سيڪشن؛ علميات

ڪتاب: اِحياءُ علوم الدين

باب: --

صفحو :30

يحيٰ بن معاذ رحھ ٿو فرمائي تھ دنيا شيطان جو دڪان آھي انھيءَ منجھان خبردار ڪا شيءِ نھ چورايو. نھ تھ ھو توھان جي پٺيان لڳندو ۽ ضرور اوھان کي پڪڙيندو. حضرت فضيل رحھ ٿو فرمائي تھ جيڪڏھن دنيا سون جي ھجي ھا ۽ فنا ٿيڻ واري ھجي ھا ۽ آخرت ٺڪر جي ھجي ھا ۽ بقادار ھجي ھا تھ عقل وارن کي واجبي نھ اھو ھو جو بقادار شيءِ کي ئي پسند ڪن ھا ۽ فاني کي ڇڏي ڏين ھا. مگر ھتڙي قصو ئي ابتڙ ٿو نظر اچي يعني جيڪا شيءِ فاني آھي (يعني دنيا) اھا ٺڪر جي ٺھيل آھي ۽ جيڪا بقا واري آھي (يعني آخرت) اھا سوني آھي ۽ پوءِ بھ خبر ناھي تھ اسان الائي ڇو اھڙي واھيات ۽ فاني شيءِ کي ھن عمدي ۽ باقي شيءِ کان وڌيڪ پسند ڪيو آھي. ابو حازم رحھ ٿو فرمائي تھ پاڻ کي دنيا کان بچايو انھيءَ لاءِ جو مون کي روايت پھتي آھي تھ قيامت جي ڏينھن دنيا جي تعظيم ڪرڻ واري کي کڙو ڪيو ويندو ۽ پڌرو ڪيو ويندو تھ ھي اھو شخص آھي جنھن اھڙي شيءِ جي تعظيم ڪئي ھئي جنھن کي خدا تعاليٰ حقير (نيچ) بڻايو ھو. حضرت ابن مسعود رحھ ٿو فرمائي تھ ھر ھڪ انسان مھمان آھي ۽ ھن جو مال امانت آھي. پوءِ مھمان ھڪڙي ڏينھن ھليو  ويندو ۽ امانت مالڪ ڏي واپس ويندي.

حضرت ابعھ رحھ وٽ سندس مريد ملازمت لاءِ حاضر ٿيا ۽ دنيا جو ذڪر ڪري ان جي مذمت ڪرڻ لڳا. انھن کي ھدايت فرمايائون تھ چپ ڪريو. ھن جو (يعني دنيا جو) ذڪر ئي نھ ڪريو. جيڪڏھن ھن جي جڳھھ توھان جي دلين ۾ نھ ھجي ھا تھ ايتري ڪثرت سان ڇو اوھان ھن جو ذڪر ڪريو ھا. ھيءَ ڳالھھ صاف ظآھر آھي تھ جيڪو شخص جنھن شيءِ سان محبت رکندو آھي اھو ان جي يادگيري گھڻي ڪندو آھي. حضرت ابراھيم ادھم رحھ کان ڪنھن پڇيو تھ تنھنجو ڪھڙو حال آھي. ھن جي جواب ۾ ھڪڙو قطعھ پڙھيائين جنھن جو ترجمو ھي آھي:

”مان دين کي بگاڙيو تھ من ڪا دنيا ملي وڃي مگر نھ دين ئي رھيو ۽ نھ وري دنيا جو مزو ئي حاصل ٿيو. انھيءَ کي وڏي دولت ٿي ملي جيڪو الله جو عاشق ٿو ٿئي ۽ ھيءَ دنيا ھن کان آخرت جي اجر جي اميد ۾ ڇٽي ٿي وڃي.“

حضرت لقمان رحھ پنھنجي پٽ کي چيو تھ جيڪڏھن دنيا کي آخرت جي عيوض ڏئي ڇڏيندين تھ ٻنھي (دنيا ۽ آخرت) ۾ فائدو پائيندين ۽ جيڪڏھن آخرت کي دنيا جي عيوض ۾ ڏيندين تھ ٻنھي ۾ گھاٽو ۽ ٽوٽو پائيندين. مطرف بن شخير رحھ ٿو فرمائي تھ بادشاھن جي شان شوڪت ۽ نرم فرشن کي نھ ڏسڻ گھرجي بلڪھ ھي ڏسڻ گھرجي تھ اھي ڪيئن جھٽ پٽ ھليا ٿا وڃن ۽ انھن جي بڇڙي ڪھڙي خراب ٿي ٿئي. حضرت ابن عباس رضھ ٿو فرمائي تھ الله تعاليٰ دنيا جا حصا ڪيا آھن. ھڪ مؤمن لاءِ، ٻيو منافق لاءِ ۽ ٽيون ڪافرن لاءِ. مؤمن انھيءَ منجھان آخرت جو توشو ٿو تيار ڪري. منافق انھيءَ کي ظاھر جي زينت ٿو بڻائي ۽ ڪافر انھيءَ ۾ ڪامياب ٿو ٿئي. ڪن جو وري قول آھي تھ دنيا مردار آھي جيڪو انھيءَ منجھان ڪجھھ وٺڻ چاھي تھ ڪتن سان گڏ رھڻ تي صبر ۽ تحمل ڪري (يعني ھن کي ڪتن وانگر رھڻو پوندو).

