سيڪشن؛    سفرناما

ڪتاب: سير ريگستان

باب: --

صفحو :4

اڪ

 

اڪ، جنهن کي اسان جي سنڌ ۾ ڪابه عزت ڪانه آهي، سو  ٿر جو نهايت ڪارائتو ٻوٽو آهي، ان کان سواءِ جيڪو ٿر جي ماڻهن کي ڪيتريون تڪليفون درپيش اچن. سنڌ ۾ اڪ جي ڪاٺي بلڪل بيڪار آهي. صرف آتشبازيءَ جا ليسن بردار ان جي ڪاٺيءَ کي ساڙي آڱر ڪري انهن جو پائوڊر، گندرف، شوري  ۽ ٻين شين سان ملائي آتشبازيءَ جو سامان جيئن ته جلڦل، ٽونٽا وغيره ٺاهيندا آهن. اڪ جي انبن مان ڪپهه ڪڍي ڪي نرم وهاڻن جا شوقين، وهاڻا ڀرائيندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ٿڌ سبب پاسي جو سور ٿيندو آهي ته ٻهراڙيءَ  جا ماڻهو اڪ جي پنن تي ترن جو تيل مکي پاسي تي ٻڌي ڇڏيندا آهن ته فائدو ٿي پوندو آهي. اڪ جي کير ۾ سڳداسي چانور پسائي، سڪائي گهوٽي ناس ٺاهي رکبي آهي جا مٿي جي سور لاءِ مفيد هوندي آهي. اڪ جو کير چمڙي رڱڻ لاءِ اڪسير آهي. ٿر جا ميگهواڙ اڪن مان کير ڏهي سڱ ۽  سڱيون ڀري کڻي ويندا آهن جو کل کي مکڻ سان فوراً وارن کي الڳ ڪندو آهي. اڪ  جون ڦلڙيون پڻ ڪيترين دوائن ۾ ڪم اينديون آهن. ازين قسم جا ٻيا به ڪم اڪ مان ورتا ويندا آهن، جن جي خبر مصنف کي به نه هجي. مگر اها ڳالهه ڪير قبول ڪندو ته اڪ به عمارتي ڪاٺ ٿي سگهي ٿو. هن ڳالهه تي تعجب کائيندڙن کي ٿر جا ماڻهو ثابت ڪري ڏيکاريندا ته اڪ جون  ڪاٺيون ٿر جي چونئرن ۽ لانڍين لاءِ ڇتين  ۾ نهايت ڪار آمد آهن. ڪنڀٽ يا ڄار جي ڪاٺيءَ جا داسا ۽ اڪ جي ڪاٺين جون پٽيون غريب ٿرين جي ڪکائن محلن لاءِ بهترين گرڊر ۽ ٽيئر آهن. اڪ جي سڌين لامن کي وڍي انهن تان ڇوڏو لاهي ڇڏيو آهي. جڏهن ڪاٺي سڪي وڃي تڏهن بلڪل سفيد ۽ سهڻي سڌي نظر ايندي آهي. جهڙيءَ طرح سنڌ جي ڪچين جاين جي ڪچين ڇتين ۾ ڪرڙ جون پٽيون وڌيون وينديون آهن، تهڙيءَ  طرح ٿر جي چؤنرن ۽ لانڍين ۾ اڪ جون پٽيون ڪم آنديون وڃن ٿيون. اڪ جي پٽين کي نه اڏوهي کائي نه ڀؤنر زيان رسائي. ازنسواءِ هلڪيون هئڻ ڪري ڇت هلڪي به ٿئي ٿي، جنهن ڪري انهن جو بار چؤنرن جي ننڍڙيءَ گول ديوار تي يا لانڍي جي نازڪ ديوارن تي، جن جي مٽي به وارياسي ۽ ڪمزور هوندي آهي، ايترو ڪو نه ٿئي،  تنهنڪري سلامتي وڌيڪ ٿئي. اڪ مان ٿر جا ماڻهو مٿي ذڪر ڪيل خواهه ٻيا ڪيترا ڪم وٺن ٿا. سرديءَ کي پرکڻ لاءِ اڪ جو ٻوٽو ٿرين لاءِ فئر انائيت ٿرماميٽر آهي. اڪ جي پنن تي ٿڌ جو اثر معلوم ڪري ٿر جا ماڻهو چئي سگهندا  ته ٿڌ  ڪيتري حد تائين وڌيل يا گهٽيل آهي. اڪن جا پن سرديءَ  سبب سڙي سڪي ڪوچلا ٿي ويا ته چئبو ته سرديءَ جي حد ٿي چڪي.

ازانسواءِ اڪ ٿر جي ٻڪريءَ جو مکيه کاڄ آهي، ان جي کائڻ ڪري ٻڪري کير گهڻو ڪري ٿي.

 

ٿوهر

 

ٿوهر سنڌ ۾ عام ڪو نه ٿئي، ڪوٽڙيءَ کان  پرتي ڪراچي طرف جيڪا پٿرائتي ڳاڙهي زمين آهي ان ۾ جام ٿئي ٿو ۽ ڪراچيءَ جي ويجهو ملير وٽ تمام گهڻي انداز ۾ ٿئي ٿو. باقي سنڌ ۾ زمين هن ٻوٽي کان بي بهره آهي. ٿر ويچاري جا سرو ۽ صنوبر اهي ٿوهر آهن. جيئن مهراڻي يا رڻ جي ڪنڌيءَ کي ويجهو تيئن ٿوهر جام. جيئن پرتي اوڀر ڏي تيئن گهٽيا ويندا، تان جو ڇاڇري تعلقي جي وچ ۽ اوڀر واري ڀاڱي ۾ ٿوهرن جو نشان به ڪو نه لڀي. ٿوهر ويچارا ٻڪرين  ۽ ڇيلڙين لاءِ ڏڪار جي وقت ۾ واحد آسرو آهن. جنهن سال برساتون ڪو نه پون، گاهه ڪو نه اڀرن، چاري جي لاءِ پن  نالي کي نه ڏسجي، تڏهن اهي ٿوهر ئي آهن جن جي شاخن جون ڪچڙيون چوٽيون ڳاڙهن گلڙن واريون کير سان ٽمٽار ٿيل، ٻڪرين ويچارين جي جياپي جو وسيل آهن. اهڙي قحط جي وقت ۾ جڏهن سائو پن اکئين  ڪونه ڏسبو آهي، تڏهن به هڪڙي ويچاري ڄار ٻيو ٿوهر ڪجهه قدر انساني اکڙين کي ساوڪ بخشيندا آهن. سال بسال هزارين ٿوهر ڪهن ساليءَ سبب سڪي ڪومائجي رک جا ڍير  ٿي وڃن ۽ هزارين نوان ٿوهر پيدا ٿين. ڪي ٿوهر ننڍا ۽ ڪي وڏا مگر هر هڪ ڀٽ، ماٿري، ڏهر ۽ مڙهي ۾ ضرور نظر ايندا. ڪي ڪي ٿوهر ايڏا وڏا هوندا آهن جو درخت پيا نظر ايندا آهن بعضي سندن پکيڙ زمين جا ڏهه  پندرهن فوٽ همچورس والاري ويندي آهي.

سياري جي موسم ۾ مسافرن لاءِ ٿوهر سيءَ لاهڻ جو عجيب نسخو آهي. بس واٽهڙو بسم الله ڪري هڪڙي ٿر هر کي کڻي پاڙ ۾ تيلي ڏيندا پوءِ ته يڪي ڀنڀور کي باهه اچي ويندي. اردگرد پنجاهه قدمن تائين ته اونهاري جو چاليهو لڳي ويندو، سرديءَ جي ساءَ کي ماڻهو پيو سڪندو؛ جسم تي پگهر ڳڙي ايندو. ٿوهر جي ڪاٺي وري اهڙي ٻري، جهڙو اڳڙين جو موئرو يا ڪا تيل جي ڏياٽي ٻري. جيئن سخت هوا لڳي تيئن شعاع ۽ شعلو ڪري! مطلب ته سندس روشنيءَ تي ڪتاب ڪڍي  ويهي پڙهجي.

 

 

ڦوڳ

 

ڦوڳ، اهو ڀٽن جو محبوب  ترين ٻوٽو آهي، جنهن کي ڀٽن جي چمن جو سنبل ۽ سوسن سڏجي ته بجا آهي. سندس ٿڙ جي ڪاٺي ڳاڙهيري ناسي ٿئي ٿي، جنهن مان اڪثر جوڌپوري ناس جهڙو پائوڊر نڪري، جو هرهڪ ٿڙ جي پاڙ وٽ ڪٺو ٿل نظر ايندو آهي. مٿڀرو سندس ٽارڙيون سفيديءَ  ڏي مائل هونديون آهن. جڏهن سندن پن ڇڻي ويندا آهن تڏهن هر هڪ ڦوڳه ائين نظر ايندو آهي ڄڻڪ ڪو ايامن جو سڪل ٻوٽو آهي، جنهن جي دوباره سرسبز ٿيڻ جي اميد ئي رکن عبث نظر ايندي آهي. مگر قادر جي قدرت ڪامل ته جا ڪرشمائي عجيب ۽ غريب آهن. سياري پوري ٿيڻ شرط فيبروري مهيني ۾ انهن مرده ڦوڳن ۾ ساهه پوڻ شروع ٿي ويندو آهي. واهوندا وريا ته بس يڪ لخت انهن ڦوڳن ۾ سنهڙا سنهڙا گؤنچ نڪرڻ شروع ٿيندا ۽ ماڪن ۾ ڪوهيڙن جي آبياريءَ تي اها ته سبزي ۽ ساوڪ لڳيو وڃي جو ڏسندڙ جي دل مان سبحان الله! سبحان الله! جا بي ساخته ڪلمه نڪرڻ شروع ٿين ٿا. وري ڦوڳن ۾ جي ڦلڙيون پيدا ٿين ٿيون تن جي رونق ۽ خوشبوءِ ته ڀٽن کي باغ ارم جو شان بخشيو ڇڏي. ڦوڳ جا گونچ عام پنن جي شڪل جا نه آهن مگر صرف ڌاڳن وانگر آهن،  جهڙيءَ طرح لئيءَ جي وڻ جا پن ٿيندا آهن. در حقيقت ڦوڳ جو ٻوٽو ٿرين لاءِ هڪ وڏي نعمت آهي. جيڪڏهن ڦوڳ نه هجي ته ٻارڻ جي ڪاٺين لاءِ ٿر جا ماڻهو هوند گهڻو ڏکيا ٿين. ٿر جي ڀٽن ۾ ڦوڳ ئي ڦوڳ نظر ايندا. ٻار ٻچو ڪاٺيون ڪٺيون ڪري اچي. نه مٿس ڪنڊو ٿئي ته ڪهاڙيءَ جي ضرورت پوي. مزو ته وري هيءُ آهي جو ڦوڳ جون آليون ڪاٺيون به ائين ٻرن جيئن ٻين وڻن جون سڪيون ڪاٺيون. ڪاٺي سندس ٽاڪنئي ٿئي ٿي ان ڪري آسانيءَ سان هٿن سان ئي ڀڄي پوي ۽ ڪنهن ڪهاڙيءَ جي محتاجي ڪانه ٿئي. ڦوڳ جا پن کٽا ٿيندا آهن تنهنڪري جانور گهڻو ڪين کائين. ٻئي گاهه نه ملڻ  جي حالت ۾ اٺ ويچارو بک ۾ خوب کائيس باقي ٻيو چوپايو مال گهڻو ڪين وچڙيس. رڍ ۽ ٻڪري  اڃا چار چڪ هڻي باقي ڳائو مال کيس پسند ڪين ڪري، مگر چوندا آهن ته بک بڇڙي چيز آهي، جڏهن ٿر ۾ ڏڪار  پوندو آهي ۽ ڪک مور ڪو نه  هوندو آهي تڏهن بک مرندي بعض اوقات ويچارا گابا ۽ گابيون ڦوڳ کي اچي  وار ڪن؛ جنهن جو نتيجو اهو ٿئي جو ڦوڳن جي ڦلڙين ۾ جو تمام سنهڙو ان ٿئي ٿو سو سندن پيٽ ۾ آڦري پيدا ڪريو وجهي ۽ ڪيترا ڦر ڦُلا ان ڪري بيمار ٿيو مريو به وڃن. ڦوڳ جو ان ڏٿ ۾ شامل آهي. ٿر جا ويچارا ڏوٿي ماڻهو ٻين جهنگلي اناجن سان ڦوڳ جو انَّ به ڪم آڻيندا آهن. نه فقط ايترو مگر ڦوڳ جون ڪچڙيون ڦلڙيون ڀاڄيءَ  طور به چاهه چس سان کائين. ٿر جا ننڍڙا ٻار ته ڦوڳ جي ڪچي ڦوڳي کائڻ مان ڍاپندا ئي ڪين آهن. جڏهن ڦوڳ  سڪي وڃن  تڏهن ان جا پن پڻ سڪي ڳاڙها ٿي اچي هيٺ ڪِرن ۽ انهن سڪلن پنن جا ڍير لڳي وڃن، اهي سڪل پن وري ٿر جا هاري ماڻهو ميڙي ڀاڻ ڪري وارياسي زمين ۾ وجهي پوک لاءِ ڪم آڻين. ڦوڳ جو ٻوٽو ٿر ۽ ڪنٺي ۾ تمام گهڻو آهي. باقي پارڪر ۾ خواهه ڇاڇر تعلقي جي اڀرندي حصي ۾ خدا جي المختصر ته ڦوڳ جي ساوڪ بلڪل خوشنما ۽ راحت بخش آهي. ڦوڪ بلاشبه ڀٽن جي سونهن ۽ ٿر جي رونق آهي.

 

موراڙي

 

موراڙي ڏسڻ سان سڀڪو  ماڻهو پهريائين ته اهو خيال ڪندو ته ڪو مينديءَ جو ٻوٽو آهي؛ ڇو ته سندس پن ڪم و پيش مينديءَ جهڙا ئي آهن.  مگر جڏهن معلوم ٿيندو ته ميندي نه آهي، تڏهن مايوسي وٺي ويندي ۽ دل ۾ اها آس  ٿيندي ته يا خدا!  جيڪڏهن موراڙيءَ جي بجاءِ ٿر ۾ کڻي  ميندي پيدا ڪرين ٿا ته به مسڪين ٿرين جي گذران جو چڱو  ذريعو پيدا ٿي پوي ها. بذات خود موراڙي هڪ بيڪار ٻوٽو آهي.

 

ٻائري

 

ٻائري هڪ ٻٻريءَ جو قسم آهي، جنهن جا پن ٻٻريءَ جهڙا ٿين ٿا. مگر هن ٻوٽيءَ کي ٿڙ نه هوندو آهي. سنڌو سنئون سندس شاخون زمين مان جدا جدا نڪرنديون آهن ۽ چؤطرف پکڙي هڪ مزيدار جهڳٽو مچائي بيهنديون آهي. شاخن جي ڪاٺي بجنسي ٻٻر جي ڪاٺيءَ جهڙي  ٿيندي آهي. منجهس ڦلڙيون به ساڳيون ٻٻر وانگر پيلي رنگ جون ٿينديون آهن. هن جون آليون پاڙون ڪڍي ٿر جا ماڻهو ان کي ڪوڙي ڦاڪون ڦاڪون ڪري، ڏڌ ولوڙڻ لاءِ موزون منڌيون منڌيئڙا ٺاهيندا آهن. ٻائريءَ جا پن هرڻ ۽ هرڻيون خوب چاهه سان کائيندا آهن ۽ اهو سندن مکيه قوت آهي. هن نازڪ نفيس جانور جي بقاءَ زندگيءَ لاءِ وسڪاري بعد صرف ٻائري ئي اجهو ۽ آسرو آهي. سنڌ ۾ پڻ سيوهڻ جي نزديڪ جتي جي واري پڻ هوبهو ٿر جهڙي آهي، اتي  ٻائريون جام نظر اينديون آهن.

جهل، کپ ۽ ٻوهه

 

هي عام ٻوٽا آهن جي عام جام ٿين ٿا. لهذا انهن جو تفصيل سان بيان ڪرڻ غير ضروري آهي. جهل سواءِ ڏندڻ جي ٻيو گهڻو ڪم ڪونه ڏئي. کپ نهايت ڪمائتي شئي آهي، جو ان مان نوڙيون ۽ رسا وٽي سگهجن ٿا. کپ جا ٻنڌن عام طرح ڪارائتا آهن. ٻوهه اهڙو گهڻو مفيد  ڪو نه آهي. تاهم ڏڪر جي زماني ۾ بک مرندي گهوڙو ويچارو بعضي ڪنهن ٻوهه جي ٻُٿ ۾ وات وجهندو نظر ايندو آهي. ٻوهه جي ڪپهه مان ٿر جي ڪُوئن جا بسترا نرم ٿين ٿا. ڇاڇري تعلقي ۾ ته ٻوهه ايترو ٿئي ٿو جو بعضي ڏهرن جا ڏهر گهاٽن ٻوهن سان سارا سفيد نظر ايندا آهن.

 

ٻيريون

 

 ٻيريون اسان وٽ به عام آهن. ٿر جي جهنگل ۾ اڪثر ننڍيون جهنگلي ٻيريون عام جام نظر ايندون آهن، جن جا ٻير ننڍڙا ڇاپري ٻيرن جهڙا ٿيندا آهن. انهن ٻيرن جي  پاٽي، ٿر جي شهرن ۾ وڌ ۾ وڌ پئسي يا ٽَڪي وڪامندي آهي. باقي ٻهراڙين ۾ سڀڪو خدا جي ڏنل نعمت مفت کائي موجون ماڻيندو وتي. وڏيون سنڌي ٻيريون به ٿر ۾ ٿين ٿيون مگر اهي اڪثر ڪري ماڻهو پنهنجي گهرن ۾ ڏاڍيءَ محنت سان پوکيندا آهن ۽ ان کي هڪ عاليشان ميويداري  درخت جي اهميت هوندي آهي. ننگرپارڪر تعلقي ۾ عموماً ۽ ٻين هنڌ خصوصاً جهنگلي ٻيرين  جا وڻ وڍي انهن کي سڪائي پوءِ ڏنڊا هڻي انهن جا پن ڇاڻي ڀانڊا ڀري رکندا آهن، ۽ اٺ يا ڏهه آنا مڻ جي حساب سان وڪيا ويندا آهن. انهن پنن  کي پَلو چوندا آهن. گوار سان گڏ پلو ڏاگهن جو مکيه کاڄ آهي. سڪل ڪُٽيل گوار کي ڪٽي  چوندا آهن. پلو ڪٺيءَ جهڙو قوت بخش نه آهي، ان ڪري زياده سستو آهي. جنهن سال برساتون گهٽ پون ۽ گوار جي پوک ٿوري ٿئي. تنهن سال پلي جو اگهه به چڙهي وڃي ۽ ڏاڍو مانائتو ملي. ٻير جا  ڍنگهر گهرن  جي لوڙهي لاءِ نهايت ڪارائتا آهن. ٿرپارڪر جا ماڻهو چوندا آهن ته اهي لوڙها شيهي جي ديوارن کان به وڌيڪ مضبوط آهن. اهو هن ڪري جو چور چڪار شيهي جي ديوار ٽپي ويندو مگر ٻير جو لوڙهو ٽپڻ ناممڪن آهي. باهه، سا ڪکن جي دشمن آهي، باقي ٻيو ڪو به دشمن ان لوڙهي تي غالب پئجي نه سگهندو، ڇو ته ٻير جا گهاٽا ۽ خمدار ڪنڊا نهايت خطرناڪ آهن.

 

سِڻَ

 

سِڻَ اسان جي سنڌ ۾ به جام ٿئي ٿي، مگر سنڌ ۾ اهڙي ڪار آمد نه آهي جهڙي ٿر ۾. سڻ بلڪل ڪمائتي آهي. ٻڪريءَ لاءِ ته معجون آهي. سايون سڻون کائي ٻڪري ٻيڻو کير پيدا ڪندي آهي. اٺ لاءِ به  ياقوتيءَ کان گهٽ نه آهي. سبز سڻيءَ جي کيٽ ۾ اُٺ کي کڻي ڇڏ ته گويا مٿس خدا راضي ٿيو. پوءِ ته سندس لڙڪندڙ چپن جي چالاڪي ۽ ڏاٺن جو ورائڻ ويٺو ڏسجي ته ڪيئن نه ٿو وارا ڪري. سڻون جڏهن سڪي وڃن ته ويتر ڪمائتيون ٿين. ٿرين جي لانڍين ۽ چؤنرن جي ڇتين لاءِ سڻ کان وڌيڪ ٻيو ڪو به ڇپر ڪونهي. ٿري ماڻهو سڻون ڪپي آڻي ڍير ڪن ۽ پوءِ پنهنجي ڪکائين گهرن  جون ڇتون سڻن سان  ڍڪي کپ جي ٻنڌڻ سان ٻڌي اهڙيون ته مضبوط ڪيو ڇڏين جو عمدن بنگلن جون سڪون لهيو وڃن.

 

لاڻا ۽ لاڻيون

 

سڀني کي معلوم آهي ته لاڻا ۽ لاڻيون کاريءَ زمين جي پيدائش آهن. ٿر ۾ کاري زمين اڪثر تمام گهٽ آهي. لاڻيون ٿر واري ڀاڱي ۾ صرف ڏيپلي تعلقي ۾ آهن، جتي سنون يعني لوڻ جون ڍنڍون تمام گهڻيون آهن. جن جي آسپاس واري زمين کاري ۽ ڪلراٺي آهي. يا وري پارڪر ۾ ڪڇ جي رڻ سان لاڳيتي زمين ۾ لڀنديون آهن، جتي پڻ   زمين ڪلراٺي آهي. اُٺن جي لاءِ لاڻيون عمدو کاڄ آهي، مگر جزوري جاين کان سواءِ ملڻ محال آهن.

 

ڪرڙ

 

ڪرڙ پڻ سنڌ جو عام جهنگلي ٻوٽو آهي. سنڌ ۾ ڪرڙ تمام گهڻو ۽ بلڪل عام ٿئي ٿو. جنهن مان ڏوئرا، پُسي ۽ پڪا گهڻي انداز ۾  ملن ٿا. عام طرح هي ٻوٽو  پڪي زمين جو آهي. هن جون پاڙون گهڻو هيٺ وڃن ٿيون ۽ پنهجو ريج زمين  مان هٿ ڪن ٿيون. ٿر جي زمين وارياسي آهي، تنهنڪري ڪي ڪرڙ ڪٿي ڪٿي پڪيرڙي زمين تي ٿين ٿا ته به ريج ڪافي نه هئڻ سبب اهڙي واڌ نٿا کائين، جهڙو  سنڌ جي پٽ ۾ ٿين ٿا. ان سبب نڪي اهڙا گهاٽا ٿين ٿا، نه وري منجهن ڦر جام ٿئي ٿو.

ڪن ڪن هنڌن تي  قضا سان ڪي پڪا اڃا پيدا ئي مس ٿين ته  بلبليون ۽ ٻيا پکي کايو سڃ ڪيو ڇڏين ۽ ماڻهن کي مشڪل ڪي نصيب ٿين ٿا. ڪرڙ جا ٻوٽا اڪثر تران جي آسپاس ٿيندا آهن، جتي زمين ڏاڍي هوندي آهي ۽ ان ۾ تراين سبب ريج به هوندو آهي. ڪن ڪن تراين وٽ خصوصاً هڪ ڳوٺ نيڻي سر، جو گوڌيار ۽ مٺيءَ جي وچ تي آهي اتي ڪرڙن جا وڻ ايڏا ته اتاهان نظر ايندا جو عجب پيو  لڳندو. سنڌ ۾ به ايڏي بلنديءَ جا ڪرڙ نظر اچڻ ناممڪن  آهن. اهي ڪرڙ فقط ٻوٽا ته نه هئا مگر هڪڙا وڏا درخت هئا جي تقريباً اتاهين نمن، ٻيرن يا پپرن جي وڻن جيڏا نظر ٿي آيا. اسان جڏهن انهن ڪرڙن جون پهرين پهرين نظارو ڏٺو تڏهن اسان کي اعتبار ئي نه پيو اچي ۽ ائين پيا سمجهون ته اسان جون اکيون اسان کي ڌوڪو ڏئي رهيون آهن. مگر  خدا جي قدرت نرالي ۽ وسيع آهي، انهن ڪرڙن ڏسڻ سان اهڙو لطف پيو اچي جنهن کي الفاظن ۾ قلمبند ڪرڻ ڪم از ڪم اسان جي لاءِ ناممڪن  نه آهي، پر محال ضرور آهي. غريب ٿرين کي هنن ٻوٽن جو ڦل به ايترو قدرت  نصيب نه ڪيو آهي، جيترو سنڌ جي ماڻهن کي عنايت ڪيو اٿس.

 

هيرڻ

 

هيرڻ جي سنڌ ۾ ڪابه عزت ڪانهي. هيرڻ کي صرف هڪ خس وخاشاڪ سان نسبت ڏئي ويندي آهي، مگر ساڳئي شئي ٿر ۾ هڪ سائيدار درخت سمجهيو وڃي ٿي ۽ ان کي چاهه سان پوکي ان جي پرورش ڪئي وڃي ٿي.

ٿر واري ڀاڱي ۾ ٻه- ٽي هيرڻ جا وڻ گهڻو ڪري سڀ ڪنهن تڙ  تي پوکيل نظر انداز ايندا آهن. جتي مسافر تڙ تان پاڻيءَ  ڍڪ پي، انهن جا ڇانو ۾ گهڙي کن ساهي پٽيندا آهن.

تحقيق ريگستان ۾ هيرڻ جو ٻوٽو پريان اهڙو سهڻو ۽ دلفريب نظارو پيش ڪندو آهي جو ڪشش ٿيندي آهي ته هڪ- ٻن ميلن جي مفاصلي جو ڦيرو کائي به انهن جي ڀر منجهان وڃي لنگهجي. وري اچو پارڪر واري ڀاڱي ڏي. اتي ته هيرن جي باقاعدي پوک ٿئي ٿي. اسان جڏهن پهريون دفعو پارڪر واري ڀاڱي ۾ گهڙيا هئاسين ۽ هڪ ڳوٺ مونڌري ۽ آڌيگام جي وچ ۾ هڪ هيرڻ جو فصل پريان اسان جي نظر چڙهيو ته اسان کي تعجب لڳو ته وونڻن جو فصل هتي ڪٿان آيو. اهي هيرڻ تقريبا ٻن- ٽن ايڪڙن زمين ۾ پوکيل ۽ وونئڻ جي قد جيڏا هئا.  سندن نظارو پري کان بعينه ڪپهه جي پوک جهڙو هو. انهيءَ نظاري جي محويت ۾ بنان سوچ ويچار جي بي ساخته جت کان پڇيوسين ته پريان وونڻن جي پوک آهي ڇا؟ تڏهن جت چيو ته سائين پارڪر ۾ وونڻن ڪٿان آيا! اهي ايرنڊا آهن پوءِ رفتي رفتي ايرنڊن جا فصلن جا فصل نظر ايندا رهيا. ايرنڊن جي فصل مان اتي جا ماڻهو اٽڪل چار دفعا ايرنڊن جا ڏينا  ڪڍن ٿا، پوءِ انهن کي سڪائي ڪٽي ڳاهي خرارن جي انداز ۾ هيرڻ جون ککيون ڪڍي گجرات سان واپار ڪن ٿا.  ايرنڊن  جي پوک مان پارڪرين کي نهايت سٺي پيدائش آهي. پارڪر جا ڪولهي ايرنڊن جي فصل جا ماهر ليکيا ويندا آهن.

 

گگڻ

 

گگڻ  جو ٻوٽو ڀٽن جي ڪس(ڪناري) تي ڏيپلي تعلقي ۾ عام طرح جام ٿئي ٿو. هيءُ هڪ خاردار ٻوٽو آهي. ۽ سندس ٽارڙيون ۽ ڪنڊا سفيد رنگ جا ٿين ٿا. ٿڙ لسو ۽ رس سان ڀريل ٿيندو اٿس  ڇوڏي جي بجاءِ ان جي مٿان بصر جي پردي وانگر سنهون تهه نظر ايندو آهي. ان ٻوٽي جي رس مان گگر پيدا ٿئي ٿو جا شئي نهايت ڪارائتي آهي. تقريباً 20 ورهيه ٿيا ته ڪي اهڙا گگر جا واپاري ٿر ۾ آيا، هئا جن پاڻ سان هڪ دوا آندي هئي جنهن جي ذريعي ٿر جي ماڻهن کي گگر ڪڍڻ جو هنر سيکاريو ويو. گگلڻ جي ٿڙ کي دوا جو مک ڏيئي چاقوءَ سان ٻه چار ٽڪا(چهڪ) ڏنا ويندا  هئا ته چند منٽن ۾ ٻوٽي  جي سموري رس نپوڙجي ٻاهر نڪري ايندي هئي ۽ گڏجي کؤنر وانگر ڳنڍا ٿي صاف گگر پيدا ٿي پوندو هو.

ائين ڪرڻ سبب ٿرين کي في الحال پيداش جو ذريعو ته ٿيو مگر جنهن به گگلڻ مان انهيءَ نموني گگر ڪڍيو ٿي ويو سا هميشه جي لاءِ سڪي رهي ٿي. اهڙيءِ طرح گگلڻ جي ٻوٽن جي بيخ ڪني ٿيندو ڏسي ٿر جي ڪن سمجهدار ماڻهن عوام کي منع ڪئي هڪ دفعي جي وڏي لالچ  تي هميشه جي لاءِ پنهنجو ذريعي روزگار ختم نه ڪري ڇڏيو. قدرتي طور جيڪا رس ڳڙي گگر ٿئي ان تي اڪتفا ڪئي وڃي ۽ دوا جي وسيلي ٻوٽن کي اُجڙ نه ڪيو وڃي.

 

ڳانيليون

 

ڳانيليون اسان  جي سنڌ جو ٻوٽو نه آهي. اهي ٿر جي واريءَ ۾ خواهه پارڪر جي پٿرائتي زمين ۾ جام ٿين ٿيون. انهن جي ڦل کي ٿر ۾ ڳانيون يا ڳاڱيون يا گانگهٽيون چوندا آهن ۽ ٿري ماڻهو نهايت چاهه سان کائيندا آهن. انهن جو ذائقو ليارن جهڙو ٿيندو آهي مگر ليار مٺا آهن ۽ هي ڦڪيون آهن. منجهن لعاب هوبهو ليارن جهڙو آهي. مگر ليار پچڻ بعد نهايت لذيذ ٿين ٿا ۽ ڳانيليون اهڙيون مزيدار نٿيون ٿين. ناهم ٿر جي ماڻهن لاءِ  اهو بغايت لطيف ميوو آهي. ڳانيليون اڃا ڪچيون ئي هونديون آهن ته ٿرين جا ٻار اهي پٽي ڀڳڙن  وانگر پيا ڪرٽيندا آهن.

 

ارڻي

 

ارڻي هڪ قسم جو بلڪل سهڻو ٻوٽو آهي جو ٿر ۾ اڪثر ڪري نٿو ٿئي مگر پارڪر ۾ جام آهي. اُٺن جي لاءِ اهو نهايت  قوت بخش قوت آهي، ۽ ترن جي ٻُوڙن وانگر ڏاگها هن کي ڍؤ ڪري کائين. جهڙيءَ طرح  سنڌ جي ڪن ڀاڱن ۾ رواج آهي ته شاديءَ وقت ساٺن سوڻن ۾ گهوٽ کان عام زالون زوريءَ چوائينديون آهن ته ڪانو ڪانو، آءُ ڪنوار جو ٻانهو“ تهڙيءَ طرح ٿر ۾ وري ڪنوار کان سوال ڪندا آهن ته ٿر ۾ سڀني کان ڪهڙو  جهاڙ سهڻو آهي ۽ ڪنوار  کي ضرور چوڻو آهي ته ”ارڻي“ پوءِ زالون به يڪ آواز گڏجي چونديون ته فلاڻي فلاڻي سان پرڻي. ارڻيءَ جي ڪاٺي پوري ٿيندي آهي، تنهن ڪري ان مان نڙانڊيون ۽ حقن جا  نڙ ٺاهيا ويندا آهن.

 

پٽ ڪنوار

 

پُٽ ڪنوار جنهن کي ٿر ۾ ايريال ۽ ڪنوار ٻوٽي پڻ چئبو آهي، ٿر ۾ بلڪل جام  ٿيندي آهي. ڪن ڪن ڀٽن جون ماٿاريون يا بعضي ڪي مڙها پٽ ڪنوار سان ڀريا پيا هوندا آهن ۽ ميلن تائين نظر ايندي آهي. جنهن جي نظاري سان اهڙو لطف پيو ايندو آهي گويا ڪنهن پٽ ڪنوار جي هٿرادو پوک ڪئي آهي. جڏهن انهن ۾ شاخون ڦٽي انهن ۾ ڳاڙها گل پيدا ٿيندا آهن، تڏهن ڀٽن ۾ اهڙو نظارو نظر ايندو آهي، جو انساني دل تي هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي ويندي آهي ۽ بي اختيار سبحان الله سبحان الله جا آواز اندر مان اُڌما ڏيئي نڪرندا آهن.

مطلب  ته اهي نظارا، جا راحت رسائين ٿا انهن کي الفاظي صورت ۾ پيش ڪرڻ جي جيڪڏهن مون ۾ ڪا قابليت هجي ته هن ڪتاب جو هوند هرهڪ مضمون ناظرينن کي وجد ۾ آڻي ڦٽو ڪري، مگر ڪاش! منهنجي قلم کي ايتري توفيق نه آهي جو ٿر جي خوبين جو هوبهو نقشو چٽي سگهان.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org