سيڪشن؛ سائنس

ڪتاب: نفسيات  (پاڻ سڃاڻ)

باب: ڏهون

صفحو :13

باب ڏهون

حيوان ۽ ماڻهوءَ جي سمجهه ۾ فرق ۽ سندس تعليم تربيت

(1) حيوانن جي تربيت:

تربيت هٿ پير هلائڻ جي فضيلت ۽ نفاست سيکاري. اهي ڪم مشڪن جي ملي ۽ رس ۾ ڪم ڪرڻ تي منحصر ٿا ٿين، جيئن ته ترڻ، بائيسڪل هلائڻ، ڪنڀر جي چڪ تي ڪم ڪرڻ وغيره. اهڙن ڪمن جي عام جام مشق ڪرڻ ضروري آهي ته مشڪون هرن ۽ بهترين نموني ۾ ڪم ڪري سگهن. اهڙا ڪم جيڪي عادت ڪرڻ سان پرائجن ٿا، اهي عادي سکيا جو نتيجو آهن. ٻي آهي خيالي سکيا جا مغز جي لاڳڙ آهي نه هٿن پيرن جي استعمال سان. جيئن ته ڪو جاميٽريءَ جو مسئلو حل ڪرڻ ڪو رياضي يا ٻيو حسابي ڪم، فلسفو، منطق وغيره.

حيواني تربيت بنسبت ٻه مکيه رايا آهن. هڪڙا جيڪي حيوانن کي خيال کان خالي ٿا سمجهن، تن جو چوڻ آهي ته جانورن کي فقط استعمالي سکيا ڏئي سگهجي ٿي. جيسين باندر جي چوٽيءَ وارين ذاتين تي پهچجي جن ۾ ڳچ سمجهه ڏسي سگهجي ٿي. هن متي جو علمبردار ٿارن ڊائيڪ آهي. گيسٽالٽ متي وارن جو چوڻ آهي ته جيسين اندرين ٽيٽ نه آهي ته هي ڪيئن هي ڇو، تيسين حيوانن ۾ تعليم به بي اثر رهندي. مطلب ته ٿارن ڊائيڪ جسمي چالن کي بنيادي ٿو سمجهي، ۽ گيسٽالٽ سمجهه کي ۽ مڃي ٿو ته حيوانن ۾ به اهو اندريون شعور آهي، جو کين علم جي فضيلت ٿو بخشي. بازيگر جون قلابازيون اندرئين سوجهي کان سواءِ ٿي نٿيون سگهن.

اڻويهين صديءَ جي آخري اڌ تائين حيواني ڪرتب به ماڻهوءَ جي فطرت موجب سمجهيا ٿي ويا. ڄڻڪ هو به گهٽ سمجهو ماڻهو هئا. جن کي زبان ڪانه هئي پر اوٽون جذبا ۽ سمجهه ڪنهن قدر ضرور هئن. پوءِ اوچتو ڦرڪو ڦري ويو ۽ ائين سمجهڻ ۾ آيو ته حيوان کي سمجهه ڪٿان آئي جنهن جو نالو ئي ڍور. 1891ع ۾ لائڊمارگن جي ڪثيفائي حد لنگهي چڪي، جڏهن سندس نادري قانون ڄاڻايو ته حيواني روش، جا ٻيءَ طرح سمجهائي سگهبي، ان کي سمجهه جي درجي تي آڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ ئي نه جڳائي. پوءِ ته حيوان سڀ بنا ٻوجهه جي، اٻوجهه خودرو ڪلون سمجهيا ويا ۽ شعور کان خالي. البت هن زماني ۾ ائين سمجهيو ٿو وڃي ته حيوان هڪجهڙا نه آهن، سندن ڪيترا فعل عڪسي  عمل آهن پر ڪيترا سمجهه سان ٻڌل.

ٿارن ڊائيڪ جا حيواني سکيا تي تجربا:

ٿارن ڊائيڪ گهڻا تجربا ٻلن تي ڪيا، کين بک ڏئي اهڙن پڃرن ۾ بند ڪندو هو جن جا در ٿوري تجويز هلائڻ سان کـُـلي پون. پڃري جي ٻاهران ٻلي جو دلپسند کاڌو رکي ويهندو هو جاچڻ، ته ٻلو ٻاهر نڪرڻ لاءِ ڪهڙا حيلا ٿو هلائي. ڇا ٿو ڪري؟

پهرين ته ٻلو چنبن سان لڳو ٿي هيڏي هوڏي کٽ کٽ ڪرڻ، پڃري جي سيخن مان چنبا ڊگهيري در کي ڌونڌاڙڻ. بعضي ته پاڻ کي سوڙهو ڪري پڃري جي تيرڪشن مان نڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪيائين جتي به ڪا ڍلي يا گهرگهلي جاءِ هٿ ٿي لڳس ته ان کي ٿي ڌوڏيائين، تان ڪر در جي تاڙيءَ کي کٽ کٽ ڪري لاهي ٿي وڌائين.

ٻئي ڀيري به ساڳيءَ طرح هيڏي هوڏي کٽ کوٽ ڪري وڃي ٿي تاڙيءَ تي پهتو، پر پهرئين ڀيري کان جلد تانڪ رفتي رفتي سندس اجائي نوس نوس گهٽ ٿيندي. انهيءَ منزل تي اچيو ٿي بيٺي، جو اڃا تاڙي اٽڪائي ته سنئون سڌو کوليو ويٺو اٿس: جيئن زياده بکيو، تيئن جلد ٿي سکيو. پر جي بک هوندي به کاڌو سامهون نه هوندو هون ته ڳچ وقت ٿي ورتائون.

ٿارن ڊائيڪ کي تجربن انهي خيال تي آندو ته ٻلي جي سکيا سـَـهـَـوَ سڌار جي متي تي ٿي هلي ۽ نه ڪنهن اندرين ٽيٽ تي، ٻلي ٻاهر نڪرڻ لاءِ به ائين حيلا ٿي هلايا، جيئن اسين غلطيون ۽ درستيون ڪري بائيسڪل هلائڻ ٿا سکون. يعني استعمال ڪرڻ سان.

ٿارن ڊائيڪ استعمالي تعليم جا ٽي قانون مرتب ڪيا:

(1) ڪثرت: جيڪي چالون وري وري ڪبيون سي پڪيون ٿينديون (2) تازگي: تازيون چالون وري وري ٿينديون. (3) نتيجو: ڪارگر چالون پڪيون ڪبيون ۽ بيڪار چالون  ڇڏبيون وڃبيون.

قرابتي اصول- سکيا جا قانون به قرابتي اصول کي دهرائين ٿا، جنهن جو چوڻ آهي  ته رشتيدارين جي مضبوطي، ڪثرت تازگي ۽ تيزيءَ تي منحصر ٿي رهي. فرق اهو آهي جو قرابتي اصول خيالي رفاقتن متعلق آهي ۽ ٿارن ڊائيڪ جا قانون، بازن جي چالن جي سلسلي ۾. ان ڪري ساڳين اعتراضن هيٺ.

وڏي منجهائيندڙ ڳالهه اها آهي جو ٿارنڊائيڪ جا قانون چالن متعلق آهن نه خيالن سان ڳنڍيل. ٿارن ڊائيڪ جي قياس موجب ٻلو فقط ڪي چالون سهو سڌار جي اصول تي ڪندو ۽ غلطيون سڌاريندو سکندو ٿو هلي. البت جي ائين هجي ته ٻلو جيڪر ڀيري ڀيري سان ساڳيون چالون نقل ڪندو رهي پر تجربو ابتڙ ٿو ڏيکاري، در کولڻ جي اٽڪل اچڻ بعد ڏسبو ته ٻلو ڪڏهن سڄو چنبو ٿو ڪم آڻي ته ڪڏهن کٻو. ڪڏهن ته مورڳو ڏندن سان کوليو وجهي. جي مشڪن جي مشق تي ڪم هلندو هجيس ته جيڪر هر وقت ساڳين مشڪن کان ڪم وٺڻ تي مجبور ٿئي.

