سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا

الطاف شيخ

صفحو :16

 

ماڪوڙين جا ڪٽنب

سئيڊن جي هن سخت سيءَ ۾ هڪ فائدو ضرور آهي ته مکيون، مڇر، منگهڻ، ماڪوڙين ۽ ٻيا جيت جڻيا نٿا ٿين. ڪهڙي مک يا مڇر کي پنهنجي زندگي پياري ناهي جو هيڏانهن رُخ رکي. ان ڪري کنڊ جي دٻي مٿان ڍڪ ناهي ته به پرواهه ناهي ته ڪو ماڪوڙيون اچي وينديون. سج لٿي مهل دري کولڻ سان مڇر يا ڏينهن جون مکيون نٿيون اچن. اسان جهڙن جي ملڪن ۾ ماڻهن، مکين ۽ مڇرن جو ڄڻ ٻارهوئي ميلو لڳو پيو آهي.

ملائيشيا ۾ مکيون سي نه هونديون هيون پر ماڪوڙين جي ڇا ڳالهه ڪجي. ڪئين قسمن ۽ رنگن روپن جون ماڪوڙيون هر هنڌ موجود هيون ۽ ڇا انهن جا لشڪر هئا. رڳو ڪلاڪ ٻن لاءِ کنڊ جهڙي شيءِ کليل رهجي وڃي يا ڪا شيءِ پٽ تي ڪري پوي. پوءِ ضروري ناهي ته اها بسڪٽ ۽ چاڪليٽ جهڙي مٺي هجي، اٽي ۽ ڳاڙهن مرچن تي به ماڪوڙين جا خاندان دعوتي ٿي ايندا هئا. ماکي ءَ جهڙي مٺي شيءِ تي گهر ۾ رهندڙ ته ڇا ڏور دور جون ماڪوڙيون پهچي وينديون هيون جن جون قطارون پري کان ئي گهر جي گيٽ ڏي اينديون نظر اينديون هيون.

سئيڊن ان آزار کان آزاد آهي. نه ماڪوڙي مڇر ۽ نه ڪو جيت جيڻو. ههڙي سيءَ ۾ برفاني رڇ به سورن سان ساهه پيا کڻن. ٿڌ جي ڪري، سئيڊن ۾ ڪابه شيءِ بسڪيٽ پٽاٽو چپس کان وٺي لوڻ کنڊ تائين سوڪ ۽ خسته رهي ٿي. اسان وٽ _ خاص ڪري ڪراچيءَ ۾، گهڻي گهم ڪري هڪ ڏينهن جا کليل بسڪيٽ ٻئي ڏينهن ڳلجهيو وڃن. بس پوءِ انهن کي صحيح رکڻ جو اهوئي طريقو آهي نه پڙو کولڻ بعد ريفريجريٽر ۾ ئي رکجي. پر هتي سئڊن سڄو ريفريجريٽر لڳو پيو آهي. لوڻ جهڙي شيءِ کليل پليٽ ۾ مهينو رکي هجي ته ان جو ڪڻو ڪڻو  ڌار نظر ايندو. ان ڏينهن ٽماٽا ۽ انگور سستا مليا، وٺي آيس پر ريفريجريٽر ۾ جاءِ نه هئي. بلاڪيٽ ۾ ويڙهي بالڪني ۾ رکي ڇڏيم. بلاڪيٽ ۾ ان ڪري ويڙهيم جو بالڪني ۾ ريفريجريٽر کان وڌيڪ ٿڌ آهي. بلاڪيٽ ۾ ڍڪڻ سان واڌو ٻه کن ٽيمپريچر ٿئي ٿو جيڪو ريفريجريٽر جي ڀاڄي واري خاني جو آهي. نه ته ٻاهر جو ٽيمپريچراڄڪلهه ڪاٽو پنج( -5oc)

آهي.

ٺري مرنداسين

هڪ ٻه ڏينهن وچ ۾ اهڙو آيو جنهن ۾ ٿورو سيءُ گهٽ ٿيو. ايتريقدر جو ڪلاس روم ۾ ڪوٽ لاهي ڇڏياسين. فقط سئيٽر ۾ فرحتي ويٺا هئاسين. پر رومانيا، آذربائيجان، روس ۽ جارجيا جهڙن ٿڌن ملڪن جي شاگردن جو سک ڦٽي پيو. چي گرمي آهي دريون کوليو. نيٺ بلڊنگ جي انچارج کي وڃي چيومانس. اهو هڪ خاص قسم جو اوپنر کڻي آيو ۽ هڪ ٻن درين جا ٿورا ٿورا انچ کن طاق کوليائين. جنهن مان اهڙي ته ٿڌي هوا اچڻ لڳي جو مون ته دعائون گهريون ته ان کان پهرين وارو سيءُ سٺو هو جو گهٽ ۾ گهٽ دريون ته بند هيون ۽ ٿڌي هوا کان بچيل هئاسين.

