان پنھنجي پيٽ کي جانورن جي قبر بڻائڻ نھ ٿا چاھيون. زمين جي ساڳ ڀاڳ منجھان بھ گذر اوقات ٿي ٿو وڃي. آدميءَ جي زندگي لاءِ ادنيٰ شيءِ ئي ڪافي آھي. نڙيءَ کان ھيٺ تھ سڀ سيون ھڪ جھڙيون ٿي ٿيون وڃن. پوءِ ھن ھٿ وڌائي ذوالقرنين جي پٺيان ھڪ کوپڙي کڻي ڏيکاريائينس ۽ پڇيائينس تھ توکي خبر آھي تھ ھي ڪير آھي. پاڻ جواب ڏنائونس تھ مون کي خبر ڪانھي. ھن ٻڌايس تھ ھي ھڪ بادشاھھ ھو. خدا تعاليٰ ھن کي زمين جو حاڪم بڻايو ھو. ھن سرڪشي ۽ ظلم ۽ ستم ڪيو. جڏھن خدا تعاليٰ ھن جو ظلم ۽ ستم ڏٺو تھ ھن تي موت مسلط ڪيو ھاڻي اجھو ھڪ پٿر وانگر پيو آھي ۽ ھن جا سارا عمل خدا تعاليٰ کي معلوم آھن. قيامت جي ڏينھن انھي جو بدلو ملندس. پوءِ وري ھڪڙي ٻئي پراڻي کوپڙي کڻي پڇيائينس تھ ھي ڄاڻين ٿو تھ ڪير آھي. ھن جواب ڏنو تھ نھ مون کي پتو ڪونھي. ھن ٻڌايس تھ ھي بھ ھڪ بادشاھھ جي سري آھي، جيڪو ھن کان پوءِ بادشاھھ ٿيو ھو. پھرين بادشاھھ جو ظلم ستم ھن بادشاھھ کي ياد ھو. ھن ماڻھن سان تواضع ۽ ھيٺاھين اختيار ڪئي ۽ پنھنجي رعيت سان عدل ۽ انصاف سان پيش آيو. ھاڻي ھن حال ۾ آھي. الله تعاليٰ ھن جا اعڳمال بھ ڳڻي رکي ڇڏيا آھن ۽ انھن جو ثواب قيامت ڏينھن ملندس. پوءِ ذوالقرنين جي پنھنجي کوپڙيءَ ڏانھن جھڪي چيائينس تھ اي ذوالقرنين سي پنھنجي کوپڙي بھ ھنن ٻنکوپڙين وانگر ٿي ويندي. تو جيڪي ڪجھھ ڪرين اھو تامل ۽ ڌيرج سان ڪندو ڪر. ذوالقرنين چيس تھ تون جيڪڏھن مون سان ھلين تھ مان توکي پنھنجو نائب ۽ وزير مشير ۽ سلطنت جو شريڪ ڪري ڇڏيان. ھن عرض ڪيس تھ مان ۽ تون ھڪ جڳھھ رھي نھ ٿا سگھون ۽ نھ وري ڪٺا بھ ٿي ٿا سگھون. پاڻ پڇيائونس تھ انھيءَ جو سبب ڇا ھي. ھن چيو تھ انھيءَ سبب کان تھ ماڻھو تنھنجا سڀ دشمن آھن ۽ منھنجا سڀ دوست. پاڻ پڇيائون ستھ اھو ائين ڇو ٿيو آھي. ھن چيو تھ انھيءَ ڪري جو توھان وٽ ملڪ ۽ دولت آھي. انھيءَ دولت ڪري سڀ اوھان جا دشمن آھن ۽ جيئن جو مان دنيا کي لت ھڻي ڇڏي آھي تنھنڪري مون سان عداوت جو ڪو سبب ئي ڪنھن کي ڪونھي. ھي ٻڌي ذوالقرنين رحمت الله عليه ھن وٽان ھليو ويو ۽ ھن جي ڳالھين تي ڪمال حيرت لڳندي ھيس ۽ انھيءَ معاملي کي عبرت ۽ نصيحت ڪري سمجھندو ھو.

ھنن سڀني ڳالھين منجھان بھ تونگريءَ جون آفتون معلوم ٿيون ٿين ۽ ھن کان اڳ بھ انھيءَ ڳالھھ جي باري ۾ گھڻو ڪجھھ لکيو ويو آھي. بخل جي مذمت ۽ مال جي محبت جو بيان بھ خدا تعالي ٰجي فضل ۽ ڪرم سان پورو ٿيو.

وما توفيقي اِلاّ بِالله العلي العظيم

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25  26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org