سيڪشن؛ سفرنامه

ڪتاب: سنڌ ۽ بلوچستان جو سير سفر

باب:

صفحو :1

سنڌ ۽ بلوچستان جو سير سفر

هينري پاٽيجنر

پيشڪش

انگريز گماشتي هينري پاٽنجر جي سنڌ ۽ بلوچستان جي سفر نامي تي ٻڌل روزنامچي جو سنڌي ترجمو، ”سنڌ ۽ بلوچستان جو سير سفر“، ”سنڌي ادبي بورڊ“ پهريون ڀيرو 1976ع ۾ شايع ڪيو هو. ڪتاب اهم ۽ اڻلڀ هو، تنهنڪري اهو ٻيهر ڇپائي پڌرو ڪيو پيو وڃي.

هينري پاٽنجر، بمبئيءَ جي ديسي پيادل فوج جي انگريز ڪئپٽن چارلس ڪرسٽيءَ جي ماتحتيءَ ۾، اِهو سفر 1810 عيسويءَ جي شروعات کان بمبئي بندر کان شروع ڪيو. سفر جو مقصد انهن علائقن جي جاگرافيائي صورتحال ۽ سماجي ۽ سياسي حالتن جي ڄاڻ حاصل ڪري، انگريز سرڪار کي ان کان واقف ڪرڻ هو. اِهو سمورو سفر، انگريز سرڪار جي سرپرستيءَ ۽ سربراهيءَ هيٺ، وڏيءَ رٿا ۽ رمز سان رٿيو ۽ طي ڪيو ويو. تڏهوڪين ناموافق موسمي حالتن، سفري سهولتن جي اڻهوند، قبائلي آپيشاهيءَ واري ڏاڍ ۽ رهزنيءَ وارن طريقن هوندي، اهو سفر ائين ڪيو ويو جو سخت ڊگهيون ۽ ٿڪائيندڙ مسافتون طي ڪيون ويون، پهاڙن جا پنڌ پڄايا ويا، سخت سرديون سٺيون ويون، اڻوندڙ ۽ اوپرن ماڻهن سان گذاريو ويو، ناخوشگوار ماحول توڙي کاڌي ۽ رهائش کي برداشت ڪيو ويو، شڪ ۽ بي اعتماديءَ جي حالتن ۾ جان جو جوکو به کنيو ويو، پر پنهنجي مقصد ۽ مطلب کي توڙ پڄايو ويو. انهن ئي ڳالهين جي ڪري، انگريزن جي هن جاسوسي مهم جي حاصل ڪيل اڀياسي حالات کي تاريخي اهميت حاصل ٿي وئي آهي.

هينريءَ اول هن سفر جو خاڪو انگريزي حڪومت جي معلومات لاءِ رپورٽ يا روبڪاريءَ جي صورت ۾ تيار ڪري، هندستان جي گورنر جنرل ۽ سندس صلاحڪار جماعت کي پيش ڪيو. پر پوءِ، جيتوڻيڪ هو ڪو محقق يا مصنف ڪونه هو، الائي ڪهڙي ويچار هيٺ، هن انهيءَ روبڪاريءَ ۾ پنهنجو جاگرافيائي اڀياس، انگن اکرن ۽ واقعن جي معلومات سميت، وڌائي ۽ سڌاري، اهڙيءَ ريت مرتب ڪري ڇڏيو، جو اهو هاڻي، هن ڪتابي صورت ۾، اصل سرڪاري رپورٽ کان بنهه اِهي انگ اکر ۽ واقعا سندس اُن واقت جي ذاتي مشاهدي ۽ تحقيقات تي ٻڌل آهن، تنهنڪري تڏهوڪي زماني جي مستند احوال طور، قيمتي آهن. ساڳئي وقت، هن کانئس اڳين عملدارن جي ايران، هندستان ۽ سنڌ بابت گڏ ڪيل معلومات مان به فائدو ورتو آهي، بلڪ انهن ۾ اضافو به ڪيو آهي، تنهنڪري ڪتاب ۾ ڏنل تفصيل وڌيڪ اهم بنجي پيا آهن.

سمنڊ، جبل، جهنگ، ٻيلا، نديون، نئيون، واهه، انهن جا وهڪرا، رستا، شهر، ڳوٺ، مفاصلا، پراڻن ۽ گم ٿي ويل شهرن ۽ ڳوٺن جي هجڻ جا هنڌ ۽ حالتون، انهن جي ٺهڻ ۽ ڦٽڻ جا احوال، ماڻهن جا ڌنڌا ۽ ڪرتون، هنر ۽ ٻوليون، پيداواري وسيلا، واپار، افرادي قوت، گهرن جي اڏاوت ۽ سجاوٽ، آبادين جا انگ اکر، پوکون، ميوا، جانور، پکي، معدني ذخيرا، آبهوا، ۽ ان جا اثر، سردارن ۽ حاڪمن جي حيثيت ۽ مزاج، عام ماڻهن جي حالت، ڏوهه، سزائون- مطلب ته سنڌ ۽ بلوچستان جي تڏهوڪي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي جوڙجڪ ۽ جاگرافيائي صورتحال جي تفصيل سان گڏ، هينري پاٽنجر جي هن سفرنامي ۾ خود انگريزن جي تڏهوڪي حڪمت عملي، نيتون ۽ ارادا به درج ٿيل آهن.

