سيڪشن؛ سائنس

ڪتاب: ٻالڪ سائنسي انسائيڪلو پيڊيا

باب:  ٽيون

صفحو :6

 

آبي وڇونءَ بابت اوهين ڇا ٿا ڄاڻو؟

هي عام وڇونءَ وانگر انسان کي نقصان ناهي پهچائيندو. ان جو سائنسي نالو (Nepa cinerea) آهي. نيپا سنيرا کي آبي وڇون چوڻ جو سبب ان جي جڪڙ بنائڻ وارين اڳيون ٽنگون آهن، جيڪي ڏکڻ آمريڪا جي جهنگن ۾ ملڻ واري تانيئڙي سان مشابهت رکن ٿيون.

هي ڍنڍن ڍورن جي گپ ۽ پٿرن وغيره ۾ بنا چرپر پيو هوندو آهي. البت بک لڳڻ جي صورت ۾ ڪڏهن ڪڏهن چرپر ڪندو آهي. هي تازي هوا ۾ ساهه کڻن لاءِ پاڻيءَ جي سطح تي اچڻ کان سواءِ ڪيترائي ڪلاڪ پاڻيءَ ۾ چرپر ڪرڻ کان سواءِ پيو هوندو آهي. پاڻيءَ جي سطح تي هي ساڪن حالت ۾ هڪ ننڍڙي آلي پن وانگر نظر ايندو آهي. جيڪڏهن ان کي ڪنهن ڪاٺيءَ سان ڇهيو وڃي ته پوئتي سُرڪي گپ ۾ لڪي ويندو آهي، فقط اڳيون ٽنگون نظر اينديون اٿس.

آبي وڇونءَ جون اڳيون ٽنگون اندرئين پاسي مڙيل هونديون آهن ۽ بي خبر شڪار کي  پڪڙڻ جي لاءِ نهايت مناسب هونديون آهن. سخت بک جي حالت ۾ ڪنهن ننڍڙي پٿر يا ڪنهن آبي ٻوٽي جي پن جي هيٺان لڪي ويهندو آهي ۽ پنهنجي چمڪندڙ ڪارين اکين سان هيڏانهن هوڏانهن ڏسندو رهندو آهي، جيئن ئي ڪو پاڻيءَ جو پسو ان جي ويجهو ايندو آهي ته هن جون اڳيون ٽنگون پوريءَ طرح ڦهلجي وينديون آهن ۽ شڪار ان جي چنبي ۾ ڦاسي پوندو آهي، جڪڙ ايتري ته، مضبوط هوندي اٿس جو شڪار چري پري ناهي سگهندو. ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو آهي جو آبي وڇونءَ کي شڪار جي معاملي ۾ مايوسي ٿيندي آهي.

اهڙي صورت انهيءَ وقت پيش ايندي اٿس جڏهن شڪار جسامت ۾ وڏو هجي پر پوءِ به تيستائين آبي وڇون شڪار سان چمبڙي پوندو آهي، جيستائين اهو ٿڪجي نٿو پوي. ان کان پوءِ پنهنجون ننڍڙيون ۽ مضبوط ڄاڙيون شڪار جي جسم ۾ کپائي ان جو  سڄو سارو رت چوسي وٺندو آهي. کائڻ کان آجو ٿيڻ کان پوءِ هي پنهنجي پيرن کي ڪفگير سنڌن جي درزن ۾ اهڙي طرح بند ڪري ڇڏيندو آهي. جهڙيءَ طرح چاقوءَ جي ڳن جي درز ۾ ڦر پوندو آهي. ايتري تائين جو ڪجه ڪلاڪن تائين بند رهندا آهن. آبي وڇونءَ جو خاڪي مائل ڪارو جسم ڪاغذ وانگر ٿيندو آهي. آبي وڇون جي دنب سڌي ٿيندي آهي، کيس مڙڻ ڪرڻ ۾ ڪا به مدد ناهي ڏيندي ۽ نه وري دنب وارو ڪو ڪم سرانجام ڏيندي آهي، جيڪا ٻن (Troughs) ۾ ورهايل هوندي آهي. ٻئي طرف وچ ۾ واردار ريشن سان ڳنڍيل هوندا آهن. آبي وڇون پنهنجي دنب ساهه کڻڻ لاءِ استعمال ڪندو آهي. جڏهن تازي هوا جي ضرورت محسوس ڪندو آهي ته، آهستڙي رڙهي آبي ڪائي جي تڙ تي چڙهي ايندو آهي ۽ دنب جو ڇيڙو پاڻيءَ جي سطح کان ٿوري مٿي ڪري ڇڏيندو آهي.