دري کلڻ ڪري سيءَ ۽ تکي هوا مٿي ۽ پيرن کي برف ڪري ڇڏيو. روس ۽ رومانيا وارا ته خوش ٿي پنهنجي لکڻ پڙهڻ کي لڳي ويا پر اسان جهڙن ايشيا ۽ آفريڪا جي گرم ملڪن جي رهاڪن جي حالت خراب ٿي وئي. ان ڏينهن ڀر ۾ ويٺل سعودي عرب جي شاگرد (ڪمانڊر يحى جباري) ڪنجهندي منهنجي ڪن ۾ چيو: ”الطاف سئيڊن ۾ پاڻ ٺري مرنداسين.“

وچ واريون نوجوان ڇوڪريون

هڪ ڏينهن هتي رهندڙ پاڪستاني همراهه ممنون کي چيم:

”يار هتي جون پوڙهيون بس ۾ ڏاڍو سفر ڪن ٿيون. سڄو ڏينهن پيون لهن چڙهن.“

ان تي علويءَ چيو: ”اسان کان اڳ رهندڙ پاڪستاني شاگرد بدرمنير پڻ اهو ئي چوندو هو ته بس ۾ رڳو اسڪول جا ٻار، يا وري پنجاهه سٺ سالن واريون پوڙهيون آهن وچ واريون نوجوان ڪٿي آهن.“

”بلڪل صحيح ٿا چئو،“ ممنون چيو، ”وچ واريون توهان کي بس ۾ ورلي نظر اينديون. هوڪاليجن، آفيسن يا دڪانن تي پنڌ يا سائيڪلن تي وڃن. هڪ ته صحت کي صحيح رکڻ جي خيال کان ٻيو پئسي جي بچاءَ لاءِ.“

بند روڊ جا خاص وڻ

يورپ جي ڪيترن سڌريل ملڪن ۽ جپان، سنگاپور، وانگر هتي پڻ سائيڪل هلائيندڙن لاءِ ڌار رستو آهي ۽ سائيڪل هلائيندڙ جي نه رڳو همٿ افزائي پر عزت افزائي پڻ ڪئي وڃي ٿي. ان سان نه فقط حادثا گهٽجن ٿا پر دونهون ۽ گئس پڻ گهٽ ٿئي ٿي. هوا ۽ ماحول به صاف سٿرو رهي ٿو. نه فقط انسانن جا ڦڦڙ پر وڻن ٻوٽن جا پن گل ۽ ٽاريون قدرتي رنگن ۾ نظر اچن ٿيون. ڪراچيءَ جي بندر روڊ تي بيٺل وڻن جي پنن وانگر دونهن جي تهه سان ڪارا نشان نظر نٿا اچن. ڪاربن ۽ مٽيءَ جي تهه وارا اهڙا وڻ توهان کي ڪراچيءَ جي بندر روڊ کان علاوه دنيا جي شايد ئي ٻئي ڪنهن حصي ۾ نظر اچن.

پنهنجو پاڻ کي مشغول رکڻ جو مثال

هڪ ڏينهن يونيورسٽيءَ کان سوير موٽيس. بس ۾ منهنجي سامهون ويٺل پوڙهيءَ پڇيو:

”ڪهڙي ملڪ جو آهين؟“

”پاڪستان جو.“ وراڻيومانس.

”پاڪستان ۾ به ٿڌ ٿئي ٿي پر اتر ۾ فقط جابلو علائقي ۾.“ هن چيو. سندس عمر سٺ ستر سال ٿيندي پر ڳالهائڻ ۽ جسم ۾ کڙي تڙي هئي. تمام سٺي انگريزي ڳالهائين پئي.

”تو پاڪستان ڏٺو آهي؟“ مون پڇيومانس.

”ها. پر تمام گهڻو اڳ. ويهه پنجويهه سال کن اڳ.“

”ڪهڙي سلسلي ۾؟“

”جيالاجيڪل فورم ۾ ڪم ڪندي هيس. منهنجو اهم سبجيڪٽ جاگرافي رهيو آهي. فرم وارن مونکي پاڪستان جي دوري تي موڪليو هو.“ هن ٻڌايو.

”توهان انگريزي تمام سٺي ڳالهايو ٿيون. ڇا توهين برٽشر آهيو؟“ مون پڇيومانس.

”نه. انگريزي زبان اسڪول ۾ سکيس. مڙس اسپين جو آهي سو سندس ملڪ جي زبان Spanish به سٺي اچيم ٿي ۽ هاڻ فرينچ سکي رهي آهيان.“ هن ٻڌايو.

تعجب مان کيس ڏٺم ته هن عمر ۾ جنهن کان پاڻ ”قبر ۾ پير لڙڪائي وهڻ“ واري عمر سڏيون ٿا، ان ۾ هيءَ نئين زبان سکي رهي هئي. ڇا مرڻ بعد منڪر نڪير فرنيچ زبان ۾ کيس ”بان زوئر“ چئي اچي کيڪاريندا.

منهنجي تعجب کي هوءَ سمجهي وئي جيتوڻيڪ اهو سمجهي نه سگهي ته ڪهڙي ڳالهه تان تعجب کاڌم. هن سمجهيو ته مونکي شايد يقين نٿو اچي ته هوءَ ڪا فرينچ سکڻ پئي وڃي. سو پنهنجي پرس مان ڪتاب ڪڍي ڏيکاريائين.

“It is Surprising.” مون ڪتاب ڏسي چيو،”جڏهن ته توهان کي اڳهين ايتريون زبانون اچن ٿيون.“

”بس ائين ئي وقت پاس ڪرڻ لاءِ سکي رهي آهيان. گهر ۾ ويٺي ويٺي بور ٿيان يا گهٽيءَ ۾ نڪري اوڙي پاڙي وارن کي بيزار ڪريان يا پرائي پچار ۾ وقت خراب ڪريان ان کان بهتر آهي ته ڪنهن ڪرت کي لڳي رهان.“ هن وراڻيو.

پٿل ماري ويهڻ

ڪيترا اسان جا ديسي همراهه ولايت ۾ ٻه چار مهينا رهي ايندا آهن ته کانئن ڪرسيءَ کان سواءِ ويٺو نه ٿيندو آهي. چي ولايت ۾ پٽ تي پٿل ماري ويهڻ جو موقعو ئي ڪٿي ٿو ملي، سو هاڻ اسان کي پٽ تي ويهڻ ۾ ڏکيائي ٿي ٿئي.

سئيڊن جي هن شهر مالمو جي مسجد ۾ عيد نماز تي هزارين يورپين کي نماز کان اڳ واعظ ٻڌڻ مهل ۽ نماز بعد خطبو ٻڌڻ لاءِ پٽ تي پٿل ماري ويهندو ڏسي يڪدم ڌيان ۾ آيو ته مسلمان چاهي غريب هجي يا امير، ننڍو نوڪر هجي يا وڏو آفيسرپر نماز مهل ته هن کي پٽ تي ئي ويهڻو پوي ٿو ۽ هي ترڪي، فرانس، جرمني، يوگوسلاويه ۽ سئيڊن جا يورپي گورا مسلمان به ته پٿل ماري پٽ تي ويٺا آهن. سوبه پتلون ۾، شلوار يا گوڏ ۾ ته وري به ويهڻ سولو آهي.

ولايت ۾ پاڪستاني کاڌا

عيد واري ڏينهن هتي رهندڙ پاڪستاني مسعود ضيغم جي سئيڊش زال سَوين جو سئيٽ ڊش (مٺو) ٺاهيو جيڪو حميد قاضي مون لاءِ ۽ ڪئپٽن سليم لاءِ کڻي آيو، جو اسان نه وڃي سگهيا هئاسين.

ڪئپٽن سليم چکي چيو: ”پاڪستاني کاڌا به هتي ولايت ۾ واهه جا لذيذ ٿين ٿا جو هتي هر شيءِ صاف سٿري ۽ سٺي ملي ٿي.“

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پاڪستاني مٺايون ۽ کاڌا پيتا ولايت ۾ ٺهيل هميشه پاڪستان ۾ ٺهيلن کان سٺا ٿين ٿا. ڪوالالمپور جي برفي هجي يا براڊ فورڊ جو لڏون، جليبي، سنگاپور جي دال پوري هجي يا لنڊن جو نان ڦڙاٽو. ٻاهر جي شين جي جواب ناهي. هونءَ ڪو زمانو هو پاڪستاني ولايت ۾ ويهي پاڪستان جي کاڌي کي ياد ڪندا هئا. پر هاڻ جڏهن کان پاڪستان ۾ مٽيءَ مليل اٽو، سريل چڻا ۽ ڪني گيهه واريون مٺايون وڪامڻ شروع ٿيون آهن، ولايت ۾ رهندڙ پاڪستانين پنهنجي ملڪ مان کاڌا ۽ مٺايون گهرائڻ کان توبهه ڪري ڇڏي آهي. ڪاڏي ويو ڦليلي ۽ چناب جو پاڻي جنهن جي سڪ ۽ سواد ۾ اسان جي وڏن ولايت ۾ ويهي شاعري ڪئي. هنيئر هتان ولايت کان ڪو وطن وڃي ٿو ته ٻيو ڏهه نصيحتون ٿو ڪريس ته کاڌي پيتي جو خيال رکجانءِ. ٿي سگهي ته ٻارن لاءِ پاڻي به هتان ولايت ۾ مان کڻي وڃ.

”هونءَ ان ۾ ڪو شڪ ناهي،“ سليم چيو، ”هتي ٻاهرن ملڪن ۾ هر شيءِ ايڏي اعلى قسم جي ۽ اوچي ملي ٿي جو رڌڻ بعد اها بيحد لذيذ ٿيو پوي. انڊونيشيا کان لونگ، ڦوٽا، ڪارا مرچ اهي اچن ٿا جيڪي اعلى جنس جا آهن. افغانستان کان ڪابلي ڇولا اهي اچن ٿا جيڪي اوچي قسم جا آهن. پاڪستان ۾ ته ڪڏهن ڪڏهن تاريخ موجب کير وٺبو ته به اندران خراب نڪرندو جو صحيح طرح پئڪ ٿيل نه هوندو. پر هتي ولايت ۾ مقابلي ڪري هر ملڪ سٺي ۽ اوچي شيءِ موڪلي ٿو. ٻيو ته هتي خراب شيءِ وڪڻڻ وڏو ڏوهه آهي، جنهن جي سزا سخت رکي وئي آهي ۽ ڪوبه ڏوهاري ان کان بچي نٿو سگهي.“

روسي اسان جا مائٽ

پهرين ڏينهن ميس ۾ اسان واري ٽيبل تي جيڪو ٽيون همراهه ويٺو هو. ان لاءِ ڪئپٽن سليم کي آهستي چيم ته، پڇ ته اهو ڪهڙي ملڪ جو آهي.

پڇڻ تي همراهه ورڻيو.