سو، تاريخ جي طالب علمن توڙي محققن وٽ اُميد ته هيءَ سوکڙي قبول پوندي.

ڄامشورو، سنڌ                         شمشير الحيدري

28- ڊسمبر، 1993ع                       سيڪريٽري

                                          سنڌي ادبي بورڊ

ديباچو

منهنجي 1810ع واري سفر جي احوال جو خاڪو پهريائين هندستان جي برٽش گورنمينٽ، جنهن جي سرپرستيءَ هيٺ اهو سفر ڪيو ويو هو، جي معلومات لاءِ روبڪاريءَ جي صورت ۾ تيار ڪري حضور اعليٰ گورنر جنرل ۽ سندس صلاحڪار جماعت جي خدمت ۾ پيش ڪيو ويو هو. ان کان پوءِ مون جاگرافيءَ سان تعلق رکندڙ معلومات ۽ انگ اکر ڏيئي، روبڪاريءَ جي عنوانن ۾ اضافو ڪيو آهي. هن تذڪري ۾ جي تفصيلوار واقعا ۽ نقل ڏنل آهن، سي سرڪاري روبڪاريءَ جي مقصد کان ٻاهر هئا، تنهنڪري ان ۾ نه ڏنا ويا هئا. نظرثاني ڪرڻ کان پوءِ مون مناسب سمجهيو ته انهن کي جدا ڪري هڪ روزنامچي جي صورت ۾ پيش ڪجي، تنهنڪري هن سفرنامي جي پهرئين ڀاڱي ۾ مون اهڙا واقعا ڏٺا آهن، جي منهنجي خيال ۾ نادر يا دلچسپ آهن. اميد ته پڙهندڙ ڪڪ نه ٿيندا. ٻئي ڀاڱي ۾ بلوچستان ۽ سنڌ جي جاگرافي وغيره متعلق معلومات ۽ انگ اکر ڏنل آهن، جي مون تحقيقات ڪري گڏ ڪيا آهن. حد بندي ڪرڻ مشڪل آهي ۽ ڪي پڙهندڙ تڪڙي مطالعي کان پوءِ شايد ائين سمجهن ته سفرنامي جا ڪي حصا غير ضروري آهن.

منهنجي دعويٰ نه آهي ته هن تصنيف ۾ ڪا علمي تحقيقات يا تاريخي صداقت آهي. ساڳئي وقت مون کي اميد آهي ته پڙهندڙ مون کي مضمون ۽ لکڻ جي طرز جي اوڻاين لاءِ معاف ڪندا. ٻيو ته هر ڪنهن ڳالهه جي تفصيلوار يادداشت رکڻ ناممڪن هئي. انهن ڳالهين ڪري ٻئي ڀاڱي ۾ ڪي خاميون رهجي ويون آهن، جن جي هندستان موٽن کان پوءِ مان خاطر خواهه نموني ۾ تصديق نه ڪري سگهيو آهيان. پڙهندڙن کي اهو ٻڌائڻ لازمي آهي ته منهنجي بلوچستان جي احوال ۾ ڪي انگ اکر ۽ جاگرافيءَ سان تعلق رکندڙ حقيقتون اڳيئي ايران جي مملڪت تي لکيل نادر مضمون، جو ليفٽيننٽ مئڪڊو نالڊ ڪينئر گذريل سال ڇپايو هو، ۾ ڏنل آهن. موصوف کي سرڪاري دفتر، جو بنگال کان ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ڏانهن موڪليو ويو هو، ڏسڻ جو موقعو مليو هو. پر مون تازو ذاتي تحقيقات ڪري انهن جي سچائيءَ جي تصديق ڪئي آهي، بلڪ انهن ۾ گهڻي قدر اضافو ڪيو آهي، تنهنڪري مون اهي سڀ حقيقتون هت ڏنيون آهن.

مون کي خبر آهي ته جنهن ملڪ جو مون سفر ڪيو آهي ان تي تاريخي مضمون نويسيءَ ۽ قياس آرائيءَ لاءِ وسيع ميدان آهن. پر اهي ڳالهيون هن سفرنامي جي مقصد کان ٻاهر آهن. انهن لاءِ انهن ملڪن جي قديم تاريخ جي علم جي ضرورت آهي، جنهن جو دم مان ڪونه ٿو هڻي سگهان، تنهنڪري مون انهن تي ڊگهو بحث ڪونه ڪيو آهي.

مون هن تصنيف ۾ پنهنجي دوست ۽ همراهه، بمبئيءَ جي ديسي فوج جي عملدار، اُنجهاني ڪئپٽن چارلس ڪرسٽيءَ جو گڏ ڪيل مواد ڪم آندو آهي، جنهن لاءِ مان سندس شڪر گذار آهيان. هو صاحب همه اوصاف شخصيت جو مالڪ هو، جا هڪ شريف ماڻهوءَ ۽ سپاهيءَ، عالم عزيز ۽ دوست جي هئڻ کپي. مان بمبئيءَ جي بحري کاتي جي عملدار ڪئپٽن وليم مئڪسفيلڊ جو به مشڪور آهيان. جنهن مون کي سنڌ متعلق پنهنجي سرڪاري لکپڙهه ڏسڻ ۾ اجازت ڏني هئي. ٻئي هڪ صاحب جنهن جو نالو هن تصنيف ۾ ڏنل آهي، منهنجي ايتري ته مدد ڪئي آهي جو مان هن جا احسان لاهي ئي نٿو سگهان. ڪئپٽن رابرٽ ڪلوز به مون کي دل کولي صلاح پئي ڏني آهي جنهن لاءِ مان ان جو شڪر گذار آهيان. سنڌ جي آمدنيءَ ۽ آباديءَ متعلق جيڪي حقيقتون هن تصنيف ۾ ڏنل آهن، تن منجهان ڪي سنڌ جي درٻار ۾ موڪليل اسان جي 1809ع واري سفير جي پهرئين نائب هينري ايلس جي روبڪاريءَ تان ورتل آهن، جنهن لاءِ مان هن جو ممنون آهيان.

-  مصنف

مقدمو

1807ع ۽ 1808ع ۾ بونا پارٽ (نيپولين) جي هندستان متعلق صريحاً مخالف منصوبن اهڙي ظاهر ظهور شديد صورت اختيار ڪئي، جو اسان جي حڪومت انگلستان خواه هندستان ۾ ضروري سمجهيو ته انهن منصوبن جو مقابلو ڪرڻ کپي. سال 1807ع جي آخر ڌاري، فرانس جي هڪ سفارت جي ڏاڍي طمطراق سان ايران جي دربار ۾ آجيان ڪئي ويئي هئي. بوناپارٽ جي فرينچ قوم جي مخبرن کي حڪم ڪيو ويو هو ته سرٽوڙ ڪوشش ڪري اهڙي معلومات هٿ ڪن، جا سندن مقصد جي ڪاميابيءَ لاءِ ضروري هجي. تنهنڪري فيبروري 1808ع ۾ هندستان جي مانواري گورنر جنرل برگيڊيئر جنرل مالڪوم کي ايران جي حاڪم ڏانهن سفير ڪري موڪليو. ساڳئي وقت سر هارفرڊ جونس کي بادشاهه سلامت جي صحيح سانڳ پروانو ڏيئي سفير ڪري روانو ڪيو ويو، اهو قدم کيس وقعت ۽ رعب ڏيڻ لاءِ کنيو ويو هو، جو هڪ تابعدار حڪومت، پوءِ اها ڪهڙي به اعليٰ ۽ نالي واري هجي، کي حاصل نٿو ٿي سگهي. جنرل مالڪوم کي بنگال سرڪار هدايتون ڏنيون ته هو هر ممڪن ڪوشش ڪري معلوم ڪري ته هندستان فتح ڪرڻ لاءِ ڪنهن يورپي فوج کي جن ملڪن مان لنگهڻو پوندو، تن جي ڪهڙي حالت آهي ۽ انهن جي پيدائش ڇا آهي. هن کي اِها پڻ اختياري ڏني ويئي ته پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ جيترن به سياسي عملدارن ۽ ملازمن جي ضرورت هجيس، سي ڀلي نوڪريءَ ۾ رکي.[1]

پر پوءِ ڪي اهڙا واقعا ٿيا، جن جو هتي ذڪر آڻڻ ضروري نه آهي، جو اعليٰ سرڪار، سرجان مالڪوم کي واپس گهرائي ورتو ۽ هن جي سفارت 1809ع جي آخر تائين ملتوي ڪئي ويئي. جڏهن هو طهران ويندي ٻيو دفعو بمبئيءَ ۾ منزل انداز ٿيو، ان وقت مان ۽ بمبئيءَ جي ديسي پيادل فوج جو ڪئپٽن، چارلس ڪرسٽي سنڌ مان موٽيا هئاسين، جتي اسان گورنر جنرل جي سفير سان گڏجي ويا هئاسين. اسان کي جڏهن سرڪار جي ارادن جي خبر پيئي، تڏهن اسان پاڻمرادو انهيءَ سفر لاءِ پنهنجون خدمتون سرڪار جي حوالي ڪيون، جنهن جو احوال هن تذڪري ۾ ڏنل آهي.

اسان جي آڇ قبول ڪئي ويئي ۽ ان لاءِ بمبئي سرڪار جي منظوري ورتي ويئي. مون کي جنرل مالڪوم وٽان حڪم مليو ته ڪئپٽن ڪرسٽيءَ جو زيردست ٿي ڪم ڪريان، ۽ هن کي سڌو جنرل وٽان هدايتون مليون. اهي هدايتون مبهم هيون، جنهن مهم لاءِ اسان تيار ٿيا هئاسين، ان لاءِ ضرورت به اهڙين هدايتن جي هئي. انهن ۾ اسان جو ڌيان ڪن خاص ڳالهين ڏانهن ڇڪايو ويو هو، جي سرڪار جي نقطهء نگاه کان سندن مقصد لاءِ ضروري هيون. ساڳئي وقت ۾ هو اسان تي ڇڏيو ويو ته ڪيئن ۽ ڪٿي سفر ڪريون ۽ حالتن پٽاندر ڪهڙي نموني جي روش اختيار ڪيون. اسان کي خاص طرح چتايو ويو ته اسان کي پنهنجي جان جي سڀ کان زياده حفاظت ڪرڻي هئي.

جنهن سفر تي اسان نڪتا هئاسين، ان ۾ هميشه ابتدائي مشڪلاتون هونديون آهن. ايشيائي ماڻهو يورپي لوڪن کي جڏهن سمنڊ جي ڪنارن تي ڏسندا آهن ته شڪي نظرن سان ڏسندا آهن ۽ سندن پوري عزت نه ڪندا آهن، تنهنڪري اِهو ضروري هو ته سامونڊي بندر، جتي اسان لهون، اتي ڪو خاطر خواه بندوبست هجي. خوش قسمتيءَ سان اسان جو اهڙو انتظام ٿي ويو، جنهن تي ڪنهن به قسم جو شڪ شبهو نه پئي ٿي سگهيو.

اسان سندر جي سيوجي نالي هڪ معتبر ۽ شاهوڪار هندو دلال سان، جو مدراس ۽ بمبئيءَ کاتي جي سرڪارين کي رسالي لاءِ گهوڙا وٺي ويندو هو، صلاح ڪئي. هن چيو ته مان توهان کي پنهنجن گماشتن ڏانهن، جي بلوچستان جي گاديءَ قلات مان گهوڙا خريد ڪرڻ ويا آهن، چٺيون ۽ هنڊيون ڏيندس. پوءِ قلات مان توهان پڇا ڳاڇا ڪري جيڪو رستو موزون سمجهو سو وٺي وڃجو. جيڪڏهين اتفاق سان توهان کي ڀڄڻو به پوي ته ٻيو رستو وٺي سمنڊ طرف موٽي اچجو. اهڙيءَ طرح، لاشڪ توهان کي ملڪ جي گهڻي حصي ڏسڻ جو موقعو ملندو. هنڊيون ۽ چٺيون اسان لاءِ تيار ڪيون ويون. ماڻهن کي يقين ڏيارڻ لاءِ ته اسان سچ پچ واپار لاءِ سفر ٿي ڪيو، سندرجيءَ جو گماشتو پيتامبرداس اسان سان قلات گڏجي هلڻ لاءِ تيار ڪيو ويو. ڪئپٽن ڪرسٽيءَ ۽ مون، پاڻ سان ٻه هندستاني ساڻ کنيا. انهن کي وعدو ڏنو ويو ته جيڪڏهن هو وفادار رهندا ته کين وڏا انعام اڪرام ڏنا ويندا ۽ هو نهايت وفادار ۽ ايماندار رهيا. ضرورت جي وقت ڪم آڻڻ لاءِ اسان پاڻ سان سونيون اشرفيون لڪائي کنيو. اهي اسان هماڻين ۾ سبي ڪپڙن هيٺان چيلهه سان ٻڌي ڇڏيون. ان کان سواءِ، ڪئپٽن ڪرسٽيءَ کي اختياري ڏني ويئي ته هو ڪيتريءَ به رقم لاءِ بمبئي سرڪار جي نالي ۾ سندرجي سيوجيءَ جي نالي تي هنڊيون ڪڍي سگهيو ٿي. مطلب ته مخالفت ته مخالفت پر تڪليف ۽ ڏکن سورن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي هرممڪن شئي مهيا ڪري ڏني ويئي. سال 1810ع جي ڊسمبر جو مهينو انهن تيارين ۾ گذريو. مان پنهنجو روزنامچو ان ڏينهن کان شروع ڪيان ٿو، جنهن ڏينهن اسان بمبئي کاتي جا وڻ ڇڏيا.

ڀاڱو پهريون

احوال

بلوچستان ۽ ايران جي حصي جو سفر، جو هڪ مسلمان زوار جي ويس ۾ ڪيو ويو هو،ساڻ انهن قصن ڪهاڻين جي، جيڪي ڏيهي ماڻهن جي رسمن، رواجن ۽ قومن قبيلن جي سرشتي تي روشني وجهن ٿيون وغيره وغيره.

ڀاڱو ٻيو

مختصر

تاريخي ۽ جاگرافيائي يادگيريون-

انهن ملڪن جون جيڪي بلوچستان ۽ ڪجهه ايران واري سفر ۾ گشت ڪندي ڏٺا ويا هئا؛

انهن جي سرحدي حدن، سرڪارين، آبهوا، زمين ۽ تاريخ جي مشاهدي سميت؛

جنهن ۾ وڌايل آهي:

سنڌ صوبي جو مختصر حال احوال ۽ انهيءَ سفارت جي ڪارروائي، جنهن جي اتي جي حاڪمن سان سن 1809ع ۾ گڏجاڻي ٿي وغيرهه وغيرهه.

