سيڪشن؛علميات

ڪتاب: ڏاهون ڏک ڏسن

باب: --

صفحو :5

پاسينياس ھن فقري تي اچي ساھي پٽي – ”مان ڏاھن وٽان ڳالھائڻ جو اھو ئي طريقو سکي ۽ پرائي سگھيو آھيان.“

ارسٽوڊيمز ٻڌايو تھ ان کان پوءِ ارسٽوفينز جو وارو ھيو، پر يا تھ ھن گھڻو کاڌو ھيو يا ڪنھن ٻئي سبب ڪري کيس ھڏڪي ٿي پئي ھئي، سو لاچار ٿي وارو مٽائڻ لاءِ اريڪسيميڪس طبيب کي عرض ڪيائين جيڪو کانئس پوءِ صوفي تي ويٺل ھيو. ”اريڪسيميڪس! يا تھ تون منھنجي ھن ھڏڪي کي بس ڪراءِ يا منھنجي بدران ڳالھاءِ، جيستائين ھيءَ ھڏڪي جند ڇڏي.“ ھن چيو،

”مان ٻئي ڪم ڪندس“، اريڪسيميڪس وراڻيو، ”مان تنھنجي واري تي ڳالھايان ٿو، تون منھنجي واري تي ڳالھائجان ۽ مان جيسين ھيڏي ڳالھايان، تون ھيئن ڪر جو ساھھ کي روڪ، ڪجھھ گھڙيون ائين ڪرڻ کان پوءِ بھ ھڏڪي نھ وڃي تھ پوءِ پاڻيءَ سان وڏا گرڙا ڪر، ۽ جي اڃا بھ ھڏڪي جاري رھي تھ پوءِ نڪ ۾ ڪنھن شيءِ سان ڪتڪتائي ڪڍي نڇ ڏيار. جڏھن ائين ھڪ ٻھ دفعا نڇ اچي وئي تھ پوءِ ڪيتري بھ زبردست ھڏڪي ڇو نھ ھجي ڇڏي ويندي.

”مان تنھنجي نسخي تي عمل ڪيان ٿو.“ ارسٽوفينز چيو، ”۽ تون ڀلي تقرير شروع ڪر.“ اريڪسيميڪس ھيٺين ريت ڳالھايو:

”اھو سمجھندي تھ پاسينياس شروعات تھ سٺي ڪئي پر پڄاڻي ٺاھوڪي ڪو نھ ڪيائين، مون تي اھو الزام ٿو ٿئي تھ ڪوشش ڪري اھا کوٽ پوري ڪيان. منھنجي خيال ۾ ھن واري پيار جي ٻن قسمن ۾ ورھاست بلڪل ٺيڪ آھي. پر ھڪ ڊاڪٽر جي حيثيت ۾ منھنجو تجربو ۽ علم مون کي اھو ٻڌائي ٿو تھ پيار رڳو ماڻھن جي روحن سان نھ ٿيندو آھي ۽ نھ ئي رڳو خوبصورت ڇوڪرا سنس مقصد ۽ مراد ھوندا آھن. پر اھو سمورن ساھوارن جي جسمن ۽ ڌرتي تي ڦٽندڙ سمورن وڻن ٽڻن مان تھ چوندس تھ ھر وجود ۾ موجود آھي. سچ پچ تھ پيار اھو عظيم عجب ۽ عالمگير ديوتا آھي، جنھن جي حڪمراني ھر ھنڌ آھي، انسانن ۽ ديوتائن ٻنھي جي دنيائن مٿان.

”مان طب جي ھنر کي مان ۽ مڃتا ڏيڻ خاطر ان کان ئي شروعات ڪندس. اسان جي جسم ۾ ٻن قسمن جا پيار آھن. ھڪ صحتمند جسم جيئن تھ ھڪ بيمار جسم کان بلڪل مختلف ۽ ابتڙ ٿئي ٿو ۽ جيئن تھ مختلف ۽ ابتڙ شين جون سڌون ۽ پيار بھ مختلف ٿين ٿا، سو صحتمند جسم ۾ رھندڙ پيار بھ، ھڪ بيمار جسم ۾ رھندڙ پيار کان مختلف ٿئي ٿو. حقيقت ۾ جڏھن اسان انساني جسم بابت ڳالھايون ٿا تھ ڪجھھ گھڙيون اڳ، جيڪي ڳالھيون پاسينياس اسان کي ٻڌايون تن سان مشابھت ملي ٿي تھ ڪنھن سٺي انسان جي مرضي رکڻ ۽ کيس خوش ڪرڻ ۾ عزت ۽ پارسائي آھي ۽ ھڪ بدڪار جي خواھش آڏو آڻ مڃڻ ۾ بيعزتي آھي. بلڪل ائين ئي ھڪ سٺي طبيب جو فرض بھ اھو آھي تھ جسم جي سالم ۽ صحتمند حصن جي پرگھور ڪري ۽ غير سالم ۽ بيمار حصن جي خاطرداري نھ ڪري، انھن کي وڌڻ ويجھڻ کان روڪجي ۽ رنڊائجي ھڪ طبيب جو ڌنڌو اھو ئي آھي ۽ طبابت ان کي ئي تھ چئبو آھي. ٻين لفظن ۾ طبابت جسم جي خواھشن ۽ پيارن جي ڄاڻ آھي ۽ انھن جو ڪيئن پورائو ڪجي يا نھ ۽ ھڪ ماھر ڊاڪٽر ان کي چئجي جيڪو ان معاملي ۾ ھڪ اتم ۽ نيچ پيار کي پرکي سگھي ۽ اھو جيڪو ھڪ کي ٻئي ۾ تبديل ڪري سگھي تھ جيئن ڪنھن جسم ۾ پيار کي پوکي / دل ۾ پيار ويھاري سگھي، جتي اھو ناھي پر ان جي ضرورت آھي ۽ وري ضرورت تحت ئي ڪٿان ان کي ٻاھر ڪڍي سگھي. ھا، اھو ئي قابل ويڄ چئجي. ۽ ھو ان قابل بھ ھجي تھ جسم ۾ انھن مخالف عنصرن کي بھ ھڪٻئي سان ٺاھھ ۽ سرچاءُ ڪرائي، پاڻ ۾ دوستي ڪرائي سگھي. ھاڻي، ھڪ ٻئي جا دشمن اھي آھن جيڪي ھڪٻئي جا ابتڙ ۽ ضد آھن. يعني گرم ۽ سرد، مٺو ۽ ڪوڙو، سڪل ۽ تر ۽ ٻيا بھ اھڙا ۽ جيئن اسان جا شاعر دوست اسان کي ٻڌائين ٿا ۽ منھنجو بھ اھو يقين آھي تھ اسان جي بزرگ ايسڪليپيس، تڏھن ئي ھن اسان واري ھنر، طبابت بنياد وجھي سگھيو، جڏھن ھن اھو ڄاڻي ۽ سمجھي ورتو تھ انھن مخالف عنصرن ۽ جزن کي پاڻ ۾ ميٺ محبت، ميلاپ، پيار ۽ دوستي سان ڪيئن گڏ رھائجي.

