سيڪشن؛سفرناما

ڪتاب: هليو آ، هليو آ.... ملائيشيا

باب: --

صفحو:14

بهرحال هتي پاڻ ڪئالالمپور جي تفريحي جاين جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين. ڪئالالمپور ۾ پکين جو پارڪ هتي جي 60 هيڪٽر ليڪ گارڊن (Lake Garden)   ۾ ٺاهيو ويو آهي، جيڪو دنيا جو وڏي ۾ وڏو پارڪ آهي. 1991ع  ۾ 20 هيڪٽرن جي پکيڙ  ۾ پکين جو پارڪ ٺاهيو ويو، جنهن ۾ 200 کن جنسن جا ٽي هزار پکي آهن. پکين جي بلڪل ويجهو بيهي کين ڏسڻ ۽ ساڻن گڏ فوٽو ڪڍرائڻ لاءِ هي پارڪ بهترين آهي. هي پارڪ روزانو صبح 9  کان شام جو 6 تائين کليل رهي ٿو. ان جي ئي ڀرسان پوپٽن جو پارڪ آهي، جنهن ۾ 120 جنسن جا 6000 پوپٽ چيا وڃن ٿا. اتي ئي Planetarium   آهي ۽ هي جاءِ ٻارن جي لاءِ دلپسند آهي، جتي هو چنڊ، تارن، سيارن جي چرپر سمجهي سگهن ٿا. پلينيٽريم آچر ڏينهن کليل رهي ٿو، پر سومر ڏينهن بند رهي ٿو.

سائنس جي شوقينن لاءِ بُڪِت ڪياره روڊ تي نيشنل سائنس سينٽر آهي، جتي ڪيترين ئي سائنسي شين جي نمائش هلندي رهي ٿي. هتي ئي مڇين جو گهر (ماهي خانو) به آهي. هي شيون 1996ع ۾ ٺاهيون ويون. ان کان علاوه ائمپنگ علائقي جي جالان هُولُو ڪلانگ ۾ جانورن جو  زُو آهي، جيڪو هينئر سنگاپور واري چڙيا گهر کان به وڏو آهي ۽ جتي هر قسم جا جانور رکيا ويا آهن. جانورن کان علاوه هن زُو ۾  پکين ۽ نانگن جا به ڪيترائي قسم آهن. پکين جي پارڪ ۾ ته پکي آزاد آهن جو هنن جي مٿان هڪ وڏي علائقي ۾ ڄاري لڳائي وئي آهي، جنهن اندر وڻ به اچي وڃن ٿا، پر هتي زُو  نگارا ۾ پکين کي پڃري ۾ رکيو ويو آهي. هتي توهان  باندرن جا مختلف قسم گبان ۽ ”اورانگ اُتان“ وغيرهه به ڏسي سگهو ٿا. اورانگ اُتان (Orang Utan)   شڪل ۽ عادتن ۾ عام ماڻهوءَ سان ڪافي ملي ٿو. اورانگ اُتان ملايا جي جهنگلن جو باندر آهي ۽ سندس هي انگريزي نالو Orang Utan   ملئي زبان تان ورتل آهي. ملئي زبان ۾ ”اورانگ“ معنيٰ ”ماڻهو“ جيئن هتي جا ملئي ماڻهو ’اورانگ ملايو‘ سڏجن ٿا. ”اُتان“ لفظ ملئي زبان جي لفظ  Hutan تان کنيل آهي جنهن جي معنيٰ ٿي جهنگ. سو اورانگ اتان معنيٰ ”جهنگ جو ماڻهو“.

هن چڙيا گهر (زو نگارا) ۾ داخل ٿيڻ لاءِ وڏن لاءِ ٽڪيٽ 15 رنگٽن جي آهي ۽ ٻارن لاءِ 10 رنگٽ آهي. ملائيشيا جي نوٽ کي ”رنگٽ“ به سڏجي ٿو ته ملائيشين ڊالر به. روزانو ساڍي ڏهين ۽ اڍائي وڳي هاٿين جا ڪرتب ڏيکاريا وڃن ٿا. هتي هاٿيءَ جي سواريءَ جو به بندوبست رکيو ويو آهي ۽ في ڦيري جي ٽڪيٽ ٽي رنگٽ آهي، يعني اڄ جي قيمت موجب  پاڪستاني 85 روپيا ٿيا.

جتي ملائيشيا جي ڌرتي مختلف نانگن، ازدها بلائن (Pythons)  سان ڀريل آهي اتي هن ڌرتي جي چوڌاري وهندڙ سمنڊ رنگين ۽ خوبصورت مڇين سان پڻ ڀريو پيو آهي. گهر گهر ۾ مڇين جو ننڍو ڪٻٽ (اڪيرم) نظر اچي ٿو. ڪئالالمپور ۾ پبلڪ لاءِ خبر ناهي ڪيترا ماهي خانا آهن. هڪ بابت ته مٿي لکي چڪو آهيان ۽ ٻه ٻيا جيڪي آئون ڏسي چڪو آهيان، انهن مان هڪ زُو  نگارا (چڙيا گهر) ۾ آهي، جيئن پاڻ وٽ ڪراچي جي چڙيا گهر ۾ نانگن ۽ مڇين جو ننڍڙو  اڪيرم آهي. جيتوڻيڪ اسان جو ڪراچي وارو اهو ماهي خانو ۽ ڪلفٽن وارو تمام آڳاٽو آهي. ڪراچيءَ جا اهي ماهيخانا، مون پهريون دفعو 1961 ۾ ڏٺا هئا. انهن ڏينهن ۾ ملائيشيا ۽ سنگاپور وارن ته ان بابت سوچيو به نه هو، پر پوءِ اهو ٿيو جو اسان وٽ انهن جي نه چڱي طرح پرگهور لڌي وئي ۽ نه وڌايو ويجهايو ويو.

ڪئالالمپور ۾ هڪ ٻيو ماهي خانو  (Aquarium)  جيڪو The    Aquaria KLCC  سڏجي ٿو، ڪئالالمپور ڪنوينشن سينٽر ڪامپليڪس ۾ آهي، جيڪو هتي جي اتاهين عمارت پيٽروناس ٽاورس (جيڪي Twin جاڙا ٽاور به سڏجن ٿا)، ان جي ڀرسان آهي. هن اڪيرم ۾ سئنڊ ٽائيگر شارڪ مڇين کان بلو ريز ۽ وڏيون گارفِش مڇيون پڻ آهن، جن کي شيشي پويان ويجهڙائيءَ سان ڏسي سگهجي ٿو. ان کان علاوه ٽنڊڻ، ماڪوڙن ۽ سؤ پيرن کان علاوه نانگ بلائن ۽ چچين، سانڊن جا به ڪيترائي قسم آهن. ڪئالالمپور ۾ رهندڙ اهي پاڪستاني جيڪي ملائيشيا جي ماڪوڙين، جيتن جڻين کان بيزار نظر اچن ٿا، انهن کي آئون چرچي طور اهو ئي چوندو آهيان ته توهان شهر ۾ رهيا پيا آهيو، ان هوندي به توهان ڪيڙن ماڪوڙن جون دانهون ڪيو ٿا. ملاڪا رياست جي جنهن ٻيٽ نما ڳوٺ ”ڪئالا سنگائي بارو“ ۾ مون ڏهاڪو کن سال گذاريا، اتي جي حالت جو اندازو لڳائڻ خاطر توهان کي هن قسم جو اڪيوريم ضرور ڏسڻ کپي، جنهن ۾ هتي جا نانگ بلائون ۽ جيت جڻيا (Insects) رکيل آهن.

ڪئالالمپور جو هي Aquaria KLCC روزانو صبح جو يارهين وڳي کان شام جو 8 وڳي تائين کليل رهي ٿو.

باب اٺاويهون

 

ڪئالالمپور   ۾   ضرور   ڏسو

 

هتي ڪئالالمپور شهر جون ڪجهه وڌيڪ ڏسڻ وٽان شين جو مختصر احوال لکندس، جيئن گهر ويٺي توهان کي هن پاسي جي اهم شين جي ڄاڻ ٿي سگهي ۽ ساڳي وقت ڪو ٽوئرسٽ جي حيثيت سان يا ڪو سيمينار اٽينڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪئالالمپور اچي، ته هو وقت مطابق هن مان ڪجهه شيون ڏسي سگهي. دراصل سڀ کان بهتر ڳالهه اها آهي ته ڪنهن به ڌارئين شهر ۾ وڃجي ته ان بابت اڳهين معلومات رکي پوءِ وڃجي، جيئن اتي پهچي اهي شيون معلوم ڪرڻ ۾ وقت ضايع ڪرڻو نه پوي. ڪئالالمپور يا ٻين شهرن ۾ مون گهمڻ لاءِ آيل اهڙا خفتي ڏٺا هوندا، جيڪي اڌ ڏينهن هيڏانهن هوڏانهن پيا ڀٽڪندا ۽ ماڻهن کان پيا پڇندا ته هن شهر ۾ ڇا گهمجي. هڪ ڏينهن، ڪئالالمپور جي جالان پيراڪ (روڊ) تي، مون کي هڪ پاڪستاني ڪامورو نظر آيو. سلام دعا کان پوءِ پڇڻ لڳو ”سائين هتي جي ڪا اهڙي هوٽل ٻڌايو، جتي حلال کاڌو ملندو هجي.“ هو ٻن ڏينهن لاءِ ڪئالالمپور آيو هو. منهنجي نظرن ۾ هو عجيب ”درويش“ چئبو. هڪ ته ملائيشيا اهو ملڪ آهي جتي هر هنڌ حلال شيءِ ملي ٿي. ويندي ڪيترن چينين ۽ هندن به پنهنجين هوٽلن ۾ مسلمان ملئي بورچي رکي حلال کاڌو شروع ڪيو آهي جو ملڪ جي اڌ آدمشماري مسلمان آهي ۽ ايندڙ ٽوئرسٽن مان گهڻي ڪمائي عربن ۽ ايرانين مان آهي، جيڪي پڻ حلال کاڌو کائين ٿا. سو ههڙي ملڪ ۾ حلال کاڌي لاءِ پريشان ٿيڻ اجايو آهي. پر جي ٽوڪيو، هانگ ڪانگ يا بئنڪاڪ جهڙو شهر آهي، جتي توهان ٻن ڏينهن لاءِ آيا آهيو ته اجايو حلال کاڌي جي هوٽلن جي ڳولا ۾ توهان اڌ ڏينهن ضايع ڪرڻ بدران بهتر آهي ته پاڻ سان آندل ميري بسڪيٽ يا ڀڳڙا کائي مٿان پاڻيءَ جو گلاس پي ڇڏيو. ماڻهو ته روزا به رکن ٿا، توهان جي ٻه ڏينهن رُکي ڊبل روٽي، بسڪيٽ يا مڪئي جو سنگ يا صوف ۽ ڪيلو کائي پيٽ ڀريو ته ڇا ٿيو. توهان جو اهم مقصد ته ان شهر جون اهم جايون ڏسڻ آهي. سو جي توهان ڌارئين ملڪ ۾ واقعي ڪجهه گهمڻ ٿا چاهيو ته صبح جو سوير ئي نڪري پئو ۽ هار سينگار ڪرڻ يا اوچا ڪپڙا پهرڻ تي وقت وڃائڻ بدران ڪا گهڻن کيسن واري پينٽ پائي، جنهن ۾ توهان جو پاسپورٽ، ٻٽون، نقشو ۽ پاڻي جي ننڍي بوتل سمائجي سگهي-- ملڪ جو نظارو ڏسڻ لاءِ نڪري پئو.