ڪيترا ٻيا تجربا به تائيد ٿا ڪن ته سکيا فقط مشڪن جي مشق نه آهي، ڪوئي کي ٻه واٽي جي منهن وٽ بيهاري ڇڏي ڏبو. ٻه واٽي جي هڪڙي واٽ ور وراڪڙا ڪندي وڃو اوائڙي کـُـٽي ۽ ٻي ڦرندي گهرندي وڃو کاڌي تي سهڙي. هڪ واريءَ جي ڪوئو سجائي واٽ سهي ڪري ويو ته پوءِ جي ان ۾ پاڻي ڀري ڇڏبو ته به ترندو واٽ اها ئي وٺندو. ظاهر آهي ته ترڻ جون چالون ٻيون ٿينديون، نه هلڻ جي مشڪن واريون. ان ڪري ٻلو هريل مشڪن جي گس تي نٿو هلي پر ڪنهن مغز جي ڏس تي. اهڙن تجربن ڪافي ثابتي موجود ڪئي آهي ته حيوان جو ڪم ڪار، ڪل وانگر چاٻيءَ تي نه آهي، پر ان ۾ به شڪ ڪونه آهي ته گهڻي خيال تي به ٻڌل نٿو رهي. نڪو ايترو شعور ئي اٿس جو سمجهي ته هن جو نتيجو هي ٿيندو. ان ڪري هيئن ڪريان پر ايترو ضرور چئبو ته فقط ماڻهو کي اهو فخر نه هئڻ گهرجي ته فڪر ڪرڻ جي لياقت فقط کيس عطا ٿيل آهي.

ولف گانگ ڪوئلر، گيسٽالٽ متي جي علمبردار 1925ع ۾ ٿارن ڊائيڪ جي ڪئي ڪمائي ڪٽ ڪري ڇڏي. چي: ٿارن ڊائيڪ کي حيوانن ۾ شعور ان ڪري ڏسڻ نه آيو، ڇاڪاڻ جو انهن کي اهڙين حالتن ۾ وڌو ويو، جتي هو پنهنجي ڪم جي ساري دائري ڏسڻ کان عاجز رهيا. جيڪڏهن ڪنهن ڀول ڀليان ۾ ماڻهوءَ کي اهڙي هنڌ بيهارجي جتي هو ساري ايراضي نه ڏسي سگهندو هجي ته هو به ساڳيا پير کڻندو جيئن ٻلي رستي ڳولڻ لاءِ جهوتون ٿي ڏنيون. ٻلي کي جيڪي ڪرڻو پيو سو سندس نظر جي دائري کان ٻاهر هو. هاڻي ڏسو ته ڪتو ڇا ٿو ڪري؟

هڪڙي تارن جي ڄاريءَ جي ديوار جي ٻئي پاسي کاڌو رکو ۽ هن پاسي ڪتي کي ڇڏيو ته هو هيڏي هوڏي نهاري جهلي جي ڇيڙي کان ڦري ڪيئن نه ٿو وڃي سڌو کاڌي  تي پهچي، پر جي ساڳيو تجربو ڪڪڙ سان ڪيو ته اتئي  بيٺو چنبن سان کوٽيندو ۽ ٺونگا هڻندو. جيڪا ڳالهه ڪتي پروڙي ورتي سا ڪڪڙ جي وسعت کان ٻاهر هئي ڇاڪاڻ جو ڪڪڙ جي نظر ايتري وسيع نه آهي جو ايڏو ميدان هڪدم نظر ۾ آڻي سگهي، اهڙن تجربن لاءِ ضروري آهي ته تجربي جو دائرو ايترو هجي جو جانور جي نظر ۾ سارو اچي سگهندو هجي پوءِ خبر پوي ته سـَـهـَـوَ سڌار جي متي موجب اجائي کٽ کٽ ٿو ڪري يا خيال کان ڪم ٿو وٺي.

ڪوئلر جا اتم باندرن  تي تجربا:

ڪوئلر، ايپ باندرن سان ڪيئي تجربا ڪيا، هن به کاڄ جي لالچ تي سندن ڪم جاچيو. جانور لاءِ ٻه رستا رٿيا ويا، هڪڙو سڌو ۽ بند، ٻيو ور وڪڙو پر کليل، جو به جانور ڏسي ٿي سگهيو ۽ سندس مقصد حاصل ڪرڻ جي واٽ به اهائي هئي. اهڙين حالتن ۾ هڪڙي ايپ ته سمجهه جي چٽي ثابتي ڏني، جنهن پنهنجي پڃري جي سيخن کان ٻاهر ۽ پهچ کان پري پيل ڪيلن کي ريڙهي ويجهي آڻڻ لاءِ  ٻه ڪاٺيون ڳنڍي کين هٿ ڪيو. ڪن ته ڇت مان لٽڪندڙ ڪيلن کي پهچڻ لاءِ کوکن تي کوکا رکي وڃي مقصد حاصل ڪيو. ايپ جي سمجهه جو ٿارن ڊائيڪ به قائل هو، پر ڏٺو ويو ته جي ساڳيون سهوليتون ٻين جانورن بلڪ ڪوئن کي ڏجن ٿيون ته اهي به گهڻي قدر تاڙيو وڃن.

ٽيٽ جون حدون: ٿارن ڊائيڪ انهيءَ رايي جو هو ته سمجهه يا پوري هوندي يا ته اصل نه، پر ائين نه ته سمجهه جا به درجا آهن. ٻار کان وڏي تائين ۽ وڏي کان ڪاريگر تائين جيڪڏهن ڪنهن کي ريڊيو درست ڪرڻ لاءِ ڏبو ته هر ڪو پنهنجي سمجهه موجب سندس پرزن کي چوريندو ڦيريندو ته من ڪو آواز نڪري. جڏهن اسين ريڊيي کي ڦيرڻ ڦلهورن لڳندا آهيون تڏهن ته ساڳيو ٻلي وانگر سهوسڌار متي  موجب ، بعضي هـِـن ٻنجيءَ کي بعضي هـُـن ٻنجيءَ کي ڪڍندا پائيندا آهيون. بعضي ته اوچتو آواز ڀڙڪو ڏئي نڪري ايندو آهي، جيئن ٻلي تاڙي لاهي ٿي وڌي. ظاهر آهي ته ٻلي ۽ ماڻهوءَ جي تحقيقاتي روش ساڳيا پير ٿي وٺي، خاص ڪري جتي ٻئي بيخبر آهن ۽ ٻيو ته ٻنهي جي ڪوشش مطلب واري آهي نه بي مقصد.

ٽيٽ ڇا کي ٿو چئجي: گيسٽالٽ موجب ٽيٽ انهيءَ لياقت کي ٿو چئجي جا ٻوجهه جي ڪوتاهين جون اوڻايون ڀري، الڳ الڳ پرزا ڳنڍي کين پورو ۽ چٽو ڪري ذهن ۾ آڻي. گهٽتايون ڪجهه ملائڻ سان ڀرجن يا فقط منجهيل جزن کي پوري ترتيب ڏئي هموار ڪرڻ سان. اهو جوڙجڪ ٻليءَ جي مغز ۾ تڏهن آيو جڏهن ٽيٽ پيس ته روڪيندڙ شي تاڙي آهي جنهن کي ٿيڙ ڏبو ۽ باندر جڏهن ڪاٺيءَ کي ڪيلي هٿ ڪرڻ جو وسيلو بنايو.

ٽيٽ مٿين مثالن ۾ رکي رکي آئي پر سندس دراصل خصوصيت اها آهي جو ٺهه ٺپ تري اچي، جيئن ايپ کي ٽيٽ پئي  ته کوکي تي بيهڻ  سان ڪيلي کي پهچي وڃبو.

ڪوئيلر پنهنجن تجربن مان هن نتيجي تي پهتو ته جي سڀ ضروري شيون جانور جي اڳيان ٿيون رکجن  ته هو انهن کي ڳنڍيو پوري سٽ سٽيو وڃي، پر جي لٺ پٺيري رکيل اٿس اهڙي طرح جو جي ڪيلو ڏسي ٿو سگهي ته لٺ نٿو ڏسي، جي لٺ ٿو ڏسي ته ڪيلو ڏسڻ ۾ نٿو اچيس ته پوءِ مسئلو مشڪل ٿيو پويس. ائين به معلوم ڪيائين ته جانور کي هڪڙي مجمعي مان ڪا شيءِ ڪڍي. ٻئي مجموعي ۾ ڳنڍڻ ڏکي ٿي لڳي. جن باندرن لٺ ۽ ڪيلي جو مسئلو حل ڪيو هو تن کي اهڙي پڃري ۾ رکيو ويو، جتي لٺ موجود ڪانه هئي، پر هڪڙو وڻ اهڙو هو جنهن جون هلڪيون ٽاريون سولائيءَ سان پٽي سگهجن. اتي فقط ڪي ٿورا نهايت سمجهو باندر ڪامياب ٿيا.