فصل (1)

ڪئپٽن ڪرسٽي ۽ مان 2- جنوري 1810ع جي شام جو بمبئيءَ جي بندر تان هڪ ننڍيءَ ديسي ٻيڙيءَ ۾، جا اسان کي سونمياڻيءَ جي بندر تي پهچائڻ لاءِ ڀاڙي ڪئي ويئي هئي، چڙهي هڪدم روانا ٿياسين. ٻئي ڏينهن سج اڀرئي مهل اسان ڏٺو ته ٻيڙيءَ ۾ ناکئن کان سواءِ اسان سان ٻه هندستاني نوڪر، گماشتو ۽ سندس نفر ۽ ڪيترا افغان گهوڙن جا واپاري، جي پنهنجي ملڪ موٽي ٿي ويا، سي به موجود هئا. انهن کي اسان پاڻ سان ٻيڙيءَ ۾ سواري ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي جو سمجهوسين ته هو اتي لهڻ بعد ڪارائتا ٿيندا.

جنهن مهل اسان بمبئي ڇڏي، ان وقت بلڪل اوندهه هئي. رات جو تازي هوا پئي لڳي، ۽ ٻيڙي ڪناري کان گهڻو پري سمنڊ ۾ نڪري ويئي هئي، تنهنڪري اسان کي انديشو ڪونه هو، ته اسان جا همراهه ڪو اسان کي سڃاڻي سگهندا. اسان يورپي لباس به بدلائي، ديسي ويس ڪيو. افغانن اسان جي رنگ مان اهو ته ضرور سمجهيو ته اسان يورپي آهيون، پوءِ کين اها سُڌ نه رهي ته اسان ڪير آهيون. انهن مان ٻه ته هوشيار ۽ خوش خلق ماڻهو هئا، ۽ اسان کي چڱيون خبرون چارون ٻڌايائون، جي ان وقت ڏاڍيون دلچسپ هيون، ۽ پوءِ اسان کي سفر ۾ ڪارآمد ثابت ٿيون.

7- تاريخ جنوريءَ: جي اسان گجرات جي ساحل تي جهونا ڳڙهه جي ٽڪريءَ جي سامهون ٿياسين. ٻئي ڏينهن اسان پور بندر ۾ لنگر هنيو. پوربندر ۾ اسان ان ڪري لٿاسين جو اسان کي سندرجيءَ سان روبرو مشوري ڪرڻ جو ارادو هو. هو اتي راجا سان ڪن سياسي ڳالهين جي فيصلي لاءِ بمبئي سرڪار جي پاران ويل هو. اسان ظاهر ڪيو ته پور بندر ۾ ان ڪري ٿي لٿاسين، جو اسان کي پاڻي کپندو هو. اسان ٻيڙيءَ مان لهي هڪدم شهر ۾ وياسين جتي ٻه ڏينهن ڪمپنيءَ جي بحري آفيسر ڪئپٽن مئڪسفيلڊ جي گهر ۾ رهياسين. هو ان وقت محصولن جي وصوليءَ جو ڪَچو عملدار هو. هتي به اسان افغائن جي بازن جهڙين نظرن کان پوشيده رهياسين، هنن سمجهيو ته اسان سندرجيءَ جا مهمان هئاسين.

پور بندر گجرات جي ڪناري جي ڏکڻ- اولهه طرف سمنڊ جي هڪ کاريءَ تي آهي. شهر وسندڙ ۽ آباد آهي. ماڻهو بمبئي، سنڌ ۽ ملبار سان واپار ڪندا آهن. آسپاس واري ايراضي گجرات جي ٻين علائقن وانگر سنئون پٽ آهي، فقط شهر کان ٻارهن- چوڏهن ميلن جي مفاصلي تي هڪ ٽڪرين جي قطار آهي.

10- تاريخ جنوريءَ: جي اسان پوربندر ڇڏي اتر- اولهه جو طرف ڏيئي هلياسين. ان وقت اوڀر ٿي لڳو. رات جو سخت ٿڌ هئي. ماڪ ايتري هئي، جو سڀ ٽپڙ آلا ڀَت ٿي ويا، ڄڻ ته برسات پئي هئي. 15- تاريخ اسان کي سنڌ جو ڪنارو نظر آيو، اسان ڪناري جي بلڪل ويجهو هئاسين، زمين هيٺانهين ۽ سڌي آهي. اسان ڪنارو ڏٺو تنهن کان اڳ ئي اسان محسوس ڪيو ته زمين ويجهي آهي. اتي سمنڊ نهايت هولناڪ صورت اختيار ڪري ٿو. سنڌونديءَ جو اجهاڳ پاڻي اچي سمنڊ ۾ پوي ٿو، جنهنڪري شاهي لهرون پيدا ٿين ٿيون ۽ پاڻي لڙاٽيل نظر اچي ٿو. ائين پئي نظر آيو ته ڄڻ اسان ڪناري تي تانگهي پاڻيءَ ۾ آهيون، پر ماپ وٺڻ تي معلوم ٿيو ته پاڻي ڪيترا فوٽ اونهو هو، ساڳئي ڏينهن، اٺين بجي شام جو اسان مو واري (ماٿري) جي رات ۽ چرنا (چلني) ٻيٽ جي وچ مان لنگهياسين. اسان کاريءَ جو وچ وٺي آياسين. جا ميل جو چوٿون حصو ويڪري آهي، پر اها اونهي آهي ۽ خطرو ڪونه اٿس. رات جي چانڊوڪيءَ ۾ ٻيٽ ۽ سامهون وارو ڪنارو ويران ٿي نظر آيا. ٻيٽ ۾ نه مٺو پاڻي آهي نه ڪا ساوڪ.

سونمياڻيءَ جي کاري، جنهن ۾ هاڻي اسان داخل ٿيا هئاسين، تنهن کي هڪ پاسي کان راس مانزي ۽ چلنيءَ جو ٻيٽ ۽ ٻئي پاسي کان عربو (عربه) جي راس آهي. اها هڪ شاندار کاري آهي جنهن ۾ ڪي به ٽڪر يا تانگها نه آهن، ان ۾ وڏي ۾ وڏو ٻيڙو سلامتيءَ سان لنگر هڻي سگهي ٿو. هيءَ اها مشهور کاري آهي، جتي نيئرڪس (سڪندر جو اميرالبحر) جو ٻيرو ٻيٽ ۽ زمين جي آڙ ۾ ڪيترو وقت ترسيو هو. ڊاڪٽر ونسيسٽ جو سڪندڙ جو بندر جو مصنف ايرين جي ڪتاب مان ڪڍي بيان ڏنو آهي، سو هاڻوڪي کاريءَ سان اهڙو ٺهڪي اچي ٿو جو ان مان يوناني مصنف جي صداقت جي ثابتي ملي ٿي.[2]

جنوريءَ جي 16- تاريخ هڪ بجي شام جو اسان پورالي نديءَ جي ڇوڙ وٽ لنگر هنيو. سونمياڻيءَ جو ڳوٺ اتان ٻه ميل اتر- اوڀر هو، اتي اسان ٽين بجي تائين ترسياسين. ان وقت وِير چڙهڻ لڳي، ۽ اسان لنگر پٽيو. پنجين بجي اسان پنهنجي هندو گماشتي کي ڪناري تي موڪليو، ۽ هو اسان جي سامان لاءِ هڪ ڊونڊي وٺي سندرجيءَ جي هڪ ٻئي ماڻهوءَ سان گڏجي آيو. اسان هن سان ملاقات ڪري ڏاڍا خوش ٿياسين، ڇاڪاڻ ته هو اڳينءَ موسم ۾ بلوچستان گهوڙا خريد ڪرڻ ويو هو، تنهنڪري اسان کي خبرن چارن ڏيڻ جي قابل هو. اسان هن جي صلاح سان شام جو دير سان لٿاسين. اسان کي اجاريدار راڻي سيٺ جي گهر وٺي ويا. هو چئن- پنجن هندو واپارين سان باهه تي ويٺو هو. اسان جو هن سان تعارف ڪرايو ويو. هن کي ٻڌايو ويو ته اسان يورپي آهيون ۽ سندرجيءَ جي نوڪريءَ ڪري هو اسان کي نهايت خوش خلق نموني ۾ پيش آيو. دستوري خوش خيرعافيت کان پوءِ چيائين ته مون کي پنهنجي مالڪ جو حڪم برچشم آهي ۽ مان توهان جي هر ڪنهن نموني ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. اسان هن جي شڪر گذاري ڪئي. ٿوري وقت کان پوءِ هو اسان کي هڪ ننڍي لانڍيءَ ۾ وٺي ويو، جتي اسان جي رهڻ جو انتظام ڪيو ويو. اها سڄي ڳوٺ ۾ سٺي ۾ سٺي لانڍي هئي، جتي اسان کي اجاريدار کير ماني موڪليو جو کائي سمهي پياسين. اسان خوش هئاسين ته مٿان ڇت آهي، پوءِ اها ڪهڙي به هجي. ٻيڙيءَ تي نه هو ڪو پکو يا تڏو جو کڻي سر لڪائجي.

17- جنوري: اڄ صبح جو اسان مٿا ڪوڙائي، ديسي ويس پائي پنهنجي صورت بلڪل بدلائي ڇڏي. ان کان پوءِ راڻو سيٺ اسان جي لانڍيءَ ۾ آيو. ڪئپٽن ڪرسٽيءَ چيس ته اسان سان گڏجي ٻيلي ڏانهن هلي، جو مکيه شهر ۽ حاڪم جي رهڻ جي جاءِ آهي. هن اها ڳالهه قبول ڪئي، بلڪ هو اسان سان قلات تائين گڏ هلڻ لاءِ تيار هو. قلات ساري بلوچستان جي گاديءَ جو هنڌ آهي. هونءَ به هو اسان سان تمام فضيلت سان پيش آيو. وڃڻ کان اڳ، اسان کيس تحفا ڏيکاريا، جي بمبئيءَ کان آندا هئاسين ۽ انهن بنسبت سندس رايو پڇيوسين. چيائين ته ڇيٽ جا ڪپڙا پسند ايندا ۽ ڇُريون ڪانٽا ۽ شيشي جو سامان به قبول ٿيندو. انهن تي وڌيڪ ڪم ٿيل هجي ها ته جيڪر ان جو وڌيڪ قدر ٿئي ها. اسڪاٽلنڊ جو چوڪڙين وارو گرم ڪپڙو جو اسان ڪنهن جي صلاح تي آندو هو سو کيس پسند ڪونه آيو، ڇاڪاڻ ته اهو سندن ڪمبلن جهڙو هو. اسان پوءِ ڏٺو ته هو ان ڳالهه ۾ غلط هو، اهو ڪپڙو ٻين سڀني شين کان زياده مقبول پيو. جڏهن هو اٿڻ وارو ٿيو تڏهن چيائين ته ڪالهه شام جو مون جهنگ ڏانهن اُٺن لاءِ ماڻهو موڪليو آهي، اميد ته هو رات جو موٽي ايندو ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو اسان ٻيلي هلنداسين.

اهو ڏينهن مسلمانن جي قربانيءَ جي عيد جو هو ۽ اسان پنهنجن همسفر افغانن کي دعوت ڏني، هنن سڀني ڍؤ تي پيٽ ڀري کاڌو. شهر جي مسلمانن ۾ خوشي يا شادمانو ڪونه نظر آيو، هو شايد تمام غريب هئا. شام جو نيڪنام نالي هڪڙي افغان اسان جي نوڪريءَ ۾ بيهڻ جي خواهش ڏيکاري. هو هڪ هوشيار ۽ خوش خلق آدمي هو ۽ گهوڙن جي واپاريءَ جي حيثيت ۾ سڄي بلوچستان جو سير ڪيو هئائين، تنهنڪري هن کي اسان پنهنجي نوڪريءَ ۾ رکيو.

18- جنوري: اسان سونمياڻيءَ ۾ ترسي پياسين، جو اسان جا اُٺ ڪونه آيا. اسان اهو ڏينهن گهمي پاڻ کي وندرايو. ڳوٺ ۽ ان جي ماڻهن جي حالت نهايت اُبتڙ هئي، پر تعجب هو ته اتي چڱو چوکو واپار هو. واپار سمورو هندن جي هٿ ۾ آهي، هو نهايت محنتي قوم آهن. هڪڙي هندوءَ کان مون پڇيو ته محصولخاني ۽ بندر جي وچ ۾ ڇو ايتري ڊڪ ڊوڙ آهي؟ چيائين ته 1808ع جي پڇاڙيءَ تائين هن کان چئوڻو واپار هوندو هو، جڏهن جواسمي عربن ڌاڙيلن سونمياڻي ڦري ساڙي ڇڏي، ان کان پوءِ شهر اڃا سنئون ڪونه ٿيو آهي.

سونمياڻيءَ جو ڳوٺ پورالي نديءَ جي ڏاکڻي ڪپ تي هڪ نهايت سيبائتي جاءِ تي ٺهيل آهي، ان ۾ هن وقت اٽڪل اڍائي سؤ گهر آهن، ان کي ڪا پناهه ڪانه آهي. ٻيلي واري طرف ڳوٺ جي ويجهو واريءَ جون وڏيون ڀِٽون آهن. نديءَ جي منهن ۾ لَٽ آهي، تنهنڪري اتي جي وِير نه هوندي آهي. ته پاڻي ڇهن فوٽن کان زياده نه هوندو آهي، پر ڳوٺ جي ويجهو جتي ٻيڙيون بيهنديون آهن، اتي ڇهه- ست فوٽ پاڻي هوندو آهي. ماڻهن جو گذران اڪثر مڇي مارڻ تي هوندو آهي. سواءِ چند هندن جي ٻيا ماڻهو غريب آهن. تازو پاڻي وير جي سَنڌي کان ٻاهر واريءَ ۾ هڪ- ٻن فوٽن تي ملندو آهي. پاڻي هڪدم جيئن ڪٺو ٿيندو آهي، تيئن ڪڍبو آهي، نه ته جلد کارو ٿي پوندو آهي، ساڳي کڏ وري ڪم نه ايندي آهي، جيستائين اها پوري وري ٻي نه کوٽي وڃي. سونمياڻيءَ ۾ سکر ماڻهن جا گهر ڪاٺ جي بنڊن جا ٺهيل هوندا آهن، جي ڪچين سرن سان ڀربا آهن. غريبن جون جهوپڙيون ٻٻر جي ٽارن جون هونديون آهن، ۽ مٿان مٽي لنبيل هوندي اٿن. ڇتيون ڪچيون هونديون آهن (چؤنرو). مان هن ڪتاب جي ٻئي جلد ۾ لس جي پرڳڻي جي واپار، آمدني ۽ پيدائش جو احوال ڏيندس. سونمياڻي لس جو هڪ ئي بندر آهي. هت مان انهن جو تفصيلوار بيان ڪونه ڏيندس. هاڻي مان پنهنجو روزنامچو اڳتي ڏيڻ شروع ڪريان ٿو.

19- جنوري: اڄ صبح جو ناشتي کان پوءِ افغان هڪڙي قنڌار جي واپاريءَ کي اسان وٽ وٺي آيا. هن اسان کي چيو ته ٻيلي کان سڌو قلات وڃڻ خطرناڪ ٿيندو ۽ صلاح ڏنائين ته قلات ڏي سنڌ مان وڃو، جنهن رستي کان مان ويو هوس. هن اسان کي سمجهائڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي، پر اسان ڪين مُڙياسين، چيائين ته توهان کي رستي ۾ وهرين بلوچ قوم جا ملندي، سا آهي بزنجن جي قوم. هنن کي نه بادشاهه، نه خان، نه ڪنهن سردار جي پرواهه هوندي آهي. هنن کي جو ماڻهو، جا شئي هٿ ايندي آهي سا ڦُريندا آهن. اسان پنهنجي صلاحڪار کي سڌو جواب ڪونه ڏنو، پر هو ڄور وانگر چنبڙي پيو. آخر اسان جواب ڏنس ته اسين لاچار آهيون. سندرجيءَ جو حڪم آهي ته پهريائين ٻيلي وڃو. اهو ٻڌي هُو سُنِ ۾ پئجي ويو. چيائين ته چڱو، ڏسجو ته ڪو نقصان نه پهچيوَ، ائين چئي هو موڪلائي هليو ويو. صبح جو اسان جو سامان لياريءَ روانو ٿي ويو هو، جو صوبي جو ٻيو نمبر شهر آهي. ٻين بجي شام جو اسان به ان جي ڪڍ روانا ٿياسين. ساڍي چئين بجي شام تائين اسان اَٺ ميل پنڌ ڪري وياسين. رستو هڪڙي ڪلراٺي پٽ مان هو. ڪٿي ڪٿي ٻٻڙ جا وڻ ۽ ٻيو جهنگ هو نه ته ٻيو مڙيوئي خير. ڪٿي ڪٿي ته ڪلر ايترو هو جو زمين اڇي هئي. هتي اسان جو سامان ترسايو ويو هو، جو ڏسي اسان خفي ٿياسين. اُٺ جهنگ چرڻ ويا هئا. اسان لاچار لهي ٻين مسافرن سان وڃي ڪن ڪانڊيرن جي ڇانوَ ۾ ويٺاسين، جن ۾ اسان جا افغان دوست به هئا.

اسان جي نوڪرن ماني ويٺي پچائي ته افغان گڏجي آيا ۽ اسان تي وري زور ٻڌائون ته قلات، سنڌ مان ئي وڃو. اسان کين چيو ته ڇا به ٿي پوي اسان ٻيلي وينداسين، توڻي اتان موٽڻو پوي. انهيءَ تي اسان جي نئين نوڪر نيڪنام چيو ته مون سان ڪجهه قيمتي مال ساڻ آهي. توهان سندرو ٻڌي منهنجا دشمن ٿي بيٺا آهيو، تنهنڪري منهنجي موڪلاڻي اٿوَ. هتان لڪ ڏانهن رستو وڇي ٿو، سو ڏيئي مان سنڌ ڏانهن ويندس. انشاءالله! جي توهان بزنجن جي ڌاڙيلن کان بچيؤ ته قلات ۾ گڏباسين. توهان جي مرضي هجي ته مان پنهنجو هڪ- ٻه ماڻهو توهان سان ڇڏيان. هو نهايت ايماندار ماڻهو آهن ۽ توهان جي خدمت ۾ پنهنجي جان به قربان ڪندا. اسان بدقسمتيءَ سان اها ڳالهه قبول ڪئي. انهن مان ٻه ڄڻا اسان سان هلڻ لاءِ تيار ٿيا. رات جي ماني کائي ٻين کان موڪلائي روانا ٿياسين ۽ ست- اٺ ميل پنڌ ڪري وڃي شيخ جي راڄ ۾ پهتاسين. ڳوٺ جا ماڻهو ننڊ ۾ آرامي هئا. اسان کي اتفاق سان هڪ خالي ڪڙهه ملي ويئي ۽ اسان بنان اجازت جي وڃي ان تي قبضو ڪيو. مياڻيءَ کان پوءِ اسان پهرين آباديءَ جي نشاني اتي ڏٺي، نه ته رڳو ڪلرائي ڪلر هو. اڄ اسان اتر طرف مسافري پئي ڪئي. مفاصلو اٽڪل ساڍا پندرهن ميل هو.


[1]. ارل آف منٽو

[2] . بندر کي اهو نالو ’نيئرڪس‘ ڏنو هو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: