سيڪشن؛ علميات

ڪتاب: اِحياءُ علوم الدين

باب: --

صفحو :17

حضرت عائشه رضھ ٿي فرمائي تھ بدر جي جنگ ۾ مان بھ حضور ﷺ جن سان ساڻ ھئس. پاڻ فرمايائون تھ اچو تھ تون مان ڊوڙون، ڏسون تھ ڪير ٿو اڳ ڪڍي. مان پنھنجي پوتي مضبوط ڪري ٻڌي ۽ ھڪڙي حد مقرر ڪري، ان تي بيھي ڊوڙ پاتم.  ذي المجاز ھڪ جاءِ جو نالو آھي. جڏھن حضرت عائشه رضھ ننڍي ھئي، حضرت ابابڪر صديق رضھ ھن کي ڪجھھ وٺڻ لاءِ موڪليو ھو. حضور ﷺ جن ان وقت حضرت عائشه رضھ کي چيو ھو تھ اھا شيءِ مون کي ڏي. حضرت عائشه رضھ انڪار ڪيو ھو ۽ کڻي وٺي ڀڳي ھئي. پاڻ ھن جي پٺيان ڊوڙيا. مگر ھوءَ ھٿ کان نڪري وئي. انھيءَ قصي کي حصور ﷺ جن ھن موقعي تي ياد ڏياريو ھو. ساڳيءَ طرح ھڪ ٻي روايت حضرت عائشه رضھ کان آھي تھ پھريون دفعو جو مان آنحضرت ﷺ سان ڊوڙيس تھ اڳي نڪري ويس، مگر ٻيو دفعو جڏھن مان ٿلھي ٿي ويس ۽ ڊوڙيس تھ پاڻ سڳورا ﷺ اڳي نڪري ويا ۽ فرمايائون تھ پھرين دفعي جو بدلو يا پلؤ آھي ۽ عائشه رضھ اھو قصو پڻ بيان ٿي ڪري تھ ھڪ ڏينھن پاڻ سڳورا ﷺ منھنجي گھر ۾ ھئا ۽ بيبي سوده رضھ بھ موجود ھئي. مان قليھ (پت) تيار ڪيو ۽ سوده رضھ کي صلاح ڪيم تھ کاءُ. ھن چيو تھ مون کي نٿو وڻي. مان چيومانس تھ کاءُ نھ تھ مان منھن کي مکينديمانءِ. ھن جواب ڏنو تھ مان تھ ڪانھ کائينديس. مان ڀت پيالي مان ڪڍي ان جي منھن کي مکي ڇڏيو. آنحضرت ﷺ جن اسان ٻنھي جي وچ ۾ ويٺا ھئا ۽ پنھنجي ڄنگھھ مبارڪ وچ مان سوري ورتي تھ ھوءَ بھ پنھنجو بدلو مون کان وٺي. ھن بھ پيالي ۾ ھٿ وجھي منھنجي منھن کي ملي ڇڏيو. پاڻ سڳورا ﷺ اھو حال ڏسي ويٺي کليا.

ضحاڪ بن سفيان ڪلابي رصھ نھايت بدصورت آدمي ھو. ڇاڪاڻ جو ان وقت تائين پردي جو حڪم نھ آيو ھو. بيعت ٿي وڃڻ کان بعد ضحاڪ رضھ عرض ڪيو تھ مون وٽ ٻھ زالون آھن، جيڪي ھن سرخ عورت (يعني حضرت عائشه رضھ) کان بھ چڱيون آھن. جيڪڏھن سائينءَ جن نڪاح ڪن تھ ھڪڙي موڪلي ڏيان. حضرت عائشه رضھ ھن کان سوال ڪيو تھ اھي وڌيڪ خوبصورت آھن يا تون؟ ھن چيو تھ مان انھن کان گھڻو چڱو آھيان. آنحضرت ﷺ جن ھن سوال جواب تي کلڻ لڳا تھ اھڙي صورت ھوندي پاڻ کي خوبصورت ٿو سمجھي.

حضرت علقمھ رضھ روايت ٿو ڪري تھ آنحضرت ﷺ جن امام حسن عليه السلام کي گود مبارڪ ۾ کڻي ان جي سامھون پنھنجي زبان مبارڪ ٻاھر ڪڍي رھيا ھئا ۽ امام صاحب زبان کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿي رھيو ھو. ايتري ۾ عينيه بن بدر فزاري چيو تھ مون کي جيڪو پٽ ٿيندو آھي، تنھن کي ڏاڙھي نڪرڻ تائين بھ مان ڪڏھن پيار نھ ڪندو آھيان. پاڻ فرمايائون تھ، ”جيڪو رحم نٿو ڪري ان تي رحم نٿو ڪيو وڃي.“ اھڙيءَ طرح سان پاڻ سڳورا زلان ۽ ٻارن سان کل خوشي ڪندا ھئا ۽ ھي گويا انھن ٻنھي ڌرين جي دل جي ضعف جي علاج طور ڪندا ھئا ۽ نھ کل مسخري ڪرڻ جي مراد سان.

