سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ

الطاف شيخ

صفحو :9

ضدي

ملايا (ملائشيا) مان جپانين جي موٽ واري عمل عثمان لاءِ پڻ ڪجهه آزادي مهيا ڪئي. هن جي ڇڙواڳ زندگي ڪاري ٻٽ اونداهيءَ مان ٽپي روشني جي محدود دائري ۾ داخل ٿي.

اها روشني کڻي گهڻي نه هئي پر ايتري هئي جو هو نئين زندگيءَ ڏي قدم وڌائي سگهي.

پاڻ جسم جو سنهڙو هو ۽ مٿو سڄو ڪوڙائي هلندو هو. اهاڳالهه اهڙي هئي جيڪا هن هميشه لاءِ قائم رکڻ نٿي چاهي. سندس نوان وار ائين چهنبون ڪري ٻاهر نڪري رهيا هئا جيئن هڏائين ۽ ڏٻري ٻليءَ جي ٿلهي کل تي هوندا آهن.  وهنجڻ مهل هي وار هڪ ٻئي سان ملي ائين مُچا ٺاهي بيهندا آهن جيئن آلي غاليچي جا ٽور، ۽ سڪڻ مهل وري ڪُنڊن تي ائين اُڀا ٿي بيهندا هئا جيئن ڪوريا جي ماڻهن جا هوندا آهن. عثمان کي پنهنجن وارن تي فخر هو جن جي ضدي هجڻ جو ثبوت ڏنو ٿي.

هن جي ضدي پڻي جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو ته جپاني مليٽري پوليس کيس ٽي دفعا جيل ۾ وڌو هو. ذهني طرح ٽي دفعا مرڻ بعد، سندس روح جو هاڻ ڪجهه به حصو بچيو نه هو. جيستائين هن جا وار وي وڏا ٿين تيستائين هن شهر ۾ وڃڻ نٿي چاهيو. هن ٻهراڙيءَ ۾ رهي، ڪونه ڪو ڌنڌو ڪري وقت گذارڻ چاهيون ٿي.

عثمان جي ڀيڻ خميسان ڪڪڙيون پاليون هيون جن مان ڪي نه ڪي هر وقت آنا ڏينديون رهيون ٿي جيڪي عثمان ۽ سندس ڀيڻ وڪيا ٿي. خميسان عثمان کي بيضا ڏيندي هئي ۽ هو پنجانگ ڳوٺ جي هڪ چيني ڪيدائي (دڪان) واري کي وڪڻي ڏيندو هو.

موڪلن بعد خميسان جو اسڪول کليو. . هڪ ڏينهن هن سڀ بيضا اسڪول ۾ وڃي وڪيا. جڏهن واپس گهر پهتي ته ٻنهي جو پاڻ ۾ جهيڙو ٿي پيو.

”تو مون سان دغا ڪئي.“ عثمان هن کي چيو.

”تو مون سان اٽڪل بازي ڪئي.“

ڀيڻ وراڻيو.

”گهڻو گوڙ نه ڪر.“ عثمان رڙ ڪئي، ”مون توکي هر بيضي لاءِ اٺ سينٽ ڏنا ٿي.“

ٻئي ڏينهن کان ڀائيواري ختم ٿي ويئي. خميسان پنهنجا بيضا پاڻ کڻي اسڪول جي ڀر ۾ ويٺل چيني دڪاندارن کي في بيضو ٻارهن سينٽ جي حساب سان ڏيڻ لڳي.

ڪجهه ڏينهن بعد عثمان جو دڪاندار سان ڦڏو ٿي پيو:

”تو مون کي ڦريو.“ عثمان چيو.

،مون هرگز نه ڦريو آهي.“ دڪاندار وراڻيو، ”مون کي جيترن بيضن جي ضرورت پوندي اوترا خريد ڪندس. منهنجي لاءِ ڪو فرق نٿو پوي. جهڙو تون مون کي ٻارهين سينٽن بيضوڪڻي ڏين ٿو اهڙو تنهنجي ڀيڻ.“

ڪيترن ڏينهن لاءِ عثمان بي روزگار گهمندو رهيو. هن جا وار هاڻ ايڏا ڊگها ٿي ويا جو انهن لاءِ هن کي هر پنڌرهين ڏينهن برل ڪريم جي شيشي وٺڻي پيئي ٿي.