حضرت ابو عمامھ باھلي رضھ ٿو فرمائي تھ جڏھن آنحضرت ' جن نبي ڪري موڪليا ويا تڏھن شيطان جو لشڪر ھن وٽ ويو ۽ چيائونس تھ ھڪ نبي موڪليو ويو آھي ۽ ھن جي امت ظاھر ٿي آھي جيڪا بت پرستي نٿي ڪري. ھن پڇيو تھ ھن جي امت کي دنيا جي محبت بھ آھي؟ لشڪر چيو تھ ھائو دنيا جي محبت اٿن. شيطان جواب ڏنو تھ جيڪڏھن محبت دنيا جي انھن ۾ آھي تھ بت پرستي نھ ڪرڻ ۾ چاھي. ھاڻي ٽي دفعا صبح شام منھنجي انھن وٽ آمدرفت رھندي. پھريائين مال جا ناحق وٺڻ وقت. ٻيو انھيءَ کي بيجا خرچ ڪرڻ مھل ۽ ٽيون صحيح جاءِ تي خرچ ڪرڻ کان روڪڻ واسطي مان انھن وٽ وڃي سگھان ٿو ۽ ھيءَ اھڙي ڳالھھ آھي جو سڀ برايون ھن جي ڪڍ لڳيون اينديون.

ھڪڙي شخص حضرت علي ڪرم الله وجه کي عرض ڪيو تھ مھرباني ڪري دنيا جي وصف ٻڌايو. پاڻ فرمايائون تھ اھڙي جاءِ جي ڪھڙي وصف ٻڌايان جنھن ۾ تندرست کي ھردم بيماريءَ جو ڊپ ھجي ۽ جيڪو بيمار ھجي اھو پشيمان ھجي. جيڪو مفلس ھجي تھ غم ڪري ۽ جيڪو تونگر ھجي اھو بلا ۾ ڦاسي. مال حلال ھجي تھ حساب ڏيڻو پوي ۽ جي حرام ھجي تھ عذاب سھڻو پوي. وري ٻئي دفعي ڪنھن ماڻھوءَ دنيا جو حال کانئن پڇيو تھ فرمايائون تھ چوين تھ مختصر ٻڌايانءِ. جي چوين تھ ڊگھا ڊگھا بيان ڪريان. سائل چيو تھ مختصر ٻڌايو. پاڻ فرمايائون تھ ان جي حلال جو حساب ڏيڻو پوندو ۽ حرام جو عذاب سھڻو پوندو ۽ ھي بھ سندن قولن منجھان آھي تھ دنيا ۽ آخرت ٻھ پھاجون آھن. جيتري قدر ھڪڙي راضي ھوندي ايتري قدر ٻئي ناخوش ھوندي. حضرت مالڪ بن دينار رحھ ٿو فرمائي تھ ھن جادوگرڻ يعني دنيا کان بچجو. ھيءُ علماء جي دلين ۾ جادو ڪري ٿي ڇڏي. ابو سليمان دراني رحھ جو قول آھي تھ جڏھن انسان جي دل ۾ آخرت ھوندي آھي تھ دنيا ان جو مقابلو ڪندي آھي مگر جيڪڏھن دنيا ھوندي آھي تھ آخرت ان سان مقابلو نٿي ڪري ڇاڪاڻ تھ آخرت شريف آھي ۽ دنيا ڪميني، شريف جو مقابلو ڪميني سان ٿي نٿو سگھي. ھي قول ذرا سخت ٿو ڏسجي. اسان جي خيال ۾ ھن باري ۾ حضرت يسار بن حڪم رحھ جو قول ٺيڪ آھي. ھي بزرگ فرمائي ٿو تھ دنيا ۽ آخرت ٻئي دل ۾ ڪٺيون ٿيون رھن. ھڪري غالب ٿي ٿئي تھ ٻئي ھن جي مطيع ۽ تابعدار ٿئي ٿي رھي.

حضرت حسن رضھ ٿو فرمائي تھ خدا جو قسم اسان کي اھڙا ماڻھو مليا آھن جنھن جي اڳيان دنيا پيرن جي خاڪ کان بھ وڌيڪ نيچ ۽ ذليل ھئي. ھنن کي اھا پرواھھ ڪا نھ ھئي تھ دنيا ڪٿان آئي ۽ ڪاڏي ھلي وئي ۽ ڪنھن وٽ رھي ۽ ڪنھن کي ڇڏي وئي. ھڪڙي شخص کانئن پڇيو تھ اوھان انھيءَ شخص جي باري ۾ ڇا ٿا فرمايو جنھن کي الله تعاليٰ ڪافي ڏنو ھجي ۽ ھو اھو خيرات ۾ ۽ اھل عيال جي سنڀالڻ ۾ ۽ مٽي مائٽي ڳنڍڻ ۾ ڪم آڻيندو ھجي تھ پوءِ ھن کي جائز آھي تھ پاڻ بھ ڪجھھ دنيا جون نعمتون ماڻي يا نھ. پاڻ فرمايائون تھ ”نھ“ – جيڪڏھن ساري دنيا بھ ڪنھن جي ٿي وڃي تھ بھ ھو رڳو ڪفاف (يعني ضرورتن لاءِ پورو ٿيڻ) جيترو کڻي ۽ باقي ٻيو سڀ احتياج واري ڏينھن لاءِ يعني قيامت لاءِ رکي ڇڏي (يعني خيرات وغيره ۾ خرچ ڪري ڇڏي). حضرت فضل رحھ ٿو فرمائي تھ فرض ڪيو تھ ساري دنيا منھنجي قبضي ۾ حلال ڪمائيءَ سان بھ اچي وڃي ۽ ان جو حساب بھ آخرت ۾ مون کان نھ ورتو وڃي تڏھن بھ مان ھن کي ناپاڪ سمجھندس جھڙيءَ طرح اوھان مردار کي پليد ڪري سمجھندا آھيو تھ متان ڪنھن ڪپڙي کي نھ لڳي وڃي.

