سيڪشن؛ سائنس

ڪتاب: ٻالڪ سائنسي انسائيڪلو پيڊيا

باب: --

صفحو :2

 

اسان کي وٽامن جي ضرورت ڇو پوندي آهي؟

وٽامن کي اسين سولي سنڌيءَ ۾ حياتين چئون ٿا. اسان کي پنهنجي بدن کي تندرست رکڻ لاءِ کاڌي جي شڪل ۾ لحميات، نشاستي، سڻڀ، لوڻن ۽ پاڻيءَ کان سواءِ حياتين (Vitamins) جي به ضرورت پوندي آهي.

حياتين اسان جي جسم ۾ ٿيڻ واري ڪيترن ئي ضروري ڪيميائي ۽ غير ڪيميائي علملن ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪن ٿيون،انهيءَ ڪري انهن جي گهٽتائي يا غير موجودگيءَ سان ڪيتريون ئي بيماريون جنم وٺي سگهن ٿيون، جهڙوڪ :

 

وٽامن اي جي گهٽتائي سان نظر جي ڪمزوري ٿئي ٿي

وٽامن (B) جي گهٽتائي سان بيري بيري (رت پوڻائي) جي بيماري ٿي سگهي ٿي.

وٽامن (C)  جي گهٽتائي سان سڪروي ٿي سگهي ٿي.

وٽامن ڊي (D) جي گهٽتائي سان ريڪيٽس ٿي سگهي ٿي.

وٽامن اِي (E) جي گهٽتائي سان سنڍ پڻي جي بيماري ٿي سگهي ٿي.

وٽامن ڪي (k) جي گهٽتائي سان رت وهڻ جي بيماري ٿي سگهي ٿي.

مٿي بيان ڪيل حياتين جا قسم مختلف شين مان حاصل ٿين ٿا. جيئن :

حياتين اي :

هيءَ قسم کير، ڏهي، مڇي جي تيل، پنير، مکڻ، مان ملي ٿو، ان کانسواءِ ڀاڄين جهڙوڪ : گجر، پالڪ، ٽماٽي، موري، انب وغيره ۾ هڪ شيءِ ڪيروٽين هوندي آهي، جنهن کي اسان جو جيرو آسانيءَ سان وٽامن اي ۾ تبديل ڪري وٺندو آهي.

حياتين اي اسان جي نظر لاءِ ضروري آهي، خاص طور تي هي اسان کي هلڪي روشنيءَ ۾ ڏسي سگهڻ جي قابل بڻائيندي آهي. انهيءَ جي گهٽتائي سان شب ڪوري (Night- Blindness) ٿي پوندي آهي.

حياتين (B) بي ؛

هي ڪيميائي طرح گڏيل سڏيل وٽامن هونديون آهن، جن ۾ ٿائمين، رائبوفليوين، نائي سين، پري ڊوڪسن، فولڪ ائسڊ ۽ سائينو ڪوبلامين شامل آهن.

هي کير، آنن، جيري، اناج ۽ ڀاڄين کان سواءِ خمير، ميون ۽ سويابين ۾ ملي ٿي.

هن جي گهٽتائي سان ڪيتريون ئي بيماريون، جهڙوڪ: بيري بيري، پلاگرا، اينيميا وغيره ٿي پون ٿيون، جنهن سان جسم جا ڪيترائي عضوا متاثر ٿي سگهن ٿا.

حياتين سي (C)  :

حياتين سي جو ٻيو نالو ايسڪاربڪ ائسڊ  (Ascorbic Acid) آهي. هي تازن ميون، ڀاڄين، خاص طرح رس وارن ميون، جهڙوڪ: مالٽي، نارنگي وغيره ۾ ٿئي ٿي. هن جي گهٽتائي سان هڏن جي نشونما بگڙي وڃي ٿي. هڏا آسانيءَ سان ڀڄي پون ٿا. هڏن جي ڀڄڻ کان پوءِ انهن جو ڳنڍجڻ مشڪل ٿي پوي ٿو. رت جون ناليون ٿوري اشاري سان ڦاٽي پون ٿيون ۽ رت وهڻ لڳي ٿو.

اسان کي روزانو پنجيتاليهه ملي گرام وٽامن سي جي ضرورت پوندي آهيي.

وٽامن ڊي (D) :

هي حياتين، اسان جي هڏن جي بناوت لاءِ نهايت ضروري آهي، اها مڇي، کير، ڏهي ڪريم، پنير، مکڻ ۽ آنن ۾ ملي ٿي.

اها حياتين اسان جي کل کي اس جي بنفشي شعاعن (Ultra violete Rays) جي عمل سان ٺاهي ٿي. وٽامن ڊي جي گهٽتائي سان هڏا نرم ويندا آهن ۽ ڦڏا ٿي ويندا آهن. عضوا ڍلا ٿي ويندا آهن. قدبت جي واڌ بيهي ويندي آهي.

حياتين اِي (E) :

هيءَ حياتين، اناج ۽ نباتاتي کاڌن مان ملي ٿي.

حياتين ڪي (K) :

هي حياتين، گوشت، ساون پنن وارين ڀاڄين، خاص طرح پالڪ ۾ ملي ٿي.ان کانسواءِ اسان جا آنڊا بيڪٽريا جي عمل سان پاڻ تيار ڪري وٺندا آهن.

 

اسان جي جسم کي ڪئلشيم ڇو ٿو گهرجي؟

ڪئلشم هڪ اڇي رنگ جي چمڪدار ۽ نرم ڌات آهي، جيڪا دنيا ۾ آزاد حالت ۾ نه ٿي ملي پر هميشه مرڪبن جي شڪل ۾ ملي ٿي. هي اسان جي جسماني بناوت جو هڪ اهم جزو آهي، ۽ مناسب جسم واري ماڻهوءَ ۾ تقريبن 1200 گرام مقدار ۾ موجود هوندي آهي. هڏن جي بناوت  ۾ ڪئلشيم هڪ لازمي جزو آهي، جيڪو هڏن کي ان جي سختي ڏئي ٿو. هڏي جي بناوت ۾ پروٽين جي سخت ڌاڳن جي وچ ۾ ڪئلشيم جا مرڪب پيوند هوندا آهن، جيڪي رت ذريعي هڏي تائين پهچن ٿا. جيئن ته، هڏي ۾ مستقل ٽوڙ ڦوڙ ۽ نشونما جو مناسب عمل جاري رهندو آهي. انهيءَ لاءِ ڪئلشيم جي ضرورت به رهندي آهي، اهو ڪئلشيم اسين پنهنجي کاڌي ذريعي حاصل ڪريون ٿا. کاڌي ۾ کير، ڏڌ، ڏهي، پنير ۽ ڪجهه سبزيون ڪئلشيم جو ذريعو آهن. پاڻيءَ ۾ به ڪئلشيم موجود هوندو آهي.

عام حالت  ۾ هڪ مناسب وزن واري ماڻهوءَ کي روزانو تقريباََ 500 ملي گرام ڪئلشيم جي ضرورت هوندي آهي. ٻارن ۾ نشونما جو عمل تيز هوندو آهي، تنهن ڪري انهن کي روزانو 600 کان 700 ملي گرام ڪئلشيم گهرجي. پيٽ وارين عورتن کي حمل دوران روزانو 1200 ملي گرام ڪئلشيم گهرجي.

بدن ۾ هڏين کان سواءِ ڪئلشيم جو ڪجهه حصو رت ۾ به ملي ٿو ۽ ڪجهه ڪمن ڪارين لاءِ پڻ ڪئلشيم ضروري آهي، جيئن :

رت جي ڄمڻ جي ڪيميائي عمل لاءِ ان جي ضرورت پوي ٿي.

عضون جي سُسڻ ۽ تڻيو رهڻ جي عمل لاءِ به ضروري آهي.

اعصابي تَڻَ برقرار رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.

رت ۾ ان جو مناسب مقدار 9 کان 11 ملي گرام في 100 سي-سي آهي. ٻارن ۾ خاص طرح هڪ سال کان گهٽ عمر وارن ٻارن ۾ هڏيون گهڻو ڪري نرم هونديون آهن.

نئين ڄاول ٻار جي مٿي جون هڏيون خاص طرح نرم هونديون آهن، جيئن جيئن انهن ۾ ڪئلشيم ڄمندو ويندو آهي، اهي سخت ٿينديون وينديون آهن، انهيءَ ڪري ٻارن کي کير جو مناسب مقدار ڏيڻ جي هدايت ڪئي ويندي، ته جيئن هڏين جي چڱي نموني واڌ ويجهه ٿي سگهي. کير جي هڪ پوائنٽ ۾ گهڻو ڪري 600 ملي گرام ڪئلشيم هوندو آهي.

جسم ۾ ڪئلشيم جي سرشتي لاءِ وٽامن ڊي جو هئڻ به لازمي اهي. هن وٽامن جي گهٽتائي جي صورت ۾ ڪئلشيم جو کاڌي مان رت ۾ جذب ٿيڻ ۽ هڏين ۾ پهچڻ اڻمڪمل هوندو آهي ۽ ٻارن ۾ ريڪٽس (Rickets) ۽ وڏن ۾ آسٽيو مليشيا (Osteomlacia) جي شڪايت ٿي پوندي آهي، جنهن ۾ هڏيون نرم ٿي پونديون آهن ۽ وزن جي داٻ سان مڙي پونديون آهن ۽ معمولي داٻ يا وزن سان ڀڄي سگهن ٿيون. جيئن جيئن عمر وڌندي آهي، هڏين ۾ ڪئلشيم جو ذخيرو ٿيڻ جي ڪري انهن ۾ لچڪ گهٽجي ويندي اهي. انهيءَ ڪري پوڙهن جا هڏا آسانيءَ سان ٽٽي پوندا آهن.

 

اسان ذائقو ڪيئن محسوس ڪندا آهيون؟

شين جو ذائقو محسوس ڪرڻ جو دارومدر قدرت طرفان ڏنل ڪيترين صلاحيتن تي آهي، انهيءَ جو مرڪزي تعلق اسان جي وات ۾ موجود هڪ هزار ذائقي دانين (Tastebuds) سان آهي، جيڪي مخصوص ذائقائي گهرڙن (Taste cells) تي مشتمل ڇڳن جي صورت ۾ زبان تي ترتيب سان سجايل آهن. انهيءَ سان گڏگڏ ذائقو محسوس ڪرڻ ۾ اسان جي سنگهڻ جي صلاحيت، ڇهڻ جي صلاحيت، گرمي محسوس ڪرڻ جي صلاحيت ۽ سور جي احساس جي صلاحيت، به مددگار هوندي آهي ۽ وڏو اهم ڪردار ڪن ٿا. ذائقي جو گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه سيڪڙو احساس، جنهن کي اسين  ذائقو خيال ڪريون ٿا، انهن ئي صلاحيتن جي ڪري آهي. جيئن ته، اسان ڏٺو آهي ته، خوشبودار کاڌن جي لذت، انهن جي خوشبوءِ جي ڪري ٻيڻي ٿي ويندي آهي. ڪافي ۽ چانهه جو مزو انهن جي گرم هئڻ ۽ آئيس ڪريم جو مزو انهيءَ جي ٿڌي هئڻ ۾ آهي. اهڙي طرح  مرچ ۽ کٽا کاڌا  پنهنجي تيزيءَ ۽ کِٽ سان هڪ قسم جو سور پيدا ڪندا آهن، جيڪو انهن جي سڃاڻ ۽ مزو آهي.

جيڪڏهن اسين آئيني ۾ پنهنجي زبان جو غور سان جائزو وٺون ته، اسان کي انهيءَ تي ننڍڙا ننڍڙا بي شمار اڀار ٺهيل نظر ايندا آهن، جن کي پئپائلي (Pappillae) چئبو آهي. ذائقي دانيون انهن ۾ اندر  هونديون آهن.

هر هڪ ذائقي داني، هڪ اندازي مطابق چاليهه گهرڙن تي مشتمل هوندي آهي، جنهن جا گهڻا گهرڙا خاص بناوت جي ذائقايائي گهرڙا هوندا آهن. انهن گهرڙن جي وچ ۾ تنتي ڍاڳا هوندا آهن، جيڪي ذائقي دانين کان موصول ٿيڻ وارو پيغام پل ۾ دماغ تائين پهچائي ڇڏيندا آهن، جنهن کي اسين محسوس ڪري سمجهي ويندا آهيون.

پاڻي ۾ رهندڙ جاندارن جون ذائقي دانيون جسم جي ڪنهن  به حصي تي ٿي سگهن ٿيون، جهروڪ مڇيون پنهنجي پڇ جي پرن (Fins) وسيلي مختلف شين جو ذائقو محسوس ڪري وٺنديون آهن. مختلف جانورن ۾ ذائقي دانين جي تعداد جو درومدار انهن جي مخصوص جنس  (Species) جي ضرورتن تي هوندو آهي، مثال طور : وهيل (مانگر مڇ)، ننڍين مڇين ۽ ٻي سامونڊي مخلوق کي سڄو ڳهي وٺنديون آهن، يعني انهن کي ذائقي سان ڪا غرض ڪانهي. انهيءَ ڪري انهن ۾ ذائقي دانين جو تعداد تمام ٿورڙو يا وري صفا هوندو ئي ڪونهي.

انسان ۾ گهڻو ڪري هڪ هزار ذائقي دانيون هونديون آهن، جيڪي زبان جي مختلف حصن ۾ مخصوص انداز ۾ ترتيب ڏنيون ويون آهن. هر حصو مختلف ذائقن لاءِ ٻين حصن کان وڌيڪ حساس آهي، زبان جو پهريون حصو ڪؤڙي مزي لاءِ، زبان جي نوڪ مٺي مزي لاءِ، ٻئي پاسا لوڻياٺي ۽ کٽي مزي لاءِ خاص طور تي حساس آهن، وچ واري حصي ۾ ذائقي دانيون ناهن ٿينديون. انهيءَ ڪري انهيءَ حصي ۾ ڪنهن به شيءِ جو مزو محسوس ڪري ناهي سگهيو.

ذائقي جا چار بنيادي قسم آهن، هڪ مٺو، ٻيو کٽو، ٽيون لوڻياٺو، چوٿون ڪؤڙو. انهن چئن بنيادي ذائقن جي مرڪبن مان سوين ذائقا ٺهن ٿا. جن کي اسين مختلف ذائقن جي صورت ۾ محسوس ڪريون ٿا. ذائقن جي ڪري اسين پنهنجي جسم لاءِ کاڌي ڏانهن مائل ٿيون ٿا.

 

کاڌو اسان لاءِ ڇو ضروري آهي؟

زندگيءَ مان مراد آهي ”چرپر“، چرپر هڪ عمل آهي ۽ انهيءَ عمل لاءِ توانائي (Energy) گهربل هوندي آهي. اها توانائي اسان جو بدن کاڌي مان حاصل ڪري ٿو. کاڌو گهرڙن کي پيچيدا مرڪب بنائڻ لاءِ مصالحو به فراهم ڪري ٿو، جنهن جي انهن کي جسم ۾ روزاني ٽوڙ ڦوڙ ۽ جسماني نشونما ۽ ڄم جي عمل لاءِ ضرورت هوندي آهي.

اسان جي جسم جا سڀ گهرڙا هر وقت، هر گهڙيءَ زندگيءَ کي برقرار رکڻ لاءِ مصروف هوندا آهن. انهن جي ڪم ڪرڻ جو مقصد زندگي قائم رکڻ لاءِ رت مان آڪسيجن ۽ کاڌي جا ڪچا جزا حاصل ڪري انهن مان پيچيدا مرڪب ٺاهڻ آهي ته، جيئن جسم جي نشونما ٿي سگهي ۽ توانائي پيدا ٿئي. انهيءَ سان جسم جي چرپر ۽ گرميءَ جو درجو قائم رٿي ٿو. توانائي جي پيمائش جي ايڪي کي حراري چئبو آهي.

اسان جو کاڌو جن جزن تي مشتمل ٿئي ٿو اهي هن طرح آهن:

ڪاربو هائيڊريٽ

پروٽين يا لحميات

سڻڀ

معدني لوڻ

وٽامن ۽ پاڻي

انهن مان ڪاربو هائيڊريٽ، پروٽين ۽ سڻڀ توانائي پيدا ڪرڻ وارا کاڌا آهن. اهي جسم جي بناوت ۾ حصو وٺن ٿا. جڏهن ته وٽامن، لوڻ ۽ پاڻي جو ڪو به حراري ملهه ناهي. پر اهي جسم جي مختلف ڪمن ۽ ڪيميائي مادن لاءِ بي حد ضروري آهن.

 

جسماني مدافعت مان ڇا مراد آهي.

اسان جي جسم کي الله تعاليٰ نقصان ڏيندڙ جراثيمن کان بچڻ ۽ انهن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ڪيترائي سرشتا ڏنا آهن، جن جي ڪري اسين جراثيمن جي حملن ۽ انهن جي ڪري ٿيڻ وارين بيمارين کان محفوظ رهون ٿا ۽ پنهنجو بچاءُ ڪري سگهون ٿا. بيمارين کان بچڻ جي جسماني طاقت کي قوت مدافعت (Immunity)  چئبو آهي. قوت مدافعت اصل ۾  جسم جي اها اهليت آهي، جنهن جي ذريعي اسان جو جسم اهڙين سڀني شين يا جراثيمن کي جيڪي انهيءَ لاءِ نقصانڪار هجن سڃاڻي انهن ڪارو يا زائل ڪري پنهنجو دفاع ڪري ٿو.

روزمرهه جي زندگيءَ ۾ اسين چئني پاسي لاتعداد جراثيمن سان وڪوڙيل رهون ٿا، جراثيم اسان جي ماحول ۾ هوا، پاڻي، شين، مٽي مطلب ته، هر شيءِ  ۾ موجود آهن. اهي اسان جي ساهه کڻڻ ۽ وات وسيلي هر وقت اسان جي جسم ۾ داخل ٿيندا رهن ٿا. انهن مان ڪجهه اسان لاءِ بي ضرر، ڪجهه فائديمند ۽ ڪجهه نقصان ڏيندڙ يعني صحت لاءِ نقصانڪار آهن، ۽ بيمارين جو ڪارڻ بڻجن ٿا. نقصان ڏيندڙ جراثيمن جي ڪارروائي جو اندازو جدا جدا ٿيندو آهي. ڪجهه جسم ۾ داخل ٿي ڪنهن نه ڪنهن جاءِ تي پنهنجو ديرو ڄمائيندا آهن ۽ سڌو سنئون انهيءَ جاءِ کي نقصان پهچائيندا آهن. ڪي وري زهريلو مادو يا ٽاڪسن (Taxin) خارج ڪرڻ جي صلاحيت رکندا آهن، جيڪو جسم ۾ ڦهلجي مختلف طريقن سان جسم جي ڪنهن به حصي کي نقصان پهچائي سگهي ٿو. انهيءَ خطري سان منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي قوت مدافعت جي ضرورت پوي ٿي.

جسماني قوت مدافعت جا هيٺيان ٽي قسم آهن

قدرتي قوت مدافعت (Natural Innate Immunity)  

حاصل ڪيل قوت مدافعت (Acquired Immunity)

مصنوعي قوت مدافعت (Artificial Immunity)

قدرتي قوت مدافعت (Natural Innate Immunity)

قدرتي قوت مدافعت مان مراد اهڙي مدافعت آهي، جيڪا انساني جسم جي مخصوص بناوت ۽ ڪارڪردگي جي ڪري اسان کي حاصل آهي ۽ سواءِ تشخيص جي سڀني جراثيمن ۽ نقصان ڏيندڙ شين کي جسم ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ٿي.

مثال طور:

اسان جي کل جي بناوت جراثيمن کي داخل ٿيڻ ناهي ڏيندي، جيڪڏهن رهڙ اچي ٿي ته، بيڪٽريا هڪدم داخل ٿي، زخم بنائيندا آهن، جڏهن ته صحتمند کل مان گذري نٿا سگهن.

اسان جي وات، معدي ۽ آنڊن ۾ ٻين جاين جون رطوبتون تيزابي ۽ جراثيم مار ٿينديون آهن.

اسان جي رت جي اڇن ذرڙن (White Blood Cells) جي فوج جراثيم مار هٿوڙن جي حيثيت رکن ٿا، جڏهن به جراثيم ڪنهن جاءِ تان جسم ۾ داخل ٿي پنهنجا اثر ڦهلائڻ شروع ڪندا آهن ته، اهي ويڙهاڪ سپاهي چرپر ۾ اچي ويندا آهن ۽ رت جي سنهڙين نالين جي ديوارين مان گذري حملو ڪري مرڪز تي گڏ ٿي ويندا آهن ۽ جراثيمن کي گهيري ۾ آڻي انهن کي تباهه ڪري ڇڏيندا آهن.

 

حاصل ڪيل قوت مدافعت

ان جو بنياد جسم جي انهيءَ اهليت تي آهي ته، جڏهن ڪي مخصوص نقصان ڏيندڙ جراثيم جسم ۾ داخل ٿي ابتدائي گڙٻڙ ڦهلائڻ شروع ڪندا آهن ته، جسم جي غدودن ۾ موجود هڪ سرشتو تحرڪ ۾ اچي ويندو آهي. جيڪو خاص طور تي انهن ئي جراثيمن جو ٽوڙ يعني اينٽي باڊي (Anti Body) يا اينٽي ٽاڪسن (Anti Taxin) جي شڪل ۾ تيار ڪري وٺندو آهي، اهو  هٿيار سڄي عمر رت ۾ موجود رهي ٿو ۽ ٻيهر انهيءَ جراثيم جي حملي جي صورت جلدي انهيءَ کي زائل ڪري ڇڏيندو آهي ۽ بيماري پنهنجو اثر ڪري ناهي سگهندي. اهو ئي سبب آهي گهڻيون ئي بيماريون هڪ ڀيرو ٿيڻ کان پوءِ ٻيهر ٿي نه سگهنديون آهن.

مصنوعي قوت مدافعت

هي طب جي جديد ايجاد آهي. هن علم جي سائنسي ترقيءَ سان گڏ گهڻين ئي بيمارين خلاف اهڙيون دوائون تيار ڪيون ويون آهن. جيڪي ابتدائي بيمارين جا اثر پيدا ڪري رت ۾ مخصوص بيمارين خلاف اينٽي باڊي يا اينٽي ٽاڪسن پيدا ڪنديون آهن. اهڙين مخصوص  بيمارين جون ويڪسين ان جي خلاف جسم ۾ مدافعت پيدا ڪنديون آهن. انهيءَ ايجاد جي ڪري ڪيترين ئي موتمار بيمارين، مثال طور: ٽي بي، وڏي کنگهه، چيچڪ، تشنج، پوليو، خناق، سرسام، يرقان، تپ  دق وغيره.

ٻالپڻي ۾ انهن ويڪسينن جو ڪورس ضرور ڪرائڻ گهرجي ته، جيئن، ٻارن کي موتمار بيمارين کان محفوظ رکي سگهجي.

 

انسان پوڙهو ڪيئن ٿئي ٿو

انسان جو پوڙهو ٿيڻ هڪ فطري عمل آهي. قدرت جو سرشتو آهي ته، هر جاندار وجود ۾ اچڻ کان پوءِ پنهنجي عمر جي پهرئين حصي ۾ وڌندو آهي ۽ ان جي طاقت، توانائي ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ اضافو ٿيندو آهي. وچولي عمر واري حصي ۾ هو پنهنجي پورين صلاحيتن سان زندگي گذاريندو آهي، پوءِ آهستي آهستي ان جي سڀني قوتن ۾ گهٽتائي اچڻ شروع ٿي وڃي ٿي، جيڪا زندگيءَ جي پڄاڻي تائين درجي به درجي گهٽ کان گهٽ ٿيندي وڃي ٿي.

انهيءَ کي پوڙهائپ چئبو آهي.

سڀني ماڻهن جي عمر هڪ جيتري ناهي ٿيندي ۽ نه ئي پوڙهائپ جي تقاضائن جي شروعات يا عمل هر هڪ ۾ هڪ جهڙو ٿيندو آهي، پوڙهائپ جا آثار مختلف ماڻهن ۾ مختلف انداز ۽ مختلف وقتن تي ظاهر ٿيندا آهن.

عمر سان گڏ حياتياتي ڪمزوريءَ کان سواءِ پوڙهائپ جو دارومدار موروثي اثرن، پيدائشي ڪمزورين، ننڍپڻ جي بيمارين، آب هوا، ماحول، کاڌي پيتي، ذهني ڪيفيت، عادتن، ورزش ۽ صحت جي اصولن جي پابندي ۽ ٻين گهڻين ئي شين تي هوندو آهي. اوهان کي اهو ڄاڻي حيرت ٿيندي ته، هڪ صدي پهرين آمريڪا ۾ عام ماڻهو جي زندگي سراسري طرح 40 سال هئي، جڏهن ته اڄڪلهه آمريڪا ۾ اها شرح 77 سال آهي. پاڪستان قائم ٿيڻ کان پهرين برصغير ۾ سئو سال پهرين ماڻهن جي زندگي سراسري طرح 23 سال هئي، جيڪا هاڻي 58 سال آهي.

عالمي اداري يونيسيف جي ڳڻپ مطابق 1966ع جي مقابلي ۾ 1987ع ۾ مختلف ملڪن ۾ انسان جي سراسري زندگي (Average Expectancy of life هن طرح آهي.

ملڪ           سراسري        زندگي     سراسري زندگي

1966ع                 1987ع

افغانستان           34 سال                 42 سال

بنگلاديش         40 سال                52 سال

اٿوپيا          36 سال                       42 سال

پاڪستان       43 سال                     سال

ڀارت           44 سال                       59 سال

مصر           51 سال                       65 سال

عراق           49 سال                       65 سال

چين            47 سال                       70 سال

ڪوريا          54 سال                       70 سال

روس           68 سال                       70 سال

انگلستان        71 سال                76 سال

جاپان          68 سال                       78 سال

اهو ئي سبب آهي، جو اڄ ترقي يافته يورپي ملڪن، آمريڪا، آسٽريليا وغيره ۾ 70-75 سالن جا بي شمار ماڻهو چاق ۽ چڱا ڀلا نظر ايندا آهن، جڏهن ته پوئتي پيل ملڪن ۾ اهڙن ماڻهن جو تعداد تمام ٿورڙو آهي. اڪثر 60 سالن جي عمر کان پهرين پوڙها ٿيڻ لڳندا آهن.

عمر ۾ واڌاري سان جسماني قوتن ۾ گهٽتائي اچڻ جي ڪري آهستي آهستي جسم جي عضون ۽ فعلن ۾ تبديليون ظاهر ٿيڻ لڳنديون آهن. اُهي مرضن ۽ مختلف ڪمزورين جي صورت ۾ ظاهر ٿيڻ لڳنديون آهن ۽ جسم جي ڪنهن به سرشتي سان تعلق رکندڙ ٿي سگهن ٿيون. رت جي دوري جي سرشتي ۾ عمر سان گڏوگڏ رت جي نالين جي لچڪ ۾ گهٽتائي اچي ويندي آهي ۽ اهي سخت ٿي وينديون آهن، جيڪي رت جي داٻ (High Blood Presure) ۾ واڌاري جو ڪارڻ ٿين ٿيون، سڄي ڄمار جي کاڌن جي سڻڀ جا ذرڙا ڪالسٽرول (Cholestrol) جي شڪل ۾ رت جي سنهڙي نالين جي ديوارين سان چمبڙي ان کي سوڙهو ڪري ڇڏيندا آهن. جنهن سان انهيءَ عمر ۾ دل جي دوري جو خطرو وڌي ويندو آهي. دل مان رت جي اخراج ۾ به گهٽتائي اچي ويندي آهي، جنهن سان انسان جي مجموعي ڪارڪردگي متاثر ٿيندي آهي.

ساهه کڻڻ جي ڪارڪردگي به ڦڦڙن جي حرڪت ۾ گهٽتائي اچي وڃڻ جي ڪري محدود  ٿي ويندي آهي، تنهن ڪري تڪڙو گهمڻ سان ساهه ۾ مونجهه ٿيندي آهي. ڦڦڙن جي ڦهلجڻ ۽ سسڻ جو عمل سست ۽ ان جي ٿيلهين جي طاقت ۾ به  گهٽتائي اچي ويندي آهي، جنهن جي ڪري بيڪٽيريا آسانيءَ سان ديرو ڄمائي سگهندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو پوڙهن ماڻهن کي دم ۽  نمونيا آسانيءَ سان ٿي پوندا آهن.

دماغ ۽ اعصابي سرشتي جا گهرڙا به عمر سان گڏوگڏ سست ٿيڻ لڳندا آهن، انهن ۾ رت جي پهچ ۾ بي قاعدگي ٿيڻ لڳندي آهي، جنهن سان سوچڻ سمجهڻ ۽ ياد رکڻ جي قوت متاٿر ٿيڻ شروع ٿيندي آهي.

جسم جا عضوا ڪمزور ٿي ويندا آهن ۽ انهن ۾ ڦهلجڻ ۽ سسڻ جي طاقت ۾ گهٽتائي اچي ويندي آهي ۽ تيزيءَ سان ڪم ڪرڻ، ڀڄڻ، ڊوڙڻ ۽ طاقت وارو ڪم ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي. هاضمي جو سرشتو به ڪمزور ٿي ويندو آهي. معدي ۽  آندن جا عضوا ڪمزور ٿي ويندا آهن. جيري، پتي ۽ آنڊن جي رس جي پيداوار ۾ گهٽتائي جي ڪري ماڻهو ڪمزور ٿي ويندا آهن ۽ طاقتور کاڌو کائڻ سان بدهاضمو پيدا ٿيندو آهي، تنهن ڪري پوڙهن ماڻهن کي هلڪو کاڌو کائڻو پوندو آهي.

هڏا عمر سان گڏ سخت ۽ ڀرڻا ٿي پوندا آهن. ڪجهه هڏا گسي به ويندا آهن. ڪنڊي جي هڏين ۾ سختي اچي ويندي آهي، جنهن جي ڪري اٿڻ، ويهڻ، مڙڻ جهڪڻ وغيره ۾ تڪليف ٿيندي آهي.

ڏند به سالن جا سال ڪم ڪرڻ جي ڪري گسي ڪمزور ٿي ويندا آهن ۽ ڪرڻ لڳندا آهن.مهارن جون بيماريون به عام ٿي وينديون آهن.

وارن جو وڌڻ، رت جي گهٽتائي جي ڪري گهٽجي ويندو آهي ۽ نوان وار گهٽ نڪرندا آهن. وارن جو رنگ به ختم ٿي ويندو آهي،جنهن جي ڪري وار رنگ مٽائي اڇا ٿي ويندا آهن.

کل جي لچڪ ۾ گهٽتائي اچڻ جي ڪري کل لڙڪي پوندي آهي، ان مان نرمائپ ۽ خوبصورتي ختم ٿي ويندي آهي. عمر سان گڏوگڏ اکين جي بينائي ۾ به  تبديليون اچي وينديون آهن ۽ نظر گهٽجي ويندي آهي. اهڙيءَ طرح اندروني ڪن ۾ هڏين جي سخت ٿي وڃن جي ڪري ٻڌڻ جي قوت به متاثر ٿيندي آهي.

عمر وڌڻ کان پوءِ انسان ۾ جنسي سرشتو نه ٿو رهي.

 

اسان کي ننڊ ڇو ايندي آهي؟

ننڊ اسان جي حياتيءَ جي سرشتي جي لازمي ۽ اهم ضرورت آهي. اسين پنهنجي سڄي ڄمار واري واري سان جاڳڻ ۽ ننڊ ڪرڻ ۾ گذاريندا آهيون، سراسري طرح هر هڪ انسان پنهنجي زندگيءَ جو هڪ ڀاڱي ٽي (1/3) حصي کان وڌيڪ عرصو ننڊ ۾ گذاريندو آهي، يعني جيڪڏهن ستر سال زندگي هجي ته گهڻو ڪري چوويهه سال ننڊ ۾ گذاريندا آهن. جيئن ته، اسان کي خبر آهي ته، ننڊ دوران اسان جي شعوري حالت ختم ٿي ويندي آهي.اسان جو جسم ساڪن ۽ بي چرپر رهندو آهي ۽ اسان جا حواس ۽ ٻيا دماغي فعل سڪون پذير رهندا آهن. انهيءَ دوران اسين پنهنجي چوڌاري هئڻ وارن واقعن کان بيخبر ۽ پنهنجي ردعمل کان به قاصر رهندا آهيون. ان کان سواءِ ننڊ جي حالت ۾ اسان جا عضوا ڍلا ٿي ويندا آهن، جسم جو گرميءَ جو درجو به گهٽجي ويندو آهي پر ٻيا گهڻائي اندروني سرشتا جهڙوڪ: هاضمي جو سرشتو، ساهه کڻن جو سرشتو وغيره ساڳي نموني ۾ جاري رهندا آهن.

سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته، اسان کي ننڊ ڪيئن ايندي آهي؟ جسم اندر ٿيڻ واري ڪهڙي تبديلي، ننڊ جي غلبو جو ڪارڻ آهي؟ اوهان کي اهو ڄاڻي تعجب ٿيندو ته ، اڃا تائين زندگيءَ جي انهيءَ بنيادي ۽ اهم عمل جي باري ۾ ڪيترائي نڪتا جواب طلب آهن، ۽ قطعي يقين سان ڪجهه به چوڻ مشڪل آهي، ائين ٿو لڳي ته ڄڻ اسان جو جسم ٿڪل عضون کي آرام پهچائڻ ۽ تازو توانو ڪرڻ لاءِ پاڻ مرادو ننڊ پاسي مائل ٿي وڃي ٿو.

ننڊ بابت ٻه نظريا آهن. هڪ نظريي مطابق سڄي ڏينهن جي ٿڪ سان دماع شَلُ ٿي وڃي ٿو، تڏهن ان جي ڪارڪردگي سُست ٿي ويندي آهي ۽ ننڊ جو  غلبو طاري ٿي ويندو آهي پر تجربن وسيلي ثابت ٿيو آهي ته، ننڊ اچڻ محض بيداري جي عمل جي بيهجي وڃن جو سادو معاملو نه آهي، پر هڪ مثبت  عملي طريقو آهي، جنهن جي لاءِ دماغ ۾ اندر هڪ باقاعدي ۽ خودڪار سرشتو موجود آهي، جيڪو دماغ جي باقي حصن کي شل ڪري جسم کي ننڊ جي ماٿري ۾ وٺي وڃي ٿو. ڪيميائي جزن ۾ ردوبدل ۽ تبديليون انهيءَ سرشتي کي حرڪت ۾ آڻين ٿيون. هن نظريي مطابق جڏهن جسم ۾ ڪجهه مخصوص ڪيميائي جزا هڪ حد تائين گڏ  ٿي وڃن ته، اهي دماغ ۾ ننڊ آڻن واري سرشتي کي حرڪت ۾ آڻيندا آهن، جنهن سان ننڊ اچي ويندي آهي، ننڊ دوران انهن جزن جي استعمال ٿي وڃن سان اسين ٻيهر جاڳي پوندا آهيون. اهي ڪيميائي جزا دماغ جي گهرڙن جي مسلسل ڪم ڪندو رهڻ سان ٺهندا آهن، اهڙيءَ طرح خودڪار سرشتي جي ڪري، جنهن جا ڪجهه ڳُرَ اڃا سلجهائڻا باقي آهن، جاڳڻ ۽ سمهڻ جو عمل واري واري سان سڄي ڄمار جاري رهي ٿو.

 

ماڻهو بيهوش ڪيئن ٿيندو آهي

بيهوش ٿيڻ واري جو طبعي سبب اهو آهي ته، هڪدم رت جي داٻ يعني بلڊ پريشر ۾ گهٽتائي اچي وڃڻ آهي جنهن جي نتيجي ۾ دماغ ۾ رت جي گردش ڪنهن حد تائين گهٽجي وڃي ٿي ۽ آڪسيجن جي گهٽتائي سان دماغ ڪجهه گهڙين لاءِ مائوف ٿي وڃي ٿو. بلڊ پريشر جي ڪنٽرول جو سرشتو رت جو دل تائين اچڻ ۽ ان جي خارج ٿيڻ تي مدار رکي ٿو، جيڪڏهن ڪنهن سبب جي ڪري دل ۾ پوري مقدار ۾ رت نه پهچي ته، ان جو نيڪال به گهٽجي ويندو آهي، جنهن جي ڪري رت جو داٻ (Blood Presure) گهٽجي ويندو آهي، جيڪڏهن اهو عمل اوچتو ٿئي ته، ماڻهو بي هوش ٿي ويندو آهي.

انهيءَ کان سواءِ ڊڄڻ، بري خبر ٻڌڻ، يا سخت سور جي حالت ۾ ڪڏهن ڪڏهن جسم مان اهڙا هارمون خارج ٿيندا آهن، جييڪي بلڊ پريشر تي اثر انداز ٿيندا آهن، ۽ ڪجهه دير لاءِ بلڊ پريشر گهٽجي ويندو آهي، جنهن سان جسم مان رت جو داٻ ۽ وهڪ گهٽجي ويندي آهي ۽ ماڻهو بي هوش ٿي سگهي ٿو.

بند ڪمري ۾ قيد رهڻ، بک جو حد کان وڌڻ، محنت يا جذباتي صدمو به بيهوشيءَ جا سبب بڻجي سگهن ٿا.

جيئن ته، روز مرهه جي زندگيءَ ۾ اهڙي قسم جا واقعا اڪثر پيش ايندا رهن ٿا، تنهن ڪري اسان لاءِ اهو ڄاڻڻ نهايت ضروري آهي ته، اهڙي حالت ۾ متاٿر ٿيل ماڻهوءَ جي ڪهڙيءَ طرح مدد ڪجي.

بيهوش ماڻهوءَ کي هيٺ ليٽائي رکڻ گهرجي، جيڪڏهن هو ويٺل حالت ۾ هجي ته ان جو مٿو هيٺ جهڪائي گوڏن تي رکڻ گهرجي ته جيئن دماغ ۾ رت جو دورو بهتر ٿي سگهي.

ان جي قميص جا بٽڻ کولي ڇڏجن ۽ ٽنگن کي ٿورو مٿي ڪري ڇڏڻ گهرجي. ان سان دماغ کي رت جي پهچ وڌي وڃي ٿي.

جيئن ئي مريض هوش ۾ اچي ته، ان کي چانهه يا ڪافي پيئارڻ گهرجي.مريض جو ڊاڪٽر کان معائنو ڪرائڻ گهرجي ته، جيئن ڪنهن بيماريءَ جو خدشو نه رهي.

 

زبان ۾ هٻڪ ڇو ٿيندي آهي

هٻڪ زبان جو هڪ نقص آهي. اها ساهه کڻڻ جي عضون وسيلي پيدا ٿيڻ واري چرپر کي مناسب انداز ۾ استعمال نه ڪري سگهڻ جي ڪري پيدا ٿيندي آهي. انسان جا آواز پيدا ڪرڻ وارا صوتي عضوا پاڻ ۾ ملي ڪري پيچيدو ۽ تمام مشڪل موسيقيءَ جو آواز تشڪيل ڏين ٿا. حرف ادا ڪرڻ، لفظ بنائڻ ۽ آواز پيدا ڪرڻ جي لاءِ آواز جي سڀني جزن کي هڪ باقاعدي ترتيب ۽ هڪ جهڙي انداز سان استعمال ۾ آڻڻو پوندو آهي.

