سيڪشن؛سفرناما

ڪتاب: هليو آ، هليو آ.... ملائيشيا

باب: --

صفحو:11

انگريزن جي ڏينهن جو وڪٽري ايونيو هاڻ ”جالان سلطان هشام دين“ روڊ سڏجي ٿو. هي هڪ اهم روڊ آهي ۽ ڪئالالمپور جي ريلوي اسٽيشن، دايا بومي ڪامپليڪس ۽ مسجد نگارا وٽان لنگهي ٿو. ”سويٽنهام روڊ“ هاڻ ”جالان سلطان صلاح الدين“ سڏجي ٿو. سويٽنهام لاءِ شروع ۾ ٻڌائي چڪو آهيان ته ملئي رياستن جو پهريون انگريز ريزيڊنٽ جنرل هو. پاڻ ان پوسٽ تي 1896ع کان 1901ع تائين رهيو. ڪئالالمپور وارو بندرگاهه پورٽ ڪلانگ به سندس نالي ”پورٽ سويٽنهام“ سڏبو هو. هو 1850ع ۾ ڊربي شائر (انگلينڊ) جي هڪ ڳوٺ Belper ۾ ڄائو. ملئي زبان جو وڏو ڄاڻو هو ۽ هن ملئي لفظن جي ڊڪشنري به ٺاهي.

ڪئالالمپور جون باتو غارون مشهور آهن، جتي هندو ديوتا جو دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو  Statue  آهي. هي آڳاٽيون غارون صديون لڪل رهيون، جن کي هتي ملايا ۾ رهندڙ ٿامبو سامي نالي انڊين سوداگر ڳولي لڌو. ڪئالالمپور ۾ ”جالان ٿامبو سامي“ نالي روڊ هن همراهه جي مانَ ۾ آهي. اهڙي طرح هتي جي هڪ ٻئي انڊين رهاڪو نالي ”ويوَڪانندا روڊ“ آهي. ملائيشيا ۽ سنگاپور ايندڙ اسان جي پاڪستانين کي حيرت ٿيندي هوندي ته هن پاسي رهندڙ انڊين هندن جا نالا عجيب آهن. دراصل اسان پاڪستان ۽ اتر انڊيا ۾ رهندڙ هندن جي نالن کان واقف آهيون، جيڪي اُچارڻ واقعي سولا آهن، جيئن ته موهن، ڪرشن، گوپال، رامچند، پرڪاش وغيره ۽ ڪيترن جي نالن ۾ اڙدو، سنڌي، عربي جا به لفظ آهن، جيئن ته بختراءِ، راءِ چند، وليرام، ڀڳڙو مل، ستنام، لالچند، جهمٽ مل، روشن لعل، گلاب راءِ وغيره. پر هن پاسي جيڪي هندو رهن ٿا انهن جو واسطو ڏکڻ هندستان سان آهي ۽ هنن جا نالا تامل، مليا لم، ڪنهڙ، تيلگو جهڙين زبانن سان آهي، جن کان اسين اڻ واقف آهيون. ويندي سندن ڪيترن ديوتائن جا نالا به مختلف آهن. ڪن مذهبي ڏينهن جا نالا به اسان لاءِ نرالا آهن، جيئن ٿائپوسام ۽ پونگل آهي. اسان وٽ هولي، ڏياري، نَوَ راتڙي ته سڀني ٻڌو هوندو، پر ٿائپو سام ورلي ڪنهن ٻڌو هجي. اهڙي طرح ڪئالالمپور جي ڪجهه رستن جا نالا هتي رهندڙ اهم چيني شخصيتن نالي به آهن، جيئن ”جالان چينگ لاڪ“ جيڪو هتي جي چيني سياسي پارٽي MCA    (ملاين چائنيز ايسوسيئيشن) جو پهريون صدر هو. اهڙي طرح جالان لوڪ ييو (Loke Yew)   آهي، جيڪو ڪئالالمپور ۾ رهندڙ هڪ امير ترين چيني ٿي گذريو آهي.

