سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا

الطاف شيخ

صفحو :4

 

فارينر کي ڪهڙي نانگ کاڌو آهي

ڪارٽونن، گانن ۽ فلم جي وچ وچ ۾، ذري ذري پي آءِ اي وارن هڪ ٻيو نيڪ ڪم پڻ ڪيو ٿي.جتان جتان جهاز لنگهيو ٿي ته نقشي ۾ اهو هنڌ لڳاتار ڏيکاريائون ٿي ته آيا جهاز ماکيءَ جو مک وانگر سڌو وڃي پيو يا شطرنج جي گهوڙي وانگر منڊڪ منڊڪ ڪندو وڃي. ڪٿي موڙو ٿي کاڌائين ته اتي سڌي ليڪ پاسيري ٿي ٿي ويئي. مون سمجهيو ته جهاز ڪراچيءَ کان ڪوپن هيگن تائين هڪ سڌي ليڪ ۾ ويندو. پاڻيءَ جو جهاز هيڏانهن هوڏانهن ٿئي ٿوجو سامهون ٻيٽ يا ملڪ اچڻ ڪري هن کي رُخ بدلائڻو پوي ٿو. هوائي جهاز گهڻو وقت سڌو هلندو رهيو پر ڪٿي ڪٿي شايد هوا جي خراب رُخ کان بچڻ لاءِ، يا ڪٿي ڪن ملڪن جي خاص هنڌن تان لنگهڻ جي موڪل نه هجڻ ڪري (جتي جنگي حالتون آهن) هن کي مڙڻو پيو ٿي ۽ سڌي ليڪ ڦڏي ٿي ويئي ٿي، ويندي ڪراچيءَ مٿان چڙهڻ بعد پهريون اڌ ڪلاڪ کن مڪران جي ڪناري جي سنوت ۾ ڏکڻ طرف هلندو رهيو. پوءِ مٿي اتر طرف رُخ رکي هڪ خاص هنڌ تان بارڊر ٽپي ايران جي ڌرتيءَ مٿان اڏامڻ لڳو. بهرحال اها شيءِ سڀني کي معلومات توڙي وندر لاءِ وڻندي هوندي ته جهاز ڪهڙي ملڪ يا سمنڊ مٿان هلي رهيو آهي.

هڪ هنڌ موسم تمام صاف هجڻ ڪري هيٺ ڌرتي بلڪل چٽيءَ طرح نظر اچي رهي هئي ۽ اتي زمين جا ڇلا ڇلا نظر اچي رهيا هئا. وچ ۾ ننڍو ڇلو ان بعد ان جي چوڌاري وڏو ڇلو ۽ ان بعد اڃا به وڏو. اهڙا انيڪ ڇلا نظر آيا ٿي. منهنجي پويان سئيڊش عورت اٿي بيهي، دريءَ مان ڪادير غور سان هيٺ نهاريو، پوءِ مون کان پڇيو:

”اهي ڇلا ڇلا ڇا ٿي سگهن ٿا؟“

آئون ان وقت ڪو جواب ڏيئي نه سگهيس. پر پوءِ هڪدم يادآيو ته اهي پڪ جبل هوندا. مئٽرڪ ۾ اسان جو هڪ سبجيڪٽ هوندو هو مئپ ريڊنگ. ان ۾ اسان جو ٽيچر _ ڪئپٽن عالم جان مسعود (هاڻ رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل) جبلن لاءِ اهو نشان ياد ڪرائيندو هو. يعني مٿان ڏسڻ سان جبل ائين نظر ا يندا آهن.

پٺيان ويٺل عورت کي مون پنهجو اندازو ٻڌايو.

”هائو“ هن واڻيو، ”آئون به اهوئي سمجهان ٿي. جهاز پڪ ترڪيءَ مٿان آهي. طبريز (ايران) کان انقره (ترڪيءَ) تائين اهو سلسلو آهي.“

ايتري ۾ جهاز جي ٽي وي تي هلندڙ فلم جو هڪ حصو ختم ٿيو ۽ ٻيو شروع ٿيڻ کان اڳ وري نقشو ۽ ان مٿان اسان جي جهاز جي پوزيشن ڏيکاري ويئي ته واقعي جهاز ترڪيءَ مٿان هو ۽ هاڻ اڳيان ڪاري سمنڊ ۽ رومانيا مٿان لنگهڻو هوس. مون هن اتر يورپ جي رهاڪو عورت جي جاگرافيائيءَ ڄاڻ کي داد ڏنو.

”ٽيچر آهيو؟“ مون پڇيومانس.

”نه. هائوس وائيف آهيان ۽ پنهنجين ساهيڙين سان گڏ گهمڻ لاءِ نڪتي هيس.“

پاڻ ڪراچيءَ کان هن جهاز ۾ چڙهي هئي.

”پاڪستان ڪيئن لڳو؟“ مون پڇيو مانس.

”اسين هندستان ويون هيونسين. هتي رڳو جهاز بدلائڻ لاءِ ٻن ٽن ڪلاڪن لاءِ ائيرپورٽ تي لٿيون هيونسين. ڇو جو اسان جو سنگاپورايئرلائين جو جهاز جنهن ۾ بمبئيءَ کان چڙهيونسين اهو ڪراچيءَ بعد دبئي ۽ ان  بعد جرمني وڃڻو هو. انڪري ڪراچيءَ ۾ لهي هن پي آءِ اي جي جهاز ذريعي سڌو ڪوپن هيگن وڃي رهيون آهيون.“

”اها ڳالهه آهي.“ مون دل ۾ سوچيو. ڪراچيءَ جي رستن تي اڄڪلهه ڪو فارينر نظر ئي نٿو اچي.

”آئي سارو پاڪستان به گهمي وڃو ها. ٻيو نه ته ڪراچي يا موهن جو دڙو. توهين هڪ ڏينهن ۾ گهمي سگهيون ٿي.“

مون کيس ائين چيو، ڄڻ سندس معلومات ۾ اضافو ڪري رهيو هجان ۽ منهنجي ان سهڻي صلاح تي هوءَ افسوس ڪري چوندي ته هن کان غلطي ٿي وئي. واقعي آئي سارو روشنين جو شهر ڪراچي ۽ انسان جي پنج هزار پراڻي تهذيب جو جيئرو ثبوت موهن جو دڙو جنهن تي اسان سنڌين کي ناز آهي، ڏسون ها. پر هن افسوس ڪرڻ بدران هڪدم چيو:

”رستي جو امن ۽ رهائش جي سلامتي ڪٿي آهي جو اهڙي پٽ تي وڃجي.“سندس آواز ۾ سخت کهراڻ هئي. هاڻ هن کي ڇا ويهي چوانس ته سنڌ سلامتيءَ جوهندورو آهي. هن کي ڇا ويهي سنڌ جي صوفين ۽ موهن جي دڙي جي تهذيب بابت ٻڌايان. ڇا ويهي سبق ڏيانس ته سنڌي مهمان نواز آهن. سنڌي سٻاجها ۽ سدورا آهن.

منهنجي گهڻي    Convince ڪرڻ تي وڌ ۾ وڌ هوءَ اهي خوبيون ماضي سان وابسته هجڻ جي مڃتا ڪري ها. انڌي ۽ ٻوڙي ته ڪانه هئي. دنيا جي ماڻهن وانگر هوءَ به اخبارون، ريڊيو، ٽي وي پڙهندي ۽ ڏسندي ٻڌندي هوندي. گذريل ڏهاڪو سالن ۾ دنيا جي ماڻهن جو جيڪو سنڌين لاءِ رويو ۽ رايو ٿيندو وڃي اهوئي هن جو به هوندو. سنڌي جيڪي وتن ڌاڙا ۽ کاٽ هڻندا. سنڌي جيڪي وتن ڍورن وانگر ماڻهن کي اغوا ڪندا. نه ٿا ڇڏين ٻار نه عورتون. مسجدن مان ٻانگن ۽ تراويحون پڙهندڙ پوڙهن کي به کڻيو وڃن. سنڌ جي ڳوٺاڻن جو نصيب اڳهين ڇا هو؟ بيروزگاري، بيماري ۽ بيوسي. ان تي به سندن پنهنجا ئي سنڌ ي راڪيٽن ۽ ڪلاشنڪوفن سان حملا ڪري گهر ٻار ۽ ڳوٺ تباهه ڪيو ويٺا آهن. اتي هڪ فارينر کي ڪهڙي نانگ کاڌو آهي جو سيوهڻ ۾ اچي قلندر شهباز جي سلامي ڀري، سکر ۽ خيرپور اچي الور ۽ ڪوٽ ڏيجي جا قلعا ڏسي، موهن جو دڙو ۽ ڀنڀور ڏسي، درٻيلو ۽ بکر ڏسي. سوچڻ جي ڳالهه آهي.