جيڪي مختلف آواز اسين ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪڍندا آهيون، انهن کي ترتيب ڏيڻ ۾ استعمال ٿيڻ وارن سڀ کان وڌيڪ اهم جزن ۾ تارون، چپ ۽ زبان شامل آهن، انهيءَ موسيقي جي آواز کي چڱيءَ طرح وڄائڻ جو فقط هڪ سبب هوندو آهي ته اسين ان کي ٻالجتي جي شروع واري زماني کان وڄائڻ سکي چڪا هوندا آهيون. جڏهن اسين  انهيءَ صورتي آواز کي مڪمل ضابطي ۽ باقاعدگيءَ سان نه وڄائي سگهون ته، اسان جي ڳالهه ٻولهه متاثر ٿيندي، لفظ غلط نڪرندا ۽ مختلف لفظن جي ادائگيءَ ۾ رڪاوٽ پيش ايندي. ٻين لفظن ۾ اسين هٻڪڻ لڳنداسين.

هٻڪ انهيءَ وقت پيدا ٿيندي آهي، جڏهن هڪ يا هڪ کان وڌيڪ عضون ۾ تڻ يا ڇڪ پيدا ٿيندي آهي، جيڪي آواز ڪڍڻ ۽ ڳالهائڻ جي عمل ۾ شريڪ ٿيندا آهن، انهيءَ تَڻَ يا ڇڪ جي ڪري ڳالهائڻ جي صلاحيت ۾ اوچتو رڪاوٽ پيدا ٿي ويندي آهي، پوءِ هڪ وقفو ايندو آهي، جنهن جي ڪري گهڻو ڪري آواز جي جلدي اچڻ سان گڏوگڏ رڪاوٽ وارن لفظن جو ٽي چار ڀيرا ارادو ٿيندو آهي.

هٻڪ جا ڪيترائي درجا آهن. انهن جي اثر جو دائرو معمولي هٻڪ(جنهن ۾ ڪجهه حرف، الفاظ يا لهجا آسانيءَ سان ڪڍڻ ۾ معمولي روڪ پيش ايندي آهي.) کان وٺي تمام وڏي ٻڪ تائين ڦهليل آهي. وڏي هٻڪ ۾ زبان، ڳلي ۽ چهري جا عضوا ڊگهي ڇڪ جو شڪار ٿي ويندا آهن.

عام طرح جڏهن ڪو ماڻهو هٻڪي ڳالهائيندو آهي ته، ان کي ڪجهه مشڪل حرف جهڙوڪ : ب،پ، ڊ، ٽ، ڪ، ق، ج، ڙ، غ، گهه، ۽ ٺ ادا ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش ايندي آهي. انهن حرفن جي ادائگيءَ لاءِ نڙيءَ مان نڪرندڙ هوا کي، ٻنهي چپن کي ملائي روڪڻو پوندو آهي. پوءِ چپن کي ڪي ئي ڀيرا کولينددي هوا جي رڪاوٽ کي ختم ڪيو ويندو آهي.

هٻڪ پڻو گهڻو ڪري چئن پنجن سالن جي عمر ۾ شروع ٿئي ٿو، پر ڪي ٻار ابتدائي عمر ۾ ئي ان  جو شڪار ٿي سگهن ٿا. ڇاڪاڻ ته، صوتي عضون مان ڪنهن نه ڪنهن ۾ عملي طرح تَڻَ يا ڇڪ هوندي آهي، انهيءَ ڪري جڏهن ٻار ڪاوڙ ۾ ايندو آهي ته سندس هيءَ شڪايت بدترين حالت تائين پهچي ويندي آهي.

جيڪڏهن ڪو به هٻڪائيندڙ ماڻهو هر لفظ جي حصي کي احتياط سان ادا ڪري ۽ آهستگي ۽ سڪون سان ڳالهائي ۽ پڙهڻ جي سلسلي ۾ هدايتن تي عمل ڪري ته عام طرح جي هٻڪ کي دور ڪري سگهجي ٿو، جيڪڏهن اها هٻڪ جذباتي سبب جي ڪري هجي ته، ان لاءِ مخصوص علاج ڪرائڻ جي ضرورت هوندي آهي.

 

 

رت جي وار نلين مان ڇا مراد آهي؟

اسان کي خبر آهي ته، رت دل کان جسم ڏانهن پمپ ڪيو ويندو آهي. رت جي وڏين رڳن کي شريانيون ۽ نسون چئبو آهي. اهي رڳون جيئن جيئن  دل کان پري ٿينديون وينديون آهن. سنهيون ٿينديون وينديون آهن. تان ته جسم جي سنهين نلين ۾ تبديل ٿي وينديون آهن، سنهي کان سنهين نلين کي وار نليون چئبو آهي.

هڪ وار نلي، انسان جي سنهڙي کان سنهڙي وار کان به پنجاهه ڀيرا سنهي ٿيندي آهي، ان جو سراسري قطر تقريباََ 008. ملي ميٽر ٿيندو آهي. رت جا گهرڙا انهيءَ مان گذرڻ وقت قطار بڻائي گذرندا آهن. ان جو مطلب اهو آهي ته، رت وار نلين مان تمام آهستي گذرندو آهي.

هڪ سبڻ واري سئي جي ٿولهه ۾ گهڻو ڪري ست سئو وار نليون سمائجي سگهن ٿيون.هر وار نليءَ جي ڊيگهه 5 ملي ميٽر ٿيندي آهي، انسان جي جسم ۾ لکين ڪروڙين وار نليون موجود هونديون آهن. رت وار نلين مان گذرندو آهي ته، هڪ  سيڪنڊ وٺندو آهي، جيئن ته وار نليون سنهڙيون ٿينديون آهن ۽ گهرڙن جي فقط هڪ تهه تي مشتمل هونديون آهن، تنهن ڪري رت انهيءَ دوران الڳ ناهي ٿيندو. ۽ ان جي ڀتين کي ڇهندي گذرندو آهي، رت اتي پنهنجي اندر موجود آڪسيجن ۽ ٻين شين کي اردگرد جي تاندورن ۾ منتقل ڪندو آهي ۽ انهن جي بدلي ۾ وار نلين جي آس پاس جي تاندورن مان ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ملندي آهي. ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ مليل رت وار نلين مان نسن ۾ ويندو آهي، جتان شريانن وسيلي دل ڏانهن ويندو آهي.

 

رت جا گروپ ڇا آهن؟

رت هڪ اهڙو مادو آهي، جيڪو پلازما ۽ ان ۾ ترندڙ گهرڙن تي مشتمل هوندو آهي.ان ۾ 55 سيڪڙو پلازما ۽ 45 سيڪڙو گهرڙا هوندا آهن. رت جا گهرڙا ڳاڙهن، اڇن ۽ ننڍڙن ذررڙن (Platelets) تي مشتمل هوندا آهن، جڏهن ته پلازما ۾ 19 سيڪڙو پاڻي، 8 سيڪڙو لحميات، 9 سيڪڙو لوڻ ۽  هڪ سيڪڙو نامياتي مرڪب هوندا آهن.

هونءَ  ته هر هڪ انسان جو رت هڪ جهڙو هوندو آهي ۽ انهن ۾ موجود  جزن ۽ مرڪبن ۾ به ڪو فرق ناهي هوندو پر پوءِ به ڪنهن هڪ ماڻهوءَ جو رت ٻئي کي ڏيڻ کان پهريان اهو ڏسڻ ضروري هوندو آهي ته، رت ڏيڻ واري ۽ وٺڻ واري جي رت ۾ مطابقت آهي يا نه، جيڪڏهن هڪ جهڙائي نه هجي ته، رت جا ڳاڙها جزا مريض جي جسم ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ رت ۾ گردش بجاءِ هڪ ٻئي سان چنبڙڻ لڳندا آهن ۽ شريانن جي ڀتين سان لڳي ڦاسي پوندا آهن ۽ پوءِ جلدي ٽٽي تباهه ٿي ويندا آهن، جنهن جي ڪري مريض مري سگهي ٿو.

رت جي پاڻ ۾ مطابقت جي بنياد تي سڀني انسانن جي رت کي چئن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي، جن کي هيٺين طرح نالا ڏنا ويا آهن. گروپ اي، گروپ بي، گروپ اي-بي، گروپ او.

انهن گروپن جو دارومدار اسان جي رت جي ڳاڙهن ذرڙن ۾ موجود ٻن قسمن جي جزن اينٽي جين اي (Antigen-A)  ۽ اينٽي جين-بي (Antigen-B) تي هوندو آهي.

ڪجهه ماڻهن جي ڳاڙهن گهرڙن ۾ صرف اي (A) ڪجهه ماڻهن ۾ صرف (B) ڪجهه ماڻهن ۾ ٻئي اي ۽ بي ۽ ڪجهه ماڻهن ۾ ڳاڙهن گهرڙن ۾ ڪو به اينٽي جين ناهي هوندو.

اسان جي رت جي گروپن جا نالا انهن ئي اينٽي جين سان لاڳاپيل آهن.

اي اينٽي جين وارن گهرڙن جو رت گروپ اي (Group- A) آهي ۽ بي اينٽي جين وارن  گهرڙن جو رت بي (Group-B) ۽ ٻنهي اينٽيجين واري رت اي _ بي ۽ جنهن جي گهرڙن ۾ ڪو به اينٽيجين ناهي، ان کي او (O) گروپ چئبو آهي.

پلاز ۾ انهن اينٽي جين جي مخالف مرڪبن يا اينٽي باڊي (Anti body) جن کي الفا ۽ بيٽا چئبو آهي، ترتيبوار اينٽي جيئن اي ۽ بي وارن گهرڙن تي عمل ڪري انهن کي پاڻ ۾ چنبڙائي تهس نهس ڪري ڇڏيندا آهن.

الفا اينٽيجين باڊيءَ واررو پلازما اهڙن ڳاڙهن گهرڙن کي تباهه ڪري ڇڏي ٿو، جن ۾ اينٽي جين اي هجي. يعني اينٽيجين اي ۽ الفا اينٽي باڊي هڪ ماڻهوءَ ۾ ٿي نه ٿا سگهن. اهڙيءَ طرح بي اينٽي جين ۽ بيٽا (B) اينٽي باڊيءَ جو هڪ فرد ۾ هئڻ ممڪن ڪونهي. انهيءَ صورت حال جي ڪري چئني رت جي گروپن ۾ ملندڙ اينٽي جين ۽ اينٽي باڊي جي رت ۾ ترتيب هن چارٽ مان ظاهر آهي:

چارٽ

رت جي گڏيل ميچ جي لحاظ کان رت ڏيڻ جي صورت ۾ :

رت جي گروپ اي (Group-A) وارو ماڻهو : گروپ اي (A) ۽ اي بي (AB) وارن ماڻهن کي رت ڏيئي سگهي ٿو. پر او (O) وارن کي نٿو ڏئي سگهي. گروپ (Group-B) وارو ماڻهو صرف بي وارن کي ئي رت ڏيئي سگهي ٿو. ٻئي کي نه، گروپ بي گروپ اي بي (Group A/B) وارو ماڻهو؛ صرف اي بي وارن کي ئي رت ڏيئي سگهي ٿو ۽ ٻئي ڪنهن کي نٿو ڏيئي سگهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ اي ۽ بي ٻئي، اينٽيجين هوندا آهن.

گروپ او (O) وارو ماڻهو؛ هر گروپ کي رت ڏيئي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته ان جي گهرڙن ۾ ڪو به اينٽيجين ناهي ٿيندو. انهيءَ ڪري ان کي (Universal donar) چئبو آهي.

رت وٺڻ جي صورت ۾:

گروپ اي: اي ۽ او کان رت وٺي سگهي ٿو. بي ۽ ايبي کان نه.

گروپ بي: بي ۽ او کان رت وٺي سگهي ٿو. اي ۽ اي بي کان نه.

گروپ او: سواءِ پنهنجي او گروپ جي ڪنهن کان به رت نه ٿو وٺي سگهي.

گروپ اي _ بي: اي، بي ۽ اي _ بي ۽ او سڀني کان رت وٺي سگهي ٿو. انهيءَ ڪري هن گروپ کي (Universal resipient) چئبو آهي.

85 سيڪڙو ماڻهن جي ڳاڙهن گهرڙن ۾ هڪ ٻيو اينٽيجين به ملي ٿو. ان کي آر- ايڇ فيڪٽر (R.H Factor) چئبو آهي، اهڙن ماڻهن کي RH+ ۽ باقي ماڻهن کي RH- چئبو آهي. ان فيڪٽر جي خلاف پلازما ۾ قدرتي اينٽي باڊي ناهن ٿيندا پر R-H negative ماڻهوءَ کي R-H Posative رت ڏنو وڃي ته، هي پيدا ٿي وڃن ٿا ۽ ٻيهر RH+ رت ملڻ جي صورت ۾ گڏيل غير مطابقت سان موت ٿي سگهي ٿو. اهڙيءَ طرح RH+ ڳورهاري عورت جي پيٽ ۾ RH- ٻار هجي ته ماءُ جي رت ۾ موجود اينٽي باڊي ٻار جي رت ۾ داخل ٿي ان جي ڳاڙهن گهرڙن کي ناس ڪري سگهن ٿا، جنهن جي ڪري ٻار يا ته مري ويندو آهي يا ان کي تمام گهڻي يرقان جو خطرو هوندو آهي. اهڙن ٻارن کي بچائڻ لاءِ ان جو سڀئي رت پيدائش جي ڪجهه ڏينهن ۾ تبديل ڪيو ويندو آهي. رت جا سڀ گروپ مورثي هوندا آهن. يعني ماءُ پيءُ مان حاصل ڪيل پيدائشي، ان کي بدلائي نٿو سگهجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org