سيڪشن؛علميات

ڪتاب: ڏاهون ڏک ڏسن

باب: --

صفحو :9

”ھاڻي اھو انسان جيڪو انھيءَ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ صحيح واٽ سان ھلڻ چاھي تھ پوءِ ان لاءِ اھو ضروري آھي تھ کيس پنھنجي نوجواني واري عمر کان ئي، خوبصورت جسمن سان ملاقاتون، رھاڻيون ۽ لاڳاپا رکي عمر کان ئي، خوبصورت جسمن سان ملااتون، رھاڻيون ۽ لاڳاپا رکي شروعات ڪرڻ گھرجي. پوءِ جي سندس سونھين ۽ رھبر، سندس درست رھنمائي ڪئي تھ ھو پھريائين پھريان رڳو ھڪ ئي سھڻي ماڻھوءَ سان عشق ۾ گرفتار ٿي ويندو ۽ انھيءَ سان سنگت جي ڪري منجھس اعليٰ، اتم ۽ خوبصورت جذبا ۽ سوچون جنم وٺڻ لڳنديون. تنھن کانپوءِ ھو پنھنجو پاڻ ئي اھو سھي ڪري ۽ سمجھي وٺندو تھ ڪنھن ھڪ انسان ۾ جيڪا جسماني خوبصورتي آھي سا تھ اھڙي آھي جيڪا ٻي ماڻھو ۾ بھ آھي ۽ جيڪڏھن ھو خوبصورتي جي جوھر جي تلاش کي ئي پنھنجو مقصد رکي ٿو تھ، پوءِ ھو بيوقوف ليکبو جي ھن ائين نھ سمجھيو تھ سمورن جسمن جي خوبصورتي اصل ۾ ساڳي ۽ ھڪجھڙي آھي. ھاڻي جڏھن اھو ان نتيجي تي پھچندو تھ پوءِ ھو سمورن سھڻن جسمن سان پيار ڪرڻ لڳندو ۽ ڪنھن ھڪ مخصوص ماڻھوءَ سان پنھنجي پيار جي شدت ۾ گھٽتائي آڻي ڇڏيندو ۽ ان پيار کي ايڏو نھ ڀائيندو ۽ گھٽ اھميت ڏيندو. ان ڏاڪي کان پوءِ ھو ٻي منزل مان گذرندو، جنھن ۾ کيس محسوس ٿيندو تھ سيرت جي سونھن، صورت جي سونھن کان وڌيڪ قدر قيمت واري آھي، نتيجو اھو نڪرندو تھ جڏھن کيس گڻن ۽ خصلتن وارو ڪو ھمراھھ ملي ويو، جنھن ۾ جسماني خوبصورتي ڀلي ايڏي نھ بھ ھجي.  تڏھن بھ ھو ان کي پيار ڪرڻ ۽ ساھھ ۾ سانڍڻ لاءِ بلڪل راضي ۽ تيار ھوندو ۽ پوءِ اھڙيون سوچون ۽ ويچار تلاش ۽ تخليق ڪندو، جيڪي نوجوانن کي بھتر بڻائن ۽ ائين ھو خوبصورتي بابت گھرو سوچ ويچار ڪرڻ لڳندو ۽ کيس سماجي سرشتن، ريتن رسمن ۽ قانونن ۾ خوبصورتي نظر ايندي ۽ اھا شناسائي ٿيندس تھ ھت پڻ اھا سموري سونھن اصل ۾ ڄڻ ساڳي ئي حسب نسب جي آھي ۽ اھو تھ جسماني خوبصورتي تھ بلڪل خسيس شيءِ آھي. رسم رواج، دستورن ۽ قانون کان پوءِ ھو ڄاڻ / سائنس ڏانھن مائل ٿيندو ۽ انھن جي خوبصورتي بابت غور ويچار ڪندو. ائين سندس نگاھون خوبصورتيءَ کي انھيءَ وسيع معنيٰ ۾ پسنديون ۽ ھو ھينئر سونھن جي ڪنھن ھڪ خاص مثال ڏانھن، کوٽي چاھھ ۽ نيچ جذبي سان، وڌيڪ ان جو غلام نھ رھندو. ڀلي کڻي سندس اھو پيار ڪنھن بھ ڇوڪري، ڪنھن بھ انسنا، يا ڪنھن ڪرت سان ھيو. پر سونھن جي ان وسيع، وشال ۽ بي انت بحر تي نھاري، جيڏانھن ھينئر اچي سندس ڌيان ڇڪيو آھي، ھو ڏاھپ سان پنھنجي اھڙي اڻ مئي پيار جي نتيجي ۾ ڪيترائي شاندار، سھڻا ۽ فلسفي سان پر، ويچار ۽ خيال تخليق ڪندو. تان جو پنھنجي تجربي سبب، قابليت، لياقت ۽ سمجھھ ۾ پختگي حاصل ڪندي، ھو آخر ھڪ لاثاني سائنس جو مشاھدو ماڻي ٿو، جنھن کي سونھن جي سائنس چئجي ٿو. مان ھينئر ان جي باري ۾ ئي ڳالھائيندس. مون ڏانھن پنھنجو پورو ڌيان ڪري، ڪن ڏئي ٻڌجان.

”اھو انسان جنھن کي پيار جي اسرارن ۽ معاملن ۾ ائين رھنمائي ملي ھجي ۽ جنھن ماڻھو سونھن کي ائين ٺيڪ، ڏاڪي بھ ڏاڪي، ترتيبوار پسيو، پرکيو، سوچيو، سمجھيو ۽ اھن مان گذريو ھجي، سو ائين اچي پنھنجي ان جستجو جي پڄاڻي ۽ آخري درجي ۽ پد کي پھچي ٿو تھ کيس اوچتو ھڪ اچرج ۾ وجھندڙ سونھن جو مشاھدو نصيب ٿئي ٿو ۽ سقراط اھا ئي سندس سمورن پورھين ۽ ڪشالن جي منزل مقصود آھي، پھرين پھرين ڳالھھ تھ اھا سونھن سدائين قائم ۽ دائم آھي. اھا نھ ڄمي ٿي، نھ مري ٿي، نھ وڌي ٿي نھ گھٽجي ٿي. بي ڳالھھ اھا تھ، نھ ان جو ڪجھھ حصو سھڻو تھ وري ڪجھھ حصو ڪوجھو آھي، نھ ئي ڪنھن وقت تي خوبصورت تھ ڪنھن وقت بدصورت نھ ئي ھن نسبت سان سھڻي ۽ ھن نسبت ۽ حوالي سان ڪوجھي ۽ نھ ئي ڏسندڙن جي حساب ۾ ھتي. ھن ھنڌ خوبصورت ۽ ڪنھن ٻئي ھنڌ بدصورت. اھڙي انسان کي اھا سونھن نھ ئي ڪنھن چھري، ھٿن يا جسم جي ڪنھن ٻئي حصي جي خوبصورتي ۾ نظر ايندي، يا ڪنھن بحث ۽ سائنس جي سونھن جھڙي ۽ نھ ئي ڪنھن اھڙي سونھن وانگر جيڪا ڪنھن ٻي شيءِ ۾ موجود ھجي،  مثلا ڪنھن بھ ساھواري شيءِ ۾ يا آسمان يا ڌرتي تي. يا ٻي ڪنھن شيءِ ۾ مثلا ڪنھن بھ ساھواري شيءِ ۾ يا آسمان يا ڌرتي تي. يا ٻي ڪنھن شيءِ ۾ جيڪا ڪٿي بھ ھجي. ھن کي ھاڻي اھا ئي ھڪ سونھن نظر ايندي. مطلق ۽ ڪامل، رڳو پنھنجي اڪيلي تنھا وجود سان بينظير، يگاني، لاثاني ۽ لازوال، ٻيون سموريون خوبصورتيون منجھانئس ئي حصدار بڻجن ٿيون. سو بھ اھڙي انداز ۽ طريقي سان جو جڏھن اھي منجھانئس جنم وٺن ٿيون يا زوال پذير ٿين ٿيون تھ ان جي سونھن ۾ نھ ئي واڌ اچي ٿي ۽ نھ ئي کوٽ ۽ نھ ئي ڪا ٻي تبديلي.

”سو جڏھن اھو ماڻھو جيڪو ائين سچن ۽ نيڪ جذبن سان جسماني خوبصورتي / ڇوڪرن سان پيار کان شروع ڪندي، ان جي آڌار تي اڳتي وڌندي، پنھنجو رستو ٺاھيندو ھلي ٿو تھ پوءِ کيس اھا سونھن نظر اچڻ شروع ٿئي ٿي ۽ ھو ان ڪامل راز تي پھچي ٿو. مان ٿي توکي ٻڌايان تھ پاڻ پيار ڪرڻ يا ڪنھن ٻئي جي رھنمائي ۾ اوڏانھن وڌڻ جي صحيح واٽ ھيءَ آھي تھ: ھن دنيا ۾ موجود خوبصورتي جي نمونن کان شروعات ڪجي ۽ انھن کي ھڪ ڪامل سونھن جي منزل تائين پھچڻ لاءِ صرف ڏاڪن طور اڳتي وڌندو ھلجي. جسماني خوبصورتي جي ھڪ نموني کان ٻن نمونن ڏانھن ٻن کان سمورن ڏانھن، پوءِ صورت جي سونھن کان سيرت جي سونھن ڏانھن تنھن کان پوءِ دستورن، قانونن ۽ ڄاڻ / سائنس کان پوءِ ماڻھو ھڪ سڀني کان وڏي اعليٰ ۽ ڪل ڄاڻ / سائنس جي سونھن ڏانھن ۽ آخر ۾ مختلف قسم جي ڄاڻن / سائنسن تائين پھچي ٿو. جنھن جو مقصد رڳو ھڪ مطلق سونھن آھي ۽ پوءِ ائين کيس خبر پوي ٿي تھ سونھن جو جوھر ۽ حقيقت ڇا آھي.

”منھنجا پيارا سقراط“ مينٽينيا جي ان اجنبي اتساھھ ڀريل عورت پنھنجي ڳالھھ جاري رکندي چيو، ”اھا ئي اھا زندگي آھي، جيڪا ٻين سڀني کان مٿانھين آھي ۽ جيڪا ان ڪامل سونھن بابت گھرو غور ويچار ڪندي، ماڻھن کي گذارڻ گھرجي ۽ جيڪڏھن ھڪ دفعو توکي اھا سونھن نظر اچي وڃي تھ جيڪر توکان سون، قيمتي پوشاڪون ۽ اھي خوبصورت ڇوڪرا ۽ نوجوان بھ وسري وڃن، جن جو حسن ۽ درشن، ھينئر توکي ۽ ٻين ڪيترن ئي تو جھڙن کي موھي ۽ اڪن ڇڪن ڪري ٿو ڇڏي ۽ ان تي بھ راضي ٿي ويندؤ. جي اوھان کي انھن جو ديدار ۽ درشن ۽ ساڻن گڏ رھڻ ۽ گفتگو ڪرڻ ڏني وڃي، پوءِ ڀلي کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجھھ بھ نھ مليو - ۽ جيڪڏھن ائين کاڌي پيتي کان سواءِ گذر ڪرڻ ممڪن ھجي ۽ ڪري سگھجي- تھ ان لاءِ بھ تيار بيٺا ھوندؤ ۽ جيڪر تھ پنھنجو سڄو وقت بس انھن کي نھارڻ ۽ گڏ گھارڻ ۾ گذاريو. پر ان انسان کي ڪيڏي نھ سعادت ۽ سرھائي نصيب ٿئي ٿي، جيڪو سچي ۽ ڪامل سونھن پسي ٿو، جيڪا نج ۽ خالص آھي ۽ جيڪا انساني ماھ ۽ رنگ، جوڀن ۽ جواني واري فاني ۽ ڦٽي ناس ٿي ويندڙ سونھن جھڙي نھ آھي. تون ڇا ٿو ڀانئين تھ اھا ڪا اھڙي تھڙي زندگي ھوندي، جيڪو اھو ماڻھو پنھنجي پوري ھستي ۽ ذھني شڪتي سان ان ڪامل سونھن ڏانھن نھاريندي ۽ ان بابت گھرو غور ويچار ڪندي، ان سان گڏ گذاريندو؟ ٿورو ذھن تي زور ڏيندين تھ توکي معلوم ٿي ويندو تھ ائين ئي ان ماڻھوءَ لاءِ ممڪن ٿيندو تھ ان خوبصورتي کي اندر جي اک سان ڏسندي، جنھن سان ئي ان کي پسي سگھجي ٿو. ھو سونھن ۽ سٺائي جا خيالي عڪس نھ ، پر خود سچائي، سٺائي ۽ سونھن کي تخليق ڪندو. ڇو تھ ھتي پھچڻ کان پوءِ ھينئر ھن جو واسطو ڪنھن عڪس يا پاڇولي سان نھ پر سچاين ۽ ساڀيان سان آھي ۽ ائين سچايون ۽ سٺايون تخليق ڪندي ۽ انھن جي پرگھور لھندي، ھو خدا جو دوست ۽ محبوب بڻجي وڃي ٿو- ۽ جيڪڏھن انسان امر ٿي سگھي ٿو- تھ ھو خود امر بڻجي ويندو“.