آئون ڪوپن هيگن تائين باقي سفر ماٺ ۾ ئي ويٺو رهيس.

ڪوپن هيگن کان مالمو _ تائين جهازن جا ڪيئي قسم

جهازن جا ڪيترائي قسم آهن. ڪي هڪ ملڪ کان ٻئي تائين مسافر کڻي هلن ٿا جن کي پئسينجر جهاز سڏجي ٿو. مال برادر (ڪارگو) جهاز اهي آهن، جيڪي سامان ڍوئين ٿا. مختلف قسمن جي سامان مطابق مال برادر جهازن جا ڪيئي قسم آهن. جيڪي چانور، ڪڻڪ جهڙو اناج بنا ڳوڻين جي کڻن ٿا اهي Bulk Carrier سڏجن ٿا ۽ جيڪي پٿر لوهه وغيره کڻن ٿا اهي Ore Carrier سڏجن ٿا. تيل کڻندڙ جهازن کي Tanker سڏجي ٿو. جيئن اسان وٽ رڌ پچاءُ لاءِ گئس جا سلينڊر ٿين ائين ڪن جهاز تي تمام وڏا سلينڊر گئس ڍوئڻ لاءِ هوندا آهن. اهي جهاز Gas Carrier آهن ۽ Chemical Tanker ڪيميائي مال ڍوئن ٿا. ڪارون کڻڻ لاءِ وري مختلف جهاز ٿين ٿا جن جي پڇ وٽ وڏو دروازو ٿئي جنهن ذريعي ڪارون جهاز تي چڙهن. ان ڪر ي اڄ جي شپ اونر کي جهاز خريد ڪرڻ کان اڳ اهو چڱي طرح سوچڻو پوي ٿو ته هن کي کڻڻ لاءِ ڪهڙو مال ملندو ۽ سندس جهاز کي ڪهڙن بندرگاهن ۾ وڃڻو پوندو.

مسافر جهازن ۾ ڪي وڏا ٿين ٿا، ڏورانهن ملڪن ڏي وڃن ٿا، ظاهر آهي گهڻن ڏينهن جي سفر ڪري انهن ۾ مسافرن جي سهوليت لاءِ ڪمرا، هوٽلون، دڪان، سئمنگ پول ۽ ٻيو سک آهي. جيئن راڻي ايلزبيٿ نالي جهاز جيڪو يورپ ۽ آمريڪا جي وچ ۾ هلي ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن ڏي به هلي ٿو. يا جيئن اسان جا پاڪستاني جهاز سفينه عرب ۽ شمس آهن جيڪي حج جي سفر لاءِ مسافر کڻن ٿا.

انهن جهازن کان علاوه ٻيا مسافر جهاز ننڍي پنڌ تي هلن ٿا ۽ مسافرن سان گڏ سندن ڪارون موٽرون ۽ موٽر سائيڪلون پڻ کڻن ٿا. اهي جهاز فيريون سڏجن ٿيون ۽ هڪ ئي ملڪ جي ٻن بندرگاهن وچ ۾ هلن ٿيون جيئن ملائيشيا ۾ پينانگ ۽ بئروٿ جي وچ ۾ هلن ٿيون يا هانگ ڪانگ جي ٻيٽ وڪٽوريا ۽ ڪولون جي  جي وچ ۾ هلن ٿيون. ۽ ٻيون فيريون ويجهن ويجهن ملڪن جي وچ ۾ هلن ٿيون. جيئن انگلينڊ ۽ فرانس جي وچ ۾. سئيڊن ۽ پولينڊ جي وچ ۾، جرمني ۽ هالينڊ جي وچ ۾ يا سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ جي وچ ۾.

ان ڏينهن ڪارن جي چوريءَ جي اچي ڳالهه نڪتي. اسان پاڪستاني، ان چوريءَ جا ستايل، سئيڊن جي رهاڪو جوهر زمان کان پڇيو ته آيا سئيڊن ۾ به ڪارن جي چوري ٿئي ٿي يا نه.

”ابوه ڳالهه نه پڇو. اهو ڏينهن خالي ناهي جو سئيڊن ۾ ڪارن جي چوري نٿي ٿئي. پر اهو به شڪر آهي جو هتي جي پوليس ايڏي وٺ وٺان ٿي ڪري جو اڌ کان وڌيڪ ڪارون جهليو وٺي.“

”ان معاملي ۾ اسان جي پوليس بيحد سڌي ۽ شريف آهي.“ مون چيومانس.

”ها. اهڙي سڌي جو کڻائي پاڻ ٿي.“ جوهر کلندي چيو. ”گذريل مهيني پاڪستان مائٽن سان ملڻ ويو هوس ته سندن ڪار چوري ٿي وئي هئي.“

”ڀلا اهو ته ٻڏاءِ“ مون پڇيومانس، ”سئيڊن جهڙي سکئي ستابي ملڪ ۾، اهي ڪير آهن جيڪي چوري ڪن ٿا؟“

”ڪي ته هتي جا نوجوان ڇوڪرا آهن جيڪي مستيءَ خاطر ڪارون کڻن ٿا ۽ چڪر هڻي پوءِ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ ڦٽو ڪريو وڃن ۽ ٻيا وڏا چور پولينڊ جا ماڻهو آهن، جيڪي هتان سئيڊن مان چوري ڪري فيريءَ ذريعي ان ئي وقت پنهنجي ملڪ ڀڄيو وڃن ۽ پوءِ هڪ دفعو ڪار پولينڊ پهتي ته معنى ڪراچيءَ جي شيرشاهه ۾ پهتي. ڪلاڪ ٻن ۾ ئي سندس انجرپنجر ڍرا ڪري اسپيئر پارٽن جي مارڪيٽن ۾ هلايو ويندو اٿس.“

سو فيريءَ ذريعي نه فقط مسافر پر ڪارون به _ ويندي چوريءَ جون، هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ تائين پيون پهچن.

فيريءَ کان علاوه پنجاهه سٺ ماڻهو کڻي هلندڙ موٽر بوٽون ۽ لانچون آهن ۽ ڪافي سالن کان هن پاسي هوور ڪرافٽ پڻ مشهور ٿيندو وڃي. جيڪو پاڻيءَ جي جهاز ۽ هوائي  جهاز جي وچ جي شيءِ سمجهيو وڃي ٿو. هوور ڪرافٽ پاڻيءَ جي ننڍي جهاز وانگر ٿئي ٿو، کيس پاڻيءَ ۾ هلندڙ پنکي (Propeller) بدران هوائي جهاز وانگرجيٽ ٽربائين انجڻ ٿئي ٿي. اهي جيٽ هوا جي زور تي نه فقط جهاز کي اڳيان ڌڪين پر هوا جو دٻاءُ جهاز هيٺان پڻ پيدا ڪن، جنهن ڪري جهاز فٽ ڏيڍ کن پاڻي يا زمين جي سطح کان مٿي کڄي ويندو آهي ۽ هي نه فقط سمنڊ جي مٿان هلي ٿو پر سڌي پٽ تي پڻ هلي سگهي ٿو. سعودي عرب جي وارياسين پٽن تي پڻ هلن ٿا ۽ ٻي ڳالهه ته هوور ڪرافٽ سمنڊ تي هلڻ بعد مٿي خشڪي تي چڙهي، ڪار لاريءَ وانگر پارڪ ٿي سگهي ٿو.

سمنڊ جي سطح کان مٿڀرو هلڻ ڪري هن ۾ سامونڊي جهاز وارا لوڏا به نٿا ٿين ۽ ٻين پاڻيءَ وارن جهازن کان تکو به هلي ٿو. ڇو جو پاڻيءَ ۾ هلندڙ جهاز هڪ رفتار کان مٿي تکو هلي نٿا سگهن. چاهي ڪيترو به پيٽرول ساڙي پروپيلر جي رفتار وڌائجي. پاڻيءَ جي جهاز ۽ انجڻ جي کڻي ڪهڙي به ڊزائين رکجي پر سندس رفتار پنجويهه ٽيهه ميلن کان مٿي نٿي وڌي. ان بعد پروپيلر وٽ ايتري ته خلا پيدا ٿيو پوي (جنهن کي Caviation سڏجي ٿو) جو پروپيلر جو اثر نٿو ٿئي. ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ هن قسم جو جهاز جواب آهي. جيڪو اهو خچر آهي جيڪو هوائي جهاز (گهوڙي) ۽ پاڻيءَ جي جهاز (گڏهه) جي وچ واري شيءِ آهي.

ڪاغذ کٽل آهن

ان قسم جا هوور ڪرافٽ به فيرين وانگر سڄي يورپ توڙي جپان هانگ ڪانگ ۾ مشهور آهن. مالمو ۽ ڪوپن هيگن بندرگاهن جي وچ ۾ جيڪو بالٽڪ سمنڊ (Baltic Sea) جو حصو آهي اهو ٽپڻ ۾ عام فيريون يا لانچون ڪلاڪ سوا وٺن ٿيون. پر هوور ڪرافٽ ويهه منٽ وٺي ٿو ۽ اتان هوائي اڏي تان ئي هوور ڪرافٽ جي سواري مليو وڃي. ڪوپن هيگن ايئرپورٽ کان مالمو پهچڻ لاءِ اسان هوور ڪرافٽ ۾ چڙهياسين. سندس اندر جو نمونو هوائي جهاز وانگر ٿئي ٿو. جهاز جي هلڻ سان سئيڊش هوسٽس ڇوڪرين هوائي جهاز وانگر اڳيان ٽيبل کولي ان تي چانهه بسڪٽ Serve ڪرڻ شروع ڪيا. اهو سفر ايترو ننڍو ٿئي ٿو جو چانهه پي بس ڪئيسين ۽ ڇوڪرين ٿانو کنيا ته جهاز اچي مالمو بندرگاهه ۾ لنگر انداز ٿيو. بلڪ لئنڊ ڪيو. بلڪ حقيقت اها آهي ته سمنڊ ختم ٿيڻ بعد خشڪي مٿان اڏامي ڪسٽم هاؤس ڀرسان اچي پارڪ ٿيو ۽ اسان سامان جي چڪاس ۽ پاسپورٽ جي جانچ لاءِ قطار ۾ اچي ٻاهر بيٺاسين.

مون وٽ سئيڊن جي ويزا نه هئي سو ڪوپن هيگن ۾ ئي مونکي اڳتي وڌڻ کان روڪي رهيا هئا. يعني سئيڊن وڃڻ بدران ٻي فلائيٽ ۾ واپس پاڪستان هليو وڃ. ڪراچيءَ ۾ وقت ٿورو هو ۽ اسلام آباد وڃي سئيڊن جي ايمرجنسي (سفارتخاني) مان پاسپورٽ تي ويز ا جو ٺپو هڻائڻ بدران سڌو سئيڊن اچڻ لاءِ مونکي يونيورسٽي وارن لکيو هو. ڪئپٽن سليم جي چونڊ ته گهڻو اڳ ٿي چڪي هئي ۽ جيئن ته هن پاڪستان مان ئي ويزا هڻائي ڇڏي هئي ان ڪري ان لاءِ اهو مسئلو نه هو. پر چڱو جو مون وٽ ان Telex جي ڪاپي هئي جنهن ۾ يونيورسٽيءَ وارن مونکي اهو لکيو هو ته جلدي هليو اچ ويزا جو سئيڊن ۾ بندوبست ڪرڻ لاءِ هو جوابدار آهن. بهرحال اها Telex ڏسي پوءِ مونکي اڳتي جي سفر جي موڪل ڏنائون. نه ته ٻي صورت ۾ يورپ جي ڪيترن هوائي اڏن تان اسان جهڙن ملڪن جي ماڻهن کي موٽايو ڇڏين.

ڪڏهن ڪڏهن ته پنهنجي ملڪي هوائي اڏن تي به هروڀرو تنگ ڪيو وڃي ٿو. آئون ته احتياط خاطر ٽنڊو قيصر جي شوڪت نظاماڻيءَ کي پاڻ سان وٺي آيس جيڪو انٽيليجنس ۾ شايد ڪم ڪري ٿو. جيئن اهو اجايو تنگ ڪندڙن کي سمجهائي سگهي ته آئون يونائيٽيڊ نئشن طرفان ٻاهر وڃان پيو ۽ مون وٽ سرڪار طرفان NOC آهي، پر اجائي رنڊڪ وجهڻ يا اينگهه ڪرڻ لاءِ ڪوبه ٽرڙي قسم جو آفيسر نه مليو ۽ آرام سان سڀ منزلون اُڪري اچي آخري Stage ۾ جهاز جي انتظار لاءِ ڪرسيءَ تي ويٺس.

گهڻو اڳ جپان ۾ بيٺل هڪ جهاز جو چيف انجنيئر بيمار ٿي پيو ۽ کيس موڪل ڪرائڻ لاءِ آفيس وارن جلديءَ ۾ هوائي جهاز رستي مونکي اوڏانهن موڪلڻ چاهيو ٿي. ٽڪيٽ، سي ڊي سي (پاسپورٽ)، Joining Letter سڀ تيارڪري ڏنائون. رات جو ٽين بجي اڏام هئي. هڪ بجي ايئرپورٽ تي پهتس. بئگ تورائي هاڻ اندر وڃڻ وارو هوس ته شايد اميگريشن واري همراهه ضد ڪيو ته آئون وڃي نٿو سگهان.

”هڪ ته تو وٽ NOC ڪونهي، ٻيو ته تو وٽ واپسيءَ جي ٽڪيٽ ناهي.“ هن چيو.

کيس گهڻو ئي سمجهايم ته واپسيءَ تي ته هوائي جهاز بدران ڪارپوريشن جو جهاز هلائي اچڻو اٿم. پر هن کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي.

”صبح جو نائين بجي منهنجو باس ايندو، اهو ڇڏي ته ان جي مرضي.“ هن پنهنجو آخري فيصلو ٻڌايو.

سڄي ڏينهن جو ٿڪل هوس. باس جي اچڻ تائين مون وارو هوائي جهاز ته نه ترسندو. بئگ واپس وٺي اچي گهران نڪتس. ٽن ڏينهن بعد وري ٽوڪيو ڏي اڏام هئي. پاڻ سان گڏ آفيس جو پبلڪ رليشن آفيسر به وٺي آيس. ان سان گڏ NOC پڻ. پر ان ڏينهن ڊيوٽي تي بيٺل آفيسرن مان  ڪنهن به نه NOC جو پڇيو نه واپسيءَ جي ٽڪيٽ لاءِ. اسان جي ملڪ ۾ لڳي ٿو ته، نه فقط غريب امير لاءِ، ڏاڍي ڪمزور لاءِ جدا جدا قانون آهي پر عوام جي ٽئڪس تي پلندڙ هر آفيسر پنهنجو پنهنجو قانون نافذڪري ٿو.

بهرحال هن ڀيري تڪليف نه ٿي. ويتر ائير پورٽ سيڪيورٽي آفيسرن مان هڪ ٻه منهنجن ڪتابن جا پڙهندڙ نڪري آيا ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ ٽي وي تي کٽڻهار پروگرام ۾ مون کي ڏٺو هئائون. سو سڃاڻي نه فقط خوش خير عافيت پڇيائون پر چانهه جو ڪوپ پڻ پياريائون ۽ جهاز تائين ڇڏڻ آيا، هن وقت سندن نالا ڌيان تي نه پيا اچن پر هڪ جي قميص تي Jatoi لکيل هو.

لکڻ تان ڪڏهن ڪڏهن مون جهڙن جي دل کٽي ضرو رٿيندي هوندي ته سنڌي اخبارن جا نه ايڊيٽر ٿا پڇن نه سرڪار سڳوري. پر پوءِ رکي رکي جتوئي ۽ سندس ساٿي پوليس / FIA آفيسرن جا هن قسم جا قرب ڏسي هڪ دفعو ور ي همٿ وڌندي آهي.

ڪوپن هيگن کان مالمو پهچي ٽيليڪس جي ڪاپي ڪڍي هٿ ۾ جهليم. سئيڊن جي اميگريشن آفيسروٽ منهنجو فوٽو اڳواٽ پهچي چڪو هو. ان کي ڏسي مونکي غور سان ڏسڻ لڳي. منهنجو مٿو سيءَ کان ٽوپ ساڻ ڍڪيل هو. سمجهي ويس ته هن کي سڃاڻپ ۾ تڪليف ٿي رهي آهي جيئن اسان لاءِ چيني يا سک هڪجهڙا تيئن هنن لاءِ اسين پاڪستاني يا هندستاني هڪجهڙا. مٿي تان ٽوپي لاٿم منهنجي ٺوڙهه ڏسي هن مرڪيو ۽ پاسپورٽ تي Enter جو ٺپو هڻي چيو:

”ويلڪم ٽو مالمو. Visa بابت تنهنجي يونيورسٽيءَ سان ڳالهه ٻولهه ٿي چڪي آهي. ڏينهن ٻن بعد توهان کي سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ جي ٻن سالن لاءِ Visa  ملي ويندي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org