”مان ورجايان ٿو تھ طبابت بلڪل ان ئي ديوتا جي ھٿ وس آھي، نھ صرف طب پر جمناسٽڪ ۽ زراعت پڻ ۽ جيڪو ٿورڙو بھ ذھن تي زور ڏيندو تھ کيس اھو معلوم ٿي ويندو تھ موسيقي ۾ بھ مخالف عنصرن ۾ ساڳيو ئي سرچاءُ آھي ۽ منھنجي خيال ۾، جيتوڻيڪ ھن جي لفظن جو استعمال درست ۽ چٽو نھ ھيو پر ھيراڪليٽس جو مطلب اھو ئي ھيو جڏھن ھن چيو تھ ”ھڪ وحدت ابتڙ شين جي ميلاپ ڪري ئي موجود آھي.“ جيئن ڪمان ۽ سرندي ۾ ڇڪ ۽ تاءُ آھي. اھا ڳالھھ بلڪل غير منطقي ٿيندي جي ائين چئجي تھ ميٺ محبت ۽ ايڪتا، نفاق ۽ اڻبڻت ۽ وروڌ ۾ آھن. ڇو تھ لئي ۽ تال، سر ۽ آلاپ، ھم سازي ۽ ھم آوازي، ايڪتا ۽ ميلاپ کان سواءِ ٿي ئي نھ ٿا سگھن. ۽ ھم سازي ۽ ھم آوازي، ايڪتا ۽ ميلاپ کان سواءِ ٿي ئي نھ ٿا سگھن ۽ ھم سازي ٺاھھ آھي. صلح آھي، اقرار آھي ۽ ڪنھن بھ ٺاھھ، صلح ۽ اقرار جو ھجڻ اوستائين ناممڪن آھي، جيستائين تڪراري ۽ مخالف عنصر پاڻ ۾ سرچاءُ ۽ پرچاءُ ۾ ناھن. سو اھو ممڪن آھي تھ انھن کي، جيڪي ناٺاھھ ۽ اڻبڻت ۾ آھن، تن جو سرچاءُ ۽ ميلاپ ڪري سگھجي. بلڪل ائين جيئن ليءَ ۽ تال انھن عنصرن منجھان جڙي ٿو جيڪي منڍ ۾ ننڍا ۽ وڏا / تيز ۽ ڍرا ھئا پر پوءِ پرچي / گڏجي پون ٿا.