روايت آھي تھ حضرت عمر رضھ جڏھن شام ۾ پھتو تھ حضرت عبيده بن جراح رضھ ھن جي استقبال لاءِ ھڪ ڏاچي تي سوار ٿي آيو، جنھن جي مھار ھڪ سادي ۽ معمولي رسي جي ھئي. حضرت عمر رضھ ھن جي جاءِ تي ويو تھ ھن جي گھر ۾ سواءِ ڍال، تلوار ۽ ڏاچيءَ جي ھڪ زين جي ٻيو ڪجھھ بھ نھ ھو. ھي ڏسي خليفي صاحب فرمايس تھ ڪجھھ گھر جو سامان بڻايو تھ انھيءَ ۾ چاھي. عرض ڪيائين تھ يا امير المؤمنين ھي سامان مون کي خوابگاھھ يعني قبر تائين پھچائڻ لاءِ ڪافي آھي. چون ٿا تھ ھي قصو انھيءَ وقت جو آھي جڏھن حضرت عبيده شام جي لشڪر جو سپه سالار ھو ۽ حضرت عمر رضھ جن ڪافرن جي عرض ڪرڻ تي صلح جي واسطي تشريف فرما ٿيا ھئا. ڪن روايتن ۾ آھي تھ انھي موقعي تي حضرت عمر رضھ جي دعوت سڀني لشڪر جي سردارن ڪئي ھئي سواءِ حضرت عبيده رضھ جي. آخر حضرت عمر رضھ جن حضرت عبيده رضھ کي فرمايو تھ اسن تنھنجو گھر ڏسڻ ٿا چاھيون. عرض ڪيائين تھ اوھان منھنجي گھر ھلي روئيندو. پاڻ فرمايائون تھ ڪوئي حرج ناھي. جڏھن تشريف وڍي ويا تھ اھا ڍال تلوار ڏٺائون ۽ ويھڻ لاءِ ھڪ تڏو ھو ۽ ھڪ ڪوزه پاڻي جو. خليفي صاحب کي زھد جي ھيءَ حالت ڏسي روئڻ چاي ويو. ھن عرض ڪيو تھ مان تھ اڳيئي عرض ڪري چڪو ھوس تھ اوھان روئيندا. پاڻ فرمايائون تھ اسان تنھنجي ھن حالت کان ڏاڍا خوش آھيون. تون ئي اسان جي پھرين يارن جي طريقي تي آھين. باقي ٻين کان تھ دنيا ڪجھھ نھ ڪجھھ حصو وٺي ڇڏيو آھي. مطلب تھ دنيا کي انھن چڱيءَ طرح سڃاتو ھو ۽ الله جي حڪمن کي دل سان سچو ڄاتو ھو. رسول مقبول ' جن جي پيرويءَ تي مست ۽ مدھوش ھئا ۽ آخرت جي محبت ۾ حيران پريشان ھئا.

حضرت سفيان ٿوري رحھ ٿو فرمائي تھ دنيا کي بدن جي ضروري آسائش لاءِ وٺڻ گھجري ۽ آخرت کي دل جي دائمي راحت لاءِ حاصل ڪرڻ گھرجي. حضرت ھسن رضھ ٿو فرمائي تھ خدا جو قسم تھ بني اسرائيل جو خدا پرستي کانپوءِ بت پرستي اختيار ڪئي انھيءَ جو سبب فقط دنيا جي محبت ھئي. وھب رحھ ٿو فرمائي تھ مان ڪن ڪتابن ۾ پڙھيو آھي دنيا ھوشيارن لاءِ غنيمت آھي ۽ جاھلن لاءِ غفلت، يعني داناءُ ماڻھو ان ۾ اعمال نيڪ ڪرڻ کي مفت ۽ لٽ جو مال ڪري سمجھندا آھن ۽ نادان ھن کي سڃاڻن نھ ٿا. جڏھن ھن کان انتقال ٿا ڪن تھ پوءِ وري موٽڻ جي تمنا ٿا ڪن مگر وري موٽڻ ڪٿي ٿو ميسر ٿي سگھي. حضرت لقمان رحھ پنھنجي پٽ کي چيو تھ جڏھن کان وٺي تون دنيا ۾ پيدا ٿيو آھين تھ ھوءَ پٺتي ھٽندي ٿي وڃي ۽ آخرت تنھنجي سامھون ايندي ٿي وڃي. پوءِ توکي گھرجي تھ پاڻ کي اھڙي جاءِ تي پھچاءِ جيڪا نزديڪ ۽ سامھون ھجي. جيڪا جاءِ پري پوندي وڃي تنھن مان ڪھڙو فائدو.

