سيڪشن؛  سفرناما

ڪتاب: دهليءَ جو درشن

باب: 1

صفحو : 9

 

هردوار کان واپس نيو دهلي

اسان جي بس هندن جو ڀلارو شهر هردوار ڇڏيو ته بس اندر ويٺل دهليءَ جي رهاڪو اڏو عورتن نول جي پٽ مڪيش جي شاديءَ جا ڳيچ ڳائڻ شروع ڪيا ۽ جن سان گڏ پيٽارو ڪيڊٽ ڪاليج جي دودو ۽ ڪنڊياري جي پروفيسر بسنت جي زالن شانتا ديوي ۽ ميران ۽ انهن جي ٻين ڀيڻن ۽ ٻارن ڊاڪٽر ڪرن، ڊاڪٽر ارم وغيره کين سر کڻايو.

مڪيش جي منهن تي ڪارو ڪارو تر آهي

مور جو نه ملهه آهي گلاب جو گل آهي

چوڏهينءَ جو چنڊ آهي

*

الا، چوڏهينءَ جو چنڊ آهي

پري کان مڪيش پنهنجي ماڙي ڏيکار

ڳاڙهي ماڙهي چمڪي واري ڏاڍي مزيدار

مڪيش پنهنجي ماڙي ڏيکار....

ڪا دير ڳائڻ هلندو رهيو. ڪراچي ڇڏڻ مهل منهنجي ڀيڻ نسيم جيڪا وسطڙن ۾ پرڻيل آهي ۽ سندن ڳوٺ مچر هنن اوڏن جي ڳوٺ ڪنڊياررو جي ويجهو آهي تنهن مون تي تعجب کائيندي ۽ ايندڙ ڏينهن جي حال تي همدردي ڪندي چيو هو ته وسطڙن وانگر اوڏ به ڪچهري ۽ ڳائڻ جا شوقين آهن. سڄي سڄي رات ڳائيندي گذاريو ڇڏين. تون جلدي سمهڻ وارو ۽ خاموشي پسند ڪرڻ وارو هيترا هفتا هنن سان ڪيئن گذاري  سگهندين. پر سچ ته گذريل سڄي رات دهلي، هريانا، اتر انچل ۽ اتر  پرديش  ۾ وسيل طوفاني  بارش جي ڪري هن ٿڌڪار ۽ جهڙالي ڏيهه ۾، سنڌ کان ڏور هي سنڌي راڳ دلي کي ڏاڍو ڀلا لڳي رهيا هئا. چوڌاري چهچ  سائي ڪڻڪ ۽ رستي جي ڪنارن تي بي انتها پوکيل ڀنگ جا فصل سائي رنگ جي وال ٽ وال ڪارپيٽ جو ڏيک ڏيئي رهيا هئا جنهن جي ڊگهي بج (Fur) هوا  ۾ جهومي رهي هئي. هريانا ۽ اتر پرديش جهڙن ڌوڙاٽيل صوبن ۾ مينهن ڪري اڄ ڌوڙ ۽ دز بدران اسڪينڊينوين ملڪن وانگر Atmosphere صاف ۽ شفاف لڳي رهيو هو ڄڻ ايئر ڪنڊيشنر مان هوا فلٽر ۽ ٿڌي ٿي اچي رهي هجي. فضا ۾ عجيب سڳنڌ  سرهاڻ هئي ڄڻ ڪنهن اعليٰ قسم جي خوشبوءِ چوڌاري اسپري ڪري ڇڏي هجي ۽ ان پر سحر ماحول کي رکي رکي ڇيڻن، سوئرن ۽ مختلف فئڪٽرين مان ٿيندڙ Chemicals جي ڌپ قتل عام ٿي ڪيو.

هڪ هنڌ لکي آيو آهيان ته انڊيا جي شهرن جي سونهن جي اها نيگٽيو پوائنٽ آهي ته هر گهٽي ۽ روڊ تي مٽ جي ڌپ آهي. بخا اوڊڙي ٻاهر نڪرندڙ  انڊيا جي آدمشماري لاءِ دهليءَ جهڙا راڄڌانيءَ ۾ به Toilets جي بندوبست نه آهي. هونءَ هتي جا ماڻهو هندو توڙي مسلمان ۽ سک عيسائي ادب آداب قائم رکڻ جا وڏا شوقين آهن پر مٽ لڳڻ تي جتي ڪٿي پتليون جي زپ کي هيٺ ڪريو بيهيو رهن. بس مان لنگهبو ته رستي تي بيٺل پهنجا مثانا خالي ڪندڙن جي اوگهڙ پئي نظر ايندي پر تر جيترو به نه هنن کي ۽ نه ڏسندڙن کي ان ڳالهه جو احساس ٿئي ٿو ته رستي تان لنگهندڙن ۾ جيترا مرد آهن اوتريون عوتون به آهن جيڪي پڻ هي لقاءُ ڏسي رهيون آهن. پر لڳي ٿو ته هن ماحول ۾ جنم وٺندڙ ننڍي هوندي کان هن نظاري ۽ ڌپ  جا عادي ٿي چڪا آهن جيئن اسان وٽ رستن تي پيشاب بعد اڳٺ کي وات ۾ جهلي هٿ سٿڻ اندر داخل ڪري وٽ سارڻ جو اجر کٽيندڙ فقط ڌارين (يورپين وغيره) لاءِ تعجب جو سبب بڻجي ٿو، ان سان گڏ عرب ملڪن ملائيشيا، انڊونيشيا جهڙن ملڪن جي مسمانن لاءِ پڻ ته اسان جي ملڪ جا ماڻهو هي ڪهڙي ثواب خير جي ڪم ۾ رڌل آهن جن کي رستي تان لنگهندڙ عورتن جو به خيال ناهي. بهرحال دهلي جهڙي وڏي شهر جي گهٽين ۽ رستن جو ڪو ڪنڊ پاسو اهڙو نظر نه ايندو جيڪو يورڪ ائسڊ سان ڇٽڪاريل نه هجي.

انڊيا ۾ مينهن جام پون ٿا پر ڏکڻ ۾. مهاراشٽرا ۽ انڌرا پريديش ۾ ۽ ان کان هيٺين صوبن ڪرناٽاڪا، ڪيرالا ۽ تامل ناڊو ۾. باقي مٿي وچ وارن صوبن ۾ اسان وارو حال آهي ۽ ڪراچي جي شهر وانگر دهلي جي هر گهٽي ۽ رستي تي ٿيندڙ کوٽائي سڄي شهر کي ڌووڙاٽي ڇڏيو آهي بلڪه ان کان بهتر ڪراچيءَ جي فضا ۽ رستا آهن. لاهور جا ته تمام تمام سٺا آهن.

هتي جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ جتي Industrial Revolution آيو آهي ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ جتي فيڪٽريون ۽ ڪارخانن ڪري عوام لاءِ روزگار جا ذريعا ۽ خوشحالي پيدا ٿي آهي اتي انهن ڪارخانن مان نڪرندڙ ڪيميڪلن ۽ زهريات بيماريون به پکيڙيون آهن.

اسان جي سنڌ ۽ پنجاب جي ڳوٺن ۾ به ڇيڻا ٿڦڻ هڪ عام ڳالهه هوندي هئي جيڪي سڪائڻ لاءِ ڀتين تي هنيا ويندا هئا. ننڍي هوندي هڪ چرچو (يا ٿي سگهي ٿو ته سچ به هجي) ٻڌو هوسين ته هڪ انگريز سنڌ جو هڪ ڳوٺ گهمڻ بعد پنهنجي حيرت جو اظهار ڪندي پنهنجي معلومات جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ هڪ ڳوٺاڻي کان پڇيو: ”مهرباني ڪري اهو ته ٻڌاءِ ته توهان پنهنجين مينهن کي ڪيئن ٿا ٽرين ڪيو جو هو پٽ تي ڇيڻا لاهڻ بدران ڀتين تي ٿيون لاهين.“ بهرحال دنيا جي ملڪن ۾ ڇيڻا هڪ عام ۽ سستو Fuel آهي. منجهس Per Kilogramme ايتريون Calories (گرمائش يا رڌ پچاءُ جي طاقت) نه آهن جيتريون گاسليٽ يا ڪاٺين ۽ اڱارن ۾. پر جتي ملائيشيا وانگر ڪاٺ جام نه هجي يا جتي ننڍي کنڊ وانگر آدمشماري ۽ غربت گهڻي هجي اتي چانهه کان ٻوڙ ماني پچائڻ لاءِ ڇيڻا هڪ سستو، آسانيءَ سان ملندڙ ۽ Environment friendly ٻارڻ آهي. يورپ ۽ ايشيا جي ڪيترن ملڪن ۾ ڇيڻ کي Direct ٻارڻ بدران وڏن پيپن (Cylinders) ۾ وجهي منجهانئس گيس پيدا ڪئي وڃي ٿي جيڪا Ethylene يا Propane ٽائيب صاف گيس  ٿئي (جنهن کي اسان وٽ عام زبان ۾ گوبر گيس سڏين ٿا) ۽ هيءَ ٻارڻ ۾ ڇيڻي وانگر گهڻو دونهون نٿي ڪري پر ڪي ڳوٺاڻا دونهين خاطر ئي ڇيڻا ٻارين ٿا جيئن مڇر ماڻهن ۽ وهٽن کي نه پٽين جن جو آزار هتي هندستان ۾ به ڏاڍو آهي. بلڪه اسان کان به وڌيڪ. جو هتي دهلي، آگري، هردوار توڙي امرتسر، سهارنپور ۽ بنارس ۾ اسان جي شهرن کان وڌيڪ گندگي آهي ۽ وڌيڪ مليريا آهي. فقط انڊين فلمن جي حد تائين انڊيا جا شهر ۽ ڳوٺ بهشت برين نظر اچن ٿا جن ۾ پريٽي زنٽا، راني مڪربي، پريانڪا چوپڙا، سري ديوي ۽ مڌوءَ جهڙوين پريون نچندي ٽپندي ۽ رومانس ڪندي نظر اچن ٿيون باقي حقيقت ان فلمي خيال کان مختلف آهي جنهن ۾ اس ۽ ڌوڙ ۾ ڪوجهيون ٿيل ۽ ڌوڙاٽيل، پگهر ۽ ڇيڻن جي ڌپ واريون ئي عام رستن تي نظر اچن ٿيون جيڪي وت کان وڌيڪ آفيسن ۽ اوور ٽائيم يا ٻنين ۾ پورهيو ڪرڻ ۽ اڻ  پوري خوراڪ ۽ آرام ڪري نٻل ۽ نستيون لڳن ٿيون. اها ٻي ڳالهه آهي ته هڪ ڪمزور ۽ ڪاري سنهي عورت هڪ ٿلهي ۽ بي ڊولي صحتمند کان وڌيڪ سمارٽ لڳي ٿي ۽ پري جي ۽ پهرين Look ۾ اسان جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ هلندڙ عورتن کان هتي جون وڌيڪ Appealing لڳن ٿيون.  خاص ڪري شهرن جون جيڪي نه فقط ڊگريون هولڊر آهن پر علم به اٿن ۽ نه فقط انگريزي ڳالهائڻ ۾ پر ”ڇا ڳالهائڻ کپي“ ۾ به هوشيار آهن.

بهرحال پاڪستان جي رهاڪن کي الله جو شڪر ڪرڻ کپي جو ٻين نعمتن سان گڏ اسان وٽ گيس به آهي جيڪا سالن کان نه فقط بلوچستان جي شهر سئيءَ مان نڪري رهي آهي پر سنڌ ۽ پنجاب جي ڪن ڳوٺن مان پڻ ڳولي وئي آهي ۽ جيستائين زمين هيٺ گڏ ٿيل ان گيس جو ذخيرو هلندو رهندو تيستائين اسان جي ملڪ جا ماڻهو ڇيڻن ٿڦڻ ۽ ڇوڏا ڪرڻ کان بچيا رهندا. وڻ ڪپي ڪاٺيون ۽ ڇوڏا ڪرڻ به آسان ڪم آهي پر اڄ جي هيڏي آدمشماري لاءِ ڪٿي آهن ايڏا وڻ جن جي ڀينگ ڪئي وڃي. اڄ اسان  جي ملڪ جي شهرن توڙي ڳوٺن ۾ اسان جي رڌڻن ۽ ڪارخانن ۾ ٻارڻ جي گيس نلڪن ذريعي ائين ٿي اچي جيئن پاڻي. ۽ ان گيس کان ته جاپان جهڙا ملڪ به محروم آهن. گذريل سال جاپان ۾ هجڻ دوران ڊبل روٽي جي ڳري قيمت کي نظر ۾ رکي اسان ٽوڪيو مان اٽو گهرايو ۽ چلهه تي ماني پچائي ڊبل روٽيءَجو خرچ ٿي بچايو جيڪا ڪٿي به ڏيڍ سؤ بين (اسين روپين) کان گهٽ ناهي. ۽ تنهن ۾ به فقط ڇهه سلائيس ٿين. خبر پئي ته ماني پچائڻ تي جيتري گيس ٿي استعمال ٿئي اها ڊبل روٽيءَ جي قيمت کان مهانگي آهي.

جاپان ۽ انڊيا ملڪ (۽ ٻيا ڪيترائي) تيل ۽ پيٽرول وانگر گيس به ٻارهن ملڪن مان گهرائين ٿا ۽ پوءِ سليندر ڀري گهرن لاءِ وڪڻن. اسان وٽ به ڪن ڪن هنڌن تي خاص ڪري پڪنڪ وغيره تي رڌ پچاءَ لاءِ سلينڊر استعمال ٿين ٿا پر اسان جي پنهنجي ملڪ مان نڪرندڙ گيس هجڻ ڪري انهن سلييندرن جي قيمت ايڏي ڳري ناهي جيتري جاپان ۾ آهي. يا هتي انڊيا ۾ آهي. ان ڪري ته انڊيا ڪوشش ۾ لڳو پيو آهي ته ڌارين ملڪن کان پاڻيءَ جي جهازن (LG ۽ VLCC جهازن) ذريعي گيس گهرائڻ بدران پائيپن ذريعي ايران مان گهرائي وڃي ته من ڪه جهه سستي پوي. جنهن جي پاڪستان پهرين اجازت نٿي ڏني پر هاڻ پنهنجي ملڪ مان گيس جا پائيپ لنگهڻ جي اجازت ڏني آهي. بهرحال هنن ملڪن ۾ اسان وانگر رڌ پچاءُ  سستو نه آهي ۽ اسان وٽ هيڏي سستي گيس هوندي به اسان جو عوام ان کي مهانگو ٿو سمجهي ته هتي (انڊيا)  جي هيٺين طبقي لاءِ جيڪو اسان جي ماڻهن کان به غريب آهي ۽ گهٽ ”ڏهاڙي“ ٿو حاصل ڪري، اهو ٻارڻ لاءِ ڪيڏي سوچ ويچار ڪندو هوندو. اهوئي سبب آهي جو انڊيا جي هر هڪ ڳوٺ ۾ ڇيڻا استعمال ڪرڻ عام آهي. بس يا ٽرين ۾ لنگهبو ته هر ڳوٺ جي ڀر واري ٻهراڙيءَ ۾ ڇيڻن سڪڻ جا انبار نظر ايندا. ڪيترن هنڌن تي مينهن پاڻيءَ جي بچاءَ ڪارڻ ان کي کوهه وانگر گول شڪل ۾ اسٽور ڪري ٻاهران ڇيڻن سان ليپ ڏنو وڃي ٿو. پوءِ ضرورت مطابق، خاص ڪري سياري ۾ ان گڏ ٿيل اسٽور مان ٿورا ٿورا ڪري ڪڍيا وڃن ٿا.

اسان ڄاڃين جي بس هردوار کان ستر اسي ڪلوميٽر کن هلي روڪي نالي هڪ شهر وٽ پهتي. روڊ جي ٻنهي پاسي ڀارت آئل ۽ انڊيا آئل نالي پيٽرول پمپ ۽ انهن جي ڀر ۾ وڏيون هوٽلون  هيون. ڪنڊياري جي دودي ۽ گهوٽڪي جي مهرچند جو اهو ارادو هو ته مٽن يا چڪن کاڌي وڃي جو هفتي کان رڳو ڀاڄيون ۽ دال کائي رهيا هئاسين. گذريل هفتي کان دهليءَ ۾ رهائش اگروال ڌرمشالا ۾ هئي جتي جيتوڻيڪ گهوٽ جي پيءُ اسان جي دوست نولراءِ اوڏ اسان جي کاڌي لاءِ دهليءَ جا ٻه ٽي سٺا مسلمان بورچي هٿ ڪري رکيا هئا پر ڌرم شالا وارن سختيءَ سان منع ڪيو ته انتظاميه جي پاليسي مطابق هتي ڪوبه پکي يا جانور ته ڇا پر بيضو به نٿو تري سگهجي. سو هاڻ رورڪي شهر جي بس اسٽاپ تي ٻنهي پاسي وڏيون هوٽلون ڏسي پڪ ٿي ته مٽن يا چڪن جو ٻوڙ ملي ويندو پر مهرچند وارن کي اهو ٻڌي افسوس ٿيو ته سڀ هوٽلون Vegeteranian کاڌي جون هيون جتي قطار ۾ رکيل ديڳڙن ۾ فقط مختلف قسمن جون ڀاڄيون ۽ داليون رڌل هيون. پيٽارو جي پڙهيل ۽ هاڻي ڪنڊيارو جي بينڪ جي مئنيجر دودو اوڏ کي چيم ته توهان چڱا گوشت جا شوقين آهيو. آئون مسلمان ٿي ايڏو ڪون ٿو چوان جيترو توها.

”ڀائيجان! روز زور داليون کائي کائي بيزا ٿي پيا آهيون. سچ ته اسان کي توهان جو به خيال ٿئي ٿو ته اسان پاڻ ته ٺهيو پر توهان کي به رڳو ڀاڄيون ۽ داليون پيا کارايون.“

”منهنجي خيال ۾ توهان منهنجو فڪر نه ڪريو. آئون جهازن ۽ جاپان ۽ سئيڊن جهڙن ملڪن ۾ رهيو آهيان جتي ڀاڄين ۽ دالين جي قيمت گوشت ۽ مڇيءَ کان وڌيڪ اهي. اهو هڪ اسان وٽ Complex آهي نه ته حقيقت اها آهي ته تازين ڀاڄين ۽ دالين ۾ Vitamins ۽ Proteins گهڻيون آهن. خاص ڪري ان گوشت کان جيڪو پوڙهي ۽ بيمار جانور جو آهي يا جيڪو گهڻي وقت کان فروزن آهي.“

۽ پوءِ مهرچند ٽهڪ ڏيئي چيو: ”توهان مڙيئي پنهنجي دوست ۽ اسان جي سالي صاحب نولراءِ جو خرچ بچائيدائو.“

منهنجي ڀر ۾ بيٺل ڪنڊياري جي ڪاليج جي پروفيسر بسنت مون کي آهستي چيو: ”هي سڌرندا ئي ڪونه. سفر ۾ اسان کي ته جيڪي ملي ٿو کايو وڃو. گهرواري سک جي اميد رکڻ اجائي آهي.“

دودو، مهرچند ۽ پروفيسر بسنت اسان واري پيٽاري جي دوست نولراءِ اوڏ جا ڀيڻويا ٿين.

مهرچند جنهن جو گهوٽڪي ۾ بزنس آهي نولراءِ جي سڳي ۽ سڀ ۾ وڏي ڀيڻ پتليءَ جو مڙس آهي ۽ پروفيسر بسنت ۽ دودو، جيڪي ٻئي ڪنڊيارو رهن ٿا اهي نول جي ٻي ماءُ سوناري جي ڌيئن ميران ۽ شانتا جا مڙس آهن جيڪي ارجن داس ۽ رامچند جون سڳيون ڀيڻيون ٿين. دودي جي وڏي ڀاءُ مور جي زال ڪانتا پڻ نارائڻ داس اوڏ جي ٻي زال سوناريءَ جي ڌيءَ آهي.

ٻين هندن ۾ بدي جي شادي جو رواج آهي يا نه پر اوڏن ۾ آهي، جيئن نول جي ڀيڻ مهرچند جي زال آهي ته مهرچند جي ڀيڻ گيتا نول جي زال آهي، مهرچند کي پنج ڌيئرون ۽ چار پٽ آهي. پاڻ پنهنجي ننڍي ڌيءَ مونيڪا ۽ زال پتليءَ سان هتي آيو آهي. مونيڪا MBA ڪئي آهي ۽ ڪراچي جي ڪنهن پرائيويٽ فرم ۾ مارڪيٽنگ آفيسر آهي. اهڙي طرح هن جا ٻيا وڏا ٻاردرشن، چندرا، انيلا ۽ رجنا پڻ مختلف سبجيڪٽن ۾ گريجوئيٽ بعد پرائيويٽ ڪمپنين ۾ نوڪري ڪن ٿا.

هندستان جي نئين ٺاهيل صوبي اترانچل جي شهر رورڪي جي بس اسٽاپ تي مڪسڊ ڀاڄي ۽ پنير دال سان ماني کائي چانهه اچي بس ۾ پيتي سين. رات جا نو ٿي چڪا هئا. بس اسٽاپ جي ٽڪري کي ڇڏي باقي پري پري تائين اونداهه هئي. رکي رکي ايندڙ ويندڙ ٽرڪ يا ڪمند سان ڀريل ٽرالر جي اچڻ وڃن جي روشني ٿئي ٿي يا رکي رکي آسمان تي کنوڻ جو چمڪاٽ ٿيڻ سان گڏ گوڙ جو ڌڌڪو ٿيو ٿي. آسمان اڃا ڪڪرن سان ڇانيل هو ۽ رکي رکي بارش جو وسڪارو به ٿيو ٿي. اهوئي سبب آهي جو اڄ جي هن سفر ۾ گرمي ۽ ڌوڙ تنگ نه ڪيو باقي رستن جو هتي به اسان وانگر اهڙو ئي ڪارو منهن ٿيو پيو آهي. هيٺ مٿي ويل، ڀڳل ۽ گپ سان ڀريل رستن تان ڊرائيور کي گاڏي هلائڻ ۾ ڪافي دقت درپيش آئي ٿي. اسان وارن همراهن ويندي انهن جي زالن ڊرائيور کي رکي رکي ڇڙٻون ۽ دڙڪا ڏنا ٿي ته ”ڀائي ذرا تيز چلائو.“ يا پنهنجو پاڻ ۾ ٿي چيائو ته ”ڊرائيور کي گاڏي هلائڻ نٿي اچي.“ وغيره پر نڀاڳو ڊرائيور ڇا ڪري رستو سوڙهو ۽ بيڪار قسم جون جنهن تان فقط هڪ ڪار اچي ۽ هڪ ڪار وڃي سگهي. ڪمند يا گاهه سان ڀريل ٽرالر ٿي آيو ته يا ان کي يا اسان جي بس کي روڊ تان اڌ کن هيٺ لهڻو ٿي پيو. رکي رکي بس آهستي هلندڙ ڍڳي گاڏين جي پويان پويان هلي ٿي. ڊرائيور هارن گهڻا ۽ زوردار ڏيئي گاڏو ڇڪيندڙ ڍڳي يا سانَ ۽ ان جي هڪلڻ واري کي ڊيڄاريو ٿي پر جيسين هن کي به ڪو سنوت وارو ڪچو رستو ملي جنهن تي لهي اسان کي وڌڻ جي جاءِ ڏئي يا جيسين سامهون کان ايندڙ ٽريفڪ گهٽجي جيئن سانَ گاڏيءَ کي بس اوور ٽيڪ ڪري اڳيان وڌي وڃي. يا ڪڏهن ڪڏهن وري اسان جي پٺيان ايندڙ تيز رفتار گاڏين زور سان هارن ٿي ڏنا ته هيٺ ڪچي تي لهي کين رستو ڏيون. پر اسان جي ڊرائيور کي به ايترو عقل هو ته پنجاهه ڄڻن سان. ڀريل بس کي گپ هاڻي ڪچي ۾ لاهڻ سان ڪٿي هڪڙو پاسو هيٺ دٻجي نه وڃي ۽ پوءِ هيڏي ساري بس کي اوندهه ۾ ڪير ڌڪا ڏئي ڌٻڻ مان ڪڍي سگهندو.

بهرحال اها اسان سڀني لاءِ رعجب جي ڳالهه هئي ته ههڙا اهم رستا جيڪي هريدوار (Haridwar) جهڙي اهم شهر ڏي وڃن ٿا جي ڄڻ ته هندن جو حج ٿو ٿئي ۽ اهوئي رستو جيو اڳتي هندستان جي هڪ ٻئي اهم شهر ديرادون (Dehradun) ڏي ٿو وڃي اهڙو آهي جهڙو اڄ کان پنجويهه سال اڳ ڪنڌڪوٽ جو رستو جڏهن قمر شهباز اتي ماستري ڪندو هو.

”ڀائو نول هي ڪهڙي مرزيل ڊرائيور جي بس Hire ڪئي اٿئي؟“ مهرچند نول کي چيو.

”توهان کي ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي. هي ڊرائيور صحيح آهي.“ نول وراڻيو، ”هتي ڊرائيور وڏي سوچ ويچار کان پوءِ ڪرڻو پوي ڇو جو گهڻي ڀاڱي ڊرائيورن کي شراب پيئڻ جي پٽ آهي. سگريٽ ڇڪڻ ٻي ڳالهه آهي، شراب جي نشي ۾ گاڏي هلائڻ خطرناڪ آهي. اسان وٽ ان ڪري پاڪستان م سٺا ڊرائيور آهن جو نشو نٿا ڪن. وڌ ۾ وڌ  ڊگهي سفر وارا ٽرڪ ڊرائيور رستي جي هڪ اڌ هوٽل تي سوٽو هڻن ٿا پر هتي جو پورهيت ان ڪري بدبخت آهي جو جيڪي ڪجهه هو ڪمائي ٿو ان مان پنهنجو ۽ ٻارن جو پيٽ ڀرڻ بدران پهرين ٺرو پئي ٿو. خبر اٿئي آئون جنهن وقت به بس ڪريان ٿو ته ان جي ڊرائيور جي ڀر ۾ بيهي منهن سونگهڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو ته ڪٿي شراب جي ڌپ ته نه اچي رهي آهيس، شراب پيئڻ وارو ڊرائيور توهان ڏي منهن ڪري ڳالهائڻ کان پيو ڪيٻائيندو.“

ڊرائيور انجڻ اسٽارٽ ڪري هڪ ٻه هارن ڏنا هوٽل ۾ باقي ڄاڃي هڪ هڪ ٿي بس ڏي وڌڻ لڳا. نول اعلان ڪيو ته هاڻ بس کي هلڻ ڏجي، ذري ذري چانهه پيئڻ لاءِ بس اسٽاپن تي لهڻ ۾ وقت ٿو ضايع ٿئي. ”هاڻ گهٽ ۾ گهٽ اترانچل صوبو لتاڙي اتر پرديش جي شهر کتائلي ۾ هلي چانهه پيئنداسين جتي ايندي وقت پڪوڙا ۽ سنبوسا کائون. ان بعد دهلي پهچڻ کان اڳ هڪ ٻئي شهر ميروت (Mreerut) اتر پرديش جو هي شهر ميروت جتي ايندي وقت به ترسيا هئاسين، دهليءَ کي ايترو ويجهو آهي جيترو حيدرآباد کي سڪرنڊ، واٽ تي سعيد آباد وٽ سمجهو ته غازي آباد جو تواريخي شهر آهي جتي دهليءَ کان بسون، ٽيڪسيون ۽ آٽو رڪشائون اينديون رهن ٿيون. ميروت جي ساڄي پاسي هڪ ٻئي ڀرسان قطار ۾ پر ٻين رستن تي، امروها ۽ مراد آباد شهر آهن جيئن ٽنڊو ڄام، ٽنڊو محمد خان ۽ ڪوٽڙي. دراصل هندستان جي هن صوبي اتر پرديش ۾ ڪيترائي تواريخي شهر آهن جيڪي مسلمانن توڙي هندن لاءِ اهميت رکن ٿا ۽ سندن ذڪر ننڍي هوندي تاريخ ۾ يا هندستان کان لڏي آيل مهاجرن کان ٻڌو ويو آهي. ڪجهه شهر جن ڏي هتان دهليءَ کان بسون ائين وينديون رهن ٿيون جيئن حيدرآباد کان هالا، ميرپوخاص، سيوهڻ، ٺٽو وغيره هن ريت آهن: لکنؤ، ڪانپور، جهانسي، گورکپور، بدايون، بلند شهر، بريلي، الهه آباد، علي ڳڙهه ۽ آگرو وغيره. انهن مان ڪجهه شهرن ۾ وڃي چڪا آهيون يا ٻئي صوبي ۾ وڃڻ وقت انهن شهرن ۾ ترسيا آهيون جيئن هينئر دهليءَ کان هردوار ويندي ايندي ٻه صوبا لتاڙڻا پيا.

ڄاڃي سڀ بس ۾ ويٺا ته بس چرڻ لڳي، نولراءِ جي وڏي ڀاءُ حشمت راءِ جي پٽ انجنيئر راڻي رڙ ڪري ڊرائيور کي ڪو سٺو ڪيسٽ هلائڻ لاءِ چيو. بلڪل اڳيان ٻي قطارن ۾ آئون ويٺل هوس. ڀائي ذرا. ”رقص کي کيفيت“ وارا گانا هلائجان.“ مون لقمو ڏنو مانس. ڇو جو ويندي وقت به هن جيڪي گانن جا ڪيسٽ پئي هلايا سي ”روح جي وندر“ يا ”تازگي بخشڻ“ بدران مٿي جو سور گهڻو هئا.

ڊرائيور ڪيسٽن جي ٿڦيءَ مان مٿيون ڪيسٽ ڪڍي ٽيپ رڪارڊ ۾ وڌو.

آجا پيا تو هي پيار دون، بينان تم په وار دون

”واهه واهه! زبردست“ گاني جا ٻول شروع ٿيڻ سان ئي مون داد ڏنو.

ڀائيجان خير؟

منهنجي پويان ويٺل دودي منهنجي ”واهه واهه“ واري ادا تي کلندي چيو.

”بابا هي اسان جي جوانيءَ جي ڏينهن جو گانو آهي جڏهن اسان ڪيڊٽ ڪاليج ڇڏي مئرين انجنيئرنگ لاءِ چٽگانگ (هاڻ بنگلاديش) ۾ داخلا ورتي هئيسين.“

”واقعي؟“ مهرچند تعجب کائيندي پڇيو.

”لتا جا ههڙا سريلا گانا ان وقت جون اسان جون دلپسند هيروئنون وحيده رحمان ۽ ٻيون اهي ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد کان انڊيا ويل سنڌي فلمي هيروئنون ساڌنا ۽ ڪمود ڇڳاڻي جهڙيون فلمن ۾ ڳائينديون هيون.“

جهاز تي Sail ڪرڻ وقت به منهنجي دلپسند هئي يا نه پر منهنجي بنگالي ڪلاس ميٽ جي وحيده رحمان فيوريٽ فلم ائڪٽريس ضرور هئي جو ان جو فوٽو فريم ڪرائي هن پنهنجي ٽيبل تي رکيو هو. ۽ جهاز جو اسٽيورڊ  روزانو صبح جو ڪئبن ٺاهڻ وقت ٻين شين سان گڏ ان جي به Dusting ڪندو هو. پر پوءِ جيئن ئي ڪجهه بندرگاهن بعد جهاز بنگال جي بندرگاهه چٽگانگ ۾ آيو ۽ فخروءَ جي ٽيبل تي فلم ائڪٽريس جو فوٽو سندس اوچتو آيل پيءُ ڏسي، فخروءَ کي دٻ پٽي ته ان کي ان ئي وقت جهاز جي Port- hole (دريءَ) مان هيٺ خليج بنگال ۾ ٿڌو ڪيو ويو. يعني وحيده رحمان جي تصوير کي.

”ان وقت توهان جو دلپسند هيرو ڪير هو؟“ دودي پڇيو.

”توهان کي تعجب لڳندو ته اسان جو فيوريٽ هيرو شمي ڪپور هو. تن ڏينهن ۾ اميتاڀ وغير جهڙا اڃا ميدان ۾ نه لٿا هئا. راجڪپور وڏا  خرچ ڪري پنهنجن پٽن کي مٿانهو ڪرڻ لاءِ ”ايوننگ ان پئرس“ جهڙيون فلمون نه فقط ٺهرايون هيون پر دنيا جي مختلف ملڪن ۾ Distribution ڪئي هئي ۽ اسان اهي فلمون بيروت، ممباسا  ۽ ڪولمبو جهڙن بندرگاهن ۾ ڏٺيون. پوءِ سگهوئي سن 1970ع ڌاري سنگاپور ۽ دبئي ۾ راجيش کنا ۽ اميتاڀ جون فلمون  ڏسي دٻي  مهانڊي شمي ڪپور کي وساري نون جي تعريف ڪڻ لڳاسين. 1970ع تائين ته ٽي وري يا ڪيسٽ  رڪارڊ به اهڙو عام نه ٿيو هو. وديو ۽ ڪمپيوٽر جو ته ڪنهن سوچيو به ڪونه هو. هر بندرگاهه ۾ وڏي وندر انڊين فلمون ڏسڻ هو. سئنيما هال بندرگاهه کان ڪيترو به پري هجي، بس نه ويندي هئي ته ٽيڪسيءَ  ۾ اتي پهچي ويندا هئاسين. اڄ ٿو سوچيان ته اهي فلمون Video تي اڄ هر ڪو گهر ۾ به ڏسي سگهي ٿو. اسان بيروت، ڪولمبو، سنگاپور، پينانگ ۽ بئنڪاڪ جهڙن ڪئين بندرگاهن جون تواريخي ۽ ثقافتي جايون گهمڻ ۽ ڏسڻ بدران فلمن پٺيان پئسي ۽ وقت جو زيان ڪندا رهياسين. ڇا ڪجي انهن ڏينهن ۾ پنهنجي وطن وربو هو ته هر ڪو دوست يار پڇندو به انهن فلمن بابت هو. تن ڏينهن ۾ انڊين فلمون ڏسڻ وڏو Stauts Symbol هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org