ٽيٽ ۽ سمجهه ۾ فرق: ڪلوئڙي ۾ هڪ ڀيري ڦاٿل مڇيءَ کي جي ڪنڍيءَ مان ڇڏيائي تلاءَ ۾ ڦٽو ڪري وري ڏور وجهبي ته وري به اچي ڪلوئڙي ۾ اٽڪيل ڳاهه کي کنڊڪائيندي. اها آهي اوٽ، جنهن جو طرز عمل اها آهي جو جڏهن به ڪنهن جانور جي ڪنهن حواس جي زد ۾ ڪا ڳالهه اچي ته هو هڪدم ڪا خاص هلت وٺي، جنهن لاءِ هو مجبور آهي، پر جي آزمودي ڪري هو پنهنجي ذاتي روش ڦيرڻ تي ذري ماتر به مائل ٿئي ته چئبو ته سمجهه ٿو هلائي. هاڻي جي مڇي ڪلوئڙي ۾ اٽڪايل ڳاهه کي پري کان ڏسي ڀڄي وڃي ته سمجهه ظاهر آهي. ماڻهو به نفسي اوٽن ۾ ڪنهن قدر مجبور آهي پر سمجهه ساڻي ڪيو اهنجن وقتن تي پاڻ ڪڍايو وڃي. اهڙي هلت کي درستي روش چئبو. اهي روشون جي آزمودو ٿيون ڏين، هي ٽيٽ ڏيکارين ٿيون، پر ڪا به دليلبازي منجهن دخلڪار ڪانه ٿي ٿئي. اها مڇي جا ڳاهه کي جهلي وري ڇڏيو ڏئي، سا آزمودي ڪري، وري انهيءَ ڳاهه کي نه وچڙي ته ٿي سگهي ٿو، پر ايترو پروڙ ۾ ڪين ايندس ته اهو کاڄ چڀندڙ ۽ تڪليفائتو آهي، انڪري کائڻ نه گهرجي، ماڻهوءَ کي جي سانڌاڻي مان وائي ٿي هوندي ۽ سور سهي ڇٽو هوندو ته ٻنهي جي رشتيداريءَ جو پورو شعور هوندس، ان ڪري سور کي ياد ڪري وري نه وچڙندس. درستي روش، سمجهه جو هلڪو نمونو ضرور چئجي. جيئن جيتامڙي کان ايپ تائين کوجنا ٿي ڪجي ته ڪا به روش ٿوري ٿوري مٿانهين جانور ۾ تبديل ٿيندي نظر ايندي تان ڪ ماڻهوءَ ۾ بهترين صورت اچيو وٺي.

حيواني حافظو: حافظو ۽ پرائڻ، سکيا جا ٻه عملي پاسا آهن، استعمالي علم يا خيالي علم، ٻئي حافظي تي مدار ٿا رکن. حيوان خيالي علم کان خالي ڪين آهن ۽ صحيح معنيٰ ۾ حافظي جا ڌڻي آهن، اهڙي خاطري ڪانه ٿي آهي.

حيوانن کي لفظن جي سڄاڻ ته ٿي نٿي سگهي، ائين به آهي ته خيالي يادگيري لفظن سان ڳنڍيل ڪين ٿي ٿئي. جڏهن ياد ڪبو آهي ته ڪنجي ڪٿي رکيم، تڏهن ڪنجيءَ جو عڪس تري ايندو آهي، نه سندس نالي جي لفظي صورت. حيوان به عڪسي تصورات جا مالڪ ڏسجن ٿا. ڪتي ٻلي يا ڪئي جي سامهون جي ڪنهن گهڻن برتنن جي جهڳٽي مان هڪڙي ۾ کاڄ رکي ٿوري دير ۾ آزاد ڪبس ته سڌو انهيءَ ٿانو تي اچي بيهندو، پر جي ڳچ دير پئي ته ڳولڻو پوندس. ايپ ته سترهن ڪلاڪن کان پوءِ به سڌو ان تي اچو سهڙي. ظاهر آهي ته حيوان کي کاڄ جو رکڻ جي يادگيري رهي ٿي پر ان کي ڪجهه وقت گذرڻ کان پوءِ سچيتيءَ ۾ آڻي نٿو سگهي.

سجهڻ ۽ ياد پوڻ: ائين به ٿيندو آهي جو ڪو ماڻهو دل سان پيو لڳندو آهي ته ڏٺو اٿم پر ڪٿي ۽ ڪير اهو ياد نه ايندو آهي. انهيءَ لاڳاپيل شناس کي سمجهڻ ٿو چئجي. پوءِ جي رفته رفته تري آيو ته فلاڻو ماتر آهي ته چئبو ياد ۾ اچي ويو. ڏسجي ٿو ته حيواني حافظو سجهڻ تي ئي محدود  آهي ۽ پوري يادگيريءَ کان عاجز. ڪتو پري کان ڪنهن واقف کي سڃاڻيندو، پر ائين ياد ڪونه هوندس ته اڳي هيترا ڀيرا هتي يا ڪٿي مليو اٿم. ڪتو فقط ڪجهه نظر سان ڪجهه نڪ سان کيس سڃاڻي ٿو ته واقف آهي ۽ وڻندڙ آهي ۽ بس. ساڳي طرح جي ٻلي ڪنهن ٻر تان ڪوئو جهلي کاڌو هوندو ته ٻئي ڀيري اها سموري يادگيري کيس انهيءَ ٻر تي ڪين آڻي بهاريندي پر منجهس انهيءَ ٻر متعلق ڪجهه دلچسپي ڪجهه اڇانگرائي ضرور ٿي پوندي. ساڳيءَ طرح اسين به بعضي ڪا پيٽي پٽيندا آهيون ۽ ٽپڙن کي ٺاهڻ لڳي ويندا آهيون پوءِ اوچتو خيال ايندو آهي ته ائين ڀلا ڇو ڪرڻ لڳس. ڪجهه ڏٺم ته ٿي پر الائي ڇا. اهو ويو سو ويو. جانور به کاڄ جي جاءِ تي وڃيو پهچي پر ڇا لاءِ ۽ ڇو اها چٽائي ڪانه ٿي رهيس.

(2) ماڻهوءَ جي تعليم ۽ سندس حافظو:

ماڻهوءَ ۽ حيوان جي تربيت ۽ نتيجي ۾ ڪيئن نه فرق ٿئي؟ ماڻهوءَ جي افضل سمجهه، سندس صفاتي خيال جي وسعت بهتر حافظي جي طاقت ۽ دليلسازي، حيواني ادبيت  تي نمايان فضيلتون آهن: (1) ماڻهو مـُـنجهيل مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ڪيتري نه تميز ٿو ڪم آڻي. هي ڇڏ هو کڻ، هي اجايو هو سٺو (2) پنهنجي گذريل آزمودن کي ياد ڪري انهن مان فائدو حاصل ڪري ٿو. (3) ماڻهو ويٺي ويٺي خيالن  کي مغز ۾ ڦيرائي سگهي ٿو، جانور ته جڏهن ڪجهه ڪن تڏهن ان مان ڪجهه پرائين (4) ماڻهو ٻين جي تواريخي احوال مان ئي ڪيترو سکي سگهي ٿو. ڪنهن اديب جي سمجهاڻي هن جي علم پرائڻ کي ڪيترو وسيع ڪري سگهي ٿي. پڙهڻ ڪري ساري دنيا جي تجربات هن کي ملي سگهي ٿي.

مٿي استعمالي ۽ خيالي سکيائون الڳ ڏيکاريونسين پر ماڻهوءَ ۾ ٻيئي لاڳيتيون ڪم ٿيون ڪن. ٽائيپ ڪرڻ يا موٽر هلائڻ ۾ جسم توڙي ذهن، ٻيئي طرف ساڳي وقت تعليم هيٺ اچن ٿا، رڳو ونجهه وٽيءَ جهڙيءَ سوليءَ راند ۾ به فقط هٿن کان ڪم ڪونه ٿو ورتو وڃي، اتي به مغز کي ڪم ڪرڻو پوي ٿو ته ٻيءَ ڌر کي ڪيئن کاپائجي. استعمالي علم ۽ خيالي علم حقيقت ۾ تعليم جي ڏوريءَ جون به پڇڙيون چئبيون، جن جي وچ تي ماڻهوءَ جي تعليم جا اهي ڪم آهن جن ۾ جسمي توڙي ذهني تربيت ٻيئي شامل ٿيون رهن.

استعمالي تعليم: استعمالي  تعليم حقيقت ۾ جسم جي مشڪن جي تربيت آهي، ته ڪيئن ڳچ  جيتريون مشڪون هڪ ٻئي سان رفاقت ۾ ملي ائين ڪم ڪن، جن جو گڏيل تحرڪ هڪ اهڙي  ظاهر ڪم ۾ نمودار ٿئي جو موزون ۽ سهڻو لڳي. ٻار جيسين ڪنڌ جهلڻ نه سکيو آهي، تيسين هڪ ڪپهه جي گڏي جي مثال آهي جنهن کي نه پنهنجي بار جهلڻ جي طاقت آهي نه بيهڪ، جڏهن ڪنڌ جون مشڪون مٿي جو بار سهسائي کيس سڌي جهلڻ تي هري ٿيون وڃن، تڏهن وري ڪنڌ کي مٿي جي بار سميت هيڏي هوڏي ڦيرائڻ جي ضرورت پيدا ٿي ٿئي ته مغز اکين کي سڄي کٻي ڦيرائي، پنهنجي آسپاس جون حالتون ڏسي سگهي . پوءِ پٺي سڌي جهلڻ ۽ چيلهه سڌي جهلڻ سکي ويهڪڙو ٿو ٿئي. هاڻي مغز، جو ئي بدني ڪل جو مالڪ آهي، گهڻي قدر پنهنجي سامهون پاسن کان ۽ ڪنڌ ورائي پٺ کان پنهنجي آسپاس جو معائنو ڪري سگهي ٿو. پوءِ ته اهي بيهڻ، پير کڻڻ، پنڌ ڪرڻ، ڊوڙڻ، هٿ هلائڻ، ڌڙ کي ورائڻ سان منزل بمنزل سندس آسپاس جو دائرو ويتر وسيع ٿيو وڃي. جنهن ڪري پري پري کان پنهنجي نفعي نقصان کي ڏسي حالتن موجب پنهنجي بدن ڪل کي چوري، ڀيٽا ڀيٽيءَ جي ڊڪ ڊوڙ ۾ پاڻ کي سکئي ڪرڻ جا اسباب ٿو ڳولي.

هرهڪ منزل تي ڪيترين  مشڪن کي گڏجي ڪم ڪرڻو ٿو پوي جن کي پوري رفاقت ۾ اچي موزون ڪم ڪرڻ لاءِ وقت ۽ ڪثرت جي ضرورت ٿي رهي، موزون ڪم ان کي ٿو چئجي جو گهٽ ۾ گهٽ تحرڪ سان ٿئي ۽ اجائي چرپر کان صاف هجي، مناسب وڇوٽين تي ڪجهه فرصت به درڪار ٿيندي جنهن ۾ ايندڙ منزل جي تياري ٿئي. ٻار کي جي تڪڙو تڪڙو منزلن طئي ڪرائڻ تي راضي ڪبو ته مشڪل ٿي پوندس ۽ ڪٿي نه ڪٿي اٽڪي پوندو. مثال خاطر وڏي هوندي ٽائيپ سکڻ جون منزلون جاچيو. پهرين ته سيکڙاٽ کي حرف حرف ڳولي ڏسي وائسي ڌڪ هڻڻو پوندو. پوءِ ننڍا لفظ ۽ وڏن لفظن جا پد لاڳيتا هڻندو ويندو. هاڻي جي ٽي منزل به اڪري ڀڙ ٿيو ته جملا به ائين لهر ۾ ٺوڪيندو ويندو، ڄڻڪ ٽائيپ ۽ سندس آڱريون سـُـر ۾ ڪو باجو وڄائي رهيون آهن. حرفن، لفظن ۽ جملن ٽنهي منزلن جي ڌار ڌار آخر ۾ ڪم کي روڪڻ مناسب ٿيندو ته مغز کي سکيل ڪم کي هنڊائي، تازيون رشتيداريون پڪيون ڪري ۽ آئيندي ڪم لاءِ تيار ٿئي. هر هڪ منزل تي سيکڙاٽ کي ساهي نه ڏبي ته ڪم پڪو نه رهندو. ساڳي حالت آهي  ٻار جي پنڌ سکڻ، لکڻ، پڙهڻ ۽ ياد ڪرڻ جي.

تعليم متعلق ڪن مسئلن بابت هدايتون

تعليم ڏيڻ معنيٰ ڪنهن کي دنيا سان تعلقات ٺاهڻ لاءِ ڪا پختي سولي واٽ ڏسڻ، جنهن تي هلي هو پنهنجا  جائز مطلب پورا ڪري سگهي. تعليم حاصل ڪرڻ يا ڪنهن به جهد ڪرڻ جو راز اسان جو مطلب آهي. وري جيئن تعليم اسان جي ڄاڻ وڌائيندي وڃي، تيئن اسان جا مطلب به وڌندا وڃن ۽ سلسلو مرڻ تائين هلندو هلي. اها تعليم آهي جا عاجز بيخبر ٻار کي محتاجيءَ مان ڪڍي قابل ڪري پنهنجن پيرن تي ٿي بيهاري. علم جون فضيلتون سڀ سيکڙاٽ کي پنهنجي ڪوشش مان هٿ ڪرڻيون آهن، ڪـَـن ۾ ڦوڪ ڏيڻ سان علم  ڪونه ملندو. علم کي مغز ۾ جاءِ وٺي پنهنجا گهاٽ گهڙڻا  پوندا ته ڪارگر ٿئي.

متعلم جي ڪوشش کي چست ڪرڻ لاءِ شاباس ۽ وقتي ساراهه جي ضرورت آهي. ساراهه سندس حوصلو وڌائيندي ۽ مار يا جٺ ڦٺ، بلڪ رڳو ڏوهه ڏيڻ، سندس چاهه کي چٽ ڪري ڪـُـند ڪندا.

عادت، خيال کي ڪم نه آڻڻ ڪري، خيال جڏو ڪريو ڇڏي. رواج کي بهترين سمجهڻ معنيٰ سڌاري کي پري رکڻ ۽ ترقيءَ تي تالو هڻڻ. جي ائين سمجهبو ته جيڪي آهي سوئي گهڻو آهي ته اڳتي وڌڻ ڇٽو. ڪجهه نه ڪجهه نئون داخل ڪندو رهجي. هر ڪا ڳالهه بهتر ٿي سگهي ٿي.

ٿَڪ، ڪڪ ڪندڙ ڳالهيون، غلط طريقا ۽ رواج تعليم کي بي لذت  ڪيو اجاڙيو ڇڏين. ڪم کي موزون نموني ۾ ورڇڻ ۽ آرام لاءِ ساهيون ڏيڻ ضروري آهن.

ٻئي کي ڪم ڪندي ڏسڻ سان ڪم هٿ ڪونه ايندو، پنهنجن هٿن سان ڪم ڪبو تڏهن سکبو. نڪي ٻڌو ڏٺو ٿئي، نڪي ڏٺوڪيو ٿئي. ٻڌڻ ۽ ڏسڻ  ۾ ايڏو فرق آهي جيترو ڏسڻ ۽ ڪرڻ ۾. ڏسڻ ڪم جي واٽ ڏسيندو پر ان تي هلڻ ڪم سندس.

تعليم ڏيڻ لاءِ مناسب اسباب جو هئڻ ضروري آهي، جيترا معقول اوزار هوندا اوترو علم پڪو ۽ پختو ٿيندو، تعليم درست ٿيندي ۽ متعلم جي ڪم سان دلچسپي وڌندي. وڏي ڳالهه اها آهي ته جيڪو  ڪم ڪنهن کي سيکاريو ٿو وڃي اهو هن جي ذهن ۽ طبع موجب آهي يا نه.

ياد ڪرڻ، خيال ڪرڻ ۽ رٽڻ:

ياد ڪرڻ: سکيل ڪم کي وري خيال ۾ آڻڻ کي ياد ڪرڻ ٿو چئجي ۽ وسارڻ آهي ان کي خيال مان خارج ڪرڻ سکيل ڳالهه کي سانڍي نه سگهڻ جي حالت کي ويسر چئبو آهي. ويسر وقت پوڻ سبب نٿي ٿئي پر ٻين ڳالهين جي اچي وڃڻ ۽ ڳاهٽ ٿيڻ جو اثر وڌيڪ ٿو ٿئيس.

ڳالهه جيتري معنيٰ خيز هوندي اوتري ياد ڪرڻ ۾ سولي. اڻوڻندڙ يا ڏکوئيندڙ ڳالهيون ياد ٿيڻ ڏکيون، ڀل ته پڪيون هجن. اهڙيءَ ويسر کي ميسارڻ چئبو آهي. ظاهر آهي ته يادگيري پسنديءَ جو پهه آهي.ڪنهن به ڳالهه جون ٿلهيون ڳالهيون ياد رهنديون، پر سندس ذرا پرزا وسري ويندا آهن ۽ جي خيال ۾ آيا ته به صحيح شل هجن.

خيال ڪرڻ: ذهن ۾ سانڍيل نشانين جي چور پچور کي خيال ٿو چئجي. نشانيون خيال جون وٿون آهن، جي ٻاهرين ذاتي ۽ صفاتي شين جون عيوضي آهن، اها نشاني جا مختلف شين ۾ همواري ڏيکاري ان کي ٻوجهه ٿو چئجي. ٻوجهه ۾ وڌاءُ گهٽاءُ ضرور ٿئي ٿو. سڀ ٻاهريون شيون ڌيان تي هڪ جيتريون  نٿيون اچن.  جڏهن خيال کي ڪنهن مسئلي جي حل ڪرڻ لاءِ مسلسل هلائبو آهي. تڏهن ان کي بحث چئبو آهي. بحث جا ضروري فقرا هي ٿيندا:

(1) حل طلب مسئلو (2) مسئلي متعلق مکيه حقيقتن کي ڦولهڻ ۽ نظر ۾ رکڻ (3) هر ممڪن سلجهاڻيءَ کي ظاهر ڪرڻ (4) سلجهاڻين تي ردبدل ۽ تڪرار  (5) واجبي  غير واجبيءَ جي ڇنڊڇاڻ (6) منظور نامنظور جو فيصلو.

ڪنهن به مسئلي جي حل ڪرڻ ۾ نه هڪ پاسو خيال ڪجي  ۽ نه ڪنهن ذهني سٽا ۾ پاڻ کي ڦاسائجي. هر ڪا واٽ وري وري جاچجي ۽ نيون واٽون ڳولجن، خيال کي سخت نه جهلجهي، ڀل ته هيڏي هوڏي اڇلون کائي واٽ ڪڍي. خيال هميشه آزاد هجي، تنگ دائري ۾ سوگهو جهليل بيڪار رهندو. جيترو مسئلي جي آسپاس ميدان وڏو اوترو ان کي هر طرف کان نهاري نشان بنائي سگهبو. هيئن نه ٿيو ته هونءَ ٿيندو!

رٽڻ: رٽڻ معنيٰ بنا سمجهڻ جي ياد ڪرڻ. پنهنجي ٻوليءَ جا ڇڙوڇڙ بي مطلب لفظن جا جملا يا ڌاري ٻوليءَ جون سٽون، ساڳي  ڳالهه آهي. ڇاڪاڻ  ته ٻئي سمجهه کان خارج آهن ۽ ذهني حافظي  کان پري، رٽڻ به استعمالي ڪم چئبو نه ذهني. جهڙوڪ چاڙهيءَ تي موٽر کي ڪيئن چالو ڪجي يا بال کي ڪيئن آڱرين جو اشارو ڏجي جو ڀونڀٽ ڀريندو وڃي اسٽمن تي ٺڪ ڪري.

ڌاري ٻولي ٿي رٽڻ جي حد. بنهه طوطي جو ڪم. ڇاڪاڻ جو سمجهه کان بنهه ٻاهر آهي. ٻئي درجي  ۾ ٿيا پنهنجي ٻوليءَ جا ڇڙوڇڙ جملا، جن ۾ جملن جو مطلب ملي پر جملن جي پاڻ ۾ رفاقت  ڪانه. ٽئي درجي ۾ آهن اهڙيون سٽون، جي ڪنهن  غير واقف علم متعلق هجن، جيئن ته موسيقي يا ڪو ٻيو خاص علم، جتي لفظ واقف لڳن پر سٽ جو مطلب گم، جيسين انهيءَ علم جي ٻوليءَ سان واقفيت ٿئي. انهن ٽنهي قسمن جي تعليم ۾ ذهن ڪم ڪونه ٿو ڪري. ان ڪري تعليم ناپائدار ۽ بيسود رهندي. جيئن سنڌي سکندڙ ٻار ويهي عربي فقرن وارو وياڪرڻرٽي. هن کي ڪهڙي خبر ته فعل متعدي بالواسطا ڪهڙي بلا آهي.

جرمن ودوان ايبنگهوس، رٽڻ تي خوب  تجربا ڪيا. پنهنجي ٺاهيل بي ترتيب ۽ بي مطلب اکر ياد ڪرايائين. جيئن ته ٺج، ند، قا، ڪب، ڳو وغيره. ڏٺائين ته (1) بي مطلب لفظن کي ياد ڪرڻ لاءِ ڏهوڻا ڀيرا ڏيڻا ٿا پون (2) وسريو به جلد وڃن (3) پر وري ياد ڪرڻ سان نيٺ پڪا ٿيو وڃن (4) بي مطلب اکرن کي جي ڪنهن سر ۾ آڻجي ٿو ته سولا ياد ٿا ٿين پر بنا ڪنهن سلسلي جي ڏکيا ٿيو پون.

ذهني حافظي ۽ ويسر بابت حقيقتون:

بعضي ائين سمجهيو ٿي ويو ته مغز جي مختلف لياقتن جيئن ته سوچڻ، سمجهڻ، فيصلي ڪرڻ، ارادي يا بحث ڪرڻ وغيره . هر ڪنهن لاءِ ڪا خاص مقرر جاءِ مغز ۾ ٿي ٿئي، پر پوءِ معلوم ٿيو ته سڀ دماغي وصفون هڪ ٻئي سان ائين ته ڳتيل ٿيون ٿين جن کي ڌار ڪري بالڪل نٿو سگهجي. تجربن ظاهر ڪيو آهي ته حافظو به سمجهه وانگر گهڻين ڳالهين سان ڳنڍيل ٿو ٿئي. لفظن جي ياد، نظر، ڪن ۽ هٿ جي تحرڪي احساسن سان لاڳاپيل آهي. لفظ جي نقشي صورت اک ڏئي. آواز ڪن ڏين ۽ لکڻ جو ڀيرو هٿ جي مشڪن جي تحريڪي چال ڏئي. ان کان سواءِ مهانڊا، جايون، آواز جا سر، انگ وغيره به حافظي ۾ جاءِ وٺن ٿا. ان ڪري ائين چوڻ ته فلاڻي جو حافظو خراب ۽ فلاڻي جو چڱو ٻه مقرر درجا آهن، سو غلطيءَ کان خالي نه ٿيندو. آزمودي ظاهر ڪيو آهي ته (1) دلچسپي وڌائڻ سان خراب حافظو به سٺو ٿيو پوي (2) حافظو باريڪ تپاس ۽ جاچ سان ٻڌل آهي ۽ جاچ دلچسپيءَ سان. جيئن جاچ کي وڌائبو تيئن ان شيءِ بنسبت علم زياده ملندو ۽ ان سان مغز جا تعلق گهڻا ۽ گهاٽا ٺهندا ۽ حافظي کي پختو ڪندا. شين کي باريڪيءَ سان تپاسڻ  ۾ ئي ڪاميابي حاصل ٿيندي. حقيقت کي ڳولڻ ۽ کولڻ لاءِ سوداءُ، اورچائي ۽ صحيح فيصلي جي لياقت ضروري آهن (3) حافظو گهڻي قدر شوق ۽ جذبي سان ٻڌل آهي،خيال سان ٿورو. هتي به مجنو گهرجي. باغائي پنهنجي شوق ۾ جيڪي گلن ۾ ڏسندو سو واڍو ڪين ڏسندو. ڊاڪٽر کي دوائن جا نالا ياد ڪرڻ سهنجا، ڪلاونت کي سر، شاگرد کي موڪلن جا ڏينهن (4) مغز ڪا به ڳالهه پنهنجي واقفيت ۽ دلچسپيءَ موجب محسوس ٿو ڪري.

انجڻ جو لفظ چئو ته ڪنهن کي ريل جي انجڻ سجهي ايندي، ڪنهن کي رستي ٺاهڻ واري انجڻ، ڪنهن کي ڦٽين ٽاڻڻ واري، ڪنهن کي اٽي پيهڻ واري، ڪنهن کي پاڻي چاٻڻ واري وغيره، جنهن سان به هن جي واقفيت ۽ دلچسپي رهي هوندي. چٽڪمرو ڪنهن کي بلاڪيٽ ياد ڏياريندو ته ڪنهن کي ٻلو، ڪنهن کي شينهن، تتر، ڪو رنگين ڪپڙو وغيره جيئن سندس مغز ۾ ڪو خيال هوندو تيئن ان سان انهيءَ اکر کي ملائي ڇڏيندو. ان کي شامل خيالي يا کُکَڻُ چئبو آهي. مغز ڪا به نئين شيءِ پنهنجي موجوده علم جي روشنيءَ ۾ ڏسندو. ڪنهن نمائش جو بيان هر ڪو پنهنجي حوصلي موجب ڪندو. ٻار چنڊ کي رڪيبي معلوم ڪندو.