حضرت سعد بن مسعود رحھ جو قول آھي تھ جڏھن معلوم ٿئي تھ ڪنھن شخص جي دنيا وڌندي ٿي وڃي ۽ دين گھٽ ٿيندو ٿو وڃي تھ سمجھو تھ اھو شخص وڏي ٽوٽي ۾ آھي ڇاڪاڻ جو دنيا ھن کي پنھنجو مسخرو بڻائي ڇڏيو آھي ۽ ھن کي انھيءَ جي ڪا خبر ڪانھي. حضرت عمر بن عباس منبر تي ھي ارشاد فرمايو تھ جنھن شيءِ ۾ آنحضرت ' جن زھد ڪندا ھئا انھيءَ ڏي مان اوھان کي وڌيڪ راغب ٿو ڏسان. بخدا رسول ڪريم ' تي ٽي ڏينھن اھڙا ڪڏھن بھ نھ گذريا جو حضور ' جن جي آمدني قرض کان زياده ھجي ھا. حضرت حسن رضھ ھڪ دفعي ھي آيت پڙھي ”فلا تغر لکم الحيوٰت الدنيا“ (پوءِ نھ دوکو ڏئي يا ورغلائي اوھان کي دنيا جي حياتي يا دنيا جو جيئرو رھڻ) ۽ پوءِ فرمايائون تھ توھان کي خبر آھي تھ ھي ڪنھن جو قول آھي. ھي انھيءَ جو قول آھي جنھن دنيا کي پيدا ڪيو آھي ۽ ان جو حال اھو ئي چڱي طرح ٿو ڄاڻي. توھان کي گھرجي تھ دنيا جي ڪاروبارن ۽ شغلن کان ڪنارو ڪريو. ھن ۾ ڪيئي ڪاروبار سٽيا پيا آھن. جيڪڏھن ھڪ ڪم ماڻھو جي آڏو ھوندو آھي تھ ڏھھ ٻيا بھ اچي حاضر ٿيندا آھن ۽ ھي بھ انھن جو قول آھي تھ آدم جو اولاد ڏاڍو مسڪين آھي. ھو اھڙي جاءِ تي خوش آھي جنھن جي حلال جي مال ۾ حساب آھي ۽ حرام جي مال ۾ عذاب آھي. پنھنجي مال کي ھميشه ٿورو ڪري ٿو سمجھي مگر اعمالن کي ٿورو نٿو سمجھي. دين ۾ جيڪڏھن ڪو خلل ٿو پويس تھ خوش ٿو ٿئي ۽ پرواھھ ئي نٿو ڪري مگر دنيا جي ٿوري ئي مصيبت يا گھٽتائي تي واويلا مچائي ٿو ڏي ۽ ھڪ دفعي انھن حضرت عمر بن عبدالعزيز ڏي خط لکيو تھ بعد سلام معلوم ھجي تھ پنھنجو پاڻ کي ائين سمجھو تھ موت توھان کي مئن ۾ لکي ڇڏيو آھي. انھيءَ جي جواب ۾ ھن لکيو تھ بعد سلام معلوم ھجي تھ ائين سمجھو تھ دنيا ۾ ڪڏھن ھئاسين ئي ڪين. ھميشه آخرت ۾ ٿي رھيا آھيون.

حضرت فضيل بن عياض رضھ جو قول آھي تھ دنيا ۾ اچڻ تھ ڏاڍو سولو آھي مگر ان منجھان نڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آھي. ڪن اڪابرن جو قول آھي تھ جنھن کي ھي معلوم آھي تھ موت حق آھي تھ پوءِ تعجب آھي تھ ھو خوشي ڪيئن ٿو ڪري ۽ جنھن کي يقين آھي تھ دوزخ حق آھي تھ اھو ڪيئن ٿو کلي ۽ جيڪو دنيا جون ھالتون ڦرندي گھرندي ٿو ڏسي اھو ان تي ڪيئن ٿو اعتماد ڪري ۽ جيڪو تقدير کي برحق ٿو سمجھي اھو مشقت ڇو ٿو برداشت ڪري. ھضرت معاويھ رضھ وٽ ھڪڙو شخص بخران کان آيو جنھن جي عمر ٻھ سو سال ھئي. پاڻ ھن کي دنيا جي ڪيفيت پڇيائون. ھن عرض ڪيو تھ ڪي سال آرام ۾ گذريا ۽ ڪي مصيبت ۾. رات ڏينھن ائين گذرندا ٿا وڃن. ڄمڻ وارا ڄمندا ٿا رھن ۽ مرڻ وارا مرندا ٿا وڃن. جيڪڏھن ٻار پيدا نھ ٿين تھ مخلوق ختم ٿي وڃي ۽ جيڪڏھن موت نھ اچي تھ دنيا ۾ گنجائش آبادي جي نھ رھي. پاڻ چيائونس تھ جيڪي تنھنجي دل چاھي سو گھر. ھن عرض ڪيو تھ منھنجي گذريل عمر اوھان واپس ڏئي ٿاسگھو يا موت جيڪو اچڻ وارو آھي ان کي روڪي ٿا سگھو. پاڻ چيائونس تھ اھي تھ ٻئي شيون نھ ٿيون ٿي سگھن. تنھن تي عرض ڪيائين تھ بس ٻي ڪا بھ حاجت اوھان ۾ ڪانھي. حضرت دائود طائي رحھ ٿو فرمائي تھ اي انسان! تون پنھنجي آرزو پوري ٿيڻ تي خوش ٿو ٿئين. اھو نٿو ڄاڻين تھ ڪيتري عمر ضايع ڪري اھا آرزو حاصل ڪئي اٿئي. باقي نيڪ عمل جي ڪرڻ ۾ رڳو اڄ سڀاڻي پيو ڪرين. ڄڻ تھ انھيءَ عمل جو فائدو ڪنھن ٻئي کي ٿيڻو آھي. حضرت بشر رحھ ٿو فرمائي تھ جيڪو شخص الله تعاليٰ کان دنيا ٿو گھري اھو شايد چاھي تھ قيامت جي ينھن خدا تعاليٰ جي سامھون گھڻو وقت مجرم ٿي بيھي يعني جيتري دنيا گھڻي ھوندي ايترو حساب ڪتاب گھڻو ٿيندو. ابو حازم رحھ ٿو فرمائي تھ دنيا ۾ خوشيءَ جي ڪا بھ اھڙي شيءِ ڪانھي جنھن سان گڏ رنج نھ ھجي.

حضرت حسن رضھ ٿو فرمائي تھ ماڻھوءَ جو دم دنيا منجھان تن حسرتن سان نڪرندو آھي. پھرين اھا حسرت تھ دنيا ۾ جيڪي ڪٺو ڪيو ھئائين انھيءَ مان ڍو تي ٿيو ھيس. ٻي حسرت اھا تھ ھن جي جيڪا تمنا ھئي تھ اڃا جيڪر وڌيڪ پيو جيئرو رھان اھا پوري نھ ٿي ۽ ٽين حسرت نھ آخرت لاءِ توشو پورو ڪري نھ سگھيو. ھڪڙي عابد کي ڪنھن چيو تھ اوھان تونگر ٿي ويا آھيو. جواب ڏنائين تھ تونگر اھو آھي جيڪو دنيا جي غلاميءَ کان آزاد آھي. حضرت ابو سليمان رحھ جو قول آھي تھ دنيا جي خواھش کان اھو ئي ٿو پري رھي جنھن جي دل ۾ آخرت جو شغل آھي. مالڪ بن دينار رحھ ٿو فرمائي تھ اسان سڀني ۾ دنيا جي محبت اچي وئي آھي جو تھ اسان ھڪٻئي کي امر بالمعروف (نيڪي جو حڪم) ٿا ڪريون ۽ نھ ئي عن المنڪر (بڇڙائي کان روڪ) ٿا ڪريون ۽ ھن ڪم کان الله تعاليٰ اسان کان ھرگز درگذر نھ ڪندو. معلوم ناھي تھ الائي ڪھرو عذاب اسان تي نازل ٿيندو. ابو حازم رحھ ٿو فرمائي تھ افسوس جو ٿورڙي دنيا اسان کي ھيڏي ساري آخرت کان پري ڪري ٿي ڇڏي. حضرت حسن رضھ جو قول آھي تھ دنيا کي ذليل سمجھو، جيڪو ھن کي ذليل سمجھندو آھي انھيءَ تي سڀ کان وڌيڪ گوارا ٿيندي آھي ۽ جڏھن الله تعاليٰ ڪنھن بندي تي احسان ڪرڻ چاھيندو آھي تھ ھن کي ٿوري دنيا عنايت ڪندو آھي. جڏھن اھا ختم ٿيندي آھي تڏھن وري ٻي ڏيندو اٿس ۽ جڏھن الله جي نزديڪ ڪو بندو ذليل ٿيندو آھي تھ ھن تي دنيا جو وڏو ڦھلاءُ ڪري ڇڏيندو آھي. ڪي اڪابر دعا گھرندا ھئا تھ اي اھا ھستي! جيڪا آسمان کي زمين تي ڪرڻ کان روڪيو ويٺي آھين دنيا کي مون کان روڪ!

محمد بن ڪنڪدر رحھ جو قول آھي تھ ڪي شخص اھڙا ھوندا جن ساري عمر روزا رکيا ھوندا، تھجد پڙھيا ھوندا. شب بيداري ۾ ڪو فطور نھ ڪيو ھوندائون. مال خيرات ۾ ڏنو ھوندائون. الله جي راھھ جھاد ڪيو ھوندائون ۽ منع ٿيل شين کان بچيا ھوندا مگر قيامت ۾ جڏھن سامھون ٿيندا تھ چيو ويندو تھ انھن پاڻ وٽ انھيءَ شيءِ کي وڏو سمجھو جنھن کي خداوند ڪريم ننڍو ڪيو ھو ۽ جنھن کي خداوند ڪريم وڏو ڪيو تنھن کي حقير (نيچ) سمجھيو. ڏسڻ گھرجي تھ انھن جو حال ڇا ٿو ٿئي. اسان منجھان ڪير آھي جنھن جو ھي حال نھ ھجي. مگر انھيءَ سان گڏ وڏي ڳالھھ اھا بھ آھي تھ اسان جي مٿي تي گناھن جو بار بھ انھن ماڻھن کان گھڻو آھي. خبر ناھي تھ اسان سان وري الائي ڪھڙو حال ٿيندو. ھضرت ابوھريره رضھ ٿو فرمائي تھ دنيا جنھن ڏينھن کان وٺي پيدا ڪئي وئي آھي اڌ ۾ ٽنگي پئي آھي جيئن ڪا پرائي مشڪ ٽنگي پئي ھوندي آھي ۽ ھر دم پڪاريندي ٿي رھي تھ اي منھنجا الله! تون مون کي ڇو ٿو برو سمجھين. ارشاد ٿو ٿئيس تھ اي ناچيز چپ رھھ!. حضرت عبدالله بن المبارڪ رحھ ٿو فرمائي تھ دنيا ۽ گناھن جي محبت دل کي پراگنده (ڇڙوڇڙ) ڪري ٿي ڇڏي پوءِ انھيءَ دل ۾ خير پھچي ڪيئن ۽ ٽڪي ڪيئن.

حضرت وھب بن منبھ رحھ جو قول آھي تھ جنھن شخص جي دل دنيا جي ڪنھن شيءِ سان خوش ٿي ٿئي تھ ھن جي سياڻپ يا ڏاھپ ختم ٿئي ٿي وڃي، جيڪو شخص پنھنجي شھرت پنھنجي پيرن ھيٺان دٻائي ٿو رکي شيطان ان جي پاڇولي کان ڀڄندو ٿو رھي ۽ جنھن ماڻھو جو علم نفساني خواھشن تي غالب ٿو ٿئي اھو ماڻھو وڏو زبردست آھي. حضرت بشر رحھ کي ڪنھن ٻڌايو تھ فلاڻو شخص مري ويو. پاڻ چيائون دنيا گڏ ڪيائين ۽ آخرت ۾ پھچي پنھنجي جان وڃائي ڇڏيائين. ماڻھن چيو تھ ھو تھ وڏيون وڏيون نيڪيون ڪندو ھو. پاڻ فرمايائون تھ دنيا کي ڪٺي ڪرڻ سان گڏ انھن ڳالھين (يعني نيڪين) جو ڪھڙو واسطو (يعني دنيا ڪٺي ڪرڻ کان نيڪي جو ڪم ٿيڻ ڏاڍو مشڪل آھي).

ڪن سياڻن جو قول آھي تھ باوجود انھيءَ جي جو اسان دنيا کي دشمن ٿا سمجھون تڏھن بھ ھن سان ايتري محبت ٿا رکون پر جيڪڏھن دوست سمجھونس ھا تھ پوءِ تھ الائي اسان جو ڪھڙو حال ھجي ھا. ھڪڙي سياڻي کان پڇيائون تھ دنيا ڪنھن کي ملندي آھي جواب ڏنائين تھ جيڪو ھن کي ڇڏي ڏي. وري پڇيائونس تھ آخرت ڪنھن جي آھي. چيائين تھ جيڪو ان جي طلب ڪري. ھڪڙي سياڻي جو قول آھي تھ دنيا ھڪ اجڙيل ۽ ويران گھر جي مثال آھي ۽ ان کان وڌيڪ ويران ۽ اجڙيل اھا دل آھي جيڪا دنيا جو واڌارو چاھي ۽ بھشت ھڪ آباد گھر آھي ۽ انھيءَ کان زياده آباد اھا دل آھي جنھن ۾ بھشت جي طلب ھجي.

ھضرت جنيد بغدادي رحھ روايت ٿو ڪري تھ امام شافعي رحھ جن پڪا مريد ھئا. دين جي باري ۾ ھميشه حق جو ڪلمو چوندا ھئا. ھڪڙي پنھنجي ديني ڀاءُ کي خدا تعاليٰ کان ڊيڄاري فرمايائونس تھ اي برادر! دنيا ھڪ قسم جي ترڪڻ جي جاءِ ۽ ذلت ۽ خواريءَ جو مڪان آھي. ان جي آبادي آخر ويراني ٿي ٿئي ۽ ھن جي رھڻ وارا نيٺ وڃي ٿا قبرن ۾ بيتاب ٿين، جيڪي بھ ڪٺو ڪيو ٿو وڃي ان کان جدائي لازم آھي. ھر تونگري سان فقيري قائم آھي، ھن جي ڪثرت تنگدستي جو باعث ٿي بڻجي (ڪنجوسيءَ کان) ۽ ھن جي تنگدستي (مسڪيني حال) سبب ٿو ٿئي فراخ دستي (سخاوت) جو. يعني ھوندي وارا ڪنجوسيءَ ڪري تنگدست ٿا رھن ۽ اڻ ھوندي وارا سخي ھئڻ سبب جيڪي اچين ٿو سو خرچ ڪري ٿا ڇڏين. تنھنڪري انسان کي گھرجي تھ پوري طرح الله ڏانھن متوجھھ ٿئي ۽ ھن جي ڏنل روزيءَ تي قانع رھي. ھن فاني گھر کي باقي يعني ھميشه بقا رکندڙ گھر (آخرت) تي ترجيح نھ ڏئي. زندگي ھڪ لڙندڙ پاڇو آھي يا ھڪ جھڪيل ديوار. اعمالن جي ڪثرت ڪريو ۽ امل (ڊگھي اميد) کي ننڍو ڪريو.

حضرت ابراھيم ادھم رحھ ھڪڙي ماڻھوءَ کان پڇيو تھ توکي خواب ۾ چانديءَ جو سڪو ملي اھو چڱو يا جاڳندي سون جو سڪو ملي اھو چڱو. ھن جواب ڏنو تھ جاڳندي سون جو سڪو ملي تھ اھو چڱو. پاڻ فرمايائونس تھ ھيءَ تھ تو ڪوڙي ڳالھھ ڪئي آھي ڇاڪاڻ جو جنھن شيءِ کي اوھان دنيا ۾ بھتر ٿا سمجھو اھو ڄڻ اوھان خواب واري شيءِ کي بھتر ٿا سمجھو ۽ آخرت جي شيءِ کي جيڪو اوھان چڱو نٿا سمجھو سو ڄڻ اوھان جاڳندي ۾ ملڻ واري شيءِ کي بھتر نٿا سمجھو.

حضرت اسماعيل بن عياش رحھ جو قول آھي تھ اسان جا ساٿي سڀ دنيا کي ”سولي“ ڪري سڏيندا ھئا ۽ چوندا ھئا تھ اي سولي اسان کان پري ٿي ۽ جيڪڏھن ڪو انھيءَ کان بھ وڌيڪ بڇڙو يا خراب نالو ھٿ ايندو ھون تھ ان سان سڏيندا ھيس. حضرت ڪعب رضھ جو قول آھي تھ دنيا توھان کي انھيءَ حد تائين پياري لڳندي جو توھان ھن جي ۽ ھن جي ماڻھن جي پوڄا ڪرڻ شروع ڪري ڏيندو. حضرت يحيٰ بن معاذ رحھ ٿو فرمائي تھ عقل وارا ٽي شخص آھن. ھڪ اھو جيڪو دنيا کي ترڪ ڪري انھيءَ کان اڳ جو ھوءَ ھن کي ترڪ ڪري. ٻيو اھو جيڪو قبر ۾ وڃڻ کان اڳ ۾ پنھنجي قبر بڻائي. ٽيون اھو جيڪو خالق وٽ حاضر ٿيڻ کان اڳ ۾ ھن کي راضي ڪري ۽ اھو پڻ فرمايو اٿن تھ دنيا اھڙي منحوس آھي جو ان جي فقط دل ۾ خالي تمنا کڻي رکو تھ اھا بھ خدا تعاليٰ جي اطاعت کان باز ٿي رکي ۽ بلڪل ان ۾ مصروف ٿي وڃڻ تھ انھيءَ کان بھ وڌيڪ (زھريلو) اثر ٿو رکي (يعني انسان سراپا نافرمان ٿئي ٿو وڃي).

حضرت بڪر بن عبدالله رحھ جو قول آھي تھ جيڪو دنيا کي انھيءَ غرض سان ٿو چاھي يا ھٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري تھ جيئن مون کي وڌيڪ دنيا جي ضرورت نھ پوي تھ ھن جو مثال ھي آھي تھ ھو ڄڻ سڪل گاھھ سان باھھ کي وسائڻ ٿو چاھي يعني نھ ڪا سڪل گاھھ سان باھھ وسامي ۽ نھ ڪا دنيا جي ضرورت ڪنھن جي پوري ٿئي. بندار رحھ ٿو چوي تھ جڏھن دنيادار زھد جي باري ۾ گفتگو ڪري تھ سمجھو تھ شيطان ان کي پنھنجو مسخرو بڻائي ڇڏيو آھي ۽ ھي بھ انھن جو قول آھي تھ جيڪو دنيا جو حرص ڪندو ان کي حرص جي باھھ جلائي رک ڪري ڇڏيندي. جيڪڏھن ڪو آخرت ڏانھن متوجھ ٿيندو تھ ھو آخرت جي حرارت يا گرمي تي پگھرجي ھڪ پلٽيل سون وانگر ٿي پوندو ۽ جيڪو وري الله تعاليٰ جي طرف توجھ ڏيندو اھو توحيد جي انوار سان ھڪ بيھادر بڻجي پوندو.

حضرت علي ڪر۾ الله وجه ارشاد ٿو فرمائي تھ دنيا ۾ مکيھ ڇھھ شيون ٿيون ٿين. کائڻ، پيئڻ، پھرڻ، سواري، نڪاح ۽ خوشبوءِ. کائڻ ۾ عمدي شيءِ ماکي آھي جيڪا ماکيءَ جي مک جي لعاب آھي. پيئڻ لاءِ پاڻي آھي جيڪو نيڪ ۽ بد ٻنھي لاءِ ساڳيو آھي. پوشاڪ جي شين ۾ پٽ سڀ کان وڌيڪ شرف وارو آھي مگر اھو بھ ھڪ ڪيڙي جي لعاب منجھان ٿو ٺھي. سوارين م سڀ کان وڌيڪ مشرف گھوڙو آھي جنھن تي لڙائيءَ ۾ ماڻھو ماريا ٿا وڃن ۽ نڪاح ۾ سڀ کان وڌيڪ وڻندڙ شيءِ عورت سان صحبت ڪرڻ آھي جيڪو پيشاب واري شيءِ جو پيشاب واري شيءِ ۾ وڃڻ جو ٻيو نالو آھي. عورت پنھنجي ٻئي ساري بدن جي عضون کي خوب ٿي ھاري سينگاري مگر انھن منجھان سڀني کان بڇڙي شيءِ جي طلب ڪئي ٿي وڃي. سگنھڻ وارين شين منجھان عمدو آھي مشڪ جيڪو ھرڻ جي دن وٽان رت منجھان ٺھي ٿو نڪري. مطلب تھ اھي سڀ شيون اھڙيون ئي واھيات آھن.