هڪ رات هن دڪاندار وٽ يڪا ٻه سؤ بيضا وڪيا. ڳوٺ جي ماڻهن ٻئي ڏينهن ڏٺو ته سندن سڀ بيضا غائب هئا، انهن سان گڏ عثمان به ڳوٺ کان غائب هو. ڳوٺ جي وڏيري عثمان جي پيءُ تي چوويهه ڊالر ڏنڊ وڌو. انهن مان چوراسي سينٽ سندس ڌيءَ خميسان کي به مليا جنهن جا پڻ ست بيضا گم ٿي ويا هئا.

ملائيشيا جي هڪ ڏورانهين رياست- ڪيلنتان ۾ پهچي، عثمان پنهنجي رهڻي ڪهڻي جا نمونا ئي بدلائي ڇڏيا. اتي جي هڪ شهر جي خٿاب ۾ داخلا وٺي هو مذهبي تعليم وٺڻ لڳو. وار وري ڪترائي ننڍا ڪرائي ڇڏيائين ۽ مٿي تي عالمن، حاجين ۽ مولوين واري اڇي رنگ جي آر واري ٽوپي پائڻ لڳو. خٿابي ٿي رهڻ واري ڳالهه کيس ڏاڍي وڻي. لڙائيءَ کان اڳ وارن ڏينهن ۾ به هن ڇهه مهينا پنهنجي ڳوٺ جي مدرسي ۾ ڪتاب ۽ سنت جي تعليم، ٻانگو ڏيڻ ۽ سر سان مولود پڙهڻ سکيا هئا. هن کي ٻين ۽ پنهنجي ڀيڻ بيضن چورائڻ واري ڳالهه جو ڏاڍو ڏک ٿيو. هن هاڻ سچار ٿي نيڪ زندگي گذارڻ چاهي ٿي.

شروع شروع جي ڏينهن ۾ هن کي ايمانداريءَ واري زندگي گذارڻ واروڪم تمام ڏکيو لڳو. پر هو صبر وارو هو. هن ڏٺو ته ڪيترائي مولوي ۽ عالم سٺي زندگي پڻ گذاري رهيا هئا جو هنن جي ڳوٺ وارن مدد ڪئي ٿي پر عثمان کي سندس ڳوٺ وارن کان ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ سندن فصل جي لاباري ۾ مدد ڪرڻي پيئي ٿي. عثمان تي استاد بيحد مهربان هو جو عثمان ايماندار هو، نيڪ اخلاق هو ۽ سندس آواز تمام مٺو، چٽو ۽ سريلو هو.

آهستي آهستي هن لاءِ ڏهاڙيءَ جي زندگي آسان ٿيندي ويئي سڀ ڳوٺاڻا کيس سڃاڻڻ لڳا. هاڻ هو اڇي رنگ جي اوچي ململ جو ڪڙتو پائڻ لڳو ۽ هيٺ تي هڪ فرسٽ ڪلاس سرونگ (گوڏ)- جيڪا ڊريس اهي خٿابي پائيندا هئا جيڪي جمعي نماز ۾ خطبو پڙهندا هئا ۽ اڪثر پيش امام ٿيندا هئا يا وري غمي خوشيءَ جي ڪاڄن تي ڊگها ڊگها واعظ ۽ مولود پڙهندا هئا.

اهڙا پراڻا خٿابي نون آيل شاگردن کي پڻ پڙهائيندا هئا ۽ ڪٿي موتي فوتي جو ختمو درود ٿيندو هو ته مانيءَ تي پڻ ويندا هئا. اهڙن خٿابين کي ڳوٺ جا سٺا ۽ عزت وارا گهر پنهنجين ڌيئن جو سنڱ پڻ خوشيءَ سان ڏيندا هئا. هو جيترو گهڻو مشهور ٿيندا هئا اوتروئي کين سٺي گهر جو سنڱ ملي سگهندو هو. ۽ چئن زالن وارو همراهه ته هونءَ به وڏو استاد عالم ليکيو ويندو هو.

عثمان هر نئين زندگيءَ جي سٺائين تي غور سان ويچار شروع ڪيو. هو قيمتي سرونگ ۽ ڪڙتو اوڍڻ لڳو. وار بنهه ننڍا ڪرائي ڇڏيائين. جيئن هن جي شخصيت بااثر لڳي ۽ ائين نه فقط عثمان پر ٻين خٿابين به ڪيو ٿي، جنهن ڳالهه جي اجازت جيتوڻيڪ سندن استاد کليءَ دل سان هرگز نٿي ڏني.

هن کي پوءِ جلدي ئي محسوس ٿيو ته هڪ نوجوان سهڻي ڇوڪريءَ جو ساڻس عشق ٿي ويو آهي. هوءَ ساڳي رياست ڪيلنتان جي هڪ وڏي شهرڪوٽا باروءَ ۾ رهي ٿي.

شاديءَ جي خرچ خاطر پئسا گڏ ڪرڻ لاءِ عثمان هڪ دفعو وري بيضا وڪڻڻ شروع ڪيا. هن دفعي نه فقط بيضا پرچانور پڻ. اهو ڪم هيئن ٿيو جو سندس محبوبا سلماح جي وڏي ڀيڻ ميڪياح جو مڙس سان روسامو ٿي پيو ۽ هو پاڻ مرادو ڪوٽا بارو شهر ۾ چانور وڪڻڻ لڳي. عثمان پنهنجي خٿابي ساٿين کان پئسي جي ڪجهه مدد وٺي پنڌرهن مڻ کن چانور ۽ پنجٽيهه بيضن سان شروعات ڪئي ۽ پوءِ آهستي آهستي اڳتي هلي ميڪياح جي نمائندي طور مارڪيٽ ۾وڪرو ڪرڻ لڳو. هي هاڻ هڪ ماڊرن عالم سڏجڻ لڳو جنهن کي نماز پڙهائڻ، ٻانگ ڏيڻ، واعظ ڪرڻ ۽ مولود پڙهڻ- سڀ ڪجهه آيو ٿي.

هن جي شاديءَ لاءِ هاڻ پوري عمر ۽ وقت هو. ڳجهه ڳوهه ۾ هن پنهنجي مالڪڻ جي ڀيڻ سلماح جي سنڱ گهرڻ جي تاريخ پڻ پڪي ڪئي.

ميڪياح جيڪي ڪجهه شرط شروط پنهنجي ننڍي ڀيڻ جي شاديءَ لاءِ رکڻ چاهيا ٿي اهي مڙيئي پورا ڪرڻ لاءِ هو بلڪل تيار هو. هڪ رات هن عثمان کي ڪوٽا باروءَ ۾رهڻ لاءِ گهرايو. هو اها اميد رکي روانو ٿيو ته اتي پهچي سلماح سان به اڪيلي ۾ ملاقات ٿي ويندي. پر سندس اها اميد پوري ٿي نه سگهي.

هوءَ عثمان کي پهرين سلطانا سئنيما هال ۾ فلم ڏسڻ لاءِ وٺي هلي. ان بعد يوٿ ريسٽورينٽ ۾ماني کائڻ ۽ آخر ڪجهه وقت هڪ پارڪ ۾ گذريائون. سلطانا سئنيما ۽پارڪ ۾، عثمان جي ٻين اسڪولن ۽ مدرسن کان آيل مولوين ۽ خٿابين سان پڻ ڏيٺ ويٺ ٿي. هنن جي موجودگيءَ ۾ هو ڪجهه ڪجهه شڪي ۽ لڄارو ٿي رهيو هو. پنهنجي خٿاب ۾ رات جوئي موٽڻ بدران هو پنهنجي محبوبا جي گهر ٽڪي پيو. پر جيئن ته هو هروقت سندس وڏي ڀيڻ ۽ پنهنجي مالڪڻ جي پهريدار اکين هيٺان هو ان ڪري هو پنهنجي محبوبا سلماح سان ملي نه سگهيو. ويندي هڪ لفظ ڳالهائڻ جو به کيس موقعو نه مليو.

ٻئي ڏينهن خٿاب مان موٽڻ وقت هو تمام گهڻو مايوس هو جو سڄو ڏينهن رات ڪوٽا باروءَ ۾ رهڻ جي باوجود هو سلماح کي ڏسي به نه سگهيو. پر اهو ضرور ٿيو ته هن جي ڀيڻ ۽ پنهنجي مالڪڻ جي ويجهو رهي هن ڪافي تجربو ۽ مزو حاصل ڪيو. هن جي اڳيان نوان پيچڙا ۽ راهون کلي پيون.

هڪ ڀيري عثمان پنهنجي محبوبا جي ڀيڻ سان ڪوٽا باروءَ ۾ فلم ڏسي، هوٽلن ۾ ماني کائي ۽ پارڪ ۾ ٽهلڻ بعد راتو واه ئي موٽيو پئي. هي پهريون ڀيرو هو جو کيس رات ٽڪڻ لاءِ نه چيو ويو ۽ نه وري ان لاءِ پاڻ ئي پڇيائين. هو اڃا تائين پنهنجي محبوبا سلماح سان اڪيلي ملي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو هو. هن کي سندس وڏي ڀيڻ ڪا خاص وڻي نٿي، جيتوڻيڪ هوءَ مٿس ايترو گهڻو مهربان هئي جوشايد ئي ڪو ٻيو مالڪ پنهنجي ڪم واري تي هجي.

رستي تي رات جي اونداهيءَ ۾ ڪو همراهه هن تي اوچتو حملو ڪري مٿي ۽ نرڙ تي مڪن ۽ ٺونشن جا وسڪارا ڪري هليوويو. عثمان هن کي سڃاڻي نه سگهيو. کيس هن کان اڳ به ڪيترائي دفعا ڌڪ لڳا هوندا. زخم رسيا هوندا. پر ايڏا گهڻا نه جيڏا هن اوچتي حملي ۾، جنهن مان نڪرندڙ رت سندس اڇو پهراڻ ڀري ڇڏيو.

ڪيترن ئي ڏينهن تائين هو خٿاب کان ئي ٻاهر نٿي نڪتو. ۽ پوءِ زخم ڇٽڻ بعد هڪ اونهي ڌڪ جو سنڌو سندس نرڙ جي ساڄي پاسي بيهي رهيو.

ان قسم جي مار موچڙي بعد ڪلينتان ۾ ڪوبه پرديسي وڌيڪ نه ٽڪندو هو. هو سمجهي ويندوهو ته اتي جي گئنگ سندس معاشقي يا اچ وڃ کي برداشت نٿي ڪري. پر عثمان سخت ضدي هو. هن پنهنجي رقيب معلوم ڪرڻ چاهيو ٿي. سو هو پنهنجي شرم سان پرچاءُ ڪري ڌڪن جي نشان کي ٽوپيءَ اندر لڪائي ڇڏيو. جيتوڻيڪ هر هڪ سمجهيو ٿي ته هن نشان کي لڪائي ڇڏيو آهي.

هن جي پڪي ارادي کي ڏسي سندس مالڪڻ جي دل ۾ هن لاءِ اڃا به گهڻو پيار پيدا ٿيو ۽ هن کي باقاعدي فلم ڏسڻ، هوٽل ۾ ماني کائڻ ۽ پارڪ ۾ گهمڻ ۽ سندس گهر ۾ هن سان رات گذارڻ لاءِ گهرائڻ لڳي.

خٿاب توڙي پنهنجي مسجد جي جمعاتين منجهه عثمان جي هاڻ گلا ۽ بدنامي ٿيڻ لڳي. سندس مولوين واري ٽوپي، مذهبي عالمن وارو ململ جو ڪڙتو ۽ اتم اتاهين هجڻ جو ڏيک ڏيڻ واري مهنگي گوڏ (سرونگ) به هاڻ ڪنهن جو ڌيان ڇڪائي نٿي سگهي. جيتوڻيڪ سندس آواز ۾ اڃا ميٺاج هو.

عثمان پاڻ به هاڻ ڪنهن جي موتي فوتي يا ختمي درود جي دعوت تي وڃڻ ڇڏي ڏنو. پنهنجي محبوبا ڪارڻ سندس ڀيڻ جي سڏ تي ڪوٽا باروءِ ضرور ويندو هو پر صبح تائين ٽڪڻ بدران رات جي اونداهي ۾ ئي واپس ورندو هو- جيئن دشمن سان مهاڏو ٿي وڃي ۽ کانئن پهرين مار جو بدلو وٺي سگهي.

پر هو ان ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو. هڪ دفعو وري مٿس حملو ٿيو ۽ هن دفعي کيس ايترو ته ماريو ويو جو ڌڪن جا نشان نرڙ تي اڳيان ئي اڳيان ظاهر ٿي پيس.

شڪست جو احساس دل ۾ دفن ڪري، هڪ ڏينهن هو ماٺ مٺوڙي ۾ خٿاب ۽ ڪلينتان رياست کي هميشه الوداع چئي ٻي جاءِ ۽ ٻي ديس ڏانهن نڪري پيو. هن سلماح سان به نه ڳالهايو.

ڪلينتان رياست ۾ رهڻ دوران هن سان پيش آيل تجربن هن جي ذهن تي تمام اونهو اثر ڇڏيو.

واتي ڪئالا ترنگانو شهر ۾ هن ڪجهه زالن کي چانور وڪڻندو ڏٺو. ڪجهه گهڙين لاءِ هن جو ڌيان پنهنجي مالڪڻ ڏي هليو ويو، ۽ ان مزي ڏي جيڪو کيس سندس سنگت ۽ صحبت مان مليو ۽ انهن نشانن ۽ مار ڏي جيڪا هن کي ملي.

هن اهوئي فيصلو ڪيو ته ڇا به ٿي پوي ته هو صاف سٿري ۽ سچائي واري زندگي بسر ڪندو. هوپنهنجي ڳوٺ وڃڻ جو شوق پورو ڪري نٿي سگهيو جو ان لاءِ هن کي اڃا به ا نتظار ڪرڻ ضروري هو- جيسين ماڻهو سندس ڪيل چوريون ۽ ڏوهه وساري ڇڏين ۽ ساڳي وقت سندس دل مان پڻ ان جو احساس جرم هميشه هميشه لاءِ نڪري وڃي.

هن جو اهو به خيال هو ته سنگاپور وڃي مزور ٿي ڪمائجي. پر ڪن سببن ڪري سندس اهو ارادو به پورو نه ٿي سگهيو.

ملائيشيا جي اوڀر ڪناري وارن شهرن ۽ ڳوٺن مان لنگهندي هن ڪڏهن ڪٿي رات ٿي گذاري ته ڪڏهن ڪٿي. هڪ رات هو هڪ مسجد ۾ ٽڪي پيو. جيئن صبح جو ان ڳوٺ مان نڪري پنهنجي منزل ڏي روانو ٿي وڃي- جنهن جي هن کي خبر هئي نه سوچ.

ٻئي ڏينهن صبح جو فجر نماز تي ڳوٺ جا ڪيترائي ماڻهو سندس مٺي آواز ۾ ڏنل ٻانگ ٻڌي اچي مسجد ۾ گڏ ٿيا.

هنن سڀني کيس ڳوٺ ڇڏڻ کان جهليو ۽ منٿون ڪيون ته هو ان مسجد جو پيش امام ۽ استاد ٿي سندن ئي ڳوٺ ۾ ٽڪي پوي جيئن ڳوٺ جا ٻار هن وٽ قرآن ۽ ديني تعليم حاصل ڪري سگهن.

پهرين وانگر زندگي هڪ دفعو وري هن لاءِ ڏکي ۽ سخت ٿي پيئي. قرآن پڙهائڻ جي عيوض جيڪو کيس اجورومليو ٿي سو بنهه ٿورو هو ۽ هن ڇڪي تاڻي گذارو ڪيو ٿي. اهو سو ضرور هو ته ڳوٺ جي وڏيري کيس ٻيلي جي ڀر ۾ ڪجهه زمين ڀورڏيئي ڇڏيو هو جنهن جي هڪ حصي ۾ هن خٿاب هلايو ٿي ۽ باقيءَ ۾ کائڻ لاءِ ڪڻا پوکيا هئائين.

ڳوٺ جي ماٺيڻي ماحول سندن دل ۾ اڪيلائيءَ جو احساس هيڪاندو وڌائي ڇڏيو. هن کي جيتوڻيڪ سلماح يا سندس ڀيڻ جهڙي ڪا سهڻي ڇوڪري نظر نٿي آئي، پر تڏهن به ڪنهن جي ساٿ جي ضرورت سخت محسوس ڪئي ۽ نه فقط جسماني ساٿ ڪارڻ پر روح جي غذا خاطر پڻ- جنهن سان ڳالهائي ٻولهائي سگهي. جنهن سان پاڻ کي وابسته ڪري سگهي. کيس سندس زندگي هڪ وڏي غار لڳي ٿي جيڪا چوڌاري خالي خولي هجي.

هن ان خالي، اڪيلي ۽ اونداهي غار ۾ ڪنهن عورت جو آواز ٻڌڻ چاهيو ٿي. ڪنهن به عورت جو. ضروري نه هو ته هو آواز ڪنهن هيڪاندي سهڻي عورت جو هجي،يا ڪنهن امير گهراڻي جي عورت جو هجي. هن کي اڪيلائيءَ ۽ خاموشيءَ هاڻ بي وس ڪري رکيو.

خٿاب ۾ ايندڙ ٻارن کي پڙهائڻ۾ جيتوڻيڪ هاڻ سندس چڱيءَ طرح دل لڳي ويئي ۽ هو اهوئي چاهڻ لڳو ته ماٺ کان ته انهن ٻارن جي پڙهڻ جا آواز هر وقت ايندا رهن.

جنهن وقت به هن شاديءَ جو سوچيو ٿي ته سندس اندر جي غار ۾ وڌيڪ اونداهي ٿي ٿي وئي. هو تمام غريب هو. شاديءَ لاءِ ڪجهه پئسي ڏوڪڙ جو هجڻ ضروري هو.

ٿوري ٻنيءَ ڀور ۽ جهوپڙي کانسواءِ هن وٽ هڪ مينهن پڻ هئي. سندس شادي جي خرچ پکي کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ وهٽ ڪافي هو. مينهن ڀٽاري ڍڪيل هئي. جيڪڏهن هن کي وڇ ڄائي ته مينهن کي وڪڻي پئسو شاديءَ جي خرچ تي لڳائيندو.

هن جنهن وقت به هاڻ مينهن کي ڏٺو ٿي ته کيس پنهنجي نرڙ تي مار جا نشان ياد آيا ٿي. انهن نشانين جي سڀني کي خبر پئجي چڪي هئي. اهي نشان سندس خوشيءَ لاءِ وڏي رنڊڪ هئا. هر هڪ کي سندس ڪيلنتان واري پراڻي عشق ۽ رقابت جي ڄاڻ پئجي چڪي هئي. هن گهڻوئي ڪوشش ڪئي ته ماڻهو يقين ڪن ته هو اهي سڀ ڳالهيون ڇڏي هڪ نئون ماڻهو ٿي پيو آهي. سندس اهي ڳالهيون ڳوٺ ۾ هلائڻ ۾ هڪ نوجوان عالم جو هٿ هو جيڪو ڪيلنتان ۾ رهيو ٿي. هوڳوٺ جي مُلين جو پٽ هو.

عثمان هاڻ مڱڻي جي تيارين ۾ هو ته اهو نوجوان عالم رمضان جي روزن ڪري ڳوٺ پهچي ويو. هن کي عثمان جي ارادن جي ڄاڻ پئجي ويئي.

ٻن ڏينهن کانپوءِ عثمان جي مينهن جي پوين ٽنگن واريون نسون ڪو ڪاتي سان ڪپي ويو. بي زبان جانور جي ٽنگن ۾ اهو ست نه رهيو جو کڻي بيهي سگهي. ڪيترن ڏينهن جي سخت سور بعد نيٺ مينهن مري ويئي. ڦر به سندس پيٽ ۾ئي ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويو.

ڦر جو موت معنى عثمان جي اميدن جو موت ٿي ويو. عثمانکي جيئن ئي خبر پيئي ته ساڻس اها جٺ ٻئي نه پر ان نوجوان عالم ڪئي آهي ته سندس حالت ئي ٻي ٿي ويئي.

جمعي نماز دوران عثمان ڳوٺ جي ملين جي پٽ- نوجوان عالم تي حملو ڪيو. هو اڇي رنگ جي ڪڙتي ۽ اوچي گوڏ (سرونگ) ۾ ملبوس هو. عثمان ڪاتيءَ سان سندس ڌڙ ڌار ڪري ڇڏيو.

عثمان ڪڏهن سوچيو به نه هو ته مسجد اڳيان هيترن جماعتين جي ميڙ ۾ هڪ عالم ٻئي عالم جو خون ڪندو.

ان بعد ماڻهن جي واتئون ڪيتريون ئي ڳالهيون ٻڌيون ويون. ڪن اهو به چيو ته ٻنهي جو جهيڙو هڪ ڇوڪريءَ تي هو. پر حقيقت اها هئي ته عثمان پنهنجي رقيب کي ان ڪري ماريو جو مينهن جي مرڻ ڪري سندس اميدن جو قتل ٿي ويو هو. مينهن هن جو ڪهڙوڏوهه ڪيو جو هن مينهن کي ماريو.

عثمان جي مستقبل جو سڄو دارومدار مينهن۽ سندس ڦر تي هو. هن لاءِ اهو ذرو به اهم نه هو ته آيا نوجوان عالم ان ساڳي ڇوڪريءَ تي عاشق هو يا نه. هن جي مينهن جيڪڏهن نه مري ها ته هو ڪنهن ٻي ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ لاءِ به تيار هو.

دل شڪستو ٿي، عثمان ان سڄي ڳالهه جو الزام سماج تي هنيو. جنهن هن کي ڪڏهن به سٺو نٿي. هن هڪ دفعو پنهنجو پاڻ ۽ مستقبل پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو.

هنن کي جيڪا سزا ڏيڻي هجي ڀلي ڏين. هن معافيءَ لاءِ هڪ اکر به نه ڪڇيو. هن جج کي اهو هرگز نٿي ٻڌائڻ چاهيو ته هي ان ڪري تباهه ٿي ويو جو ڪنهن به هن جي نيڪ نيتي تي اعتبار نٿي ڪيو.

ڪيرس ماس (Keris Mas)

]هن ملئي افساني- ’ضدي‘ جو ليکڪ ڪيرس ماس آهي. اهو سندس قلمي نالو آهي. اصلي نالو ڪمال الدين محمد آهي. پاڻ 1922ع ۾ ملائيشيا جي رياست پهانگ ۾ ڄائو. پاڻ صحافي ۽ سرڪاري پبلشنگ هائوس Dewan Bahasa Da Pustaka ڪوالالمپور، جو ايڊيٽر پڻ آهي.[

نوٽ

منهنجي نئين ڪتاب Proverbs of Far- East جو پيش لفظ محترمه بينظير ڀٽو کان علاوه ڪيرس ماس پڻ لکيو آهي. پاڻ ويجهڙائيءَ ۾ ڪوالالمپور ۾ گذاري ويو.

الطاف شيخ (مترجم)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: