سيڪشن؛  علميات

ڪتاب:غريب ڳوٺاڻن سان ڳالهيون

باب: --

صفحو :5

6- هارين لاءِ سوشل ڊيموڪريٽ ڪهڙا سڌارا آڻڻ جي ڪوشش ۾ آهن؟

سمورن پورهيتن جي ڇوٽڪاري لاءِ ڳوٺن جي غريبن کي گهرجي ته اُهي شهري مزدورن سان عملي اتحاد ڪري سڄي بورجوازي جي خلاف، جنهن ۾ مالدار هاري به شامل آهن ويڙهه وڙهن- مالدار هاري ڪوشش ڪندا ته پنهنجي کيت مزدورن کي جيتري گهٽ مزدوري ٿي سگهي ڏين ۽ کانئن جيترو وڌيڪ ۽ مشڪل ڪم ٿي سگهي اوترو ڪم وٺن. پر شهرن ۽ ڳوٺن جا ته مزدور اها ڪوشش ڪن ٿا ته مالدار هارين وٽ جي کيت مزدور ڳوٺن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. اهي ته پنهنجون حالتون بهتر بنائن، انهن کي پنهنجون حالتون بهتر بنائڻ لاءِ صرف اهائي واٽ آهي ته ڳوٺن جي غريبن کي مالدار هارين کان الڳ خود پنهنجو اتحاد ڪرڻ گهرجي. اها ڳالهه اسان پهرين به چئي آيا آهيون ۽ اسان ان کي هميشہ دهرائينداسين.

ليڪن روس ۾ سمورا هاري، مالدار ۽ غريب هاڻ ڪيترن لحاظن کان اڃا تائين زر خريد هارين وانگر آهن. اهي ڪريل قسم جي ڪاري مٽي واري چنگي ادا ڪندڙ جاگيرون آهن. اهي سڀ پوليس آفيسرن ۽ علائقي جي حاڪمن جا زر خريد هاري آهن. اڪثر ائين ٿئي ٿو ته کين ٽڪرن واري زمينن جي استعمال جي بدلي ۾ چراگاهن يا ماٿرين، جانورن کي پاڻي پيارڻ وارن جاين کي ڪم ۾ آڻڻ جي بدلي ۾ قيمت ادا ڪرڻ لاءِ جاگيردارن وٽ ڪم ڪرڻو پوي ٿو. بلڪل اهڙي طرح جيئن زر خريد هارين جي نظام هيٺ ڪم ڪرڻو پوندو هو. سمورا هاري گهرن ٿا ته زر خريد هارين جي انهيءَ نئين نظام کان آزاد هجن، سڀ چاهين ٿا ته کين پورا حق حاصل هجن، اهي زميندارن کان نفرت ڪن ٿا جيڪي هاڻ به کين زر خريد هارين جهڙي محنت ڪرڻ تي، رئيسن جي زمينن ۽ چراگاهن کي، مال کي پاڻي پيارڻ جي جاين ۽ ماٿرين کي استعمال ڪرڻ عيوض محنت جي شڪل ۾ مسواڙ ادا ڪرڻ بي جا مداخلت لاءِ ڪم ڪرڻ ۽ رڳو عزت لاءِ زميندارن جي زمينن ۾ فصل لڻڻ لاءِ پنهنجي گهر جي عورتن کي موڪلڻ تي مجبور ڪن ٿا. زميندارن لاءِ اهو سمورو ڪم ڪرڻ مالدار هارين جي ڀيٽ ۾ غريب هارين لاءِ وڌيڪ ڳرو بوجهه ٿئي ٿو. مالدار هاري ته گهڻو ڪري ائين ڪري ٿو ته انهيءَ ڪم جي عيوض زميندار کي روڪ پئسا ڏئي ڇڏي ٿو. پر زميندار مالدار هاريءَ کي به چڱي طرح نيپوڙي ٿو. انهيءَ ڪري ڳوٺن جي غريبن کي پنهنجي حقن جي ڪمي زر خريد هارين جهڙي هر محنت جي شڪل ۾ مسواڙ وٺڻ جي هر قسم جي خلاف مالدار هارين سان گڏ ڪلهوڪلهي ۾ ملائي وڙهڻ گهرجي. سڄي غلامي ۽ غريبي کي صرف تڏهن مٽائي سگهون ٿا جڏهن پوري طرح بورجوازي کي (جنهن ۾ مالدار هاري به شامل آهي) هارائينداسين. پر غلامي جون ڪجهه شڪليون اهڙيون به هونديون آهن جيڪي ان کان اڳ مٽائي سگهجن ٿيون. ڇاڪاڻ ته مالدار هارين کي ان سان ڏاڍي تڪليف پهچي ٿي. اڄ به روس ۾ ڪئين جايون ڪئين علائقا اهڙا آهن جن ۾ سمورا هاري بلڪل زر خريد هارين واري حالت ۾ آهن. اهوئي سبب آهي جو روسي مزدورن ۽ ڳوٺن جي سمورن غريبن کي ٻنهي هٿن سان ٻنهي سان وڙهڻ گهرجي، هڪ هٿ سان سمورن مزدورن سان عملي اتحاد ڪري سڄي بورجوازي سان وڙهو ۽ ٻئي هٿ سان ڳوٺاڻن ڪامورن، جاگيردارن ۽ زميندارن جي خلاف سمورن هارين سان عملي اتحاد ڪري وڙهو. جيڪڏهن ڳوٺن جا غريب خود پنهنجو الڳ اتحاد قائم نٿا ڪن جيڪو مالدار هارين کان الڳ هجي ته مالدار هاري جيڪي خود زميندار بڻجي ويندا کين دوکو ڏئي ويندا. جڏهن ته غريب نه رڳو غريب ئي رهندا، پر انهن کي پنهنجو اتحاد قائم ڪرڻ جي آزادي به نه ڏني ويندي. جيڪڏهن ڳوٺن جا غريب جاگيرداريءَ واري غلطي جي خلاف مالدار هارين سان گڏ ڪلهو ڪلهي سان ملائي نٿا وڙهن ته اهي زنجيرن ۾ جڪڙيل رهندا. هڪ هنڌ ٻڌل جا ٻڌل رهندا ۽ کين شهر جي مزدورن سان متحد ٿيڻ جي پوري آزادي نه ملندي.

ڳوٺن جي غريبن کي سڀ کان پهرين زميندارن تي وار ڪرڻ گهرجي ۽ گهٽ ۾ گهٽ سڀ کان وڏو اوگڻ ۽ سڀ کان وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ جاگيردارانه غلامي کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ گهرجي. انهيءَ لڙائي ۾ ڪيترائي مالدار هاري ۽ بورجوازي جا حمايتي، غريبن جي طرفداري ڪندا. ڇاڪاڻ ته زميندارن جي آڪڙ کان هو ٿڪجي پيا آهن. پر جيئن ئي اسان زميندارن جو زور گهٽائي ڇڏينداسين، مالدار هاري تيئن ئي پنهنجي اصل رنگ ۾ اڳيان ايندو ۽ هر شيءِ ميڙڻ لاءِ پنهنجا پنهنجا هٿ ڊگهيڙيندو. اهي چنبا ڏاڍا ظالم هوندا آهن ۽ اهي اڳ ئي گهڻو ڪجهه کسي چڪا هوندا آهن. انهيءَ ڪري اسان کي هوشيار رهڻ گهرجي ۽ شهري مزدورن سان هڪ مضبوط ۽ اڻ ٽٽندڙ عملي اتحاد قائم ڪرڻ گهرجي. شهري مزدور زميندارن جون پراڻيون رئيساڻيون عادتون ڇڏائڻ ۾ مدد ڏيندا ۽ مالدار هارين کي به ڪجهه سڌو ڪندا (جيئن انهن پنهنجي فيڪٽري جي مالڪن کي ڪنهن حد تائين سڌو ڪيو آهي)  شهري مزدورن سان عملي اتحاد کان سواءِ ڳوٺن جا غريب هر قسم جي غلاميءَ مان هر قسم جي غريبي ۽ مصيبت مان ڪڏهن به ڇوٽڪارو حاصل نه ڪري سگهندا، شهري مزدورن کان سواءِ ڳوٺن جي غريبن جي مدد ڪرڻ وارو ڪو ٻيو نه آهي ۽ سواءِ پنهنجي پاڻ تي ٻئي ڪنهن تي ڀروسو نٿو ڪري سگهي. اهڙا سڌارا به آهن جيڪي ان کان اڳ ڪرائي سگهجن ٿا جيڪي اسان انهي زبردست جدوجهد جي شروع ۾ حاصل ڪري سگهون ٿا. روس ۾ غلاميءَ جا ڪيئي روپ هئا. جيڪي ٻين ملڪن ۾ عرصو اڳ ختم ٿي چڪا هئا ۽ ڪامورن ۽ زميندارن جي انهي غلامي مان ان جاگيردارانه غلاميءَ مان ئي مجموعي طور سچو هاري طبقو پنهنجي پاڻ کي مڪتي ڏياري سگهي ٿو.

اچو ته هاڻ اسين اهو ڏسون ته مزدورن جي سوشل ڊيموڪريٽي پارٽي ڪهڙا سڌارا آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته جيئن سڀ کان پهرين انهن سان مجموعي طور روسي هاري طبقو سڀ کان وڏي ڀونڊي شڪل جاگيري غلامي کان ته گهٽ ۾ گهٽ آزاد ٿي وڃي ته جيئن مجموعي طور روسي بورجوازي جي خلاف ڳوٺن جي غريبن لاءِ سندن هٿ کلي پون.

مزدورن جي سوشل ڊيموڪريٽي پارٽي جو سڀ کان پهريون مطالبو اِهو آهي ته مزدورن جي معاوضي جون سموريون ادائگيون، نذرانو، محصول ڀريندڙ، هارين جي حساب ۾ ڪڍيل سمورين رقمن جي اڳاڙي ختم ڪئي وڃي. جڏهن رئيسن جي ڪميٽي ۽ روسي زار جي حڪومت جنهن ۾ رئيس شامل هئا، هارين کي زر خريد هارين جي نظام سان نجات ڏياري ته هارين کي مجبور ڪيو ويو ته اهي پاڻ پنهنجي زمين خريد ڪن. اها زمين خريد ڪري وٺن جيڪا هو ڪيترين پيڙهين کان پوکيندا آيا هئا، اهو ڌاڙو هو. رئيسن جي ڪميٽين زار جي حڪومت جي مدد سان هارين کي ڦري ڇڏيو. زار شاهي حڪومت ڪيترن ئي جاين تي قاعدن ۽ ضابطن جو پڌرنامون هارين تي زوريءَ مڙهڻ لاءِ گهٽ ڪيل ڪنگالن جهڙوڪ ورهاڱي جي زمين وٺڻ کان انڪار ڪندڙ هارين جي خلاف سزا طور ڪارروايون ڪرڻ لاءِ فوجون موڪليون. فوجن جي مدد کان سواءِ تڪليفون رسائڻ ۽ گولي هڻڻ کان سواءِ رئيسن جون ڪميٽيون زر خريد هارين کي غلامي جي نظام کان نجات جي وقت ايتري قدر ڏاڍائي سان ڪڏهن به نه ٿي سگهيون. هارين کي هميشہ ياد رکڻ گهرجي ته رئيسن ۽ زميندارن جي انهن ڪميٽين کين ڪيئن ڦريو ۽ دوکو ڏنو هو. ڇاڪاڻ ته اڄ به جڏهن هارين جي باري ۾ نئون قانون ٺاهڻ جو سوال اُٿي ٿو ته زار شاهي حڪومت رئيسن ۽ عهديدارن جون ڪميٽيون ٺاهيندي آهي. تازو زار هڪ پڌرنامون جاري ڪيو هو (26 فيبروري 1903ع) جنهن ۾ هن هارين بابت قانونن تي وري غور ڪرڻ ۽ انهن ۾ سڌارو آڻڻ جو واعدو ڪيو آهي. وري غور ڪير ڪندو؟ ڪير سڌارا آڻيندو؟ وري اهي ئي رئيس ۽ اهي ئي ڪامورا! هاري جيستائين پنهنجي زندگي جون حالتون بهتر ڪرائڻ واسطي هاري ڪميٽيون ٺاهڻ ۾ سوڀارا نه ٿيندا، تيستائين کين دوکو ملندو رهندو. هاڻ وقت اچي ويو آهي ته هارين تي زميندارن زيمستوو جي حاڪمن ۽ هر قسم جي ڪامورن جي ڌونس ختم ڪئي وڃي! وقت اچي ويو آهي ته هر پوليس عملدار تي، شراب جي نشي ۾ چور، رئيس زادي تي جنهن کي زيمستوو جو حاڪم ڪوٺبو آهي، پوليس انسپيڪٽر يا گورنر تي، هارين جي زر خريد هارين جهڙي انحصار جو خاتمو ڪيو وڃي! هارين کي پنهنجا معاملا پاڻ اُڪلائڻ جي آزادي، پاڻ سوچي سمجهي نوان قانون ٺاهڻ منظور ڪرڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جي آزاديءَ جو مطالبو ڪرڻ گهرجي. هارين کي گهر ڪرڻ گهرجي ته آزاد چونڊن وسيلي ٺاهيل هاري ڪميٽيون قائم ڪيون وڃن ۽ جيستائين هو اهو سڀ ڪجهه حاصل ڪري نٿا وٺن، تيستائين هميشہ کين رئيس ۽ ڪامورا دوکو ڏيندا رهندا، جيستائين هاري پنهنجو پاڻ کي آزاد نٿا ڪري وٺن. جيڪڏهن هو متحد نٿا ٿين ۽ پنهنجي قسمت جا مالڪ پاڻ نٿا ٿين تيستائين سرڪاري چورن کان کين ڪوبه آزاد نٿو ڪري سگهي.

سوشل ڊيموڪريٽ رڳو اهوئي مطالبو نٿا ڪن ته زمين جي معافي واريون ادائگيون، نذراني ۽ هر قسم جا محصول مڪمل طور ختم ڪيا وڃن، هو اهو به مطالبو ٿا ڪن ته زمين جي معاوضي جون قسطون ماڻهن کان اُڳاڙيون ويون آهن سي انهن ماڻهن کي واپس ڪيون وڃن. رئيسن جي ڪميٽين زر خريد هارين جي نظام مان جڏهن نجات ڏني هئي تڏهن کان وٺي هن وقت تائين سڄي روس ۾ هاري ڪروڙين روبل ڀري چڪا آهن. هارين کي گهر ڪرڻ گهرجي ته اهي پئسا کين واپس ڪيا وڃن. حڪومت کي گهرجي ته اها وڏين وڏين زمينن جي مالڪ رئيسن تي خاص ٽيڪس لڳائي، خانقاهن جي ۽ رڳو خاص کاتي (يعني زار جي ڪٽنب واريون) زمينون ورتيون وڃن ۽ نمائندن جي اسيمبلي انهي روڪ پئسن کي هارين جي ڀلائي لاءِ خرچ ڪري. دنيا ۾ ڪٿي به هاري ايترو چٿيل ايترو ڪنگال نه آهي جيترو روس ۾ آهي. ڪٿي به لکين هاري بکن ۾ نٿا مرن جيئن روس ۾ ٿئي ٿو. روس جي هارين جي بکن ۾ پاهه ٿيڻ جي نوبت انهيءَ ڪري آئي آهي جو انهن کي هڪ عرصو ٿيو جو رئيسن جي ڪميٽين لٽي ڇڏيو آهي ۽ اڄ تائين کين انهيءَ ڳالهه تي مجبور ڪري لٽيو پيو وڃي ته اهي هر سال معاوضي جون قسطون ۽ نذراني جي شڪل ۾ جاگيردار زميندارن جي وارثن کي خراج ادا ڪندا رهن. لٽيرن کي پنهنجي ڏوهن جو حساب چڪائڻو  پوندو! وڏين وڏين زمينن وارن رئيسن کان روڪ پئسا اُڳاڙيا وڃن ۽ ڏڪاريل ماڻهن جي اصلي مدد ڪئي وڃي. بکن ۾ پاهه ٿيندڙ هاري کي پنڻ نه گهرجي، کيس امدادي ماني نه، گهرجي کيس مطالبو ڪرڻ گهرجي ته ورهين کان هو زميندارن ۽ رياست کي جيڪي نقد ۾ قسطون ڏيندو رهيو آهي سي نقد ۾ کيس موٽايون وڃن. نمائندن جي قومي اسيمبلي ۽ هاري ڪميٽيون تڏهن ئي ان لائق ٿينديون ته بکن ۾ پاهه ٿيندڙن کي اصلي ۽ اثر ڪندڙ مدد ڪن.

ان کان سواءِ سوشل ڊيموڪريٽ ليبر پارٽي گهر ڪري ٿي ته گڏيل زمينداري (14) فورن ختم ڪئي وڃي، ۽ اهي سمورا قانون ختم ڪيا وڃن جيڪي هارين کي پنهنجون زمينون آزادي سان الڳ ڪرڻ لاءِ پابندي لڳائين ٿا. زار جو 26 فيبروري 1903ع وارو پڌرنامون اجتماعي زمينداري جي خاتمي جو واعدو ڪري ٿو. انهيءَ مطلب لاءِ هڪ قانون به منظور ڪيو ويو آهي، پر اهو ڪافي ناهي اهي سمورا قانون، جيڪي هاريءَ کي پنهنجي زمين آزاد طريقي سان الڳ ڪرڻ کان روڪين ٿا سي فورن ختم ڪرڻ گهرجن، ٻيءَ صورت ۾ اجتماعي زمينداري کان سواءِ به هاري آزاد نه ٿي سگهندو ۽ اڌ زر خريد هاري رهندو. هاريءَ کي پنهنجي زمين الڳ ڪرڻ جي مڪمل آزادي هئڻ گهرجي ته هو جنهن کي وڻيس تنهن کي مقاطعي تي ڏي يا وڪڻي، ۽ کيس انهيءَ لاءِ ڪنهن کان اجازت گهرڻ جي ضرورت نه پويس. زار جو انهيءَ جي اجازت نٿو ڏئي. رئيس سوداگر ۽ شهري کي آزادي آهي ته هو پنهنجي زمين الڳ ڪري، پر هاريءَ کي ناهي. هاري سان اهڙو برتاءُ ڪيو وڃي ٿو ڄڻ ته هو ڪو کير پياڪ ٻار آهي جنهن جي سار سنڀال ڪندڙ علائقي جو حاڪم هجي، جيئن ٻار جي آيا هوندي آهي. هاريءَ کي پنهنجي حصي جي زمين وڪڻڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته هو پئسا فضول خرچ ڪري وجهندو. پڪا ٺيٺ جاگيردار اهڙا ئي دليل ڏين ٿا. ۽ اهڙا سادا ۽ اٻوجهه ماڻهو به آهن جيڪي انهن کي ڪن ڏين ٿا ۽ هارين گهڻ گهرائي لاءِ چون ٿا ته کيس زمين وڪڻڻ جي اجازت نه ملڻ گهرجي. ٿروڊنڪ (جن جو اسان اڳ ذڪر ڪري آيا آهيون) ۽ اهي ماڻهو جيڪي پنهنجو پاڻ کي سوشلسٽ انقلابي چون ٿا، سي هن دليل اڳيان گوڏا کوڙي ويهن ٿا ۽ انهي ڳالهه تي راضي ٿي وڃن ٿا ته چڱائي انهيءَ ۾ آهي ته هاري، انهيءَ ڀيٽ ۾ نه پهتو آهي نه کيس زمين وڪڻڻ جي اجازت ڏني وڃي. هو ٿورو گهڻو زر خريد هاري رهي.

سوشل ڊيموڪريٽ چون ٿا ته اهو ٺلهو آسرو آهي، وڏيرڪي ڳالهه آهي رڳو مٺي ڳالهه آهي! جڏهن اسين سوشلزم آڻينداسين، جڏهن مزدور طبقو بورجوازي کي کليل شڪست ڏيندو تڏهن زمين سڀني جي گڏيل ملڪيت هوندي ۽ زمين وڪڻڻ جو حق ڪنهن کي نه هوندو. پر وچ واري زماني جو ڇا ٿئي؟ ڇا رئيسن ۽ سوداگرن کي پنهنجي پنهنجي زمين وڪڻڻ جي اجازت ڏني وڃي ۽ هارين کي نه؟ ڇا رئيس ۽ سوداگر آزاد هجن ۽ هاري نيم زر خريد هاري رهن؟ ڇا هاري اختيار وارن کان بدستور اجازت جي بيک گهرندا وتن!؟

اهو نيٺ دوکو آهي جنهن کي مٺين مٺين ڳالهين ۾ ويڙهيو ويو آهي پر دوکو بهرحال دوکو آهي.

جيستائين ڪنهن رئيس يا سوداگر کي زمين وڪڻڻ جي اجازت آهي تيستائين هاريءَ کي به پورو پورو حق حاصل هئڻ گهرجي ته هو پنهنجي زمين وڪڻي سگهي ۽ اها مڪمل آزاديءَ سان الڳ ڪري سگهي بلڪل انهيءَ طرح سان جيئن ڪو رئيس يا سوداگر ڪري سگهي ٿو.

جڏهن مزدور طبقو سڄي بورجوازي کي شڪست ڏيندو ته هو وڏن وڏن مالڪن کان زمين وٺي ڇڏيندو ته جيئن مزدور هڪ هنڌ گڏيل طور ٻني ٻارو ڪن ۽ آزاديءَ سان ڀروسي جا ماڻهو چونڊين جيڪي فارم جو انتظام هلائين. وٽن هر طرح جي محنت بچائڻ واريون مشينون هونديون، هو اهي مشينون هلائي روزانو اٺ ڪلاڪ (يا ايستائين جو 6 ڪلاڪ) کان وڌيڪ ڪم نه ڪندا. ننڍو هاري جيڪو پراڻي طريقي سان پنهنجي ٻني ٻاري جو ڪم هلائڻ پسند ڪندو؛ تنهن کي منڊيءَ لاءِ پيداوار نه ڪرڻي پوندي جو هو پهرين اچڻ شرط مال وڪڻي ڇڏي پر هو مزدورن جي امداد باهمي جي انجمنن لاءِ پيداوار ڪندو. ننڍو هاري مزدورن جي امداد باهمي جي انجمنن کي اناج، گوشت، ڀاڄيون، مهيا ڪندو ۽ بدلي ۾ مزدور بنا روڪ پئسي وٺڻ جي کيس مشينون ڍور، ڪيميائي ڀاڻ، ڪپڙو ۽ ٻيون شيون ڏيندا. وڏي ۽ ننڍي آبادگار جي وچ ۾ پئسن لاءِ ڊوڙ نه ٿيندي. ٻين لاءِ پورهئي تي ڪم ڪرڻ جو سلسلو نه ٿيندو. سمورا مزدور پاڻ پنهنجي لاءِ ڪم ڪندا. پيداوار جي طريقن ۾ آندل سمورا سڌارا ـ مشينون مزدورن کي فائدو پهچائيندا ۽ انهن جي ڪم کي آسان ڪرڻ ۾ انهن جي زندگي جي معيار کي اوچي ڪرڻ ۾ مدد ڏينديون.

پر هر عقلمند ماڻهو سمجهي ٿو ته سوشلزم يڪدم حاصل نٿو ڪري سگهجي ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ سڄي بورجوازي ۽ سمورين حڪومتن جي خلاف سخت جدوجهد ڪرڻي پوندي سڄي روس جي سمورن شهري مزدورن جو ڳوٺن جي غريبن سان مضبوط ۽ اڻ ٽوٽ عملي اتحاد ۾ گڏجي هڪ ٿيڻ ضروري آهي. هيءُ هڪ وڏو مقصد آهي ۽ انهي جي قابل آهي جو ان مقصد لاءِ پنهنجي سڄي زندگي وقف ڪئي وڃي پر جيستائين اسين سوشلزم نٿا حاصل ڪري وٺون تيستائين پئسي لاءِ وڏو مالڪ ننڍي مالڪ سان هميشہ وڙهندو. ڇا زمين جي وڏي مالڪ کي پنهنجي زمين وڪڻڻ جي آزادي هجي ۽ ننڍي هاري کي نه؟ اسين وري به چئون ٿا ته هاري کير پياڪ ٻار نه آهن ۽ اهي ڪنهن کي به انهيءَ ڳالهه جي اجازت نه ڏيندا ته ڪو انهن تي رعب ڪري. هارين کي بنا ڪنهن پابندي جي اهي سمورا مڪمل حق ملڻ گهرجن جيڪي رئيسن ۽ واپارين کي مليل آهن.

اهو به چيو وڃي ٿو ته هاريءَ جي زمين سندس پنهنجي نه آهي، اها ته برادري جي آهي. برادريءَ جي زمين وڪڻڻ جي هر ڪنهن کي اجازت ڏيئي نٿي سگهجي. اهو به هڪ ڏٽو آهي، ڇا رئيسن ۽ واپارين جي پنهنجي برادري ناهي؟ ڇا رئيس ۽ واپاري زمين ۽ فيڪٽريون يا ٻي ڪا شيءِ مشترڪه طور خريد ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ گڏجي ڪمپنيون نٿا ٺاهين؟ ته پوءِ رئيسن جي انجمنن جي لاءِ ڪا پابندي ڇو نه ٿي عائد ڪئي وڃي، جڏهن ته پوليس جا سمورا بدمعاش سڄي هاري طبقي لاءِ ايتري جوش و خروش سان پابنديون ۽ منع ناما ايجاد ڪري وٺن ٿا؟ ڪامورن کان هارين لاءِ ڪڏهن ڪا ڀلائي نه ٿي آهي. کين رڳو مار ملي آهي کانئن زوري وصوليون ٿيون آهن کين ستايو ويو آهي. هارين جي ڪڏهن به تيستائين ڪا ڀلائي نه ٿيندي جيستائين هي پنهنجا معاملا پاڻ پنهنجي هٿ ۾ نه وٺن. جيستائين کين پوري برابري ۽ مڪمل آزادي حاصل نه ٿي وڃي. جيڪڏهن هاري چاهين ٿا ته سندن زمين برادري جي گڏيل ملڪيت رهي ته ڪنهن جي همت نه ٿيندي ته هو مداخلت ڪري ۽ هو پنهنجي مرضي سان اهڙي برادري ٺاهي وٺندا جنهن ۾ شامل ٿيندا جنهن کي هو گهرندا ۽ جن به شرطن تي چاهيندا انهن تي برادري جي معاهدي جا ڪاغذ آزادي سان ٺاهيندا ۽ هارين جي برادري جي معاملي ۾ ڪوبه ڪامورو وچ ۾ ٽنگ اٽڪائڻ جي همت نه ڪري. هارين تي ڪنهن چالاڪي واري مسئلي ويهارڻ، انهن لاءِ پابنديون ۽ منع ناما ايجاد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري.

*      *      *      *

آخر ۾ هڪ سڌارو آهي جيڪو سوشل ڊيموڪريٽ هارين لاءِ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. اهي چاهين ٿا ته رئيس جي هارين تي ٻنڌڻ انهن جي جاگيرداري غلامي تي پابنديون وڌيون وڃن جيستائين غريبي موجود آهي، غلاميءَ جو مڪمل طور خاتمو نٿو ڪري سگهجي ۽ غريبي جو تيستائين خاتمو نه ٿو ٿي سگهي جيستائين زمين ۽ فيڪٽريون بورجوازي جي هٿ ۾ آهن. جيستائين پئسو دنيا ۾ وڏي طاقت آهي ۽ جيستائين سوشلسٽ سماج قائم نٿو ٿئي. پر روس جي ٻهراڙين ۾ خاص ڪري ڪيئي نهايت بري قسم جا ٻنڌڻ اڃا تائين موجود آهن جيڪي هاڻ ٻين ملڪن ۾ باقي نه رهيا آهن. جيتوڻيڪ اتي ته اڃا سوشلزم نه آيو آهي. روس ۾ به جاگيردارانه غلامي گهڻي باقي آهي، جنهن مان سڀني زميندارن کي نفعو ملي ٿو پر اها سمورن هارين تي ڳرو بار آهي جنهن کي سڀ کان پهريون مٽائي سگهجي ٿو ۽ ضرور مٽائڻ گهرجي.

اچو ته ٿورو اهو سمجهون ته ڪهڙي قسم جا ٻنڌڻ جاگيردارانه غلامي ڪوٺجن ٿا.

ڳوٺن ۾ رهندڙ هر ماڻهو کي هيٺين واقعن بابت ڄاڻ هوندي هاري جي زمين سان لڳو لڳ زميندار جي زمين هوندي آهي. نجات وقت هارين کي اها زمين نه ڏني وئي هئي.  جيڪا انهن لاءِ ضروري هئي. مثال طور چراگاهه، ٻيلا ۽ مال کي پاڻي پيارڻ لاءِ گهاٽ واريون جايون ڪٽي الڳ ڪيون ويون هيون، انهي ڪٽيل زمين کان سواءِ، چراگاهن، پاڻي پيارڻ جي گهاٽن کان سواءِ هاري جو گذارو نٿو ٿي سگهي هاري چاهي يا نه چاهي کيس زميندار کان ان ڳالهه جي اجازت وٺڻ لاءِ وڃڻو ئي پوندو ته سندس مال کي پاڻي پيئڻ، چراگاهن ۾ چرڻ وغيره ڏنو وڃي. زميندار پاڻ ڪنهن زمين تي ٻني ٻارو نٿو ڪري ۽ شايد وٽس پئسو به نه هوندو آهي. هو ته هارين کي پنهنجي ٻنڌڻ ۾ ٻڌي زندگي بسر ڪري ٿو. ڪٽيل زمين جي استعمال جي بدلي ۾ هاري هن لاءِ مفت ڪم ڪن ٿا. هو سندس زمين پنهنجي جوڙن سان پوکين ٿا. هن لاءِ فصل لڻن ٿا، گاهه ڪن ٿا، ڳاهه ڳاهين ٿا ۽ ڪٿي ڪٿي ته کين زميندار جي ٻنين تي ڀاڻ کي به پهچائڻو پوندو آهي. يا گهر جو ٺاهيل ڪپڙو، آنا ۽ ڪڪڙيون ڏيڻيون پون ٿيون. بلڪل اهڙي طرح جيئن زر خريد هارين جي نظام ۾ هو! زر خريد هارين واري نظام ۾ هارين کي ان زميندار جي زمين تي مفت ۾ ڪم ڪرڻو پوندو هو، جنهن جي جاگير تي هو رهندا هئا ۽ اڄ اڪثر صورتن ۾ کين زميندار لاءِ مفت ڪم ڪرڻو پوي ٿو. انهيءَ زمين جي معاوضي ۾ جيڪا رئيسن جي ڪميٽين نجات جي وقت کانئس ڳڙڪائي ورتي هئي. هوءَ بلڪل بيگر ۽ ڇيڙئي ته آهي. ڪن صوبن ۾ هاري واقعي ان کي بيگر يا ڇيڙ ئي چون ٿا. اِهائي اُهو ٻنڌڻ آهي. جنهن کي اسين جاگيردارانه ٻنڌڻ يا غلامي چئون ٿا. زر خريد هارين واري نظام کان نجات وقت رئيس زميندارن جي ڪميٽين معاملن جو انتظام اهڙي ريت ڪيو ته جيئن هارين کي پراڻي طريقي واري غلامي ۾ ئي رکي سگهجي. انهن ڄاڻي واڻي هارين جي حصي ۾ ايندڙ زمين ڪٽي ڇڏي يا انهن هارين جي حصي جي زمينن جي وچ ۾ زميندار جي زمين جي ڪنڊ ڦاسائي ڇڏي ته جيئن هارين لاءِ انهن زمينن مان لنگهڻ کان سواءِ پنهنجون ڪڪڙيون بدڪون وغيره ڪڍڻ ڏکيو ٿي پوي، انهن ڄاڻي واڻي هارين کي گهٽ درجي واري زمين تي آباد ڪيو. مال کي پاڻي پيارڻ واري گهاٽ جو رستو زميندار جي زمين جي هڪ پٽي جي وچ ۾ آڻي روڪي ڇڏيو. مختصر اهو ته انهن معاملن جو ڪجهه اهڙو انتظام ڪيو جو هارين پنهنجو پاڻ کي ڄار ۾ ڦاٿل ڏٺو ۽ انهن کي آسانيءَ سان باندي بنايو ويو. هاڻ به بيشمار اهڙا ڳوٺ آهن جتي هاري مقامي زميندارن جي قيد ۾ آهن، بنهه ائين جيئن اهي زر خريد هارين واري نظام ۾ هئا. اهڙن ڳوٺن ۾ مالدار هاري ۽ غريب هاري ٻئي هٿ پير ٻڌل، زميندارن جي رحم و ڪرم تي پيا آهن. اهڙي حالت ۾ غريب هاريءَ جي مالدار هاريءَ جي ڀيٽ ۾ هيڪاري وڌيڪ حالت خراب ٿي وڃي ٿي. مالدار هاري وٽ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي زمين هوندي آهي ۽ هو زميندار جي زمين تي پاڻ ڪم ڪرڻ بدران پنهنجي مزدور کي موڪلي ڇڏي ٿو. پر غريب هاري جي بچڻ جي ڪا واهه نه هوندي آهي ۽ زميندار ساڻس جهڙو وڻيس تهڙو سلوڪ ڪندو آهي. انهيءَ غلامي ۾ غريب هاري کي گهڻو ڪري ساهي پٽڻ جي مهلت نٿي ملي، هو ڪٿي ٻئي هنڌ ڪم جي ڳولا ۾ به نٿو وڃي سگهي، ڇاڪاڻ ته پنهنجي زميندار لاءِ به کيس ئي ڪم ڪرڻو پوندو آهي. کيس هڪ اتحاد ۾ ڳوٺن جي سمورن غريبن ۽ شهر جي مزدورن سان هڪ پارٽيءَ ۾ آزاديءَ سان شامل ٿيڻ واري ڳالهه سوچڻ جي ڍر نٿي ملي.

اچو ته اسان هاڻ اهو ڏسون ته ڇا اهڙي غلامي کي فورن هينئر جو هينئر يڪدم ختم ڪرڻ ممڪن آهي يا نه؟ انهي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ سوشل ڊيموڪريٽي پارٽي ٻه ذريعا تجويز ڪري ٿي پر اسان وري چئون ٿا ته رڳو سوشلزم ئي سمورن غريبن کي هر طرح جي غلامي کان نجات ڏياري سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته جيستائين مالدارن جو اقتدار (راڄ) رهندو اهي ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ غريبن کي چيڀاٽيندا رهندا. هن طرح جي غلامي کي فورن ختم ڪرڻ ناممڪن آهي. ليڪن سڀ کان وڌيڪ بڇڙي، سڀ کان وڌيڪ نفرت جوڳي غلامي يعني جاگيردارانه غلامي کي جيڪا غريبن تي، وچولي ۽ ايتري قدر جو مالدار هاري تي وڏو بار بڻيل آهي، سو وڏي حد تائين گهٽائڻ ممڪن آهي. اهڙي طرح هارين جي فوري مدد ڪرڻ ممڪن آهي.

ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جا ٻه ذريعا آهن.

 پهريون ذريعو:- آزادي سان چونڊن وسيلي قائم ٿيل عدالتون- جن ۾ کيت مزدورن، غريب هارين ۽ گڏوگڏ مالدار هارين ۽ زميندارن جا نمائندا شامل هجن.

ٻيو ذريعو:- آزادي سان چونڊن وسيلي قائم ڪيل هاري ڪميٽيون. انهن ڪميٽين کي بيگر ختم ڪرڻ، زر خريد هارين واري نظام جون بچيل نشانيون ختم ڪرڻ تي نه رڳو بحث ڪرڻ ۽ عملي اپاءُ منظور ڪرڻ جو حق هئڻ گهرجي، پر انهن ڪٽيل زمينن کي ضبط ڪرڻ ۽ اهي هارين جي حوالي ڪرڻ جو به حق هئڻ گهرجي.

انهن ٻنهي ذريعن تي اچو ته ٿورو ويجهڙائي سان ڳڻ ڳوت ڪريون. آزادي سان چونڊيل نمائندن جون عدالتون اهي سمورا ڪيس ٻڌنديون جيڪي غلامي جي خلاف هارين جي شڪايتن تي داخل ڪيا ويندا. اهڙن عدالتن کي حق هوندو ته هارين جي غريبيءَ جو فائدو وٺي زميندارن جيڪا ڍل مقرر ڪئي هجي ۽ اها حد کان وڌيڪ هجي ته اها گهٽائي ڇڏين. اهڙين عدالتن کي ظالماڻي ادائيگين کان هارين کي نجات ڏيڻ جو حق مليل هوندو. مثال طور جيڪڏهن ڪو زميندار سردين ۾ ڪنهن هاري کي گرمين دوران ڪم ڪرڻ واسطي حد کان گهٽ مزدوري تي رکي ٿو ته عدالت اهڙي صورتحال جو اندازو لڳائيندي ۽ مناسب اجرت مقرر ڪندي. اهڙين عدالتن ۾ ظاهر آهي ته ڪامورن کي موجود نه هئڻ گهرجي پر آزادي سان چونڊيل نمائندن کي هئڻ گهرجي ۽ زرعي مزدورن ۽ ڳوٺن جي غريبن کي به پنهنجا نمائندا چونڊڻ گهرجن. جن جو تعداد مالدار هارين ۽ زميندارن جي چونڊيل نمائندن کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ نه هئڻ گهرجي. اهڙين عدالتن کي مزدورن ۽ مالڪن جي وچ ۾ ٿيل جهڳڙن جو به فيصلو ڪرڻ گهرجي. جڏهن اهڙيون عدالتون قائم ٿي وينديون ته مزدورن ۽ ڳوٺن جي سمورن غريبن لاءِ اهو ممڪن ٿي ويندو ته هو پنهنجي حقن جي حفاظت ڪن، متحد ٿين ۽ صحيح صحيح ڄاڻ وٺن ته ڪهڙن ڪهڙن ماڻهن تي ڀروسو ڪري سگهجي ٿو ته اهي غريبن لاءِ پورهيو ڪندڙن لاءِ وفاداري سان اٿڻ جي قابليت رکن ٿا.

ٻيو ذريعو اڃا به اهم آهي، آزاد هاري ڪميٽين جو قيام. جن ۾ کيت مزدورن ۽ غريب وچولي مالدار هارين جا هر ضلعي جا چونڊيل نمائندا هوندا جيڪڏهن هاري مناسب سمجهن ته هر ضلعي ۾ گهڻين ڪميٽين جي چونڊ ڪري سگهن ٿا. شايد اهي مناسب هي سمجهن ته هر وولسٽ ۾ ۽ هر وڏي ڳوٺ ۾ هاري ڪميٽيون قائم ڪيون وڃن. هارين کان وڌيڪ چڱي طرح ٻيو ڪو نٿو ڄاڻي ته اهي ڪهڙن ٻنڌڻن ۾ جڪڙيل آهن. انهن زميندارن کي هارين کان وڌيڪ ٻيو ڪو بي نقاب نٿو ڪري سگهي جيڪي اڄ ڏينهن سوڌو جڪڙيل هارين جي پٺيءَ تي چڙهيل آهن. هاري ڪميٽيون فيصلو ڪنديون ته ڪهڙيون ڪٽيل زمينون ڪهڙا چراگاهه، ماٿريون ۽ اهڙا ٻيا زمين جا ٽڪر هارين سان بي انصافي ڪري ورتا ويا هئا. اهي فيصلو ڪنديون ته ڇا انهن زمينن تي بنا معاوضي جي قبضو ڪيووڃي يا جن ماڻهن اهي خريد ڪيون هيون تن کي وڏن رئيسن جي کيسن مان معاوضو ڏنو وڃي. بهرحال هاري ڪميٽيون هارين کي انهن ڄارن مان آزاد ڪرائي ڇڏينديون جن ۾ زميندار رئيس جي بي شمار ڪميٽين انهن کي ڦاسايو هو. هاري ڪميٽيون هارين کي ڪامورن جي مداخلت کان به آجو ڪنديون. اهي اهو ثابت ڪري ڏيکارينديون ته هاري پنهنجا معاملا پاڻ اڪلائي سگهن ٿا. اهي هارين ۾ هڪ گڏيل سوچ ۽ سمجهه پيدا ڪنديون ته سندن ضرورتون ڪهڙيون آهن ۽ انهن ماڻهن کي سمجهائڻ ۾ مدد ڏينديون جيڪي ڳوٺن جي غريبن جا حقيقي ساٿي ۽ سنگتي ۽ شهري مزدورن سان عملي اتحاد جا طرفدار آهن. هاري ڪميٽين جو پهريون قدم پري پري واقع ڳوٺن جي هارين کي پاڻڀرو ڪرڻ ۽ پنهنجي قسمت جو پاڻ مالڪ ٿيڻ ڏي هوندو.

اهوئي سبب آهي جو سوشل ڊيموڪريٽي ڪارڪن هارين کي خبردار ٿا ڪن ته:

 رئيسن جي ڪنهن ڪميٽي، ۽ ڪامورن تي، مشتمل ڪميٽين تي ڀروسو نه ڪريو

  عيوضين جي قومي اسيمبلي جو مطالبو ڪريو.

هاري ڪميٽيون ٺاهڻ جي گهر ڪريو.

 هر طرح جا ڪتابڙا ۽ اخبار ڇاپڻ جي آزاديءَ جو مطالبو ڪريو.

جڏهن نمائندن جي قومي اسيمبلي، هاري ڪميٽين ۽ اخبارن ۾ سڀ ڪنهن کي پنهنجي آزادي سان بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي پنهنجا رايا ۽ خواهشون ظاهر ڪرڻ جو حق حاصل هوندو ته جلد ئي ڏسڻ ۾ ايندو ته ڪير مزدور طبقي جي پاسي آهي ۽ ڪير بورجوازي جي اڄ ماڻهن جي هڪ وڏي اڪثريت انهن سمورين ڳالهين جي باري ۾ تر جيترو به نٿي سوچي، ڪجهه ماڻهو پنهنجي اصلي نظرين کي لڪائين ٿا، ڪن کي اڃا تائين خبر نه آهي ته سندن خيال ڪهڙو آهي. ڪي وري ڄاڻي ٻجهي ڪوڙ ڳالهائين ٿا. پر جڏهن سڀ انهي بابت سوچڻ لڳندا ته ڪا ڳالهه لڪائڻ جو ڪارڻ نه ٿيندي ۽ جلد ئي ڪا ڳالهه صاف ٿي ويندي. اسان اڳ به چئي آيا آهيون ته بورجوازي مالدار هارين کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿي. جيترو جلدي ۽ وڌيڪ مڪمل طريقي سان اسان زر خريد هارين جي ٻنڌڻن کي ختم ڪرڻ ۾ سوڀارا ٿينداسين اوتروئي جلدي ڳوٺن جا غريب پاڻ ۾ متحد ٿي ويندا ۽ اوترو ئي جلدي مالدار هاري باقي بورجوازي سان وڃي گڏبا. انهن کي متحد ٿيڻ ڏيو. اسان انهن کان نٿا ڊڄون. جيتوڻيڪ اسان کي ڀلي ڀت خبر آهي ته ائين ڪرڻ سان مالدار هاري وڌيڪ مضبوط ٿي ويندا پر اسان پاڻ به متحد ٿينداسين ۽ اسان جي اتحاد ۾ يعني ڳوٺن جي غريبن ۽ شهر جي مزدورن جي درميان اتحاد ۾ ان کان گهڻا وڌيڪ ماڻهو شامل هوندا. اهو اتحاد لکن جي مقابلي ۾ ڪروڙن جو ٿيندو. اسان اهو به ڄاڻون ٿا ته وچولي ۽ ايتري قدر جو ننڍي هاري کي به بورجوازي پاڻ ڏي ڇڪڻ جي ڪوشش ڪندي (۽ ڪري به رهي آهي!) اها کين دوکو ڏيڻ، لالچ ڏيڻ ۽ انهن مان هر هڪ کي مالدار جي صفن ۾ آڻڻ جي دعويٰ ڪرڻ ۽ انهن ۾ ڦيٽاڙو وجهڻ جي ڪوشش ڪندي. وچولي هاري کي جيتڻ لاءِ بورجوازي جيڪي حيلا هلائي ٿي ۽ ڏٽا ڏي ٿي سي اسان مٿي ڏيئي آيا آهيون. انهي ڪري اسان کي ڳوٺن جي غريبن کي اڳواٽ ئي خبردار ڪرڻ گهرجي ۽ سڄي بورجوازي جي خلاف شهري مزدورن سان انهن کان الڳ اتحاد کي اڳ کان وڌيڪ مضبوط ڪرڻ گهرجي.

هر ڳوٺاڻي کي گهرجي ته هو غور سان چئني ڏسن جو جائزو وٺي، مالدار هارين کي رئيسن خلاف زميندارن جي خلاف ڳالهيون ڪندي ڪيترا ڀيرا ٻڌو آهي! ماڻهن تي جيڪي ظلم ٿين ٿا تن جون اهي ڪهڙيون شڪايتون ڪن ٿا! يا زميندارن جي ان بيڪار پيل زمين لاءِ اهو چوڻ رنجي ڳالهه ٻولهه ۾ ڪيتري سٺي آهي ۽ ڪاش ان زمين تي هاري قبضو ڪري وٺن ته ڪيڏو نه سٺو ٿيندو.

مالدار جيڪي چون ٿا. ڇا ان تي اسان ڀروسو ڪري سگهون ٿا؟ نه. اهي نٿا گهرن ته زمين ماڻهن کي ملي. اهي خود پنهنجي لاءِ زمين حاصل ڪرڻ گهرن ٿا. وٽن اڳ ئي ڳچ جهڙي زمين آهي. تنهن ڪري غريبن کي زميندارن جي خلاف مالدارن سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گهڻن ڏينهن تائين هلڻو نه پوندو. رڳو پهرين وک ساڻن گڏ وڌائڻي پوندي جنهن بعد رستا الڳ الڳ ٿي ويندا.

انهي ڪري اسان کي پنهنجي پهرين قدم ۽ پوءِ جي قدمن جو ۽ پنهنجي آخري ۽ سڀ کان اهم قدم جي وچ ۾ چٽي ليڪ ڪڍڻي پوندي. ڳوٺن ۾ پهريون قدم هاري کي پوري طرح آجو ڪرڻ جو ٿيندو ۽ سڀني هارين جا سمورا حق وٺڻ، ڪٽيل زمين بحال ڪرڻ لاءِ هاري ڪميٽيون ٺاهڻ وارو قدم اهم ٿيندو. پر اسان جو آخري قدم شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ٻنهي هنڌن تي ساڳيو ٿيندو. يعني اسان سموري زمين ۽ فيڪٽريون زميندارن ۽ سرمائيدارن کان کسي وٺنداسين ۽ هڪ سوشلسٽ سماج قائم ڪنداسين. اسان کي پنهنجي پهرين قدم ۽ آخري قدم جي وچ ۾ هڪ وڏي جدوجهد جي دور مان لنگهڻو پوندو ۽ جيڪو به پهرين ۽ آخري قدم کي پاڻ ۾ گڏي ٿو سو اڻ ڄاڻائي ۾ جدوجهد ۾ رنڊڪون وجهي ٿو ۽ انهيءَ اڻ ڄاڻائي ۾ ڳوٺن جي غريبن کي دوکو ڏيڻ ۾ مدد ڏي ٿو.

ڳوٺن جا غريب پهريون قدم سمورن هارين سان گڏجي کڻندا ڪي قدر ممڪن آهي رهجي وڃن. سؤ مان شايد هڪ هاري اهڙو هجي جيڪو هر طرح جي ٻنڌڻن کي سهڻ لاءِ تيار هجي پر هاري جنتا جي وڏي اڪثريت گڏجي هڪ ٿي ئي اڳتي وڌندي. سمورا هاري برابري جا حق گهرن ٿا. زميندارن جي غلاميءَ سمورن جا هٿ پير ٻڌي ڇڏي ٿي پر آخري قدم سمورا هاري هڪ ٻئي سان گڏجي ڪڏهن به نه کڻندا. ان وقت سمورا مالدار هاري پورهيتن جي خلاف ٿي ويندا. پوءِ اسان کي ڳوٺن جي غريبن ۽ شهري سوشل ڊيموڪريٽي مزدورن سان مضبوط اتحاد جي ضرورت پوڻ شروع ٿيندي. جيڪو هاري کي چوي ٿو ته هو پهريون ۽ آخري قدم کڻي سگهن ٿا سو هارين کي دوکو ڏي ٿو. هو ان زبردست جدوجهد کي جيڪا ڳوٺن جي غريبن ۽ مالدار هارين جي اندر ئي رهي آهي وساري ڇڏي ٿو.

اهوئي سبب آهي جو هارين سان سوشل ڊيموڪريٽ فورن ئي کير جون نديون وهائڻ جو واعدو نه ٿا ڪن. اهوئي سبب آهي جو سوشل ڊيموڪريٽ جدوجهد لاءِ سڄي بورجوازي جي خلاف سڄي مزدور طبقي جي عظيم وسيع ۽ مقبول عام جدوجهد ڪرڻ جي آزادي جي گهر ڪن ٿا. اهوئي سبب آهي جو سوشل ڊيموڪريٽ جو مشورو آهي ته پهريون قدم ننڍو هجي پر يقيني هجي.

ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته غلاميءَ تي بندش لڳائڻ ۽ ڪٽيل زمين بحال ڪرڻ واسطي اسان جي گهر هڪ طرح جي حد بندي ۽ شرط آهي ڄڻ ته اسان جي چوڻ جو مطلب اهو هجي ته بيهي رهو، بس هاڻي اڳتي وڌي نٿا سگهو. انهن ماڻهن پورو پنو غور ڪيو آهي ته سوشل ڊيموڪريٽ ڇا ٿا چاهين. غلاميءَ تي پابندي لڳائڻ ۽ ڪٽيل زمينن کي بحال ڪرڻ جي مقصد سان هاري ڪميٽيون قائم ڪرڻ جي گهر ڪرڻ ڪا حدبندي نه آهي. اهو ته هڪ دروازو آهي اسان کي ته ان دروازي مان لنگهڻو آهي ته جيئن اڳتي وڌون ۽ ان جي ختم ٿيڻ تي انهيءَ ويڪري ۽ کليل روڊ تي وڌي وڃون. ايستائين جيستائين روس ۾ سمورا پورهيت مڪمل طور آجا نٿا ٿين. هاري جيستائين انهي دروازي مان نٿا لنگهن تيستائين اهي جهالت ۽ غلاميءَ ۾ رهندا کين پورا حق نه ملندا، اصل آزادي نه ملندي، اهي پاڻ ۾ ويهي اهو فيصلو به نه ڪري سگهندا ته پورهيتن جو دوست ڪير آهي ۽ ڪير دشمن. اهوئي سبب آهي جو سوشل ڊيموڪريٽ انهي دروازي ڏي اشارو ڪن ٿا ۽ چون ٿا ته سمورن ماڻهن کي گڏجي سڀ کان پهرين ان دروازي کي زوري کولڻو ۽ ان کي ٽوڙڻو پوندو. پر اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي پنهنجي پاڻ کي نرودينڪ ۽ سوشلسٽ انقلابي چون ٿا ۽ جيڪي هاري جو ڀلو گهرن ٿا، وڏي واڪي، هٿ ٺوڪيو شور مچائين ٿا ۽ ان جي مدد ڪرڻ گهرن ٿا پر تن کي اهو دروازو نظر نٿو اچي! اهي ماڻهو ايترا انڌا آهن جو اهو به چون ٿا ته هاري کي پنهنجي زمين آزاديءَ سان الڳ ڪرڻ جو حق ڏيڻ جي ڪا ضرورت ناهي! اهي گهرن ٿا ته هاري جو ڀلو ٿئي پر لڳن ائين ٿا جهڙا پڪا جاگيردار آهن. اهڙن دوستن کان مدد گهٽ ملندي آهي. هارين جي گهڻ گهرائي مان ڪهڙو فائدو جڏهن توهان کي اهو پهريون دروازو ئي نظر نٿو اچي جنهن کي ڀڃي کولڻ گهرجي. سوشلزم چاهڻ جو ڪهڙو فائدو جڏهن توهان کي نه رڳو شهر ۾ پر ڳوٺن ۾ به نه رڳو زميندارن جي خلاف پر ڳوٺ جي برادري جي اندر ”ميڙ ۾“ مالدار هارين جي خلاف به سوشلزم لاءِ آزادانه عوام جي جدوجهد جو شاهي رستو نظر نٿو اچي؟

اهوئي سبب آهي جو سوشل ڊيموڪريٽ هن پهرين ۽ سڀ کان ويجهي دروازي ڏانهن گهڙي گهڙي اشارو ڪن ٿا. هن مرحلي ۾ ڏکي ڳالهه ڪيترن ئي نيڪ خواهشن کي ظاهر ڪرڻ ناهي پر صحيح دڳ ڏيکارڻ، صاف طور تي اهو سمجهڻ آهي ته سڀ کان پهريون قدم ڪيئن کنيو وڃي. روسي هارين جا سمورا دوست گذريل 40 سالن کان لکندا اچن ٿا ته غلامي سان ڪهڙي طرح هاري  چيڀاٽيو پيو وڃي. ۽ اهو به ته هو نيم زرخريد غلام ئي رهندو پيو اچي. روس ۾ سوشل ڊيموڪريٽن جي وجود ۾ اچڻ کان گهڻو اڳ هاري جي دوستن ڪئين ڪتاب لکيا جن ۾ تفصيل سان ٻڌايو ويو آهي ته ڪهڙي قدر شرمناڪ طريقي سان زميندار مختلف قسم جي ڪٽيل زمين جي وسيلي هاري کي لٽي ۽ پنهنجو غلام بنائي رکي ٿو. سمورا ايماندار ماڻهو هاڻ سمجهڻ لڳا آهن ته هاري کي هڪدم بنادير جي مدد ڪرڻ گهرجي. سو ائين ته گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن حد تائين ته ان غلامي کان آجو ڪرڻ گهرجي. اسان جي پوليس، حڪومت جا ڪامورا به هاڻ اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ لڳا آهن. سڄو مسئلو هي آهي ته اهو شروع ڪيئن ڪيو وڃي، پهريون قدم ڪيئن کنيو وڃي. پهرين ڪهڙو دروازو ڀڳو وڃي.

مختلف ماڻهو (انهن ماڻهن مان جيڪي هارين جا گهڻگهرا آهن) هن سوال جا ٻه ڌار ڌار جواب ڏين ٿا. ٻهراڙيءَ جي هر پرولتاري کي انهن ٻن جوابن جيترو چٽو ممڪن هجي اوترو سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.

هڪ جواب ته نرودنڪ سوشلسٽ انقلابي ڏين ٿا. هو چون ٿا ته اول جيڪا ڳالهه ڪرڻ گهرجي سا هيءَ آهي ته هارين ۾ هر قسم جون انجمنون (امداد باهمي واريون) قائم ڪيون وڃن. ڳوٺاڻي پئنچائت جي اتحاد کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ گهرجي. ڪنهن هاري کي اهو حق نه هجي ته هو پنهنجي زمين کي آزادي سان الڳ ڪري. پئنچائت جا اختيار اڃا وڌايا وڃن ۽ آهستي آهستي روس جي ساري زمين پئنچائت جي ٿي وڃڻ گهرجي. ته جيئن زمين موڙي کان هلي پورهيت وٽ آساني سان اچي وڃي.

ٻيو جواب سوشل ڊيموڪريٽ هي ڏين ٿا ته سڀ کان پهرين هارين کي پنهنجي لاءِ بنا ڪنهن ڇڏڇوٽ جي هي حق وٺڻ گهرجن جيڪي اميرن ۽ واپارين جي قبضي ۾ آهن. هاري کي پورو حق هئڻ گهرجي ته پنهنجي زمين کي آزادي سان الڳ ڪري ٻنڌڻن جي نفرت ڀرين شڪلين کي مٽائڻ لاءِ هاري ڪميٽيون ضرور قائم ٿيڻ گهرجن ته جيئن ڪٽيل زمين بحال ٿي. اسان کي پئنچائت جي اتحاد جي نه پر سڄي روس ۾ مختلف ڳوٺن جي پئنچائتن جي ڳوٺاڻن غريبن جي اتحاد جي ضرورت آهي. ڳوٺن جي پرولتارين جو شهري پرولتارين سان اتحاد گهرجي. هر قسم جي انجمنن (امداد باهمي جي انجمنن) مان ۽ پئنچائت جي اجتماعي طور زمين خريد ڪرڻ سان هميشہ مالدار هارين کي سڀ کان وڌيڪ فائدو رسندو ۽ اهو به هميشہ وچولي هاريءَ کي دوکو ڏيڻ لاءِ هوندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org

    10976

000

+ 0976

(14) ٻوليل واپسيون (قرض جون)

000

937

__9.37

(iii) ٻيون ڊگهي مدي واريون

000

1057

__1057

(iv) انگلينڊ تي ٿوري عرصي واريون دعوائون

3169

000

+ 3169

(v) آمريڪا ۽ ڪئناڊا تي ٿوري عرصي واريون دعوائون

000

139

__139

(vi) ٻين تي ٿوري عرصي واريون دعوائون

000

151

__151

(vii) ٿوري عرصي واريون جوابداريون

000

545

__545

(viii) ٻيا ٿوري مديوارا

000

1811

__1811

(ix) ناڻي وارو سون

000

15

__15

جملي سرڪاري ۽ ناڻي وارو سون

14146

4654

+ 9492

جملي موڙي ۽ ناڻي وارو سون

14283

4952

+ 9331

 

(i) چالو کاتو يا جاري کاتو (Current Account)

چالو کاتي ۾واپاري کاتو، خذمتن وارو کاتو ۽ امداد وارو کاتو اچي وڃن ٿا. واپاري کاتي يا شين واري کاتي ۾ روانگي ڪيل ۽ گهرايل سڀني شين، جهڙوڪ: ڪپهه جو ڪچو ۽ پڪو مال،  مشينري، ڪيميائي شيون ۽ دوائون وغيره اچي ويندا آهن. خذمتن اري کاتي ۾ سڀني قسمن جون ڏنل ۽ حاصل ڪيل خدمتون جهڙوڪ: ٻاهرين سياحت،. آمدورفت ۽ ويمو وغيره اچي وڃن ٿا. چندن واري کاتي ۾ وري اهي سڀ اسم جي مفت ۾ ملن، يا وري مفت ۾ ڏنا وڃن، سي سڀ اچي وڃن ٿا. انهيءَ ۾ خانگي طرح موڪليل رقم ۽ لڏي ويلن طرفان منتقليون به اچي وڃن ٿيون.

جولاءِ 1964ع کانوٺي، ادائگيءَ جي توازن جي نئين نموني جوڙجڪ ڪئي وئي آهي، جنهن تحت چالو کاتي کي ٻن حصن، هڪڙو ”شيون ۽ خدمتون“ ۽ ٻيو ’منتقل ادائگيون‘ (خانگي توڙي مرڪزي سرڪاري) ۾ ورهايو ويو آهي.

(ii) موڙيءَ وارو کاتو (Capital Account)

موڙيءَ واري کاتي مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته چالو کاتي جو مالي پورائو ڪهڙيِ نموني سان ڪيو وڃي ٿو، يا ڪيوويو. عام طور انهيءَ کاتي ۾ اهي اسم شمار ڪيا وڃن ٿا، جن مان درامد ۽ برامد جو مالي پورائو ٿئي ٿو، جهڙوڪ: خانگي حساب ڪتاب، جماعتي يا قانوني ادارا، خصوصي ۽ سرڪاري کاتي تحت حساب ڪتاب.

موڙيءَ واري خانگي کاتي ۾ٿوري مدي وارا ۽ ڊگهي مدي وارا توازن به اچي وڃن ٿا. ٿوري عرصي واريون موڙيءَ جون تبديليون ٿوري مدي وارين جوابدارين ۾ تبديلين اچڻ سان ٿين ٿيون، ۽ ڊگهي مدي واري رونگي وري هٺين ٻن طريقن سان ٿئي ٿي. هڪڙو سڌيءَ طرح ڪارخانن ۾ سيڙپ ۽ ٻيو اڻ سڌيءَ طرح سيڙپ، جيئن ته مالي جائداد پاڻ وٽ رکڻ. هن دور ۾ اهي ڊگهي مدي وارن قرض ۾ مهملي ادائگين جي صورت ۾ ڪيون وڃن ٿيون.

جماعتي يا قانوني ادارن واري کاتي تحت وري بين الاقوامي ادارن جهڙوڪ: بين الاقوامي ناڻي وارو فنڊ، عالمي بئنڪ ۽ بين الااقوامي مالي منڊلي وغيره جي معرفت ٿوري ۽ ڊگهي مدي لاءِ موڙي جي رسد اچي وڃي ٿي.

سرڪاري کاتي تحت حساب ڪتاب ۾ وري موڙيءَ متعلق ڏيتي ليتي اچي وڃي ٿي. اها قرض ۽ امداد ٻنهي يا ٻنهي مان ڪنهن به هڪ جي صورت ۾ ٿي سگهي ٿي. قرض عام طور ٿوري يا گهڻي مدي کانپوءِ واپس ڪيا ويندا آهن. ٿوري مدي وارا قرض گهڻو ڪري سڪي جي ملهه کي مضبوط ڪرڻ لاءِ هوندا آهن، ۽ ڊگهي مدي وارا قرض نئين تعمير ۽ ترقياتي ڪمن لاءِ هوندا آهن.

(iii) سون وارو کاتو (Gold Account)

هن کاتي هيٺ سون يا سونين سرن جي چرپر جو ذڪر ڪيو ويندو آهي. پاڪستان ۾ غير ناڻي وارو سون چالو کاتي وارن سون ۽ ناڻي وارو سون موڙيءَ واري کاتي ۾ شامل ڪيو ويندو آهي، ناڻي واري سون جي برآمد، ادائگيءَ جي توازن ۾، جمع واري خاني ۾ داخل ڪئي ويندي آهي، ۽ درآمد واصل واري خاني ۾.

مطلب ته ادائگيءَ واري توازن ۾ ، هڪ ملڪ جي دنيا جي ٻين ملڪن سان سموري ڏيتي ليتيءَ جو خاڪو پيش ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ جمع ۽ واصل کاتن جو جوڙ هڪ جيترو هوندو آهي. انهيءَ ڪري ڏسبو آهي ته ادائگيءَ جو توازن هميشه متوازن هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته هر هڪ ڏيتي ليتيءَ کي جمع ۽ واصل خانن ۾ شامل ڪيو ويندو آهي، جيڪا ٻنهي ۾ ساڳي هوندي آهي.

ادائگين جي توازن ۾ ناهموزني

(Disequilibrium in the Balance of Payments)

ملڪ جي  ادائگيءَ جي توازن کي هڪ اڪيلي فرد سان ڀيٽي سگهجي ٿو. فرد کي هڪ انسان جي حيثيت ۾ دنيا کي ڏيڻو ۽ ان کان وٺڻو پوي ٿو. روزمره جي زندگيءَ ۾کيس ڪيترن ماڻهن کيس سندس مخصوص آمدنيءَ مان پئسا ڏيڻا پون ٿا. هاڻي به جيڪڏهن ان آمدنيءَ مان سندس سڀ گهرجون پوريون ٿيو وڃن ٿيون ته پوءِ چئبو ته سندس ادائگيءَ جو توازن هموزن آهي؛ پر اتفاق سان جيڪڏهن سندس آمدني.، خرچ جي ڀيٽ ۾ گهٽجي پئي ته پو هن لاءِ ٻه رستا کليل  آهن: يا ته پنهنجا اڳ ۾ بچايل پئسا ڪتب آڻي، يا بين کان قرض وٺي، ۽ ان نموني پنهنجو توازن قائم رکندو ايندو، پرجيڪڏهن ايئن ڪجهه عرصو ساندهه هليو ته سندس بچايل رقم به کٽڻ لڳندي، ۽ ممڪن آهي ته نيٺ قرض ڏيندڙ به کانئس منهن موڙين. ان حالت ۾ کيس ڪو تدبيري قسم کڻڻو پوندو. انهيءَ لاءِ يا ته پنهنجي آمدني وڌائڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندس، ۽ يا پنهنجين گهُرجن کي گهٽائڻو پوندس. انهيءَ ئي طريقي سان ان مان نجات حاصل ڪري سگهندو.

ساڳي حالت ۾ هڪ قوم يا ملڪ جي آهي. جيستائين سندس آمدني ۽ خرچ ۾ هموزني آهي تيستائين ان ملڪ يا قوم کي ڪا تڪليف نه رهندي؛ پر جيڪڏهن لاڳيتو عدم توازن رهيو ته پوءِ سندس پرڏيهي ناڻي جي ذخيري تي بار پوندو. ۽ نيٺ کيس ڪي تدبير جوڳا قدم کڻڻا پوندا.

مطلب ته هموزنيءَ مان اها مراد آهي ته، ڪنهن به مناسب وقت اندر ادائگيءَ جي توازن جي اها ڪيفيت جنهن تحت ملڪ جي وسيع اقتصادي حالت، سواءِ ڪنهن شديد بيروزگاريءَ جي برقرار رهي. ڪنڊلبر گر جي تشريح ۾ هيٺيون چار خاص ڳالهيون آهن:

(i) ڪو مناسب وقت (ii) وسيع اقتصادي حالت (يعني ته درآمدات تي ڪابه غير ضروري پابندي نه هجي)،  (iii) شديد بي روزگاريءَ جو نه هجڻ، (iv) توازن جي برقراري (يعني پاڻ ڀري ٿيڻ جي لائق هجي). مناسب وقت گهڻو ڪري هڪ سال هوندو آهي. درآمد ۽ برآمد ۾ موسمياتي غير برابري، ناهموزنيءَ جي نشاندهي نٿي ڪري (1)

هموزنيءَ جا ٻه قسم ٿيندا آهن: هڪ غير متحرڪ ۽ ٻيو متحرڪ غير متحرڪ هموزني انهيءَ کي چئبو آهي جنهن موجب ادائگيءَ جي توازن ۾ درآمد ۽ برآمد ٻئي ظاهري توڙي باطني طور تي پاڻ ۾ برابر هوندا آهن. موڙي ۽ ناڻي واري سون جي توڙي ڊگهي مدي واري بقايا ٻڙي هوندي آهي. نه رڳو ادائگيءَ جو توازن هموزن هئڻ کپي، پر قومي ناڻي واري آمدني به ٻاهرين ناڻي واري آمدنيءَ جي ڀيٽ ۾ هموزن هجي. نه فقط ايترو پر مٽاسٽا جو اگهه به هموزن هئڻ کپي. پر اسان کي خبر آهي ته ادائگيءَ جو توازن ڪڏهن به غير متحرڪ هموزن نه هوندو آهي. بلڪ بين الاقوامي اقتصادي حالتن ۾ ڪيتريون تبديليو رونما ٿينديون رهن ٿيون. وقت بوقت موڙيءَ جون يا سون جون تبديليون ٿينديون رهن ٿيون. تنهن ڪري متحرڪ هموزني موزون ٿيندي، ڇاڪاڻ ته متحرڪ هموزني ٿوري يا ڊگهي عرصي واري، مان مراد آهي ته درآمد ۽ برآمد ۾ تفاوت هئڻ گهرجي. اهو فرق ٿوري عرصي لاءِ موڙيءَ جي تبديلين ۽ صافي سون جي مقدار جيترو هوندو آهي، ۽ ڊگهي عرصي لاءِ ڊگهي مدي واري خودبخود موڙيءَ واري تبديليءَ مطابق هوندو آهي.

ان جي برعڪس مٿين ڪيفيت ۾ ڪنهن به تبديليءَ کي ناهموزني چئجي ٿو. ملڪ جي بين الاقوامي اقتصادي حالت کي هموزن بڻائڻ ۾ ڪيتريون ئي واسطيدار ڳالهيون شامل آهن. مثال طور قومي آمدني ملڪي توڙي ٻاهرين، شين ۽ پيدائش جي جزن جون قيمتون، ناڻي جي رسد ۽ وياج جو اگهه وغيره هنن ڳالهين جو وري ڪيترين ئي فرض ڪيل ڳالهين تي دارومدار آهي. جهڙوڪ پيدائش جي جزن جي رسد، پيداواري عمل، هنري ڪيفيت، سواد ۽ لذتون، آمدنيءَ جي ورهاست ۽ اڳڪٿي وغيره انهن مان ڪنهن به هڪ ۾ غير مناسب ڦيرڦار ناهموزني پيدا ڪندي.

هموزنيءَ ۾ اهڙي قسم جي تبديلي، پوءِ چاهي اها واڌ آڻي يا کوٽ، ان کي ناهموزني چئجي ٿو. جيڪڏهن هڪ ملڪ جون ادائگيون (ظاهري توڙي باطني)، سندس آمدني (ظاهري توڙي باطني) کان وڌي وڃي ته سندس توازن ۾ کوٽ ٿيندي. ان جي ابتڙ جيڪڏهن آمدني وڌي وڃي ته توازن ۾ واڌ ٿيندي. ٻنهي حالتن کي ادائگيءَ جي توازن ۾ ناهموزني سڏجي ٿو. جيڪڏهن واڌ هوندي ته چئبو ته ملڪ جي اقتصادي حالت مضبوط آهي، ۽ جيڪڏهن کوٽ ٿي، ته پوءِ سمجهبو ته سندس اقتصادي حالت ڪمزور آهي. انهيءَ ڪري ادائگيءَ جي توازن ۾ هموزني سندس اقتصادي سالميت ڏيکاري ٿي پر ناهموزني (کوٽ جي حالت ۾) ملڪ کي اقتصادي ۽ مالي ڏيوالي طرف ڇڪي ٿي، تنهن، ڪري ضروري آهي ته هر ملڪ جي ادائگين جو توازن هموزن هجي.


(1) Ellsworth, P.T. “International Economy” 1958, p. 230

(1)  Haberlor, G, “Theory of International Trade”. 1959, p. 19.

(1)  Kindleberger, C.P. “International Economics”, 1958. P. 469.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org