ھڪ دفعي صھيب رضھ جي اک اٿيل ھئي ۽ خرمو کائي رھيو ھو. پاڻ فرمايائونس تھ تنھنجي اک اٿيل آھي ۽ تون خرمو ٿو کائين. ھن عرض ڪيو تھ سائين مان ٻي ڏاٺ سان کائي رھيو آھيان.ھي ٻڌي پاڻ ايترو کليا، جو سندن پاسي وارا ڏند مبارڪ بھ ظآھر ٿيڻ لڳا. ٻي ھڪ روايت آھي تھ خوات بن جبير، انصاري بن ڪمب جي عورتن ۾ مڪه معظمه جي واٽ تي ويٺو ھو تھ آنحضرت ﷺ جن جو گذر اچي ٿيو. فرمايائونس تھ تون ھنن عورتن ۾ ڇو ويٺو آھين؟ عرض ڪيائين تھ مون وٽ ھڪ ڏنگو مست اٺ آھي، انھيءَ لاءِ ھنن کان رسو وٽرائي رھيو آھيان. پاڻ سڳورا ﷺ پنھنجي ڪم لاءِ تشريف وٺي ويا. جڏھن اتان موٽيا تھ ان کان پڇيائون تھ انھيءَ اٺ اڃا مستي ڪا نھ ڇڏي آھي؟ خوات ٿوچوي تھ مون کي ڏاڍو شرم آيو ۽ ڪجھھ جواب ڏئي نھ سگھيس ۽ انھيءَ کانپوءِ جتي بھ حضور ﷺ جن کي ڏسندو ھئس تھ شرم کان پاسو ڪري ڀڄي ويندو ھوس. تان جو مديني منوره ۾ اچي اسلام سان مشرف ٿيس. ھڪڙي ڏينھن مان مسجد ۾ نماز پڙھي رھيو ھوس تھ، پاڻ تشريف فرما ٿيا ۽ منھنجي ڀرسان اچي ويھي رھيا. مان وٺي وڏيون رڪعتون پڙھڻ شروع ڪيون. پاڻ فرمايائون تھ ڊگھي نماز بھ پڙھھ، مان تنھنجو منتظر ويٺو آھيان. جڏھن مان سلام ورايو تھ پاڻ فرمايائون تھ خبر ڏي، انھيءَ اٺ اڃا مستي ڇڏي يا نھ؟ مان شرم جو ماريو ڪجھھ بھ ڪڇي نھ سگھيس. پاڻ تشريف وٺي ھليا ويا. مگر منھنجو اھو حال ھو جو حضور ﷺ جن کان ڀڄندو وتندو ھوس. ھڪڙي ڏينھن پاڻ دراز گوش نالي اٺ تي سوار ھئا، جو مون کي ملي ويا. سندن ٻئي ڄنگھون مبارڪ ھڪ طرف ڪري رکيل ھيون. فرمايائون تھ اي ابو عبدالله اڃا اٺ مستي ڇڏي يا نھ؟ مان عرض ڪيو تھ قسم آھي انھيءَ ذات پاڪ جو، جنھن اوھان کي رسول برحق ڪيو آھي تھ جنھن ڏينھن کان وٺي مسلمان ٿيو آھيان. انھيءَ ڏينھن کان بد ذاتي نھڪئي اٿم. پاڻ فرمايائون الله اڪبر – الله اڪبر – يا الله ھن شخص کي ھدايت فرماءِ. الله تعاليٰ ھن کي ھدايت ڪئي ۽ تمام چڱن مسلمانن مان ٿي پيو.

نعيمان انصاري ھڪ کلمک (کلندڙ) ۽ خوش طبع ماڻھو ھو. مگر شراب ڏاڍو پيئندو ھو. جڏھن حضور ﷺ جن جي خدمت ۾ وٺي ايندا ھئس تھ پاڻ پنھنجي جتي مبارڪ سان ھن کي ماريندا ھئا ۽ اصحابن کي حڪم ڪندا ھئا ۽ اھي بھ خوب ھن کي موچڙا ھڻندا ھئا. جڏھن گھڻا دفعا سزا مليس تھ اصحابن سڳورن منجھان ھڪڙي شخص چيس تھ، ”خدا توکي لعنت ڪري.“ پاڻ سڳورن انھيءَ شخص کي فرمايو تھ ائين نھ چئو (يعني لعنت نھ وجھيس) ھي شخص الله ۽ الله جي رسول سان محبت ٿو رکي ۽ نعيمان جو حال اھو ھو تھ مديني منوره ۾ جڏھن بھ مٺو کير يا ڪا نئين شيءِ ايندي ھئي تھ انھيءَ مان ڪجھھ خريد ڪري آنحضرت ﷺ جي خدمت ۾ کڻي ايندو ھو ۽ چوندو ھو تھ حضرت ھيءَ شيءِ مان اوھان جي لاءِ ملھھ تي ورتي آھي ۽ ھديھ ڪري کڻي آيو آھيان. جڏھن ان شيءِ جو مالڪ پيسا وٺڻ ايندو ھو تھ ان کي بھ حضور ﷺ جن ڏي وٺي ايندو ھو ۽ عرض ڪندو ھو تھ فلاڻي شيءِ جي رقم ھن کي عنايت فرمايو. پاڻ فرمائيندا ھئس تھ اھا تھ تو اسان کي ھديھ ڪري ڏني ھئي. ھو عرض ڪندو ھو تھ مون وٽ پيسو ڪو نھ ھو. مگر منھنجي دل گھريو پئي تھ حضور ﷺ جن اھا ضرور کائڻ فرمائن. انھيءَ ڪري مان ائين چئي ويو ھوس. پاڻ سڳورا ﷺ کلي پيسا ڏياري ڇڏيندا ھئا. انھيءَ ڪري اھڙي قسم جون خوش طبيعتون ڪڏھن ڪڏھن جائز آھن. مگر اھي ھميشه لاءِ ڪرڻ چڱيون ناھن ۽ زياده کلڻ سان دل مري ٿي وڃي.

 

يارھين آفت

مسخري ۽ ٺٺول ڪرڻ

مسخري ۽ ٺٺول ڪرڻ ۽ ٻئي بيوقوف بنائڻ ۾ جيڪڏھن ڪو اڳلي کي ايذاءُ پھچائي تھ حرام آھي. جيئن تھ ال تعاليٰ ٿو فرمائي: يٰاسيھا الذين آمنوا لايسخر قومءٌ من قوم عميٰ ان يڪونوا خيرا منھم ولا نسآءٌ من نسآءِ عسيٰ ان يکن خيرا منھن –

”اي ايمان وارؤ! ٺٺول نھ ڪري ھڪري قوم ٻي قوم تي، شايد ھو انھنکان بھتر ھجن ۽ عورتون ٻين عورتن تي (ٺٺول نھ ڪن) شايد ھو انھن کان بھتر ھجن.“ مسخري ۽ ٺٺول ڪرڻجي معنيٰ آھي تھ ٻئي جي توھين ۽ ثقارت ڪرڻ ۽ ھن جي شين ۽ گھٽاين کي اھڙي طرح بيان ڪرڻ، جو ماڻھن کي ٻڌي کل اچي ۽ ھيءَ ڪيترن ئي نمونن ۾ ٿي سگھي ٿي. يا تھ ڪنھن جي فعل جون نقلون ڪڍجن يا تھ ان جي قول جون نقلون ڪڍجن،. رمز يا اشاري ڪرڻ سان بھ ٺٺول ٿئي ٿي. پوءِ جيڪڏھن ھيءَ ڪنھن جي پرپٺ ڪئي ويندي تھ غيبت (گلا) ۾ داخل آھي. ورنھ ھن کي تمسخر يا استھزاءُ جو نالو ڏنو ويندو آھي. جيتوڻيڪ تمسخر غيبت ناھي، مگر تڏھن بھ ٻنھي جو اثر ۽ نتيجو ساڳيو آھي. حضرت عائشه رضھ ٿي فرمائي تھ مان ھڪڙي ماڻھوءَ جون نقلون ڪڍيون تھ حضور ﷺ جن فرمايو تھ، ”قسم آ خدا جو تھ مان پسند نٿو ڪريان انھيءَ ڳالھھ کي تھ مان ڪنھن انسان جون نقلون ڪڍان؟ ۽ مون کي گھڻو ڪجھھ ملي.“ حضرت ابن عباس رضھ ھن آيت شريف، ياويلتنا مال ھذا الکتاب ال يغادر صغيره و لاکبيره الا احصاھا.“ ۽ چوندا تھ ھاءِ اسان لاءِ تھ وڏو ويل ٿي ويو. ھن اعمال نامي جو الائي ڪھڙو حال آھي، جو نڪو صغيره (گناھھ) ۽ نڪو ڪبيره (گناھھ) ڳاڻاٽي کانسواءِ ڇڏيو اٿس.“ جي تفسير ۾ ارشاد ڪيو آھي تھ صغيره مان مراد آھي، مؤمن جي ٺٺولين تي مرڪڻ ۽ ڪبيره منمجھان مراد آھي. مؤمن جي ٺٺولين تي ٽھڪ ڏئي کلڻ، ھن تقسيم منجھان معلوم ٿيو تھ ماڻھن تي ٺٺول ڪرڻ يا کلڻ گناھھ ۾ داخل آھي ۽ عبدالله بن زمعھ ٿو فرمائي تھ مان حضور ﷺ جن کان خطبي ۾ ٻڌو آھي تھ پاڻ ﷺ ”ھوا نڪرڻ“ جي آواز تي کلڻ جي باري ۾ نصيحت فرمائي اٿن تھ جنھن ڳالھھ ۾ ماڻھو پاڻ مبتلا آھي. اھو ٻين تي ڇو ٿو کلي.

ھڪ حديث شريف ۾ آيو آھي تھ جيڪي ماڻھو دنيا ۾ ٻين ماڻھن تي کلن ٿا. قيامت ڏينھن انھن تي بھ کلون ٿينديون ۽ اھو ھن طرح ٿيندو تھ ھڪڙو دروازو جنت جو کوليو ويندو ۽ انھن ماڻھن کي چيو ويندو تھ ميان اچو ھيڏي اچو. مصيبت جا ماريا. جڏھن دروازي وٽ اچي پھچندا تھ دروازو بند ڪيو ويندو. وري دروازي کان کين سڏيو ويندو. اتي ويندا تھ اتي بھ اھو ئي حال ڏسندا. حضرت معاذ رضھ کان روايت آھي تھ آنحضرت ﷺ جن فرمايو تھ، ”جيڪو شخص پنھنجي ڀاءُ کي انھيءَ گناھھ جو عيب ٿو لڳائي، جنھن کان ھن توبھھ ڪئي ھجي تھ ھرگز نھ مرندو اھو شخص، جيستائين اھو گناھھ جو ڪم پاڻ نھ ڪندو. يعني ساڳئي قسم جو گناھھ پاڻ بھ ڪري پوءِ مرندو. انھن سڀني ڳالھين جو ھاصل مطلب ھڪ ئي آھي. يعني ٻئي جي حقارت، توھين ۽ ذلت ڪرڻ ۽ ان تي کل ۽ ٺٺول ڪرڻ، مٿي بيان ڪيل آيت ۾ انھيءَ جي سخت تنبيھھ آيل آھي. يعني حقارت جي نموني ٻئي تي کلڻ نھ گھرجي. ڪھڙي خبر شايد ھو ئي چڱو ھجي.

مطلب تھ ٻئي تي کلڻ انھيءَ صورت ۾ ھرام آھي. جو ھن کي ايذاءُ پھچي ۽ جيڪڏھن اڳلو ھن کلڻ کان خوش ھجي تھ انھيءَ ۾ ھن تي کلڻ، کلندڙ جي حڪم ۽ مزاح جي حيثيت ٿو رکي، جنھن جو بيان مٿي تفصيل سان ڪيو ويو آھي. حرام اھا ئي ٺٺول آھي، جنھن منجھان ڪنھن کي ايذاءُ پھچي. مثال طور جيڪڏھن ڳالھائڻ ۾ ڪنھن کان ڪو ٽاڪاڻو پئجي وڃي تھ ان تي کلڻ يا ڪمن تي کلڻ تھ ڏسو تھ اکر ڪھڙا نھ سٺا ٿو لکي يا فلاڻو ڪم ڪھڙو نھ چڱو ڪيو اٿس يا قد قامت ۽ شڪل صورت تي کلڻ، جھڙوڪ، بندري يا ڊگھي ماڻھو تي کلڻ يا ڪنھن جو ڪو عيب ۽ گھٽتائي ڏسي کلڻ، اھي سڀ تمسخر (ٺٺول) ۾ داخل آھن ۽ شرعا انھن کان پاسو ڪرڻ کپي.

ٻارھين آفت

راز فاش ڪرڻ

راز جي ڳالھھ ڪرڻ بھ منع آھي، ڇاڪاڻ تھ ھن ۾ بھ ٻئي کي ايذاءُ نقصان ٿو پھچي ۽ دوستي ۽ نيڪيءَ جو حق برباد ٿئي ٿو وڃي. حضورﷺ جن فرمايو ٿا تھ، ” جڏھن ڪو ماڻھو ڳالھھ ڪري ھليو وڃي تھ اھا ڳالھھ ھن جي ( ڄڻ تھ ) امانت رکيل آھي“ ۽ ھي بھ ارشاد فرمايو اٿن تھ، ڳالھھ اوھان جي وچ ۾ ھڪ امانت آھي“. حضرت حسن رضھ فرمائي ٿو تھ ڪنھن ڀاءُ ماڻھو جو راز کولڻ بھ خيانت ۾ داخل آھي. ھڪ روايت ۾ آھي تھ امير معاويھ رضھ وليد بن عتبه کي ڪا راز جي ڳالھھ ڪئي. انھن پنھنجي والد سان ڳالھھ ڪئي تھ امير معاويھ رضھ مون کي ھڪ راز ٻڌايو آھي ۽ يقين آھي تھ جڏھن مون کي ٻڌايو اٿس تھ اوھان کان ڇو لڪل ھوندو. پڻس چيس تھ انھي ڳالھھ جو بيان مون سان نھ ڪر، ڇاڪاڻ جو راز کي جيسين ماڻھو لڪائي رکندو آھي، تھ تيسين ھن جي قبضي ۾ ھوندو آھي ۽ جڏھن ٻڌائي ويٺو تھ ھو ٻئي جي اختيار ۾ ھليو ويندو. وليد رضھ سوال ڪيو تھ پيءُ پٽ جي وچ ۾ اھو معاملو ھوندو آھي ڇا؟ جنھن تي منھنجي والد جواب ڏنو تھ پيءُ پٽ جي وچ ۾ ايترو نھ ھوندو آھي، مگر مان چاھيان ٿو تنھنجي زبان راز ٻڌائڻ کان نھ کلي ۽ توکي راز فاش ڪرڻ جي عاددت نھ پي. پوءِ مان وڃي اھا ماجرا امير معاويھ رضھ کي ٻڌائي، جنھن چيو تھ تنھنجي پيءُ تو کي خطا جي غلاميءَ کان آزاد ڪري ڇڏيو. خلاصو ڳالھھ جو اھو ٿيو تھ راز فاش ڪرڻ ھڪ خيانت آھي ۽ انھيءَ ۾ ڪنھن جو نقصان ٿيندو ھجي تھ حرام آھي ۽ جي نقصان نھ ٿئي تھ بھ ڪمينڻپو تھ ضرور آھي.

تيرھين آفت

ڪوڙو وعدو ڪرڻ

زبان وعدي ڪرڻ ۾ اڳرائي ڪندي آھي. مگر نفس کي پورو ڪرڻ ڏاڍو ناگوار آھي لڳندو آھي ۽ وعدو ڪوڙو ٿي ويندو آھي ۽ ھي منافقت جي نشاني آھي. حالانڪ الله تعاليٰ صاف صاف ٿو فرمائي تھ: يايھا الذين امنو اوفوا بالعقود-” اي ايمان وارؤ! پنھنجا وعدا پورا ڪريو.“ آنحضرت ﷺ جن فرمايو آھي تھ تھ وعدو ڪرن عطا يا بخشش ۾ شمار آھي ۽ ٻي حديث ۾ آھي تھ، ” وعدو قرض جي مثال آھي.“ خداوند ڪريم پنھنجي نبي حضرت اسمائيل عليه السلام جي تعريف پنھنجي ڪتاب مجيد ھن طرح فرمائي آھي، انه کان صادق الوھد” بيشڪ ھو وعدي جو سچو ھو.“ روايت آھي تھ حضرت اسمائيل عليه السلام ھڪ جاءِ تي ڪنھن شخص سان وعدو ڪيو ھو، اھو شخص ڀل کان ٻاويھھ ڏينھن انھيءَ جاءِ تي نھ آيو. پاڻ ھن جي انتظار ۾ اھو سارو عرصو اتي جو اتي رھيا. حضرت عبدالله بن عمر رضھ جو جڏھن موت جو وقت قريب آيو، تڏھن فرمايائون ھڪڙي قريشي شخص مون  کان منھنجي نياڻيءَ جو سڱ مون کان گھريو ھو ۽ مان ھن سان مذبذب ( اڌو گابرو) وعدو ڪيو ھو. ھاڻي قسم آھي خدا جو تھ مان خدا تعاليٰ جي اڳيان تين پري نفاق جي کڻي نھ ويندس. توھان سڀ گواه ھجو تھ مان انھيءَ شخص کي پنھنجي نياڻي شاديءَ ۾ ڏني.

عبدالله بن آبي الحمساء روايت ٿو ڪري تھ نبوت ملڻ کان اڳ م مان حضور ﷺ جن سان ھڪڙو ڌنڌ ڪيو ھو ۽ سندن ڪجھھ رقم رھجي وئي ھئي، مون عرض ڪيو تھ مان ھاڻي ٿو کڻي اچان، سائينءَ جن اتي بيھن. مگر مونکان انھيءَ ڏينھن ۽ ٻئي ڏينھن تي بھ اھا ڳالھھ ڌيان مان نڪري وئي. تين ڏينھن جو آيس تھ حضور ﷺ جن کي مون انھيءَ ئي جڳھھ تي ڏٺو پاڻ فرمايائون تھ ميان صاحب،“ توھان تھ وڏي مصيبت ۾ وجھي ڇڏيو آھي، ٽن ڏينھن کان وٺي توھان جي انتظار ۾ آھيان. حضرت ابراھيم بن آدھم کان روايت آھي ڪنھن ماڻھوءَ کانئن پڇيو تھ جيڪڏھن ڪو شخص ڪنھن سان وعدو ڪري وڃي ۽ ميعاد تي نھ موٽي تھ ڇا ڪرڻ گھرجي؟ پاڻ فريائون تھ ايتري تائين انتظار ڪري، جو ايندڙ نماز جو وقت ٿي وڃي ۽ آنحضرت ﷺ جن جڏھن ڪنھن سان واعدو ڪرڻ فرمائيندا ھئا تھ شايد جو لفظ ڪم آڻيندا ھئا ۽ حضرت ابن مسعود ھر ھڪ وعدي سان انشاءَ الله چوندو ھو ۽ اھو بھتر بھ آھي. پوءِ جيڪڏھن انھي شرط سان گڏ پورو ارادو بھ ھجي ۽ ڪو عذر بھ نھ ھجي تھ پورو ڪرڻ گھرجي، ۽ جيڪڏھن وعدي ڪرڻ جي وقت ئي اھو پڪو قصد ڪيائين تھ پورو نھ ڪندس تھ، انھيءَ جو نالو نفاق يا منافقت آھي. جيئن جو حضرت ابوھريره رضھ روايت ٿو ڪري تھ آنحضرت ﷺ جن فرمايو تھ جنھن شخص ۾ ٽي ڳاليون آھن. اھو پڪو منافق آھي. توڙي ھو نماز روزو ادا ڪندو ھجي ۽ زبان سان چوندو رھي تھ مان مسلمان آھيان. اھي ئي ڳالھيون ھي آھن. پھرين، ڳالھھ ڪري تھ ڪوڙ ڳالھائي، ٻيو وعدو ڪري تھ پورو نھ ڪري ۽ ٽيون ڪو امانت ھن وٽ رکي وڃي تھ خيانت ڪري.

حضرت عبدالله بن عمرو رضھ فرمائي ٿو تھ حضور ﷺ جن فرمايو تھ جنھن ۾ چار شيون آھن، اھو پورو منافق آھي ۽ جنھن ۾ ھڪ شيءِ انھن منجھان ھجي ان ۾ اوتري قدر (يعني چوٿين پتي) نفاق ھوندو، جيستائين ان کي ترڪ نھ ڪري. پھرين ڳالھھ اھا آھي تھ ڪا بھ ڳالھھ ڪري تھ ڪوڙي ڪري، ٻيو تھ وعدي خلافي ڪري، ٽيون تھ عھد ڪري فريب ۽ دغا ڪري ۽ چوٿون خصومت وقت گاريون ڏئي. مگر ھي حال انھيءَ ماڻھوءَ جو آھي، جنھن جي وعدي ڪرڻ وقت وفا ڪرڻ جي نيت نھ ھجي يا بنا عذر جي پورو نھ ڪري. مگر جيڪو شخص وعدي ڪرڻ وقت پوري ڪرڻ جو ارادو ٿو رکي ۽ پوءِ ھو ڪنھن عذر ڪري پورو ڪري نٿو سگھي تھ اھو منافق نھ ٿيندو. جيتوڻيڪ صورت نفاق جھڙي ٿي اچي پيش پوي. انھيءَ ڪري، جھڙيءَ طرح اصلي نفاق کان بچڻ ضروري آھي، تھڙيءَ طرح ھن ظاھري نفاق جي صورت کان بھ پاسو ڪرڻ واجب آھي ۽ بنا ڪنھن سخت ضرورت ۽ لاچار جي، نفس کي معذور رکڻ نھ گھرجي. يعني نفس جو ڪو بھ عذر قبول نھ ڪجي.

حضور سرور ڪائنات ﷺ جن آيو الھثيم بن تيھان کي ھڪ غلام ڏيڻ جو وعدو فرمايو ھو. جڏھن مال غنيمت ۾ ٽي غلام آيا تھ ٻھ تھ پاڻ ڏئي ڇڏيائون. باقي وڃي ھڪڙو بچيو. حضرت فاطمه رضھ حضور ﷺ جن جي خدمت ۾ آئي ۽ اچي عرض ڪيائين تھ، چڪي (جنڊ) پيھي پيھي، منھنجن ھٿن ۾ ڪارا نشان پئجي ويا آھن، اھو ٻانھو مون کي عنايت فرمايو. مگر آنحضرت ﷺ جن کي ابو الھثيم وارو واعدو ياد اچي ويو ۽ صاحبزادي رضھ کي فرمايائون تھ توکي ٿو ٻانھون ڏيان تھ وعدي خلافي ٿي پوندي. غرض تھ ٻانھو ابو الھثيم کي مرحمت ڪيو ويو ۽ حضرت فاطمه رضھ کي وعدي تي ترجيح نھ ڏني وئي. باوجود انھيءَ جي جو نازڪ ھٿن ۾ نشان پئجي ويا ھئا.

ھڪڙي دفعي ھوازن جو مال غنيمت حضور ﷺ جن تقسيم پئي فرمايو. ھڪڙو ماڻھو اچي بيھي رھيو ۽ عرض ڪيائين تھ سائينءَ جن مون سان ھڪ وعدو فرمايو ھو. پاڻ فرمايائون تھ بلڪل سچ آھي. جيڪي ھاڻي توکي وڻي، سوڳ کڻ. ھن شخص اسي (80) رڍون، چارڻ واري، يعني ھڪ ريڍار سميت پسند ڪيون. پاڻ اھي سڀ ھن کي ڏياريائون ۽ فرمايائونس تھ تو ڪجھھ بھ نھ گھريو. توکان تھ اھا عورت زياده ھوشيار ھئي، جنھن حضرت موسيٰ عليه السلام کي حضرت يوسف عليه السلام جا ھڏا ٻڌايا ھئا ۽ حضرت موسيٰ عليه السلام ھن کي چيو تھ گھر، جيڪي گھرڻو اٿئي تھ ھن چيو ھو تھ منھنجو سوال ھي آھي تھ مان وري جوان ٿي وڃان ۽ توھان سان گڏ جنت ۾ ھلان.  ھڪ پھاڪو بڻجي پيو. ”اشحّ من صاحِب الثّمالين و الراعي“ (اسي رڍن ۽ ريڍار جي مالڪ کان وڌيڪ ڪنجوس) ۽ ھڪ حديث شريف ۾ آيو آھي تھ آنحضرت ﷺ جن فرمايو تھ وعدي خلافي انھيءَ جو نالو ناھي، جو آدمي وعدو ڪري ۽ نيت ھجھيس تھ مان پورو ڪندس ۽ ٻي روايت ۾ آھي تھ جڏھن ڪو شخص ٻئي سان وعدو ڪري ۽ نيت پوري ڪرڻ جي ھجيس، مگر ڪنھن لاچار سببان پوري ڪري نھ سگھي تھ ھن تي ڪو گناھھ ڪونھي.

چوڏھين آفت

ڪوڙ ڳالھائن ۽ قسم کڻڻ

ڪوڙ ڳالھائڻ ۽ ڪوڙا قسم کڻڻ، ھڪ خراب عيب ۽ وڏو گناھھ آھي. اسماعيل بن واسط رحھ ٿو چوي تھ آنحضرت ﷺ جن جي وفات کانپوءِ، مان حضرت ابابڪر صديق رضھ کان ٻڌو، جو خطبي ۾ فرمائي رھيا ھئا تھ ھجرت واري پھرين سال حضور ﷺ جن ھن ئي جاءِ تي بيھي، جتي مان بيٺو آھيان. ھي فرمايو ھو ۽ ايترو چئي حضرت ابابڪر صديق رضھ روئڻ لڳا. پوءِ ھيءَ حديث پڙھيائون تھ، ”بچو ڪوڙ کان، جو ھو بدڪاريءَ جو ساٿي آھي ۽ ٻئي دوزخ ۾ (وڃڻ وارا) آھن ۽ اوھان تي لازمي آھي سچ ڳالھائڻ، جو ھو نيڪيءَ جو ساٿي آھي ۽ اھي ٻئي جنت ۾ (ُڃڻ وارا) آھن.“

حضرت ابو امامه رضھ ھن طرح ٿو روايت ڪري تھ پاڻ فرمايو اٿن تھ ڪوڙ نفاق (منافقت) جي دروازن منجھان ھڪ دروازو آھي ۽ حضرت حسن رضھ ٿو فرمائي تھ ظاھر ۽ باطل يا قول ۽ فعل يا نڪرڻ ۽ داخل ٿيڻ وارين جاين جي اختلاف يا ھڪٻئي جي ابتڙ ھئڻ کي نفاق يا منافقت ڪري سڏبو آھي ۽ جنھن پيڙھھ تي ان جو بنياد ٻڌل آھي. اھا آھي ”ڪوڙ“. ھڪ ھديث شريف ۾ آيو آھي تھ، ”اھا ھڪ وڏي خيانت آھي، جو تون پنھنجي ڀاءُ سان اھڙي ڳالھھ ڪرين، جو ھو توکي انھيءَ ۾ سچو سمجھي ۽ تون ھن کي انھيءَ ۾ ڪوڙو سمجھين.“

حضرت ابن مسعود رضھ کان روايت آھي تھ حضور ﷺ جن فرمايو تھ ”بندو ھميشه ڪوڙ ٿو ڳالھائي ۽ انھيءَ کي ترجيح ڏيندو ٿو رھي. تان جو الله تعاليٰ وٽ ڪوڙو ليکيو ٿو وڃي.“ ھڪ دفعي آنحضرت ﷺ جن جو گذر ٻن ماڻھن وٽان ٿيو، جيڪي ٻڪريءَ جو سودو ڪري رھيا ھئا. ھڪڙو قسم کڻي رھيو ھو تھ ھيتري کان گھٽ نھ وٺندس ۽ ٻيو قسم سان چئي رھيو ھو تھ ھيتري کان زياده نھ ڏيندس. وري جو کڻي پاڻ ملاحظھ فرمائن تھ خريدار ٻڪري خريد ڪري ورتي. پاڻ فرمايائون تھ ٻنھي مان ھڪ کي گناھھ ۽ ڪفاره ٻئي لاڳو ٿي ويا. اھو پڻ حضور ﷺ جن فرمايو تھ، ”ڪوڙ روزيءَ کي نقصان ٿو ڪري“ ۽ ”تاجر (واپاري) فاجر (بدڪردار) ھوندا آھن.“ ماڻھن عرض ڪيو تھ سائين الله تعاليٰ واپار کي حلال ۽ وياج کي حرام ڪيو آھي. پوءِ واپارين جي فاجر ھئڻ جو ڪھڙو سبب آھي؟ پاڻ فمايائون تھ انھيءَ جو سبب اھو آھي جو قسم کڻي کڻي گنھگار ٿي ٿا پون ۽ جيڪي ڪجھھ اھي چوندا آھن، سو ڪوڙ ڳالھائيندا آھن. ٻي حديث ۾ آيو آھي تھ، ”ٽي شخص اھڙا آھن، جن سان خدا تعاليٰ قيامت جي ڏينھن نھ ڳالھائيندو ۽ نھ ھنن تي ڪا شفقت جي نظر ڪندو. ھڪ اھو، جيڪو ٻئي کي ڪا شيءِ ڏئي ان تي احسان يا ٿورو جتائي، ٻيو، جيڪو ڪوڙا قسم کڻي پنھنجو مال وڪڻي ۽ ٽيون، جيڪو پاجامو يا سٿڻ يا سلوار ڀيڏين کان ھيٺ رکي.“ ھيءَ بھ ھڪ حديث آھي تھ جيڪڏھن ڪو خدا جو قسم کڻي ڪجھھ چوي ۽ مڇر جي پر جيتري ان ۾ پنھنجي طرف کان ڪائي شيءِ (ڪوڙي) ملائي تھ ان جي دل تي ھڪ ڪارو داغ قيامت تائين رھندو.

حضرت ابوذر رضھ روايت ٿو ڪري تھ حضور ﷺ جن فرمايو آھي تھ، ”ٽن ماڻھن کي الله تعاليٰ دوست ٿو رکي. ھڪ اھو جيڪو جنگ جي قطار ۾ پنھنجو سينو تاڻي بيھي، جيسين ھو شھيد ٿئي يا سوڀ پائي. بيو اھو، جيڪو موذي جي پاڙي ۾ رھي. ان جي ايذاءَ ڏيڻ تي صبر ڪري، جيسين موت يا سفر جي سببان ٻنھي ۾ جدائي ٿئي ۽ ٽيون اھو شخص، جيڪو سفر ۾ ھڪڙي قافلي سان ساڻ ھجي ۽ اھو قافلو ايترو ھلي. جو زمين تي سمھڻ لاءِ خواھشمند ۽ بيچين ھجي ۽ آرام لاءِ ٿورو لھي پوي تھ اھو شخص ٿورو پري ٿي. نماز پڙھڻ شروع ڪري ڏي. انھيءَ نيت سان تھ قافلي کي ڪوچ لاءِ وقت تي جاڳائي. ٽن آدمين سان خدا تعاليٰ دشمني ٿو رکي. ھڪ سوداگر يا وڪڻڻ وارو، جيڪو گھڻا قسم کڻي. ٻيو تڪبر ڪندڙ فقير ۽ ٽيون بخيل، جيڪو ڪجھھ ڏئي احسان يا ٿورو جتائي“ ۽ ٻيو فرمايائون تھ، ھلاڪت آھي. انھيءَ لاءِ، جيڪو ڳالھھ ڪري ۽ ڪوڙ ڳالھائي تھ ماڻھو کلن. ھلاڪت آھي ھن لاءِ ۽ تباھي آھي ھن لاءِ“ ۽ ٽيون فرمايائون تھ، ”مان خواب ڏٺو تھ گويا ھڪڙو ماڻھو مون وٽ آيو ۽ مون کي چيائين تھ ھل ۽ مان ھن سان روانو ٿي ويس. ايتري ۾ ٻن ماڻھن کي ڏٺم، جن مان ھڪڙو ويٺو ھو ۽ ٻيو بيٺو ھو. بيٺل ماڻھوءَ جي ھٿ ۾ ھڪ لوھھ جو گرز ھو. جيڪو ويٺل ماڻھوءَ جي واچ ۾ وجھي ايترو پي چيريائين جو ھن جي ڪنڌي تائين پئي وڃي لڳي ۽ وري ٻئي واچ ۾ وجھي ساڳيءَ طرح پي ڪيائين. ايتري ۾ واچ وري پنھنجي ساڳي حالت ۾ اچي پي وئي. پوءِ جيڪو شخص مون کي وٺي ويو ھو. ان کان مون پڇيو تھ ھي ڇا معاملو آھي؟ ھن جواب ڏنو تھ ھي ڪوڙ ڳالھائڻ وارو ماڻھو آھي. ھن کي قيامت تائين قبر ۾اھو عذاب ٿيندو رھندو.

عبدالله بن جراد رضھ کان روايت آھي تھ مون آنحضرت ﷺ جن کان پڇيو تھ مؤمن زنا ڪري ٿو سگھي؟ پاڻ فرمايائون تھ ڪڏھن ڪڏھن ائين بھ ٿئي ٿو. مان وري عرض ڪيو تھ مؤمن ڪوڙ بھ ڳالھائي ٿو؟ پاڻ فرمايائون تھ نھ ۽ ان کانپوءِ ھيءَ آيت مبارڪ پڙھيائون تھ، اِنما يفتري الکذبَ الذين لا يومنون بِاياتِ الله - ”ڪوڙو ٺاھھ انھن کانسواءِ ڪو نھ ٺاھيندو آھي، جيڪي الله جي آيتن کي نھ مڃيندا آھن (يعني ڪوڙآ ٺاھھ رڳو اھي ٿا ٺاھن، جيڪي الله جي آيتن تي ايمان نٿا رکن).“

ابو سعيد خدري رضھ ٿو فرمائي تھ مان پاڻ سڳورن کي ٻڌو تھ ھيءَ دعا پئي گھريائون، ”اي منھنجا الله! پاڪ ڪر منھنجو قلب نفاق کان ۽ منھنجي شرمگاھھ زنا کان ۽ منھنجي زبان ڪوڙ کان“ ۽ ھڪ حديث شريف ۾ آيو آھي تھ، ”ٽي شخص آھن، جن سان نڪي الله تعاليٰ ڳالھائيندو، نڪي انھن ڏي نھاريندو ۽ نھ انھن کي پاڪ ڪندو ۽ انھن کي دردناڪ عذاب ٿيندو. ھڪ پوڙھو زاني، ٻيو ڪوڙو بادشاھھ ۽ ٽيون تڪبر ڪندڙ فقير.“ عبدالله بن عامر رضھ ٿو فرمائي تھ ھڪ دفعي حضور ﷺ جن اسان جي گھر ترشريف فرما ٿيا. مان انھيءَ زماني ۾ ننڍو ھوس. سو کيڏڻ لاءِ ئي ويس. منھنجي ماءُ مون کي سڏ ڪيو تھ ھيڏي اچ. ھي اچي وٺ، پاڻ پڇيائونس تھ ڪھڙي شيءِ ڏيڻ لاءِ ڇوڪري کي سڏيو ٿي؟ جواب ڏنائين تھ خرمو (يا کارڪون). پاڻ فرمايائون تھ جيڪڏھن ھن کي ڪجھھ نھ ڏئين ھا تھ ھڪڙو ڪوڙ تنھنجي نالي لکيو وڃي ھا. اھو پڻ فرمايو اٿن تھ جيڪڏھن الله تعاليٰ مون تي فضل ڪري ۽ ھنن ڪرن ۽ پٿرين جي برابر مون کي غنيمت ۾ اٺ ڏئي تھ مان سڀ اوھان کي ڏئي ڇڏيان ۽ اوھان کي معلوم ٿي وڃي تھ مان بخيل ۽ نامراد ۽ ڪوڙ ڳالھائڻ وارو ناھيان. ھڪ دفعي پاڻ :ڪ ڏيون ويٺا ھئا. اتي فرمايائون تھ اوھان کي ٿو ٻڌايان تھ سڀ کان وڏو ڪبيره گناھھ خدا تعاليٰ سان شرڪ ڪرڻ ۽ والدين جي نافرماني آھي. پوءِ وري پاڻ سڌا ٿي ويٺا ۽ فرمايائون تھ (اھا پڻ توھان کي خبر ھجي ۽) سمجھي ڇڏيو تھ ڪوڙو قول بھ سڀ کان وڏو ڪبيره گناھھ آھي. حضرت ابن عمر رضھ ٿو فرمائي تھ حضور ﷺ جن فرمايو تھ جيڪڏھن ڇھھ ڳالھيون منھنجون مڃو تھ مان توھان جي لاءِ جنت جو ذمو ٿو کڻان. اصحابن عرض ڪيو تھ اھي ڪھڙيون آھن؟ پاڻ فرمايائون تھ پھرين ڳالھھ اھا آھي تھ جڏھن ڪا ڳالھھ ڪريو تھ ڪوڙ نھ ڳالھايو، ٻيو وعدو ڪيو تھ ان جي خلاف ورزي نھ ڪيو، ٽيون تھ امانت ۾ خيانت نھ ڪريو. چوٿون بد نگاھھ نھ ڪريو، پنجون ڪنھن کي ھٿ سان ايذاءُ نھ ڏيو ۽ ڇھون شرمگاھھ جي حفاظت ڪريو ۽ فرمايائون تھ شيطان لاءِ چٽڻي، سرمھ ۽ خوشبو مقرر آھن ھن جي چٽڻي آھي ڪوڙ ۽ گھڻي ننڊ اٿس سرمو ۽ ڪاوڙ ۽ غصو اٿس خوشبو.

حضرت عمر رضھ ھڪڙي ڏينھن پنھنجي خطبي ۾ فرمايو تھ آنحضرت ﷺ جن جتي مان بيٺو آھيان، اتي بيھي، ھي فرمائيندا ھئا تھ ”توھان چڱا ٿي ھلو منھنجن اصھابن سان ۽ پوءِ انھن سان جيڪي انھن سان متصل آھن (يعني تابعين سان). پوءِ ڪوڙ ڦھلجي ويندو. ايتري قدر، جو ماڻھو قسم کڻندو، مگر ھن کان قسم ورتو نھ ويندو ۽ ھو گواھي ڏيندو، مگر ڪو بھ ھن جي گواھي نھ چاھيندو.“ ھڪ حديث ۾ آھي تھ، جيڪو شخص ڪا حديث بيان ڪري ۽ ڄاڻندو ھجي تھ اھا ڪوڙي آھي تھ ھو بھ ڪوڙن منجھان ھڪ ڪوڙو آھي.“ ٻيءَ حديث ۾ آيو آھي تھ، ”جيڪو ماڻھو ڏوھھ (يعني ڪوڙ) تي قسم کڻي، انھيءَ لاءِ تھ ڪنھن مسلمان جو مال ناحق ڇني وٺي تھ ھو ملندو الله جل شانه سان انھيءَ حال ۾، جو الله تعاليٰ مٿس ڏمريل ھوندو.“ ھڪ روايت آھي تھ حضور ﷺ جن ھڪ دفعي ھڪڙي ماڻھوءَ جي شھادت، صرف سندس ھڪ دفعي ڪوڙ ڳالھائڻ جي ڪري رد ڪري ڇڏي. ھي پڻ سندن فرمودو آھي تھ، ”ھر ھڪ خصلت ايماندار جي طبيعت ۾ داخل ٿي سگھي ٿي، سواءِ خيانت ۽ ڪوڙ جي.“

حضرت عائشه رضھ ٿي فرمائي تھ رسول الله ﷺ جي اصحابن کي ڪوڙ کان وڌيڪ بڇڙي ڪا بھ عادت ڪا نھ سجھندي ھئي ۽ اھو دستور ھو تھ جڏھن ڪنھن اصحابيءَ جو ڪوڙ معلوم ٿيندو ھون تھ تيسين ڪدورت نھ ويندي ھين، جيسين اھو معلوم ٿئين تھ ھن نئين طرح وري ڌڻي تعاليٰ جي اڳيان ڪوڙ کان توبھ ڪئي آھي.

حضرت موسيٰ عليه السلام ڌڻي تعاليٰ جي درگاھھ ۾ عرض ڪيو تھ تنھنجن ٻانھن ۾ اعمالن جي اعتبار کان ڪھڙو چڱو آھي؟ ارشاد ٿيس تھ جنھن جي زبان ڪوڙ نھ ڳالھائي، قلب گناھھ نھ ڪري ۽ شرمگاھھ زنا نھ ڪري. حضرت لقمان پنھنجي پٽ کي ھدايت ڪئي تھ ڪوڙ نھ ڳالھائجانءِ، ڇاڪاڻ تھ ھو جھرڪيءَ جي گوشت جھڙو مزيدار ٿو ٿئي. مگر ٿوري ڳالھھ ۾ ئي ان جي برائي ڳالھائيندڙ کي معلوم ٿي وڃي ٿي.

سچ ڳالھائڻ جي تعريف ۾ ھيءَ حديث آھي تھ، چار شيون اھڙيون آھن، جو جيڪڏھن اھي تو ۾ ھجن ۽ ٻي ڪا دنيا جي شيءِ تو وٽ نھ ھجي تھ توکي ڪو ضرور ڪونھي. ھڪ سچ ڳالھائڻ، ٻيو امانت سنڀالي رکڻ، ٽيون خوش خلقي ۽ چوٿون حلال جو کاڌو.“ حضرت معاذ رضھ ٿو فرمائي تھ آنحضرت ﷺ جن مون کي ارشاد فرمايو تھ، ”مان توکي وصيت ٿو ڪريان، الله تعاليٰ کان ڊڄڻ، سچي ڳالھھ ڪرڻ، امانت موٽائي ڏيڻ، وعدو پورو ڪرڻ، ماني کارائڻ ۽ تواضع سان ھلڻ جي.“ ھن باري ۾ ٻيون روايتون بھ گھڻيون آھن، حضرت علي ڪرم الله وجھھ ٿو فرمائي تھ الله تعاليٰ وٽ وڏي خطا ڪوڙي زبان آھي ۽ وڏي پشيماني قيامت جي ڏينھن واري پشيماني آھي. عمر بن عبدالعزيز ٿو فرمائي تھ جڏھن کان مون کي اڳٺ ٻڌڻ جي تميز ٿي آھي. تڏھن کان وٺي مان ڪوڙ نھ ڳالھايو آھي. حضرت عمر رضھ ٿو فرمائي تھ جيسين ڪنھن سان ملاقات نٿي ٿئي. تيسين توھان منجھان وڌيڪ چڱو اھو معلوم ٿيندو آھي، جنھن جو نالو چڱو مشھور ھوندو آھي ۽ جڏھن ملاقات ٿي وڃي ٿي تھ اھو چڱو ٿو لڳي، جيڪو چڱيون عادتون ٿو رکي ۽ معاملي يا ڌنڌي ڪرڻ کان پوءِ اھو ٿو چڱو لڳي، جيڪو قول ۾ سچو ۽ امانت ۾ پڪو آھي. سيمون بن آبي شبيب رحھ ٿو فرمائي تھ ھڪڙي ڏينھن مان خط لکي رھيو ھوس تھ ھڪ اھڙو لفظ خيال ۾ آيو، جيڪو جيڪڏھن لکان پيو تھ خط جي زينت پئي وڌي. مگر ان سان گڏ ڪوڙ بھ ٿي پيو پوي. مان ڄاڻي ٻجھي اھو لفظ ڇڏي ڏنو. انھيءَ وقت گھر جي ھڪڙي طرف کان آواز آيو تھ، يثبِّت الله الذين آمنوا بِالقول الثّابِتِ في الحياتِ الدنيا والاخِرتِ“ الله تعاليٰ دنيا جي حياتيءَ ۾ ثابت قول مان محڪم رکندو آھي ۽ آخرت ۾ بھ انھن کي، جن ايمان آندو.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25  26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org