ڪئالالمپور شهر جو اڃا وجود نه هو ته چين کان مزورن کي گهرايو ويو هو ته هو کاڻين جي کوٽائي جو ڪم ڪن. انهن چيني مزورن کي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ ملئي سردارن ۽ انگريزن، انهن پورهيتن مان ڪو اهم ماڻهو ڪمدار طور چونڊيو ٿي، جيڪو ٻين کي ڪنٽرول ۾ رکي. اهو ”ڪئپٽن چينا“  (Kaptan Cina)   سڏيو ويو ٿي. جيسين شهري حڪومت ٺهي تيسين پنج کن ڪئپٽن چينا ٺهيا. انهن مان ٻن جي نالن تي رستا نظر اچن ٿا. هڪ ته جالان يپ آح لوئاءِ آهي، جيڪو ”جالان تن پيراڪ“ وٽ آهي ۽ ٻيو رستو ٽئين ڪئپٽن چينا  Yap Ah Loy  نالي آهي. هي همراهه سڀ کان وڏو عرصو، 1869ع کان 1885ع تائين ڪئپٽن چينا ٿي رهيو. هڪ رستو جالان يپ ڪوان سينگ به آهي، جيڪو ڪئالالمپور جي پنجين ۽ آخري ڪئپٽن چينا  Yap Kwan Seng نالي آهي. هي همراهه 1889ع کان 1902ع تائين ڪئالالمپور جو داداگير ٿي رهيو.

اسان جو سڀ کان دلپسند روڊ ”جالان تئانڪو عبدالرحمان“ رهيو آهي، جنهن تي گلوب سلڪ اسٽور ۽ چوٽڙ مل جي دڪان کان وٺي ٻين ڪيترن سنڌي هندن، گجراتين، سکن ۽ مدراسين جا دڪان آهن ۽ ڏسان پيو ته سال 1968ع کان وٺي جڏهن منهنجو پهريون دفعو هن شهر ۾ اچڻ ٿيو هو، هي رستو تئانڪو عبدالرحمان روڊ گهما گهمي ۽ رونق وارو رهيو آهي، جيڪو شروع ۾ باتو روڊ (پٿرن وارو رستو) سڏبو هو. چون ٿا ته ڪئالالمپور ۾ هي پهريون پڪو رستو ٺهيو هو. هيستائين مون سمجهيو پئي ته هن روڊ جو هي نالو جالان تنڪو عبدالرحمان ملائيشيا جي پهرين وزيراعظم نالي آهي، پر هن دفعي پاڪستان ايمبسي جي ڊپٽي سفير امتياز قاضي صاحب ٻڌايو ته اهو روڊ جالان تنڪو (Tunku)   عبدالرحمان نه پر جالان تئانڪو (Tuanku)  عبدالرحمان آهي، جيڪو ملايا کي آزادي ملڻ بعد سڄي ملڪ جو پهريون بادشاهه ٿيو هو. ملائيشيا جي سلطانن ۽ انهن جي بيگمن ۽ ٻارن جي نالن جي اڳيان ۽ ملڪ جي ڪيترن ئي اهم ماڻهن جي نالن اڳيان تُنڪو، تئانڪو، تُن، تَان سري، داتڪ ۽ داتن جهڙا لفظ نظر ايندا، جيڪي هتي جي بادشاهن ۽ سلطانن طرفان لقب آهن، جيئن انگريز حاڪم پنهنجن ۽ اسان جي ننڍي کنڊ جي ماڻهن کي سر، خانبهادر، راءِ بهادر جهڙا لقب ”نوازيندا“ هئا. انهن ملئي لقبن جو ٿي سگهي ٿو ته تفصيل سان اڳتي هلي ذڪر ڪريون. هتي هن ملئي بادشاهه تئانڪو عبدالرحمان بابت ٻه اکر لکڻ ضروري سمجهان ٿو. پاڻ 1895ع ۾ نيگري سيمبيلان جي سلطان المرحوم تئانڪو محمد جي گهر ۾ ڄائو. پنهنجي رياست جي اسڪول ۽ ڪاليج مان تعليم حاصل ڪري فوج ۾ ڀرتي ٿيو ۽ 1918ع ۾ ليفٽيننٽ جي عهدي تي پهچڻ بعد انگلينڊ وڃي قانون جي تعليم حاصل ڪيائين ۽ انرٽيمپل مان بئريسٽر ٿيو. ملايا موٽڻ بعد هن سرڪاري نوڪريون ڪيون ۽ مئجسٽريٽ پڻ ٿي رهيو. 1933ع ۾ سندس والد جي وفات بعد پنهنجي رياست جو سلطان ٿيو. پاڻ ان وقت جو وڪيل ۽ پڙهيل ڳڙهيل سلطان هو. 1957ع ۾ ملايا کي خودمختياري ملڻ بعد سڀني سلطانن هن کي پنجن سالن لاءِ ملڪ جو بادشاهه چونڊيو. پاڻ بادشاهه ئي هو ته 1960ع ۾ شاهي محل ۾ ننڊ ۾ گذاري ويو.

تئانڪو عبدالرحمان ملڪ جو بادشاهه هو، پر هن پارليامينٽري ڊيمو ڪريسي ۾ يقين رکيو ٿي. سندس هڪ بيحد يادگار  Quotation   آهي، جيڪا هن عرب دنيا جي هڪ حاڪم کي چئي. هڪ عرب حاڪم جڏهن ملايا جي هن بادشاهه سان سندس وزيراعظم تنڪو عبدالرحمان جي شڪايت ڪئي ته ”هو پنهنجو پاڻ کي سمجهي ٿو ۽ اهڙي وزيراعظم کي ڪڍي ڇڏ“ ته هِن بادشاهه تئانڪو عبدالرحمان کيس جواب ڏنو ته ”افسوس جو آئون هن کي ڪڍي نٿو سگهان. هن کي منهنجي ملڪ جي عوام چونڊيو آهي ۽ ملڪ جي وزيراعظم جي حيثيت سان هو چاهي ته مون کي ڪڍي سگهي ٿو.“ هن بادشاهه تئانڪو عبدالرحمان چار شاديون ڪيون. هڪ 24 ورهين جي ڄمار ۾ ڊلسي نالي هڪ يورو ايشين نرس سان شادي ڪئي، جنهن اسلام قبول ڪري پنهنجو نالو معمونا رکرايو. کيس ٻه پٽ ۽ ٻه ڌيئرون ٿيون. وڏو پٽ تئانڪو جعفر 1967ع کان مرڻ تائين (2008ع تائين) نيگري سيمبلان جو سلطان رهيو. تئانڪو عبدالرحمان ٻي شادي مهرون نالي ڇوڪريءَ سان ڪئي، جنهن مان هڪ پٽ تئانڪو مناوير ٿيس، جيڪو سندس وفات بعد 1960ع کان 1967ع تائين نيگري سيمبلان جو سلطان رهيو. 1929ع ڌاري انهن ٻنهي زالن کي طلاق ڏئي پنهنجي سوٽ قرشيا سان شادي ڪئي، جيڪا سندس بادشاهه ٿيڻ وقت ملڪ جي پهرين راڻي بڻي. تئانڪو عبدالرحمان چوٿين شادي به پنهنجي ڪزن زائده سان ڪئي، جيڪا اڃا جيئري آهي ۽ 90 ورهين جي ٿيندي.

 

ملائيشيا جي پهرين وزيراعظم تنڪو عبدالرحمان طرفان

مليل سندس يادگار تصوير 28- آگسٽ 1986ع

باب چوويهون

هالا جي هڪ تعليم يافته  فئملي ملائيشيا  ۾

جالان تئانڪو عبدالرحمان (هي ڪئالالمپور جو هڪ پراڻو رستو آهي، جيئن ڪراچيءَ ۾ شاهراهه محمد علي جناح) منهنجو شروع کان دلپسند رهيو آهي. خاص ڪري اهو حصو جتي ٻه ٻيا اهم روڊ ’جالان راجا لائوت‘  ۽ ’جالان ڊانگ وانگي‘ ملن ٿا ۽ انهن جي وچ واريون سوڙهيون گهٽيون جالان اصفهان، جالان ملايو، جالان بونس، جالان ڪولون ۽ جالان منشي عبدالله ملن ٿيون. اتي ئي انڊين دڪان آهن ۽ هتي جي آڳاٽي مسجد ’مسجد انڊيا‘ آهي. آئون جڏهن به ڪئالالمپور شاپنگ لاءِ ايندو هوس ته جالان تئانڪو عبدالرحمان واري روڊ جي پاسي وارين گهٽين مان ڪنهن هڪ گهٽيءَ ۾ ڪار کي پارڪ ڪندو هوس. هتي هڪ دفعو وڄ (کنوڻ) ڪري هئي ۽ ڪجهه موٽر سائيڪلون ۽ منهنجي ڪار جو ڪجهه حصو ان جي لپيٽ ۾ اچي ويو هو. بهرحال ڪو ڪم ڪار نه هوندو هو ته مسجد انڊيا ۾ اندر يا ٻاهر  روڊ تي رکيل بينچ يا دڪيءَ تي ويهي ايندڙ ويندڙ ٽوئرسٽ ۽ مڪاني ماڻهن کي ڏسندو هوس ۽ خبرچار ڪندو هوس. هتي انڊيا جا به ڀانت ڀانت جا ماڻهو نظر اچن ٿا. سنڌي هندو، سک، گجراتي، تامل، مدراسي، ملباري، بنگالي، پارسي وغيره پڻ جام آهن. جتي ڪٿي گاڏي وارا مختلف شيون، ملئي مٺايون، فروٽ وڪڻندي نظر اچن ٿا. 1986ع ڌاري هڪ سک ڀوپيندر سنگهه جالان ملايو تي ”جئه هند“ نالي مٺائي جو دڪان کوليو. هن ٻڌايو ته سيپانگ ۾ هن جو مينهن جو واڙو آهي، جتان ايندڙ نج کير مان هو مائو، برفي ۽ کير پڙا ٺاهي ٿو. بهرحال هن اهڙي ته سٺي مٺائي شروع ڪئي جو ماڻهن انڊيا ۽ پاڪستان کان مٺائي گهرائڻ ڇڏي ڏني.

شروع جي ڏينهن ۾ هن جي دڪان تي اسين پاڪستاني ۽ اتر هندستاني ويندا هئاسين. پر هينئر ڏٺم ته ملئي، تامل، چيني ويندي فارينرن جي به رش لڳي پئي هئي. مسجد انڊيا جي ٻاهر واري روڊ ”جالان مسجد انڊيا“ واري گهٽي ”جالان بونس“ ۾ ريسٽورنٽ ياسين سالن کان مشهور آهي. تامل مسلمان جي هن ريسٽورنٽ ۾ اڳ ۾ رڳو انڊين ۽ پاڪستاني مسلمان ايندا هئا، پر هينئر ڏٺم ته چيني ۽ ملئي ماڻهن سان ڀري پيئي هئي. جيئن اسان کي انگريزي کاڌا ڊبل روٽي، بن، برگر، پيزا کائي کائي انهن شين جو ٽيسٽ ڊيولپ ٿيو آهي، تيئن هتي جي ملئي ۽ چيني ماڻهن کي اسان جي چپاتي، پوري، نان، ٻوڙ ۽ مدراسين جو اڊلي، ڊوسا کائڻ جو شوق پيدا ٿيو آهي.

مسجد انڊيا جي ٻاهران اڄ به ڪيترائي اديب، شاعر، آرٽسٽ نظر اچن ٿا. شام جي وقت هتي ڪيترائي تيل مالش ڪرائيندي ۽ جسم کي آڍرائيندي نظر ايندا. ڪيترا جڙين ٻوٽين وارا پنهنجيون دوائون وڪڻڻ لاءِ مجمع لڳائي، ملئي ۾ ليڪچر ڏيندي نظر ايندا. ڪئالالمپور ۾ ڪنهن سان ملڻو هوندو هو ته هميشه مسجد انڊيا ۾ اندر يا ٻاهر ”مسجد انڊيا روڊ“  تي ترسڻ لاءِ چوندو هوس. جيئن اڳلو بور نه ٿئي. ايندڙ ويندڙ سان ڪچهري ڪندو رهي يا وري ڪلفي يا بوهي مڱ وٺي کائي. يا مفت ۾ ڪنهن بازيگر جو بيهي تماشو ڏسي. ڪجهه اهڙي رونق هوندي آهي، جهڙي ڪراچي ۾ ايمپريس مارڪيٽ، برنس روڊ يا کارادر ۾ مڇي مياڻي مارڪيٽ وٽ آهي. آئون هميشه اهو چوندو هوس ته هنن گهٽين ۾ جن جا گهر ۽ فليٽ آهن، انهن لاءِ ته هر وقت مفت جي وندر آهي. جڏهن بور ٿين ته گهر کان ٻاهر نڪري اچن. ڪنهن فروٽ، ڀاڄي يا ڪپڙي لٽي لاءِ به هنن کي بس ۾ يا ٽئڪسي ڪري ڪيڏانهن وڃڻو نٿو پوي. هر شيءِ در وٽ رکي آهي ۽ تمام سستي. ايتري قدر جو هتي جي وڏن دڪانن ۾ به صحيح معنيٰ جي Sale   لڳي ٿي. ماڻهن جي پيهه پيهان هجڻ ڪري هتي سستي اگهه تي شيءِ وڪڻڻ وارو به گهڻو ڪمايو وڃي جو هن لاءِ انيڪ خريدار هر وقت حاضر آهن.

اسان جي ڳوٺ ۽ پاڙي ۾ رهندڙ ڊاڪٽر شڪيل پنهنجي يونيورسٽي جي ڪئمپس ۾ رهيو ٿي، پر هاڻ Ph.D.  ڪرڻ ۽ شادي بعد شهر ۾ رهي ٿو. سندس شادي به هالا مان ٿي آهي ۽ اسان جي سندس زال نسيم وارن سان پڻ واقفيت آهي. هن وٽ رات جي ماني کائڻ جي حامي ڀريم. پڇيومانس رهين ڪٿي ٿو؟ وراڻيائين مسجد انڊيا جي ڀرسان. مون سمجهيو چرچا پيو ڪري. پر پوءِ ٻڌايائين ته ”مسجد انڊيا روڊ جي ڀرواري گهٽي ’جالان منشي عبدالله‘ تي جيڪا ويهه ماڙ منارا سٽي ون ڪنڊو ميم آهي، ان جي سورهين فلور تي مسواڙ تي فلئٽ ورتو اٿم.“

”توهان ٻڌايو ته توهان کي سڀاڻي ڪٿان اچي کڻان؟“ ڊاڪٽر شڪيل مونکان پڇيو.

”ڪئالالمپور جي هيڏي وڏي شهر ۾ مون کي ڳولڻ جي ضرورت آهي ئي ڪانه.“ مون چيومانس.

”ڇو ڀلا؟“ ڊاڪٽر شڪيل حيرت مان پڇيو.

”ان ڪري جو تون پنهنجي بلڊنگ مان نڪرندين ته مون کي اتي ئي جالان منشي عبدالله روڊ تي ڏسندين يا کڻي ٿورو اڳيان مسجد انڊيا واري روڊ تي.“

ٻئي ڏينهن آئون پاڻ ئي ڊاڪٽر شڪيل جي بلڊنگ وٽ اچي پهتس ۽ فون ڪري کيس هيٺ گهرايم ته مون کي پنهنجي فليٽ تي وٺي هلي. دراصل دنيا ۾ جيڪا دهشتگردي جي لهر شروع ٿي آهي، ان کي منهن ڏيڻ لاءِ ملائيشيا جي هوٽلن توڙي وڏين عمارتن ۾ سيڪيورٽي جو سسٽم سخت ڪيو ويو آهي. ڪنهن به فليٽ يا هوٽل جو ڪمرو تيسين نٿو کلي، جيسين ان ۾ مالڪ پنهنجو اليڪٽرونڪ ڪارڊ نٿو وجهي ۽ لفٽ کي هلائڻ لاءِ به اهو ڪارڊ وجهڻو پوي ٿو. ان مان اهو نقصان ضرور ٿيو آهي جو مالڪ کي مهمان جي آڌر ڀاءُ ڪرڻ لاءِ هيٺ لهي روڊ تي پهچڻو پوي ٿو. ساڳي طرح واپسي تي هو فليٽ جي ٻاهران بيهي موڪلائي نٿو سگهي، ڇو جو هيٺ وڃڻ ۽ بلڊنگ جي گيٽ مان نڪرڻ لاءِ هن کي مالڪ جو اليڪٽرونڪ ڪارڊ کپي يا مالڪ جو هن سان گڏ هيٺ تائين لهڻ ضروري ٿيو پوي.

ڊاڪٽر شڪيل ۽ نسيم جي هن سال شادي ٿي آهي، جنهن لاءِ هو ڳوٺ آيو هو. سندن فليٽ 16هين فلور تي هجڻ ڪري سندن گهر جي بالڪني ۽ ڪمري جي درين مان سڄو ڪئالالمپور شهر نظر اچي ٿو. ايترو مٿي سخت گرمي ۾ به هوا جو جهوٽو لڳندو رهي ٿو. هيٺ جيڪو حيدرآباد جي حيدر چوڪ وارو گوڙ لڳو رهي ٿو، مٿي پهچڻ سان ماٺ مٺوڙي جي دنيا ۾ اچيو وڃجي. مون شڪيل ۽ نسيم کي چيو ته توهان خوش نصيب آهيو جو شهر جي وچ جو به فائدو وٺي رهيا آهيو ته ٻهراڙيءَ جو به. ڪنهن به شيءِ جي ضرورت پوي ته ڪار ڪڍڻ جي به ضرورت ناهي. مڙس يا زال ٻن منٽن ۾ پيرين پنڌ هيٺان وٺي اچي سگهي ٿو ۽ ڪهڙي شيءِ آهي، جيڪا هتان نٿي ملي ۽ ٿورو اڳيان هلڻ سان چوڪٽ مارڪيٽ آهي، جتي هر قسم جو گوشت ۽ گانگٽ مڇيون مليو وڃن.

ڊاڪٽر شڪيل ۽ سندس زال نسيم جو، هالا جي بيحد پڙهيل ڳڙهيل، نيڪ ۽ باعزت فئملين سان واسطو آهي، جن هر فيلڊ ۾ محنت ۽ پورهيو ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو پيدا ڪيو آهي. ڊاڪٽر شڪيل جو ڏاڏو حاجي محمد يوسف اڄ کان سؤ سال کن اڳ 1912ع ڌاري هالا نوان ۾ ڄائو. تن ڏينهن ۾ انگريزي تعليم اڃا عام نه ٿي هئي، ڳوٺ جا ٻار ننڍي هوندي قرآن شريف ۽ اسلامي تعليم سان گڏ ڪو هنر سکي روزگار کي لڳي ويندا هئا. حاجي محمد يوسف بنيادي تعليم حاصل ڪرڻ بعد زمينداري ۽ سُٽَ ۽ ڪپڙي جو ننڍڙو بزنيس شروع ڪيو. کيس ٻار ٿيڻ تي هن کين گهڻي کان گهڻو پڙهائڻ جو سوچيو. تيسين هالا ۾ مخدوم غلام حيدر جي ڪوششن سان هاءِ اسڪول به ٺهي ويو هو. کيس پنج پٽ ٿيا، جيڪي سڀ ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ سرڪاري ڪامورا ٿيا. سندن وڏو پٽ عبدالرحمان جيڪو پوءِ مهراڻ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ٿيو، هالا مان مئٽرڪ ڪرڻ بعد، حيدرآباد جي گورنمينٽ ڪاليج مان انٽر ڪئي ۽ 1963ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان اليڪٽرونڪس مان B.Sc.  آنرس ڪئي. پاڻ پهريون سنڌي آهي، جنهن اليڪٽرونڪس ۾ ماسٽرس ۽ ان بعد ڊاڪٽوريٽ ڪئي. ماسٽرس جي ڊگري هن باٿ يونيورسٽي برسٽل مان 1967ع ۾ ڪئي. انهن ڏينهن ۾ باٿ يونيورسٽي عارضي طرح برسٽل ۾ هئي، جيڪا پوءِ بعد ۾ باٿ شهر ۾ شفٽ ٿي. برسٽل جو شهر لنڊن کان ٻن ڪلاڪن جي ڊرائيو تي آهي.

ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد عبدالرحمان سٽي يونيورسٽي لنڊن مان 1972ع ۾ اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ۾ Ph.D  ڪئي ۽ ان بعد لڳاتار مهراڻ يونيورسٽي ۾ پڙهائيندو رهيو ۽ سال 2004ع تائين يعني رٽائرمينٽ تائين وائيس چانسلر به ٿي رهيو. اڄڪلهه هو همدرد يونيورسٽي ۾ ڊين آف انجنيئرنگ آهي. ڊاڪٽر عبدالرحمان پهريون سنڌي آهي، جنهن ملائيشيا ۾ پڙهايو. هن 1977ع کان 1981ع تائين چار سال شاهه عالم شهر جي ITM  (انسٽيٽيوٽ ٽيڪنالاجي مارا) ۾ اليڪٽرانڪس ۽ اليڪٽريڪل انجنيئرنگ پڙهائي. اڄڪلهه اهو ڪاليج يونيورسٽي جو درجو رکي ٿو. ڊاڪٽر صاحب کي ڪوبه اولاد ناهي، پر ماشاءَ الله سندس هڪ ڀاءُ ۽ ڀائٽيا ڀاڻيجا هن ملڪ مان اعليٰ تعليم حاصل ڪري ويا آهن ۽ ڪجهه هتي نوڪريون ڪري رهيا آهن، جن مان دل جو ماهر ڊاڪٽر شڪيل ميمڻ به هڪ آهي.

ڊاڪٽر شڪيل جو والد صاحب حاجي احمد جن کي اسان ”حاجن“ سڏيون ٿا وي سي ڊاڪٽر عبدالرحمان کان پوءِ ٻئي نمبر تي ڀاءُ آهي. هو منهنجو هم عمر ۽ جيسين آئون هالا ۾ پڙهندو رهيس ته هو منهنجو ڪلاس ميٽ هو. حاجن کي پنج ٻار 3 پٽ ۽ 2 ڌيئون آهن ۽ ماشاءَ الله ڳوٺ ۾ رهي به هنن اعليٰ اخلاق ۽ تعليم حاصل ڪئي. ڊاڪٽر شڪيل ٻئي نمبر تي آهي، هن کان وڏي ڀيڻ ڊاڪٽر شاهينا آهي، جنهن جي شادي منهنجي هالا جي هڪ ٻئي وڪيل دوست محمد هاشم ميمڻ جي پٽ ڊاڪٽر امتياز سان ٿي آهي ۽ ٻئي زال مڙس سعودي عرب ۾ نوڪري ڪن ٿا. ڊاڪٽر شڪيل جي ٻي ڀيڻ ڊاڪٽر شهناز سڀني ۾ ننڍي آهي ۽ ڊاڪٽر امتياز جي ننڍي ڀاءُ ڊاڪٽر اياز جي زال آهي.

ڊاڪٽر شڪيل جو ٻيو ڀاءُ، ڊاڪٽر عقيل به هن وانگر اسپيشلٽ آهي، پر ڊاڪٽر شڪيل دل جي آپريشن جو سرجن آهي ۽ ڊاڪٽر عقيل آرٿو پيڊڪ (هڏن جو) سرجن آهي. ڊاڪٽر عقيل ڄامشورو مان MBBS ڪرڻ بعد ڪراچي جي ماهر سرجن محمد علي شاهه وٽ ڪجهه سال ڪم ڪيو، ان بعد هوMRCS  لاءِ ملائيشيا ۾ پڙهيو. تعليم دوران ئي هن کي ايڏو قابل سمجهيو ويو جو ملائيشيا حڪومت هن کي ڪنهن ٻئي ملڪ وڃي نوڪري ڪرڻ بدران پاڻ وٽ ئي نوڪريءَ جي آڇ ڏني. هو اڄڪلهه ايسٽ ملائيشيا جي رياست سباح جي شهر ”ڪوٽا ڪنابالو“ جي سرڪاري اسپتال ۾ ڪم ڪري ٿو ۽ سندن ننڍو ۽ آخري ڀاءُ جميل MBA   ڪئي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org