سيڪشن؛ سفرنامه

ڪتاب: سنڌ ۽ بلوچستان جو سير سفر

باب:

صفحو :3

سج لهڻ کان ٿورو اڳ اسان ٽن- چئن بروهين جي گهيڏڻن يا تنبن جي ڀرسان وڃي منزل ڪئي. هنن اسان کي جام کير، ڪاٺيون ۽ پاڻي آڻي ڏنو. هن خيل پنهنجيءَ رهائش لاءِ هڪ پربت جبل جي هيٺان هڪ نهايت دلڪش ۽ خاموش جڳهه ڳولي لڌي هئي. هو مڍيڻا، سادا ۽ وڻندڙ عادتن ج اماڻهو هئا. هن آرامگاهه ۾ هنن کي فقط هڪڙو فڪر هوندو هو ته پنهنجي چوپائي مال کي ڪيئن بگهڙن ۽ چراخن جي شيخون کان محفوظ رکجي. ڏينهن جو هو مال چاريندا هئا ۽ صبح شام انهن جو کير ڏهندا هئا. انهن جا مرد خواهه خالون انهيءَ ڪم ۾ ڀڙ هئا. اسان لٿاسين ۽ انهن جا ڌڻ به آيا. انهن کي نهايت انتظام ۽ تربيت سان ڏهي بند ڪيو ويو. وڏن ننڍن سڀني ان ڪم ۾ مدد ڪئي. رڍن جوکير ٻڪرين جي کير کان جدا ڏولن ۾ رکيو ويو. رڍن جي کر جو گيهه گهڻو وقت نه رکي سگهبو آهي، پر تازو هوندو آهي ته بروهي ان کي وڌيڪ پسند ڪندا آهن، جو اهو طاقت وارو سمجهيو ويندو آهي. گهر جو ڪم ڪار لاهي زالون ۽ ٻار اچي اسان سان سواءِ ڪنهن شڪ شرم جي چلهه تي ڳالهيون ٻولهيون ڪرڻ ويٺا. هنن ۾ مهمان نوازيءَ جو ڏاڍو انگ هو. هو سڀ سواءِ ڪنهن طمع يا لالچ جي اسان جي خدمت ڪرڻ لاءِ منتظر هئا. هنن جهنگلي ۽ غير مهذب ريڍارن جو اسان سان برتاءُ ڪيو، ان جو قدر فقط اهي ڪري سگهن ٿا، جن اسان جهڙو سفر ڪيو هوندو. اسان پنهنجي ميزبان جي ڌيءَ کي ماني پچائڻ لاءِ اٽو ڏنو هو. انهيءَ بهاني تي ته ماني تيار هئي يا نه، مان هن جي گهيڏڻ ۾ گهڙي ويس. هنن جي عجيب گهر ۾ ڇا صفائي ۽ آرام هو! گهر سنهين ڪاٺين جو ٺهيل هو، جن کي ورائي مٿان ڪارا ڪمبل ويڙهي ڇڏيا هئائون. جنهن گهر ۾ ڇا صفائيءَ ۽ آرام هو! گهر سنهين ڪاٺين جو ڄهيل هو، جن کي ورائي مٿان ڪارا ڪمبل ويڙهي ڇڏيا هئائون. جنهن گهر ۾ مان ويس اهو ايڏو مس هو جو ماڻهو مشڪلات سان بيهي سگهي. ان جي ڊيگهه ڏهه ٻارهن وال ۽ موڪر ڏهه- ٻارهن فوٽ هئي. ان ۾ آسائش لاءِ ٿلهيون فراسيون وڇايل هيون، جي بروهين جون زالون ٺاهينديون آهن. هڪ پاسي تي باهه پئي ٻري. دونهين جي نيڪال لاءِ بادبان ڪونه هو ۽ دونهون دروازي مان ٿي ٻاهر نڪتو، جنهن ڪري البت گُهٽ پئي ٿي. پر ان ڪري گهيڏڻ ۾ گرمائش هئي، جا هنن غريب ماڻهن لاءِ، جن کي جان تي پورو ڪپڙو به ڪونه هو، هڪ وڏي نعمت هوندي. يورپ خواهه ايشيا ۾ مون ڪٿي به اهڙا ماڻهو ڪونه ڏٺا آهن، جي اهڙين ناموافق حالتن هيٺ ۽ اهڙين ٿڌين ڪوسين جاين ۾ رهندا هجن.

4- فيبروري: اڄ صبح جو اسان پنهنجن مسافر نواز ميزبانن کان جدا ٿياسين، موڪلائڻ وقت اسان کين سندن نيڪيءَ جي عيوض اڇو جوڙيءَ جو ڪپڙو ۽ تماڪ ڏنو. جن جي کين پئسي کان زياده ضرورت هئي، اسان پنجٽيهه ميل هڪ ويران پهاڙي علائقي مان خراب رستن جن ۾ ٽُڪر ٽُڪر تي ڏکيا ۽ اونها گهارا ۽ ناليون هيون پنڌ ڪري، ٽين بجي شام جو اچي خوزدار ۾ پهتاسين. هن موسم ۾ مسافر ڏسي ماڻهن ۾ گهڻو چؤٻول پيدا ٿيو ۽ سڀ اسان کي شڪي ۽ بدگمان نظرن سان ڏسڻ لڳا. اسان بازار مان لنگهي سڌو هڪڙو هندوءَ جي گهر وياسين، جنهن سان شناسائيءَ لاءِ اسان کي آخر هڪ رهڻ جيتري خالي ڇپر ملي، جتي رات گذاريسين، ٿوري وقت ۾ اسان کي کاڌو ۽ وهٽن لاءِ داڻو پاڻي به مليو.

5- جنوري: اڄ اسان سودو سامان وٺڻ ۽ اُٺن کي آرام ڏيڻ لاءِ خوزدار ۾ ترسياسين. اسان سان ڪيترا ماڻهو ملڻ آيا، جن ۾ قنڌار جو هڪ معزز سوداگر به هو. جنهن پنهنجي شهر ۾ وڪري لاءِ هتان پنج سؤ رڍون خريد ڪيون هيون، قنڌار خوزدار کان گهٽ ۾ گهٽ پنج سؤ ميل پري ٿيندو. چيائين ته مون توهان کي ان ڪري تڪليف ڏني آهي جو منهنجو هڪ چاچو ڪيترا سال ٿيا ته هندستان ويو هو ۽ اتان وري ڪونه موٽيو آهي، توهان ۽ اسان جو پيشو[1] ساڳيو آهي. تنهنڪري مون سمجهيو ته شايد توهان هن کي سڃاڻندا هجو، هو اسان سان سڄا ٻه ڪلاڪ ويٺو هو، هن سمجهيو ته اسان مسلمان آهيون ۽ اسان به هن جي اها غلطفهمي دور ڪرڻ مناسب نه سمجهي. شام جو هڪ هندو فقير اسان سان مليو جنهن چيو ته مان ايران، خراسان، سيستان، ڪشمير ۽ بخارا وغيره جون زيارتون ڪري آيو آهيان. توهان کي انهن ملڪن جو ڪو حال احوال کپي ته مان ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. اسان هن کان ٿورا سوال پڇيا ته متان شڪ نه پويس، پر هن کي گهڻو علم ڪونه هو، ممڪن آهي ته هو گهڻو گهميو هجي، پر هن اکيون کولي ڪجهه ڪونه ڏٺو هو.

اڄ هتي رهڻ ڪري اسان کي شهر ڏسڻ جو موقعو مليو. شهر ننڍڙو آهي، منجهس پنجن سوَن کان وڌيڪ گهر ڪونه آهن. اهو جبلن جي وچ ۾ هڪ ماٿريءَ ۾ ٺهيل آهي ۽ چوڌاري ننڍو مٽيءَ جو ڪوٽ اڏيل اٿس. ڪوٽ جي اندر ٻه- ٽي باغيچا آهن، جن ۾ موسم تي انگور، انجير، شڪربالا ۽ باداميون، صوف وغيره پيدا ٿيندا آهن. جڏهن اسان اتي هئاسين، تڏهن وڻن ۾ پن ڪونه هئا ۽ تهه سيارو هو. گرميءَ جي موسم ۾ قنبراڻيءَ قوم جو سردار ۽ قلات جي حاڪم محمود خان جو سالو مير مراد علي، خوزدار ۾ رهندو آهي. هو ان وقت ڪڇ گنداوا[2] ويل هو، پر سندس نائب جو هڪ بيحال ٻڍو ماڻهو هو، سو اسان سان ملڻ آيو، چيائين ته معاف ڪجو جو ڪالهه شام جو اوهان سان ملي نه سگهيس، منهنجي طبيعت ناساز هئي. اسان چيس ته اسان مير صاحب لاءِ لس جي ڄام جو خط آندو آهي، پر اسان کي ساڻس گڏجڻ جي اميد هئي، تنهنڪري خط پاڻ وٽ رکيوسين. خوزدار جا رهاڪو اڪثر ملتان ۾ شڪارپور[3] جا هندو آهن، انهن جي شهر ۾ ايتري هلندي آهي جو شهر جي دروازي جون ڪنجيون روز رات جو مکيه برهمڻ جي حوالي ڪيون وينديون آهن، اتي برهمڻن جي نُک جا ڪيترا ماڻهو رهندا آهن. اهي ڪالي ماتا جي مندر ۾، جو هنن اتي ٺهرايو آهي خدمت ڪندا آهن. هو بدچلن ۽ بدڪار ماڻهو آهن، ۽ اسان جي هوندي سمورو وقت تماڪ پيئندا، ڀنگ[4] کائيندا ۽ باهه تي ويٺا هوندا هئا، انهن اوَگڻن ڪري، هو ضعيف ۽ قبل از وقت ٻڍا نظر ايندا هئا. انهن برهمڻن جي ڪري بازار هميشه ڀرپور هوندي آهي. انهن ٻه چرخيون به ٺهرايون آهن جي هڪ نهر جي زور تي هلنديون آهن، جا ماٿر مان وهي ٿي.

6- فيبروري: حوزدار کان بنڪر تائين مفاصلو ڏهه- يارهن ميل، رستو سٺو خوزدار ۽ باغوان جي نالي سان به سڏبو آهي. خوزدار وانگي باغوان به مراد علي قنبراڻيءَ جو ڳوٺ آهي، پر ان جيڏو آهي، ان جهڙو آباد. ڳوٺ جا سڀ ماڻهو سواءِ ٻن بروهين جي گهرن جي ڪڇ گنداوا لڏي ويا هئا.

7- فيبروري: اڄ صبح جو اسان جي پاڻيءَ جون مشڪون[5] ڄمي برف ٿي پيون. اسان جا ماڻهون اَٺين بجي کان اڳ نڪرن ڇو ٿا. اسان اَٺين بجي سوار ٿي نڪتاسين، ۽ هڪڙي ويران ۽ غيرآباد علائقي مان خراب رستن تان جبلن جي مٿان ۽ وچان پنجاهه ميل پنڌ ڪري ٿڪجي ٽٽجي سهيرآب يا سرياب جي ڳوٺ ۾ جو سرياب جي پٽ ۾ واقع آهي، نائين بجي رات جو پهتاسين. سج لٿي کان پوءِ اهڙي ته اچي ٿڌ پيئي جو اسان لهي اُٺن کي مهارن کان وٺي هلياسين، اُٺ بک ۽ ٿڪ ۾ ساڻا ٿي پيا هئا. ڳوٺ ۾ اسان کي هڪڙي مينگل بروهيءَ باهه جو مچ ٻاري ڏنو. هن پنهنجي جاءِ به اسان کي رهڻ لاءِ ڏني ۽ پاڻ پنهنجا ٻچا وٺي وڃي هڪ پاڙيسريءَ جي گهر ۾ رهيو. سوهيراب جي ماٿري تمام ڪشادي آهي. ان جي ڊيگهه ٽيهه- چاليهه ۽ ويڪر ڏهن کان ويهن ميلن تائين ٿيندي. ماٿريءَ کي هڪڙي نهر آباد ڪري ٿي، جنهن کي پهاڙن مان چشمن جو پاڻي ملي ٿو. ان ۾ ٽي- چار ڳوٺ آهن جي سکر واري مير مراد عليءَ جي ڀائرن جا آهن. انهن کي اتي پنهنجيون جايون آهن، جتي هو اونهاري ۾ ڪجهه وقت شڪار جي خيال سان رهندا آهن. انهيءَ پَٽ جي ٻنهي پاسن کان اوچا جبل آهن، جن جي چوٽين تي برف هوندي اهي. اڄ اسان دير سان هڪ ٻيو به برف سان ڇانيل پهاڙ ڏٺو. اسان کي پوءِ معلوم ٿيو ته اهو قلات کان پنجهتر ميل سڌو اُتر طرف هو، جتان اسان جي ان تي پهريان نظر پئي هئي. اتان اهو گهٽ ۾ گهٽ ڏيڍ سؤ ميل هوندو.

8- فيبري: سوهيراب کان رودنجي تائين ڇويهن ميلن جي منزل آهي. رستو سمورو غالباً سوهيراب جي پَٽ مان لنگهي ٿو جو سوهيراب کان ٽي ميل پرتي پورو ٿئي ٿو. وچ ۾ رستي تي هڪ سراءِ آهي، جنهن کي سرمہ سنگ سراءِ، يعني مسافرخانه، ڪاروان يا سراءِ چوندا آهن. ان جي آسپاس سرمو گهڻي انداز ۾ لڀندو آهي. اها سراءِ اٺن جي قافلن لاءِ هڪ منزل آهي ۽ ان جي ويجهو سٺو پاڻي ملندو آهي. رودنجي جي ڳوٺ ۾ به جهوپڙيون آهن. کوهن کان سواءِ ٻيو پاڻي اتي ڪونه آهي ۽ هو به نه سٺو آهي ۽ نه مئو. آسپاس وارو علائقو ويران ۽ غيرآباد آهي. تعجب آهي ته ڇو ٻُڌيءَ وارا انسان اهڙي گنديءَ جاءِ تي ديرو ڪري ويهن ٿا، جڏهن ٿوري مفاصلي تي کين هڪ زرخيز ۽ آباد، علائقي جي نعمت حاصل ٿي سگهي ٿي. ائين آهي ته قلات ۽ سوهيراب جي وچ ۾ اها هڪ ئي منزل آهي جتي ترسي سگهجي ٿو ۽ جتي ان ڪري اناج ۽ ٻين شين جي ضرورت پوي ٿي.

انهيءَ جاءِ تي رودن جو نالو ڇو پيو، تنهن لاءِ هڪ عجيب ڏند- ڪٿا آهي، جنهن ۾ سڀ مڪاني ماڻهو سورهن آنا يقين رکندا آهن. چون ٿا ته هڪڙي سياري جي نهايت ٿڌيءَ رات جو ٻه سوداگر اتفاق سان اتي اچي گڏيا. هڪڙي کي موٺ ۽ ٻئي کي نير جو اُٺ ساڻ هو. انهن ٻن رنگن کي بلوچي ٻوليءَ ۾ رودن ۽ جو سڏيندا آهن. نير واري اُٺ جي واپاري پنهنجو ڪجهه قيمتي وکر نقصان پائي ڪجهه موٺ سان بدلايو جا هن ٻاري پنهنجي حِاتي بچائي. پر موڄ جي ڪنجوس مالڪ پنهنجي باقي بچيل وکر کي هٿ به نه لاٿو ۽ اهڙيءَ طرح ٿڌ جي وگهي مري ساهه ڏنائين.

فصل (3)

9- فيبروري: اڄ اسان رودنجيءَ کان پنجويهه ميل سفر ڪري شام جو قلات جي شهر ۾ پهتاسين. وچ وارو سمورو علائقو پهاڙي هو. ڪٿي ڪٿي وڏيون جهنگل جون ٽُڪريون هيون. رستو غالباً اتر- اوڀر جي ڏِس ۾ هو. ڪيترن هنڌن تي مٺو پاڻي ملي سگهيو ٿي. شهر جي آسپاس ڪيتريون بستيون آهن. جڏهن اسان انهن مان لنگهي شهر جي ڏاکڻٻئين دروازي وٽ پهتاسين ته اتي پهريدار تفنگچين اسان کان پڇيو ته توهان جو مقصد ڪهڙو آهي ۽ ڪٿان آيا آهيو. اسان هنن کي انهن سوالن جا مختصر جواب ڏنا ۽ چيوسونِ ته سندرجيءَ جي گماشتي شالو مل هندوءَ جو گهر ڏيکار جو اسان کي هن لاءِ ڪي هنڊيون ۽ سفارش جا خط آهن. انهن مان هڪڙو اسان کي بزار ۾ هن جي دڪان تي وٺي هليو. اتي اسان واري هندوءَ کيس چٺيون ڏيکاريون ۽ کانئن رهڻ لاءِ جاءِ طلب ڪئي. شالو مل ۽ هن جي پٽ اسان کي صلاح ڏني ته توهان ڪوٽ جي ٻاهران ڪا جاءِ مسواڙ تي وٺي ان ۾ رهو جو اتان جي آبهوا شهر جي سوڙهين ڳلين کان وڌيڪ صحت بخش آهي. اها صلاح اسان کي وڻي ان ۾ هڪ فائدو اهو هو ته اتي اسان کي نويڪلائي هئي، جنهن جي اسان کي ان وقت سخت ضرورت هئي. شالو مل جو پُٽ اسان سان گڏجي هليو. اسان قلعي ۽ پسگردائيءَ وارين بسترين مان لنگهي هڪ نهر جا ماٿريءَ مان وهي ٻاهر ٿي ويئي، هڪ باغ ۾ پهتاسين جتي اهو گهر هو. اسان جي همراهه گهر جي مالڪ سان ڳالهائي اسان کي ٻڌايو ته هيءَ اها جاءِ آهي جنهن جي پتا توهان سان ڳالهه ڪئي هئي. هيءَ جڳهه توهان گهوڙن جي سوداگرن لاءِ خاص طرح موزون آهي جو ان کي ڪوٽ سان هڪ اڱڻ آهي، جنهن ۾ سٺ- ستر گهوڙا بيهي سگهن ٿا.

گهر چڱو خاصو هو. ان جون ڀتيون ٻيلي جي ٻين جاين وانگر ڪاٺ جي مَڏ جون ٺهيل هيون جنهن جي مٿان ڪهگل ٿيل هئي. اسان جاءِ والاري، تنهن کان پوءِ جلد ئي شهر جا سڀ سکر هندو اسان سان ملاقات ڪرڻ لاءِ آيا. شالو مل انهن جو اسان سان تعارف ڪرايو. انهن مان ڪيترن لاءِ اسان کي چٺيون هوين جي اسان کين ڏنيون. هنن اسان جي چڱي خاطرداري ڪئي، مگر چيائون ته توهان ڪمهليءَ موسوم ۾ آيا آهيون جو خان پنهنجي ڪٽنب سان ۽ قلات جا سڀ مکيه ماڻهو به ٿڌ سبب ڪڇ گندوا هليا ويا آهن، پر جي توهان ٻه مهينا اتي رهندا ۽ بهار جي مُند شروع ٿيندي تيئن هو به واپس موٽي ايندا. ان وقت واپاري به قنڌار مان ايندا پوءِ توهان کي جيترا گهوڙا خريد ڪرڻا آهن، اوترا وٺي سگهو ٿا. اسان جواب ڏنس ته اسان جو به اهڙو ئي ارادو آهي. اسان سوير فقط ان ڪري آيا آهيون ته جيئن سڀ کان سٺو مال پسند ڪري وٺون. هڪڙو ٻُڍو هندو جو اسان جي ڪراچيءَ واري دشمن، سيٺ ڌريوڌن جو گماشتو هو، اسان کي خاص طرح ڏکيو پيو ۽ اسان جي منزلن ۽ مقصدن جي پڇ پڇا ڪرڻ لڳو، صاف چئي ته مون کي توهان جي نيت ۾ شڪ آهي. تعجب آهي ته منهنجي لاءِ ڪابه چٺي ڪانه آندي اَٿوَ. هن جي ڳالهائڻ جي نوع مان ڪئپٽن ڪرسٽيءَ ۽ مون کي خاطري ٿي ته هن کي اسان جي اچڻ جو اڳواٽ اطلاع پهتل هو ۽ کيس اسان جي حرڪتن[6] تي نظر رکڻ لاءِ هدايتون مليل هيون. خير اسان آخر انهيءَ فرضي جاسوس ۽ سندس دوستن کان پنهنجي جند ڇڏائي؛ انهيءَ بهاني تي ته اسان کي هاڻي کاتو کائڻو آهي. شام جو دير سان شالو مل اسان کان پڇڻ آيو ته توهان کي ڪنهن شيءِ جي ضرورت نه آهي. اسان کي جيڪا جان تي پوشاڪ پيل هئي تنهن کان سواءِ اسان ٻيو ڪوبه ڪپڙو لٽو پاڻ سان ڪونه آندو هو، تنهنڪري اسان چيس ته اسان کي هجي. اسان کانئس ٻين ڪن ضروري شين مهيا ڪري ڏيڻ لاءِ به استدعا ڪئي. هن جي وڃڻ کان پوءِ اسان پنهنجون ڪمليون[7] وڇائي آرام سان سمهي رهياسين. ٿَڪ کان پوءِ ٿوروئي آرام ڪهڙي نه نعمت آهي.

10- فيبروري: اڄ قلات جي خان جي ڀاءُ مير مصطفيٰ خان جي داروغي جو نياپو پهتو ته معاف ڪجو جو مان علالت سبب توهان جي روبرو اچي خدمت نه ڪري سگهيو آهيان، جيڪڏهن ڪنهن به شيءِ جي ضرورت  هجيوَ ته مهرباني ڪري بنان حجاب جي حڪم ڪيو. اسان هن جي شڪر ادائي ڪئيسين ۽ چوائي موڪليو سونس ته اسان جڏهن شهر آياسين تڏهن سندس قد مبوسي ڪنداسين. ڪلهه وانگر اڄ به اسان وٽ ڪيترائي ملاقاتي آيا، انهن سان ڏاڍي دلچسپ گفتگو ٿي. هو اڪثر بابي قوم جا افغان هئا جي تجارت جي خيال کان قلات ۾ رهيل آهن. هنن اسان کان بمبئيءَ جي واپار متعلق پڇا ڳاڇا ڪئي، اسان سان جو هندو هو تنهن کي خوشقسمتيءَ سان بزار جي خبر هئي، تنهنڪري هو انهن جي سوالن جا خاطريءَ جهڙا جواب ڏئي سگهيو.

انهن ۾ فيض محمد نالي هڪڙو خوشپوشاڪ ماڻهو هو، جنهن چيو ته مان هڪڙي انگريز کي جو اڳي ڪراچيءَ (سنڌ) ۾ سفير هو، چڱيءَ طرح سڃاڻان. ظاهر هو ته هن اها ڳالهه انهيءَ معلوم ڪرڻ جي ارادي سان ڪئي هئي ته اسان انگريز آهيون يا نه، ۽ اسان جو مقصد ڇا آهي. اسان ان ڳالهه کان صفا اڻڄاڻائي ڏيکاري. مون چيس ته مان سندرجيءَ کان ٻڌو آهي ته انگريزن کي ڪنهن وقت سنڌ ۾ ڪوٺي هوندي هئي، آخر انهن مان هڪڙي ڦاٽ کاڌو، ۽ پنهنجن رفيقن کي پشتي[8] ۾ چيو ته مون هنن ٻنهي کي اڳئين سال سنڌ ۾ سفير سان ڏٺو هو. اسان کي پشتو زبان ايترو ايندي هئي، جو هن جي لفظن جو مطلب سمجهي سگهون. هن کي اسان کي ظاهر ڪرڻ جي منصوبي جي خبر نه هئي، تن جي شڪيلن مان ظاهر هو ته هنن جي دل ۾ ڇا ٿو گذري. اسان هوڏ ٻڌي بيٺاسين ته اها ڳالهه غلط آهي، ڄام جا ماڻهو جي ان وقت اتي هئا تن اسان جو طرف ورتو ۽ انهن تي جوڳيون ٺٺوليون ڪيون. پر پٺاڻ به نٺر هو، تفصيلوار وقت ۽ جاءِ، جتي اسان کي ڏٺو هئائين. ٻڌائڻ شروع ڪري ڏنائين. ڪئپٽن ڪرسٽيءَ پوءِ ٻڌايو ته جيڪي هن چيو پئي، سو لفظ بلفظ صحيح هو. اتي فيض محمد وچ ۾ پئي نهايت موزون لفطن ۾ چيو ته حِاتيءَ ۾ گهڻيون ئي لاهيون چاڙهيون آهن، جيئن مقدر ۾ لکيل آهي، ائين ئي ٿيندو. ان مان هن جو مطلب هو ته اسان انهيءَ ڳالهه جو انڪار هن ڪري ٿي ڪيو جو اسان اهو اقرار ڪرڻ نٿي گهريو ته اسان جي ڪا هاڻي سَقيم حالت ٿي ويئي هئي. خير، هن جو ڪهڙو به مقصد هجي، پر انهيءَ نڪتي سڄيءَ جماعت کي خاموش ڪرائي ڇڏيو، ۽ اسان متعلق وڌيڪ ڇيڙڇاڙ ڪانه ڪيائون، جنهن لاءِ اسان سندس شڪر گذار هئاسون.

اهي بابي قلات ۽ بلوچستان جي ماڻهن کان وڌيڪ باخبر هئا، پر تنهن هوندي به کين پنهنجي سماج کان سواءِ اُٿ- ويهه ۽ آداب ورسوم جي خبرچار ڪانه هئي، هنن سان قنڌار، ڪڇ، گندوا ۽ ٻين جاين جي، جي هنن گهڻا دفعا ڏٺيون هيون، ڳالهه ٻولهه ڪئي ته هو سمجهن پيا، ۽ معقول جواب ڏئي پئي سگهيا. پر جيڪڏهن ڪنهن اهڙيءَ جاءِ جو ذڪر پئي نڪتو جا هنن ڪانه ڏٺي هئي ته پوءِ هو هڪ سال جي عمر جي ٻالڪ کان به وڌيڪ بي سمجهه هئا. مون ايشيا جا جيڪي ملڪ ڏٺا آهن، انهن سڀني جا ماڻهو ائين ئي آهن، مون کي پنهنجي آزمودي مان خبر آهي ته جيستائين انهن کي ڪو خاص مقصد خيال ۾ نه هوندو آهي، تيستائين هو ڌارين ملڪن جي خبرچار ۽ علم حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪونه ڪندا آهن. ائين آهي ته پنج ئي آڱريون برابر نه آهن، پر اهڙا ماڻهو آڱرين ڳڻيا مس ملندا. تحقيق هند و هڪدم ٻڌائي سگهندو ته سندس وکر ڪٿي اگهه ڪندو. هڪ مسلمان گهوڙن جي سوداگر کي خبر آهي ته مال ڪٿي سٺو ۽ سستو ملندو. پر اتي طمع جو سوال آهي، جنهنڪري هو باخبر رهن ٿا. ڪيترن ماڻهن کي منهنجا هي نُڪتا شايد معقول نظر نه اچن، پر مون کي هڪڙا ٻه سوال ياد ٿا پون، جي  انهيءَ ماڻهوءَ پڇيا هئا، جنهن اسان کي سفير وٽ ڏٺو هو، ۽ جنهن کي ان ڪري وڌيڪ صحيح علم هئڻ کپندو هو. هن اسان کان نهايت گنڀيرائيءَ سان پڇيو ته بمبئيءَ جو فرنگي گورنر هندو آهي يا مسلمان؟ وري ٿوري وقت کان پوءِ ڪمپنيءَ جو نالو وٺي پڇيائين ته مائيءَ جي عمر ڪيتري ٿيندي، مون پهريان هن جو مطلب نه سمجهيو، پر پوءِ چيائين ته مان هميشه سمجهندو آهيان ته ڪمپني ڪا هڪ ٻڍي عورت آهي جنهن وٽ اکٽ مايا آهي. هن جي اها حماقت ڏسي مون لاچار کيس سمجهايو ته جنهن کي يورپي ماڻهو ڪمپني ٿا چون، سا سرڪار يا حڪومت آهي، مگر مون کي شڪ آهي ته ڪا اها ڳالهه هن جي مغز ۾ ئي ويٺي هوندي. چيائين ته تون ضرور صحيح هوندين، ڇاڪاڻ ته مون پاڻ خيال پئي ڪيو ته مائيءَ جي عمر ڇا هوندي، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ پنجاهه سال اڳ، جا ڪوٺي هوندي هئي سا ڪمپنيءَ جي ڪوٺي سڏبي هئي.

بابي سوداگر اڪثر ٺاهوڪا شڪل جا هوندا آهن، اسان جيڪي به ڏٺا، سي مضبوط ۽ سٺن رَوشن وارا هئا ۽ اٿڻ- ويهڻ جي فضيلت هُينِ. هن موسم يعني سياري ۾، هو اڇي ڪپڙي يا رنگين سلڪ جو پهراڻ ۽ ڪپهه سان ڀريل ڇيٽ جو الخليق يا انگرکو[9] پائيندا اهن، هيٺان نيري رنگ جي ريسمي يا سوٽي سلوار ڊگهي ۽ ويڪري هوندي اٿن، سکر ماڻهو رنگارنگي جوراب پڻ پائيندا آهن، سندن دستارون پوريون پنيون هونديون آهن. هو اڪثر رواجي لونگيون يا ريشمي ڪپڙي جو هڪ ڊگهو ٽڪر جمني ٽوپيءَ جي مٿان ويڙهيندا آهن، جڏهن ٻاهر نڪرندا آهن، تڏهن مٿان دنبي جي کلن جو پوستين وجهندا آهن، جنهن جي پشم اندران هوندي آهي. اهي پوستين تمام گرم هوندا آهن. ان کان سواءِ هو هٿ ۾ يا ڪلهي تي هڪ ٻي فالتو لونگي (بوڇڻ) به کڻندا آهن. هو اونهاري ۾ گرم ڪپڙا ڪونه پهريندا آهن، فقط هڪ سنهون سوٽي ڪپڙي جو پهراڻ ۽ ڇيٽ جو هلڪو ڪڙتو پيل هوندو اٿن. گهڻا ته پٽڪي جي بدران هڪ ڪپهه جي ڀريل ٽوپي پائيندا آهن. شام جو هڪ افغان اسان ڏانهن سُڪا زردالو سوکڙي ڪري موڪليا، اهي اسان ٻه ڪلاڪ پاڻيءَ ۾ ڀڄائي کاڌا ۽ تمام لذيذ هئا. هو زردالن جي بادامي ڪڍي اُس ۾ سُڪائيندا آهن.

12، 13 ۽ 14- فيبروري: پهريون ڏينهن هن سال سياري جو ٿڌي ۾ ٿڌو ڏينهن هو، انڪري شام جو اسان کي آرام مليو. نمڪين ماڻهن کان اهو ڪونه پهتو جو شهر مان نڪري اسان جي گهر اچن، تنهنڪري اسان کي بمبئيءَ خطن لکڻ جو موقعو مليو. ان ڏينهن اهڙي ته ٿڌ هئي جو مون جڏهن ٻارهين بجي اُس ۾ ويهي هٿ پئي ڌوتا ته پاڻي زمين تي ڪِرڻ سان ڄمي برف ٿي پئي پيو. شام جو ائين پئي نظر آيو ته ڄڻ سخت برف ڪِري آهي ۽ سخت ڪوهيڙو هو، پر نوين بجي رات جو صفائي ٿي ويئي ۽ رات جو سخت پارو پيو.

13- تاريخ هرات جو هڪ غلزئي[10] سوداگر اسان سان ملاقات ڪرڻ آيو. هو هگ جي چاليهن اُٺن جو پاڻ سان هڪ قافلو[11] وٺي آيو هو. هن کي بمبئيءَ ۾ سندرجيءَ لاءِ چٺي کپندي هئي جو سمجهيائين پئي ته سندرجي کيس سندس مال نيڪال ڪرڻ ۾ مدد ڪندو. اسان ان معاملي ۾ هن جي مرضيءَ مطابق مدد ڪئي، جنهن لاءِ هو نهايت شڪر گذار ٿيو. ايتريقدر جو چيائين ته توهان جو ڪو ماڻهو منهنجي مال سان وڃي ته مان قنڌار مان توهان کي جيڪي گهوڙا کپن سي وٺي آڻي ڏيان. مگر اسان ڪن سببن ڪري سندس هي ٿورو کڻڻ لاءِ تيار نه هئاسين، تنهنڪري کانئس معافي ورتيسين. موڪلائڻ وقت چيائين ته مان قلات ۾ جيترا ڏينهن آهيان توهان سان روز ملڻ ايندس. ٻئي ڏينهن 14- تاريخ هو اسان وٽ وري آيو، ٻه ڪلاڪ ڳالهيون ٻولهيون ٿينديون رهيون. هن جي گفتگوءَ مان اسان معلوم ڪيو هو ته هو اسان کي مسلمان ٿو سمجهي. وڃڻ وقت پڇيائين ته توهان جي ذات ۽ ملڪ ڪهڙو آهي. ڪئپٽن ڪرسٽيءَ انهيءَ سوال جو جواب اڳيئي ٺاهي رکيو هو. هڪدم چيائين ته اصل ازبڪ نسل مان آهيون ۽ ڪيترين پيڙهين کان هندستان ۾ رهندا اچون ٿا. هو انهيءَ جواب تي مطمئن ٿيو ۽ چيائين ته توهان جو رنگ حق تي گورو آهي.

15- فيبروري: درزي اسان جا نوان ڪپڙا ٺاهي کني آيو جي پائي اڄ اسان شهر گهمڻ وياسين. شهر سڄو ڏسي ٻه ڪلاڪ بزار ۾ شالو مل جي دڪان تي اچي ويٺاسين. اسان جا ڪپڙا بابي سوداگرن جهڙا هئا. قلاتي پوشاڪ ۾ اسان جي شڪل ئي بدلجي ويئي. بابي، بوڇڻ هٿ ۾ کڻندا آهن جو هو هڪ عجيب انداز ۾ ڪلهي جي مٿان وجهندا آهن. مون بوڇڻ اوڙهڻ جو اهڙو ڪرتبو ڪيو هو جو هڪڙو افغان رستي تي ڏسي، ڊوڙندي اچي پشتو ۾ پڇيائين ته توهان قنڌار رستي تي ڏسي، ڊوڙندي اچي پشتو ۾ پڇيائين ته توهان قنڌار ڪڏهن ويندؤ، اسان جي سونهين جواب ڏنس ته اڃا فيصلو ڪونه ڪيو اٿس. اهو ٻڌي سوالي هليو ويو ۽ پنهنجي چوڪ محسوس ڪانه ڪيائين. هي شهر سڄي بلوچستان جي گاديءَ جو هنڌ آهي ۽ ان ڪري قلات سڏبو آهي. قلات لفظ جي بلوچي زبان ۾ معنيٰ آهي شهر. قلات هڪ سرسبز ۽ آباد پٽ يا واديءَ جي اولهه ۾ جا اٺ ميل ڊگهي ۽ ٻه يا ٽي ميل ويڪري آهي، هڪ مٿانهينءَ زمين تي آهي. شهر چورسي شڪل جو ٺهيل آهي، جنهن جي بن پاسن کان ارڙهن يا ويهه فوٽ اونچي ديوار ڏنل آهي. اڍائي- اڍائي سؤ قدمن تي مورچا ٺهيل آهن. مورچن ۽ ديوار ۾ توبچين لاءِ ڪيترا شگاف نڪتل آهن. پر هن وقت اتي توبون رکيل نه آهن. قلعو اهڙيءَ ته زبون حالت ۾ آهي جو مان سمجهان ٿو ته توبن جي بار سهڻ جي قابل نه آهي. شهر جي چوٿين پاسي جيڏانهن ٽڪريءَجو الهندي طرف وارو منهن نڪري ٿو، جنهن ۾ شهر جو ڪجهه حصو ٺهيل آهي، ان پاسي کان ٽڪري سڌي اُڀي تراش ٿيل آهي. ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي قلات جي حاڪم محمود خان جو محل بيٺل آهي، جتان شهر ۽ ان جي پسگردائيءَ چڱيءَ طرح ڏسڻ ۾ اچي ٿي. محمود خان هاڻي بلوچستان جو نالي ماتر بيگ آهي، مون کي اندر محل ڏسڻ جو موقعو ڪونه مليو، پر ٻاهران ڏسڻ ۾ آيو ته محل ڏنگين ڦڏين ڪچين جاين جو هڪ ڍير آهي، جاين جون ڇتيون سنئيون آهن، ۽ ڪوٽن کي ننڍيون ڀتيون ڏنل آهن، جن ۾ ڪوٽ وانگر سوراخ ٿيل آهن.

ٽڪريءَ جي ان حصي کي جتي خان جي جاءِ آهي، برجن سان مٽيءَ جو ڪوٽ ڏنل آهي، ان جي حالت قلعي جي ٻين ڀاڱن کان چڱي آهي. منهنجي خيال ۾ هي قلعو ٿوريءَ محنت سان بلوچستان جي ٻين سڀني جڳهين کان مضبوط بنائي سگهجي ٿو. ڪوٽ جو لنگهه ڏکڻ- اولهه طرف کان آهي، جتي شهر جي ٽن دروازن تي هميشه تفنگچين جو پهرو رهي ٿو. دروازا خاني، قنڌاري ۽ ٻيلائي نالن سان سڏبا آهن. ظاهر آهي ته پوين ٻن دروازن مان قنڌار ۽ ٻيلي جا رستا نڪرن ٿا. ٽيون دروازو خان جي شان ۾ خاني سڏيو ويو آهي. قلعي اندر اڍائي هزارن کان وڌيڪ گهر ٺهيل آهن، ٻاهر به ان جي اڌ جيترا گهر ٿيندا. ڪاٺين جي مڏن جا ٺهيل آهن. مڏ اڌيڪين سرن سان بند ڪري، انهن مٿان مٽيءَ يا چوني جي ڪهگل[12] ڪري ڇڏيندا آهن. رستا اڪثر ڪري مڪاني شهرن جي رستن کان ويڪرا آهن، گهڻن رستن تي پيادل گهمندڙن لاءِ پاسن کان پائريون ٺهيل آهن. رستي جي وچ ۾ کليل ناليون آهن، اهي ناليون جنسي آزار آهن، جو انهن ۾ گند ڪچرو اڇلايو ويندو آهي، ۽ برسات جو پاڻي گڏ ٿيندو آهي. نالين کي صفا رکڻ لاءِ ڪو خاص قانون ڪونه آهي، گندگيءَ ۽ آزار جو هڪ ٻيو به سبب آهي، سو هيءُ ته گهرن جون ماڙيون گهٽين جيمٿان نڪتل هونديون آهن، جنهنڪري هيٺ اونداهي ۽ پوسل هوندي آهي. هي ايران ۽ ڪابل جي ڍڪيل بازارن جو هڪ بڇڙو نقل آهي، هڪڙو ماڻهو جو اسان سان گڏ هو تنهن کي مون چيو ته توهان جي شهر ۾ هڪ وڏو اهنج آهي.چيائين ته اول قنڌار ۽ هرات جون بازارون ڏسي پوءِ اسان جي بازارن تي فتوا ڏي، اتي سڄيون بازارون ڍڪيل هونديون آهن ۽ تنهن هوندي به انهن مان ڪوبه وڏ ڪانه ڪڍندو آهي. مون ان وقت تائين اهي بازاريون نه ڏٺيون هيون جو هن کي ڪو معقول جواب ڏئي سگهان. بلوچ سمجهيو ته مون ڪو ڏاهپ جو جواب ڏئي کيس ماٺ ڪرائي ڇڏي آهي.

قلات جي بازار نهايت وسيع آهي، ان ۾ هر قسم جو سامان موجود آهي: گوشت، ڀاڄي ۽ ٻيون روزمرهه جي ضرورت جون شيون رازانيون ۽ واجبي اگهن تي ملي سگهن ٿيون. شهر کي مٺو پاڻي هڪ چشمي مان ملي ٿو جو پٽ جي سامهون تڪريءَ جي پاسي مان نڪري، ماٿريءَ جي وچ مان لنگهي ٿو. نهر جي هڪ طرف شهر ۽ ٻيون بستيون آهن، ۽ ٻئي پاسي باغيچا. نهر ۾ ايترو پاڻي هوندو آهي جو ان تي سڌ پنڌ تي ڪيترائي نار هلن ٿا. چشمو ٽَڪر ۾ هڪ قدرتي غار مان نڪري ٿو، مون ان ۾ ڏهه- ٻارهن گز اندر وڃي ڏٺو، هتي نهر، جا ٻه- ٽي فوٽ اونهي، شيشي جهڙي صاف ۽ تيز آهي، سا چئن- پنجن شاخن ۾ ورهائجي وڃي ٿي. غارون جن مان اهي شاخون نڪرن ٿيون سي اهڙيون سوڙهيون هيون جو مان اندر وڃي نه سگهيس. اهڙو مٺو چشمو مون ڪٿي ڪونه ڏٺو يا ٻڌو آهي. ان چشمي جي هڪڙي خاصيت هي آهي جو ان جو پاڻي جڏهن ننڍين ڪسين مان نڪري ٿو، تڏهن ننهن- سوسڙو هوندو آهي ۽ ان کان پوءِ يڪدم ٺري يخ ٿي ويندو آهي ۽ سڄو ڏينهن ٿڌو رهندو آهي.


[1]. گهوڙن جا سوداگر.

[2]. اوڀر طرف جبلن جي هيٺان علائقو، ڏسو نقشو.

[3] . ٻه وڏا تجارتي شهر، قلات جي اتر- اوڀر، ڏسو 23- جنوريءَ جو روزنامو. (نوٽ)

[4] . هڪ ٻوٽي

[5] . چم جي پاڻيءَ جون ٿيلهيون جي سڄي مشرق ۾ مسافر ڪم آڻيندا آهن.

[6] . سنڌ جي ميرن پهريان ڌريوڌن جي معرفت ۽ پوءِ سنئون سڌو پنهنجن گماشتن جي هٿان جيئن هن تذڪري ۾ اڳتي هلي ڏيکاريو ويندو، ڪوشش ڪئي ته جيئن اسان ناڪامياب ٿي هڪدم ملڪ مان  نڪري وڃون. ان جو سبب ظاهر آهي. هنن هندستان جي برطانيا سرڪار کي هميشه شڪي نگاهن سان پئي ڏٺو آهي ۽ ان لاءِ دل ۾ دشمني ۽ حقارت پئي رکي آهي. خوشقسمتيءَ سان ڪئپٽن ڪرسٽيءَ ۽ مون کي انهن ڳالهين جي پوري پوري خبر هئي ڇاڪاڻ ته اسان خود پنهنجين اکين سان هنن جو هندستان جي سرڪار جي سفارت سان عداوتو ڏٺو هو.

[7] . ٿلها ڪمبل.

[8] . افغانن جي زبان.

[9] . ڏسو 23- جنوريءَ جو احوال (نوٽ)

[10] . غلزئي، افغانن جي هڪڙي قوم آهي.

[11] . قافلي ۽ ڪاروان (انگريزيءَ ۾ Carawan) جي ساڳي معنيٰ آهي، پر ٻن لفظن جي ڪتب ۾ ٿورو امتياز آهي. بلوچ ۽ انهن جا پاڙيسري، مسافرن جي جماعت کي سندن مال سميت ڪاروان سڏيندا آهن، پر جي سمورو مال هڪ سوداگر جو هوندو آهي ته ان کي قافلو چوندا آهن.

[12] . گچ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: