سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: بخشو لغاريءَ کان بالٽيمور

الطاف شيخ

صفحو :4

آمريڪا ۾ ديسي ادب ۽ ميوزڪ

بهرحال اهي سڀ ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي. ديسي ماڻهن مان ڪن ڪن، بدناميون به پيدا ڪيون آهن. پر گهڻي ڀاڱي ديسي ماڻهن ۽ انهن جي ديسي کاڌن، ديسي ادب (Literature) ديسي ميوزڪ هتي جي گورن ۽ انهن جي ملڪ تي چڱو خاصو Impact به پيدا ڪيو آهي. ڇو جو هتي جا ڪيترا گورا هاڻ ڪيتريون ئي ديسي شيون ائين پسند ڪن ٿا جيئن جپاني ماڻهو فرينچ ڊش پسند ڪن ٿا. رڳو ديسي ادب کي ڏٺو وڃي ته اڄ جي ٽي وي ۽ انٽرنيٽ جي دور ۾ به پنهنجي ادب کان وڌيڪ ديسي ادب پسند ڪن ٿا جن ۾ آرڪي نارائڻ جي ڪلاسيڪل لکڻين۽ وي. ايس نائيپال جي ڪتابن کان انيتا ڊيسائي، گيتا مهتا، راج ڪمال جها جهڙا اديب اچي وڃن ٿا جن جا ڪتاب نيويارڪ، واشنگٽن ۽ بالٽيمور کان ائٽلانٽڪ سٽي، ايڊيسن ۽ سائڪرا مينٽو جهڙن شهرن جي ڊپارٽمينٽل اسٽورن ۾ نظر اچن ٿا، اڄڪلهه ويجهڙائيءَ ۾ ڪجهه ٻيا به ديسي ادب هتي آمريڪا ۾ پسند ڪيا پيا وڃن، جيئن سُوڪيتو مهتا (جنهن جو ڪتاب Maximum City هتيجي SANA جي ڪيترن ميمبرن پڙهيو ۽ پسند ڪيو آهي، مون کي به پروفيسر نديم جمالي صاحب اهو ڪتاب پڙهڻ لاءِ چيو)، مترا ڪاليتا جو ڪتاب Suburban Sahibs، مونيڪا عليءَ جو Bricklane ۽ جهمپالاهيريءَ جو Namesake ڪتاب، جيڪي هنن پنهنجي وطن بابت لکيا آهن، هتي جي گورن ۽ گورين جي هٿن ۾ نظر اچن ٿا. ائين ته ڪجهه عرصو اڳ وڪرم سيٺ جي ڪتاب A Suitable Boy، چترا بينر جي ديوا ڪاروني جو ڪتاب Mistress of Spices به نه فقط آمريڪا پر سڄي دنيا ۾ مشهور ٿيو هو. گذريل ڏهن سالن کان ديسي ليکڪن جي لکڻين ۾ ڪافي دليري (Boldness) اچي رهي آهي، جنهن جو مال ارون ڌاتيءَ جو نالو The God of  Small things آهي. اڄ ڪلهه گوتم ملڪاڻيءَجي ناول لنڊنستاني (Londonstani) جي به هتي وڏي واکاڻ آهي.

نه رڳو ناول پر ڪيترا سنجيده قسم جا سياسي، تواريخي ۽ يادداشتن جا ڪتاب پڻ هتي جا گورا آمريڪن وڏي شوق سان پڙهن ٿا. اهڙو ئي هڪڙو ڪتاب حسين حقانيءَ جو “From Mosque to Military” هن مهيني هتي جي مارڪيٽ ۾ آيو آهي، جيڪو ڇپيو به آمريڪا ۾ آهي. هڪ ٻيو ڪتاب جيڪو هتي اڄ ڪلهه ڇپجي رهيو آهي، جنهن جي ماڻهو جي وات ۾ ڳالهه آهي اهو پاڪستاني جرنلسٽ نفيسه هودڀائي جي يادگيرين ۽ پاڪستاني معاشرتي مسئلن بابت آهي. نفيسه هودڀائي پروفيسر جاويد ڀٽو صاحب جي گهر واري آهي ۽ هتي Voice of America سان وابسته آهي.

ديسي ميوزڪ ۾ هندي ۽ اڙدو جا گانا هتي مشهور آهن ۽ ٻئي نمبر تي پنجابي ۽ گجراتي. ائين ته ننڍي کنڊ جي ڪهڙي زبان آهي، جنهن جي ڳالهائڻ وارا هتي آمريڪا ۾ نه آهن. پر  ٻيون  ٻوليون گهرن  تائين محدود آهن. ديسي فنڪشنن، ميلن، سميلن، انڊين فلمون هلڻ دوران سئنيما گهرن ۾، عام طرح هندي / اردو گانن جا آواز ڪنن تي پون ٿا. دڪانن تي آڊيو ۽ وڊيو جا ڪئسٽ ڪيترين ئي زبانن ۾ ملن ٿا، جيڪي نه رڳو پاڪستان ۽ هندستان کان هتي وڪري لاءِ اچن ٿا پر Locally به ٺهن ٿا جن ۾ سرينام ۽ ٽرنيڊاڊ جهڙن ملڪن جا انڊين رهاڪو پڻ حصو وٺن ٿا. ٽرنيڊاڊ جو هڪ جوڙو ڪنچن  بابلا هتي ڪافي مشهور آهن. هڪ ٻيو گروپ سندر پوپو جو آهي، جنهن جي ميوزڪ جو نالو ”چٽني ميوزڪ“ Chutney Music آهي. پاڪستاني گروپ ”جنون“ به هتي ڏاڍو مشهور آهي ۽ پاڪستاني توڙي انڊين هن کي پسند ڪن ٿا.

هڪ دفعي فلڪ شير سان گڏ واشنگٽن کان نيو جرسي پئي آيس.  سڄي واٽ هو سنڌي ڪئسٽ هلائيندو آيو. ان ۾ هڪڙو گانو واه جو هو:

مون کي دلا تار- هل هن پار

پنهنجي ميهر سان، مان ملان هڪ وار

او  پنهنجي ميهر سان ملان هڪ وار

فلڪ شير ٻڌايو ته گذريل سال هتي نيو جرسيءَ ۾ انڊيا جي سنڌين جو سميلن ٿيو هو، جنهن ۾ هيءَ ڳائڻ واري ڪماري تيجي ڀوڄواڻي پڻ هتي آئي هئي. هتي جي هڪ رڪارڊنگ ڪمپنيءَ هي آڊيو ڪئسٽ  ٺاهيو آهي.

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته تيجيءَ جو آواز لتا وانگر بيحد مٺو لڳي رهيو هو يا شايد  پينسلوانيا ۽ ميريلينڊ جي جهڙالي موسم ۾ فلڊ لفيا وٽ ڊيلا ويئر ندي ٽپڻ وقت چوڌاري خوبصورت نظاري جو اثر هو جيڪو گاني ۾ رومانيت پيدا ڪري رهيو هو.

سير ۾ سرتيون ڪاهينديس مان،

سر جو سانگو ساهيندس مان،

درد ٿو دل کي دکائي، ستائي سڄڻ جي ٿي سار،

مون کي دلا تار، هل هن پار

پنهنجي ميهر سان مان ملان هڪ وار

فلڪ شير ٻڌايو ته ڪماري تيجي ڀوڄواڻي، انڊيا جي صوبي گجرات جي شهر گانڌيدام ۾ رهي ٿي، جتي ڪنهن اسڪول جي هوءَ پرنسپال آهي. مون کيس ان راڳ جي شروع وارو حصو ٽي دفعا کن وڄرايو، جنهن ۾ هوءَ راڳ کان اڳ ڏاڍي سريلي ۽ سوز واري آواز ۾ ڏوهيڙو ٿي ڏئي:

”پريت پڪارون جي ڪيون، ڪيون نيزاريون نينهن.

اکڙين ۾ آيا تري واچوڙا، جهڙ، مينهن

الا! هت جيجل! ڄايون ڪيئن، الا پار پهچائج ميهر ڏي...“

ڪماري تيجيءَ جو ڪئسٽ ٻه هفتا کن نيو جرسي ۽ نيو يارڪ جي ديسي دڪانن تان پڇائيندو رهيس پر خبر پيئي ته سڀ ختم ٿي چڪا آهن. هاڻ فلڪ شير کي چيو اٿم ته پنهنجي ڪئسٽ تان مون لاءِ ڪئسٽ ڀرائي ڏي. فلڪ شير به سوچيندو هوندو ته عجيب سڪڻو ماڻهو آهيان. سندس گاڏيءَ ۾ يا گهر ۾ جيڪو سنڌي راڳن جو ڪئسٽ ٻڌان ٿو ته ان جي فرمائش ڪريان ٿو.

سنڌي راڳن جا ڪئسٽ ته ڪراچي ۾ به ملن ٿا پر هتي رهندڙ پاڪستاني توڙي انڊين سنڌين وٽ عجيب سنڌي ڪئسٽ ڏسان ٿو، جن مان ڪجهه ته هنن حيدرآباد سنڌ ۽ انڊيا مان گهرايا آهن، ٻيا وري هتي ٿيندڙ ميلن ۽ ملن پارٽين ۾ ٽيپ ڪرايا آهن. ورلڊ سنڌي انسٽيٽيوٽ (W.S.I) جي چيئرمين به مون کي هڪ سنڌي ميوزڪ جي CD ڏني جيڪا هتي واشنگٽن ۾ رڪارڊ ڪئي ويئي آهي. SANA جي فنڪشن ۾ هڪ مڪاني گورو آمريڪن شازيا خشڪ ۽ ٻين مهمان ۽ مڪاني ڳائڻين جا راڳ رڪارڊ ڪندو رهيو. انهن مان هڪ راڳ آهي:

”سالـــن کان پوءِ هيل الا

مس مس ٿيو آ ميل الا....“...

ٻڌو اٿم ته اهو راڳ اڄ ڪلهه پاڪستان ۾ سنڌ TV تان بار بار هلي ٿو ۽ ماڻهن ۾ بيحد مقبول آهي.  انگلينڊ جو هڪ ديسي  ڳائڻو آهي، جيڪو ”پنجابي ايم سي“ جي نالي سان سڏجي ٿو ان جو هڪ گانن جو آلبم هتي آمريڪا ۾ ڪافي مشهور آهي، جنهن  آلبم جو هن نالو ئي رکيو آهي Desi. ڪجهه گانا جن مان ڪيترا پنجابي ناچ ڀنگڙا جا آهن، اهي انگريزي ۽ پنجابي زبانن جو مڪسچر آهن. يعني هڪ اڌ انگريزيءَ جي سٽ ته هڪ اڌ پنجابيءَجي. آمريڪا جي شهر بوسٽن ۾ ديسي ماڻهن جي ”ڪمينا“ (The Cominas) نالي بئنڊ آهي  هو پاڻ کي Punjabi Punk سڏائين ٿا.

اي. آر. رحمان جيڪو سڀ ۾ مشهور ديسي آرٽسٽ آهي، ان سائوٿ انڊين ۽ هندي ميوزڪ کي مغربي ميوزڪ سان مڪس ڪري جيڪو Blend پيش  ڪيو آهي، ان جو جواب ناهي. شاهين بدر جنهن جي بئنڊ جو نالو Prodigy آهي. جنهن جا گانا انگلينڊ طرف ته گهڻي وقت کان مشهور هئا پر نيو جرسي جي رميش ٿارواڻيءَ ٻڌايو ته هاڻ هتي اتر امريڪا (يعني U.S.A ۽ ڪئناڊا) ۾ به مشهور ٿي ويا آهن، خاص ڪري Smack my bitch up جهڙا گانا اڪثر ٻڌڻ ۾ اچن ٿا.

 

آمريڪا ۾ ديسي ڪلچر

اڄ کان ٽيهه چاليهه سال اڳ اسانجي ننڍي کنڊ جا آمريڪا ۾ ايترا ماڻهو نه هوندا هئا. وري به انڊيا جا خاص ڪري اتراهين رياستن جا ڪجهه هوندا هئا. باقي ڏکڻ هندستان پاڪستان، بنگال ۽ سري لنڪا پاسي جا اٽي ۾ لوڻ برابرهئا. هاڻ انهن سڀني ملڪن جا جنهن کي پاڻ سائوٿ ايشيا سڏي سگهون، جام ماڻهو نظر اچن ٿا. نوڪرين مزورين، بزنيس ۾ ته جام آهن پر تعليم ۾ به جام آهن. ڪي پنهنجي خرچ تي اعليٰ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن ته ڪن پنهنجي ملڪ جي يونيورسٽين ۾ مٿانهان نمبرکڻي پنهنجي ملڪ جي اسڪالر تي يا ڌارين ملڪن ۽ ادارن جي اسڪالرن تي هتي آمريڪا ۾ پڙهي رهيا آهن. آمريڪا جي اها ڪهڙي يونيورسٽي آهي، جنهن ۾ انڊيا، پاڪستان.... يعني سائوٿ ايشيا جا شاگرد نه آهن. شاگرد ته هر هنڌ موجود آهن. پر ڪيترين يونيورسٽين ۾ اسان جا ”ديسي“ پروفيسر آهن. رات ڪجهه سنڌي همراهن سان هڪ فنڪشن ۾ ملاقات ٿي خبر پيئي ته سواءِ هڪ يا ٻن جي جيڪي ڊاڪٽر ۽ انجنيئر آهن ٻيا سڀ مختلف يونيورسٽين ۾ پروفيسر آهن. انهن ۾ هڪ ته اسان جي ڳوٺ جو ڊاڪٽر الطاف گاجڻي ميمڻ جيڪو نيو يارڪ جي ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ Dean آهي. ٻيا جن سان پهريون دفعو مليس تن مان ڪجهه جانالا هن ريت آهن:

پروفيسر آغا گل

پروفيسر نديم جمالي وغيره وغيره.

آمريڪا جي يونيورسٽين ۾ اسان جي ملڪن (ڏکڻ ايشيا) جي شاگردن جون ڪيتريون تنظيمون ۽ سنگتون به آهن جيئن ته South Asian Journalists Association: جنهن جا انڊين، پاڪستاني، سنڌي، پنجابي، پٺاڻ، مدراسي، بنگالي، نيپالي ۽ سري لنڪن ميمبر آهن.

اهڙي طرح Network of south asian professionals نالي هڪ ٻي سوسائٽي آهي. جلسا جلوس، ڪاڄ فنڪشن جا بندوبست ڪرڻ لاءِ ڏکڻ ايشيا جي ماڻهن يعني ”ديسي“ ماڻهن جي هڪ وڏي ڪمپني آهي جيڪا ”ايسٽ ويسٽ انٽرنيشنل“ سڏجي ٿي. توهان کي ڪنهن شادي مراديءَ لاءِ ڪاڄ ڪرڻو آهي ته انهن سان ڳالهايو. هو پنهنجا بئنڊ باجا، آرٽسٽ طبلچي ۽ لائيٽنگ جي بندوبست سان اچي حاضر ٿيندا. نيو يارڪ ۾ رهندڙ قاضي احمدجي ڊاڪٽر غلام نبي انڙ ٻڌايو ته هي ڪمپني East west International  وارا نيويارڪ شهر۾ هر هفتي پروگرام ڪن ٿا، جنهن ۾ ويندي بالي ووڊ جا ريمڪس گانا به ڳائين ٿا، جيڪي هيٺين ويب سائيٽ تي ٻڌي سگهجن ٿا:

http://www.remixsaturdays.com

۽ www.desihitsradio.com

آمريڪا ۾ ننڍي کنڊ جا- يعني ديسي ماڻهو ايترا ته رهن ٿا ۽ ديسي ميوزڪ  انهن ۾ ۽ مڪاني  آمريڪن ۾ ايتري ته Popular ٿي ويئي آهي جو دنيا جي مشهور ميوزڪ چئنل MTV وارا هتي آمريڪا ۾ هڪ نئون چئنل MTV Desi لانچ ڪري رهيا آهن. ان بعد منهنجي خيال ۾ جن گورن (آمريڪن) کي ديسي لفظ جي ڄاڻ نه هئي، انهن کي به پئجي ويندي ته Desi لفظ  ڇا آهي ۽ ان ۾ ڪهڙا ماڻهو ۽ ڪهڙيون شيون اچي وڃن ٿيون.

