سيڪشن؛  سفرناما

ڪتاب: دهليءَ جو درشن

باب: -

صفحو : 15

 

دهليءَ جي گهٽين ۾

ٻه ٽي ڏينهن پنهنجي گروپ سان دهليءَ کان ٻاهر گهمڻ بعد ڪالهه وري واندڪائي ملي ۽ مون دهليءَ جو هي تاريخي شهر گهمڻ چاهيو ٿي جيڪو مغل شهنشاهه بابر جهڙي کي پسند نٿي آيو. هو اتر کان ٿڌن ملڪن کان آيو هو تڏهن ته هن  پنهنجي يادگيرين جي ڪتاب ۾ لکيو آهي...

”هن کي (دهلي جي رهاڪن کي) نه گهوڙا آهن نه سٺو گوشت، نه انگور آهن، نه خوشبودار گدرا، نه سٺو ميوو آهي ۽ نه برف يا ٿڌو پاڻي، هنن جي بازارين ۾ نه سٺو کاڌو آهي ۽ نه نان، نه غسل خانا آهن نه ڪاليج، نه ڏيا، شمعدان يا ميڻ بتيون.“

بابر جون لکيل ڪي ڪي ڳالهيون به عجيب آهن پر سائين بادشاهه جو ٿيو ۽ سو به هندستان جهڙي عظيم ملڪ جو. بهرحال دهلي يا هندستان جي ٻين شهرن جي افسوس ناڪ حالت کي هو اتر کان ڪهي سڌارڻ لاءِ آيو هو، پر ڇا هن اهو سڌارو عوام جي ڀلي لاءِ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي يا پنهنجي عياشيءَ لاءِ. بابر هندستان تي 1527ع کان 1530ع تائين ٽي چار سال حڪومت مس ڪئي ان بعد سندس اولاد حڪومت ڪندو رهيو.

گذريل هفتي جنهن آٽو رڪشا واري سان دهليءَ جو چڪر هنيو هوم تنهن همايون جي مقبري تي پنهنجي معلومات مطابق مون کي چيو هو.

”سائين مغل گهراڻي جو هي ٻيو شهنشاهه ڏاڍو Unfortunate ماڻهو هو، هو ٻن مشهور شخصيتن پيءُ بابر ۽ پٽ اڪبر جي وچ ۾ ڦاسي پيو.“

منهنجي خيال ۾ مئٽرڪ پاس ۽ گهڻي ڳالهائڻ جي عادت وارو اهو آٽو رڪشا وارو جنهن پاڻ کي ڊرائيور گهٽ پر گائيڊ گهڻو ٿي سمجهيو اهو ڪنهن حد تائين صحيح به هو. مئٽرڪ تائين جيڪي انگريزن جا تاريخ جا لکيل درسي ڪتاب اسان جي مسلمانن طرفان ترجمو ٿيل پڙهياسين يا ڊگهن سامونڊي سفرن جو وقت کٽائڻ لاءِ جيڪي تواريخ جا ڪتاب جهاز تي پڙهڻ لاءِ مهيا ٿي سگهيا انهن مان اهوئي لڳي ٿو ته هي آٽو رڪشا ڊرائيور ونود ڪافي حد تائين صحيح ٿو چوي. همايون جيتوڻيڪ ذهين حاڪم هو پر ساڳي وقت Unbalanced به چئي سگهجي ٿو، هن جتي شهر ٺاهيا اتي هن انهن جي تباهي به آندي، بابر جي هٿ ڪيل حڪومت جيڪا هن کي ورثي ۾ ملي ائين ئي وائڙن وانگر وڃائي ڇڏي ۽ دربدر ڌڪا کائڻ لڳو ۽ پوءِ آخرڪار هن کي اها وري واپس ملي وئي ته سندس حياتيءَ وفا نه ڪئي ۽ ڇهن مهينن بعد گذاري ويو. مغلن جي عمارت سازيءَ ۾ وڏي هاڪ آهي پر همايون توڙي سندس پيءُ جي هند سنڌ ۾ ڪا اهڙي ٺهرايل عمارت ناهي جنهن جا گڻ ڳائي سگهجن. دهليءَ ۾ همايون جو مقبرو ڏسڻ وٽان آهي ۽ مٿرا روڊ تان ايندي ويندي سندس ياد ٿو ڏياري پر ان جو ڪريڊٽ همايونءَ کي ته نٿو ڏئي سگهجي. اهو ته هن جي مرڻ بعد پوين ٺهرايو. باءِ دي وي مغلن جي ٺهرايل عمارتن ۾ همايون جو مقبرو پهرين شيءِ آهي. ٻيون عمارتون، مقبرا، درگاهون يا تاج محل سڀ پوءِ ٺهيا. همايون جو هي مقبرو وڏين ڪمانن (Arches) ۽ ٻٽي گبنڊ وارو 1565ع ڌاري سندس زال حاجي بيگم ٺهرايو ۽ Architect جي حساب سان ڪن ڳالهين ۾ تاج محل کان پوءِ ٻئي نمبر تي آهي. مٿرا روڊ تان لنگهندي ۽ هن مقبري وٽان ڦري لوڌي روڊ تي مڙڻ وقت ڪڏهن ڪڏهن ماضيءَ جي دنيا ۾ هليو ويندو آهيان ته اڄ کان ساڍيون چار صديون اڳ هتي مرحوم همايون جي بيوهه زال پنهنجي مڙس جي ياد ۾ ٺهرايل هن مقبري کي ڏسڻ لاءِ اچي بيهندي هوندي. تاج محل ته اڃا ٺهيو نه هو ۽ نه وري ڪا ٻي اهڙي اهم عمارت مغلن طرفان ٺهي هئي. هي هڪ اهڙو شاندار Monument ٺهي رهيو هو جنهن جي هو سنڌ ۾ وڏي هاڪ هلي رهي هوندي ۽ سالن تائين هلي هوندي ۽ پوءِ بعد ۾ ٻين عمارتن، باغ باغيچن ۽ خاص ڪري تاج محل ٺهڻ ڪري ماڻهن جو ڌيان هٽي ويو هوندو نه ته اڄ ڏينهن تائين حاجي بيگم جي تعريف پئي هلي ها ته زال ته همايون شهنشاهه جي چئجي جنهن پنهنجي مڙس مٿان بهترين مقبرو ٺهرايو جنهن تي هيترو خرچ ۽ هيترا سال لڳي ويا. ساڳي طرح هن وقت اهو سوچي افسوس ٿو ٿئي ته هي ئي مغلن جو مقبرو هو جنهن اندر لڪل مغل گهراڻي جي آخري شهنشاهه بهادر شاهه کي 1857ع واري بلوي ۾ انگريزن هن مقبري ۾ پڪڙي ورتو ۽ مغل بادشاهت جيڪا هندستان ۾ 330 کن سال قائم رهي ان جي The End ٿي وئي. بهادر شاهه کي ملڪ بدر ڪري رنگو (هاڻوڪو ينگون) موڪليو ويو ۽ سندس اولاد کي ماري ختم ڪيو ويو.

بهرحال دهليءَ جهڙي تاريخي شهر ۾ نه فقط مون جهڙو پر ٻيا به ڪيترائي ٽوئرسٽ ماضيءَ جي يادين ۾ هليا ويندا هوندا ۽ اها تاريخ ماضي ئي آهي جيڪو دهليءَ کي ڏسڻ وٽان ۽ خوبصورت بنائي ٿو ۽ انسان ان گذري ويل وقت ۾ ايڏو گم ٿيو وڃي جو هن کي حال جي مٽي، ڌوڙ، مکين، مڇرن، ٽرئفڪ جي دونهين ۽ ماڻهن جي پيهه پيهان جو ذرو به احسان نٿو ٿئي. مون دهلي شهر جو وري چڪر هڻڻ چاهيو ٿي. رهجي ويل شيون ڏسڻ چاهيون ٿي، پراڻي رڪشا ڊرائيور ونود ڪمار جو موبائيل نمبر هوم پر پوءِ تيار ٿيڻ بعد رستي تي نئين رڪشا ئي ترسائڻ بهتر سمجهيم جو مون کي هاڻ ڀاڙي جي Idea ته ٿي وئي هئي. جيڪڏهن ڪو آٽو رڪشا وارو مون کي نئون سمجهي ٽيهه چاليهه روپيا وڌيڪ ٿو وٺي ته اهو هن جو حق آهي جو آئون به رستي تي ڪيترائي دفعا رڪشا کي بيهاري فوٽو ڪڍان ٿو جنهن ۾ هن جو ڪافي وقت ضايع ٿئي ٿو. پر يارو هڪ ڳالهه حق جي ڪبي ته دهليءَ جا، بلڪه هيستائين انڊيا جي جن به شهرن مان ٿي آيو آهيان، ان مان اهوئي لڳي ٿو ته سڄي انڊيا جا ڊرائيور ٻين ملڪن جي ڊرائيورن کان سٺا آهن. پوءِ هو چاهي بسين جا هجن، ٽئڪسين جا، آٽو رڪشائن يا رڪشائن جا. ڀاڙو به يورپ، ملائيشيا، جاپان جهڙن ملڪن کان ته گهٽ آهي پر پاڪستان کان گهٽ آهي. رستن تي امن امان آهي هر ڪو فضيلت سان گاڏي هلائي ٿو ۽ هر ڊرائيور پوليس کان ڊڄي ٿو، هر ڊرائيور چاهي ٿو ته سوار خوش رهي ۽ سندس شڪايت نه ٿئي.

رستي تان لنگهندڙ هڪ آٽو رڪشا واري کي بيهاريم.

”ميٽر تي هلندين يا اُڪو؟“ مون پڇيومانس.

”توهان جي مرضي.“ ڊرائيور چيو.

”مون کي هتان چئن پنجن جاين تي وٺي هل ۽ وري واپس هتي اچي ڇڏ، گهڻو وٺندين.“

”ڪٿي ڪٿي هلندائو؟“

”جاميا ملي اسلاميه يونيورستي، جمنا ندي جو ڪنارو، حضرت نظام الدين اولياء جي درگاهه، جامع مسجد ۽ لال قلعو، رستي تي فوٽو به ڪڍڻا اٿم.“

”سائين جامع مسجد ۽ لال قلعو ته هتان کان چڱو پري آهي، پهچڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ ۾ توهان کي وقت لڳندو.“

”چڱو ڳالهه ٻڌ هن وقت صبح جا نو کن ٿيا آهن تون چار ڪلاڪ کن مون سان گڏ هجڻ جا گهڻا وٺندي، يعني هڪ بجي هتي اچي لاهجانءِ.“ مون پڇيو مانس. هن ٿوري دير سوچي اڍائي سؤ چيا ۽ مون هائوڪار ڪئي ته ڪلاڪ اڌ وڌيڪ لڳو ته ٻه سؤ روپيا کن وڌيڪ ڏيڻ به سستو ڪم آهي. جنهن ڏينهن کان آيو هوس ته اهو سچي رهيو هوس ته جمنا ندي جيڪا دهليءَ مان لنگهي ٿي اڃا نظر نه پئي اچي. نيٺ ڪالهه رات نماز تي گوبندا پوري واري مسجد جي قاريءَ کان پڇيم ته جمنا ندي ڪٿان وهي ٿي.

”سائين هتان ويجهو ته آهي. ٻه اڍائي ميل هن پاسي ويندائو ته جمنا ندي آهي. هونءَ به توهان جاميا ملي اسلاميا يونيورسٽي وڃو پيا ته ڀرسان ئي توهان جمنا ندي ملندي. جاميا يونيورسٽيءَ جي ڀرسان نگر ۽ ان سان گڏ ابوالفضل ڪالون بلڪل جمنا نديءَ جي ڪناري تي آهن. جاميا نگر جي ٻئي پاسي غفار نگر ۽ ذاڪر نگر آهن. انهن سڀني جي سامهون يعني جمنا ندي جي ٻئي ڪناري تي نوئيندا جو نئون ۽ ماڊرن شهر ٺاهيو ويو آهي جنهن کي جمنا نديءَ مٿان ٺهيل پل نوئيندا پرج دهليءَ جي اندرين Ring Road سان ملائي ٿي. نوئيدا ۽ گرگائون شهر بلڪل نوان ۽ دنيا جي ماڊرن شهرن وانگر اڏيا ويا آهن جيئن اسان وٽ اسلام آباد آهي پر اسلام آباد کي ٺهي وڏو عرصو ٿي ويو آهي، هي هاڻ ڪجهه سال اڳ ٺهيا آهن، سو هنن ۾ هر ڳالهه ۽ سهولت جو وڏو خيال رکيو ويو آهي. دهلي شهر جا امير ماڻهو نوئيندا ۽ گرگائون وڃي رهيا آهن جيڪي شهر هنن لاءِ يورپ جي شهرن کان  گهٽ ناهن. ساڳي وقت دهليءَ کي وڌيڪ Congested ٿيڻ کان بچايو ويو آهي.

دهلي شهر وٽان لنگهندڙ هن ندي جمنا تي مٿين نوئيدا پل کان علاوه ٻيون به ڪيتريون ئي پليون آهن جيئن ته وزيرآباد پل جيڪا دهليءَ جي اتراهين حصي کي جمناجي ٻئي پاسي ٺهيل وزيرآباد روڊ سان ملائي ٿي جيڪو رستو اترپرديش جي شهر غازي آباد تائين هليو وڃي. دنيا جي مشهور ۽ پراڻي رستي گرانڊ ٽرند روڊ کي (جيڪو لاهور کان ڪلڪتي تائين هليو وڃي ٿو) جمنا نديءَ تان ISBT پل ملائي ٿي. هن پل جي ڀرسان ئي دهليءَ جي ميٽرو ريل جمنا ندي ڪراس ڪري ٿي. ان کان علاوه جمنا نديءَ مٿان وڪاس مارگ ۽ نظام الدين (اولياء) جي نالن سان ٻه پليون آهن.

هتي ٻه اکر جمنا (Yamuna) نديءَ بابت لکڻ بي محل نه ٿيندو جنهن نديءَ جو نالو اسان ننڍي هوندي کان جاگرافي تاريخ جي ڪتابن ۾ پڙهون ٿا، ٻيو نه ته ڪيترين ڇوڪرين جا اهي نالا ٻڌا هونداسين جيڪي هندستان جي ٻن اهم ندين جمنا ۽ گنگا جا نالا آهن جيئن اسان وٽ سنڌ ۾ سنڌو آهي. ٻيو نه ته انهن ندين جا نالا انڊين فلمن ۾ ضرور ٻڌا هونداسين جن جو سنگم الهه آباد وٽ ٿئي ٿو ۽ جتي هندن جو وڏو ميلو کنڀ ميلو پڻ لڳي ٿو.

جمنا ندي چوڏهن سؤ کن ڪلو ميٽر (860 کن ميل) ڊگهي ندي آهي، جيڪا اتر ۾ هماليه جبلن تان شروع ٿي هن شهر دهلي ۽ آگري وٽان ٿي الهه آباد ۾ گنگا نديءَ سان وڃيو ملي. گنگا وانگر هن نديءَ جي ڪپر تي به ڪيترائي مندر، مقبرا ۽ تاريخي شيون آهن جن مان تاج محل پڻ هڪ آهي. دهلي شهر مان وهندڙ اها ندي جنهن جو پاڻي ڪجهه ڪلاڪن بعد تاج محل وتان پيو لنگهي ان کي نه ڏسڻ بدسوڻي آهي. ان ڪري رڪشا وارو پهرين مون کي جمنا نديءَ جي ڪناري تي وٺي آيو جيئن آئون ڪجهه فوٽو ڪڍي سگهان، ڀر ۾ غفار ڪالوني ڇا اسان جي بزرگ سياستدان (ولي خان والد صاحب) نالي تي ته نه آهي؟ اڃا تائين ڪنهن کان پڇڻ جو موقعو نه مليو اٿم پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته انڊيا جو عوام توڙي حڪومت اسان جي غفار خان صاحب کي وڏي عزت جي نگاهه سان ڏسن ٿا ۽ کيس سرحدي گانڌي سڏين ٿا. مين روڊ تي لڳل ”غفار منزل ڪالوني“ جي بورڊ اڳيان بيهي فوٽو ڪڍايان ٿو. ان مين روڊ جو نالو محمد علي جوهر مارگ آهي، هر ملڪ ۾ روڊن جا انگريزي ۽ مڪاني ٻولين جا نالا ٿين ٿا جيئن اسان وٽ روڊ ۽ اسٽريٽ کان علاوه رستن لاءِ شاهراهه ۽ ڊفينس سوسائٽي جهڙن علائقن ۾ ته لين، بليوارڊ ۽ خيابان به استعال ٿئي ٿو، ملائيشيا ۽ ڀر وارن ملڪن ۾ ”جالان“ لفط استعمال ٿئي ٿو جيڪو ملئي لفظ آهي جنهن جي معنيٰ رستو آهي. تيئن هتي انڊيا جي شهرن ۾ وڏي ۽ ويڪري رستي کي مارگ چون ٿا، جيڪو شايد هندي، سنسڪرت يا ڪنهن ٻي زبان جو لفظ هجي. سو هن روڊ جو نالو جنهن تي جاميا مليه يونيورسٽي آهي محمد علي جوهر مارگ آهي، جيڪو مولانا محمد علي جوهر نالي آهي.

آٽو رڪشا وارو روڊ تا ڦري ٻئي پاسي جاميا جي گيٽ وٽ اچي ٿو، سامهون مرزا غالب جي ڏه فوٽ کن ڊگهي اسٽيچيوجي چوڌاري ڪيترائي شاگرد ۽ شاگردياڻيون ڦري رهيون آهن، آئون ساڻن خبرچار ڪريان ٿو، هتي اچڻ کان اڳ مون سمجهيو ته هن يونيورسٽيءَ ۾ فقط مسلمان پڙهن ٿا پر سامهون ايندڙ پهرين ٽن ڇوڪرين کان معلوم ٿيو ته هنن ۾ ٻه هندو آهن ۽ هڪ سک آهي.

”انڊيا جو هي بهترين تعليمي ادارو آهي، جيڪو جيتوڻيڪ مسلمانن جي ڪوشش سان ٺهيو پر ملڪ جو هر شاگرد هندو توڙي عيسائي هن اداري مان تعليم حاصل ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪري ٿو.“ هي ڇوڪريون ٻڌائين ٿيون.

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن تعليمي اداري جن حالتن ۾ جنم ورتو ۽ Survive ڪيو اها هڪ قابل داد ڳالهه آهي. هڪ ننڍي اسڪول مان ترقي ڪري هڪ اهڙي وڏي يونيورسٽي ٿيڻ جنهن تي هندستان کي ته ڇا دنيا جي سڀني مسلمانن کي فخر آهي. بقول سروجني نائيدو جي جيڪا هندستان جي بلبل سڏجي ٿي:

Jamia Millia is a saga of dedication, conviction and vision of people who worked against all odds and saw it growing step by step. Thy built up the jamia Millia stone by stone and sacrifice by sacrifice.

هي تعليم ادارو جاميه اسلاميه پهرين هڪ ننڍڙي اسڪول جي صورت ۾ علي ڳڙهه (اتر پرديش) ۾ 1920ع م، ٺهيو. ڪرچمند گانڌيءَ جي Quit India تحريڪ جنهن ۾ هن انگريزن کي انڊيا ڇڏڻ ۽ انڊيا جي ماڻهن کي انگريزن جي هر شيءِ کان بائيڪاٽ ڪرڻ جي سڏ تي علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽي جي ڪجهه ٽيچرن ۽ شاگردن علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽيءَ ۾ انگريزي نموني جي هلندڙ تعليم بدران پنهنجي نموني جو تعلمي ادارو کولڻ جو ارادو ڪيو. انهن ۾ چند ماڻهو هي هئا جيڪي اڳيان هلي ننڍي کند جون اهم شخصيتون ثابت ٿيون:

مولانا محمود حسن، مولا محمد علي، حڪيم اجمن خان، ڊاڪٽر مختيار احمد انصاري، عبدالحميد خواجه وغيره وغيره.

هن تعليمي اداري کولڻ ۾ گانڌيءَ به مسلمانن جي وڏي مدد ڪئي ۽ هڪ فائونڊيشن ڪميٽي 29 آڪٽوبر 1920ع ۾ ٺاهي وئي جنهن ۾ مٿين شخصيتن کان علاوه يوپي جا مولانا سليمان ندوي، مولانا شبير احمد عثماني، مولانا حسين احمد مدني ۽ چوڌري خليق زمان (جنهن جي نالي تي ڪراچيءَ ۾ تين تلوارن وٽ روڊ به آهي) پنجاب جو ڊاڪٽر سيف الدين ڪچليو ۽ ڊاڪٽر اقبال شاعر، بهار صوبي کان مولانا ابوالڪلام آزاد ۽ سنڌ بمبئي پاسي کان سيٺ عبدالله هارون (ڊان اخبار وارو) مولانا عبدالحق (باباءِ اردو) سيٺ ميان محمد حاجي جام ڇوٽاڻي وارا ۽ ٻيا چونڊيا ويا ۽ ان ئي ڏينهن جاميه مليه اسلاميه جي پيڙهه جو پٿر مولانا محمود حسن رکيو. مهيني کن بعد جاميه جي لاءِ پهريون چانسلر حڪيم اجمل کي چونڊيون ويو. وائيس چانسلر جي پوسٽ گانڌي صاحب ڊاڪٽر علامه اقبال صاحب کي آفر ڪئي پر هن جي قبول نه ڪرڻ تي مولانا محمد علي جوهر کي ڏني وئي.

سال ٻن بعد انگريز حڪومت هندستان جي مسلمانن توڙي هندن تي سختيون شروع ڪري ڏنيو، ڪيترن نيشنلسٽ قسم جي شاگردن ۽ استادن کي جيل ۾ وڌو ويو. نيٺ 1925ع ۾ جاميه کي لکنؤ مان شفٽ ڪري دهليءَ جي ڪارول باغ علائقي ۾ آندو ويو. گانڌي هر وقت هن تعليمي اداري جو مورال مٿانهون ڪندو رهيو، هڪ هنڌ ته هن ايتري قدر چيو ته:

The jamia has to run. If you are worried about its finances, I will go about with a begging bowl.

حڪيم اجميل خان لاءِ چون ٿا ته هو ان مشڪل وقت ۾ پنهنجي کيسي مان جاميه جي خرچ جو وڏو حصو ڏيندو رهيو ۽ ڊاڪٽر ذاڪر حسين، ڊاڪٽر عابد حسين ۽ ڊاڪٽر محمد مجيب جهڙن پروفيسرن جن جرمني مان پي ايچ ڊي ڪئي هئي ۽ اتي ئي نوڪريءَ ۾ هئا، جرمني ڇڏي تقريبا مفت ۾ اچي جاميه ۾ نوڪري ڪئي. انهن نه فقط صبح جو پر شام جو به پڙهائڻ شروع ڪيو. شام جو هنن تعليم بالغان شروع ڪئي جيڪا اڳتي هلي 1938ع ۾ ”اداره تعليم وترقي“ جي نالي سان مشهور ٿيو.

ڊاڪٽر ذاڪر حسين جي خدمتن جي اعتراف ۾ ته ويندي گانڌيءَ هڪ هنڌ چيو:

The goodness of a good man is itself his true jubilee. Dr. Zakir Husain‘s great work itsef is his true greatness.

مهاتما گانڌيءَ جو اهو قول جاميه جي هڪ در وٽ وڏي پٿر تي اڪريل نظر اچي ٿو. ڊاڪٽر ذاڪر حسين نالي جاميه ۾ يادگار ميوزيم به آهي. 1928ع ۾ حڪيم اجمل خان جي وفات بعد جمايه جو ٻي نمبر تي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ذاڪر حسين ٿيو. جاميه کي هر وقت پئسي ڏوڪڙ جي کوٽ رهي ٿي ۽ شاگردن کي اهوئي خدشو رهيو ٿي ته بنا پگهار يا گهٽ پگهار تي ڪم ڪندڙ ٽيچر اڄ آهن پر سڀاڻي به رهندا يا نه. ان وڳوڙ مان ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ ڊاڪٽر ذاڪر پاڻ سان گڏ هڪ ٽيچرن جوگروپ ٺاهيو ۽ سڀني اهو واعدو ڪيو ۽ قسم کنيو ته اسان ايندڙ ويهه سالن تائين جاميه جي خدمت ڪندا رهنداسين ۽ ان جو اجورو مهيني ۾ فقط ڏيڍ سؤ روپيا وٺنداسين. ان گروپ جي ٽيچرن کي جامعيه جو لائيف ميمبر سڏيو ويو جن مان ڪجهه جا نالا هن ريت آهن:

حافظ فياض احمد، جنا شفيق الرهمان ڪدوائي، مولانا محمد اسلم جيرا جپوري، پروفيسر مجبي، خواجه عبدالحئي وغيره.

1935ع ۾ دهلي جي اوکلا علائقي ۾ هڪ اسڪول جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو. انهن ڏينهن ۾ اوکلا هڪ گمنام ڳوٺ هو جنهن جو نقشي ۾ به نالو نه هو. 1936ع ۾ جاميه جا سڀ ڊپارٽمينٽ ڪارول باغ کان اوڏانهن شفٽ ڪيا ويا.

1939ع ۾ ڊاڪٽر ذاڪر حسين جي دعوت تي سنڌ کان مولانا عبيدالله سنڌي (ڄم جي تاريخ 1872ع، وفات 1944) جاميه ۾ اچي رهيو. هن جاميه ۾ بيت الحڪمہ نالي اسلامڪ اسٽڊيز جو اسڪول کوليو جتي هن شاهه ولي اللہ جي آئيڊلاجي جو سبق ڏنو.

جاميه جي لئبريري هال ۾ هن جاميه جي سلور جوبلي جي هڪ تصوير لڳل آهي جيڪا 1946ع ۾ ٿي هئي. ان ۾ جاميه جو وائيس چانسلر ذاڪر حسين وچ ۾ بيٺو آهي. سندس هڪ پاسي محمد علي جناح ۽ لياقت علي خان آهن ته ٻئي پاسي پنڊٽ جواهر لعل نهرو، آصف علي ۽ سر راجا گولا پاچاري بيٺل آحن، هندستان جي آزاديءَ بعد ڊاڪٽر ذاڪر حسين انڊيا جو پريزيڊنٽ ٿيو ۽ پوءِ جاميه جي چانسر عبدالمجيد خواجه جي وفات  بعد، 1963ع ۾ ڊاڪٽر ذاڪر حسين هن يونيورسٽي (جاميه مليه) جو چانسلر به ٿيو ۽ ان ئي سال جاميه کي يونويرسٽي گرانٽس ڪميشن طرفان يونيورسٽي جو درجو حاصل ٿيو.

جاميه ۾ اچڻ وقت رستي تي ڪيترن هنڌن تي ملائيشا جي پرائيم منسٽر احمد بداوي جا پوسٽر ڏٺم جيڪي هن يونيورسٽيءَ ۾ اچڻ ۽ آنرري ڊاڪٽوريٽ ڊگري وٺڻ کان اڳ جا لڳل هئا، يونيورسٽي پهچڻ کان اڳ اهي پوسٽر ڏسي مون اهوئي سوچيو ته ملائيشيا جي وزيراعظم جي اچڻ ڪري هن يونيورسٽي (جاميه مليه اسلاميه) جي وڏي لئه ٿي وئي هوندي پر پوءِ جڏهن هن يونيورسٽي جي اڌ ميل کن ۾ ڊگهي عمارت، انجنيئرنگ، سائنس کان آرٽس جا انيڪ ڊپارٽمينٽ، ڊسپلينڊ شاگرد ۽ اعليٰ تعليم جا ماهر پروفيسر ڏٺم ته پوءِ اهو سوچيم ته ملائيشيا جي وزيراعظم بداويءَ جي هتي اچڻ ڪري هن يونيورسٽي جي نه پر بي اي پاس بداويءَ جي وڏي لئه ٿي وئي هوندي. 1986ع جڏهن هو وزير ٿيو هو ته مون هن کي پنهنجي مئرين انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ ملاڪا ۾ چيف گيسٽ ڪري گهرايو هو ته جيئن اسان جي اڪيڊمي جي لئه ويهي ۽ هو اسان جي اڪيڊمي جيڪا هن يونيورسٽي جي مقابلي ۾سمجهيو ته پوسٽ ڪارڊ تي ٽڪلي هئي، مان بيحد متاثر ٿيو هو، اڄ هو ملائيشيا جو وزيراعظم آهي.

يونيورسٽي جي هڪ پروفيسر جن اهم ماڻهن جا نالا ٻڌايا جيڪي هتان گهمي ويا آهن انهن مان ڪجهه هي آهن: يوگوسلاويه جو ليڊر مارشل ٽيٽو، افغانستان جو بادشاهه ظاهر شاهه، سعودي عرب جو شهزادو فيصل، ايران جو شهنشاهه رضا شاهه پهلوي وغيره وغيره. يونيورسٽيءَ کان ٻاهر نڪتس ته ڊرائيور وڏي مرڪ سان منهنجو آڌرڀاءُ ڪيو يعني منهنجي گهڻي دير لڳائڻ ڪري هن کي جيڪو خوف هو ته آئون شايد ٻئي در کان ڀڄي ويس ۽ سندس ڀاڙو کائي ويس سو غلط ثابت ٿيو ۽ هن جا ٻڏل پئسا بچي ويا ۽ پوءِ يڪدم ٿورو ناراضگيءَ وارو چهرو ٺاهيائين يعني هر هنڌ مون هيڏي دير ڪئي ته هن جي رات ٿي ويندي. سگنل چٽو چپاٽو هو، سندس ويجهو پهچي چيومانس:

”ڏس تون پئسن جو فڪر نه ڪر مقرر ڪيل وقت کان وڌيڪ وقت  جا توکي ٻيڻا ڪري پئسا ڏيندس.“

”نهين صاحب ميرا مطلب يه نهين هي، تصوير نکالون؟“

”جي ها ضرور.“ مون به خوش ٿيندي هائوڪار ڪئي جو مون کي هڪ ٻه تصويرون اڃا ڪڍائڻيون هيون، جاميه جي جنهن شاگرد يا شاگردياڻيءَ کي تصوير ڪڍڻ لاءِ ٿي چيم ته هن پهرين ڀري ڪتابن جي مون کان ٿي جهلرائي ۽ پوءِ ڪئميرا وٺي فوٽو ٿي ڪڍيا. بهرحال رڪشا ڊرائيور منهنجا فوٽو ڪڍڻ لڳو. هتي، هتي، هن در اڳيان، هن بورڊ اڳيان... ۽ پوءِ آهستي آهستي واڪ ڪندو اچي رڪشا ۾ ويٺس. هي رستو اهو آهي جنهن تي گذريل ستر سال، 1936ع کان وٺي خبر ناهي ڪهڙا ڪهڙا عالم، حاڪم، پروفيسر ۽ دانشور هليا ۽ انهن ۾ هڪ مولانا عبيدالله سنڌي پڻ! ۽ ان تان ياد آيو ته هن جاميه ۾ ٻين ملڪن کان به ڪيترائي وڏا تعليمي ماهر پڙهائڻ لاءِ آيا جيئن ته مصر جو بهاجت وهابي، ترڪيءَ جو مڊئم هالد اديب وغيره. مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي ڏينهن ۾ جرمني جي هڪ ليڊي پروفيسر گرڊا فلپسبون نالي پڻ هئي جنهن کي عام طور ”آپا جان“ سڏيندا هئا. هن ڪيترائي سال هن يونيورسٽيءَ ۾ پڙهايو کيس مرڻ بعد جاميه جي احاطي ۾ ئي دفن ڪيو ويو.

هن جاميه جو نشان ٻن کجين جي وچ ۾ تارو (Star) آهي جنهن اندر الله اڪبر لکيل آهي ۽ هيٺ چنڊ جي هيٺان جاميه مليه اسلاميه دهلي لکيل آهي ۽ چنڊ جي مٿان ٺهيل ڪتاب تي قرآن جي آيت: علم الانسان مالم يعلم لکيل آهي. جاميه جو ترانو محمد خليق صديقيءَ جو لکيل آهي:

ديا شوق ميرا ديا شوق ميرا

شهر آرزو ميرا، شهر آرزو ميرا.... وغيره

جاميه جو اڄڪلهه وائيس چانسلر پروفيسر مشيرالحسن آهي جيڪو 2004ع کان آهي ۽ ان کان اڳ چار سال کن سيد شاهد مهدي هو ۽ ان کان اڳ ليفٽيننٽ جنرل ايم اي ذڪي هو.

آٽو رڪشا وارو هاڻ مون کي حضرت نظام الدين اولياء جي درگاهه تي وٺي هلڻ چاهيو ٿي جيڪا اتان ويجهي هئي. ”يار ٿورو تکو تکو هل.“ هاڻ مون کي جلدي ٿيڻ لڳي. ويچارو شريف ڊرائيور گهڻو ئي تکو هليو پر هڪ هن ٽرئفڪ جام ۾ ڦاسي پيو. ڪارون، بسيون، ٽئڪسيون، آٽو رڪشائون، سائيڪل ۽ موٽر سائيڪلن تي سوار هڪ ٻئي ۾ ڀجندا وياسين.

”ڇا ڳالهه آهي سنگنل بند آهي؟“ مون پڇيو.

”سر خبر ناهي.“

”ڪو حادثو ٿيو آهي.“

ٽيڪسي ڊرائيور گهڻو ئي ڳاٽ ٻاهر ڪڍي پري پري تائين ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن کان ڊگهو آئون هوس مون کي ئي ڪجهه نظر نه پئي آيو. فقط گاڏيون ئي گاڏيون هيون. ڊرائيور گهڻو ئي پنهنجي رڪشا کي موڙي پڍيان موٽي ڪو ٻيو رستو اختيار ڪرڻ ٿي چاهيو پر سڀ گاڏيون ائين ته هڪ ٻئي ۾ ڦاٿيون پيون هيون جيئن ڪنهن مشين جون گيئرس. پٺيان ايندڙ گاڏين جي به ڊگهي قطار ٿي وئي. آخر ويهه پنجويهه منٽن جي ٻلي پير بعد چوراهو ڪراس ڪيوسين جتي نڌڻڪين ڍڳين جي چرڻ ڪري رستا بلاڪ ٿي ويا هئا، ڪراچيءَ ۾ ٽريفڪ جام ٿيندي آهي معنيٰ صوبي جي حاڪم ڊاڪٽر ارباب جي سواري پئي لنگهي يا ملڪ جي صدر مشرف جي. پر هتي ڍڳين جي ڪري ٽريفڪ جام ٿيو وڃي اسان جي پيٽارو جي پڙهيل ارباب رحيم ۽ سينٽ پئٽرڪ جي شاگرد کين پرويز مشرف کي ته اسان گهٽ وڌ به ڳالهائي سگهون ٿا ۽ نوڪرين تان لهڻ بعد ڏنڊا به هڻي سگهون ٿا پر ڪنهن کي آهي همت جو ڳئون ماتا کي ڏنڊا هڻي پري ڪي. دهلي جهڙي راجڌاڻي جي رستن تي روز ڪٿي نه ڪٿي ڪجهه نٺر، سست، بيمار، پوڙهيون ۽ ڪاهل ڍڳيون رستو بلاڪ ڪري ڇڏين. حڪومت توڙي عوام توڙي ٽرانسپورٽرن سورن ۾ پئجيو وڃن پر ڍڳين جو سائين ڪير نالو وٺي.

”پوءِ هنن ڍڳين جو تعداد ته روز وڌندو  ويندو هوندو.“ مون هتي جي هڪ هندو رهاڪو کان پڇيو هو.

”ها، پر حڪومت لڪچوريءَ رات جي وقت انهن ڏٻرين ۽ بيمار ڍورن کي بارڊر پار ڪري ڇڏيندي آهي ته مسلمانن جي ملڪن ڏي هليون وڃن جتان وري ڪوبه نه موٽيو آهي.“ هن وراڻيو، خبر ناهي سچ يا ڪوڙ پر مون کي هن جو Sense of Humor پسند آيو جو هن ۾ ڪافي سچائي لڳي. هڪ اندين فلم يا شياد ڊرامو ڏٺو هوم جنهن ۾ ٻه دوست پنهنجي ٽين دوست مان پنهنجي جان ڇڏائڻ جو سوچي رهيا آهن جنهن هنن کي ڏڍاو تنگ ڪري رکيو هو. آخر ٻئي ان راءِ تي ٿا پهچن ته هن کي ڪنهن طريقي سان پاڪستان موڪلي ڏجي جتي روز بم ڌماڪا پيا ٿين، بسين ۽ گاڏين جا حادثا پيا ٿي، اغوام ۽ قتل پيا ٿين.... ڪٿي نه ڪٿي هو مري کپي ويندو.

بهرحال ڍڳين جي ڳالهه تان ياد آيو ته ڍڳيون نه فقط ٽريفڪ جام ٿيون ڪن پر فوٽو گرافيءَ جو مزو به ڪڍيو ڇڏين. گذريل ٻن ٽن هفتن جا فوٽو ويٺو ڏسان ته ڪيترن فوٽن ۾ رول ڍڳيون اچي ويون آهن خاص ڪري تاريخي  جاين اڳيان. هڪ ۾ ته مون پاڻ ڪنهن عمارت اڳيان بيهي فوٽو ڪڍايو آهي ته ڀر ۾ ڍڳي به اچي بيهي رهي آهي. بهيڻ وقت ته آئون اڪيلو هوس پر فوٽو ڪڍڻ واري جيسين ڪئميرا کي فوڪس ڪري بٽڻ کي دٻايو آهي تيسين خرامان خرامان ڪا ڍڳي به اچي مون سان گڏ بيٺي آهي.

”درگاهه تائين پهچڻ ۾ هاڻ باقي ٿورو پنڌ آهي.“ منهنجي پڇڻ تي ڊرائيور ٻڌايو. سنڌ هند بزرگن، درويشن، فقيرن، صوفين جي ڌرتي آهي جتي ڪيترائي اولياء، پير فقير زندگي بسر ڪري ويا جن ۾ گهڻا ئي وچ ايشيا، ايران، ترڪي افعانستان کان هتي آيا ۽ هن ڌرتي تي ئي زندگي گذاري ڇڏي. شاهه لطيف، سچل سرمست، قلندڙ شهباز، اڏيرو لعل جيان ڪيترائي بزرگ، اولياء هندستان جي ڌرتيءَ تي به رهيا جن جي اڄ تائين نه فقط مسلمان پر هن ديس جا هندو، سک ۽ ٻڌ به عزت ڪن ٿا. حضرت خواجه نظام الدين اولياء هندستان جو هڪ وڏو اولياء، درويش ۽ صوفي فقير ٿي گذريو آهي. جنهن جا هند سنڌ کان ٻاهر به معتقد آهن. هونءَ ته دهليءَ جو هي علائقو جتي حضرت نظام الدين اولياء جي درگاهه آهي اڄ کان ست اٺ سؤ سال اڳ غياث پور جي نالي سان مشهور هو پر هاڻ هن اولياء جي نالي سان سڏجي ٿو. ويندي ڀر واري پوليس اسٽيشن به هن اولياء جي نالي سان سڏجي ٿي. جنهن جي ويجهڙائي وارو ڊفينس  سوسائٽي ڪراچي جهڙو علائقو نظام الدين ايسٽ ۽ نظام الدين ويسٽ سڏجي ٿو. پکيڙ توڙي آدمشماريءَ ۾ دهلي ڪراچيءَ کان گهڻو وڏو آهي ۽ جيئن ڪراچيءَ جون ٻه ريلور اسٽيشنون آهن ڪراچي صدر ۽ ڪراچي سٽي تيئن دهليءَ جون ٽي وڏيون اسٽيشنون آهن، نئين دهلي اسٽيشن، پراڻي دهلي اسٽيشن ۽ حضرت نظام الدين اولياء اسٽيشن. پهرين اسين دهلي جي ڪارول باغ علائقي ۾ رهياسين ٿي ته اتان نئين دهلي اسٽيشن ويجهي هئي ۽ هاڻ هتان  ڪالڪاجي کان حضرت نظام الدين اسٽيشن ويجهي آهي. بهرحال منهنجو مطلب اهو آهي سڄي دنيا ۾ ڪيترائي بزرگ فقير آهن. ويندي دهليءَ ۾ ئي ڪيترن جون درگاهون ۽ مقبرا آهن پر هتي دهليءَ ۾ حضرت نظام الدين اولياء ايترو مشهور آهي جو هن جي نالي تي رود، پل بستيون ۽ ريلوي اسٽيشن آهي ۽ دهليءَ ۾ آيل هڪ نئين ماڻهوءَ کي به پهرين ڏينهن ئي خبر پئجيو وڃي ته هن اولياء جو مقبرو هتي آهي.

نظام الدين اولياء جا وڏا بخارا جا آهن، سمرقنڌ، بخارا، تاشقند، فرغنا جتي بابر ڄائو، اشڪ آباد وغيره اهي شهر تاجڪستان، ازبڪستان، ترڪمنستان جهڙن ملڪن جا آهن جيڪي افغانستان کان مٿي اتر ۾ آهن ۽ گذريل صدي گڏيل روس (USSR) جون رياستون به ٿي رهيا. اسان وٽ سنڌ ۾ به ڪيترا عالم ۽ بزرگ مرزا  قليچ بيگ کان قلندر شهباز تائين جي وڏن جو انهن ملڪن سان واسطو هو. اسان جا ڪيترا بزرگ اولياء پير انهن (وچ ايشيا جي) شهرن کان آيا. دين جي تعليم حاصل ڪيائون ۽ ماڻهن کي پيار محبت سان اسلام جو سبق ڏنائون، حضرت نظام الدين جو به ڏاڏو ”خواجه علي“ ۽ نانو ”خواجه عرب“ بخارا کان انڊيا آيا ۽ پهرين لاهور ۾ رهيا ان بعد بدايون ۾ اچي Settle ٿيا. بدايون دهلي شهر جي اتر ۾ آهي. خواجه عليءَ پنهنجي پٽ خواجه احمد جي شادي خواجه عرب جي ڌيءَ بيبي زليخا سان ڪرائي جنهن مان کين سال 1238ع ۾ بدايون شهر ۾ حضرت نطام الدين اولياء ڄائو. حضرت نظام جو پيءُ خواجه احمد بدايون شهر جو جج هو پر حضرت نظام اڃا پنجن سالن جو مس هو ته هو گذاري ويو، پٺيان هن هڪ پائي به نه ڇڏي هئي. حضرت نظام جو ننڍپڻ سخت غربت  گذريو ۽ ان غربت ۽ ڏکين ڏينهن مان ئي هن روحاني سگهه حاصل ڪئي. جنهن ڏينهن گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪجهه به نه هوندو هو ته سندن امڙ بيبي زليخا  پنهنجي پٽ ۽ ڌيءَ کي چوندي هئي ته ”ٻچا اسان رب پاڪ جا مهمان آهيون.“ ۽ پوءِ ڪڏهن لڳاتار ڪيترا ڏينهن گهر ۾ کاڌو موجود  هوندو ته ننڍڙو نظام پنهنجي ماءُ کان آهستي پڇندو هو ته امان اسان وري ڪڏهن رب پاڪ جا مهمان ٿينداسين.

بيبي زليخا وڏي همت واري عورت هئي جيتوڻيڪ ننڍي عمر ۾ هن جو ساٿي هليو ويو ۽ هوءَ نه فقط اڪيلي رهجي وئي پر کيس پئسي ڏوڪڙ جي به تنگي هئي پر هن چاهيو ٿي ته هن جو پٽ نيڪ رهي، دين جو درس ۽ دنيا جو علم حاصل ڪري. هن نظام کي مدرسي ۾ داخل ڪيو جتي هن قرآن جي ستن ئي طريقن جي قرئت سکي. ان کان پوءِ عربي زبان ۽ ان جي گرامر پڙهائي ۽ پوءِ قرآن جي تفسير، حديث ۽ فقي (اسلامي قانون) ۾ هن کي ڀڙ ڪرايو. ٻارهن سالن جي ڄمار ۾ هن کي ”علم جي پڳ“ عطا ڪئي وئي. ديني علم سان گڏ هن انگي حسابن ۽ سائنس نجوم (Astronomy) جي پڻ تعليم ورتي. خواجه شمس الملڪ ۽ مولانا ڪمال دين سندس استادن مان هئا.

حضرت نظام کي تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏ درويشن ۽ صوفين جي صحبت ۾ وهيڻ جو پڻ شوق هو جن مان هو تمام گهڻو متاثر رهيو ٿي. هڪ ڏينهن هڪ خانه بدوش قوال بدايون جي شهر ۾ آيو جنهن حضرت نظام الدين کي بابا فريد گنج شڪر ۽ هن جي اجوڌان واري خانقاه جي روحاني قسم جي ماحول بابت ٻڌايو. اجوڌان پاڪستان واري پنجاب جو شهر آهي ۽ هاڻ پاڪ تن سڏجي ٿو. بابا فريد جي نالي حضرت نطام الدين جي طيبعت ۾ عجيب لاڙو پيدا ٿيو. هن کي محسوس ٿيو ته هڪ ڏينهن اهڙو ضرور ايندو جڏهن هن کي بابا فريد جي قدمن ۾ ويهڻ جو شرف حاصل ٿيندو.

بنيادي تعليم بدايون ۾ حاصل ڪرڻ بعد حضرت نظام الدين 18 سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي ماءُ ۽ ڀيڻ سان گڏ دهلي لڏي آيو. دهلي انهن ڏينهن ۾ ترڪ سلطان جي خوبصورت گاديءَ وارو شهر هو. اهي سلان جن کي غلام گهراڻي جا بادشاهه  سڏيو وڃي ٿو، جن جو پهريون بادشاهه قطب الدين ايبڪ هو جنهن 1206ع کان 1210ع تائين حڪومت ڪئي. پاڻ اصل ۾ غلام هو ۽ ترڪستان کان وقت جي حاڪم محمد غوريءَ وٽ پهتو هو. محمد غوريءَ کي پٽ نه هجڻ ڪري هن پنهنجي هن غلام قطب دين کي جيڪو ڏاهپ، انتظاميه ۽ جنگي معاملن ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو، تخت و تاج لاءِ چونڊيو. دهليءَ جو مشهور قطب مينار جنهن جو ذڪر ان کي ڏسڻ بعد اڳتي هلي ڪنداسين دهليءَ جي هن بادشاهه نالي آهي.

قطب الدين جي مرڻ بعد ڪورٽ جي نوابن ۽ ڏاهن آرام شاهه کي تخت تي ويهاريو پر هن ڪو ٻوٽو نه ٻاريو ۽ کيس يڪدم لاهي پوءِ قطب الدين ناٺي جي التمش کي تخت تي ويهاريو جيڪو 1211ع کان 1236ع تائين دهليءَ جي تخت تي ويٺو. انهن ئي ڏينهن ۾ حضرت نطام الدين اولياء جو دهليءَ جي ڀر واري شهر بدايون ۾ 1238ع ۾ جنم ٿيو جڏهن التمش جي ڌيءَ رضيه سلطانه تخت تي هئي. رضيه سلطانه پهرين مسلمان عورت آهي جيڪا ملڪ جي حاڪم ٿي ۽ 1236ع  کان 1240ع تائين دهليءَ تي تخت تي هئي. ۽ هاڻ جڏهن حضرت نطام الدين اولياء کان 18 ورهين جي ڄمار ۾ يعني 1256 ڌاري دهليءَ ۾ آيو ته رضيه سلطانه بعد سندس ڀاءُ نصرالدين محمود دهليءَ جي تخت تي هو جيڪو حضرت نظام الدين اولياء جي  دهليءَ ۾ اچڻ بعد به ڏهه سال کن 1266ع تائين بادشاهه رهيو جنهن بعد ويهه سال کن غياث الدين بلبن دهليءَ جي تخت تي ويٺو. حضرت نظام جي عمر ماشاءَالله 86 سال رهي ۽ سندس سن 1324ع ۾ وفات تائين دهليءَ جي تخت تي خبر ناهي ڪيترا بادشاهه ويٺا. غياث الدين بلبن بعد سندس پٽ پرنس محمد تخت تي ويٺو ان بعد ٻئي پٽ جنهن جو نالو ڀڳڙو خان هو ان کي تخت جي آڇ ڪئي وئي پر هن هندستان جو بادشاهه ٿيڻ بدران بنگال يا ڪنهن ٻئي صوبي جو ئي گورنر ٿي رهڻ پسند ڪيو ۽ ان بعد ڀڳڙي جي پٽ ڪيقوياد کي 1287ع ۾ دهلي جي تخت تي ويهاريو ويو ۽ ڪجهه ٻين کي جيڪي گهڻو ڪري ڪي چند ڏينهن مس ويٺا جو کين بنهه افعال نه هو ۽ 1290ع تائين اهو سڄو گهراڻو ڪک پن ٿي ويو جنهن بعد دهليءَ جي حڪومت خلجي گهراڻي جي هٿ ۾ آئي جنهن جو پهرين بادشاهه جلال الدين خلجي 1290ع  کان وٺي 1296ع تائين بادشاهه رهيو. ان بعد علاؤالدين خلجي تخت تي ويٺو جنهن جي ڏينهن ۾ حضرت نظام الدين اولياء جهڙن بزرگن ۽ سندس مريد، اردو ۽ فارسي جي شاعر امير خسرو جهڙن جو وڏو مان ڪيو ويو. علاؤالدين 1296ع کان 1320ع تائين سڌو سنئون يا اڻ سڌي طرح دهلي جي تخت تي رهيو، وچ ۾سندس پٽ مبارڪ ۽ شهاب الدين ۽ ٻيا هن جي آشيرواد  سان تخت تي ويٺا، ان بعد هندستان جي حڪومت تغلق گهراڻي جي ور چڙهي جن هڪ سؤ کن ورهيه ڪم هلايو. پهريون بادشاهه غياث الدين تغلق پنج سال کن 1320ع کان 1325ع تائين حاڪم رهيو. جنهن جي ڏينهن ۾ حضرت نظام الدين اولياءَ سن 1324ع ۾ وفات ڪئي ۽ سال کن بعد 1325ع ۾ محمد بن تغلق دهليءَ جي تخت تي ويٺو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org