ڪئالالمپور شهر اهڙو آهي، جنهن جي ڀلي توهان ٻهراڙي واري علائقي ۾ رهو، پر بس يا ٽرين رستي توهان 10-15 منٽن ۾ وچ شهر ۾ اچي سگهو ٿا ۽ توهان کي اها معلومات اڳواٽ هجڻ کپي ته ڪهڙي شيءِ ڪٿي آهي. جيئن هڪ ئي وقت هڪ هنڌ جيڪي ويجهيون شيون آهن، اهي ڏسي وٺجن، جنهن سان ٽائيم جو بچاءُ ٿي سگهندو. مثال طور ڪو ڪراچي گهمڻ لاءِ اچي ۽ هو ڪلفٽن ڏسڻ وڃي ۽ اتي ئي عبدالله شاهه غازي جي مزار ڏسڻ بدران هو  ايئرپورٽ ڏسڻ هليو وڃي ۽ پوءِ وري سڄو ڪراچي لتاڙي اچي عبدالله شاهه غازي جي مزار تي پهچي ته اها سراسر بيوقوفي ۽ وقت جو زيان ٿيندو. سو ڪنهن به ڌارئين شهر ۾ وڃڻ کان اڳ يا پهچڻ سان، ان شهر جو نقشو وٺجي يا ڪنهن ڄاڻوءَ کان پَني تي ٺهرائجي ته ڪهڙي تاريخي عمارت يا باغيچو ڪهڙي هنڌ آهي.

ڪئالالمپور ۾ ٻن يا ٽن ڏينهن لاءِ آيل مسافر کي ڪئالالمپور جي ريلوي اسٽيشن ڏسڻ لاءِ ضرور Suggest   ڪندس. لاهور کان علاوه انگريزن جون باقي شهرن ۾ ٺهرايل ريلوي اسٽيشنون اسان وٽ کنڊر ٿي ويون آهن، پر ڪئالالمپور ، اپوح، سنگاپور، ڪلڪتي، ممبئي، ينگون، ڪمپالا ۽ ممباسا جهڙن شهرن ۾ هي پراڻي زماني جي آرڪيٽيڪٽ جون انگريزن جون ٺهرايل ريلوي اسٽيشنون ڏسڻ وٽان آهن.

ڪئالالمپور جي ريلوي اسٽيشن ”جالان (شاهراهه) سلطان هشام الدين“ تي آهي، جيڪو روڊ انگريزن جي ڏينهن ۾ ”وِڪٽري ايوينيو“ سڏبو هو. هي روڊ اڳيان وڃي ”دامن سارا روڊ“ سڏجي ٿو. ڪئالالمپور ريلوي اسٽيشن ۽ ان جي ڀرسان ريلوي ائڊمنسٽريشن آفيس جي بلڊنگ مشرق ۽ مغرب جي عمارتسازي جو مڪسچر آهي. عربي اسٽائيل، گوٿڪ اسٽائيل ۽ مغل عمارتسازي جو ڏيک ڏيندڙ هي هڪ ٻئي ڀرسان اتاهيون عمارتون، انگريز حڪومت پنهنجي راڄ ۾ 1910ع ۾ ٺهرايون. هنن عمارتن جو ڊزائينر اهو ساڳيو آرٿر بينيسن هباڪ آهي، جيڪو ان وقت ملايا ۾ پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر هو ۽ هن 1909ع ۾ ڪئالالمپور واري جامع مسجد ۽ ان کان اڳ  1904ع ۾ سٽي هال ٺاهيو. آرٿر هباڪ ان کان اڳ انڊيا ۾ نوڪري ڪري چڪو هو، ان ڪري آرٿر لاءِ اهو چيو وڃي ٿو ته هن Neo. Moorish/ Mughal/ Indo Saracenic اسٽائيل جون عمارتون ڊزائين ڪيون آهن.

جتي اسان وٽ انصاف، پوسٽ، پوليس، روينيو جهڙن ادارن کي سائنسي طرح قائم ڪرڻ لاءِ انگريزن کي ڪريڊٽ ڏنو وڃي ٿو، اتي ريلوي جو ڪم به انگريزن ڪيو. پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته ان پٺيان سندن ئي غرض هو. هنن انڊيا جي ڪپهه ۽ ٻيو ڪچو سامان ريل رستي ممبئي ۽ ڪراچيءَ آڻڻ چاهيو ٿي، جتان جهاز رستي سولائي سان انگلينڊ پهچايو ويو ٿي. هنن ڪافي ۽ ڪاٺ ڪمپالا کان ممباسا بندرگاهه تائين آڻڻ چاهيو ٿي، جيئن اهو سامان سمنڊ رستي انگلينڊ جي لنڊن ۽ ليورپول بندرگاهن ۾ پهچي سگهي. اهڙي طرح ائمپنگ جي کاڻين مان کوٽايل ٽِن  Tin  (قلعي) ۽ ٻئي ڌاتوءَ کي ريل ذريعي پورٽ ڪلانگ بندرگاهه پهچائڻ چاهيو ٿي، جيئن اتان آساني سان بحري جهازن ذريعي برطانيا نِيو وڃي. ان غرض سان انگريزن خرچ ڪري ايشيا ۽ آفريڪا جي بيٺڪي راڄن ۾ ريلوي سسٽم جاري ڪيو. منهنجي خيال ۾ پهرين ريل گاڏي 1853ع ۾ ممبئي کان ٿاني شروع ڪئي وئي. ان بعد ٻئي سال 1854ع ۾ ڪلڪتي واري اسٽيشن ٺهي ۽ پوءِ 1860ع ۾ لاهور  ۽ سترهن سالن بعد 1877ع ۾ ينگون (رنگون) برما ۾ ريلوي شروع ڪئي وئي. ان حساب سان ڪئالالمپور ۽ سنگاپور ۾ ڪافي دير سان اسٽيشنون ٺاهيون ويون. ڪئالالمپور ۾ 1910ع ۾ ته سنگاپور ۾ 1919 ع ۾. دهلي واري ريلوي اسٽيشن جيڪا ڳاڙهي رنگ جي پٿرن سان ٺاهي وئي، جيئن ان کي دهلي واري جامع مسجد ۽ لال قلعي واري ٽچ اچي 1900ع ۾ ٺاهي وئي ۽ ممباسا واري ان کان چار سال اڳ 1896ع ۾ ممباسا کان ڪسُومُو شهر تائين شروع ڪئي وئي، جيڪا پوءِ ڪمپالا (يوگنڊا) تائين وڌائي وئي.

بهرحال هتي اهو سڀ ڪجهه لکڻ جو مطلب اهو آهي ته اوڻهين ۽ ويهين صدي جو اڌ آفريڪا ۽ ايشيا جا تقريباً سڀ ملڪ، يورپي ملڪن جي قبضي هيٺ رهيا، پر جن ملڪن تي جرمن، اطالوين، فرينچن، ڊچن، پورچو گالين يا ٻين يورپين جو ڪنٽرول رهيو، انهن قبضي هيٺ آيل ملڪن ۾ ريلوي سسٽم جاري نه ڪيو. انگريزن نه فقط ريل جاري ڪئي، پر خوبصورت عمارتن واريون ريلوي اسٽيشنون به ٺهرايون. ممبئي، دهلي، لاهور ۽ ڪئالالمپور جهڙيون ريلوي اسٽيشنون ان جو زنده مثال آهن.

ڪئالالمپور ريلوي اسٽيشن اندر ريلوي ڊپارٽمينٽ طرفان ٺهرايل خوبصورت ”اسٽيشن هوٽل“ نالي هوٽل به آهي، جنهن جا عجيب قسم جا مٿاهين ڇت وارا ڪمرا ۽ فرنيچر ڏسڻ وٽان آهي. ان قسم جا ڪمرا ۽ فرنيچر ننڍي کنڊ جي روينيو ۽ آبڪاري کاتن جي آفيسن ۽ ڊاڪ بنگلن ۾ به نظر اچي ٿو. ڪئالالمپور جي ريلوي اسٽيشن جي اها هوٽل، اڄ کان هڪ صدي اڳ جي ياد ڏياري ٿي. ملاڪا ۾ رهڻ دوران مون کي جڏهن به ڪئالالمپور کان ريلوي ذريعي بئنڪاڪ يا سنگاپور وڃڻو هوندو هو ته آئون هن ”اسٽيشن هوٽل“ ۾ ئي رات گذارڻ بهتر سمجهندو هوس، جيئن صبح جو سوير ڇٽندڙ ٽرين تي وقت تي پهچي سگهان. شهر ۾ رهڻ سان اهو نقصان ٿيو ٿي جو هڪ ته اتي جون هوٽلون مهانگيون آهن ۽ ٻيو ته صبح جو ڪلاڪ کن اڳ اٿي ڪير ٽئڪسي جي ڳولا ڪري. اسٽيشن هوٽل تي رهڻ ۾ اهو فائدو هو جو ٽرين ڇٽڻ کان فقط  10 منٽ اڳ بئگ کڻي اچي پنهنجي گاڏي ۾ ويهبو هو، جتي ويهڻ يا سمهڻ لاءِ اڳواٽ سيٽ رزروڊ هوندي هئي.

 بهرحال ڪئالالمپور ايندڙ ٽوئرسٽ لاءِ هتي جي هيءَ ريلوي اسٽيشن ڏسڻ وٽان آهي، جنهن جون تصويرون اڪثر رسالن ۾ اينديون رهن ٿيون ۽ انگريزن جي ڏينهن جي هيءَ ”اسٽيشن هوٽل“ اڃا قائم آهي، بلڪ ان کي اڃا به بهتر حالت ۾ بڻايو ويو آهي، پر سندس هاڻ نئون نالو ”هيريٽيج اسٽيشن هوٽل“ رکيو ويو آهي. باقي سنگاپور، ٿائلينڊ يا ملائيشيا جي ٻين شهرن ڏي وڃڻ لاءِ هاڻ هن اسٽيشن (ڪئالالمپور ريلوي اسٽيشن) بدران ” ڪئالالمپور سينٽرل“ اسٽيشن تي وڃڻو پوي ٿو، جيڪا 2001ع ۾ هڪ تمام وڏي ۽ مرڪزي اسٽيشن ٺاهي وئي آهي، جتي سڀ ٽرينون اچن ٿيون، جهڙوڪ مونو ريل، KTM، رئپڊ KL وغيره. بهرحال هيءَ مرڪزي ۽ تمام وڏي ريلوي اسٽيشن ڪا پري ناهي. ميل ڏيڍ هيٺ ڏکڻ اولهه ۾ ميريڊين ۽ هلٽن هوٽل وٽ آهي.

جامع مسجد وٽ ئي جتي ڪلانگ ۽ گومباڪ نديون ملن ٿيون، اتي ”سلطان عبدالصمد بلڊنگ“ نالي هيءَ آڳاٽي عمارت آرڪيٽيڪٽ ۽ خوبصورتي جي لحاظ کان ڏسڻ وٽان آهي. هيءَ عمارت بلڪل اتي آهي، جتان جالان راجا لائوت ۽ جالان تئانڪو عبدالرحمان رستا شروع ٿين ٿا. هن بلڊنگ جي بلڪل سامهون، رستي جي ٻئي پاسي ”آزادي جو ميدان“ جنهن کي ملئي زبان ۾ ”داتاران مرديڪا“ سڏجي ٿو ۽ انگريزن جي ڏينهن جو  رايل سلينگور ڪلب آهي.

سلطان عبدالصمد بلڊنگ ۾ هتي جي انفارميشن، ڪميونيڪيشن ۽ ڪلچر جون آفيسون آهن. اڳ ۾ ته هن بلڊنگ ۾ ملڪ جون اعليٰ ڪورٽون به هيون، پر هاڻ سال 2000 ع کان اهي پتراجايا شهر ۾ شفٽ ڪيون ويون آهن. سرڪاري آفيسن جو هي نئون شهر (پترا جايا)، جنهن ۾ وزيراعظم ۽ ٻين وزيرن جون به آفيسون آهن، ڪئالالمپور جي بلڪل ويجهو آهي ۽ کيس اوسي پاسي جي شهرن سان بسن ۽ اليڪٽرڪ ريل گاڏين ذريعي ڳنڍيو ويو آهي.

سلطان عبدالصمد بلڊنگ انگريزن جي ڏينهن ۾ اهم سرڪاري آفيسن لاءِ ٺهرائي وئي. هيءَ بلڊنگ ان وقت جي مشهور انگريز آرڪيٽيڪٽ اي سي نارمن ڊزائين ڪئي ۽ 1894ع کان 1897ع تائين ٺهي راس ٿي. نارمن ان کان اڳ انڊيا ۽ آفريڪا ۾ به عمارتن تي ڪم ڪيو هو، سو هن کي مغل ۽ اتر آفريڪي عربن جي عمارتسازي جي ڄاڻ پڻ دماغ ۾ هئي. ان ڪري هن عمارت ۾ اهي سڀ خوبيون نظر اچن ٿيون. آئون به گذريل چاليهه سالن کان هن علائقي مان لنگهندي جامع مسجد ۽ هن عمارت جون تصويرون ڪڍندو اچان. اهڙيون خوبصورت عمارتون اسان وٽ به آهن، پر انهن جي ڀڃ ڊاهه ۽ انهن جي اڳيان انڪروچمينٽ ڪري اهي عيبدار ۽ چتيون لڳل نظر اچن ٿيون، پر شاباس هجي ملائيشيا جي حڪومت ۽ ماڻهن کي، جيڪي تڏهن کان هنن تاريخي عمارتن کي سلامت ۽ سهڻو رکندا اچن ۽ نه فقط اسين ايشيائي پر يورپ ۽ آمريڪا جا گورا به هنن عمارتن اڳيان بيهي تصويرون ڪڍائيندا وتن. ان معاملي ۾ انڊيا به سياڻو آهي. انڊيا جي حڪومت به اهڙين شين جي سونهن برقرار رکندي اچي، جنهن ڪري ڌارين ملڪن جي ٽوئرسٽن ۾ انڊيا لاءِ ڪشش پيدا ٿئي ٿي. اسان وٽ ڪوٽڏيجي، حيدرآباد جي قلعي کان مڪليءَ جي قبرستان جي حالت ڏسي سگهو ٿا. اڳئين دفعي حيدرآباد ويو هوس ته علي پئلس CNG   اسٽيشن واري چوراهي وٽ ٽي وڏا ڪاشيءِ جا خوبصورت گلدستا ڏٺا هئم، جن اڳيان مون پنهنجي ڳوٺائي دوست علي نواز ڀُٽي سان گڏ بيهي فوٽو ڪڍرايا هئا. انهن فوٽن ۾ گلدستن جا رنگ اهڙا ته سهڻا آيا هئا جو جپان ۽ ملائيشيا ۾ جنهن به دوست يا شاگرد ڏي موڪليم  ته ان واکاڻ ڪئي ٿي ۽ مون ان هنڌ تي بيهي ٻيا به فوٽا ڪڍڻ جو ارادو رکيو ٿي. سو هن دفعي جڏهن حيدرآباد وري آيس ته زيب سنڌي ۽ سائين عثمان منگي کي ان علي پئلس واري چوڪ تي هلڻ لاءِ چيم، جيئن انهن سان گڏ انهن گلدستن اڳيان بيهي فوٽو ڪڍرائجن. اسانکي اتي پهچي سخت افسوس ۽ مايوسي ٿي جڏهن اسان ڏٺو ته انهن سهڻن رنگن وارن گلدستن جي چوڌاري پوسٽر ئي پوسٽر لڳل هئا. دل ۾ مون چيو ته هي اسان جا ماڻهو ڪيڏا ظالم آهن، جن پنهنجي اشتهار بازي خاطر ههڙي سونهن جي ستياناس ڪري ڇڏي آهي. هونءَ به اها شيءِ حيدرآباد ميونسپالٽي يا ڪنهن خيرخواهه جي رکيل هئي، جنهن تي هنن پئسو خرچ ڪيو هو يعني اها انهن جي پراپرٽي هئي ۽ ان پرائي شيءِ تي ڌارئين ماڻهن يا ادارن جو ائين پنهنجا اشتهار هڻڻ نه فقط اخلاقي ڏوهه آهي، پر اسان مسلمانن لاءِ گناهه به آهي. مزي جي ڳالهه اها ته اهي پوسٽر ۽ ڇپيل نوٽس ڪنهن مذهبي جماعت جا ۽ ڪنهن بزرگ جي عرس جي دعوت جا هئا!

آئون عثمان منگي ۽ زيب سنڌي کي وٺي واڌو واهه روڊ تي آيس، جتي اهو هاءِ وي سان ملي ٿو ۽ جتي هڪ خوبصورت گيٽ ٺاهيو ويو آهي. هاڻ مون ان اڳيان پنهنجن اديب دوستن سان گڏ فوٽو ڪڍرائڻ چاهيا ٿي، پر اتي پهچي اتي به اهو ئي حال ڏٺم. ان دروازي تي پوسٽر ئي پوسٽر چنبڙيا پيا هئا، جن مان ڪجهه پوسٽر سياسي پارٽين جا هئا، جيڪي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪرڻ جي حامي ڀرين ٿيون!

بهرحال پاڻ ڪئالالمپور جي هڪ صدي کان وڌيڪ پراڻي عمارت سلطان عبدالصمد بلڊنگ جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جيڪا انگريزن پنهنجي راڄ ۾ ٺهرائي ۽ سيلنگور رياست جي ان وقت جي سلطان سر عبدالصمد ابنِ المرحوم راجا عبدالله جي نالي منسوب ڪئي. سلطان عبدالصمد 1804ع ۾ سلينگور رياست جي بُڪت ميلاوتي ۾ ڄائو هو. هن 41 سال 1857ع کان 1898ع تائين (وفات تائين) هن رياست (سلينگور) تي راڄ ڪيو.

سلطان عبدالصمد کان اڳ سلينگور رياست جو سلطان سندس چاچو سلطان محمد شاهه هو. سلطان محمد شاهه وفات کان اڳ ۾ پنهنجو گادي نشين مقرر ڪري نه ويو هو. ملئي ريتن رواجن موجب اهو ئي سلطان ٿي سگهي ٿو، جيڪو شاهي خاندان جي زال مان هجي. هن جا ٻه وڏا پٽ راجا لائوت ۽ راجا سليمان بيحد قابل هئا، پر اهي سندس ڪنيزائن (Concubines)   مان هئا ۽ ٻه ناٺي راجا جمعت ۽ راجا عبدالله خاندان جي Rain   شاخ مان هئا، جيڪي پڻ تخت ۽ تاج جا حقدار ٿي نٿي سگهيا، ان ڪري راجا عبدالصمد ئي رهجي ويو، جيڪو وفات ڪري ويل سلطان جو ناٺي به ٿيو ٿي ته ڀائٽيو به. بهرحال هتي مون هي سڀ نالا ان ڪري به لکيا آهن جو انهن جي نالي ڪئالالمپور جا اهم شاهراهه (جالان) آهن ۽ توهان جالان راجا لائوت يا جالان راجا عبدالله وغيره تان لنگهڻ مهل سمجهي سگهو ته اهي مشهور شخصيتون ڪير آهن. هتي اهو به لکندو هلان ته ملئي مسلمانن ۾ پنهنجي سوٽ يا ماسات سان شادي ڪرڻ هڪ Taboo سمجهيو وڃي ٿو، جيئن هندن ۾ آهي. دراصل ان قسم جون هتي جي مسلمانن ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون نظر اينديون، جن جو اسلام سان ڪو واسطو ناهي، پر هن علائقي ۾ اسلام کان اڳ هندو ڌرم هجڻ ڪري ان جي ڪلچر ۽ رسمن سان واسطو رکندڙ ڪيتريون ئي ڳالهيون هلنديون اچن. جيئن اسان وٽ ڪيتريون ئي مرڻي پرڻي جون رسمون آهن جن جو مذهب سان ڪو واسطو نه آهي. پر ائين به ناهي ته ان تي هرهڪ عمل ڪري ٿو، جيئن مٿئين سلطان لاءِ لکي چڪو آهيان ته هو پهرين سلطان جو ڀائٽيو به هو ته ناٺي به. يعني هن جي شادي پنهنجي سوٽ سان ٿي. هاڻ ته ملائيشيا جي نوجوان ٽهيءَ ۾ هڪ دفعو وري ڪزن سان شادي ڪرڻ عام ٿيندو وڃي، پر ستر ۽ اسي واري ڏهي ۾ جڏهن اسان هن علائقي ۾ نوڪري ڪئي يا جهاز هلاياسين ته ٻهراڙي جي ملئي مسلمانن لاءِ اها حيرت جي ڳالهه هوندي هئي ته منهنجي زال منهنجي ماسات آهي يا مونسان گڏ ڪم ڪندڙ هڪ ٻيو پاڪستاني پروفيسر ڪئپٽن سليم جي زال سندس سوٽ آهي.

سلطان عبدالصمد نالي ڪئالالمپور ۾ هن بلڊنگ کان علاوه پيتالنگ جايا ۾ سلطان عبدالصمد سيڪنڊري اسڪول ۽ يونيورسٽي پترا ملائيشيا ۾ سلطان عبدالصمد لئبرري پڻ آهي.

ڪئالالمپور جي هن خوبصورت بلڊنگ جي بلڪل سامهون ميدانِ آزادي (داتاران مرديڪا) هڪ تاريخي 8 هيڪٽرن جو ميدان آهي، جتي 31 آگسٽ 1957ع تي ملايا کي خود مختياري ملڻ تي ملايا جو جهنڊو چاڙهيو ويو ۽ هن ميدان تي هر سال، هن ڏينهن تي، قومي پريڊ ۽ قومي ڏينهن ملهايو وڃي ٿو ۽ 100 ميٽر ڊگهي ڏنڊي تي جهنڊو چاڙهيو وڃي ٿو، جيڪو دنيا جو وڏي ۾ وڏو ڏنڊو Flag- Pole   آهي. هن داتاران مرديڪا جي هيٺان کاڌي پيتي جي اسٽالن جو پلازه پترا نالي هڪ وڏو ڪامپليڪس آهي. جڏهن به توهان گهمڻ جي خيال کان هتي جي ڪجهه آڳاٽين عمارتن مسجد انڊيا يا جامع مسجد اچو ٿا ته اتي ئي چند وکن تي سلطان عبدالصمد بلڊنگ آهي ۽ ان جي سامهون تاريخي ميدانِ آزادي (Dataran Merdeka)  آهي. ملئي زبان ۾ مرديڪا معنيٰ آزادي.

 اهي شيون ڏسڻ سان گڏ توهان هتي جو سلينگور ڪلب به ڏسي سگهو ٿا، پوءِ کڻي ٻاهران ئي صحيح. هي هڪ قسم جو سوشل ڪلب آهي، جيئن حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ انگريزن جيم خانو ٺهرايو. منهنجي خيال ۾ حيدرآباد وارو جيم خانو 1897ع ۾  ٺهيو هو، جنهن جي سن واري سِر، جيم خاني ۾ گهڙڻ سان سامهون نظر اچي ٿي. هي سلينگور ڪلب 1884ع ۾ ٺهرايو ويو، جڏهن انگريزن جو ملايا تي راڄ هو. هن ڪلب ۾ به اسان جي ننڍي کنڊ جي جيم خانن وانگر مڪاني ماڻهن (Natives)   ۽ ڪتن کي اندر اچڻ جي اجازت نه هئي. فقط اعليٰ تعليم يافته ۽ مٿين سوسائٽي جي انگريزن کي ميمبر بنايو ويو ٿي، جن شام جي وقت هڪ ٻئي سان خبرچار، پتي راند يا شراب پيتو ٿي. موڪلن جي ڏينهن ۾ ڪرڪيٽ کيڏڻ پڻ هڪ عام مشغلو هو.

سلينگور ڪلب کي اڄڪلهه ”رايل سلينگور ڪلب“ سڏيو وڃي ٿو ۽ هي جالان راجا (روڊ) تي آهي. هن ڪلب جي عمارت جي ڊيزائين A.C   نارمن ٺاهي، جنهن سلطان عبدالصمد بلڊنگ جي پڻ ڊيزائين تيار ڪئي. بعد ۾ آرٿر هباڪ به هن ۾ ڦيرڦار آندي. هي اهو آرڪيٽيڪٽ آهي، جنهن ڪئالالمپور جي ريلوي اسٽيشن ٺاهي. هن ڪلب کي ”چٽڪمرو ڪتو“ به سڏيو وڃي ٿو. اهو نالو مٿس انگريزن جي ڏينهن کان پيو جو هڪ انگريز عورت پنهنجن ٻن ڊالميشن ڪتن سان گڏ هتي ايندي هئي. جڏهن پاڻ ڪلب اندر هوندي هئي ته هي چٽڪمرا ڪتا (Spotted Dogs)   ڪلب جي گيٽ ٻاهران چوڪيداري ڪندا هئا.

هونءَ ته ڪئالالمپور ۾ ٻيا به ڪيترائي ان قسم جا هاءِ فاءِ ڪلب آهن، جهڙوڪ گولف ڪلب، پولو ڪلب، ياچ ڪلب، فلائنگ ڪلب، ليڪ ڪلب پر هن رايل سلينگور ڪلب جي پنهنجي اهميت، سونهن، شان ۽ تاريخ آهي. ملاڪا ۾ نوڪري دوران مون کي به هن ڪلب ۾ ڪجهه دعوتن ۾ اچڻ جو موقعو مليو، خاص ڪري ڪئالالمپور جي گلوب سلڪ اسٽور وارن جي وڪيومل لاکياڻي جي شادي جي 50هين سالگرهه جي موقعي تي، جيڪا هن بيحد ڌام ڌوم سان ملهائي ۽ سڄي ملائيشيا مان وڏن سياستدانن، ڪامورن ۽ واپارين کي به گهرائين. هن دعوت ۾ مون سان گڏ اڏيرو لعل جو اسرار شاهه (آءِ جي مشتاق شاهه جو مامو) جيڪو ان وقت PIA   جو ريجنل مئنيجر هو ۽ خيرپور جو ارشاد نبي عباسي (ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ سيڪريٽري اي اين جي عباسي جو ڀاءُ) پڻ هو. هو انهن ڏينهن ۾ پاڪستان ايمبسي ۾ پريس اتاشي هو.

هونءَ هن ڪلب، جامع مسجد، مرديڪا ميدان، سلطان عبدالصمد بلڊنگ ڏسڻ لاءِ توهان ڪٿان به ريل ۾ چڙهي ”مسجد جامع“ اسٽيشن تي لهو ۽ پوءِ پنڌ ئي پنڌ مٿيون جايون گهمندا رهو. پوءِ چاهيو ته جالان (شاهراهه) تئانڪو عبدالرحمان تي دڪانن جو سير ڪريو يا ڏکڻ طرف پيتالنگ اسٽريٽ ۽ چائنا ٽائون ۾ نظارا ڪندا رهو.

رستي ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي ننڍڙيون ريسٽورنٽون ۽ گاڏي وارا، مختلف کاڌا وڪڻندي نظر ايندا، جن وٽ ويهي توهان ٻوڙ ۽ ڀت جهڙي شيءِ کائي سگهو ٿا يا هلندي چلندي سئنڊوچ کائي سگهو ٿا. ههڙن موقعن تي ڪنهن اعليٰ هوٽل ۾ ويهي شان سان ست رڇي کائڻ جا خواب ۽ خيال جيترو پري رکندائو اوترو توهان ٽوئرزم جو لطف وٺي سگهندائو.

 

باب اُڻٽيهون

 

منهنجي صلاح موجب ڇا گهمڻ کپي؟

ڪئالالمپور جي جالان (شاهراهه) ائمپنگ، جالان پي راملي، جالان پينانگ ۽ جالان ڪياپينگ جي اندر واري حصي ۾، هتي جي سڀ کان اُتاهين عمارت پيٽروناس ٽاورز آهي، جيڪا Twin   ٽاورز به سڏجي ٿي. هيءَ عمارت سال 2004ع تائين، جيسين تائپي جي ڊگهي عمارت نه ٺهي هئي، ڇهن سالن تائين دنيا جي ڊگهي ۾ ڊگهي عمارت هئي. پيٽروناس ٽاورز عمارت ٺهڻ جو ڪم 1998ع ۾ مڪمل ٿيو ۽ آگسٽ 1999ع کان اها عام پبلڪ لاءِ کولي وئي. ”پيٽروناس“ هتي جي گئس ائنڊ آئل ڪمپني آهي، جيئن اسان وٽ ”سئي گئس ڪمپني“ هڪ سرڪاري ادارو آهي.

هنن ٻن ٽاورن مان هڪ ۾ فقط پيٽروناس ۽ ان سان واسطو رکندڙ ادارن جون آفيسون آهن ۽ ٻيءَ ۾ آءِ بي ايم، الجزيره، مائڪرو سافٽ، ريوٽرس، دي ايجنسي، ائڪسينچر ۽ ٻين ملڪي ۽ بين الاقوامي ڪمپنين جون آفيسون آهن. هرهڪ ٽاور ۾ 88 فلور (ماڙيون) آهن. هنن عمارتن جو بنياد، گرائونڊ ليول کان 120 ميٽر هيٺ رکيل آهي. رستي جي ليول کان هي ٽاور  452 ميٽر يعني 1490 فٽ اتاهان آهن. هيءَ عمارت گرائونڊ ليول تي  341760 چورس ميٽرن تي پکڙيل آهي، جيڪا 37 لک چورس فٽ ايراضي ٿئي ٿي. يعني اسان وٽ عام طرح وڏو گهر 1000 چورس والن جو يعني 9000 چورس فٽن جو جيڪڏهن آهي ته ان گهر جهڙن 412 گهرن جيتري گرائونڊ ايراضي تي ڦهليل آهي. هي ٻئي ٽاور هيٺان کان وٺي مٿي تائين الڳ الڳ عمارتون آهن ۽ هر عمارت 88 ماڙ آهي. هنن ٻن عمارتن جي وچ ۾ 41هين ۽ 42هين ماڙ تي پل ٺاهي ٻنهي کي هڪ ٻئي سان ڳنڍيو ويو آهي. يعني هڪ عمارت ۾ ڪم ڪندڙ جيڪڏهن ٻي عمارت ۾ وڃڻ چاهي ته هن لاءِ ضروري ناهي ته هو گرائونڊ فلور تي پهچي ان بلڊنگ مان نڪري ٻي عمارت جي گرائونڊ فلور تان لفٽ ۾ چڙهي مٿي وڃي. هڪ عمارت مان ٻي عمارت ۾ وڃڻ لاءِ هو هنن پلين رستي واڪ ڪري اچي وڃي سگهي ٿو. ان پل کي Sky Bridge  سڏين ٿا ۽ 58 کن ميٽر يعني 190 فٽ ڊگهي آهي. هن جي تور 750 ٽن چئي وڃي ٿي. هن پل تان لنگهندي سڄي ڪئالالمپور جو نظارو ڏسي سگهجي ٿو.

پيٽروناس ٽاورس گهمڻ لاءِ ڪابه ٽڪيٽ ناهي، پر هن اسڪاءِ برج تان لنگهڻ لاءِ روزانو 1700 کن ماڻهن کي پاس ملي ٿي، جيڪي 41هين فلور تان هن پل تان لنگهي ٻي عمارت ۾ وڃي سگهن ٿا. 42هين ماڙ واري پل فقط هنن ٽاورز ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن لاءِ رکي وئي آهي. هيٺان کان مٿي وڃڻ لاءِ 10 اسڪاليٽر آهن. ان کان علاوه ڪيتريون ئي لفٽون آهن، جيڪي بلڊنگ جي مختلف حصن تائين پهچائڻ لاءِ ورهايل آهن. هي ٽاورز جڏهن ٺهي راس ٿيا هئا ته 1.2 بلين آمريڪي ڊالر خرچ آيو هو. سڄي عمارت ۾ 32 هزار دريون آهن. عمارت ۾ آرٽ گئلري، 840 ڪرسين وارو ڪنسرٽ هال ۽ زير زمين تمام وڏو پارڪنگ لاٽ آهي.

پيٽروناس وارن جا تيل ۽ گئس کان علاوه ٻيا به ڪيترائي ادارا آهن. انهن مان شپنگ به هڪ آهي. هن ڪمپني جا ڪيترائي تيل ۽ ڪيميڪل کڻڻ جا جهاز آهن ۽ ملاڪا جي جنهن نيول اڪيڊمي ۾ مون 10 سال کن نوڪري ڪئي، ان کي به هيءَ ”پيٽروناس“ ڪمپني  هلائي ٿي. منهنجا ڪيترائي شاگرد هن بلڊنگ ۾ جهاز راني جو ڪاروبار هلائين ٿا، جن جي دعوت تي اڳئين دفعي به هن عمارت ۾ ٻه چار دفعا وڃڻ جو موقعو مليو. هونءَ هتي اهو  لکندو هلان ته ڪي شيون اهڙيون آهن، جن جي سونهن انهن کي پري کان ڏسڻ ۾ سمايل آهي. جيئن پاڻيءَ جو جهاز آهي. توهان ڪناري تي بيهي ڪنهن ويندڙ جهاز کي ڏسندائو ته تمام سهڻو نظارو محسوس ٿيندو. پر جهاز ۾ اندر هجڻ وارو ته هڪ لوهي ڀتين واري ڪمري ۾ آهي. اهڙي طرح هيءَ عمارت آهي. توهان وٽ وقت آهي ته هن عمارت جي در تائين پهچي اندر جون ڀتيون، آفيسون، ريسٽورنٽون، دڪان وغيره ڏسو نه ته ان پٺيان ٽي چار ڪلاڪ وڃائڻ بدران اهو وقت توهان ٻيون شيون ڏسڻ ۾ لڳائي سگهو ٿا. رهيو سوال فوٽو ڪڍرائڻ جو، اهو جالان ائمپنگ يا جالان پي راملي رستن تي ڪٿي به بيهي ڪڍرائي سگهو ٿا. هونءَ به هيڏي وڏي عمارت جي تصوير ان وٽ بيهڻ سان ته هرگز نه ايندي. آئون به هميشه ائمپنگ روڊ تان، گهڻو ڪري پنهنجي پاڪستاني سفارتخاني وٽان، هن عمارت جي تصوير ڪڍندو آهيان.

هتي اهو به لکندو هلان ته پيٽروناس وارن جي ان نالي سان يونيورسٽي پڻ آهي، جنهن ۾ ڪيترائي پاڪستاني شاگرد پڻ نظر آيا. پيٽروناس ٽاورز جي هيٺان جيڪو شاپنگ مال آهي، ان جو نالو  Suria KLCC   آهي. ان جي تمام گهڻي مشهوري ڪئي وڃي ٿي، پر اسان جهڙن ماڻهن لاءِ اهڙن شاپنگ مالن ۾ وقت وڃائڻ اجايو آهي. اڄڪلهه اسان جي ملڪ جي آچر بازارين، بولٽن مارڪيٽ، ميٽرو ۽ مائڪرو جهڙن شاپنگ سينٽرن ۾ هر شيءِ تمام گهٽ اگهه تي مليو وڃي، جتي توهان کي ملائيشيا، فلپين، انڊونيشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ملڪن جا ٽوئرسٽ پڻ خريداري ڪندي نظر ايندا. سو ڪئالالمپور جي وڏن شاپنگ مالن ۾ وقت ضايع ڪرڻ کان بهتر آهي ته ڪئالالمپور جو اوسو پاسو ڏسجي.

سالن کان ڏسندو اچان ته ڪئالالمپور جي هوٽلن وارا، ٽريول ايجنٽ ۽ هتي جو ٽوئرسٽ کاتو ڌارين ملڪن کان آيل سياحن کي پنجاهه  سٺ رنگٽن (هزارن کن رپين) ۾ ٻه چار هتي جون اهم شيون ڏيکاري ٿو، جيڪي هن ريت آهن ۽ منهنجي خيال ۾ جيڪو هلي ملي ملائيشيا اچي ٿو، ان کي اهي ضرور ڏسڻ کپن. اهي شهر کان پرڀرو هجڻ ڪري گروپ جي صورت ۾ بس ۾ چڙهي گهمڻ ۾ گهٽ خرچ ۽ وڏو فائدو آهي. هن ٽوئر ۾ هو هتي جي باتڪ جو ڪم ڏيکارين ٿا. جيئن اسان وٽ هالا ۾ اجرڪ جو ڪم ٿئي ٿو، تيئن هتي جا ملئي ڪاريگر خوبصورت رنگن ۽ شڪلين ۾ ڪپڙي تي ڇُر جو ڪم ڪن ٿا. ان ڪپڙي مان مرد قميصون ۽ عورتون چولا ۽ اسڪرٽ (باجو ڪرونگ) ٺهرائين ٿيون. ملائيشيا ايئرلائن جي ايئرهوسٽس جي ڊريس باتڪ جي آهي.

ملائيشيا پيوٽر جي شين کان به مشهور آهي. پيوٽر ٻن ٽن ڌاتن کي ملائي چانديءَ جهڙو ڌاتو ٺاهيو وڃي ٿو، جنهن ۾ گهڻي مقدار ۾ ٽِن (قلعي) ٿئي ٿو، جيڪو ڪئالالمپور جي کاڻين مان ملي ٿو. هي ٽوئرسٽ ڪمپنيون سياحن کي گهڻو ڪري ”سلينگور پيوٽر فئڪٽري“ گهمائين ٿيون، جيڪا انگريزن جي ڏينهن کان هلندي اچي ۽ هڪ صدي کان به آڳاٽي آهي. هن فئڪٽري ۾ توهان ڏسي سگهو ٿا ته هي ڌاتو (Alloy)  ڪيئن ٺاهيو وڃي ٿو ۽ ان مان ڪيئن ننڍا ننڍا خوبصورت سووينئر ٺاهيا وڃن ٿا.

مٿين فئڪٽري گهمائڻ دوران هر ٽوئرسٽ ڪمپني، رستي تي توهان کي رٻڙ جي پوک به ڏيکاري ٿي، جتي رٻڙ جي وڻن جي ٿڙن کي تامل عورتون هلڪو چِهڪ ڏيئي، کير جي صورت ۾ رٻڙ (Latex)  ڪڍن ٿيون ۽ پوءِ پيالين ۾ جمع ڪيل اهو کير ملائي، ويلڻ سان يا هٿ جي رولر مشين سان ان مان ’ڊور مئٽ‘ جيڏي  رٻڙ جي ننڍي شيٽ ٺاهين ٿيون. پوءِ اهي شيٽون ايڪسپورٽ ڪيون وڃن ٿيون يا مڪاني ڪارخانن ۾ انهن مان رٻڙ جون شيون، ڊاهڻ واري Eraser   کان موٽرڪارن جا ٽائر ٺاهيا وڃن ٿا.

هن ٽوئر جي آخر ۾ هو سياحن کي Batu Caves   (باتو جبلن جون غارون) ڏيکارڻ لاءِ وٺي اچن ٿا، جتي هندن جا آڳاٽا مندر آهن. اسان جي طرف جي ماڻهن لاءِ هتي اچڻ سان سٺو تجربو ٿيندو. اسان جي اوسي پاسي جي ملڪن: ايران، سريلنڪا، دبئي ڪويت وغيره جا عرب ته وري به انڊيا ويندا رهن ٿا، پر اسان جا پاڪستاني جيڪي انڊيا جي ڪلچر، هندو ڌرم ۽ مندرن ۽ ان ۾ موجود ٻاون ۽ پوڄا پاٺ جي نموني کان اڻ واقف آهن، انهن لاءِ هتي اچڻ سان ڪيترين ئي نين ڳالهين کي ڏسڻ جو موقعو ملي ٿو. اسان جو يورپ يا عرب ملڪن ۾ هندو ڌرم جي ماڻهن سان واسطو پوي ٿو ته اهي اتر هندستان جا آهن، جن جون ڪيتريون ڳالهيون اسان ۾ ساڳيون آهن، جيئن ته زبان، ڪپڙو پوشاڪ، کاڌا پيتا، ملڻ کيڪارڻ جا طريقا وغيره. پر هن پاسي ملائيشيا ۽ سنگاپور پاسي جيڪي هندو رهن ٿا، اهي اڙدو، هندي يا پنجابي ۽ گجراتي ڳالهائڻ وارا نه آهن، پر تامل، مليالم، ڪنهڙ ۽ تيلگو قسم جون زبانون ڳالهائڻ وارا دکني يعني ڏکڻ هندستان جا آهن. جيڪي ڪيتريون ئي اهڙيون هندو رسمون ۽ ڏڻ (جهڙوڪ ٿائيپوسام ۽ پونگل) ملهائين ٿا، جيڪي اسان جي هندن لاءِ به نيون ڳالهيون آهن. ايتريقدر جو  هتي جي سائوٿ انڊين هندن جي ديوتائن جا نالا به اسان جا اترين علائقن جي هندن جي Deities  جي نالن کان مختلف آهن. سو اسان جهڙن پاڪستاني مسلمانن توڙي هندن لاءِ، هي باتو غارن وارا مندر ۽ ان جا ٻاوا ۽ مختلف رنگن ۽ ميڪ اپ ۾ نظر ايندڙ ڏکڻ هندستاني پوڄاري، انهن جون ريتون رسمون، حيرت ۾ وجهندڙ آهن. ان کان علاوه هتي اچڻ سان اسان کي غارن کي ڏسڻ جو موقعو پڻ ملي ٿو. باتو غارون جنهن کي هتي هرڪو انگريزي نالي Batu Caves   سان سڏي ٿو، دراصل هڪ چُن (Lime Stone)   جي ٽڪري آهي، جنهن ۾ ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون غارون آهن، جن ۾ هندن جا آڳاٽا مندر آهن.

هي غارون ڪئالالمپور جي ڀر واري ضلعي گومباڪ ۾ آهن ۽ ڪئالالمپور جي وچ شهر کان 13 ڪلو ميٽر پري ٿينديون. ان ڪري هڪ ڌارئين ٽوئرسٽ لاءِ بهتر آهي ته هو هن قسم جي گروپ ٽوئر وارن سان گڏ نڪري، جنهن جي معلومات توهان کي هوٽل انتظاميه کان پئجي ويندي. جيڪڏهن توهان جي هوٽل طرفان اهي جايون گهمائڻ جو بندوبست ناهي ته اوسي پاسي جي ٻي هوٽل مان معلوم ڪري سگهو ٿا ۽ مقرر وقت تي ان هوٽل اڳيان اچي بيهندائو ته اها ٽوئرسٽ بس توهان کي کڻي ويندي. سو اڪيلي وڃڻ کان ائين ٽوئرسٽ بس جي گروپ سان وڃڻ سستو آهي ۽ اهي توهان کي هر شيءِ چڱي طرح گهمائي ۽ ان بابت ٻڌائي سگهندا. پر جيڪڏهن توهان ڪنهن واقفڪار وٽ رهيل آهيو ته هو پاڻ توهان کي باتو غارن ڏي وٺي هلندو، جو هن لاءِ اهو ڪو وڏو مفاصلو ناهي ۽ هاڻ ته باتو غارن تائين جهڙو  يڪو شهر ٿي ويو آهي، جيئن صدر کان ملير يا ناظم آباد تائين يڪو شهر ڪراچي آهي.

جتي هيءَ باتو ڪيوز واري ٽَڪري آهي اتان باتو سنگائي (باتو ندي) وهي ٿي، جنهن تان هنن غارن جو نالو باتو پيو آهي ۽ ڀر ۾ باتو ڪيوز نالي ڳوٺ به آهي. ملئي زبان ۾ نديءَ کي سنگائي (Sungai)  سڏجي ٿو. ملائيشيا ۾ جتي ڪٿي ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون نديون نظر اچن ٿيون، جن ذريعي برسات جو پاڻي سمنڊ ۾ خارج ٿئي ٿو. ملائيشيا ۾ ڪيترائي شهر آهن، جن جي نالن ۾ ”سُنگائي“ اچي ٿو جيئن ته سنگائي بارو (نئون)، سنگائي لاما (پراڻو) جيئن اسان وٽ هالا نوان، هالا پراڻا وغيره آهن. ملاڪا ۾ جنهن ڳوٺ جي ڀرسان اسان جي نيول اڪيڊمي هوندي هئي ان جو نالو ”ڪئالا سنگائي بارو“ آهي معنى ”نئين نديءَ جو منهن.“ ڀر ۾ هڪ مشهور شهر ”سنگائي اُڊانگ“ (گانگٽن واري ندي) آهي.

هتي هن جبل جي غار ۾ انڊيا کان ٻاهر سڀ کان وڏو هندو مندر آهي جيڪو هندن جي ديوتا ”موروگان“ کي منسوب ٿيل آهي. موروگن ڀڳوان جنهن کي ”سبراهمنيا“ به سڏين ٿا، هندن جو، خاص ڪري ڏکڻ هندستان جي تاملن جو هڪ مشهور ديوتا (Diety) آهي. سائوٿ انڊيا، سريلنڪا، ملائيشيا ۽ سنگاپور جتي تاملن جو وڏو اثر رسوخ آهي موروگن (سبراهمنيا) تمام گهڻو پاپولر ديوتا آهي. هن کي ”تاملن جو ڀڳوان“ به سڏيو وڃي ٿو ۽ هن جا ٻيا به ڪيترائي نالا آهن جيڪي هن پاسي جي ماڻهن جي نالن ۾ پڻ اچن ٿا،  جيئن ته؛ سينل، سروانا، ڪارتيڪيا، ارومگام، سن مگا (سنسڪرت وارو) گوُهان (غار ۾ رهڻ وارو)، قدمبان (ڪلهن تي قدم بُو گل رکي هلڻ وارو)، وغيره.

باتو غارون پهرين انگريزن ۽ هڪ آمريڪن نئچرلسٽ وليم هارناڊي کي 1878ع ۾ نظر آيون ۽ هندن کي ان جي پوڄا ڪرڻ لاءِ ان وقت جي هڪ هندو سوداگر ٿام بوسامي پلائيءَ اڪسايو ۽ لارڊ موروگا جي ياد ۾ مندر ٺهرايو. ڪئالالمپور جو هڪ ٻيو آڳاٽو هندو مندر ”سري مها ماريامان“ پڻ هن ٺهرايو ۽ 1892ع کان هتي ٿائپوسام جشن ملهائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو جيڪو سائوٿ انڊيا ۾ تامل ملهائين ٿا. اڄڪلهه ٿائيپوسام سنگاپور، سريلنڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ به ملهايو وڃي ٿو، جتي تامل ماڻهن جي گهڻائي آهي. هي جشن جنوري ۽ فيبروري ۾، چنڊ جي چوڏهين تاريخ ملهايووڃي ٿو. دراصل ٿائيپوسام ،تامل مهينن ٿاءِ ۽ پوسام مان ٺهيو آهي. هي جشن ان موقعي جي ياد ۾ ملهايو وڃي ٿو جنهن تي پارِوَتي موروگن ديوتا کي ڀالو ڏنو ته برائي جي شيطان ”سوراپادمن“ کي ڀڄائي ڪڍي. باتو غارن جي مندر جي مهاراجا ٻڌايو ته ڪيترن هندن ۽ ٻين کي اها غلط فهمي آهي ته ٿائيپوسام موروگن ڀڳوان جي جنم ڏينهن تي ملهايو وڃي ٿو. هن ٻڌايو ته ”موروگن جي ان جشن کي ”وائخاسي وشامڪم“ سڏجي ٿو.“

بهرحال اهي خوشيءَ جا ڏينهن ۽ جشن، ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ تامل هندو ملهائين ٿا. اهڙي طرح هڪ ٻيو هندن جو جشن ”پونگل“ آهي، جيڪو پڻ تامل هندو ملهائين ٿا ۽ جنهن جو واسطو پڻ ڌرم کان وڌيڪ ڪلچر سان آهي. هي جشن ڏکڻ هندستان ۾ فصل لهڻ تي ملهايو وڃي ٿو جيئن اسان وٽ لاهور ۾ بسنت جي موسم جي آمد ۾ لغڙ اڏايا وڃن ٿا. ”پونگل“ جشن ۾ ملائيشيا ۽ سنگاپور جا تامل هندو ،هڪ ڍڳي کي سينگاري شهر جي اهم رستن تان سرگس ڪڍندا آهن. هن قسم جا ثقافتي ۽ ڌرمي جشن ۽ ڏينهن اسان جي ملڪ جي هندن لاءِ به نوان آهن. انڊيا جي ويزا ته ايڏو سولائيءَ سان نٿي ملي، پوءِ اهي هتي ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ اچي ڏسن ٿا.

شروع کان منهنجي لاءِ هي باتو غارن دلچسپ جاءِ رهي آهي، جيڪو علائقو ملائيشيا ۽ انڊيا جو مڪسچر لڳي ٿو. هر وقت ميلي جو رنگ هوندو آهي. ملئياڻين جي باجوڪرونگن (باتڪ جي وڳن) ۽ گورين چينياڻين جي اسڪرٽ بلائوزن جي وچ ۾، تامل، مليالم ۽ ڪنهڙ ڳالهائيندڙ هي سنهڙيون، ڪارڙيون سائوٿ انڊين نيلي، کهنبي، واڱڻائي ۽ تکي گلابي رنگن جي ساڙهين ۾ عجيب ڏيک ڏين ٿيون. مٿي غار جي منهن وٽ پهچڻ لاءِ 272 ڪافي ٿلها ڏاڪا آهن جيڪي يڪساهي چڙهڻ جواني جي ڏينهن ۾ به ٿڪائي رکندا هئا. هن ڀيري ته هيڪانديون ساهيون پٽيندو چڙهيس. رستي تي اطالوي، تائواني، فلپيني ۽ سائوٿ آمريڪن پوڙهين ۽ جوان ڇوڪرين سان خبرون ڪرڻ لاءِ ڪنهن ڏاڪي تي ويهي ٿي رهيس يا هتي جي پڇ ڊگهن مِڪاڪا ڀولڙن جون مستيون ٿي ڏٺم، جيڪي ڏاڪڻين تي چڙهندڙ ٻارن توڙي وڏن کان شيون ڦري رهيا هئا. پهرين ڏاڪي کان وٺي مٿين تائين سوين ڀولڙا پنهنجن ٻارن ٻچن سان ٽوئرسٽن طرفان مليل خيراتي خوراڪ يا کانئن کاڌي جي ڦر ڪرڻ جي تاڙ ۾ رهن ٿا. ڪيترا ٽوئرسٽ ته هنن چالاڪ ڀولڙن جون بولاٽيون ۽ ڦُرون ڏسڻ لاءِ اچن ٿا. ان قسم جا ڪي ڪي نظارا ته آئون به پنهنجي ڪئميرا ۾ قابو ڪندو ويس. هن قسم جا ڀولڙا ملائيشيا، ڏکڻ ٿائلنڊ ۽ فلپين ۾ عام آهن جن کي مختلف نالن سان سڏيو وڃي ٿو جيئن ته کيکڙو کائيندڙ مڪاڪا، Cynomolgus Monkey، فلپيني ڀولڙو ۽ ڊگهي پڇ وارو ڀولڙو. سندن سائنسي نالو  Macaca Fascicularies  آهي جيڪو 1821 ع ۾ سنگاپور جو ٻيٽ خريد ڪرڻ بعد سر ٿامس رائفلس هن ڀولڙي تي رکيو. هي ڀولڙو ڊيگهه ۾ 15 کان 22 انچ ٿئي ٿو سندس ٽنگون ۽ ٻانهون بنهه ننڍيون ٿين ٿيون، پر پڇ بدن کان به وڏو 16 کان 26 انچ ٿئي ٿو. نَر، مادين کان چڱا وڏا ۽ متارا ٿين ٿا، جن جو وزن 5 کان 9 ڪلو ٿيندو.

ڀولي جي هيءَ جنس بيحد سوشل ٿئي ٿي ۽ 5 کان 60 ڄڻن جي ٽولي ۾ رهي ٿي. ڳوٺن ۾ جتي آئون رهيس، اتي ته مون 100 کان به مٿي جي ٽولن کي ڏٺو، جيڪي گڏجي کليل گهرن ۾ گهڙي کاڌي پيتي جي شين جي ڦر ڪن ٿا. ملائيشيا جي ڪيترن ڳوٺن  ۾ لوهي تارن جا لوڙها چورن کان نه پر هن قسم جي ڀولڙن کان بچاءَ لاءِ ڏنل ٿين ٿا. ڀولڙن جي هنن ٽولن ۾ ڪيترائي نر ٿين. ماديون انهن کان چئوڻيون پنجوڻيون ٿين.

باتو غارن تي ڌارين توڙي مڪاني سياحن لاءِ خاص ڪشش موروگن (Murugan) تاملن جي ڀڳوان جي مورتي (Statue) به آهي جيڪو دنيا جو وڏي ۾ وڏو اسٽيچيو چيو وڃي ٿو. هي Statue (مورتي) 140 فٽ (43 ميٽر) ڊگهي ٿيندي جيڪا 1550 ڪيوبڪ ميٽر ڪنڪريٽ، 250 ٽن اسٽيل ۽ 300 لِٽر سونهري (golden) پينٽ مان، 24 ملين انڊين رپين خرچ تي ٺهرائي وئي آهي. هن سون جهڙي چمڪندڙ مورتي جون تصويرون توهان کي جتي ڪٿي نظر اينديون. هن ڀيري باتو غارن تي مون کي علي سولنگي وٺي هليو. حاجي صاحب پاڻ ته هتي جي ڪنهن به مندر يا مورتي اڳيان تصوير نه ڪڍرائي باقي ايتري مهرباني ڪيائين جو منهنجيون ڪڍندو هليو. آخر ۾ ڪجهه دير آرام ڪرڻ لاءِ اتي جي هڪ سائوٿ انڊين ريسٽورنٽ ۾ اچي ناريل جو پاڻي پيتوسين. هوٽل جي تامل مالڪ ٻڌايو ته هنن ويران ۽ اڻ ڄاڻ غارن کي مشهور ڪرڻ ۾ هتي جي ملائيشين مخير (Philanthropist) ٿامبوسامي پلائي (Pillai) صاحب جو وڏو هٿ آهي جنهن سري مها ماريامان مندر پڻ ٺهرايو. هي مندر ڪئالالمپور شهر جي چائنا ٽائون جي ڇيڙي وٽ جالان بندر تي آهي جنهن روڊ جو اصل نالو هاءِ اسٽريٽ هو. هي مندر ڪئالالمپور ۾ هندن جو امير ترين ۽ آڳاٽو مندر چيو وڃي ٿو، جيڪو 1873ع ۾ ٺهيو. 1968ع ۾ هن جي مين گيٽ (راجا گوپورام) کي اڄ واري شڪل ڏني وئي هئي. هي مندر پهرين فقط ٿامبو سامبي جي فئملي جي عبادت لاءِ هو پر پوءِ 1920ع ڌاري عام پبلڪ جي پوڄا لاءِ کوليو ويو. ٿامبوسامي پلائي جا وڏا، ڏکڻ هندستان کان ملايا تجارت لاءِ آيا هئا. پاڻ 1850ع ۾ سنگاپور ۾ ڄائو ۽ اتي جي رئفلس انسٽيٽيوشن ۾ تعليم حاصل ڪيائين. ان بعد پاڻ سنگاپور جي انگريز آفيسر جيمس گٿري، ڊئوڊسن وٽ ڪلارڪ ٿي رهيو. 1875ع ۾ جڏهن گٿري ملايا جو پهريون برٽش ريزيڊنٽ ٿي ”ملايا“ (اڄ واري مغربي ملائيشيا)  آيو ته هي به ان سان گڏ بحري جهاز ۾ ڪلانگ پهتو ۽ پوءِ چيف ڪلارڪ مان ٿيندو ٽريزرر مقرر ٿيو. ان بعد کيس حڪومت طرفان انڊيا موڪليو ويو ته ملايا جي ريلوي ۽ پبلڪ ورڪس لاءِ انڊيا جا مزور ۽ مستري آڻي. 1880ع ڌاري ٿامبو ساميءَ سرڪاري نوڪريءَ مان استعيفى ڏئي پنهنجو پرائيويٽ بزنيس شروع ڪيو هو ۽ ملايا جو تمام اهم ۽ امير ماڻهو بڻجي ويو. ايتري قدر جو هن کي ڪئالالمپور جي سلينگور ۽ ٽرف ڪلب جو به ميمبر بنايو ويو، جن ڪلبن ۾ فقط  انگريز ئي وڃي سگهيا ٿي. ٿامبوسامي پلائي خير جا ڪم ڪرڻ ۾ به نالو پيدا ڪيو ۽ هن نه فقط هندن کي پر مسلمانن ۽ عيسائين کي به هٿين خالي نه موٽايو. سندس نالي ڪئالالمپور جي چوڪٽ علائقي ۾ هڪ گهٽي آهي ۽ سينتل واري علائقي ۾ تامل پرائمري اسڪول آهي.

 

ملائيشيا ۽ سنگاپور پاسي شاپ هائوسز جو رواج يعني هيٺ دڪان ۽ رهاش لاءِ مٿي گهر

باب ٽيهون

 

اڻ کٽندڙ  روڊن  جون  اڻ  کٽندڙ   يادون

ڌرائين ملڪ ۾ نوڪري ڪندڙ، تعليم حاصل ڪندڙ شاگرد، توڙي هڪ سياح (ٽوئرسٽ) لاءِ ضروري آهي ته هن کي پنهنجي ملڪ جي سفارتخاني جي خبر هجڻ کپي ته اهو ڪٿي آهي، جيئن ڪنهن ڏکي وقت تي ضرورت پوي ته اتي پهچي سگهجي.

ملائيشيا پاڪستان وانگر ڪامن ويلٿ جو ميمبر آهي، يعني هنن ملڪن تي انگريزن جو راڄ رهيو آهي. ان ڪري هتي ڪئالالمپور ۾ اسان جي ملڪ جي ”هاءِ ڪميشن“ آفيس آهي جنهن جو وڏو ”سفير“ بدران ”هاءِ ڪمشنر“ سڏجي ٿو. ڪئالالمپور ۾ اسان جي ملڪ پاڪستان جو سفارتخانو يعني هاءِ ڪميشن، وچ شهر ۾ جالان (شاهراهه) ائمپنگ تي آهي جتي بس يا ٽرين رستي سولائيءَ سان پهچي سگهجي ٿو. جالان ائمپنگ تي جنهن پلاٽ تي اسان جي  هاءِ ڪميشن آهي ان جو نمبر 132 آهي يعني پوسٽل ائڊريس هن ريت ٿيندي:

132 Jalan Ampong , Kualalumpur 50450. 

ڪئالالمپور جي ان علائقي جو پوسٽل ڪوڊ 50450  آهي، جيئن اسان وٽ هر شهر جي علائقي جو پوسٽل ڪوڊ ٿئي ٿو، جنهن ذريعي سڄي ملڪ جون پوسٽ آفيسون ورهايل آهن. پر هتي اهو لکندو هلان ته جالان ائمپنگ ڪراچي جي ايم اي جناح روڊ يا شاهراهه فيصل وانگر تمام ڊگهو آهي ۽ جيڪڏهن توهان ٽئڪسي واري کي جالان ائمپنگ تي هلڻ لاءِ چوندائو ته هو توهان کي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين گهمائيندو رهندو ۽ ميٽر بل چاڙهيندو ويندو. سو جي هن کي پاڪستان ايمبسيءَ جي بلڊنگ جي خبر نه آهي ته پاڪستان ايمبسي پهچڻ لاءِ هن کي ائمپنگ روڊ تي ٽوئرسٽ آفيس، هوٽل پارڪ پلازه، بوڪ هائوس، هوٽل نيو ورلڊ يا هوٽل Renaisance جا پار پتا ڏجنس. هونءَ اسان جو سفارتخانو ، جنهن عمارت ۾ آهي اها نه فقط آڳاٽي آهي پر آرڪيٽيڪٽ جي خيال کان سهڻي به آهي ۽ گهڻو ڪري هر ڪو واقف آهي. ڇو جو هن عمارت اڳيان هر لنگهندڙ ضرور پڇا ڪندو هوندو ته هن پراڻي زماني جي عمارت اندر ڇا آهي. آئون به پهريون دفعو هتان لنگهيو هوس ته سوچيم؛ ته هيءَ عمارت انگريزن جي ڏينهن جو ريسٽ هائوس آهي يا ته جيمخانو، يا وري ڪو ميوزيم هوندو ۽ اهو معلوم ڪري خوشي ٿي ته ملايا کي جيئن ئي خودمختياري ملي ته پاڪستان هن ملڪ کي يڪدم تسليم ڪيو ۽ سفارتخانو ٺاهڻ لاءِ هيءَ عمارت خريد ڪئي. اڄ هن عمارت جي قيمت اربين رپيا هوندي جنهن جي چوڌاري تمام وڏو باغيچو آهي.

جالان ائمپنگ وچ شهر کان اتان شروع ٿئي ٿو، جتان جالان تئانڪو عبدالرحمان، جالان راجا لائوت ۽ جالان تن پيراڪ شروع ٿين ٿا. بڪت بنتانگ (ڪئالالمپور جي سهڻي علائقي) وٽان جالان راجا چولان رستو وهي ٿو. هن روڊ تان جالان ائمپنگ شروع ٿئي ٿو پر ان جو شروع وارو اڌ ڪلوميٽر ”جالان گرجا“ سڏجي ٿو، پوءِ جتي جالان ملاڪا پاسي کان لڳي ٿو اتي کان جالان ائمپنگ شروع ٿئي ٿو. جالان ائمپنگ ڪافي وڏو روڊ آهي ۽ ٿورو مٿي اتر ڏي وڃي پوءِ يڪو اوڀر طرف هليو وڃي ۽ گهٽ ۾ گهٽ ست اٺ ڪلوميٽر ٿيندو. واٽ تي ڪيترائي روڊ جالان ائمپنگ کي ڪراس ڪن ٿا، يعني هڪ پاسي کان اچي ٻئي پاسي هليا وڃن يا ڪجهه رستا ساڄي يا کاٻي کان اچي جالان ائمپنگ تي دنگ ڪن ٿا. جيئن ته جالان منشي عبدالله، جالان دانگ وانگي (جنهن کي اسان جو ساٿي،  ڪئپٽن احمد حسين مخدوم ”دانگي وانگي“ روڊ سڏيندو هو( اتي ان ڪراسنگ وٽ جالان دانگ وانگي تي هتي جي اليڪٽرڪ گاڏي جي، ان ئي روڊ جي نالي سان ريلوي اسٽيشن آهي. پوءِ اڳتي جالان سلطان اسماعيل (روڊ) ڪراس ڪري ٿو. ان ڪراسنگ وٽ مونو ريل جي اسٽيشن ”بُڪت ناناس“ نالي آهي. ملئي زبان ۾ بُڪت (Bukit) معنى ٽڪري آهي ۽ ناناس معنى انناس. ٿي سگهي ٿو ڪنهن زماني ۾ اتي انناس جي شڪل جهڙي ڪا ٽڪري هجي، جنهن تان هن علائقي جو اهو نالو پيو هجي. مونو ريل ذريعي بڪت ناناس اسٽيشن تي يا اليڪٽرڪ ٽرين ۾ دانگ وانگي اسٽيشن يا ڪمپونگ بارو اسٽيشن تي لهڻ سان پاڪستان جي سفارتخاني ۾ پيدل پهچي سگهجي ٿو، جنهن بعد KLCC ريلوي اسٽيشن آهي جتان پيٽرو ناس ٽاورز وڃي سگهجي ٿو.

جالان سلطان اسماعيل جي ڪراس ڪرڻ بعد ائمپنگ روڊ کي جيڪو رستو ڪراس ڪري ٿو، ان جو کاٻي پاسي وارو حصو ”جالان يپ ڪوان سينگ“ سڏجي ٿو ته ساڄي پاسي وارو  روڊ ”پي راملي“ سڏجي ٿو. هن شاهراهه پي راملي تي ئي پيٽرو ناس ٽاورز آهن ۽ جالان يپ ڪوان ۽ جالان راملي جي ڪراسنگ کان پهرين ائمپنگ روڊ تي کاٻي پاسي اسان جي ملڪ جو سفارتخانو آهي ۽ روڊ جي ٻئي پاسي ملائيشيا جي ٽوئرسٽ آفيس ۽ ٿورو اڳيان بئنڪ سمپنان نئشنل وٽ بوڪ هائوس (Boke House)  ۽ انگريزن جي ڏينهن جي مشهور ريسٽورنٽ Le Coq Dor آهي. بهرحال ائمپنگ روڊ گهڻو اڳيان وڃڻ تي ائمپنگ پارڪ اسٽيشن وٽ، ساڄي کان ”جالان بنجائي“ Binjai رستو اچيو ٿو لڳيس. ان بعد هن شهر (ڪئالالمپور) جو گول دائري (Outer Circle) وارو  روڊ ”جالان تن رزاق“ جالان ائمپنگ تان ڪراس ڪري ٿو. ان بعد جالان ائمپنگ تي ساڄي کان جالان ائمپنگ هِلر (Hilir) لڳي ٿو ۽ پوءِ گهڻو اڳتي جالان ائمپنگ جالان لنگڪاران تنگاهه کي ڪراس ڪري ڪمپونگ ليمباح تائين هليو وڃي. رستي تي ساڄي پاسي کان ڪجهه ٻيا روڊ به لڳنس ٿا، جهڙوڪ: جالان داگانگ، جالان واواسان، جالان واواسان ائمپنگ ۽ جالان ديسا ائمپنگ ... وغيره.

هتي اهو لکندو هلان ته هي ائمپنگ وارو علائقو اهو آهي جيڪو چوڌاري گهاٽو جهنگ هو، جنهن ۾ چيني مزورن Tin جي کوٽائي ڪئي ٿي. ڌارين ملڪن کان آيل هي مزور مسجد جامع وٽ جتي ڪلانگ ۽ گومباڪ نديون ملن ٿيون، اتي سامان سڙو رکي پوءِ ٻيڙين ذريعي ڪلانگ ندي ڏئي هتي پهتا ٿي. انهن ڏينهن ۾ جهنگ ايڏو گهاٽو هو جو ان مان پنڌ ڪرڻ به ڏکيو هو. نديءَ مان ئي لنگهه ٿي سگهيو ٿي ۽ مزور ٻيڙين ذريعي هن علائقي جي مختلف حصن ۾ Tin جي کوٽائي ڪئي ٿي.

مٿي ٻڌايل رستا جيڪي منشي عبدالله، پي راملي، يپ ڪوان سينگ جهڙين هتي جي مشهور شخصيتن نالي آهن انهن جو مختصر تعارف ڪرائڻ ضروري سمجهان ٿو جو ان قسم جي نالن وارا رستا ملائيشيا جي ٻين شهرن ۾ به آهن ۽ هتي جا رهندڙ ڌاريان ماڻهو سوچيندا رهن ٿا ته اهي ڪير آهن جن نالي هي روڊ آهن. اهي ماڻهو هتي جا ڄڻ ته icon  آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org