دنب جي ناليءَ جو سڌو سنئون  تعلق ڊگهين نالين سان هوندو آهي، جيڪي ان جي جسم جي مختلف حصن مان گذرنديون آهن. انهن ۾ ڪي به سوراخ ناهن هوندا. سواءِ انهن جي جيڪي دنب جي زائدي ۾ کلن ٿا.

آبي وڇونءَ جو لاروا پنهنجي والدين سان تمام گهڻي مشابهت رکندو آهي پر ان جي جسم تي ڪو به کوپر ناهي ٿيندو نه وري دنب ٿيندي اٿس. دنب وارو حصو هڪ کوپر وانگر هوندو اٿس ۽ ان ۾ اندر هوا داخل ٿي ناهي سگهندي. لاروا جو جسم بالغ جيت جيترو ناهي ٿيندو. اهو سيني جي ٻنهي پاسن کان ڦنڊيل هوندو آهي. اهي ڦنڊيل حصا بنيادي پرن جي علامت هوندا آهن.

هڪ بالغ آبي وڇون کي چار پر هوندا آهن. مٿيان ٻه پر يا پرپوشان نوڪ کان سواءِ هڪ  جاءِ مخروطي دار هوندا اهن، ڇاڪاڻ ته نوڪ تي سخت مادو سختدار شڪل اختيار ڪندو آهي. اصلي پر پوشان هيٺان لڪل هوندا آهن. اهي تمام گهڻو گهٽ استعمال ڪندو آهي ۽ انهيءَ صورت ۾ استعمال ڪندو آهي، جڏهن سج اڀرڻ ۽ سج لهڻ جي وچ ۾ نئين جاءِ ڳوليندو آهي، پر خاڪي مائل ڌنڌلا هوندا آهن ۽ پر جي پاڙ ويجهو تيز ڳاڙهي رنگ جو داغ هوندو آهي.

آبي وڇون گاهه جي پنن ۽ ٻوٽن تي آنا ڏيندو آهي. اهي مخصوص شڪل جا هوندا آهن. هر آني تي ست واردار تاندورا هڪ جيترن مفاصلن تي جهالر جي شڪل ۾ لڳل هوندا آهن، جڏهن هي جيت انهن کي محفوظ ڪندو آهي ته، هر آنو پنهنجي پيسرو جي واردار پيالي ۾ پيو رهندو آهي. اهڙيءَ طرح سڀ آنا سليٽي مائل سفيد داڻن جي هڪ مختصر ڏوري بنائيندا آهن. ان کان پوءِ جهالر بنائڻ وارا وار ٻاهرين پاسي مڙي ويندا آهن. انهن مان ننڍڙيون ننڍڙيون نوڪون ظاهر ٿينديون آهن. جيڪي آنن جي نازڪ کوپن جي حفاظت ڪنديون آهن ۽ پاڻيءَ ۾ رهندڙ شڪار ڪندڙ جانورن جي حملن کان کين بچائينديون آهن.

 

اُڏيهيءَ بابت اوهين ڇا ٿا ڄاڻو؟

اُڏيهي اوندهه ۾ رهندڙ مفت خور جيت آهي. هن جي جوڙجڪ ڪِول جهڙي ٿئي ٿي. البت اُڏيهي جي چيلهه ڪول جي چيلهه کان ٿلهي ٿيندي آهي. هن جي خاندان ۾ ڪارڪنن جو تعداد وڌيڪ ٿيندو آهي. نَرَ ٿوري تعداد ۾ هوندا آهن. ڪارڪنن کي پر ناهن ٿيندا، پَرَ رڳو راڻي يا نر جي جسم تي ٿيندا آهن. نر يا راڻي صرف برسات جي مند ۾ گهرن مان ٻاهر نڪرندا آهن.

ڪارڪن اُڏيهي جي آنڊن ۾ هڪ گهرڙي وارو جاندار پروٽوزون رهندو آهي. جيڪو ڪاٺيءَ جي سيلو لوز کي کنڊ ۾ تبديل ڪندو آهي. اها کنڊ هضم ڪري ٻي اُڏيهي کي کارائيندا آهن.

اُڏيهي ڪاٺ جي تاندرون کي چٻاڙي ان ۾ مٽي شامل ڪري هڪ قسم جو مسالو تيار ڪري ان سان سرنگون بنائيندي آهي. سرنگون انهيءَ ڪري بنائيندي آهي، جيئن اونداهيءَ ۾ پنهنجو ڪم سرانجام ڏيئي سگهي. اهي سرنگون خاڪي مائل رنگدار ليڪ وانگر ٺهيل هونديون آهن. اُڏيهي شهتيرن ۽ ڀتين جي مٿان به انهيءَ قسم جون سرنگون ٺاهيندي آهي. اها ڪاٺيءَ کي کائي اندران پورو ڪري ڇڏيندي آهي. جيڪڏهن اُڏيهي ورتل ڪاٺيءَ کي مٿان آڱر رکي هلڪو زور ڏبو ته آڱر ڪاٺيءَ ۾ اندرهلي ويندي آهي.

اُڏيهي جي وات جي عضون ۾ ڪٽڻ ۽ چٻاڙڻ جي صلاحيت هوندي آهي. ٽنگون چئن جوڙن تي مشتمل هونديون اٿس. هن ۾ نر ۽ مادي وارا ٻاهريان عضوا ناهن ٿيندا. البت هن جي خاندان ۾ بار آور پردار ۽ بي پر شڪلين ۾ ٿيندا آهن. هن ۾ نر ۽ مادي خاصيتون هونديون آهن. اهي نوان ڳوٺ بنائيندڙ هونديون آهن.

مزدور اُڏيهي جو جسم نرم ۽ ننڍو هوندو آهي. اهو بي رنگ هوندو آهي. تنهن هوندي به ان جو مٿو ۽ ڄاڙيون سخت ۽ بادامي رنگ جا هوندا آهن. سپاهي اُڏيهي جو جسم وڏو ۽ مٿو گهاٽي بادامي رنگ جو ٿيندو آهي. هن جون ڄاڙيون وڏيون ۽ ڏسڻ ۾ خوفناڪ هونديون آهن. ڳوٺن جي حفاظت انهن جي ذمي هوندي آهي. انهن کي پر ۽ اکيون ناهن هونديون پر پوءِ به اهي لڙاڪو هوندا آهن.

اُڏيهي جا ڪجهه قسم اهڙا به آهن، جن کي ڄاريون ٿينديون ئي ناهن. ڄاڙين جي جاءِ تي جيتن وانگر منهن جي مٿان هڪ هاٿيءَ جي سونڊ جهڙي بناوت سنويٽ (Snout) ٿيندو آهي. ان جي مٿان هڪ لعاب پيدا ڪندڙ غدود ٿيندو آهي.

 

اوهين گاهه تِڏي بابت ڇا ٿا ڄاڻو؟

گاهه تِڏو اهڙو جيت آهي، جيڪو انسان يا ڪنهن شيءِ کي ڪو نقصان نه ٿو پهچائي. هن جو انگريزي نالو (Grass Hopper) آهي. هي پنهنجي پرن ۽ مضبوط ٽنگن جي اندروني سطح کي گَهي گَهي آواز پيدا ڪندو آهي. جڏهن به ان آواز جي خبر وٺڻي پوي ته، ويجهو اچڻ تي هي ٽپ ڏيئي ڪيترائي فوٽ پري هليو ويندو آهي، جيڪڏهن ان جو پيڇو ڪيو وڃي ته، پويان اچڻ واري کي سڄي پوک جو چڪر ڏياري گاهه ۾ غائب ٿي ويندو آهي ۽ گاهه ۾ ڳولڻ ان کي آسان ڪم ناهي.

گاهه تِڏو ڊگهي جسم وارو ساواڻ مائل ڀوري رنگ جو ٿئي ٿو. هن جي بيضوي مٿي تي هڪ جوڙو وارن جو ٿيندو آهي. اهي ننڍا هوندا آهن، پر سڌين رڳن وارا ۽ انهن جا غلاف پيٽ کان پري تائين ڊگها هوندا آهن. هن جي  پوين ٻن مضبوط ٽنگن ۾ ٽپا ڏيڻ جي صلاحيت ڪينگرو جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هوندي آهي. انهن ٽنگن جي پهرين ۽ ٽين جوڙي جي وچ وارو حصو  غير معمولي حد تائين ترقي يافته هوندو آهي. هيءُ تڏي کي ٽپا ڏيڻ لاءِ قوت مهيا ڪندو آهي.

گاهه تڏي جون اکيون مرڪب ۽ تمام گهڻو ظاهر هونديون آهن. انهن جي وچ ۾ ننڍيون اکيون يا ساديون اکيون هونديون اٿس.

گاهه تڏو سبزي خور جيت آهي. هي تمام گهٽ ڪنهن جانور کي پنهنجي خوراڪ بنائيندو آهي. اهو به انهيءَ صورت ۾ جڏهن هي بک کان گهڻو تنگ هجي. اهڙي حالت ۾ تڏا هڪ ٻئي تي به حملو ڪرڻ کان لنوائيندا ناهن. لڙائي ٻنهي لاءِ جان وٺندڙ ٿيندي آهي. فاتح خاموشيءَ سان پنهنجي مقابلي واري جون ڄنگهون کائڻ شروع ڪندو آهي. اهڙي حالت انهيءَ صورت ۾ پيدا ٿيندي آهي. جڏهن تڏن کي پڃرن يا دٻن ۾ بند ڪيو وڃي. هي عمل ٻَنين ٻارن يا گاهن ۾ انهن جي قدرتي عادتن خلاف آهي.

گاهه تِڏو آنا زمين ۾ اندر ننڍن ننڍن گروهن جي شڪل ۾ محفوظ ڪندو آهي. مادي وڏي اطمينان سان هڪ جاءِ تي آنا لاهڻ کان پوءِ ڪنهن ٻيءَ جاءِ جي چونڊ  ڪندي آهي ۽ پهرين وانگر انهيءَ جاءِ تي به آنن جو هڪ گروهه محفوظ ڪندي آهي. آنا خزان جي موسم ۾ لاهيندي آهي.  آنن ڦوڙڻ جو وقت گهڻو ڪري پنجن ڇهن مهينن کان پوءِ شروع ٿيندو آهي. چين چين جو آواز صرف نر پيدا ڪندو آهي ۽ مادي بلڪل خاموش رهندي آهي.

 

اوهان گهرن ۾ تِڏ ڏٺي هوندي، تڏ بابت اوهان کي ڪجهه ڄاڻ آهي؟

هي ادنيٰ درجي وارو جاندار آهي. تِڏ ڪچري وغيره ۾ پيدا ٿيندي آهي. هي آنن مان پيدا ٿيندي آهي. نوان پيدا ٿيڻ وارا ٻچا ڇهن ٽنگن  سان هيڏانهن هوڏانهن ريڙهيون پائيندا وتندا آهن. تڏ جي ٻچن کي پر ناهن ٿيندا. هي ڪيتريون کلون بدلائيندا آهن. هر کل جي تبديل ٿيڻ تي جيت ۾ هڪ تبديلي ايندي آهي، جنهن سان هن جي نشونما ۾ واڌ ٿيڻ جي خبر پوندي آهي. آخري کل جي لهڻ سان ٻه ڄاريدار سنهڙا پَرَ ظاهر ٿيندا آهن. پرن جي مٿان ڪنڊيدار (Horny) پر هوندا آهن. پر نڪري اچڻ تي تِڏ اُڏڻ ۽ پنهنجي ميزبان جي ويجهو چون چون ڪرڻ جي قابل ٿي ويندي آهي.

ڪن ملڪن ۾  هن کي عزت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. هن کي خوشبختيءَ جي علامت سڏيو وڃي ٿو. پر اها ڳالهه صحيح ناهي.هي هڪ عام جيت وانگر جيت آهي.