حافظي پيدا ڪرڻ لاءِ ضروري آهي: (1) حقيقتون گڏ ڪرڻ ۽ انهن کي مغز ۾ سمائڻ (2) سانڍڻ (3)اٿلائڻ. هاڻي جي اسين گوتم بنسبت ڪجهه ياد ڪرڻ ٿا گهرون ته ڪنهن وقت ضرور هن بابت احوال مغز ۾ سمايو هوندوسون، ان کي ايترو وقت سانڍيوسين ۽ هاڻي ان کي وري ويچارڻ ٿا گهرون.

ڪنهن بابت ڪن حقيقتن جو سمائجڻ سمجهه سان ٻڌل آهي. سانڍڻ ۾ ڪيترا ڀيرا انهن  ڳالهين کي وري وري ڌيان ۾ رکبو ته ڀلجي نه وڃن. سانڍڻ جو سمجهه تي ايترو بار نه آهي جيترو رٿ تي، ته ڪهڙين ۽ ڪيتري تعلقدارين سان ان کي شامل ڪيو ويو آهي. جذبي تي گهڻو مدار اٿس اٿلائڻ معنيٰ سانڍيل علم کي اٿارڻ يعني وري ياد ڪرڻ. بعضي جي ڪنهن جي نالي کي اٿلائڻ جي ڪوشش ڪبي آهي ته بيڪار ثابت ٿيندي آهي ۽ نالو ياد نه ايندو آهي. پر جي ڪو اهو نالو وٺندو ته هڪدم ان کي سڃاڻي چئبو ته اهو اٿلائڻ ۽ سڃاڻڻ ٻه الڳ وصفون آهن ۽ ٻنهي جي پرتال ڪري سگهجي ٿي. مثال: اڪبر اعظم ڪهڙي سال ۾ ڄائو، ڏيکاريندو ته سال ياد اٿس يا نه. سڃاڻپ لاءِ ٽي چار سن لکي پڇبو ته جنهن سال ۾ اڪبر ڄائو ان کي نشان ڪريو. ان مان معلوم ٿيندو ته انهي سال سان واقفيت اٿس يا نه.

ياد ۾ آڻڻ، سڃاڻڻ کان گهڻو ڏکيو آهي. ياد ۾ آڻڻ لاءِ مغز کي کوجنا ڪرڻي ٿي پوي پر سڃاڻڻ  لاءِ نه. ياد ۾ آڻڻ  هڪ انتخابي ڪم آهي، جنهن لاءِ مغز کي ڳولڻو ڦولهڻو  ٿو پوي. روزمرهه جي ڪمن ۾ اسين ياد ۾ آڻڻ سان ڪا ڳالهه حرف بحرف ته ڪانه ورجائيندا آهيون. اسين فقط اهي ڳالهيون مغز ۾ ڳوليندا آهيون، جن جو موجوده ڳالهه سان واسطو هوندو آهي. جي اجايون ڳالهيون ياد پونديون رهيون ته شايد موجوده دلچسپيءَ جو مورڳو رخ ئي ڦري وڃي. ڀلا جي خيال ۾ هجي ته ڪناري تي بيٺي درياءَ جو پيٽ ڪيئن ماپجي ۽ ساري جاميٽري اچي اکين اڳيان سهڙي ته شايد موجود مقصد ئي ٿڙڪي وڃي، ڇاڪاڻ ته ياد ايندڙ ڳالهين جو ان سان ڪو تعلق ئي ڪونهي.

تعلقدار ڳالهين کي ياد ۾ آڻڻ جو ڪم گهڻي قدر سمجهه سان ٻڌل ٿو رهي، جا قرابتي سلسلا ڳولي ڇنڊڇاڻ ڪري تعلقات کي نروار ڪري. حافظو جو ڏسڻ ۾ ٺيڪ اچي پر گهربل حقيقتون پيش ڪري نه سگهي ته اهو به برابر ڪين چئبو. سوال هجي در جي بولٽ جو ۽ جواب ۾ حافظو سارو در آڻي ڪڍي ته ڪهڙي ڪم جو. گهڻ ڳالهائو به ڪڪ ان ڪري ڪندا آهن جو وقتي ڳالهه جي نزاڪت صحيح ڪرڻ لاءِ ڪا انتخابي لياقت ته هوندي ڪانه اٿن، جو بامطلب ڳالهائي سگهن، باقي گڙ گڙ پئي هلندي ۽ کـُـٽي ڇوٿي!

ويسر جا سبب: ويسر يادگيريءَ جي ابتڙ آهي، ويسر ياد جي گهٽجڻ  يا بنهه بيهي رهڻ کي چئجي ٿو. جيڪڏهن نظر جون قرابتي تارون ڪپجي پون ته اک ڏسي سگهندي، پر انهيءَ شڪل  کي ماضيءَ سان گنڍي ڪين سگهندي. ساڳيءَ طرح ٻيا حواس. يادگيري ماضيءَ سان ڳنڍيل ٿي ٿئي. ساڳيءَ طرح سمجهه ۽ سڃاڻپ.  جي مغز ۾ اڳيون رشتيداريون نه هجن ته باقي ٿيون وقتي حواسي خبرون، جن تي ذهن ڪو به ڪم ڪري ڪونه سگهندو. ڏٺو، ٻڌو يا چکيو سڀ اها گهڙي هلندا پوءِ بس، ٿي گذري. مطلب  ته يادگيري حواسي خبرن تي جيڪي ڪي مغز جي اندر وهي واپري ٿو ان سان ٻڌل ٿي رهي. اهو سلسلو مغز ۾ ڪهڙو ۽ ڪيئن ٿو هلي ان جي چٽائي اڃا ڪانه ٿي سگهي آهي، ان ڪري حافظو احساس ۾ آڻي نٿو سگهجي.

ويسر جو وڏو سبب ته اهو آهي، جو ڪا ڳالهه وري وري ڌيان تي نٿي اچي ۽ رفتي رفتي پٽيءَ تان ميسارجو وڃي. جڏهن نشان بنهه جهيڻا پئيو وڃن ايتري قدر جو ياد کي اڀاري نه سگهن، ته به سڃاڻپ پيدا ڪرڻ کان ڪين گُسندا، البت ڪي من ودوان انهيءَ رايي جا آهن ته هڪ ڀيري جي مغز جي ڌيان تي ڪجهه آيو ته ڪڏهن گم ٿي نٿو وڃي. ظاهر آهي ته جڏهن به هڪواريءَ ياد ڪيل ۽ پوءِ وسري ويل شعر وري ٻيهر ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي آهي، ته پهرئين ڀيري کان ياد ڪرڻ ۾ گهٽ وقت لڳندو آهي. ڪي من ودوان وساريل ڳالهين کي مسمريزم هيٺ ياد ۾ آڻڻ جا قائل آهن.

حافظي جي سـُـن: رفتي رفتي ياد جي گهٽجڻ کان سواءِ بعضي ائين به ٿيندو آهي جو ڪو گهڻو ڄاتل نالو، جو اڄ به ورتو ويو هوندو اوچتو وسري ويندو. هاڻي هي ته ڪا اهڙي ڳالهه ڪانه آهي جا هڪ دفعي اسڪول ۾ ڌيان تي آئي ۽ نه ورجائڻ ڪري وسري ويئي. اهو نالو ته ڪئين ڀيرا ڌيان تي آيو هوندو پوءِ اوچتو سـُـن ۾ اچيو وڃي.

حافظي تي ٻـُـٽ اچڻ جي سببن مان مکيه اهو ٿو ڏسجي ته مغز ۾ ڪيتريون مشابهه ڳالهيون اچي ٿيون وڃن. جي افضل جو نالو ياد ڪرڻو هوندو ته فضل کان اڳتي وڌبو ئي ڪين نه ته اجمل تي وڃي نڪربو. فزيالاجي هن جي سمجهاڻي ائين ٿي ڏئي ته جڏهن به ٻه مشابهه نقشا مغز ۾ اچو اٽڪن ته غلط نقش يادگيريءَ ۾ تريو اچي، ڇاڪاڻ ته ڪثرت، تازگي ۽ تيزي، زياده دلچسپيءَ سبب ماضيءَ ۾ سندس پٺڀرائي ڪئي ٿي ڏسجي.

اهڙيءَ طرح حافظي ٻـُـٽجڻ بعد ياد ڪرڻ جي هرڪا ڪوشش اجائي ويندي. ان ڪري ڳالهه کي ڇڏي ڏجي ته مغز نقشي جهڳڙي کان آجو ٿئي، پوءِ عجب  نه آهي ته بنا سوچ   جي گهربل نالو تري اچي. ڏٺو ويو آهي ته ياد ڪرڻ کان پوءِ، جي مغز کي ٺاپر ٿي ڏجي ته ويسر گهٽ ٿي ٿئي. ننڊ ته ڏاڍي چڱي. ان ڪري ڏينهن وارين ڳالهين جي وسرڻ جو امڪان زياده چئبو. جي ڪجهه ياد ڪرڻ کان پوءِ مغز کي هڪدم ڪا ٻي مشغولي ملي ته ويسر گهڻي کان گهڻي ٿيندي، خاص ڪري جي ٻنهي ڪمن ۾ مشابهت هوندي ته اڙچڻ ويتر تيز. ڏسجي ٿو ته ذهن تي ليڪو چٽو آرام جي وقت ٿو پوي، پر جي ٻيا اثر به مغز تي پوندا ويا ته ڪوبه ڪونه کـُـپندو. حقيقت ۾ هي سڀ اٺسٺا آهن. حقيقت  ڇا هجي پر ووڊ ورٿ هڪڙي جوان جو مثال ڏنو آهي ته ڪيئن هو وڻ تان ڪرڻ ڪري ضربجي بيهوش ٿي ويو. ٿوري وقت کان پوءِ هوشيار ٿيو ۽ موڳائيءَ ۾ ڳمي ڳمي گهر کان وڃي نڪتو. جڏهن پوري حوصلي ۾ آيو تڏهن گهر موٽڻ يا ڌڪي کائڻ جي ياد ته ڪانه هيس، پر جيڪي پندرهن منٽ ان کان به اڳي ٿي گذريو هوس، ان کان به بيخبر هو. ڏسجي ٿو ته ڌڪ لڳڻ ڪري حافظو چٽو نٿو رهي . مغز جي تپ ۽ نشي جو اثر به مغز تي ساڳيو ٿو ٿئي.

ويسر جا جذباتي سبب: حافظي جي ٻـُـٽجڻ جا سبب اڪثر ڪري جذباتي هوندا آهن نه خيالي. ڊپ، تشويش يا جوش ۾ ڪجهه ياد اچڻ مشڪل ٿي پوندو آهي. بعضي جو ڪي ناٽڪ جا کيڏاري، اکر به اسٽيج تي چئي نه سگهندا آهن سو ان ڪري. بعضي ته ڪنهن المناڪ ڏکوئيندڙ ياد کي دٻائي اپڙڻ نه ڏبو آهي ته ڀل وسري وڃي. ان کي دٻاءَ چئبو آهي. دٻاءَ جي حالت ۾ نه  رڳو اها ڳالهه ڀلجي ويندي پر سندس قرابتي لڳ لاڳاپا به اکڙندا رهندا آهن، ايتري قدر جو ڪجهه عرصي بعد، ايتري يادگيري به ڪانه رهندي ته ان کي وسارڻ جي ڪا اسان پاڻ ڪوشش ڪئي هئي.

فرائڊ جي بينظير تصنيف مان هڪڙو اهڙو به ڪتاب آهي جو فقط روز مرهه جي رواجي حافظي جي ويسرن، لکڻ ۽ ڳالهائڻ جي ڀـُـلن، قلم ۽ زبان جي ٿڙڪڻ جي سمجهاڻين لاءِ مصروف آهي. هو پنهنجي بيمارن مان اهڙا ڪيترا مثال پيش ٿو ڪري. جتي ڪنهن کان هڪ مشهور ريلوي اسٽيشن جو نالو وسري ٿي ويو. فرائڊ مسمريزم هيٺ معلوم ڪيو ته ان جو سبب اهو  هو جو هڪڙي ڇوڪري، جنهن سان هن تڪرار هئڻ سبب سندس نالو دٻائي وسارڻ ٿي گهريو، ان جو نالو به انهيءَ اسٽيشن جي نالي سان مشابهه هو. پنهنجي آزمودي مان  ٻڌائي ٿو ته هڪڙي بيمار جو نالو اصل ياد نه ايندو هوم. اهو ان ڪري جو سندس بيماريءَ جي سڃاڻڻ ۾ غلطي ڪئي هئم. سندس آزمودن جا مثال نهايت دلچسپ ۽ معتبر آهن. البت ڪي فرائڊ سان انهي رايي ۾ شامل نه آهن ته حافظي جي ٻٽجڻ جو واحد سبب دٻاءُ آهي.

شاهديءَ تي ڀروسو: پروڙ جي خامين ۽ ياد جي ڪوتاهين کي ويچاريندي خيال ٿو ڪجي ته ڀلي ڪو ايمان وارو معتبر شاهد هجي ته به ڪيترو سندس ڏٺي ٻڌي جي اظهار تي ڀروسو رکڻ جڳائي؟ پرجهه ۽ ڌيان جي بيان ۾ معلوم ڪيوسون ته خواهش، اڊڪو، اونو، اوسيڙو ۽ دلچسپي ڪيتريون نه غلطيون پيدا ڪري سگهن ٿيون. ويسر ۽ ياد ڪيترو نه دلچسپيءَ ۽ نفرت سان اٽڪيل ٿيون ٿين. عجب ڪهڙو جو شاهدين ۾ ڪيتريون غلطيون انهي دستور واقع ٿينديون هجن. هوڏانهن دير پوڻ ڪري ڪيتريون سنهيون ڳالهيون وسريو وڃن ته ڪيتريون پنهنجي خيال مان پيدا ٿيو پون ۽ وڪيل صاحب ته مونجهاري کي ويتر منجهائڻ جا کيڏاري!

ڪو به ڏٺو يا ٻڌو احوال ذري پرزي ياد ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. وقت ته ويتر حافظي ۾ گهوٻيون هنيو ڇڏي، جن جو پورائو من گهڙت خيال ڪندا ٿا رهن. ائين به نه آهي جو ڄاڻي ٻنجهي حقيقت کي گهٽ وڌ ڪندو هجي، پر جي ڪا واردات جي ڪڙي بروقت ڌيان ۾ نه سمائي هوندي ته اها هاڻي تصور سان پوري ڪري وڃبي ۽ بنا ڪنهن ضمير جي خلش جي. بعضي ته وري جي دلچسپي هيڏي هوڏي ٿي ته مرچ مسالو به ڳنڍي وڃبو ته اوڻائي ڀرجي.

ڀلا جي ڪا واردات ڏسبي ته اتي ڪين ويهي نهاربو ته ڦيٿي تي رت لڳل آهي يا نه فوتي  اونڌو آهي، پاسيرو يا وٽيوسٽيو پيو آهي. پوءِ جي ڪو اهڙو سوال اٿيو ته تصوري ڪڙين ملائڻ کان سواءِ مورڳو ڪوڙي شاهديءَ جي تهمت هيٺ اچي وڃجي! عجب ڪونهي ته ڪو به حادثو جيئن ٿيو ۽ جيئن اظهارن ڏيکاريو، گهڻو وٿيرڪا هجن.

وولٽرس معتبر شاهدن جي بيانن ۾ وڏا فرق ثابت ڪيا آهن. هڪڙي ڀيري هن اهڙو بندوبست  رکيو جو ٻه ماڻهو سندس ڪلاس  ۾ جتي هن ويٺي پاڙهيو، اوچتو لنگهي پيا ۽ هڪ زبردست هل هنگامي جو نظارو ٿي گذريو. بعد ۾ هن ڪلاس وارن کي چيو ته واردات جو بلڪل صحيح ۽ پورو احوال لکي وٺو ته اوهان ڇا ڏٺو. نتيجو وولٽرس جي لفظن ۾ هن طرح بيٺو: پوري ۽ صحيح بيان ۾ ڏهه فقرا هئڻ گهربا  هئا جن مان سراسري فقط پنج ۽ ٽي بيان ڪيا ويا  ۽ سراسري هڪڙو بنهه غلط هو. اهڙيون زيادتون طرح طرح جون هيون. ڪي  ته مورڳو ٿيون ئي ڪين هيون ۽ ڪن جو انهيءَ ڪمري ۾ ٿيڻ امڪان کان ٻاهر هو. ڪن ڳالهين متعلق ڏيکاريو ويو ته ٻه  ڀيرا ٿيون، گوڙ واري ڳالهه ته ستر ڄڻن مان فقط هڪڙي بيان ڪئي.