فيڊرس - ۽ مان رڳو توسان ئي نھ، پر توھان سڀني دوستن سان مخاطب آھيان – ڊايوٽما مون کي اھو ڪجھھ ئي ٻڌايو ۽ سمجھايو، جنھن تي منھنجو سچيءَ دل سان ايمان آھي ۽ جڏھن مون کي خود انھن ڳالھين ۾ يقين ۽ ايمان آھي تھ پوءِ مان ڪوشش ڪيان ٿو تھ ٻين کي بھ اھو سمجھايان تھ اھڙي مراد جي حصول ۾ انسان کي پيار کان وڌيڪ ٻيو ڪو بھ بھتر مددگار نھ ٿو ملي سگھي، تنھن ڪري منھنجو خياصل اھو آھي تھ اھو ھر انسان جو فرض بنجي ٿو تھ پيار کي مان ۽ مڃتا ڏئي. جيئن مان خود بھ پيار جي وڏي عزت ۽ احترام ڪيان ٿو ۽ ان جي رستن ۽ اسرارن تي عمل پيرا آھيان ۽ ٻين کي بھ ھمٿايان ٿو. مان پيار جي طاقت، دليري ۽ سورمائي جو پنھنجي وس پڄندي ڀرپور ۽ بھترين صلاحيتن سان ھينئر بھ ۽ ھميشه لاءِ مداح آھيان ۽ رھندس.

فيڊرس! بس منھنجي تقرير اھا ئي آھي، ھاڻي جي تون چاھين تھ ان کي پيار جي واکاڻ ڪوٺين يا ڪو ٻيو نالو ڏئينس، جيڪو توکي وڻي:

جڏھن سقراط ڳالھائي بس ڪئي تھ سجي سنگت واھھ واھھ ڪئي. ارستوڊيمز ٻڌايو تھ، ارسٽوفينز سقراط جي تقرير ۾ ڏنل، ھن جي پنھنجي تقرير مان ھڪ حوالي بابت، جواب ۾ ڪجھھ چوڻ وارو ئي ھيو تھ اوچتو گھر جي دروازي تي وڏي اواز سان ٺڪ ٺڪ ٿي ۽ ھل ٿيو، جيڪو وارو ئي ھيو تھ اوچتو گھر جي دروازي تي وڏي آواز سان ٺڪ ٺڪ ٿي ۽ ھل ٿيو، جيڪو ڄڻ پيتلن جي ڪنھن ٽولي جو ھجي. بانسري وجائڻ واري ڇوڪري جو آواز پڻ ٻڌڻ ۾ پئي آيو. اگيٿون نوڪرن کي چيو، ”اڙي ڇوڪرؤ، وڃي در تي ڏسو تھ اھي وري ڪھڙا اڻ ڪوٺيا آيا آھن، جي اسان جا دوست آھن تھ پوءِ کين اندر اچڻ لاءِ چئجو، نھ تھ ٻي صورت ۾ کين ٻڌايو تھ شراب جو دؤر پورو ٿي ويو آ ۽ اسين ھينئر آرام ڪرڻ وڃون پيا.“ گھڙيءَ کن کان پوءِ کين اڱڻ تي السيبيادس جو آواز ڪن پيو، لڳو پئي تھ ھو ڪو وڏن خمارن ۾ ھيو ۽ سندس ٻاڪار لڳي پيئي ھئي. اصل واڪي مٿان واڪو ھيس. ”اگيٿون ڪٿي آ؟ مون کي اگيٿون ملايو ۽ آخر بانسري وڄائيندڙ ڇوڪري ۽ پنھنجي ڪجھھ سنگتين جي مدد سان ھو اندرئين در تائين پھچي بيھي رھيو. ھن جو مٿو بنفشي ۽ عشق پيچ جي گلن مان ٺھيل ھارن سان سٿيو ۽ سجيو پيو ھو ۽ مٿي تان کوڙ ساريون لڙھيون ھيٺ پئي لڙڪيس، ھن چيو:

”سلام دوستو – ڇا ھڪ پيتل، بلڪھ نھايت پيتل ۽ مدھوش کي پنھنجي محفل ۾ شامل ڪندؤ؟ يا مان رڳو اگيٿون کي ھار پارايان جيڪو ئي منھنجي ھيڏانھن اچڻ جو مقصد ھيو ۽ پوءِ موٽي ھليو وڃان؟ ڇو جو مان تنھن ڏينھن تقريب ۾ شريڪ ٿي نھ سگھيس، سو اڄ اچي حاضر ٿيو آھيان، تھ ھارن کي پنھنجي مٿي تان لاھي، ھن سمورن انسانن کان ڏاھي ۽ حسين – جي مون کي کيس ائين سڏڻ جي اجازت ڏني وڃي- جي مٿي تي پارائي سعادت ماڻيان. توھان مون تي کلندؤ. ڇا واقعي کلندؤ؟ ان ڪري تھ مون ڏاڍو پيتو آھي. ڀلي اوھان کي کلڻ جي اجازت آ- پر توھان کي ٻڌائي ڇڏيان تھ مان جيڪو ڪجھھ چئي رھيو آھيان، سو بلڪل سچ ئي آھي ۽ مون کي ان جو يقين آھي. پر ترسو – ٻيلي ڳالھھ ڪيو سڌي ۽ مون کان اڳ ۾ اھو ٻڌايو تھ مان توھان جي محفل ۾ مٿين ٻڌايل شرطن ھيٺ شامل ٿي سگھان ٿو يا نھ؟ توھان بھ مون سان گڏ پيئندؤ يا نھ؟“.

سڀني يڪ راءِ ٿي رڙ  ڪئي تھ ھو سندن محفل ۾ ھليو اچي ۽ ان سان گڏ اگيٿون کيس شريڪ ٿيڻ جي رسمي دعوت بھ ڏني. سو ھو انھن ئي ھمراھن جي سھاري، جيڪي ساڻ گڏ ھئا، در کان سري اندر اچڻ لڳو. ۽ ائين ھلندي ۾، ھ٨و اگيٿون کي پارائڻ جي خيالن کان، مٿي تان ھار لاھڻ لڳو. سو ھار سندس اکين آڏو جو اچي ويا تھ ھو سقراط کي ڏسي نھ سگھيو، جيڪو ٿورو سرڪي بيٺو ھو تھ جيئن اھو اگيٿون تائين پھچي سگھي، سو السيبيادس اگيٿون جي ڀرسان خالي جڳھھ ڏسي ويھي رھيو ۽ ائين سقراط سندس ٻئي پاسي ڏانھن ٿي ويو. ائين جڳھھ وٺندي ھن اگيٿون کي ڀاڪر پاتو ۽ کيس مٿي تي گلن جو تاج پارايو.

”السيبيادس جا بوٽ لاھيو“، اگيٿون نوڪرن کي حڪم ڏنو، ”تھ جيئن آرام سان پير مٿي ڪري ويھي ۽ ھن ساڳي صوفي تي ٽيون ڇڻو ٿئي.“

”بھتر“ السيبيادس وراڻيو، ”پر اسان جي ھن اڄوڪي محفل ۾، پنھنجو پيالي ڀائي، ھن ئي صوفي تي ٽيون ڄڻو آھي ڪير“؟ ائين چوندي ھو ڦيرو کائي مڙيو تھ سندس نظر سقراط تي جو نظر پئي تھ ٽپو ڏئي اٿي کڙو ٿيو ۽ رڙ نڪري ويس. ”منھنجا خدا! ھيءَ ڪھڙي آفت اسان وٽ آ؟ سقراط! منھنجي انتظآر ۾ وري ھتي بھ اچي نڪتو آھين؟ تون اھو ڪيئن سدائين اتي اوچتو ظاھر ٿيندو آھين جتي مون کي تنھنجي اچڻ جو ڪو وھم ۽ گمان بھ نھ ھوندو آ. ڀلا ٻڌاءِ اڄ ھتي ڪھڙي ڪرت سان آيو آھين؟ ۽ تون ان جاءِ تي ڪيئن ويٺو آھين؟ توکي نھ ارسٽوفينز جي ويجھو يا ڪنھن چرچا سکڻ جي شوقين مڙس جي ڀرسان ويھڻ گھرجي. پر ان جي بدران تون ڪھڙي حرفت ھلائي. ھن ڪمري ۾ سڄي سنگت مان سڀني کان وڌيڪ خوبصورت جي ڀر ۾ جاءِ ورتي آھي؟“

سقراط، اگيٿون ڏانھن منھن ڪري چيو، ”اگيٿون ، ھاڻي منھنجي مالڪي ڪجان، ڇو تھ ھن ھمراھھ سان پيار تھ ھاڻي مون کي ڳچيءَ ۾ پئجي ويو آ. جڏھن کان مان پھريون ڀيرو سندس مداح بڻيو آھيان.  تنھن وقت کان وٺي، ھي مون کي ڪنھن ٻئي خوبرو سان ڪو ھڪ اکر ڳالھائڻ يا رڳو ھڪ نگاھھ وجھڻ بھ نھ ٿو ڇڏي، جي کڻي مان ائين ڪيان بھ ٿو تھ حسد، ساڙ ۽ ريس وچان، صفا آپي کان نڪري ٿو وڃي ۽ بداخلاقي سان پيش ٿو اچي ۽ نھ صرف گارگند ڏئي ٿو، پر باقاعدي اچي ھٿ ٿو ڳنڍي. سو قرب ڪري يا تھ منھنجو ھن سان ٺاھھ ڪراءِ يا اھو خيال رکجان تھ جي ھي ھمراھھ ھتي بھ اھڙي ڪا ھٿ چراند ڪري تھ پوءِ مون کي بچائجان. سچ پچ تھ مان سندس انھيءَ ديوانگي واري رويي ۽ سندس پيار جي اڏي جذباتي شدت کان ڏاڍو خوفزده آھيان“.

”تنھنجو ۽ منھنجو ٺاھھ تھ ٿي ئي نھ ٿو سگھي، ”السيبيادس چيو، ”مان تھ ھاڻي ئي ٿو توکان حساب ڪتاب چڪايان ۽ سزا ڏيان. پر بيھھ. رڳو ڪي گھڙيون ترس.“ ۽ ھن اگيٿون ڏانھن منھن ڪري چيو، ”مھرباني ڪري مون کي ھارن منجھان ڪجھھ لڙھون واپس ڪندين تھ مان ھن جڳ پڌري ظلم جي ھارن منجھان ڪجھھ لڙھون واپس ڪندين تھ مان ھن جڳ پڌري ظالم جي ھارن منجھان ڪجھھ لڙھون واپس ڪندين تھ مان ھن جڳ پڌري ظالم جي ذھين مٿي کي بھ پھريان، نھ تھ ھي مون سان شيڪايت ڪندو تھ مان اھي رڳو تنھنجي مٿي تي سجايون ۽ ھن کي نھ ليکيم. ھي شخص، جنھن جا لفظ، دنيا جي ھر ماڻھو جي دل فتح ڪري وٺن ٿا ۽ ائين رڳو ھڪ دفعو نھ، جيئن تون صرف ٽيون ڏينھن ھئين، پر ھت سدائين لاءِ اھا ڪار آھي.“

ائين چوندي ھن ڪجھھ  لڙھيون کانئس ورتيون ۽ انھن کي سقراط جي مٿي تي سجايائين ۽ پوءِ وري ويھي رھيو. تنھن کان پوءِ چيائين: ”دوستو! ڀلا ھي ڇاھي؟ توھان تھ مون کي صفا پرھيزگار ٿا لڳو. ائين ڪم ڪو نھ ھلندو. توھان کي ضرور پيئڻ گھرجي – ڇو تھ مان ان ئي اقرار تي اندر آيو ھيس. پوءِ مان ساقي مقرر ڪيان ٿو. پاڻ کي، تھ جيئن توھان بھ جھجھو پيئو، اگيٿون! وڏي ۾ وڏي صراحي، جيڪا تو وٽ ھجي، سا تھ نوڪرن کان گھرائي وٺ. نھ، پر ترس – ڇوڪرا! اجھو اھو وڏو شراب وارو مٽڪو کڻي وٺجان.“ ھن نوڪر کي اھو شراب وارو مٽڪو کڻي اچڻ لاءِ چيو، جنھن تي سندس نگھھ پئجي وئي ھئي ۽ جنھن ۾ اٽڪل اڌ گئلن کان وڌيڪ شراب ماپيو پئي. ھن ان سڄي کي ڀرايو ۽ پھريون پاڻ اھو سڀ پيتائين. پوءِ اھو ٻيھر، سقراط لاءِ ڀري کڻي اچڻ لاءِ نوڪرن کي حڪم ڏنائين ۽ چيائين، ”يارؤ! اوھان ڏسندؤ تھ منھنجي ھيءَ چالاڪي ۽ اٽڪل بھ سقراط تي ذرو اثر نھ وجھندي، ڇو تھ ھن کي جيترو چئبو، اوترو شراب پي ويندو ۽ وري جي نھ چاھي تھ ھڪڙي سرڪ کان سواءِ ئي گذارو ڪري ويندو.“ سقراط اھو سڄو پي خالي ڪيو جيڪو نوڪر ھن لاءِ ڀري کڻي آيو ھيو.

پوءِ اريڪسيميڪس چيو: ”السيبيادس، ھي سڀ ڪجھھ ڇا آھي؟ ڇا اسان جام پيئڻ مھل نھ ئي گفتگو ڪيون ۽ نھ ئي ڪجھھ جھونگاريون، بس رڳو ائين پيئندا وڃون، ڄڻ تھ اسان رڳو ان لاءِ ئي اڃايل ھجون؟“

.سلام، اريڪسيميڪس، سلام!“ السيبيادس وراڻيو، ”قابل پيءُ جو قابل پٽ تون، تنھن وانگي پرھيزگار بھ تون!“

”منھنجو بھ توکي سلام“ اريڪسيميڪس وراڻيو، ”پر اسان ھاڻي ڪيون تھ ڪيون ڇا؟“

”جيڪو تون چاھين، جيئن تون چوين، اسان لاءِ جھڙو حڪم ڪندين، تيئن ڪنداسين.

”ڏڌاھي طبيب مھارت ان، ڦٽ ڇٽايا اسان جا“

سو اسان لاءِ، جيڪو بھ تون چاھين، اھو تجويز ڪر.“

”تھ پوءِ ٻڌ.“ اريڪسيميڪس چيو، ”تنھنجي اچڻ کان اڳ اسان اھو طئي ڪيو ھيو تھ اسان مان ھر ھڪ پنھنجي پنھنجي واري تي، کاٻي کان ساڄي ڏانھن، پيار جي واکاڻ ۾ پنھنجي ڄاڻ آھر بھترين تقرير ڪندو. اسان سڀ ڳالھائي چڪا آھيون. باقي وڃي تون بچين ٿو، جنھن ڳالھايو بھ ڪجھھ ناھي ۽ پاڻ کي نڙيءَ تائين ڀري بھ پيتو آھي، سو توکي ئي ھينئر تقرير ڪرڻ گھرجي ۽ جڏھن تون ڳالھائي بس ڪرين تھ پوءِ توکي جيڪو ذمو وڻي سقراط تي رک ۽ ھو وري پنھنجي ساڄي پاسي ويٺل ھمراھھ تي ۽ ايئن سلسلو اڳتي ھلي.