تِڏ کي اُڃ تمام گهڻي لڳندي آهي، تنهن ڪري جتي به کيس آلو ڪپڙو ملندو آهي، انهيءَ مان پاڻي چوسڻ لاءِ ان کي ٽڪڻ شروع ڪندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو آلن ڪپڙن کي تڏين کان بچائڻو پوندو آهي. ان کان سواءِ بورچي خانن ۾ پڻ تمام گهڻي انداز ۾ ٿيندي آهي. جڏهن رات جي اونداهي ٿيندي آهي ته، تڏيون ڀتين جي وٿين ۽ ٻين لِڪَڻ وارين جاين مان ٻاهر نڪري اينديون آهن ۽ هيڏانهن هوڏانهن پيون اڏنديون رهنديون آهن. اهو آواز وات مان ناهن ڪڍنديون، پر آواز پَرَ پوشان کي هڪ ٻئي تي گسائڻ سان پيدا ٿيندو آهي. پر پوش جي مٿان مخصوص رڳون ٿينديون آهن، جن جي مٿان خاص طور تي بانسريءَ وانگر نشان هوندا آهن. انهن کي گز چئبو آهي. (جيئن سارنگي جو گز) اهو گز مخالف پرپوش جي رڳ پر جي وچ ۾ ڇِڪيل ڊرم جي مٿان گهندي آهي ۽ نتيجي ۾  چين چين جو آواز پيدا ٿيندو آهي.

تِڏ گهڻو مفاصلو اڏي ناهي سگهندي. توڙي جو هن جا پر ايترا وڏا ٿيندا آهن جو اها چڱو خاصو اُڏي سگهي ٿي پر پوءِ به گهڻي اڏام ڪري ناهي سگهندي، تنهن ڪري اُڏامندي ڪنهن نه ڪنهن شيءِ سان ٽڪرائجي ويندي آهي. اُڏام دوران جهٽڪن سان مٿي اُڏامندي ۽ هيٺ ڪرندي آهي، تنهن ڪري اُڏامڻ بجاءِ ڀتين ۽ زمين تي ريڙهيون پائيندي آهي. ائين ٿو معلوم ٿئي ته، هن جا پر ٿورڙي اُڏام لاءِ ئي آهن ۽ هڪدم جاءِ بدلائڻ ۾ کيس مدد ڏيندا آهن. هن جي اها ڳالهه به حيرت جهڙي آهي ته، هيءَ هڪدم ڪنهن پَڃَر وغيره جي مٿان ويهي رهندي آهي ۽ ٻن ٽن هفتن کان پوءِ جيئن ئي کيس پر نڪري ايندا آهن ته، اُڏامي هيڏانهن هوڏانهن غائب ٿي ويندي آهي.

تِڏ جي زبان جو خوردبيني سان اڀياس ڪيو وڃي ته، معلوم ٿيندو ته، هن جي زبان ۾ چوسڻ واري ڪا به نالي ناهي ٿيندي. هيءَ پنهنجي خوراڪ کي سڄو سارو ڳهندي آهي، ڇاڪاڻ ته هن کي ڏند به ناهن ٿيندا. ان کانسواءِ ڪتي ۽ ٻليءَ وانگر کاڌي کي چٽيندي به آهي. کاڌي کي ڪٽڻ جو عمل ڪنڊيدار معدي ۾ ٿيندو آهي، جيڪو ننڍڙي پيهڻ واري مشين طور ڪم ڪندو آهي.

تِڏن ۾ ٻڌڻ جا حواس ان جي اڳين ٽنگن ۾ ٿيندا آهن. ٽنگ ۾ هڪ سوراخ هوندو آهي، جيڪو هڪ پاسي بيضوي ۽ ٻئي پاسي کان گول ٿيندو آهي. هي سوراخ ٻنهي پاسن کان ڪن جي پردن وانگر هڪ جهلي سان ڍڪيل هوندو آهي، ٽنگ جي هوائي نالي انهن ٻنهي جهليدار پردن جي وچ باريڪ ۽ نازڪ تنتي مرڪزن سان گهيريل هوندي آهي. جڏهن آواز جون لهرون  جهليدار پرن سان ٽڪرائبيون آهن ته، ان سان لاڳاپيل اعصاب ان کي محسوس ڪندا آهن.

ٿڌي رت (Cold Blooded) جانور ڇا کي چئجي ٿو؟

جاندارن ۾ گرميءَ جو درجو هوندو آهي، ڇاڪان ته جڏهن اهي کاڌو کائين ٿا ته، توانائي پيدا ٿئي ٿي. انهيءَ ڪري انهن جو جسم گرم رهي ٿو.

اهي جانور جن جي جسم ۾ گرميءَ جو درجو پنهنجي ماحول مطابق تبديل ٿيندو رهي ٿو. اهڙن جانورن کي ٿڌي رت وارا جانور (Cold Blooded) چئبو آهي.

ڏيڏر، ڪرڙي، نانگ وغيره اهڙا جانور آهن، جن جي جسم ۾ گرميءَ جو درجو تبديل ٿيندو رهي ٿو. يعني گرميءَ جي مند ۾ انهن جانورن جو جسم ٿڌو ۽ ٿڌ جي مند ۾ گرم ٿي ويندو آهي. تنهن ڪري انهن جانورن کي ٿڌي رت وارا جانور چئبو آهي.

 

گرم رت وارا جانور ڇا کي چئبو آهي؟

اهي جانور جن جي جسم جو گرمي پد هميشه هڪڙي خاص حد تائين برقرار رهي ٿو. ماحول  مطابق تبديل نه ٿو ٿئي ته، اهڙن جانورن کي گرم رت وارا (Warm Blooded) جانور چئبو آهي.

سڀني قسمن جا پکي،ڪئنگرو، ڪوئو، ڊڪ بل، سهو، نوريئڙو، ماڻهو وغيره سڀ گرم رت وارا جانور آهن.

 

جانور ساهه ڪيئن کڻندا آهن؟

جانورن ۾ ساهه  کڻڻ دوران هوا اندر اچي ٿي ۽ ٻاهر نڪري ٿي. هوا جي اندر اچڻ وقت ڊايا فرام ۽ پاسرين جي ڍانچي جي سُسَڻ ۽ ڦهلجڻ سان حرڪت پيدا ٿئي ٿي. جڏهن ڍانچي جا مشڪن وارا حصا سسن ٿا ته پاسريون مٿي ٻاهر اٿنديون آهن ۽ سڀني جي موڪر ۾ واڌ ايندي آهي، تڏهن ڦڦڙن تي داٻ گهٽجي وڃي ٿو ۽ هوا اندر داخل ٿي ويندي آهي ۽ جڏهن ڍانچي ۽ ڊايا فرام جون مشڪون ڦهلجنديون آهن ته، سڀني جي موڪر ۾ گهٽتائي ايندي آهي ۽ هوا زور سان ٻاهر نڪرندي آهي.

 

پکي لڏپلاڻ ڇو ڪندا آهن؟

ڪجهه پکي موسم ۽ گرميءَ جي درجي جي تبديليءَ جي ڪري لڏ پلاڻ ڪندا آهن. سوين نه پر هزارين ميل لڏپلاڻ ڪندا آهن. پکين جي اها لڏپلاڻ گهڻو ڪري ٿڌن علائقن کان گرم علائقن ڏانهن ٿئي ٿي.

ٿڌن علائقن ۾ جڏهن برف پوي ته، پکين جو  چوڳو برف ۾ پورجي وڃي ٿو. ان کانسواءِ گرمي پد ايترو ته گهٽجي وڃي ٿو جو اهي پکي لڏپلاڻ تي مجبور ٿي پون ٿا ۽ اهي پکي اهڙن علائقن جو رخ ڪن ٿا، جتي موسم مناسب هجي ۽ چوڳو به جام هجي. اهي پکي ولرن جي صورت ۾ موٽ ڪندا آهن. لڏپلاڻ ڪندڙ پکين ۾ ڪونج، آڙي، نيرڳ، سانءِ وغيره قابل ذڪر آهن. اهي پکي دريائن، ڍنڍن ڍورن ۽ کڏن کوٻن تي اچي لهندا آهن، جتي چوڳو تمام گهڻو هوندو آهي. سنڌ به اهڙن ملڪن مان هڪ آهي، جتي ٿڌن ملڪن کان پکي لڏپلاڻ ڪري اچن ٿا ۽ سياري جا  چار پنج مهينا سنڌ ۾ رهي موٽ کائين ٿا.

 

پکي ڪيئن اڏامندا آهن؟

جاندارن کي چرپر ڪرڻ لاءِ مختلف عضوا هوندا آهن، جن وسيلي هو هڪ جاءِ کان ٻيءَ جاءِ تائين چرپر ڪري سگهندا آهن. انهيءَ عمل لاءِ مختلف جاندارن کي مختلف عضوا ٿيندا آهن، جيئن، انسان کي چرپر ڪرڻ لاءِ ڄنگهون ۽ پير ٿين ٿا. اهڙي طرح پکين کي چرپر ڪرڻ لاءِ پر ۽ کنڀ ٿيندا آهن، جن جي وسيلي هو اڏامي سگهندا آهن، ڏٺو ويو آهي ته، ڪيترائي پرن وارا پکي اُڏامي ناهن سگهندا. اهي وري ڊوڙ پائي هلندا آهن.

جيڪي پکي اُڏامندا آهن، انهن جا هڏا پورا پر مضبوط ٿيندا آهن. انهيءَ ڪري هلڪا ٿيندا آهن. پرن ۾ وري کنڀ ٿيندا آهن. کنڀ مختلف رنگن وارا ٿين ٿا، کنڀ جي مٿئين حصي کي شافٽ ۽ هيٺئين حصي کي ڪاني (Quill) چئبو آهي. شافٽ ڳر سان ڀريل هوندي آهي ۽ ڪاني پوري ٿيندي آهي.

پکين جا کنڀ سال ۾ هڪ ڀيرو ضرور ڇڻندا آهن، نون کنڀن کي ڪريز چئبو آهي. کنڀ ترتيب جي لحاظ کان ٻن قسمن جا ٿين ٿا. ٻاهرين ترتيب کي Contour Feather ۽ اندرين ترتيب کي Down Feather چئبو آهي. اندريان کنڀ نرم ۽ نازڪ ٿيندا آهن.

سڀني اڏامندڙ پکين ۾ هڪ جهڙا پر ناهن هوندا،  چٻري جا پر پشم جهڙا نرم ٿيندا آهن، باز جا پر ٻين پکين جي ڀيٽ ۾ سخت هوندا آهن، انهيءَ ڪري هن جي اُڏامڻ وقت هوا ۾ آواز پيدا ٿيندو آهي.

 

 

ڇا ڪي پکي اُڏامي ناهن سگهندا؟ ان جو ڇا سبب آهي؟

ڪي پکي اهڙا آهن، جن جا پر تمام گهڻو ڪمزور ٿيندا آهن، يا وري ڪن ۾ پر ٿيندا ئي ناهن. اهڙي قسم جي پکين جون ٽنگون مضبوط ۽ نهريون ٿينديون آهن،  ان کانسواءِ انهن جا هڏا به نهرا ٿيندا آهن، تنهن ڪري انهن ۾ وزن تمام گهڻو ٿيندو آهي. انهيءَ ڪري اهي اڏامي ناهن سگهندا. ها البت هي تمام گهڻو تيز ڊوڙندا آهن.

اٺ پکي (Ostrich) ۽ ڪيوي (Kivi) هن قسم جا پکي آهن. اٺ پکي پنجاهه (50 ميل) في ڪلاڪ جي رفتار سان ڊوڙندو آهي.هي پکي آفريڪا ۾ ملندو آهي ۽ ڪيوي نيوزيلينڊ ۾ ملي ٿو.

 

الو رات جو ڇو نڪرندا ۽ اُڏامندا آهن؟

الوءَ جو سائنسي نالو (Tyto albas Starteus) آهي. الو ڪيترن ئي قسمن جا ٿين ٿا. عام الو 66 سينٽي ميٽرن تائين ڊگهو ٿئي، پر ان جي ٻين جنسن جي ڊيگهه 18-19 سينٽي ميٽر ٿئي ٿي.

الوءَ جون اکيون سج جي روشنيءَ کي برداشت ناهن ڪري سگهنديون، تنهنڪري هي سڄو ڏينهن چُرن ۽ ٻِرَن ۾ لِڪو رهندو آهي. سج لَهڻ کان پوءِ ٻرن ۽ چُرن مان نڪري اُڏامندو آهي. انهيءَ ڪري اسان کي رات جي وقت اُڏامندو نظر ايندو آهي.

 

سرڻ پيراشوٽ وانگر ڇو اُڏامندي آهي؟

سرڻ جو سائنسي نالو (Milvus Migramn Govindia) آهي. هي ٽن چئن قسمن جون ٿين ٿيون. سرڻ جڏهن اڏامندي آهي ته، اُڏامڻ وقت هن جي پرن مان آواز نڪرندو آهي، جڏهن هوءَ شڪار ڏانهن موٽ ڪندي آهي ته، پر هلائڻ بند ڪري پيراشوٽ وانگر بنا آواز جي هلندي، شڪار ڏانهن وڌندي آهي ۽ شڪار جي ويجهو پهچي پرن کي سُسائي بند ڪري تيزيءَ سان شڪار مٿان گهات هڻي، شڪار پڪڙي وري مٿي هوا ۾ اُڏامي ويندي آهي.

ڪوئا، نانگ ۽ ٻيا ڪيترائي جيت هن جي خوراڪ آهن.

 

ڳجهه اُڏامڻ وقت پهرين ڊوڙ ڇو پائيندي آهي؟

اوهان ڏٺو هوندو ته، هوائي جهاز اُڏامڻ کان پهرين رن وي تي ڊوڙ پائيندو آهي. ڊوڙڻ وقت ان جا پر هڪ ته هوا کي تيزيءَ سان چيريندا آهن ۽ اوتريءَ ئي رفتار سان هوا کي هيٺ داٻ وجهندا آهن. رد عمل طور هوا  هوائي جهاز کي مٿي کڻندي آهي. نتيجي ۾ هوائي جهاز مٿي اُڏامندو آهي. ڳجهه جو به ساڳيو مثال آهي، ڳجهه سڀني پکين کان وڏو ۽ ڳورو پکي  ٿيندو آهي، پنهنجو وزن مٿي کڻڻ لاءِ پهرين هن کي ڊوڙ لڳائڻي پوندي آهي.

ڳجهه جا پَرَ 122 سينٽي ميٽرن تائين ڊگها ٿين ٿا، پرن جي ڀيٽ ۾ وزن وڌيڪ ٿيندو اٿس. انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته، اُڏامڻ کان پهرين ڊوڙ لڳائي.

 

مور بابت ڇا ٿا ڄاڻو؟

مور جو سائنسي نالو (Pavo Cristatus) آهي ۽ انگريزيءَ ۾ (Indian Peafowl) سڏيندا اٿس. هن جي خاص سڃاڻپ پر آهن، مور جا پر چمڪندڙ سونهري ساوا، گولائي ۾ ڄموئي رنگ جا ٿيندا آهن، ٽامڻي رنگ جي داغ نموني نظر ايندا آهن، هن جا پَرَ ڪمر کان شروع ٿي پڇ جي آخر تائين ويندا آهن. نر جي ڊيگهه 2.25 ميٽر تائين ٿيندي اهي، مٿي جي چوٽيءَ ۾ نيرن پرن جو تاج هوندو  اٿس. منڍيءَ جو رنگ نيرو چمڪدار، بدن جو پويون حصو ڪارو هوندو اٿس. جولاءِ جي مهيني ۾ پرڇاڻيندو آهي. ڇڻيل پرن جي جاءِ تي نوان پَرَ ڦٽي ايندا اٿس. جيت جڻا، نانگ، ٻج، ميوا وغيره کائيندو آهي، نر جڏهن نچندو آهي ته، خوبصورت پر ڦهلائيندو آهي، جڏهن پر ڦهلائيندو آهي ته، وڌيڪ خوبصورت لڳندو آهي.

مور سنڌ ۾ ٿرپارڪر جي علائقي ۾ عام جام ٿئي ٿو.

 

مماليا (Mammals) جانور ڇا آهن؟

مماليا (Mammals) اهي جانور آهن، جن جي جسم تي وار ٿيندا آهن، انهن جي مادي کي ٿڻ (Mammary Gland) ٿيندا آهن. مادي ٻچن کي کير پيئاريندي آهي. اهي اڪثر ڪري ٻچا ڄڻيندا آهن. هنن ۾ دل ۽ ڦڦڙ ترقي يافته هوندا آهن.  هنن ۾ جسم جو گرميءَ جو درجو هميشه هڪ جهڙو هوندو آهي، تنهن ڪري هنن کي گرم رت وارا (Warm Blooded) جانور چئبو آهي.

مماليا دنيا جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۽ هر علائقي ۾ موجود هوندا آهن، انسان، مينهون، ڳئون، اٺ، ڪتو وغيره وغيره مماليا جانور آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org