ظاهر آهي ته ڪو به اڻپورو اظهار هروڀرو ڪوڙ چوڻ جي نيت سان نه آهي. هيڏانهن وري ڪيترو به ڪو شاهد چٻي چٿي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش  ڪري ته به ڪي  نه ڪي اڻ ٿيا  فقرا بي اختيار اچي ويندا، اها حقيقت آهي ته جيڪڏهن ڪنهن  به واردات جا اکين ڏٺا ڳچ شاهد هوبهو ساڳيا بيان ڏئي وڃن ته پڪ پاڙهيل هئا. ڀلا جهيڙي جي گهمسان ۾ ڪير ٿو جاچي ته فلاڻو ڪهڙيءَ طرح بيٺو هو، فلاڻي ڪيئن ڌڪ هنيو! جنهن مهل فوتي ڪريو تنهن مهل اتر ڏي منهن هوس يا ڏکڻ ڏي. پنجن جي حملي ۾ ڪنهن جي ڌڪ لڳڻ سبب وڃي واهه ۾ ڪريو، سندس پير ترڪي ويا يا ڪنهن گهلي ڪري ٻوڙيس ۽ بي خطا پاڻي کنيو ويس؟

هڪڙو شاهد اٻوجهه ۽ اڻپڙهيل، ٻيو زمانو گذري ويو، ٽيون ڪورٽ  جو رعب، چوٿو رولو، بک ٿڪ ۽ پريشاني باقي جو ڇڙهيو وڪيلن جي رهنما سوالن جي ور ته سچ به ڪوڙ، ڪوڙ به سچ!

راهنما سوال: وولٽر جو بيان آهي ته ڪلاس کي ٽي منٽ فلم ڏيکارڻ بعد ڪيترن سوالن سان گڏ اهو به پڇيو ويو ته بتي ڇت ۾ ٽنگيل هئي يا ميز تي رکيل؟ چاليهن مان اڌو اڌ هونءَ چيو يا هينءَ  حالانڪ نڪا بتي هئي نڪا ميز. وڏن شاگردن ۾ ساڳي غلطي گهٽ ٿيندي وئي پر ڪو به ڪلاس اهڙو ڪونه رهيو، جنهن مان ڪنهن نه ڪنهن بتيءَ جو بيان نه ڪيو.

بيلجم ۾ ميوسئو تجربن ڪندي سترهن، ارڙهن ورهين وارن شاگردن کان پڇيو ته فلاڻي ماستر جي ڏاڙهي جي وارن جو رنگ ڪهڙو آهي. ٻن کان سوا سڀني چيو ته ڪارو ۽ ڏاڙهي مورڳو هجيس ئي ڪانه. وڏن ڇوڪرن جي ٽوليءَ کان پڇيو ويو ته جڏهن اوهين قطار ۾ بيٺا هؤ، تڏهن هڪڙو ماڻهو مون سان اچي مليو هو نه؟ ان جو نالو لکو. ماڻهو ته ڪو به ڪونه مليو هوم، پر ٽين پتيءَ ان جو نالو به لکيو. وري انهن کي چيو ويو ته فلاڻو ڪين هو؟ ته هڪدم ذري گهٽ سڀني چيو ته ها اهو هو.

وڏا گهٽ ۽ ٻار زياده اهڙن راهنما جوابي سوالن جي آڙ ۾ سولا اچي سگهن ٿا، خاص ڪري جي سوال ڪندڙ معتبر ڏسبو. ان ڪري جڏهن به ڪنهن حقيقت جي ڳولا ۾ نڪرجي ته اهڙا سوال نه پڇجن جن جو جواب سوال مان ئي ملندو هجي، نه ته ڪنهن به حقيقت کي پهچڻ مشڪل ٿي پوندو.

افواهه: اجايا هل به ائين ئي ٿا پيدا ٿين، جو هڪڙي ٻئي سان ڳالهه ڪئي ته چاليهه سيڪڙو ڳالهه بدلجي وئي، وري جو ٻئي ٽئي سان ڪئي ته باقي رهي وڃي ڪا پتي. پوءِ تيليءَ مان ٿنڀ. ڪنهن کي ڪاري رنگ جي الٽي آئي ته خبر ائين پکڙي ته الٽيءَ ۾ ڪانءُ نڪري آيس. البت  اهڙن افواهن ۾ شرارت به اڪثر شامل هوندي آهي. خوابن جا عجيب غريب احوال به من گهڙت ملاوت سبب وڻندڙ يا ڀيانڪ ٿي ويندا آهن.

مزو ته اهو آهي جو امتحان لاءِ سوچ سان ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ به الائي ڇا لکجي ويندو آهي. ڄاڻي ٻجهي ڪير غلط لکندو اٿيو وڃي.

ياد ڪرڻ متعلق ڪي ويچار

ٽڪر ٽڪر ڪري ياد ڪجي يا سمورو: ڪو بيت ياد ڪرڻو هجي ته چار پنج سٽون ياد ڪندو وڃجي، جيسين سارو ياد ٿئي يا شروع کان آخر تائين ڀيرا ڏيندو رهجي، هڪ دلچسپ سوال آهي. ٿلهي ليکي ته جواب اهو ئي ٿيندو ته سمورو پڙهبو رهجي. ڇاڪاڻ ته ٽڪر ٽڪر ڪري پڙهڻ ۾ نظم جو پورو مطلب سمجهه ۾ ڪين ايندو، ان ڪري اهو به ڪنهن قدر رٽڻ وانگر ٿيندو. مناسب ائين آهي ته ٻه ٽي وارا سارا ڪڍي وڃجن ۽ پوءِ مضمون جي ترتيب موجب گهٽ وڌ ٽڪر ياد ڪبا هلجن ته سمجهه ياد ڪرڻ کي سولو ڪندي.

ائين ته آهي ته جي گهر جي ٻاهرئين در تائين وڃڻو هوندو يا ٻه ميل پري ته هلبو ٻنهي حالتن ۾ وک وک ڪري، پر جي پنڌ جي خبر پئجي ويئي ته ڪٿي پڪو رستو ملندو، ڪٿي پيچرو، ڪٿي ڪلر، ڪٿي سم، ڪٿي ڊاڳ، ڪٿي ڍاڪو، ته وکون به اهڙي ئي ڍنگ سان کڻبيون جو وڃي منزل کي رسجي.

اٿلاڻين جي ضرورت: هڪڙي دفعي ڪجهه به ياد ڪيو ته هميشه لاءِ ياد ڪونه رهندو. ان ڪري مناسب وقتن تي وري ورجائي ڏسجي ته ياد آهي ڪين نه. جي ٽاڪاڻا پون ته وري اٿلاڻي ڏجيس. جيئن گهڻا ڀيرا اٿلائبو تيئن پڪو ٿيندو.

مغز ۾ جاءِ وٺڻ: جيڪڏهن ڪنهن ڪم کي ياد ڪرڻ لاءِ ويهه ڪلاڪ کپن ته روز پنج ڪلاڪ پڙهڻ سان چئن ڏينهن ۾ شايد مشڪل ياد ٿئي، پر جي هڪ ڪلاڪ پوريءَ طرح پڙهي ٻه ڏينهن ڇڏي ڏبس ته مغز ۾ جاءِ وٺي لڏي لٽڪي ٿانيڪو ٿي ويندو. نئون گهر ئي جاءِ نه ڏيندو، جيسين هري مري وڃجي. ساڳيءَ طرح مغز ۾ نيون ڳالهيون، ان جي پراڻن رهاڪن سان هري مري تعلق پيدا ڪري، مغز جي ڀاتي ٿيڻ لاءِ ضرور وقت کپين. نوان خيال ڪو وقت ته مسافر لڳندا، پر جي دلچسپ هوندا ته کڻي مهمانن جو درجو وٺن.

حافظي کي سڌارڻ:  حافظي لاءِ جن ڳالهين جي اشد ضرورت آهي، سي جي ڄائي ڄم کان کريل هونديون ته سڌارو مشڪل ٿي پوندو. جيئن اک جي نظر جي قدرتي کريل هوندي ته  فقط ڪو ٽڪو پئسو ٽيڪ ڏئي سگهبيس. رواجي حالتن ۾ حافظي کان عمدي ڪم وٺڻ لاءِ ڪي اصولي تجويزون هيٺ ڏجن ٿيون:

 1.           سارو مضمون سمجهي، پوءِ ٽڪر ٽڪر ياد ڪرڻ.

 2.           ياد ڪيل ڀاڱي کي مغز ۾ جاءِ وٺڻ جو وقت ڏيڻ.

 3.           پڙهڻ کان پوءِ ڪتاب پوري (بند ڪري) ياد چئي وڃڻ .

  4.            ياد چئي وڃڻ کان سواءِ گهڻو لاڳيتو نه پڙهڻ.

  5.            ياد ڪرڻ جو مقصد مدنظر رکڻ ۽ ور ور ڏئي ياد ڪرڻ.

 6.           پوري ڌيان سان هڪ ڪلاڪ  پڙهڻ، اڌوري ڌيان جي چئن ڪلاڪن کان بهتر آهي.

ڏسجي ٿو ته چت لائي زور سان پڙهڻ ۽ وري ياد چئي وڃڻ، حافظي کي پختي ڪرڻ جا مکيه اصول آهن.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org