”اريڪسيميڪس، ڳالھھ تھ ٺاھوڪي ڪئي اٿئي!“ السيبيادس وراڻيو، ”پر ھڪ مدھوش ماڻھو جي تقرير جي ڀيٽ انھن ماڻھن جي تقرير سان ڪرڻ، جيڪي پرھيزگار لڳا پيا آھن- ٻيلي، اھا نيت ناھي- ۽ منھنجا مٺا، تو مٿان رحمتون، مان اھو بھ ڄاڻڻ چاھيندس تھ ڇا توھان واقعي ان تي يقين ڪيو ٿا، جيڪو ڪجھھ سقراط ڳالھايو؟ ڇو تھ مان اوھان کي يقين سان ٿو چوان تھ ھن جيڪي ڪجھھ ڳالھايو ھوندو، سچ ان جي ابتڙ ئي آھي ۽ وري مان جي سندس سامھون ڪنھن ٻئي جي تعريف ڪئي. پوءِ ڀلي اھو ديوتا ھجي يا ڪو انسان تھ ھي ھمراھھ مون سان جھيڙيندو.“

”لھيو ھاٿي، حياءُ ڪر“ سقراط چيو،

”جناب! اوھان جي احتجاج جي ضرورت ئي ناھي.“ ”السيبيادس وراڻيو، ”مان توھان جي موجودگي ۾ ٻئي ڪنھن جي بھ ساراھھ ڪو نھ ڪندس.“

”ٺيڪ آ“، اريڪسميڪس وراڻيو، ”جي تون ائين ئي چاھين ٿو تھ پوءِ شروع ٿي وڃ ۽ سقراط جي ساراھھ ۾ تقرير ڪر.“

”ڇا مطلب؟“ السيبيادس وراڻيو، ”اريڪسيميس! مان واقعي ائين ڪيان؟ ڇا مان ھن سڄي سنگت جي سامھون، مٿانئس وار ڪيان؟ ۽ کيس سندس سزا ڏيان“؟

”تنھنجي نيت نيٺ آھي ڇا؟“ سقراط چيو، ”تون اھا منھنجي ساراھھ ڪندين يا مون تي ٺٺوليون ڪري ماڻھو کلائڻ ٿو چاھين؟ تنھنجو مطلب اھو آھي يا اڃا ڪو ٻيو؟“

”مان صرف سچ ڳالھاکئيندس، ڇا تون مون کي ان جي اجازت ڏيندين؟“

”مان نھ رڳو توکي اھڙي اجازت ڏيان ٿو، پر حڪم بھ ڪيان ٿو تھ تون سچ ڳالھاءِ.“

”پوءِ تھ مان ھاڻ ئي ٿو شروع ٿيان، ”السيبيادس وراڻيو ”ھيڏي ڏس، مان اھو ٿو چاھيان تھ جيڪڏھن مان ڪا اھڙي ڳالھھ چوان، جيڪا سچ نھ ھجي تھ مون کي وچ تقرير ۾ ئي روڪجان ۽ چئجان تھ ”اجھو اھو ڪوڙ آھي.“ پڪ ڄاڻ تھ مان ڄاڻي ٻجھي ڪوڙ نھ ھڻندس ۽ تون اچرج ۾ نھ پئجان، جي مان اھي ڳالھيون ياد ڪندي، ھيڏانھن جو ھوڏي ھليو وڃان، ڇو تھ مان ھن وقت جنھن حال ۾ آھيان، اھڙي حالت ۾ ڪنھن ماڻھوءَ لاءِ تنھنجي غير معمولي گڻن ۽ نرالن خصلتن کي رواني ۽ ترتيب سان ھڪ ھڪ ڪري پيش ڪرڻ، ڪو سولو ڪم نھ آھي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com