بيان ٻيو

دنيا جي مذمت ۽ صفت بابت نصيحتون

۽ وعظ

ڪن اڪابرن جو قول آھي تھ انسانو! آھستھ آھستھ عمل ڪريو ۽ الله تعاليٰ کان ڊڄو. زندگيءَ تي ڦونڊجي نھ وڃو ۽ موت کي ڪڏھن بھ نھ وساريو. دنيا جا نھ ڪي طالب ٿيو ۽ نھ ڪي راغب (رغبت يا لاڙو ڪندڙ) ڇاڪاڻ تھ ھوءَ وڏي مڪار آھي ۽ دغا ڪرڻ ھن جو عام ڪاروبار آھي. پھريائين ھوءَ پنھنجي طالبن کي ڏاڍا تيل ڦليل ٿي لائي ڏيکاري ۽ پوءِ انھن کي سڌن ۽ تمنائن جي ڄار ۾ ڦاسائي ٿي ڇڏي ھن جي طالبن لاءِ ھن جي زينت ائين آھي جيئن جلوه جي وقت ھڪ ڪنوار جي صورت. سڀني جي نگاھھ انھيءَ ڪنوار تي پوندي آھي ۽ سڀ دليون ھن لاءِ مست ۽ مدھوش ھونديون آھن ۽ جانيون ھن تي حيران پريشان ھونديون آھن. ڪيترن ئي عاشقن کي ھن خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو آھي، جنھن بھ ھن تي اطمينان ڪيو ان کي رسوائي ۽ بدناميءَ جو مزو چکيائين. مگر حقيقت جي نگاھھ سان ڏٺو وڃي تھ ھن ۾ ڪيتريون آفتون آھن. انھيءَ کان وڌيڪ ٻي ڪھڙي خرابي ٿي ٿئي سگھي جو خود خالق ان جي مذمت ڪئي. ھن ۾ جيڪا شيءِ نئين آھي اھا پراڻي ٿيندي جيڪي ڪجھھ موجود آھي اھو فنا ٿيندو، جيڪو زبردست آھي اھو ذليل ۽ ضعيف ٿيندو ۽ ھن جي گھڻائي جلد ٿورڙائي ۾ مٽجي ويندي. ھر ڪو جيئرو موت جو ذائقو چکندو ۽ نيڪيءَ جا ڪم ڪرڻ جلد وس مان نڪري ويندا. ڀائرو! غفلت جي ننڊ کان سجاڳ ٿيو ۽ بيھوشي ۽ بي سمجھيءَ کان پري ڀڄو انھيءَ کان اڳ ۾ جو ماڻھو ڪچون تھ فلآنو شخص بيمار آھي ۽ ھڪ وڏي مرض ۾ گرفتار ٿيو آھي. ڪا دوا ٻڌايو يا ڪنھن حڪيم کي سڏايو. پوءِ طبيب اچن ۽ تو ۾ شفا جي ڪا اميد نھ ڏسن ۽ پوءِ مشھور ٿي وڃي تھ فلاڻي شخص وصيت ڪئي ۽ پنھنجي مال کي ھن ھن طرح تقسيم ڪيائين ۽ جنھن کان ڪجھھ لھڻو ھئائين سو بھ ورتائين. وري اوچتو ماڻھو چون تھ ڏسو سائين ھن ويچاري جي زبان بھ بند ٿي وئي آھي، نھ ڀائرن سان ٿو ڳالھائي ۽ نھ پاڙيوارن کي ٿو سڃاڻي. انھيءَ وقت تنھنجي پيشاني پگھر ۾ شل ھجي ۽ سينو ساھھ جي ڪشش کان بيقرار ھجي. موت جو توکي جيڪو فقط ”گمان“ ھو اھو ھاڻي ”صدق يا سچائي“ جي ڪرسيءَ تي تنھنجي اڳيان جلوه گر اچي ٿئي ۽ آئينده جو سفر توکي يقين جي اک سان نظر پيو اچي. تنھنجون پنبڻيون بند ٿيڻ لڳن ۽ تنھنجي زبان صحيح لفظ ڪڍڻ کان ھاري ھجي ۽ تنھنجي ڀائرن ۽ برادر جي تنھنجي مٿان گريھ (روڄ) ۽ زاري ھجي. ڪو توکي ٻڌائي تھ ھي تنھنجو فلاڻو ڀاءُ آھي ۽ ھي تنھنجو فلاڻو پٽ، جگر جو ٽڪرو آھي مگر تون ڪجھھ بھ جواب نھ ڏئي سگھين. تنھنجي زبان تي خاموشي جي مھر لڳي وڳڃي. آخر توتي موت اچي وڃي ۽ عضون منجھان روح نڪري عالم بالا ۾ وڃي داخل ٿئي. ان وقت تنھنجي ساري برادري ڪٺي ھجي ۽ ڪفن سبيو وڃي ۽ غسل ڏئي توکي پھرايو وڃي. تنھنجا عيادت ڪرڻ وارا نيٺ وڃي گھر ويھن ۽ حاسد چون تھ ”ڏاڍو چڱو ٿيو جو مئو“. تنھنجي گھر وارن کي اچي تنھنجي مال جي لڳي ۽ توکي وري ڳڻتي رڳي پنھنجي اعمال جي لڳي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26  27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org