”سابق سوويت ريپبلڪ U.S.S.R جو آهيان.“

پهرين ڪو ٻڌائيندو هو ته هو سوويت رو س جو آهي ته لنوائي وڃبو هو. هر روسي KGB جو ايجنٽ لڳندو هو. ڪنهن روسيءَ جو ويجهو وڃڻ معنى پنهنجي پويان سي آءِ ڊي لڳرائڻ ۽ هونءَ به ننڍي هوندي مغربي رسالن ۽ اخبارن ۾ U.S.S.R بابت ايتري غلط پروپئگنڊا ٻڌل ۽ پڙهيل هئي جو دنيا جي هر خرابي انهن ۾ لڳي ٿي. هو خطرناڪ ۽ پاپي قسم جا ماڻهو لڳا ٿي. ڪڏهن اهو سوچيو به نه هو ته ڪو هنن وٽ به مذهب يا اخلاق آهي. ڪي مسجدون ۽ ڪليسا گهر آهن. سوويت ۽ روس جو مطلب هميشه ڪميونزم ۽ڪفر سمجهيو ويندو هو ۽ هاڻ ان جي اڌ کن رياستن آذربائيجان، ڪازقستان، تاجڪستان، ترڪمنستان وغيره جي رهاڪن جو ٻڌي لڳي ٿو ته اسان جا مائٽ ته آهن ئي هي. ڏسندي ئي ڏسندي اهو U.S.S.R جنهن جي پاڇي کان پري ڀڄبو هو، ان جا آذربائيجاني يا ترڪمنستاني باشندا اٻوجهه ۽ سادا لڳن ٿا. مولوي ۽ مذهبي لڳن ٿا. آخرڪار اِهي علائقي اهي ئي آهن جتان اسان جا ڪيترائي عالم، بزرگ، ولي، صوفي، مرزا قليچ بيگ کان قلندر شهباز تائين لڏي اسان جي سنڌ ۽ هنڌ ۾ آيا.

وڃن مسلمان ٿيندا

ممنون صاحب کي هڪ ڏينهن چيم، ”سئيڊن کان پري ويٺل هرڪو ائين سمجهي ٿو ته سئيڊن اوگهڙ ۾ ته الائي ڇا آهن. ڇو جو صدين کان سئيڊن لاءِ اها چوڻي آهي ته Sex _ Free ملڪ آهي. بلڪ سئيڊن اوگهڙ جي علامت سمجهيو وڃي ٿو. پر هتي ته چوڌاري ڪابه اهڙي ڳالهه نظر نٿي اچي جيڪا ٻين يورپي يا آمريڪي ملڪن کان وڌيڪ هجي. هن کان وڌيڪ ڇوڪري ڇوڪريءَ جي چوماچٽ انگلينڊ ۽ اسپين جي شهرن ۾ آهي. هن کان وڌيڪ ته بئنڪاڪ، چانگ مائي، پوسان، سيول ۽ بمبئيءَ ۾ بڇڙائي نظر اچي ٿي.“

”بس ڏس نه. ماڻهن کي اجايو وهم ويٺل آهي. هتي هرڪو شراب سان پيو هلي. ٻين شهرن جو مثال ڇو ٿو ڏين. ڪراچي، دبئي ۽ لاهور جهڙن شهرن ۾ به اهڙي لوفرائي لڳي پئي آهي جو شل نه ڪنهن جي ماءَ، ڀيڻ يا نياڻي لنگهي. بمبئي، بئنڪاڪ ۾ ته وري به ڪنهن رنڊيءَ تي کڻي ماڻهو رمارڪ ڏين ٿا پر لنڊن، بارسلونا يا پئرس جي رستن تي اهو به نه آهي، ماڻهو پنهنجن زالن يا ساهيڙين سان گڏ لگهندي نظر ايندا. پر ڪراچيءَ جهڙي مسلمان ملڪ ۾ جتي سڀ کان گهڻيون مسجدون، مولوي ۽ مذهبي ماڻهو رهن ٿا، شل نه ڪا اڪيلي عورت لنگهي. رستي جي ٻئي پاسي وارا به ان کي کائي وڃڻ وارين نگاهن سان ڏسندا. ڀرسان لنگهندي هر هڪ جي اها ڪوشش هوندي آهي ته ڪو گندو رمارڪ ڏيئي، پنهنجي اندر جي شيطان کي خوش ڪريان ۽ ذهني لست وٺان. اهو نه سوچيندا ته هن غريب عورت جي ڪيڏي دل آزاري ٿي رهي آهي.“ ممنون چيو.

”واقعي ممنون صاحب صحيح ٿا چئو. سئيڊن جهڙا ملڪ اخلاق ۾ وڃن سڌرندا ۽ اسان جهڙا ملڪ ڏينهون ڏينهن وڃن پستي ڏي ڪرندا.“ مون چيو ۽ پوءِ ڪجهه دير بعد يڪدم ٻي ڳالهه ياد آئي:

”ممنون صاحب! هڪ ٻي ڳالهه غور طلب آهي. اڄ کان پندرهن ويهه سال کن اڳ منهنجو هن پاسي جي Scandinavian ملڪن ۾ ڏاڍو اچڻ ٿيندو هو. مونکي چڱيءَ طرح ياد آهي ته جتي ڪٿي دڪانن ۽ سئنيما هالن ۾ اگهاڙيون فلمون پيون هلنديون هيون. پورنو (اگهاڙو ڪتابن) جا دڪان به جتي ڪٿي نظر آيا ٿي ۽ بار، پب ۽ ڊسڪوٿي ته گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ هئا. هينئر ڪا اهڙي شيءِ نظر ئي نٿي اچي. ڇا اسان پوڙها ٿي ويا آهيون ان ڪري اهڙي ڪا شيءِ نظر نٿي اچي يا آهي ئي ڪانه.“

”ڏسو ٿا ڪيڏي تبديلي آئي آهي. هاڻ توهان جهڙو ماڻهو هن پاسي جي ملڪن جو صحيح طرح قدر ڪري سگهندو جنهن گذريل زمانو ڏٺو هوندو. هينئر اهي سڀ پورنو جا دڪان بند ڪرايا ويا آهن. اگهاڙين فلمن جا دڪان ۽ سئنيما گهر بند ڪرايا ويا آهن. ڪجهه شراب خانا ۽ ڊانس ڪلب آهن پر انهن ۾ 18 سالن کان ننڍو نٿو وڃي سگهي. سڀ سڌا ٿيو پيا هلن. اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ هوم ورڪ ايترو وڌائي ڇڏيو اٿن جو آچر (موڪل واري ڏينهن) کان علاوه ورلي ڪو ڏينهن ٻارن کي واندڪائي ملي ٿي.“ ممنون چيو.

”واقعي هنن پنهنجي ماحول ۽ معاشري ۾ وڏي تبديلي آڻي ڇڏي آهي.“ مون چيو.

”ٻين لفظن ۾،“ ممنون چيو، ”هي وڃن مسلمان ٿيندا ۽ اسان جا مسلمان ڀائر بوتل ۽ بڇڙائيءَ لاءِ وڃن بئنڪاڪ ۽ بمبئي جون بازاريون مئيندا.“

ٽي وي کي برقعو پارائڻ اجايو آهي

ائين به نه آهي ته ڪو سئيڊن ۽ هن پاسي جي ٻين ملڪن ڏي ڇوڪرو ڇوڪري چرچو ڀوڳ به نٿا ڪن. ائين به ناهي ته هتي جي ماڻهن کي بيوقوفن جي دنيا ۾ رهڻ لاءِ ٽي ويءَ تان ڪنهن عورت جو پاڇو به نٿا ڏيکارين ۽ جي ڪا عورت خبرون به پڙهڻ اچي ته کيس برقعو اوڍائي ٿا ويهارين. جيئن جيئن رات ٿيندي وڃي ٿي ائين اهڙيون فلمون ۽ ڳالهيون ۽ بحث مباحثا ٽي ويءَ تان هلائين ٿا جيڪي فقط بالغن جي ٻڌڻ لاءِ صحيح سمجهيا وڃن ٿا ۽ هفتي ۾ ٻه ڏينهن اهڙا رکيا ويا آهن (آچر ۽ خميس رات) جن تي آڌي رات کان پوءِ هڪ بجي يا اڃا به دير سان ڪلاڪ ٻن جي بنهه الف اگهاڙي فلم هلائين ٿا.

”ائين ڀلا ڇو آهي؟“ هنن جي هڪ ماهر نفسيات کان مون پڇيو.

”اهو ضروري آهي جيئن ڪو جي هروڀرو اهڙي بڇڙائي کان رهي نه ٿو سگهي ته پوءِ پنهنجي منهن ويٺو ڏسي. ان لاءِ هڪ ته وقت اهڙو ڏکيو رکيو ويو آهي جو اوستائين جاڳڻ ڏکيو آهي پر جي ڪو جاڳي به ٿو ته پڪ تيستائين ننڍا ٻار سمهي رهيا هوندا.“

مٿين ڳالهه کان علاوه هڪ ٻي به ان ۾ اوکائي رکي وئي آهي ته اهو چئنل (Filmnet) جنهن تان ان قسم جون اگهاڙيون يا مار ڌاڙ واريون فلمون، هن پاسي جي ملڪن ۾ نظر اچن ٿيون، تيستائين نظر نه اينديون جيسين ٽي وي سان خاص قسم جو Decoder نه لڳائجي. ٽي وي جا مختلف بٽڻ دٻائڻ سان ٻيا چئنل: جهڙوڪ، مالمو، ڊئنمارڪ1، ڊئنمارڪ2، بي بي سي، ڊسڪوري، M.B.C ۽ ٻيا نطر ايندا پر Filmnet وارو بٽڻ دٻائڻ سان اوندهه ئي اوندهه هوندي. ان لاءِ Decoder جيڪو ننڍي ٽيپ رڪارڊر جهڙو ٿئي ٿو مسواڙ تي وٺي سئچ ذريعي ٽي ويءَ سان لڳائڻو پوي ٿو. ان ۾ ڪئڪيوليٽر وانگر ڪئين انگ آهن. پوءِ خاص انگ دٻائڻ سان اهو

چئنل Filmnet نطر اچي ٿو. معنى ڪنهن وٽ گهر ۾ Decoder پيو به هجي ته ان کي اهوئي استعمال ڪري سگهي ٿو جنهن کي ڪوڊ نمبر جي خبر هجي ۽ اهو ڪوڊ نمبر هر وقت بدلجندو رهي ٿو ۽ مسواڙيءَ کي مسواڙ ڏيڻ وقت ڪمپنيءَ کان پڇڻو پوي ٿو. اهي Decoder وڪامن نٿا پر مسواڙ تي ڏنا وڃن ٿا. ان ۾ اها به اٽڪل رکي وئي آهي ته ان جو نه فقط ڪوڊ نمبر بدلايو وڃي ٿو پران Decoder کي ان نمبر تي دڪاندار کي سيٽ به ڪرڻو پوي ٿو، جيئن اهو نمبر لڳائڻ سان Decoder ٽي ويءَ جي ان سرڪٽ کي Energise ڪري سگهي. مطلب اهو ته ڪو جيڪڏهن چوري به ڪري وڃي ته مهيني ٻن بعد ٽي وي جي ان چئنل جي فريڪئنسي بدلجڻ سان ڪجهه به نظر نه ايندو. ۽ اهو ان ڳالهه جي به چيڪ آهي ته مسواڙي کائي نه وڃي ۽ خبر پوندي رهي ته Decoder بالغ جي ڪنٽرول ۾ ئي آهي.

ملائيشيا ۾ جتي پنجاهه سيڪڙو کان مٿي مسلمان آهن اتي به رات جو دير سان ڪجهه اوگهڙ واريون فلمون هلن ٿيون. هڪ دفعي اتي جي هڪ دانشور کان پڇيم:

”ههڙين فلمن جي ڪري ڇا ٻارن تي خراب اثر پوڻ جو انديشو ناهي جن جو ڪچو ذهن آهي.“

”ها. پر انهن کي منع لاءِ شام کان ٽي ويءَ تي ياداشت پيا ڏيندا آهيون ته هي ٽائيم ٿيو آهي. اٺين کان پوءِ ٻارن کي سمهڻ کپي. جيئن مائٽ ٻارن کي سوير ئي سمهاري ڇڏين، جيڪا ڳالهه ٻارن لاءِ به صحتمند آهي ۽ ٻي ڳالهه ته اسان ان ئي ڪري شام جو پنجين کان اٺين تائين ٻارن کي سڀئي پروگرام ڏيکاريو ڇڏيون. جيئن هنن جو ٽي وي ڏسڻ جو شوق پورو ٿي وڃي.“

۽ واقعي ان ۾ حقيقت آهي ته ملائيشيا جي ٻارن ۾ سوير سمهڻ ۽ اٿڻ جي تمام سٺي عادت آهي. ٽي وي وارن کي به شاباس هجي جو ٻارن جو پروگرام رات جو ڏهين بجي ڏيڻ بدران شام جو ئي ڏيو ڇڏين ۽ سياسي ۽ سرڪاري پروگرام حقيقت تي مبني ڏيڻ ڪري ماڻهو دير سان به ڏسي معلومات حاصل ڪن ٿا. ٻين لفظن ۾ اهڙن سرڪاري پروگرامن ۾ عوام کي الو گهٽ بڻائين ٿا.

هڪ ڏينهن ملائيشيا جي هڪ ملئي سياستدان کي چيڙائڻ لاءِ مٿيون (ٽي وي تان اڌ اگهاڙين ڊانسن ۽ فلمن جو) ذڪر ڪيم:

”سائين! هي ڀلاڇاهي. پارليامينٽ ۾ اڌ کان وڌيڪ توهان ملئي مسلمان آهيو. ملائيشيا جي ٽي ويءَ تان هن قسم جا پروگرام بند ڇو نٿا ڪرايو؟“

ادا! ائين ڪرڻ سان ڪو خاص فائدو نه پر الٽو نقصان ٿيندو. پوءِ ماڻهو ملائيشيا جي ٽي وي ڏسڻ ڇڏي ڀر وارن ملڪن سنگاپور ۽ ٿائلينڊ جي ڏسندا. جنهن ۾ کين هن کان وڌيڪ گندو ملندو ۽ ان کان علاوه انهن ڀر وارن يا ڏورانهن ملڪن جا چئنل ڏسڻ لاءِ طاقتور ائنٽينائون هڻندا جن تي هر گهر جو خرچ ٿيندو. معنى سڄي ملڪ جا ڪروڙها اربها رپيا اجايا ضايع ٿي ويندا ۽ مسئلو به ساڳيو رهندو. ان کان علاوه ماڻهو اگهاڙين فلمن جا ڪئسٽ وٺي ايندا ۽ گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ خبرناهي ڪهڙن ڪهڙن قسمن جا ڪئسٽ پيا وڪامبا. هر هڪ وي سي آر به وٺي ۽ جيڪو وي سي آر وٺي ٿو اهو ته هڪ بدران وڌيڪ به فلمون ڏسي پنهنجو ذهن ۽ پئسو خراب ڪندو. ان کان بهتر آهي ٽي وي اسٽيشن ذريعي ڪنٽرول انداز ۾ هفتي جي ڪنهن هڪ يا ٻن راتين جو دير سان ڪجهه ان قسم جون هلڪي ڦلڪي اوگهڙ واريون فلمون ڏيکاريون وڃن. جيڪي فقط اهي وڏا ڏسي سگهن جن کي هرو ڀرو ڏسڻو ئي آهي، ٻين لفظن ۾ گهر ويٺي ٻڪ ڌوڙ جو منهن تي هڻي ڇڏي. وچ شهر ۾ بٺي تي بيهي ڇو ڪارو منهن ڪري.

گوشت جو حلال حرام جو مسئلو

اسان جي هاسٽل ۾ رهندڙ ٻه سؤ کن شاگرد جي ميس ۾ ماني پچائڻ لاءِ سئيڊش ۽ هڪ چيني بورچي آهي ۽ ماني کارائڻ Serve ڪرڻ لاءِ ٻه سئيڊش ڇوڪريون. هڪ پولش ڇوڪرو ۽ هڪ پاڪستاني طارق نالي، پنجويهن سالن جو نوجوان آهي. طارق کي سئيڊن ۾ رهي ٽي سال ٿيا آهن. پاڻ لاهور جو آهي هتي سياسي پناهه اچي ورتائين. ٻين غير قانوني طرح آيلن وانگر هن جو به ڪورٽ ۾ ڪيس هلندو رهيو. آخر ڪيس سندس فائدي ۾ ويو ۽ هتي جي حڪومت کيس سئيڊن ۾ هميشه لاءِ رهڻ جي هاڻ موڪل ڏني آهي.

ميس ۾ اسان کي نيرن تي ڪارن فليڪس، بيضي ۽ ڊبل روٽي سان گڏ ڪڏهن ٽرڪي پکيءَ جي گوشت جا سنها سلائيس ملن يا ڳائي گوشت جي سنهي قيمي جون لٺيون جيڪي سنهي آنڊي ۾ ڀريل ٿين جنهن کي هن پاسي Hot Dogs چون ٿا. پهرين دفعي ٽرڪيءَ جي گوشت جو  گلاب مايل رنگ ڏسي طارق کي چيم: ”آئون مسلمان آهيان.“

يورپ پاسي نيرن تي بئڪن يا هئم (سوئر جو  گوشت) عام طرح واپرايو وڃي ٿو ۽ هاٽ ڊاگس ۾ به پاسي پورڪ (سوئر جو گوشت) وڌو وڃي ٿو. بلڪ هئم برگر (جيڪو پاڪستان ۾ ڳائي گوشت جو ٺهي ٿو) هتي سوئر جي قيمي مان ٺهي ٿو. سوئر جي ران واري گوشت کي Ham سڏجي ٿو جنهن جو قيمو ٺاهي بن جي وچ ۾ رکي هئم برگر جي نالي سان وڪيو وڃي ٿو يا ڊبل روٽي جي سلائيسن جي وچ ۾ رکڻ سان ان کي هئم سئنڊوچ سڏجي ٿو. اهو برگر جنهن ۾ ڳائي گوشت جو قيمو رکيو وڃي ان کي بيف برگر چئجي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح چڪن برگر يا فش برگر، خبر ناهي ڇو پاڪستان ۾ هر برگر جو نالو هئم برگرپئجي ويو آهي _ ڪنهن گروهه جي شرارت ڪري يا اڻ ڄاڻائي ۽ بيوقوفيءَ ڪري. هڪ يورپي همراهه پاڪستان جي دؤري بعد مونکي اچي چيو: ”تون جو وتين اسلام اسلام ڪندو. تنهنجي پاڪستان جي ته اها حالت آهي جو جنهن ڳوٺ ۾ ويس اتي جي وڏيري پنهنجن هٿن سان شراب ٿي پيش ڪيو ۽ ڪراچيءَ ۾ هئم برگر عام جام پئي وڪيا. اسلام جي نالي تي پاڪستان ضرور ٺاهيو هوندؤ پر هاڻ اهو نه رهيو اٿانوَ. رڳوڳالهيون ڪندا وتو.“

بهرحال طارق ٻڌايو ته اسان جي ميس ۾ شراب ۽ سوئر جي گوشت تي بندش آهي.

”هتي يورپ ۾ جيتوڻيڪ هر شيءِ _ شراب، سوئر عام هلي ٿو پر جيئن ته هن هاسٽل ۾ ڪجهه مسلمان رهن ٿا سو انهن جو خيال رکي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ۽ سئيڊن جي حڪومت اهڙين شين جي استعمال تي بندش وڌي آهي. هتي رڳو ڳائو، رڍ، ٻڪريءَ جو گوشت يا ڪڪڙ مڇي ٽرڪي پچائي وڃي ٿي. ويندي رڌڻ جو تيل يا مکڻ مارجرين به استعال ٿئي ٿو جنهن ۾ سوئر جي چرٻي نه هجي. باقي اهو آهي ته گوشت ايم. ڪي (Muslim killed) ناهي. اسلامي طريقي سان ان کي حلال نه ڪيو ويو آهي.“

”پوءِ؟“ مون پڇيومانس.

”بس سائين هڪ ٻن ڏينهن لاءِ جيڪي هتي اچن ٿا اهي ان کان به پرهيز ڪري سگهن ٿا پر جن کي هميشه رهڻو آهي يا وڏي عرصي لاءِ رهڻو آهي اهو ڇا ٿو ڪري سگهي. گناهه گناهه آهي پر جيترو ٿي سگهي وڏي ڏوهه کان پاڻ بچائي. سوئر ۽ شراب کي هٿ نه لائجي. باقي اهي جانور پکي جيڪي پاڻ اسلام لاءِ حلال آهن انهن کي کائڻ مهل ڪلمو پڙهي کائي ڇڏجي.“

هڪ ڏينهن علويءَ چيو: ”آئون ته سڄو سال مڇي کائي بيزار ٿي پيو آهيان.“

”توهان ته وري به مڇي کائو ٿا،“ مون چيو مان، ”منهنجو ڇا حشر ٿيندو جو آئون ته پاڻيءَ جي ڪابه شيءِ مڇي پلو، گانگٽ نٿو کائي سگهان جو الرجڪ آهيان.“

قاضي حميد چيو: ”مون ٻڌو آهي ته ڊئنمارڪ (ڀر واري ملڪ) ۾ هڪ ٻه دڪان آهن جن تي حلال گوشت ملي ٿو.“

”يار ڪمال ٿو ڪرين هاڻ گوشت وٺڻ لاءِ هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ اهو وڃي سگهي ٿو جنهن وٽ وقت ۽ اڻ ميو پئسو هجي ۽ جنهن وٽ اهي شيون آهن اهو ته هتي هُتي پرديس ۾ ڇو ڌڪڙ کائيندو وتي.“ مون چيو.

”منهنجو ته نوڪري جي سلسلي ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڊئنمارڪ وڃڻ ٿيندو رهي ٿو.“ سترهن سالن کان هتي رهندڙ پاڪستاني جوهر زمان چيو، ”۽ ڪڏهن ڪڏهن گوشت وٺي ايندو آهيان. پر سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڪنهن کي ڪهڙي ثابتي آهي ته دڪاندار فريزر مان جيڪو گوشت ڪڍي ٿو ڏئي اهو حلال به آهي يا نه.“

”بس پوءِ هن جي نيت تي مدار آهي.“ قاضيءَ چيو.

”اهو تڏهن کڻي چئجي جڏهن دڪاندار مسلمان هجي ۽ پاڻ ئي گوشت ڪٺو هجيس.“ جوهر چيو.

”گذريل سال جي ڳالهه آهي ته،“ جوهر زمان سان گڏ آيل هڪ ٻئي هتي جي رهاڪو پاڪستانيءَ چيو، ”سعودي عرب، جيڪو ڊئنمارڪ کان ڪڪڙيون ۽ ڳائو گوشت گهرائي ٿو. ان کي ڊئنمارڪ وارن هڪ کيپ ۾ ڳائي جي قيمي بدران سوئر جو قيمو موڪلي ڇڏيو ۽ پوءِ جڏهن خبر پئي ته وڏو گوڙ مچي ويو ۽ اخبارن، ٽي وين تي اچي ويو.

”سو جڏهن هي ايتري بي ايماني ڪري سگهن ٿا ته پوءِ گراهڪن سان ڪوڙ ڳالهائڻ ته هن لاءِ سولي ڳالهه آهي ته ڍڳي يا ڪڪڙ اسلامي طرح ذبح ٿيل آهي.“ جوهر چيو.

”پر مونکي عربن جي اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته ڪڪڙ، ڍڳي يا رڍ جو گوشت به ڊئنمارڪ کان گهرائين ٿا پر پنهنجي ويجهي مسلمان ملڪ پاڪستان کان نٿا وٺن. اهي چار پئسا به ڀلي گوري انگريز يورپيءَ کي فائدو ٿئي باقي پنهنجي پاڙيسري غريب ملڪ کي نه ٿئي.“ قاضيءَ چيو.

”غريب مسلمان پاڙيسري ملڪ کي پنهنجي ئي کائڻ لاءِ ڍڳيون، ٻڪريون ڪونه آهن. تڏهن ته اڱارو اربع گوشت بند رکيو اٿن، سو ٻين کي ڇا سپلاءِ ڪندو.“ علويءَ چيو.

”نه اها ڳالهه ناهي. عرب جي وٺن ته اسان ٻڪريون، رڍون آسٽريليا کان به گهرائي، ذبح ڪري کين گوشت موڪليون. کين به سستو پوندو ته اسان کي به فائدو ٿيندو.“ قاضي چيو.

”اهو ته صحيح آهي پر هو اسان جي ڪاساين، مڏن ڪپن ڪاتن، گندگي ۽ مکين کان وٺي گوشت جي Transportation تائين ڀلي ڀت واقف آهن،“ علويءَ چيو، ”عرب انڌا آهن. ڏسن ڪونه ٿا ته ايمپريس مارڪيٽ ۾ جيڪي صبح کان شام تائين ڪڪڙيون ويٺا ڪُهن، نڪو وضو ڪن نڪو ڇا. ڀت جي ڀر ۾ پيشاب ڪريو ويٺا ڪڪڙين تي ڪات هلائين، ۽ ذبح ڪرڻ مهل تڪبير به جهڙي پڙهي تهڙي نه، باقي سڄو ڏينهن گار جي رَئي لڳايو ويٺا آهن. اس کي تو بهن ڪي، اس کي تو مان کي...............

”۽ پوءِ ڪٺل ڪڪڙين ۽ ڍڳين مٿان ڪو ڏينهن ته ڪارين ٿلهين مکين جا انبار پيا آنا لاهيندا، جيسين ڪالو مڪراني گڏهه گاڏي ڪاهي اچي ۽ گوشت کي هوائي اڏي يا بندرگاهه تائين پهچائي. ان کليل گوشت تي رستي جي ڌوڙ ۽ مٽيءَ جي ڇَٽَ الڳ ٿيندي آهي. سو عربن کي جيڪڏهن دستن ۽ ڪالرا جو شوق هجي ته ڀلي اهو هٿ ٺوڪيو اسان جو اسلامي گوشت کائين.“

”هونءَ هتي سئيڊن جي ذبح گهر (Slaughter House) ۾ مون ڏٺو آهي“ جوهر ٻڌايو، ”هڪ ته هر قسم جي جانور جو الڳ ذبح گهر آهي. رڍن جو الڳ ته ڍڳين جو الڳ. ايتري قدر جو هر هڪ جانور جا ڪپ ڪات به ٻئي تي نٿا استعال ٿين ۽ ٽين ڳالهه ته روزانو ان سلاٽر هاؤس کي مٿان کان هيٺ تائين گرم پاڻيءَ سان ڌوتو وڃي ٿو ۽ جانور کي اليڪٽرڪ شاڪ ڏيئي يا مڻڪو ڀڃي مارڻ بدران سير وجهن ٿا. باقي اهو آهي ته ڪاسائي مسلمان نه آهن جو سير وجهڻ مهل تڪبير پڙهن.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org