سو موسيقي انھن عنصرن ۾ باھم پيار، ايڪتا ۽ ھم سازي وجھندي، انھن منجھھ ٺاھھ ۽ سرچاءُ ڪرائي ٿي. ائين جين طب وري پنھنجي ميدان ۽ معاملي ۾ ڪري ٿي، سو موسيقي کي پڻ ميٺ محبت، ٺاھھ ۽ ميل بابت پيار جي اصولن ۽ معاملن جي ڄاڻ چئي سگھجي ٿو. ھاڻي جيڪڏھن ميٺ محبت ۽ ميل ۽ تال جي اصلي فطرت ۽ حقيقت کي ڏسجي تھ پوءِ پيار کي پروڙڻ ۾ ڪا ڏکيائي ڪونھي، جيڪو پيار اڃا ٻن قسمن ۾ ورھايو ناھي. پر جڏھن ڪو ان تال ۽ ميل کي عام زندگي ۾ انسانن تي لاڳو ڪري ٿو، يا موسيقي ترتيب ڏيڻ جنھن کي ڌن ٺاھڻ چئجي ٿو يا اڳ ٺھيل شعرن ۽ آلاپن کي درست نموني استعمال ڪرڻ جنھن کي اسان تعليم چئون ٿا تھ پوءِ اصل ۾ اتي ئي مشڪلون پيش اچن ٿيون، ۽ اتي ماھر استاد ۽ ڪلاڪار جي گھرج پوي ٿي. ان گھڙيءَ اسان جي ذھن م اھا آڳاٽي ڳالھھ تري اچي ٿي تھ اھو سٺن انسانن جو عشق ئي آھي جنھن جي رضا حاصل ڪجي ۽ رکيا رکجي، جنھن پيار جي مراد آھي ئي اھا تھ انھن کي وڌيڪ نيڪ ۽ بھتر بڻائجي جيڪي اڃا ائين نھ بڻيا آھن. اھو پيار ئي اصل ۾ اتم ۽ آسماني پيار آھي، جيڪو خوبصورت ۽ آسماني ديوي / سرسوتي – يورينيا جو پيار آھي پر پاليھيمنيا جو پيار اھو عام پيار آھي، جيڪو ماڻھو کي ملڻ وقت چوڪسي ۽ خبرداري کان ڪم وٺڻ گھرجي تھ جيئن گھربل مزو ۽ خوشي تھ ملي پر عياشي جي عيب ۽ ٽِڪي کان بچي سگھجي. ساڳي ريت مون وارو ڌنڌو بھ ڪا اڪ جي ماکي ڪانھي جو سولائي سان لاھي وٺجي. پر وڏي مھارت، سمجھداري ۽ ڌيان جي گھرج پوي ٿي. جيئن ڪنھن پيٽ پوڄاري جي سندس چشڪي مطابق طعامن جي گھرج بھ پوري ڪجي ۽ گڏوگڏ کيس بيمار ٿيڻ کان بھ بچائي وٺجي. تنھنڪري ٻنھي قسمن جي پيارن تي ڪڙي نگاھھ رکڻ گھرجي. موسيقي ۾ بھ ۽ طبابت ۾ بھ ۽ ٻين سمورين اسناني توڙي خدائي شين ۽ معاملن ۾ بھ – ڇو تھ اھي ٻئي پيار، انھن سمورين شين ۾ موجود آھن.

ساڳي ريت سال جون مندون بھ پيار جي انھن ٻن قسمن تي مشتمل آھن، جيئن مون اڳ ۾ پئي چيو تھ جڏھن سردي ۽ گرمي، خشڪي ۽ آلاڻ جا عنصر پاڻ ۾ واجبي تناسب سان ھڪٻئي سان رکجن ٿا ۽ ائين سانتيڪي ۽ باقاعده پيار ۾ پوئجن ٿا تھ پوءِ موسم بھ سٺي ٿئي ٿي ۽ انسانن، جانورن ۽ وڻن ٽڻن کي سڪر ۽ صحت ملي ٿي. اھي وڌن ويجھن ۽ ساوا ٿين ٿا ۽ کين ڪو جوکو نھ ٿو رسي. پر جڏھن اڇاٿرو ۽ شوخ پيار، سال جي موسمن مٿان بالادستي حاصل ڪري وٺي ٿو تھ پوءِ اھو وڏي زباني ڪري ۽ تباھي پکيڙي ٿو ۽ امن منجھان وبائون ۽ ٻيون ڪيتريون انساني ۽ ٻوٽن جون بيماريون ڦٽي نڪرن ٿيون. ڇو تھ پارو، ڳڙو ۽ رتي، پيار جي انھن عنصرن جي پاڻ ۾ بي انتظامي، وڳوڙ ۽ گھڻ جي ڪري ئي ٿين ٿا. ستارن جي رستن ۽ طرفن ۽ سال جي موسمن تي انھن ئي عنصرن جي اثرن جي علم کي اسان ستارن جو علم چئون ٿا.

”وڌيڪ اھو تھ اھي سمورا عمل ۽ ڀيٽائون جيڪي فال ۽ اڳڪٿي جي دائري ۾ اچي وڃن ٿا، جيڪا ديوتائن ۽ انسانن وچ ۾ سمورن باھمي تعلقن ۽ ميل جو ھنر آھي – سي منھنجي خيال ۾ صرف سٺي پيار کي قائم ۽ دائم رکڻ ۽ بري پيار جو علاج ڪرڻ لاءِ آھن. ڇو تھ سموريون ناپاڪيون ۽ ڏوھھ ان وقت لازمي طور جنم وٺن ٿا، جڏھن ڪو ماڻھو پنھنجي ھر عمل ۾ سٺي پيار کي عزت، مان ۽ مڃتا ڏيڻ بدران، بدڪار پيار کي مان ڏئي، پوءِ ڀلي سندس اھڙي عمل ۽ سوچ جو تعلق سندس والدين سان ھجي – جيئرا يا مئل – يا ديوتائن سان. اھڙن معاملن ۾ اھو فال جي علم جو ئي ڪم آھي تھ ٻنھي قسمن جي پيارن تي نظر رکي ۽ ڪٿي ضرورت مطابق، طبيب وانگر انھن جو علاج ڪري، ڇو تھ اڳڪٿي / فال انسانن ۽ ديوتائن جي وچ ۾ خير خواھ ۽ صلح ساز آھي. ڇو تھ اھا انساني زندگي ۾ پيار جي معاملن جي ڄاڻ رکندي ان ۾ نيڪ ۽ خدا ترس عمل ۽ رويا پيدا ڪري ٿي.

”سو پيار، مجموعي طور ھڪ عظيم ۽ طاقتور ۽ اڃا بھ ائين کڻي چئجي تھ ھڪ قادر مطلق حڪمران آھي، پر اھو پيار جنھن جي مراد سٺائي ھوندي آھي، جيڪو جڳت، پرھيزگاري، نيڪي ۽ انصاف جي صحبت ۾ ھجڻ سان ملي ٿو، ھتي ڌرتي تي يا آسمان منجھھ اھو گھڻو سگھارو بھ ٿئي ٿو ۽ اھو اسان جي مڙني خوشين ۽ ميٺ محبت جو وسيلو آھي ۽ اھو اسان لاءِ ممڪن بڻائي ٿو تھ ڌرتي تي پاڻ سان گڏ گذاريندڙ خلق سان ۽ مٿي آمان ۾ وسندڙ اسان جي مالڪن – ديوتائن سان، صلح ۽ شانتي، آنند ۽ ايڪتا ۽ دوستي ۾ گذاريون. ائين ٿي سگھي ٿو تھ مون کان پيار جي ھن واکاڻ ۾ ڪيتريون ڳالھيون رھجي بھ ويون ھجن، جيڪي چوڻ گھرجن ھا، پر جي ائين آھي تھ اھو اڻڄاڻائي ۾ ۽ لاشعوري طور تي ٿيو آھي. سو جي واقعي مون کان ڪا شيءِ گسي وئي آھي تھ پوءِ ارسٽوفينز، اھا تنھنجي ذميواري بڻجي ٿي تھ تون اھي خال ڀر. يا جيڪڏھن تون پيار جي واکاڻ ڪنھن ٻئي انداز سان ڪرڻ ٿو چاھين تھ پوءِ بھ تنھنجي مرضي. بھرحال تنھنجي ڳالھائڻ جو وارو اچي پھتو آھي، جو مان ڏسان ٿو تھ تو واري ھڏڪي ھاڻي غائب ٿي چڪي آھي.“

سو ائين ارسٽوفينز جو وارو آيو، جنھن ارسٽوڊيمز چواڻي تھ ھيئن شروعات ڪئي.

”ھائو اھا ختم نھ ٿي پر ان وقت جڏھن مان نڇ وارو نسخو استعمال ڪيو. سو مان ڄاڻڻ ٿو چاھيان تھ ڇا منھنجي جسم ۾ نيڪ ڌرمي / فضيلت وارو پيار اھو آھي، جنھن کي اھڙي گوڙ وڳوڙ، ڪتڪتائن، چڪن ۽ نڇن سان عشق آھي ۽ انھن جي گھرج اٿس؟ ڇو تھ مان جيئن ئي اھو طريقو استعمال ڪيو تھ ويچاري ھڏڪي ٺھي نھ جڙي.“

”منھنجا پيارا ارسٽوفينز ڌيان ڪر، تون ڇا چئي ۽ ڪري رھيو آھين؟ تون تقرير ڪرڻ وارو آھين ۽ جيڪڏھن تون ائين مون تي ٽوڪ ڪندين تھ مان بھ مجبور ھوندس تھ تنھنجي تقرير دوران توکي ٽوڻا ھڻان. ٻي صورت ۾ تون بلڪل آرام ۽ امن سان پنھنجي تقرير ڪري سگھين ٿو.“

”تون بلڪل سچو آھين اريڪسيميڪس“ ارسٽوفينز کلندي وراڻيو. ”مان پنھنجا لفظ واپس ٿو وٺان، پر پوءِ مھرباني ڪري منھنجي تقرير دوران مون کي گھوري نھ ڏسجان. متان مون کان کل نڪري وڃي. ھونئن مان کلڻ کان ڊڄان نھ ٿو، کلڻ سٺي شيءِ آ ۽ منھنجي ديوتا جي فطرت ۽ مزاج موجب ئي آھي – پر ڳالھھ اھا آ تھ پوءِ اوھان مون سان گڏجي کلڻ بدران، مون تي کلڻ لڳندا.“

”ڀلا راڻا! ارسٽوفينز تون ائين سمجھين ٿو تھ ٻئي کي ترار وھائي ڪڍندين ۽ پاڻ سزا کان بچي ويندين؟ ھوشيار ٿجان ھوشيار - ۽ تقرير ڪندي اھو نھ وسارجان تھ توکي ان جو حساب ڪتاب بھ ڏيڻو پوندو. بھرحال جيڪڏھن مون مناسب سمجھيو تھ توکي معاف ڪري ڇڏيندس.“

”چڱو اريڪسيميڪس“ ارسٽوفينز ڳالھائڻ شروع ڪيو. ”اھو بلڪل سچ آ تھ مان توکان ۽ پاسينياس کان مختلف، ھڪ بلڪل ٻئي انداز سان ڳالھائڻ گھران ٿو. منھنجي خيال ۾ انسان، پيار جي قوت ڄاڻڻ ۾ بلڪل ناڪام رھيا آھن. ڇو تھ جي انھن کيس سڃاتو ۽ سمجھيو ھجي ھا تھ پوءِ ان جي شان ۾ وڏا مندر ۽ قربان گاھون جوڙين ھا ۽ سندس شان ۾ وڏيون قربانيون ۽ ڀيٽائون ڏين ھا، پر ائين نھ ڪيو ويو آھي. حالانڪھ ھو انھن سڀني شين جو، ٻين سڀني ديوتائن کان وڌيڪ مستحق آھي. ڇو تھ سڀني ديوتائن منجھان ھي ئي تھ انسانن جي انھن براين ۽ بيمارين جو علاج ڪري. ان جو مددگار ۽ طبيب بڻجي ٿو، جيڪي انسان ذات جي خوشين جي راھھ ۾ وڏيون رڪاوٽون بڻيل آھن. تنھن ڪري مان اوھان جي آڏو ھن جي سگھھ بيان ڪندس ۽ پوءِ اوھان باقي دنيا کي اھو ٻڌائجو ۽ سيکارجو. سڀ کان پھريائين تھ اوھان کي انسان جي فطرت، بدني بناوت ۽ ان ۾ آيل ڦير ڦار جي تاريخ سمجھڻي پوندي. ڇو تھ اھا اصل ۾ ان کان مختلف ھئي، جيئن اڄڪلھھ اھي. پھرين ڳالھھ تھ اڳي ٽي جنسون ھونديون ھيون- ٻھ نھ، جيئن اسان ۾ آھن، يعني نر ۽ مادي. ٽين جنس ۾ ٻنھي جون خصلتون موجود ھيون ۽ سندس نالو بھ ان ٻٽي خصلتن مطابق ھيو. ان بلڪل ڌار جنس جو ڪنھن وقت ۾ باقاعده وجود ھيو. پر پوءِ اھا ختم ٿي وئي ۽ اڄ ان جو نالو مخنث / کدڙو رڳو گار يا مھڻي طور باقي زندھ رھيو آھي.

”ٻي ڳالھھ تھ اوائلي انسان گول متول ھيو. ھن جون پٺيون ۽ پاسا / پاسريون ملي، ڄڻ ھڪ گول دائرو ٺاھيندا ھئا. ھن کي چار ٻانھون ۽ چار ڄنگھون ھونديون ھيون ۽ ٻھ ھڪجھڙا منھن جيڪي ڳچيءَ تي ائين ھيا جو ٻنھي جو مٿو ھڪ ھيو ۽ ٻئي مخالف طرفن ڏانھن مڙيل ھئا. کين چار ڪن، نسل وڌائڻ وارا ٻھ عضوا ۽ جسم جا باقي ٻيا عضوا بھ ان ٻيڻي حساب سان ھوندا ھئا. اھي ماڻھو بھ اسان وانگر سنوان سڌا، اڳتي پوئتي يا جيئن وڻين تيئن گھمي ڦري. ھلي چلي سگھندا ھئا. پر جڏھن اھي تيز ڊڪڻ چاھيندا ھئا تھ پوءِ پنھنجي چئني پيرن ۽ چئني ھٿن جو استعمال ڪندا ھئا. ائين جيئن بازيگر يا ليٺ ڪبوتر ڄنگھون ھوا ۾ ڪري، ڏوٽيون ڏئي، ڪلٽيون ۽ قلابازيون کائي، وري سنوان سڌا ٿي بيھندا آھن، سو جنسون ٽي ھونديون ھيون ۽ جيئن مون بيان ڪيون آھن، اھڙين خاصيتن واريون ھونديون ھيون، ڀلا ڇو؟ تھ ان جو سبب ھي آھي جو سج، چنڊ ۽ ڌرتي ٻھ ٽي آھن. اصل ۾ مرد سج مان پيدا ٿيو ۽ عورت ڌرتيءَ منجھان ڄائي، جڏھن تھ ٽين جنس جيڪا مرد بھ ھئي تھ عورت بھ اھا چنڊ منجھان ڄائي، جنھن ۾ سج ۽ ڌرتي ٻنھي جون خاصيتون آھن. انھن انسانن جي اھا گول مٽول شڪل ۽ سندن اھا گولائي ۾ چوڏيل واري چال بھ ان ڪري ھئي جو سندن والدين بھ اھڙين خصلتن جا مالڪ ھئا. انھن جي سگھھ بھ خطرناڪ قسم جي ھئي ۽ سندن دلين جا خال بھ اوچا، شاھاڻا ۽ ھٺيلا ھوندا ھئا. ھنن ديوتائن تي حملو ڪري ڏنو. ايفيالٽس ۽ اوٽس جو آسمان تي چڙھي، ديوتائن سان جنگ جوٽڻ جي ڪوشش وارو، ھومر جو قصو بھ انھن سان لاڳاپيل آھي. (10)

”سو زيوس ۽ بين ديوتائن اچي غور ويچار  ڪيو تھ انھن سان ڪيئن نبرجي. ڪو وقت تھ ھو ھٿ مٿي تي ڏئي ويٺا رھيا تھ ڇا ڪجي. يا تھ سندن مٿان وڄ ڪيرائي سندن نسل ھميشھ لاءِ برباد ڪري ڇڏجي. جيئن ھنن راڪاسن کي ڪيو ھو، پر پوءِ انسانذات پاران سندن عبادت ڪرڻ ۽ قرباني ڏيڻ وارو ڪو بھ نھ بچندو. يا تھ وري کين اجھل، مست ۽ گستاخ ٿيڻ ڏنو وڃي. پر ھو ائين بھ نھ ڪري پئي سگھيا. آخر ڊگھي سوچ ويچار کانپوءِ، زيوس ديوتا کي ھڪ ڳالھھ سجھي آئي. ”ھيڏي ٻڌو“ ھن چيو ”منھنجي خيال ۾ مون ھڪ حل ڳولي ئي ڪڍيو. ان مطابق انساني نسل زنده بھ رھندو ۽ گڏوگڏ کين ڪمزور ڪري سندن ھٺ بھ ڀڃو. مان ٿو اوھان کي ٻڌايان تھ مان ڇا ڪندس. مان کين وچان چيري ٻھ اڌ ڪندس. ائين ڪرڻ سان ھو قوت ۾ گھٽ بھ ٿيندا ۽ تعداد ۾ بھ وڌندا. ھڪ ڌڪ سان ٻھ شڪار ۽ ائين ھو اسان لاءِ وڌيڪ فائديمند بڻجي پوندا. ھو پوءِ ٻن ڄنگھن تي سڌا گھمندا پر جي ائين ڪرڻ کانپوءِ، اڃا بھ سندن مستي ۽ گستاخي ختم نھ ٿي تھ مان کين وري وڍي ٻھ اڌ ڪندس ۽ پوءِ وتن ھڪ ڄنگھھ تي منڊڪائيندا.“

”ائين چوندي ھن سڄي انساني نسل کي ٻن حصن ۾ وڍي ڇڏيو جيئن صوفن جو اچار ٺاھڻ يا ڪنھن ٻئي ميوي کي محفوظ ڪرڻ ۽ يا سڪائڻ لاءِ اڌواڌ ڪيو ويندو آھي. يا جيئن اوٻاريل انڊي کي وار سان وڍي اڌواڌ ڪيو ويندو آھي. جيئن ھو ڄڻي ڄڻي کي اڌواڌ ڪندو پئي ويو. تيئن اپالو ديوتا کي چيائين تھ سندن منھن ۽ اڌ ڳچي کي ڦيرائي. وڍيل پاسي ڏانھن ڪري تھ جيئن انسان پنھنجي اکين سان، پنھنجي اڌواڌ ٿيڻ جي اھا ثابتي ڏسي سگھي ۽ غور ويچار ڪري تھ جيئن آئنده جي لاءِ نياز ۽ نوڙت سکي. ھن اپالو کي سندن باقي زخمن ڀرڻ ۽ منھن مھانڊو ٺاھڻ لاءِ بھ حڪم ڏنو. سو اپالو منھن پڻ ڦيرائي سڌا ڪيا ۽ سڀني پاسن کان کل کي ڇڪي ان جاءِ تي گڏ ڪيائين، جنھن کي اسان پيٽ چوندا آھيون، بلڪل ائين جيئن ڪنھن ڳوٿريءَ جو منھن منجھس پيل سڳي کي ڇڪي بند ڪيو آھي. ائين ئي وچ تي ھڪ سوراخ جي چوڌاري ان کي ڇڪي ڳنڍ ڏنائين، جنھن کي اسان دن چوندا آھيون. ھن پوءِ جسم مان ڪيترائي گھنج ڪڍيا. ھن ڇاتيءَ منجھان بھ گھنج ڪڍي، ان کي ائين گھڙيو جيئن سوچي، آخر ۾ چمڙي کي لسائيندو آھي. پر ھن ان جي چوڌاري ۽ پيٽ تي گھنج ڇڏي ڏنا تھ جيئن انسان کي پنھنجي اصلي حيثيت ياد رھي.

”ماڻھو جي اصلي جسم جو ائين ٻن حصن ۾ ورھائجڻ کانپوءِ، ھڪ حصو ٻئي حصي سان ملڻ جي اڪير ۾ تڙپندو رھيو. اھي ٻئي حصا جڏھن پاڻ ۾ رليا پئي تھ کڻي، ھڪ ٻئي کي ڀاڪر وجھي، ٻئي ٻانھون ڳچيءَ ھار ڪيائون، اھا سڌ رندي تھ شال وري گجي ھڪ ٿي وڃون ۽ پوءِ ھو ائين بک وگھي ۽ پنھنجو ڪو بھ خيال نھ رکڻ ۽ پرواھھ نھ ڪرڻ ڪري مرندا رھيا. ڇو تھ ھنن ھڪ ٻئي کان جدا رھي، ڪجھھ بھ ڪرڻ نھ پئي گھريو. وري جي ڪنھن اڌن جي جوڙي مان ھڪڙو اڌ مري ويو ۽ ٻيو زندھ رھيو تھ زندھ رھڻ واري وري ڪنھن ٻئي ساٿي جي ڳولا ڪئي، جيڪو يا تھ اوائلي سڄي مادي جو اڌ ھيو، جنھن کي اسين ھينئر عورت چئون ٿا. يا ھڪ نر جو اڌ ۽ ھو ائين ئي برباد ٿيندا ۽ مرندا رھيا. تان جو زيوس ديوتا وري مٿانئن ڪھل کائي ھڪ رٿ رٿي. ھن سندن ڄڻڻ وارا عضوا ڦيرائي اڳيان ڪيا. ھيستائين اھي ان جاءِ تي نھ پر جسم جي ٻاھرين، ٻئي پاسي ڏانھن ھئا ۽ ٻار ٿيڻ ۽ ڄڻڻ جو عمل جنسن جي جسماني ميلاپ سان نھ ٿيندو ھو، پر ھي زمين تي اخرج ڪرڻ سان جيئن گاھھ تڏي ۾ ٿيندو آھي، انھن جا ڄڻڻ وارا عضوا آڏو ڪندي، جيئن اھي ھينئر آھن، زيوس ديوتا اھو ممڪن ڪيو تھ مرد ۽ عورت جي جنسي ميلاپ ڪري، پيدائش جو عمل ٿي سگھي. سندس ان تبديلي ڪرڻ جو مقصد ٻٽو ھو، جي مرد عورت سان ملي تھ ٻار ڄڻي سگھن ۽ انساني نسل جاري رھي، وري جي مرد، مرد سان ملي تھ اھي بھ پنھنجي ميلاپ مان ھڪ ٻئي کي مطمئن ڪري سگھن، ۽ آرام ڪري وري پنھنجي زندگيءَ جي روزمره جي ڌنڌن ۽ ڪمن ڪارن کي وڃي لڳن، سو اسان جو ھڪٻئي سان اھو گھرو پيار ايڏو آڳاٽو آھي. اھو پيار جيڪو اسان کي اسان جي اصلوڪي حالت ۾ موتائي، ٻن وڇڙيلن کي وري ملائي ھڪ ڪرڻ جي ڪوشش آھي تھ جيئن انسان جي قدرتي بناوت جا اھي زخم بھ ڀرجي سگھن.

”پوءِ اسان مان ھر ھڪ انسان، ان اوائلي انسان جو ھڪڙو پاسو، ڄڻ ڀڳل، ٽٽل اڌ آھي، جيڪو انھيءَ اڌواڌ ۽ وڍجڻ جو نتيجو آھي ۽ اسان ائين ڦاڪن ۾ وڍجي ويا آھيون. جيئن مڇيءَ کي وڍي ٻن حصن منجھھ ورھايو ويندو آھي. سو اسان مان ھر ھڪ ٻارھو ئي پنھنجي ان لاڳاپيل حصي ۽ اڌ جي ڳولا ۾ سرگردان رھي ٿو. اھي مرد جيڪي ان ٻٽي جنس يعني ”مرد عورت“ جا اڌڙ آھن. سي عورتن جا عاشق ٿين ٿا ۽ گھڻا عياش مرد ان نسل منجھان ئي آھن. ائين اھي عورتون بھ آھن، جيڪي جنسي ميلاپ جي خيال کان مردن لاءِ صفا چريون ھونديون آھن. وري اھي عورتون جيڪي ان اوائلي مڪمل عورت جا اڌڙ آھن، سي وري مردن کي گھٽ چاھينديون آھن. پر کين عورتن سان وڌيڪ لڳاءُ ھوندو آھي فاحش عورتون انھيءَ جنس منجھان آھن. پر جيڪي اوائلي مڪمل مرد جا اڌ آھن، سي وري مردن جا ڳولائو ۽ طالبو آھن ۽ مرد جو اڌڙ ھجڻ جي ناتي اھي جڏھن ڇوڪرا ھوندا آھن تھ ڇوڪرن سان ئي پيار ڪندا آھن ۽ انھن سان جسماني ڇھاءُ ۽ ڀاڪر پائڻ ۾ کين راحت ايندي آھي. اھي پاڻ بھ مڙني نوجوانن کان بھتر ھجن ٿا ڇو تھ فطرتا انھن ۾ مردانگي ٿئي ٿي. ڪي ماڻھو چوندا اھن تھ اھي بيشرم آھن، پر ائين چوڻ غلط آھي اھا بيحيائي ڪونھي، جيڪا کانئن اھو عمل ڪرائي ٿي. پر سندن اھڙي چال چلت سندن اوچن جذبن، جرئت، مڙسي ۽ مردانگي جي ڪري ئي آھي، جنھن سبب ئي ھو پنھنجي ھم جنسن کي ڀليڪار چئي، ڀاڪر پائن ٿا. منھنجي ان بيان جي سچائي جي پختي ثابتي اھا آھي تھ اھڙا ۽ رڳو اھڙا ئي ڇوڪرا، جڏھن اچي بالغ ٿين ٿا تھ اسان جا اڳواڻ ۽ سياستدان بڻجن ٿا ۽ جڏھن اھي وڏا مرد ٿي پون ٿا تھ پوءِ اھي خود بھ ڇوڪرن جا عاشق ٿين ٿا ۽ اھي ھونئن تھ شادي ڪرڻ ۽ گھر ٻار ھجڻ تي مورڳو راضي ٿي نھ ٿا ٿين، پر آخر سندن ان فطري ناپسندگيءَ تي ماني جو رسم رواج ۽ قانون غالب پئي ٿو، تڏھن وڃي ھو شادي ٿا ڪن. پر جي کين اھڙي اجازت ڏني وڃي تھ ھو ان تي بلڪل راضي ٿي ويندا تھ ٻئي ڄڻا ڪنوارا رھي سڄي عمر گڏ گذارين. ٿورن لفظن ۾ ائين کڻي چئجي تھ اھڙا ماڻھو، فطري طور، ھميشھ ڇوڪرن جا عاشق ھوندا ۽ پاڻ معشوق رھيا ھوندا آھن. ڇو تھ ھو ھميشھ ان کي ئي چاھيندا ۽ ڳل لائيندا آھن، جيڪو ھنن جھڙو ھوندو آھي.

”پوءِ جڏھن اھڙن ڇوڪرن جي عاشقن – يا ٻئي ڪنھن قسم جي عاشقن کي، سندن ڀلن ڀاڳن ۾، پنھنجو اھو اصلوڪو اڌ ملي ٿو وڃي تھ پوءِ اھڙو جوڙو پيار، محبت، ياراڻي ۽ ويجھڙائپ جي اھڙي حيرت انگيز ۽ زبردست جذبي ۽ موج ۾ گم ٿي وڃي ٿو. جو اھو جوڙو ھڪ پل لاءِ بھ، ھڪ ٻئي جي نظرن کان پري ٿيڻ کان صفا نابري واري ٿو ويھي. اھي اھڙا انسان آھن، جيڪي سڄي عمر جو ساٿ نڀائڻ وارا آھن. توڙي جو ھو اھو بھ نھ ٻڌائي سگھندا آھن تھ آخر ھنن کي ھڪٻئي مان ڪھڙي اسيس ٿي اچي ۽ ھڪٻئي مان ڪھڙي فائدي جي اميد ۽ گھرج اٿن. ڇو تھ اھا بي انت اڪير ۽ اڻ مئي اڪنڍ، جيڪا کين ھڪٻئي سان آھي، تنھن جي باري ۾ ڪو بھ ائين نھ ٿو چئي سگھي تھ اھا ڪا جسماني لطف خاطر آھي. پر ڪو اھڙو انس ۽ عشق اٿن، جيڪو ڄڻ تھ سندن روحن جو ھڪ ٻئي سان ھجي ۽ ھو ان کي زباني بيان ڪري نھ سگھندا ھجن. پر ان ڏانھن فقط ڪو مبھم ۽ ڌنڌلو، اندازو ۽ اشارو ئي ڪري سگھن تھ ھنن کي ڇا گھربل آھي، سمجھو کڻي تھ ھيفائيٽس (11) پنھنجا اوزار کني انھن وٽ پھچي ٿو. جڏھن اھي ھڪٻئي جي ڀر ۾ ليٽيا پيا ھجن ۽ کانئن بيھي پڇي تھ ”ڀلا ٻڌايو تھ سھي تھ آخر توھان کي ھڪٻئي کان ڪھڙي شيءِ جي طلب آھي؟“ پاڻ ائين بھ کڻي سمجھون تھ ھو کيس جواب نھ ڏئي سگھيا ۽ ھن سندن مونجھار ڏسي، کانئن، ھنن لفظن ۾ پنھنجو سوال وري ورجايو، ”ڇا توھان جي تمنا اھا آھي تھ توھان ھر گھڙيءَ ويجھو ۽ ھڪ ئي ھجو ۽ ڏينھن توڙي رات جو ڪڏھن بھ ھڪٻئي کان نھ ڇڄو. سو جي توھان جي خواھش اھا آھي تھ پوءِ توھان ٻنھي کي رجائي ڳنڍيان تھ جيئن توھان ٻن جي بدران ھ ٿي وڃو. توھان جيترو وقت جيئرا ھجو. اوستائين گڏ زندگي گذاريو. توھان ھڪڙو ۽ ساڳيو انسان ھجو ۽ جڏھن موت اچي تھ بھ ھڪجھڙو ۽ پوءِ ٻئي جھان ۾ بھ، ٻھ نھ، پر ھڪ ئي روح ھجيو، ڇا اوھان ان تي راضي ۽ مطمئن رھندؤ ۽ ائين ٿيڻ سان اوھان جون آسون ۽ باسون پوريون ٿينديون؟“ ۽ اسان سمجھي سگھون ٿا تھ ھنن جو جواب ڪھڙو ھوندو. ٻنھي مان ھڪڙو ڄڻو بھ اھا آڇ نھ موٽائيندو ۽ نھ ئي ڪنھن ٻي شيءِ جي گھر ڪندو. پر اھو قبولي ۽ باسي ويھندو تھ بلڪل اھ ئي ھڪ ٻئي ۾ رجي رلجڻ، اھو ئي ھڪ ٻي منجھھ ملي. ٻن جي بدران ھڪ ٿي وڃڻ ئي دراصل ھن جي ازلي خواھش ۽ من جي مراد آھي، جنھن کي ھو دل ۾ ڪنھن وقت کان سانڍيو پئي آيو آھي، پر ان کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ کان قاصر رھيو آھي. (12) ۽ ان جو سبب اھو آھي تھ اوائلي انسان اصل ۾ ھڪ ۽ سڄو ھيو. سو ، بس ان سڄي جي سڌ، تڙپ، ڳولا ۽ جستجو جو نالو ”پيار“ آھي.

”۽ جيئن مون اڳ ۾ بھ چيو تھ اصل ۾ اسان سڄا ھئاسين. پر پوءِ اسان جي گناھن ۽ غلطين سبب زيوس ديوتا اسان کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو. جيئن اسپارٽا وارن آرڪيڊينس کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو. سو اھو انديشو موجود آھي تھ جي اسان ديوتا جا فرمانبردار نھ رھياسين تھ اسان وري اڌواڌ ڪيا وينداسين، جيئن ڇڪي جو نقل ٺاھڻ لاءِ ان کي ٻن حصن ۾ ورھايو ويندو آھي ۽ پوءِ ائين انھن اڌڙ ماڻھن وانگر، ھلندا وتنداسين جيئن قبرن يا يادگارن تي ھڪ پاسائين تصيور تراشيل ھوندي آھي، ڄڻ ڪارائي سان ائين عمودي ڪٽيو ويو ھجي. جو نڪ اڀائي ۾ اڌ بچي. سو اسان کي گھرجي تھ سڀني انسانن کي ديوتا جي فرمانبرداري ۽ خدا ترسي جي تلقين ڪريون. اسان ائين ڪرڻ سان ئي براين ۽ اھڙي بدنصيبي کان پاڻ بچائي سگھون ٿا ۽ سٺايون ۽ پنھنجون سڌون ماڻي سگھون ٿا، جن لاءِ پيار اسان جو امام بڻبو. اچو تھ وچن ڪريون تھ ڪو بھ پيار جو دشمن نھ ٿيندو – ڇو تھ جنھن پيار سان دشمني ڪئي، تنھن ڄڻ ديوتائن سان دشمني ڪئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com