هونءَ هتي آمريڪا ۾ ديسي ماڻهن جون ڪجهه ايف ايم ريڊيو اسٽيشن به آهن جن تان پاڪستاني ۽ انڊين گانا، غزل، گيت، شعرو  شاعري، چرچا ڀوڳ (گهڻو ڪري واهيات قسم جا) ايندا رهن ٿا. انهن FM ريڊيو اسٽيشنن جا محدود دائرا آهن. خالد چنا، يا ثمير وسطڙو، فلڪ شير يا رميش ٿاروانيءَ سان نيو جرسي، ميريلئنڊ، پين سلوانيا يا ورجينا رياستن ۾ سفر ڪندو آهيان ته هو ريڊيو جي سئيءَ کي ڦيرائي ڦيرائي آخر اهڙي ڪا ديسي اسٽيشن ڳولي وٺندا آهن ۽ آمريڪا جا رستن تي هلندي پنهنجي وطن جي ٻولين جا آواز ٻڌڻ ۾ ڪيڏي ته حيرت ٿيندي آهي! نه ته مون کي ياد آهي ته 70-1969ع وارن سالن ۾ هنن بندرگاهنِ بالٽيمور، فلڊلفيا، نيوارڪ وغيره وغيره  ۾ جڏهن اسان جو جهاز ڪراچيءَکان پهچندو هو ته بندرگاهه جي مزورن کي ته ڇا ڪيترن پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن کي به خبر نه هوندي هئي ته ڪراچي يا پاڪستان ڪٿي آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اڄ به ڪيترين گهريلو قسم جي آمريڪي عورتن کان کڻي پڇ ته پاڪستان جو نالو ٻڌو اٿانوَ ته ٺهه پهه وراڻينديون: ”ها جتي روز بم ٿا ڦاٽن. جتي روز عورتون ٿيون Rape ٿين.“ هنن جو ڪهڙو ڏوهه. هنن جي ٻاهرين دنيا  سان ڄاڻ سڃاڻ فقط مڪاني ٽي وي اسٽيشن جو خبر نامو آهي، جيڪو هو ڏينهن ۾ فقط هڪ دفعو ٻڌن ٿيون. ۽ اهو ائين آهي جيئن اسان وٽ شام جي اخبار جيڪا ڏوهن ۽ پيار جي پرڻن سان ڀريل هجي. هڪ دفعي اسانجي پاڙي ۾ رهندڙ آمريڪن گوري عورت کي ٻڌايم ته ”اسان بيحد گهڻو سڌريل ۽ مهمان نواز ماڻهو آهيون، جن جي تهذيب پنج هزار سالن کان به پراڻي آهي. موهن جو دڙو ان جو مثال آهي.“

ٻئي ڏينهن هوءَ هڪ هفتيوار مئگزين نموني جي اخبار کڻي آئي جنهن ۾ منو ڀيل جي فئمليءَ جي دردناڪ ڪهاڻي هئي ۽ پنجاب ۾ مختاران مائيءَ سان ٿيل ظلمن جي سندس زباني هئي. مختارران مائيءَ تي ته شايد هتي فلم به ٺهي رهي آهي. ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته اسان جي ملڪ جا ماڻهو ڪيترو غريب، بيروزگار، بيمارين ۾ ورتل: ناانصافين ۽ ظلمن  جا ستايل آهن، جيڪي ظالم آهن، جيڪي ٻين جي ڪٽنبن کي پنهنجن ذاتي جيلن ۾ رکن ٿا، جيڪي پنهنجين نياڻين کي ڪاري ڪري مارين ٿا يا قرآن سان شادي ڪرائين ٿا، جيڪي عورت جي تقدس کي پائمال ڪن ٿا، چوريون، ڌاڙا هڻڻ ۽ هڻائين ٿا، انسانن کي وهٽن وانگر اغوا ڪن ٿا، اهي ماڻهو، اهي سردار وڏيرا، اهي ڀوتار ۽ پوليس جون ڪاريون رڍون سڄي  پاڪستان يا سڄي سنڌ جي آدمشماري جي ڀيٽ ۾ هڪ سيڪڙو به نه آهن، پر انهن ظالمن اسانجي صوبي يا اسان جي ملڪ کي دنيا جي نظرن ۾ ڪيڏو کڻي خوار ڪيو آهي جو اسان جو ملڪ دهشتگردن ۽ ڌاڙيلن جو ملڪ بڻجي ويو آهي. يورپ ۽ آمريڪا جا ملڪ ته ڇڏيو پر عرب ملڪ به اسانجي ماڻهن کي پنهنجي ملڪ ۾ نوڪري ڏيندي ڇرڪن ٿا. هو ملائيشيا جي شهر ملاڪا جو سؤ کن سال پراڻو هڪ مختصر ۽ Mini قلعو ڏسڻ لاءِ وڃن ٿا پر اسان وٽ حيدرآباد جو هيڏو وڏو ۽ جهونو قلعو يا لاڙڪاڻي جو موهن جو دڙو ڏسڻ لاءِ دل نٿا ٻڌن. سوچڻ جي ڳالهه آهي ته هڪ طرف ته اسان نياڻيءَ کي ست قرآن چئون ٿا پر ٻئي طرف حقيقت اها آهي ته ڍورن جي چوريءَ جي  چٽيءَ ۾ اسان پنج معصوم نياڻيون وٺيو ڇڏيون ۽ ان قسم جا  فيصلا ڏيندڙ ڀوتار ۽ سردار سمجهن ٿا ته هو وڏو نيڪيءَ جو ڪم پيا ڪن. هنن جاهلن کي ته اها به خبر نٿي پوي ته ظلم جي به هڪ حد ٿيندي آهي. انٽرنيٽ ۽ سيٽلائيٽ جو دور اچي ويو آهي. هيومن رائيٽس ۽ وومين واچ ڊاگ تحريڪن جو عملو ورلڊ وائيڊ ٿي ويو آهي. اڄ کڏرو ۽ ٺري ميرواهه ۾ ٿيندڙ قتل جي خبر سئن فرانسسڪو ۽ لاس اينجلس تائين پهچيو وڃي، پنو عاقل ۽ گهوٽڪي ۾ ٿيندڙ اغوا ۽ ڪارو ڪاريءَ جي ڪيسن جي ڄاڻ سکر ۽ خيرپور ۾ پهچڻ کان اڳ دنيا جي ٻي ڇيڙي مشيگان ۽ اوهيو ۾ اڳواٽ پهچيو وڃي ۽ اهڙن ماڻهن جا ڪڌا ڪم نه فقط پنهنجي تر ۾ پر  پرديس ۾ رهندڙ ديس واسين لاءِ به مشڪل پيدا ڪن ٿا.

اسان جي پاسي جا ماڻهو آمريڪا ۾.

بهرحال اسين اچون پنهنجي وطن جي ماڻهن تي جيڪي هتي آمريڪا ۾ رهن ٿا. آمريڪا يعني U.S.A پنجاهه رياستن جو مجموعو آهي، جنهن ۾ ٽيڪساز، الاسڪا ۽ ڪئليفورنيا جهڙين رياستن جي پکيڙ اٽڪل پاڪستان جيڏي آهي. اسان جي پاسي جا ماڻهو يعني انڊيا پاڪستان يا بنگلاديش وغيره جا آمريڪا جي سڀني رياستن ۾ پکڙيل نه آهن پر چند رياستون آهن جن ۾ هنن جا ڳاهٽ آهن. اهي رياستون هن ريت آهن: نيو يارڪ، نيو جرسي، ڪئليفورنيا ۽ الينئاس. ان کان پوءِ ٻئي نمبر تي پين سلوانيا، مشيگان، ٽيڪساز، اوهيو ۽ فلوريڊا رياستون آهن جن ۾ اسان جا ديسي ماڻهو گهڻائي ۾ آهن. ۽ انهن رياستن جا وري شهر ڏسجن ته اهي هن ريت آهن: نيو يارڪ سٽي، سئن فرانسڪو، سان جوس، سليڪن وئلي، شڪاگو، لاس اينجلس، واشنگٽن ڊي سي ۽ فلڊلفيا. انهن شهرن کان علاوه هڪ ٻيو شهر جنهن ۾ تيزيءَ سان اسان جي ديسي آدمشماري وڌي رهي آهي. اهو آهي پٽسبرگ. چيو وڃي ٿو ته ننڍي کنڊ کان آمريڪا ڏي ماڻهن جو اچڻ سن 1700ع کان پوءِ ٿيو. 1790ع ۾ پهريون انڊين جيڪو آمريڪا ۾ رهي پيو اهو برٽش نيويءَ جو خلاصي هو. ويهين صديءَ جي پهرين ڏهي ۾ گڏيل هندستان جي پنجاب صوبي جا سک، پنجابي هندو ۽ مسلمان ايترا ته آمريڪا ۾ آيا  ۽ اهي سڀ ڪئليفورنيا رياست ۾ اچي Settle ٿيا، ايتريقدر جو هن رياست لاءِ سڀ چوندا هئا ته اها soon- to- be- Indion State of Punjab يعني آمريڪا جي ڪئليفورنيا رياست انڊيا جي پنجاب رياست ٿيڻ جهڙي ٿي پيئي. ان بعد ٽيهه چاليهه سال ٺاپر رهڻ بعد 1950ع ڌاري انڊيا کان وڏي خلق آمريڪا ڏي پهتي. هي انڊيا جي ورهاڱي بعد جي اثرن جو نتيجو هو.

جيڪي ماڻهو ننڍي کنڊ (انڊيا) کان لڏي آمريڪا اچي رهيا آهن، اهي هونءَ ته کڻي ”ديسي“، ”انڊين“ يا ”ايشين“ سڏجن ٿا پر Officially اهي “Indian American” (انڊين آمريڪن) سڏجن ٿا. يعني انڊيا جا ماڻهو جيڪي هاڻ آمريڪن قوميت رکن ٿا.انهن وٽ آمريڪا جي شهريت ۽ پاسپورٽ اهي. آهي سڀ اهي سهولتون ماڻين ٿا، جيڪي هتي جي گوري آمريڪن کي آهن.

انڊيا کان لڏي آيل انڊين کان علاوه هڪڙا ٻيا به ته هتي ماڻهو رهن ٿا، جيڪي يورپين کان اڳ آمريڪا جي هن ڌرتيءَ تي موجود هئا. بلڪه يورپ کان آيل قومن: پورچوگالين، انگريزن، اسپينين، اطالوين، المانين (جرمن) وغيره، هنن ماڻهن کي ماري ڪٽي، ڊيڄاري ڌمڪائي يا لالچون ڏيئي هنن جي زمينن تي قبضو ڪري مالڪ ٿي ويٺيون. اهي ماڻهو Red Indians سڏجن ٿا ۽ عام طرح فقط انڊين به سڏجن ٿا. ۽ ڪڏهن ڪڏهن فقط انڊين چوڻ سان مونجهارو به پيدا ٿئي ٿو ته اڳلو هتي جو ريڊ انڊين آهي يا ايشيا کان آيل انڊين . انڊين چيف مان مراد هتي جي اصلوڪي ماڻهن جو سردار آهي، جيڪو مٿي تي کنڀن واري ٽوپي پايو پيو هلي يا هندستان جي ڪنهن رياست جو راجا، مهاراجا يا نواب پوتار آهي جيڪو فصل لهڻ تي يا قبيلائي جهيڙا ڪرائي غريبن مان ڪڍيل پئسو ۽ پنهنجو پيٽ ڪڍي هتي عيش ڪرڻ آيو آهي. جيئن ته هتي جي اصلوڪي رهاڪن کي ريڊ انڊين سڏڻ سان ڪڏهن ڪڏهن برو ٿو لڳي جو ڪيترا ماڻهو اهو لفظ کين هيٺاهون درجو ڏيڻ لاءِ استعمال ٿاڪن، ان ڪري Officially هنن کي American Indian سڏيو وڃي ٿو. هونءَ به اڄ جي جمهوري دور ۾ هو به هن ملڪ جا اهڙا ئي شهري ۽ پاسپورٽ رکندڙ آهن، جهڙا هتي جا يورپي گورا. بلڪه ڏٺو وڃي ته هو وڌيڪ  عزت جا لائق آهن جو هو هتي جا  اصلي باشندا آهن، هيءِ سندن ڌرتي آهي. يورپي گورا ته پوءِ لڏي هتي اچي رهيا. جيئن اسان وٽ چيو وڃي ٿو ته سنڌ جا اصل باشندا ته باگڙي، ڀيل، مينگهواڙ، ڪولهي يا برهمڻن جي ذاتين مان لوهاڻا، ڀاٽيا وغيره آهن يا کڻي چئجي ته اوڏ به هتي جا اصل سنڌي آهن. سما، سومرا ۽ ڪلهوڙا وغيره به پنجاب کان سنڌ ۾ آيا پر هل کڻي چئجي ته اهي ۽ ٻيا سماٽ قومن جا ماڻهو به کڻي ڪجهه ڪجهه جهونا سنڌي سڏجن. ٻين جي مقابلي ۾ کڻي نه ته به بلوچ قومن کان، جيڪي بلوچستان کان آيون، دراني، پٺاڻ، لوڌي وغيره جيڪي افغانستان کان آيون، قريشي، صديقي، شاهه، سيد جيڪي ذاتيون وچ ايشيا، عرب ملڪن ۽ ايران پاسي کان آيون يا ڀٽي، ڀٽا، سيال، کرل، ملڪ وغيره جيڪي پنجاب کان آيون. آمريڪا ۾ سالن کان جمهوري حڪومت، پريس ۽ خيالن جي آزادي ۽ حقن جي بحالي هجڻ ڪري هتي جا اصلوڪي باشندا ريڊ انڊين پڙهي لکي وڏين نوڪرين ۽ ڌنڌن ڌاڙين ۾ اچي ويا آهن ۽ هاڻ ڏندين ڏاند آهن. هاڻ ڪو سندن نالو ته وٺي ڏيکاري، اکيون ٿا ڏيکارين. اسان وٽ سنڌ جا اصلي ماڻهو باگڙي، ڀيل، ڪولهي مينگهواڙ، تعليم يا سرڪاري ۽ خانگي نوڪرين ۾ ايترو نه وڌي سگهيا آهن، جيتوڻيڪ پئسي ڏوڪڙ ۽ Savings ۽ انويسٽمينٽ ۾ گهڻن کان اڳيان آهن. ڪيترا اڇن ڪپڙن وارا سندن قرضي آهن. بهرحال انهن جي ته ڇا ان بعد ٻيا جيڪي سنڌ جا شاهه حاڪم ٿيا اهي به پنهنجي ملڪ ۾ پٺتي پئجي ويا آهن نه تعليم نوڪري ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي اٿن ۽ نه  صحت ۽ بزنس ۾. ان جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته آمريڪا جي ٻهراڙين ۾ نه فقط سرڪار طرفان ٺهرايل اسڪول قائم ڪيا وڃن ٿا پر هي So called جنگلي ماڻهو ريڊ انڊين انهن اسڪولن ۽ اسپتالن کي پنهنجي طرفان به وڌائين ويجهائين ٿا ۽ انهن جو معيار اعليٰ رکڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. هتي جا ريڊ انڊين ۽ انهن جو اولاد ٻهراڙين ۽ شهر کان  ڏورانهن علائقن ۽ ٻيلن جنگلن ۾ رهي به تعليم حاصل ڪرڻ چاهين ٿا هو پاڻ کي ڪنهن به طرح نون آيل يورپي گورن کان گهٽ ٿيڻ نٿا چاهين. بلڪه ڪٿي ڪٿي ته هتي جا گورا کانئن ڪن هڻن ٿا ۽ اجايو ککر ۾ کڙو نٿا هڻڻ چاهين. اسان جي پيٽارو جو چرچائي دوست قاضي احمد جو محمد سميع جادران جيڪو ويهارو کن سالن کان هتي آمريڪا ۾ آهي، کان هڪ گوري آمريڪن پڇيو:

Are You Immigrant?

يعني تون لڳي ٿو ته ويجهڙائيءَ ۾ ڪنهن ٻئي ملڪ کان هاڻ هتي آمريڪا ۾ آيو آهين. جيڪا ڳالهه هئي ته صحيح پر اسان وارو سميع به ننڍپڻ کان حاضر جواب ۽ جيسوءَ کي تيسو چوڻ وارو آهي، تنهن ڪاوڙ واري شڪل ٺاهي هن کي چيو:

”ڇا مطلب؟ ڀيڻان تون هوندين Immigrant آئون اوريجنل انڊين آهيان. سنڀالي ڳالهاءِ“. سميع جي اهو چوڻ تي هو چلتو ٿي ويو. بعد ۾ سميع ٽهڪ ڏيئي چيو: ڏس رڍ جو پٽ گورو پاڻ کي هن ملڪ جو  مالڪ ٿو سمجهي. ڀيڻان اسان ويهه سال اڳ آيا آهيون  ته توهان وري هن ملڪ ۾ ڪهڙو صديون اڳ آيا آهيو. توهان به اسان وانگر هن ملڪ ۾ پناهگير آهيو. توهان کڻي چاليهه سال اڳ آيا آهيو. يا توهان جا ابا ڏاڏا سؤ سال اڳ آيا پر هي ملڪ توهان جي بابي جو ته نه هو.

”خبر اٿئي هو ويچارو اهو سمجهي ڊڄي ويو ته تون ڪو Red Indian آهين.“ مون سميع کي چيو. ”بلڪل. منهنجو مطلب به اهو هو. پڪ ڪرڻ لاءِ پڇي ها ته قسم کڻي به چوانس ها ته آءِ ايم انڊين، ڇو اسان جي ڏاڏن پڙ ڏاڏن جو انڊيا سان تعلق ڪو نه هو ڇا؟!“

 

مونجهاري ۾ ڦاٿل اسان جا ديسي

عرب ملڪن پاسي جيڪي رهيا هوندا انهن ABCD ويزا جو ضرور ٻڌو هوندو. ستر جي ڏهي کان اڳ تائين عرب ملڪ ايترو امير نه هئا. ستر ۾ عرب دنيا ۾ جتي ڪٿي تيل نڪرڻ ۽ تيل جي قيمت ۾ هيڪاندي واڌ اچڻ ڪري عرب ملڪ يورپ جي ملڪن کان به امير ٿي ويا. پنهنجي ملڪ ۽  ماڻهن جي سک لاءِ هنن ڌارين ملڪن مان ڊاڪٽر، انجنيئر پروفيسر، نوڪر چاڪر وڏن پگهارن تي گهرايا. هر هڪ  عرب کي اجازت هئي ته هو فئڪٽري، ڪارخانو يا اسڪول اسپتال کولي ۽ ان لاءِ ٻاهرين ملڪن مان جيترا ماڻهو وڻيس اوترا گهرائي. فئڪٽري ڪارخانن لاءِ ته بنا وياج جي به سرڪار طرفان اوڌر ملين ٿي ۽ ويهارو سالن بعد هڪ طرف عربن جي پئسي ۾ کوٽ آئي ۽ ٻئي طرف پاڪستان، انڊيا، سريلنڪا، بنگلاديش جهڙن غريب ملڪن جي ماڻهن ۾ اهو ڪلچر گهر ڪري ويو ته عرب ملڪن ڏي هلو. (يعني دبئي  چلو) اتي پئسو آهي ۽ پوءِ نوڪريون مهيا نه هيون ته به ويزا حاصل ڪري عرب ملڪن ۾ پهچي ويا ٿي ۽ اتي هٿ پير هڻڻ سان کين ڪاميابي ٿي ٿي. وقت سان گڏ هڪ طرف عرب ملڪن ۾ نوڪريون گهٽجي ويون، ۽ ٻئي طرف گهڻي خرچڻ جي عادت ڪري عربن کي پئسي جي کوٽ ٿيڻ لڳي. هنن ڏٺو ته  ٻي ڪنهن ڪمائيءَ کان اها آسان ڪمائي آهي ته پاڪستان هندستان جهڙن ملڪن ۾ وڃي ماڻهن کي مفت ويزا ڏيڻ بدران پئسن تي ڏجي. ان قسم جون ويزائون اوپن ويزائون سڏجڻ لڳيون، جنهن ۾ ڪو به عرب گهرائيندڙ ماڻهوءَ کي نوڪري ڏيڻ لاءِ ٻڌل نه هو. اهو ڪم جڏهن گهڻو اڳيان وڌيو ته عرب حڪومت پنهنجن ماڻهن لاءِ اهو قانون ٺاهيو ته هر عرب ضرورت موجب فقط چار ماڻهو گهرائي سگهي ٿو. يعني هو پنهنجي آسائش ۽ سک لاءِچئن قسم جي ڪم وارن کي ويزا ڏئي سگهي ٿو. اهي هن ريت آهن: ٻارن جي سنڀال ڪرڻ واري آيا Ayah، گهر جي ڪم ڪار لاءِ ڇوڪرو Boy، رڌ پچاءَ لاءِ بورچي Cook، ۽ گاڏي هلائڻ لاءِ ڊرائيور، Driver.

آيا، بئاء، ڪڪ ۽ ڊرائيور کي گهرائڻ واريون ويزائون اي بي سي ڊي سڏجن ٿيون. ڪويت يا سعودي عرب ۾ هوندو هوس ته ڪيترا اسان جي ملڪ جا ڊاڪٽر انجنيئر ٻڌائيندا هئا ته هو ABCD ويزا تي هتي آيا ۽ پوءِ هٿ پير هڻي پنهنجي پروفيشن واري نوڪري هٿ ڪيائون.

هتي آمريڪا ۾ به اهو لفظ ”اي بي سي ڊي“ ڪڏهن ڪڏهن ٻڌڻ ۾ اچي ٿو جيڪو اسان جي ديسي ماڻهن، يعني سائوٿ ايشيا جي ڪجهه نوجوان طبقي لاءِ استعمال ٿئي ٿو. اهي پاڪستاني، انڊين نوجوان جن جا والدين ننڍي کنڊ کان آيا پر پاڻ ڄاوا نپنا هتي ئي ۽ هنن کي ننڍپڻ ۾ سندن والدين آزاد ڇڏي ڏنو ته ڀلي هتي جي مڪاني ڪلچر ۾ رچي بسي وڃن. اهي ABCD سڏجن ٿا يعني

American Born Confused Desi

هي نوجوان سخت مونجهاري ۾ رهن ٿا ته آيا هتي جي ڪلچر ناچ، گاني، شراب وغيره کي اپنائين يا پنهنجن وڏن جي روايتن، رسمن ۽ مذهب کي Follow ڪن.

هڪ ٻه اهڙين سنڌي فئملين سان به ملاقات ٿي جن شروع ۾ بي خياليءَ ڪري، يا مشغول هجڻ ڪري پنهنجن ٻارن تي ڌيان  نه ڏنو. بلڪه هنن ان کي فخر جي ڳالهه ڪري سمجهي ته سندن ٻار هتي جي مڪاني ٻارن سان گڏ دوستي رکي مڪس  پارٽيون ۽ پڪنڪون پيا ملهائين، پر هاڻ جڏهن هو جوان ٿيا آهن ته سندن والدين به سخت پريشان آهن ته هو پاڻ به مونجهاري ۾ آهن ته هاڻ ڇا ڪجي. والدين  چاهين ٿا ته هو پنهنجن مڪاني دوستن ۽ انهن کان حاصل ڪيل عادتن کي ڇڏي  نيڪ نمازي ٿين، والدين جي عزت ۽ خيال ڪن ۽ سندن بالغ اولاد اهو ئي چوندو وتي ٿو ته اسان هنن پوڙهن مان چڱو ڦاٿا آهيون. هڪ ٻن ٻارن کي ته ڏٺم ته مائٽن سان ضد ڪري الڳ فلئٽ وٺي هينئر ئي ڌار ٿي وڃي رهيا آهن، جتي هنن جي ايندڙ گرل فرينڊس ۽ ٿيندڙ مڪس پارٽين جو ٻڌي والدين کي هن ڀيريءَ جي عمر ۾ ڏک ٿو رسي. هڪ پيءُ ته مون کان ان ڳالهه جي راءِ ورتي ته ڇا ائين بهتر نه ٿيندو ته آئون پنهنجي پٽ کي پاڪستان وٺي هلي سنڌ مان ڪنهن ڇوڪريءَ سان شادي ڪرايان.

”پوءِ ان سان ڇا ٿيندو؟“ مون پڇيو.

”شايد سڌري پوي.“ هن وراڻيو.

”ٿي سگهي ٿو هن غريب نياڻيءَ جي به زندگي عذاب ڪري. اها ڇوڪري جيڪا هن جي طبيعت سان مطابقت نٿي رکي، ان غريب کي هو پرديس ۾ سورن ۾ ئي وجهندو.“

ڪجهه مائٽن ته افسوس به ڪيو ٿي ته هنن جو ڏوهه آهي. ”هتي آمريڪا ۾ اچڻ سان اسان پاڻ کي مشرقي تهذيب ۾ رکڻ بدران پاڻ کي شراب، ناچ گاني جهڙين شين ۾ رڌل رکيو ۽ ٻارن اسان کي ڏسي اسان  جهڙو رنگ حاصل ڪيو آهي.“

هڪ ٻه والدين پنهنجي جوان اولاد کي ٽرئڪ تان هٽيل ڏسي ايڏو پريشان ٿيل نظر آيا جو هنن پاڪستان  موٽڻ چاهيو ٿي پر سندن اولاد ضد تي هو ته هو نه هلندا. هتي آمريڪا ۾ ئي رهندا. والدين ان صورت ۾ ڪجهه ڪري به نٿا سگهن جو هنن وٽ آمريڪا جي شهريت ۽ پاسپورٽ آهي ۽ هو پنهنجي مرضيءَ جا مالڪ آهن. هڪ ٻن اهڙين فئملين سان به ملاقات ٿي جتي ٻار ته واپس پاڪستان اچڻ لاءِ نابري واريو ويٺا آهن پر سندن زالن به پنهنجي اباڻي وطن ڏي هلڻ لاءِ راضپو نٿي ڏيکاريو. هڪ منهنجو دوست تنهن کي ٽي ڌيئون آهن. وڏي جيڪا بالغ آهي يا 18 سالن کان وڏي آهي، تنهن جي هتي جي مڪاني گورن سان دوستي ڪري سندس والد سخت پريشان آهي. هن پنهنجي ڌيءَ کي آمريڪا ۾ وڌيڪ پڙهڻ بدران ڪراچيءَ ۾ آغا خان ميڊيڪل يونيورسٽيءَ ۾ موڪلڻ چاهيو ٿي.

”آئون هن کي اهو به چوان ٿو ته جيترو به خرچ اچي آئون تو کي ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، تون ڪراچيءَ وڃي پڙهه، جتي تنهنجي ماسي به آهي، پر هوءَ ڪنهن به صورت ۾ آمريڪا جي ماحول کان پري نٿي رهڻ چاهي ۽ ان ۾ منهنجي زال به ساڻس سهمت آهي.“

دوست جي چوڻ تي مون هن جي نياڻيءَ کي آغا خان  يونيورسٽيءَ جي سٺاين بابت ٻڌايو ته اها بين الاقوامي معيار جي آهي، پر ڇوڪريءَ کي هيوسٽن (ٽيڪساز) ئي وڃڻو هو جو هن جا سڀ دوست (ڇوڪراپڻ) اتي جي ڪنهن ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا وٺي رهيا هئا. سندس والد کي افسوس هو ته هن ننڍي هوندي پنهنجن ٻارن کي پنهنجي ڪلچر ۽ مذهب جي اهميت کان آگاهه نه ڪيو. هاڻ هو هن جي هٿن مان ايتريقدر نڪري چڪا آهن جو هو ان ڏينهن کي پِٽي ٿو، جنهن ڏينهن هن پنهنجو وطن ڇڏي آمريڪا اچڻ جو فيصلو ڪيو. بهرحال ان قسم جي نوجوان ٽهي ABCD سڏجي ٿي. يعني آمريڪا ۾ ڄاول منجهيل ديسي (American Born Confused Desi)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: