سيڪشن؛ ڪهاڻيون

ڪتاب: سنڌباد جو سفر

علي بابا

صفحو :9

گوڪان ڏائڻ ۽ پيئڻ بلا

ھوٿل پري جادوئي آرسي ۾ گوڪل ديو جي اٺن جي ايندڙ قطار ڏسي خوشيءَ کان ٻھڪي پئي ھئي. ھڪڙي مھري اٺ تي ڪجاوي مٿان اھو نوجوان واپاري ويٺل ھو، جنھن جو انتظار ھوءَ ڄڻ صدين کان ڪري رھي ھئي. ھاڻ اھو راڄاڻ سندس شاھي محل ۾ اچي رھيو ھو.

ٻانيھ شاھي محل کي سينگارڻ ۾ دنگ ڪري ڇڏيا. محل جا پڙدا ئي مٽجي ويا. نوان پلنگ ۽ پٿراڻيون وڇائجي ويا. محل جو ڏيکاءُ ئي اور ٿي پيو. سڄي محل کي لوبان ۽ اگر جو ڌوپ ڏنو ويو ۽ کٿوريءَ جي خوشبوءِ سان ڄڻ سڄو شھر واسجي ويو. ھوٿل پريءَ جي ڄڻ من جي مراد پوري ٿيڻ واري ھئي. ھوءَ جادوئي آرسيءَ اڳيان ھئي، پوءِ پنھنجي جواھرن جڙيل تخت تي اچي ويٺي. سندس حاضريءَ ۾ بيٺل گوڪان ڏائڻ بھ سندس پٺيان سڌريل پالتو ڪتي جيان ڊگھو ڊگھو ڪارو کٿو جھوليندي، سندس پٺيان اچي بيٺي ھئي.

”گوڪان – مون کي کٽڪن کڻي ڏنو آھي. اھو واپاري ڪو عام ماڻھو ڏسڻ ۾ نٿو اچي. سڄو ڏينھن جادو جي لٻاڙ پئي لڳندي اٿئي، ٻڌاءِ تھ ھاڻ انھيءَ حسناڪ نوجوان کي آئون ڪيئن پنھنجو ڪنديس؟ ڪيئن سندس دل ۾ پنھنجي لاءِ جڳھھ پئدا ڪنديس؟ ٻڌاءِ نھ تھ ڪھڙو ڪامڻ ڪنديس، جو ھو سدا لاءِ مون وٽ ترسي پوي ۽ مون سان شادي ڪري؟“ ھوٿل پري پنھنجي دل ۾ دھڪو محسوس ڪري رھي ھئي.

اھا سڄي ڳالھھ ھن گوڪان ڏائڻ کي ھڪ ساھيءَ سان چئي ھئي. ھوٿل پريءَ جي ڳالھھ تي گوڪان ڏائڻ کنڊا ڏند ڪڍي کلڻ لڳي ھئي. سندس سرمي واري ڪاري اک وڏي ٿي چمڪي پئي ھئي. گوڪان ڏائڻ آڱرين سان چپٽي وڄائيندي چيو:

”ھيئن سانئڻ، اجھو ھيئن. اھو تھ منھنجي چپٽي جو کيل آھي، کاٻي ھٿ جو کيل. ھي ٿر آھي، پيئڻ بلا جو گھر آھي. پيئڻ بلائون جي ھڪ ڀيرو ڪنھن ماڻھو جو ساھ پي وڃن تھ يا عمر اھو ماڻھو موت جي کٽولي تان اٿي نھ سگھندو. انھيءَ ماڻھو جو موت آھي سانئڻ ...... موت ........“

”آئي نڀائي ندوري، تيرھن تالي ڏائڻ، اھا ڪھڙي بڪ لاتي اٿئي. ھھڙي سڀاڳي ڏينھن بھ توکي موت ياد آھي.“

”ھا سانئڻ! ڏائڻ جا ٿيس. موت تھ برحق آھي. زندگيءَ ۾ ماڻھو کي موت کان سواءِ ٻيو ملڻو ئي ڇا آھي.“

”ڪار زباني، وات بند ڪر! نھ تھ زبان ڏنڀيندي سانءِ. خوشين جون ڪي خبرون ٻڌاءِ. ٻڌاءِ تھ ڪھڙو ڪامڻ ڪريان جو ھي واپاري مون وٽ گھر ڪري ويھي رھي. منھنجو ساڻس وھانءُ ٿي وڃي ۽ سدائين ساڻس چؤياريون ھجن.“

”تون ڇٽي آھين سانئڻ. ھي گوڪان ڏائڻ باقي ڪھڙي مرض جو علاج آھي؟ مان جيڪا نيري پيئڻ ڀلا پاليندي ٿي اچان، اھا ڪڏھن تھ کاڌو پيتو ملھائيندي. ڏاڍي پيار مان تاتيو اٿمانس. گوڪل ديو کي ئي ڏس، جواڻ جماڻ ڏٽو مٽو ڪيئن مون پڃرا پوڙھيءَ جي ڪوڙڪي ۾ قابو آھي. اٿس ڪو امان ابو ياد ۽ ھن شھر جي راجا جو ڇا حال ٿيو؟ جنھ نجي جاءِ تي تون اڄ پئي اڄ حڪم ھلائين. ٻڌاءِ، ڪٿي آھي اڄ اھو راڄ ڌڻي؟ ڀٽن ۾ پيو ڀٽڪي. ٻيو تھ ٺھيو، پنھنجو نالو ئي ياد ڪينھينس. ڪھڙا ڪھڙا ڪامڻ ويھي ياد ڏياريانءِ؟“ اھو چئي گوڪان ڏائڻ وري پنھنجي شيطاني کل ۾ لڙھي وئي. سڄو محل سندس ڀوائتن ٽھڪن سان گونجي ويو.

”گوڪان – مڪريلي ڪلاپڻ! تون پنھنجي ڳالھين کي وڌا٥ ڏئي رھي آھين. ننگر پارڪر جو راجا تھ پنھنجي ظلم ۽ ڏاڍ جي ڪري چريو ٿي ويو. ھن پاراشر رشيءَ جھڙي ڀلاري اوتار سان وير وڌو ۽ ان جو ڪتاب نگد[1] ساڙائي ڇڏيو ۽ اھا ئي ڳالھھ ھن جي تباھيءَ جو ڪارڻ بڻي. ماڻھن پٿر ۽ ڏنڊا ھڻي راجا جو مٿو ڦاڙي وڌو ۽ ھو پاڳل ٿي ويو. ڏائڻ گوڪان! ياد رک، پنھنجي گھڻي واکاڻ ڪندڙ ماڻھو ٿوڪارجي ويندو آھي.“

”سانئڻ، آئون ڪٿي ٿي پاڻ واکاڻيان. بس مون تھ اھو پئي چيو تھ ھي ڪم ذات گوڪان سدا لاءِ جي اِھو واپاري تنھنجو ڪري ڏئي تھ پوءِ؟“

”تھ پوءِ منھنجي ھيءَ سنڌ آھي تھ آئون توکي آزاد ڪري ڇڏينديس.“

”تھ پوءِ ھن گوڪان ڏائڻ جو وچن آھي تھ رات جو مان اھڙو ڪامڻ ڪنديس، جو جڏھن اھو واپاري سجاڳ ٿيندو تھ ھو اڳيون پويون سڀ يادون وساري چڪو ھوندو. ھو تنھنجي پاڇولي جيان تنھنجي پٺيان پٺيان ھلندو.“

شاھي محل جون ٻانھيون مھمانن جي سوارين اچڻ جا گھنڊ وڄائڻ لڳيون. گھنڊن جي مڌر آوازن تي ھوٿل پريءَ جي دل ۾ خوشيءَ جي لھر ڊوڙي وئي. ھن ھڪدم گوڪان ڏائڻ کي حڪم ڏنو:

”گوڪان، ھاڻ تون ڀلي وڃي پنھنجو ڪم ڪر. آئون پنھنجي مھمانن جي خذمت پاڻ ڪنديس.

”اوھان جو حڪم اکين تي سانئڻ..... اوھان جو حڪم اکين تي.“ ڏائڻ گوڪان ھوٿل پري آڏو الاھي ڀيرا ڳاٽ جھڪايو ۽ ڪنڌ لوڏيندي، گڏڪ گڏڪ ڪندي، ھلندي ڪاروڙ لڙڪندڙ کٿو گھريندي، محل مان نڪري غفائن ڏانھن وڃڻ لڳي ھئي. سندس ٽھڪن جا شيطاني آواز غفائن ۾ گونجندا ٿي ويا.

۽ ٻاھر، شاھي محل جي وڏي آڳنڌ ۾ گوڪل ديو جي اٺن اچي کوپا کوڙيا ھئا. ھاٿي جھڙو گوڪل ديو ڏاڍو سرھو ھو، ڄڻ کيپ کٽي موٽيو ھو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org